وقت گذرندو ويو. هڪڙي ڏينهن تمام گهڻا مهمان ملڻ لاءِ آيا. مان
اهڙي موقعي تي اڪثر اها ڪوشش ڪندي هئس ته مهمان
نوازيءَ ۾ ڪا ڪوتاهي نه رهجي وڃي ۽ انهن کي اهو
احساس پيدا نه ٿئي ته مان رابيڪا جهڙي مهمان نواز
نه آهيان. انهن مهمانن ۾ بشپ جي زال به هئي. هن
ڳالهين ۾ گذريل زماني جو ذڪر ڇيڙي وڌو ۽ پوءِ
انهيءَ ڳالهه تي آئي ته هڪ فينسي ڊريس پارٽي ٿيڻ
گهرجي. مانڊرلي جي انهن روايتن کي زنده رکندي، جن
جي ڪري مانڊرلي شهرت حاصل ڪري چڪو آهي، سڀني
انهيءَ تجويز کي پسند ڪيو.
فينسي ڊريس پارٽيءَ جون تياريون زور شور سان شروع ٿي ويون. هر
هڪ اهو معلوم ڪرڻ جي فڪر ۾ هو ته انهيءَ موقعي تي
مان ڪهڙي قسم جو لباس پائينديس، پر مان پنهنجي
لباس جي باري ۾ ڪامل رازداريءَ کان ڪم وٺڻ ٿي
چاهيو ته جيئن پنهنجي انتخاب ۾ سڀني مهمانن کي
حيرت ۾ وجهي سگهان ۽ داد حاصل ڪريان.“
هڪڙي ڏينهن ڊي ونٽر ۽ سندس ڀيڻ پيٽرس سان چانهه تي لباس جو ذڪر
اچي ويو. پيٽرس نهايت تجسس آميز لهجي ۾ پڇيو،
”توهان انهيءَ ڏينهن ڪنهن جو لباس پهرينديون؟“
مان اڃان جواب ڏيڻ لاءِ سوچي ئي رهي هيس ته يڪدم مسٽر ڊي ونٽر
چيو، ”هيءَ ته مون کي ئي ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي،
سو توکي ڪيئن ٻڌائيندي. پارٽيءَ ۾ ڏينهن ئي ڪيترا
وڃي رهيا آهن. انهيءَ ڏينهن توهان کي پاڻهي خبر
پئجي ويندي ته سندس انتخاب ڪهڙو آهي؟“
رات مان ڊنر جي لاءِ ڪپڙا بدلائي رهي هيس ته اوچتو در کڙڪيو.
منهنجو خيال هو ته پيٽرس آئي آهي، انهيءَ ڪري مون
بنا پڇڻ جي ته ڪير آهي، آواز ڏنو _ ”اندر اچ.“
دروازو کليو ۽ مان اهو ڏسي وائڙي ٿي ويس ته دروازي
۾ مسز ڊينور بيٺي آهي. سندس هٿ ۾ ڪاغذ جو ٽڪرو هو.
هن مون کي ڏسڻ سان چيو:
”معاف ڪجو، مون توهان کي خواه مخواه تڪليف ڏني، پر مان اهو
فيصلو ڪري نه سگهيس ته واقعي توهان ڪاغذ جي هن
ٽڪري کي بيڪار سمجهي اڇلڻ چاهيو ٿيون. شام جي وقت
رديءَ جون سموريون ٽوڪريون مون وٽ کڻي ايندا آهن
ته جيئن مان تسلي ڪريان ته ڪو قيمتي ڪاغذ ته رديءَ
جي ٽوڪريءَ جي نذر ته نه ٿي ويو. رابرٽ مون کي
ٻڌايو ته هي ڪاغذ لئبرري ۾ رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ پيو
هو.“
هن ڪاغذ جو ٽڪرو مونڏانهن وڌايو. ڪاغذ تي پينسل سان ٺهيل هڪ
تصوير هئي، جا صبح جو لئبريري ۾ ويهي مون ٺاهي
هئي.
”نه، مسز ڊينور_“ ٿوري دير کان پوءِ مون چيو، ”هي ڪاغذ ڪم جو نه
آهي، هن کي اڇلي ڇڏ. مون کي انهيءَ جي ضرورت نه
آهي.“
”ٺيڪ آهي.“ هن چيو، ”مون صرف پنهنجي تسليءَ خاطر توهان کان پڇيو
آهي.“
”ڪا ڳالهه نه آهي.“ مون جواب ڏنو. منهنجو خيال هو ته هوءَ
انهيءَ مختصر گفتگوءَ کان پوءِ ازخود هلي ويندي،
پر هوءَ ساڳئي نموني دروازي ۾ بيهي مون کي
گهوريندي رهي.
”توهان شايد هن وقت تائين پنهنجي لباس جي باري ۾ فيصلو نه ڪيو
آهي.“ مسز ڊينور چيو. سندس آواز ۾ اعتماد هو.
”نه، مون اڃان ڪوبه فيصلو نه ڪيو آهي.“ مون جواب ڏنو.
”توهان هن تصوير جو هو بهو نقل ڇو نٿيون ڪريو، جيڪا گيلريءَ ۾
لڳل آهي.“ هن پوري اعتماد سان چيو.
مون پنهنجي نُنهن کي ڪٽڻ شروع ڪيو. ڇو ته انهيءَ کان سواءِ مان
ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهيس. مون ته پاڻ کي مصروف رکڻ
ٿي چاهيو ته غير ارادي طور تي به منهنجون نگاهون
سندس نگاهن سان نه ملي وڃن.
”ها، مان سوچينديس.“ مون جواب ڏنو ۽ دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳيس ته
اهو خيال مون کي ڇو نه آيو، اهو منهنجي مشڪل جو
صاف ۽ واضح حل هو، پر مون اهو نٿي چاهيو ته ان کي
اهو احساس ٿئي ته مون سندس مشڪل حل ڪئي آهي.
”جيڪڏهن مان توهان جي جاءِ تي هجان ها ته مان ته انهيءَ ڇوڪري
جي لباس مطابق سفيد لباس ٺهرايان ها. توهان کي
جيڪو وڻي، اهو فيصلو ڪريو.“ هن ائين چيو ۽ نهايت
خاموشيءَ سان دروازو بند ڪري هلي وئي.
* * * *
مَس مَس فينسي ڊريس پارٽيءَ جو ڏينهن آيو. اڃان مهمانن جي اچڻ ۾
ٿوري دير هئي. مون پنهنجو لباس ڪڍيو ۽ ڏاڍي
احتياط سان تياري شروع ڪيم. ڪليرس، منهنجي
نوڪرياڻي، تياريءَ ۾ منهنجي مدد ڪري رهي هئي. جڏهن
مان هر شيءِ سنوارڻ کان پوءِ تيار ٿي ويس ته آئيني
۾ پنهنجي ڪپڙن جو جائزو ورتم ۽ دل ئي دل ۾ خوش
ٿيس، ڇو ته انهيءَ پوشاڪ سان هوبهو اها ڇوڪري نظر
اچي رهي هيس، جنهن جي تصوير هيٺ گيلريءَ ۾ لڳل
هئي.
دروازي جي آواز مون کي ڇرڪائي وڌو. مون گهٻرائجي پڇيو، ”ڪير
آهي؟“
”مان آهيان پيٽرس، توهان تيار ٿي ويون آهيو ڇا؟“
”مان اڃان تيار نه ٿي آهيان. توهان هلو، مان اچان ٿي.“ مون
وراڻيو، ”ميڪسم ڊي ونٽر کي به چئو ته هو به هيٺ
هلي، هتي اچڻ جي اجازت نه آهي.“
”ڪنهن مدد جي ته ضرورت نه آهي؟“ پيٽرس چيو.
”نه، بلڪل نه.“
مان بلڪل تيار ٿي چڪي هيس. مون هڪ دفعو وري به آئيني ۾ سڄي لباس
جو جائزو ورتو. مون کي ته اعتبار ئي نٿي آيو ته
انهيءَ لباس ۾ ايتريقدر حسين نظر اينديس.
مون ڪليئرس کي چيو، ”تون وڃي حاجب کي چئو ته هو منهنجي اچڻ جو
اعلان ڪري“_ مان دل ئي دل ۾ خوش هئس ته مون کي
انهيءَ لباس ۾، اهڙي ٺاهه ٺوهه سان ڏسي سڀني ماڻهن
کي ڏندين آڱريون اچي وينديون ۽ منهنجي حسنِ انتخاب
جو داد ڏيندا.
حاجب اعلان ڪيو، ”مسز ڪيرولين ڊي ونٽر“.
مان پنهنجي پوري شان و شوڪت ۽ شاهاڻي رعب تاب سان پنهنجي ڪمري
مان نڪتيس ۽ ڏاڪڻ تائين پهتيس. هيٺ لهڻ کان اڳ ۾
مان ڏاڪڻ جي جهنگلي کي هٿ سان جهلي ٿوري دير لاءِ
بيهي رهيس. منهنجي ٻئي هٿ ۾ هئٽ هو. مان هوبهو
ڇوڪري لڳي رهي هيس ۽ ائين محسوس ٿي رهيو هو، جيئن
تصوير ۾ روح پئجي ويو هجي ۽ اها ئي ڇوڪري هار
سينگار ڪري، ڇم ڇم ڪندي اچي رهي هجي _ مان ڏاڍو
خوشيءَ مان ڏاڪڻ تان لهڻ لڳيس. منهنجو خيال هو ته
منهنجو استقبال تاڙين ۽ کل خوشيءَ جي ٽهڪن سان ڪيو
ويندو، پر مان اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته ڪنهن به
تاڙي نه وڄائي ۽ نه وري ڪو پنهنجيءَ جاءِ تان
چُريو. ٻيا ته ٺهيو، پر مسٽر ڊي ونٽر به پنهنجي
جاءِ تي بت بنيو بيٺو هو. سندس زرد چهري تي غم ۽
غصي جي سرخي ڊوڙندي نظر آئي. پيٽرس جي وات مان رڙ
نڪري وئي، پر هن يڪدم پنهنجو هٿ وات تي کڻي ڏنو.
مان مرڪ جا گل پکيڙيندي رهيس، پر ڪنهن به حسن جو
داد نه ڏنو.
”هيلو مسٽر ڊي ونٽر، طبيعت ڪيئن آهي؟“ مون حيرت ۽ پريشانيءَ جو
مليل جليل لهجي ۾ سوال ڪيو. ميڪسم ڊي ونٽر بلڪل بت
بنيو مون کي گهوريندو رهيو. سندس ڳاڙهيون اکيون ٻن
شعلن وانگر ٻري رهيون هيون.
”هيءَ ڪهڙي مذاق آهي؟“ هن رڙ ڪري چيو. ڪاوڙ جا شعلا ڀڙڪي اٿيا.
منهنجيءَ سمجهه ۾ ڪجهه نٿي آيو ته هنن سڀني ماڻهن کي ڇا ٿي ويو
آهي، سندن منهن تي خوشيءَ جي بجاءِ زردي ڇو ڇانيل
آهي!
”وڃ، هيءُ لباس مَٽائي اچ ۽ ٻيو ڪو لباس پائي اچ.“ مان تصوير
حيرت بنجي بيٺي هيس.
”ٻڌءِ ڪونه، مان ڇا چئي رهيو آهيان؟ وڃ، هن لباس کي لاهي اچ.“
ميڪم تحڪمانه لهجي ۾ چيو _ مون هڪدم موٽ کاڌي ۽
يڪدم پنهنجي ڪمري ڏانهن وٺي ڀڳيس. منهنجي اکين ۾
ڳوڙها هئا. مون کان، مسز ڊينور جي منهن جا تاثرات
ڪڏهن به نه وسرندا، جيڪا پري بيهي مُرڪي رهي هئي.
سندس مُرڪ ۾ فتح منديءَ جو احساس هو.
مون پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ڪپڙن کي لوئي ڇڏيو. ايتري ۾ پيٽرس آئي ۽
اچڻ شرط مون سان چنبڙي وئي. هن مون کي ٻڌايو ته
آخري فينسي ڊريس پارٽيءَ ۾ رابيڪا به اهڙي قسم جو
لباس پاتو هو.
مان روئي رهي هيس ۽ پيٽرس مون کي ماٺ ڪرائي رهي هئي. هن
ويچاريءَ جلدي جلدي هڪ ٻيو وڳو ڪڍيو ۽ مون کي
مجبور ڪيو ته هڪ سادو لباس پائي، پارٽيءَ ۾ شريڪ
ٿيان.
* * *
ٻئي ڏينهن مان لئبرري ۾ دريءَ جي ڀرسان ويهي چانهه پي رهي هئس
ته رابرٽ مون کي اچي ٻڌايو ته ڪيپٽن سيرل جي
ٽيليفون آئي آهي ۽ مون سان ڳالهائڻ ٿو چاهي.
منهنجي پڇڻ تي رابرٽ ٻڌايو ته ڪرٿ بندرگاهه جو
هيءُ آفيسر ميڪسم سان ملڻ چاهي ٿو، پر جيئن ته
ميڪسم موجود نه آهي، انهيءَ ڪري هو مون سان
ڳالهائڻ گهري ٿو. مون رابرٽ کي چيو ته ان کي چئو
ته هو پاڻ اچي.
ڪيپٽن سيرل جي واتان مون ٻڌو ته هڪڙو جهاز خشڪيءَ تي چڙهي ويو
هو، جڏهن هڪ ٽوٻي کي جهاز جي نقصان جي خبر لهڻ
لاءِ سمنڊ ۾ لاٿو ويو ته هن ٻاهر نڪري ٻڌايو ته
سمنڊ جي تهه ۾ هڪڙي ٻيڙي موجود آهي، جنهن جي ڪيبن
۾ هڪڙو لاش به پيو آهي، ٻيڙيءَ جي وچ ۾ هڪڙو سوراخ
آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته انهيءَ ٻيڙيءَ کي
ڄاڻي واڻي ٻوڙيو ويو آهي ۽ ٻيڙيءَ جي باري ۾ تصديق
ٿي آهي ته اها مسز ڊي ونٽر جي آهي. ڪيپٽن سيرل سان
اڃان منهنجي گفتگو هلي رهي هئي ته ميڪسم ڪمري ۾
داخل ٿيو ۽ مان اتان اٿي ٻاهر آيس. جڏهن ڪيپٽن جي
ڪار جي وڃڻ جو آواز آيو ته مان ڪمري ۾ موٽي آيس.
انهيءَ وقت ميڪسم دريءَ جي ڀرسان بيهي ٻاهر نهاري
رهيو هو. مان سندس ڀرسان وڃي بيهي رهيس ۽ آهستگيءَ
سان چيم:
”مون کي افسوس آهي، سخت افسوس.“ مون ميڪسم جو هٿ کڻي جهليو،
جيڪو برف جهڙو ٿڌو هو. مون جذبات جي شدت کان هٿ کي
وٺي چميو _ ”هن ڏک ۾ مان برابر جي شريڪ آهيان.
هاڻي مان اڳئين وانگر ٻار نه آهيان. غمن جو بار
کڻي سگهان ٿي.“
هن منهنجي چيلهه ۾ پنهنجي ٻانهن ڦيرائيندي مون کي ڇڪي پنهنجي
سيني سان لڳايو. مون پنهنجو ڪنڌ سندس ڪلهن تي کڻي
رکيو ۽ چيو، ”توهان مون کي معاف ڪريو.“
”معاف ڪريان؟ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي تو؟“ ميڪسم خاموشي ٽوڙيندي چيو.
”ڪلهه رات مون کان بيوقوفي ٿي. توهان سمجهيو هو ته مون ڄاڻي
واڻي اهو لباس پاتو هو، توهان کي چيڙائڻ لاءِ. خدا
جو قسم ته مون کي ڪابه خبر نه هئي ته هو.... هو.“
”اف _ مان ته اهو واقعو ئي وساري چڪو آهيان. مون غم ۽ غصي جو
اظهار ڪري، تنهنجي توهين ڪئي هئي.“
مان ميڪسم کي چنبڙي ويس. ميڪسم ڪرسيءَ تي ويهي رهيو ۽ مون فرش
تي ويهي پنهنجو مٿو سندس رانن تي رکيو. هن پنهنجي
هٿن سان منهنجو مٿو مٿي کنيو ۽ پوءِ منهنجي اکين ۾
اکيون وجهي چيائين:
”رابيڪا کٽي وئي ۽ مون هارايو.“
مون حيرت ۽ خوف کان ڏانهس نهاريو.
”هوءَ اسان جي پٺيان پاڇي وانگر لڳل هئي. سندس منحوس پاڇي اسان
جي خوشين جا گل ڪڏهن به ٽڙڻ نه ڏنا. هر وقت هڪ
اڻڄاتل خوف منهنجي دل تي طاري رهيو. جڏهن دل ۾ خوف
هجي، تون ئي ٻڌاءِ ته پوءِ محبت ڪيئن ٿي دل ۾ جڳهه
وٺي سگهي مون کي ياد آهي، چڱيءَ طرح ياد آهي ته
مرڻ وقت سندس چپن تي مرڪ هئي. نفرت ڀريل مرڪ، ڇو
ته کيس پڪ هئي ته آخرڪار ڪاميابي کيس نصيب ٿيندي.
”ميڪسم هي توهان ڇا چئي رهيا آهيو. هي ڇا چئي رهيا آهيو؟“ مون
گهٻرائجي سوال ڪيو.
”سندس ٻيڙي.“ ميڪسم چيو، ”سندس ٻيڙي لڌي آهي.“
”ها مون کي خبر آهي. انهيءَ جو مطلب هي آهي ته ان سان گڏ ڪو ٻيو
به هو. ۽ هاڻي توهان انهيءَ ٻئي جي فڪر ۾ آهيو.
ائين آهي نه صحيح؟“ مون سوال ڪيو.
”نه، اها ڳالهه نه آهي.“ ميڪسم وراڻيو.
”مون کي به پنهنجي انهيءَ غم ۾ شريڪ ڪيو. منهنجا سرتاج، مان
توهان جو ساٿ ڏيڻ چاهيان ٿي.“
“رابيڪا سان گڏ ٻيو ڪوبه نه هو. قبرستان ۾ جا عورت رابيڪا جي
نالي جو نقاب ڍڪي دفن آهي، اها ڪا اڻ واقف عورت
آهي. رابيڪا جي ٻيڙيءَ سان ڪوبه حادثو پيش نه آيو
هو. ۽ نه وري رابيڪا غرق ٿي هئي. مون ان کي ڪاٽيج
۾ خون ڪيو ۽ پوءِ سندس لاش کي ٻيڙيءَ جي ڪيبن ۾
وڃي وڌم ۽ ٻيڙيءَ کي سمنڊ ۾ ڪاهي پنهنجي هٿن سان
غرق ڪري ڇڏيم. ٻڌءِ تو، ڇا _ ڇا تون اڃان به مون
سان پيار ڪرين ٿي. ڇا اڃان به تون مون سان شريڪ غم
آهين؟“ _ ميڪسم جو آواز ڀرجي ويو.
جڏهن انسان کي صدمو پهچي يا ڌڪ لڳي ٿو ته هو ٿوري وقت لاءِ
پنهنجا حواس وڃائي وهي ٿو. مان به سندس آغوش ۾ هئس
ليڪن ڪنهن به لمس جو احساس به نه هو. مان پٿر جي
هڪ مورت هئس، بي حس و حرڪت. هو منهنجي مٿان جهڪيو
۽ جذبات جي شدت کان مون کي چيائين. مون اکيون بند
ڪري ڇڏيون.
”مان توکي دل و جان سان چاهيان ٿو.“ هن سرگوشيءَ جي انداز ۾ چيو
_ اهو ئي محبت ڀريو فقرو هو جنهن جي ٻڌڻ لاءِ
منهنجا ڪن سڪندا هئا. هر وقت هر گهڙيءَ مون چاهيو
پئي ته اهو جملو سندس چپن مان نڪري، ۽ پوءِ منهنجي
روح جي اونهي ۽ عميق گهرائيءَ ۾ خوشي بنجي ناچ ڪري
۽ منهنجي اکين مان ڪيفِ حيات ۽ نشاطِ زندگي بنجي
ٽمي پوي. مونٽ ڪارلو اٽلي، فرانس ۽ مانڊرلي ۾ مون
پنهنجي ازدواجي زندگيءَ جون سڀئي راتيون انهيءَ
هڪڙي جملي جي ٻڌڻ لاءِ ويران ڪيون. خلوتن ۾، جلوتن
۾ مون محبت جون ڪيتريون ئي محفلون انهيءَ جملي ٻڌڻ
لاءِ سجايون. اڄ سندس چپن مان اهو خوشين ڀريل جملو
ٻڌي منهنجي انگ انگ مان نغما ڦٽڻ لڳا. منهنجي دل
خوشي ۾ مسرت سان ڀرپور ٿي نچڻ لڳي. مون اکيون
کوليون. هو مون کي پيار ڪري رهيو هو.
اوچتو ئي اوچتو هن مون کي پوئتي ڌڪو ڏنو ۽ ڪرسيءَ تان اٿي کڙو
ٿيو. ”مان صحيح سمجهندو هوس. وقت گذري چڪو آهي.
هاڻي اظهار محبت جو ڪوبه فائدو نه آهي. توکي مون
سان پيار ڪونهي. اسان وساري ڇڏينداسين ته اسان ڪا
شادي ڪئي هئي ۽ هڪٻئي کي چاهيو هو.“
احساس درد مون کي ڌونڌاڙي ڇڏيو. مان ڊڄي ويس ته ڪٿي ڳالهين
ڳالهين ۾ هو مون کان تمام پري نه نڪري وڃي، ۽ مان
کيس سڏيندي رهجي وڃان. مان تڙپي پنهنجي جاءِ تان
اٿيس. ۽ ڊوڙي پنهنجون ٻانهون سندس ڳچيءَ ۾ وجهندي
چيم.
اهڙيون ڳالهيون نه ڪيو، منهنجا پيارا، توهان منهنجي جذبات ۽
احساسن کي سمجهي نٿا سگهو. مان دل و جان سان توهان
کي چاهيان ٿي. توهان جي انهيءَ اوچتي پيار سان مان
حيران ٿي ويس. ڇوته مان بلڪل بيوس ٿي چڪي هئس _
اسان هڪٻئي کي ملي هاڻي ڪڏهن به هڪٻئي کان جدا ٿي
نٿا سگهون. اسان هميشه گڏ رهنداسون. ڪوبه راز ڪوبه
پاڇو هاڻي اسان جي وچ ۾ ڌاريائپ جي ديوار قائم ڪري
نه سگهندو.“
”هاڻي وقت گذري چڪو آهي. ممڪن آهي ته مان چند ڏينهن يا چند ڪلاڪ
تو وٽ هجان. انهن کي ٻيڙي لڌي آهي ۽ رابيڪا جو لاش
پڻ. ميڪسم جو آواز درد و ڪرب ۾ ٻڏي ويو.
”هو ڇا ڪندا؟“ مون بيوقوفيءَ جي انداز ۾ سوال ڪيو.
”هو لاش سڃاڻي وٺندا. اتي لاش کي سڃاڻڻ لاءِ هر چيز موجود آهي.
سندس ڪپڙا، سندس جوتا ۽ منڊي _ انهيءَ کان پوءِ
سوال پيدا ٿيندو ته اها عورت ڪير آهي جيڪا قبرستان
۾ رابيڪا جي قبر ۾ دفن آهي.“
منهنجي جسم ۾ درد جو احساس اڀرڻ لڳو. منهنجا هٿ هينئر ٿڌا نه
هئا. منهنجي جسم جو هڪ هڪ عضوو درد جي شدت کان
تڙپي رهيو هو. مان سوچڻ لڳيس ته سڀاڻي صبح تائين
سڀني ماڻهن کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئجي ويندي ته
رابيڪا جي ٻيڙي لڌي آهي. رابيڪا غرق نه ٿي هئي، پر
ميڪسم ان کي قتل ڪيو آهي.
”اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي.“ انهيءَ سوال جي سهاري مون خيالات سان
اڀرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ميڪسم ڪوبه جواب نه ڏنو. مون وري پڇيو، ڇا ڪنهن کي انهيءَ ڳالهه
جي خبر آهي؟“
ڪنهن کي به نه، ڇو ته مون کان سواءِ اتي ٻيو ڪوبه نه هو. ۽ چو
طرف گهگهه اونداهي هئي. مان ميڪسم جي بلڪل ويجهو
ويس. هاڻي اجنبيت جو پرودو هٽي چڪو هو، جنهن سبب
اسان هڪٻئي کي ڏسندا ته هئاسين پر سڃاڻي نه سگهندا
هئاسون. هڪٻئي کي والهانه طور چاهيندا ته هئاسون،
پر محبت ڪري نه سگهندا هئاسون. اڄ مون پهريون ڀيرو
سندس اکين ۾ محبت جون قنديلون منور ڏٺيون، جن سان
منهنجو شبستان وجود به روشن ٿي ويو ۽ ڌاريائپ واري
اونداهي دور ٿي وئي.
”مان جڏهن به توکي ڪتي سان گڏ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندي ڏسندو هوس
ته اهو احساس پيد اٿيندو هو ته تون مون سان شادي
ڪري خوشين کان محروم ٿي وئي آهين. اهو نامراديءَ
وارو احساس ئي توکي مون کان پري رکي ٿو. تون
منهنجي هوندي به منهنجي بنجي نه سگهينءَ.“
مان ميڪسم جي مٿان جهڪي پيس. ”مان تنهنجي ويجهو ڪيئن اچي ٿي
سگهيس جڏهن مون کي اهو احساس هو ته تون پنهنجي دل
۾ رابيڪا جي تصوير رکي ان جي پوڄا ڪرين ٿو. مان
توکان ڪهڙيءَ طرح پيار جي خيرات گهري سگهيس ٿي،
جڏهن خبر هيم ته تون رابيڪا جي عشق ۾ ديوانو
آهين.“
”تون هي ڇا چئي رهي آهين؟“ ميڪسم تڙپي سوال ڪيو. ڄڻ ته مون کيس
خواب مان جاڳائي وڌو هو _ ”جڏهن به تو مون کي هٿ
لاتو، مان انهيءَ احساس جي بار هيٺان اچي ويس ته
تون منهنجي رابيڪا سان ڀيٽ ڪري رهيو آهين. جڏهن به
تو مون سان ڳالهايو، مون سان سير ڪيو، مون سان
ماني کاڌي، مون سان گڏ چانهه پيتي ته اهو احساس
هميشه منهنجي رڳ رڳ تي ڇانيل رهيو ته تون دل ئي دل
۾ رابيڪا کي ياد ڪري اهو خيال ڪندو هوندين ته
رابيڪا سان هيئن چانهه پيئندو هوس، هيئن سير ڪندو
هوس. مون سان شادي تو صرف انهيءَ ڪري ڪئي ته جيئن
تنهنجي دل جو زخم هميشه تازو رهي. ۽ درد جي خلش
مٽجي نه سگهي.“
”اف، منهنجا مولا.“ ميڪسم مون کي پري ڌڪي ڇڏيو ۽ اٿي ڪمري ۾
ٽهلڻ لڳو.
”ڇا ٿي ويو آهي توکي؟“ مان پاڻ کي تمام ويجهو هوندي به تمام پري
ڏسي رهي هيس.
ميڪسم مُڙي مون ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ فرش تي ئي منهنجي ڀرسان
ويهي رهيو.
”تون سمجهين ٿي ته مان رابيڪا سان محبت ڪريان ٿو ۽
مون محبت ۾ انڌو ٿي ان کي قتل ڪيو آهي. نه، هر گز
نه. مان رابيڪا سان محبت نه، نفرت ڪندو هوس. اسان
جي شادي هڪ ڌوڪو هئي، هڪ معمو هئي. رابيڪا هڪ
بدڪردار، بدخصلت ۽ بدذات عورت هئي. اسان ڪڏهن به
هڪٻئي سان محبت نه ڪئي. رابيڪا ته انهيءَ قابل ئي
نه هئي ته ان سان محبت ڪئي وڃي. هوءَ چالاڪ هئي،
حيرتناڪ حد تائين چالاڪ. جيڪو به ساڻس ملندو هو،
اهو اندازو ئي ڪري نه سگهندو هو ته هوءَ ڪيڏي
چالاڪ، مڪار ۽ دغاباز عورت آهي. جڏهن مون رابيڪا
سان شادي ڪئي ته دنيا وارا رشڪ ڪرڻ لڳا. هو چوندا
هئا ته ميڪسم هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي آهي،
جنهن ۾ ٽئي خوبيون آهن: شرافت، فهم ۽ حسن. مون به
مجبوراً انهن جي فيصلي کي تسليم ڪيو. شاديءَ جي
پنجين ڏينهن مون ان کي اصلي رنگ روپ ۾ ڏسي ورتو.
توکي ياد آهي ته هڪڙي ڏينهن سير ڪندي اسان مونٽ
ڪارلوجي چوٽيءَ تي پهچي ويا هئاسون. مان اتي بيهي
ماضيءَ جي گريبان ۾ منهن وجهي پنهنجا زخم کوٽڻ
چاهيا ٿي. هوءَ اتي ويٺي هئي، سندس چپن تي مرڪ
بجلي بنجي چمڪي رهي هئي، ڪار وار هوا ۾ نانگن جيان
لهرائي رهيا هئا. هن پنهنجي باري ۾ اهڙيون اهڙيون
حيران ڪندڙ ڳالهيون ٻڌايون، اهي جي بيان ڪريان ته
شرافت پنهنجو منهن هيٺ کڻي ڪري. انهيءَ وقت مون کي
احساس ٿيو ته مون ڪهڙي عورت سان شادي ڪئي آهي، جا
بي حيا، بي شرم ۽ بدڪردار آهي. مون کي سندس منهن
تي هنڌان هنڌان ناسور ڇڪندي نظر آيا، جن جي بدبوءِ
کان منهنجو دماغ ڦاٽي پيو. جيڪڏهن مان چاهيان ها
ته کيس اتي ئي ختم ڪري سگهان ها، هڪڙو ئي ٿيلهو
کيس ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي هو، پر مون کيس ختم نه ڪيو.
ان جو خيال هو ته مان سندس اڳيان هٿيار ڦٽا ڪندس ۽
مانڊرلي جا دروازا سندس عاشقن لاءِ کولي ڇڏيندس.
ان جو خيال هو ته خانداني شرافت جي خاطر مان ان کي
دل پسند حرڪتون ڪرڻ کان نه روڪيندس، انهيءَ ڪري
اسان ٻنهي جي وچ ۾ هڪڙو معاهدو ٿيو ته هوءَ
مانڊرلي جي شان شوڪت ۽ اقبال تي داغ نه لائيندي ۽
ٻاهر جيڪي هوءَ ڪجهه ڪندي ته مان کيس نه روڪيندس.
مان ته هاڻي انهن ڏينهن جي تصور کان به ڊڄي ويندو
آهيان. ڪهڙي بي حيائيءَ ۽ بي شرميءَ جا ڏينهن هئا
اهي ۽ اسان ڪهڙيءَ طرح ڪوڙ ۽ فريب جو پوش پنهنجي
منهن تي چاڙهي گهمندا هئاسون ته جيئن ماڻهو اسان
جا اصلي خدوخال نه ڏسي سگهن. مون کيس نه روڪيندس.
مان ته هاڻي انهن ڏينهن جي تصور کان به ڊڄي ويندو
آهيان. ڪهڙي بي حيائيءَ ۽ بي شرميءَ جا ڏينهن هئا
اهي ۽ اسان ڪهڙيءَ طرح ڪوڙ ۽ فريب جو پوش پنهنجي
منهن تي چاڙهي گهمندا هئاسون ته جيئن ماڻهو اسان
جا اصلي خدوخال نه ڏسي سگهن. مون بداخلاقيءَ جو هر
وار پنهنجي سيني تي سٺو، صرف مانڊرلي جي خاطر.
هوءَ مخصوص خلوتن ۾ بلند نشين حسن فروش بنجي پئي.
هوءَ هفتن جا هفتا لنڊن ۾ ڦرندي رهندي هئي، پر مون
ڪڏهن به اعتراض نه ڪيو، ڇو ته لنڊن ۾ هوءَ جيڪو به
گناهه ڪندي هئي، انهيءَ کان مانڊرلي جي چمڪندڙ
پيشاني محفوظ هئي. آهستي آهستي هوءَ بي احتياطي
ڪرڻ لڳي. توکي خبر آهي ته شراب خانه خراب جو انسان
کي ڪهڙيءَ طرح چسڪو پوي ٿو، پهرين ته هو شوق کان
پِئي ٿو، پوءِ شوق مزو بنجي پوي ٿو ۽ مزو عادت ۾
بدلجي وڃي ٿو ۽ عادت بي احتياطيءَ جي صورت اختيار
ڪري وٺي ٿي. هڪ دفعي مان سڪاٽ لينڊ مان شڪار تان
موٽيس ته سندس پنج _ ڇهه آشنا مانڊرلي ۾ عياشي ڪري
رهيا هئا. مون کي اها ڳالهه نه وڻي. جنهن تي هن
طنزيه جواب ڏنو، ”هو توکي ڇا ٿا ڪن؟“ مان سڙي رک
ٿي ويس ۽ ساڙ مان چيومانس، ”تون لنڊن ۾ جيڪي وڻئي
سو وڃي ڪر، پر مانڊرلي منهنجو آهي، هتي ڪابه اهڙي
ڳالهه ٿي نٿي سگهي.“ هن مُرڪيو ۽ پوءِ ڪوبه جواب
نه ڏنائين . انهيءَ کان پوءِ هن منهنجي رياست جي
مئنيجر فرينڪ کي دام ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن
سندن ملاقاتن جو سلسلو وڌيو ته مون کيس صاف لفظن ۾
چيو ته ”مان انهن ڳالهين کي برداشت ڪري نٿو
سگهان.“ انهيءَ تي هوءَ مڇرجي وئي ۽ جيڪي وڻيس سو
چوڻ شروع ڪيائين. انهيءَکان پوءِ هوءَ لنڊن هلي
وئي. اتان هڪ مهيني کان پوءِ واپس آئي. شروع شروع
۾ ته چپ رهي، منهنجو خيال هو ته کيس سبق ملي ويو
آهي.“
ميڪسم هڪ هڪ ڪري اسرار جا سڀئي پردا هٽائي رهيو هو ۽ مون کي
رابيڪا جي صورت صاف ۽ چٽي نظر اچي رهي هئي. مون
پنهنجي تصور ۾ رابيڪا جي جيڪا تصوير تيار ڪئي هئي،
اها هن تصوير کان ڪيڏي نه مختلف هئي، جيڪا ميڪسم
تيار ڪري رهيو هو _ هن فيول سان پنهنجي عشق جون
رهاڻيون ڪرڻ شروع ڪيون. مون جڏهن اهو ڏٺو تڏهن تن
بدن ۾ باهه لڳي وئي. مون کيس صاف صاف چئي ڏنو ته
هوءَ فيول کي هتي نه گهرائي. آئنده جيڪڏهن مون کي
هتي ڏٺو ته مان ان کي گوليءَ سان اڏائي ڇڏيندس.
هوءَ شام جو ٻيڙيءَ جو سير ڪرڻ جي بهاني هلي ويندي
هئي ۽ سڄي رات اتي گذاري ڇڏيندي هئي ۽ مان چشم
پوشيءَ کان ڪم وٺندو رهيس. هڪڙي ڏينهن هوءَ لنڊن
وئي، جيئن ته ان کي رات جو موٽڻو نه هو، انهيءَ
ڪري مان فرينڪ ڏانهن ماني کائڻ لاءِ هليو ويس.
جڏهن ساڍي ڏهين بجي واپس آيس ته ڏسان ته هال ۾
ڪرسيءَ تي سندس گلوبند ۽ دستانا پيا آهن. مان
حيران هوس ته هوءَ ڪيئن موٽي آئي. مان ڊرائنگ روم
۾ ويس، هوءَ اتي نه هئي. مون سوچيو ته هوءَ سمنڊ
جي ڪناري پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ وئي هوندي. انهيءَ وقت
اهو احساس بيدار ٿيو ته مون کي هن مڪر ۽ فريب مان
ٻاهر نڪري اچڻ گهرجي. هاڻي ڇا به ٿي پوي ته به هي
معاملو ختم ٿيڻ گهرجي. مون سوچيو ته بندوق کڻان ۽
ان کي وڃي ڊيڄاريان ۽ ڌمڪايان. نوڪرن کي اها خبر
نه هئي ته مان مانيءَ تان موٽي آيو آهيان. مان باغ
۾ ويس ۽ اتان سڌو اتي پهتس، پر اتي اهو ڏسي حيران
ٿي ويس ته رابيڪا اڪيلي ليٽي پئي آهي ۽ سگريٽن جا
اڌڙ رکدانيءَ ۾ پيا آهن. مون وڃڻ شرط ان کان فيول
جي باري ۾ سوال ڪيو. هوءَ منهنجون ڳالهيون ٻڌندي
رهي. ”ذلت ۽ رسوائيءَ جي به حد ٿيندي آهي. هاڻي هي
ختم ٿيڻ گهرجي. تون لنڊن ۾ وڃي ڇا ڪندي آهين؟ فيول
سان اتي وڃي عشق ڪر، ليڪن هتي مان اهڙيون حرڪتون
ڪرڻ نه ڏيندس، ڇو ته مانڊرلي منهنجو آهي.“ هُن
مرڪيو ۽ ڏاڍي اطمينان سان چيائين، ”مانڊرلي صرف
چند ڏينهن لاءِ تنهنجو آهي، جلد ئي منهنجي پيٽ مان
مانڊرلي جو مالڪ جنم وٺندو ۽ پوءِ مانڊرلي منهنجو
هوندو.“ مان ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو لال ٿي ويس. مون بندوق
سڌي ڪئي ۽ گولي هلايم. گولي هن کي لڳي ۽ هوءَ يڪدم
ڍير ٿي پئي. مون پنهنجي اکين سان هن کي مرندي ڏٺو،
پوءِ سندس لاش کي کڻي ڪيبن ۾ بند ڪيم ۽ ٻيڙيءَ جا
سوراخ کولي ڇڏيم. رابيڪا سمنڊ جي تري ۾ پهچي چڪي
هئي.
اخبارن ۾ مانڊرلي جي تصويرن سان رابيڪا جي لاش هٿ اچڻ جون خبرون
شايع ٿيون. ميڪسم جنهن ڳالهه کان ڊنو پئي، اها ئي
ٿي. مانڊرلي جو نالو اخبارن ۾ اچڻ شروع ٿي ويو.
جرگي پنهنجي تحقيقات ڪرڻ شروع ڪئي. ڪيترن ئي شاهدن
جا بيان قلمبند ڪيا ويا، انهيءَ کان پوءِ جرگي
فيصلو ڏنو ته رابيڪا خود ڪشي ڪئي هئي ۽ خود پنهنجي
هٿن سان ٻيڙيءَ کي غرق ڪيو هو. تحقيق جي انهيءَ
نتيجي کي شايع ٿيڻو هو ۽ اهو طوفان جو چئني طرفن
کان مانڊرلي جي شان شوڪت ۽ اقبال کي اونڌي ڪرڻ
لاءِ گهيري ويو هو، هڪدم بند ٿي ويو ۽ مانڊرلي ۽
ان سان گڏ ميڪسم جي عزت به بچي وئي. مون به
شڪرادائي ڪئي.
هڪڙي ڏينهن سخت برسات پئجي رهي هئي. مان پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي هيس
ته رابرٽ اچي ٻڌايو ته فيول آيو آهي ۽ مون سان ملڻ
گهري ٿو. مان فيول جي باري ۾ صرف ايترو ڄاڻندي هيس
ته هو رابيڪا جو دوست آهي. مون ان کي پنهنجي ڪمري
۾ سڏايو. ان جي واتان مون کي خبر پئي ته ان وٽ ڪو
اهڙو ثبوت آهي، جنهن سان هو اهو ثابت ڪري سگهي ٿو
ته رابيڪا خودڪشي نه ڪئي آهي، بلڪه ان کي قتل ڪيو
ويو آهي ۽ قاتل ميڪسم آهي.
ٿوري دير کان پوءِ ميڪسم به آيو. هو فيول کي ڏسي باهه ٿي ويو.
فيول جي رابيڪا جي هڪڙي تحرير ڪڍي اڳيان رکي، جيڪا
هوءَ لنڊن ۾ ان جي لاءِ ڇڏي آئي هئي. انهيءَ تحرير
۾ رابيڪا ان کي انهيءَ رات ڪاٽيج ۾ پهچڻ لاءِ لکيو
هو. ڳالهين ڳالهين ۾ اهو راز کليو ته فيول ميڪسم
کي اها تحرير ڏيکاري، بلئڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿو.
منهنجو خيال هو ته ميڪسم کي ڳالهه وڌائڻ نه گهرجي
۽ جيڪي ڪجهه هو گهري ٿو، اهو ڏئي وٺي سندس وات بند
ڪرڻ گهرجي، پر ميڪسم اها ڳالهه پسند نه ڪئي ۽ هن
ٽيليفون ڪري ڪرنل جوليان کي بلئڪ ميل جو اطلاع
ڏنو، جيڪو انهيءَ علائقي جو مئجسٽريٽ هو. ڪرنل
جوليان تحرير پڙهي ٻڌايو ته هن تحرير مان اهو هر
گز ثابت نٿو ٿئي ته فيول ۽ رابيڪا جا پاڻ ۾
دوستانه تعلقات هئا ۽ هو ٻئي ميڪسم کان طلاق وٺي
شادي ڪرڻ چاهين پيا ۽ ميڪسم رقابت ۾ ان کي قتل ڪيو
آهي ۽ ان جو ڪوبه عيني شاهد هئڻ گهرجي، جيڪو انهن
تعلقات جي تصديق ڪري. فيول دانهن ڪئي، ”انهيءَ جو
شاهد هن گهر ۾ موجود آهي.“ سندس اهو جملو ٻڌي اسان
سڀ وائڙا ٿي وياسون. ڪرنل جوليان چيو، ”ڪير آهي
اهو؟“
فيول جواب ڏنو، ”مسز ڊينور!“ انهيءَ وقت مسز ڊينور کي سڏايو
ويو. ڪرنل جوليان پاڻ پڇيو، پر مسز ڊينور انهن
ٻنهي جي تعلقات جي به تصديق نه ڪئي، ليڪن اهو
ٻڌائي سڀني کي ڇرڪائي ڇڏيو ته ”رابيڪا چلولي هئي ۽
هر جاءِ تي عشق ڪندي هئي.“
هاڻي سوال پيدا ٿيو ته انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪيئن ڪئي وڃي ته
هن واقعي مسٽر ڊي ونٽر کان طلاق وٺڻ گهري پئي.
ڪرنل جوليان ڪافي دير تائين سوچيندو رهيو، پوءِ
چيائين، ”جيڪڏهن ڪو شاهد اهڙو ملي، جيڪو انهيءَ
ڳالهه جي تصديق ڪري ته آخري دفعو رابيڪا جڏهن لنڊن
وئي ته اتي ڪنهن ڪنهن سان ملي؟“ مسز ڊينور چيو،
”انهيءَ جي تصديق ڏکي نه آهي. مون وٽ رابيڪا جي
ڊائري آهي، جنهن ۾ انهيءَ ڏينهن جي سڀني ملاقاتن
جو ذڪر آهي.“
ڪرنل جوليان جي هدايت تي مسز ڊينور رابيڪا جي ڊائري کڻي آئي،
جنهن مان خبر پئي ته لنڊن ۾ انهيءَ ڏينهن رابيڪا
ڊاڪٽر بيڪر کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به نه ملي هئي.
هاڻي بيڪر جي تلاش شروع ٿي. خبر پئي ته بيڪر لنڊن
جو هڪ مشهور ڊاڪٽر آهي. انهيءَ ڪري مان،
ميڪسم،ڪرنل جوليان ۽ فيول لنڊن وياسون. ڊاڪٽر بيڪر
پنهنجي ملاقاتين جي ڊائري ۾ ڏسي ٻڌايو ته ”انهيءَ
ڏينهن انهن نشانن ۽ پارن پتن واري هڪ عورت ڪنهن
ٻئي نالي سان ملڻ آئي هئي ۽ مون سندس معائنو ڪرڻ
کان پوءِ کيس ٻڌايو هو ته هوءَ سرطان جي مرض ۾
مبتلا آهي ۽ گهڻو وقت زنده رهي نه سگهندي.“
جڏهن اسان واپس اچي رهيا هئاسون ته ڪرنل جوليان ٻڌايو ته ”ميڪسم
تون هاڻي ڪنهن به قسم جو فڪر نه ڪر. رابيڪا خودڪشي
ڪئي آهي، ڇو ته هن کرڙيون هڻي مرڻ نٿي چاهيو،
جيڪڏهن آئنده فيول بلئڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته
مون کي ٻڌائجانءِ.“
مانڊرلي پهچي خبر پئي ته مڪروهه چهرو مسز ڊينور مانڊرلي مان
فرار ٿي چڪي آهي، پر وڃڻ کان اڳ ۾ مانڊرلي کي باهه
ڏئي رک جو ڍير ڪري وئي آهي. مانڊرلي جلي چڪو آهي ۽
هاڻي اهو صرف رک جو ڍير آهي. ٻئي ڏينهن ڪرنل
جوليان اسان کي اها صلاح ڏني ته اسان سير ڪرن لاءِ
سئزرلئنڊ هليا وڃون ۽ مانڊرلي ۾ رهائش ترڪ ڪري
ڇڏيون.
منهنجو مڙس هاڻي پر سڪون ۽ مطمئن زندگي بسر ڪري رهيو آهي ۽ مون
کي به سندس محبت ملي چڪي آهي. هن کي مانڊرلي جي
سڙڻ جو ڏک ته ڏاڍو ٿيو، پر انهيءَ جو ڪڏهن اظهار
نه ڪندو آهي. مون کي يقين آهي ته مون وانگر هن کي
به خوابن ۾ رابيڪا ۽ مانڊرلي ضرور نظر ايندا
هوندا! |