انگريزن جي ئي دؤر ۾ هندن ۾ هڪ تحريڪ جنم ورتو هو، ان کي ”آريه
سماج“ تحريڪ چون ٿا. آريه سماجي وڏي واڪي سان بت
پرستيءَ جي مخالفت ڪندا هئا. دراصل اها تحريڪ هندن
۾ اسلام ۽ عيسائيت جي لاءِ جا همدردي هئي، ان کي
ختم ڪرڻ لاءِ پيدا ٿي هئي. ان دؤر ۾ هندوستان جا
هندو، هزارن جي تعداد ۾ مسلمان يا ڪرستان ٿيندا ٿي
ويا. هيءَ تحريڪ ان کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ وجود ۾ آئي
هئي. ڪن هندن، پنهنجن ڀائرن کي، جڏهن بت پرستيءَ
کي نفرت ڪندي ڏٺو، تڏهن کين هيئن چوندا هئا ته
انهن پراڻن ڪتابن مان ڳولي ڪڍيو آهي ته ”بُت جي
پوڄا قديم هندو ڌرم ۾ منع آهي.“ ان لاءِ انهن وڏن
بزرگن جا ڪي حوالا به ڏنا هئا. حيدرآباد جي آريه
سماج جي آفيس جي اڳ کان بورڊ تي هڪ دفعو ائين به
لکيو هئائون: ”سري ڪرشن مهراج، هر قسم جي مورتي
(يعني بت) خواه اها مٽيءَ، ڪاٺيءَ يا سون يا
چانديءَ جي هجي، کي مٿي ٽيڪڻ جي منع ڪئي آهي.“
حالانڪه هندو ته خود سندس مورتيءَ کي پوڄيندا هئا
۽ سڀ کان گهڻو جنهن بت جي اڳيان مٿو ٽيڪيندا هئا،
اهو سري ڪرشن مهراج جو ئي پتلو هوندو هو.
آريه سماج تحريڪ: مشرقي پنجاب ۾ گهڻو زور ورتو هو. قاديانين جو
جود به مشرقي پنجاب مان ئي شروع ٿيو هو. انگريزن
انهن جي همت افزائي ڪئي، ليڪن سنڌ ۾ اهڙيون سڀ
تحريڪون ناڪامياب ويون هيون. حيدرآباد ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ
ڪو اهڙو هندو هو، جو آريه سماجي ٿيو هو. مون کي
حيدرآباد جي فقط ٻن ماڻهن جو نالو اچي ٿو، جي هئا:
هڪ حڪيم تلسي داس ۽ ٻيو دُوارڪا پرشاد. بهرحال
منهنجي راءِ ۾ جنهن کي ”هندو ڌرم“ چئجي، سو ان هر
قسم جي تحريڪ جو نالو آهي، جنهن هتي براعظم ۾ جنم
ورتو هجي. ان لحاظ سان سک، جي خود کي الڳ ٿا سمجهن
سي به هندو ڌرم جي حاطي جي اندر آهن. آريه به آهن.
ان ڪري جڏهن راجا رنجيت سنگهه پشاور فتح ڪيو هو،
تڏهن هندن وڏي سڏ چيو هو: ”راجا صاحب ته پٺاڻن جي
ملڪ ۾ به هندو ڌرم جو جهنڊو هڻي ويو.“ حالانڪه
رنجيت سنگهه هڪ سک هو.
هن ننڍي مضمون ۾، هندو ڌرم تي يا هندو ڌرم جي ڪنهن فرقي يا پنٿ
تي مان تنقيد نه ٿو ڪريان. مون کي سڀني مذهبن لاءِ
عزت آهي. البته هڪ ڳالهه مون جانچي آهي؛ ته هندن
۾، هڪ ٻئي جي مندرن ۾ وڃڻ جي مذهبي يا اخلاقي منع
هوندي آهي. منهنجو هڪ دوست ۽ پاڙيوارو جوان ڏاموڌر
هڪ ڏينهن مندر ۾ پئي ويو. شام جو وقت هو. مندر
تلاء نمبر 3 وٽ هو. ان جي ڀر ۾ ئي مشهور درٻار
گرونگر قائم آهي. اوڏانهن به ڪي هندو جوان، پاڙي
جا نينگر ٿي ويا: مون ڏاموڌر کي چيو ”اوهين هنن
دوستن سان گڏ نه ٿا وڃو، هو به ته پوڄا ڪرڻ ٿا
وڃن.“ جواب ڏنائين ”هنن جي پوڄا جي جاءِ ٻي آهي.
اسان جو مندر ٻيو آهي.“
ٿورن لفظن ۾، ته جيئن مسلمانن ۾ شيعه ۽ سُني هڪ ٻئي جي مسجدن ۾
وڃي بندگي ڪرڻ کان عموماً گوشو ڪندا آهن، تيئن
هندو به ڪن. مٿيون شخص ڏاموڌر اگرچه هڪ ڀاٽيو هو،
هڪ برهمڻ نه هو؛ تڏهن به هن جيئن پاڻ چيو هئائين
”واڻين واري“ پوڄا جي جاءِ تي بندگي ڪرڻ ٺيڪ نه
سمجهيو هو.
حيدرآباد ۾ تڏهن ڪي پوربي ڀئيا به رهندا هئا. هنن جي اڳيان
جيڪڏهن فقط نالو سري ڪرشن وٺبو هو، ته هو چڙندا
هئا. بعضي ڏاڍو ناراض ٿيندا هئا. هندو نينگر انهن
کي ان طرح چيڙائيندا هئا. ٻيا وري جيسلمير جي
برهمڻ هوندا هئا، جن جي اڳيان اگرچه سري رام جو
نالو وٺندا هئا ته ناراض ٿيندا هئا. اهي ٻئي فرقا
حيدرآباد ۾، پڪي قلعي وٽ رهندا هئا. روز روز هڪ
ٻئي سان مقابلا ڪندا هئا. جيڪڏهن هڪ ٽولي وارو
چوندا ”جئه سري رام“ ته ٻئي ٽولي وارا، اترو ئي
زور سان چوندا هئا: ”جئه سري ڪرشن. اُها انهن جي
هر روز جي کيڪار هوندي هئي. بعضي ايئن ڪندي وڙهي
به پوندا هئا.
اگرچه هي ماڻهو غير سنڌي هندو هئا ۽ سنڌ جي هندن سان اٿڻ ويهڻ
به نه هو، نه وري سندن عادتون سنڌين واريون هيون.
تاهم هو هندو هوندا هئا.
]باقي آئنده[
امداد حسيني ]ڊاڪٽر اسد الله شاهه جي ياد ۾[
هوءِ جي هليا هوتَ سُونهارا
اهو هڪ جُهڙالو ڏينهن هو. بُوند پئي برسي.
آئون ڄامشوري جي ٽڪرين ڏانهن نڪري ويم هوس. الاءِ
ڇو سارنگ رُت نيڻ ڀرجيو ڀرجيم پئي آيا. واپس وريس
ته پاڙي جو هڪ نينگر ڊوڙندو آيو ۽ چيائين: ”توهان
کي گهر پيا سڏين، ضروري ڪم آهي.“ مان گهر جي در
ڏانهن ڀڳس. در کليو ته سحر نيم جي ابتڙ مُرڪن
بدران لڙڪن سان منهنجي آجيان ڪئي: ”جانان، ڀائو
قاضي .....“ لطيف آباد ڏانهن ويندي مون سوچيو:
”اڃا هفتو کن اڳي ئي ته اسين ساڳئي گهر ڀائو
قاضيءَ کي پٽ ڄائي جون مبارڪون ڏيڻ ويا هئاسين. ۽
هاڻ.....!“
وڻجارن وري، پرهه پڳهه ڇوڙيا،
اوليون پسي ان جون ، پيڙم ڳچ ڳري،
وينديس ماءِ مري، ساري سامونڊين کي.
ڊاڪٽر قاضي اسد الله شاهه ”بيخود“ حسينيءَ کي ڳوٺ جا
ماڻهو ”سائين قاضي“، مِٽَ مائٽ ۽ جيڏا سرتا ”قاضي
صاحب“ سڏيندا هئا ۽ اسين جيڪي کانئس ننڍا هئاسين،
اهي کيس ”ڀائو قاضي“ سڏيندا هئاسين. ڀائو قاضيءَ
تي اهو نالو سندس ڏاڏي علامه اسدالله شاه ”فدا“ جي
نالي پٺيان سرگرمين جو روح روان هو. ان ڪري علم
ادب، ٻوليءَ، شاعريءَ ۽ راڳ سان چاهه کيس ورثي ۾
مليو. ٽکڙ جي وايو منڊل سونَ تي سُهاڳي وارو ڪم
ڪيو.
اِهو اُهو عرصو هو، جڏهن سيد عبدالحڪيم شاهه (سيد وڏي) جي رحلت
ٿي چڪي هئي، ۽ سندس هٿان رکيل پيڙهه اُکڙڻ لڳي
هئي.
”سيد عبدالحڪيم شاهه 1354هه ۾ رحلت ڪئي. سندس وفات کان اڳي ئي
سندس ٽي ڀائر: حاجي غلام شاهه، علامه اسد الله
شاهه ”فدا“ ۽ محمد حافظ شاهه ”حافظ“ وفات ڪري چڪا
هئا. باقي سندس ننڍو ڀاءُ حاجي علي اصغر شاهه،
ڪجهه وقت اڳي ٽکڙ مان لڏي، پنهنجو نئون ڳوٺ ”اصغر
آباد“ جي نالي سان ٻڌي وڃي ويٺو ([1]).
سيدن مان ڪو وڏو رهيو ڪونه _ عبدالحڪيم شاهه جي
وڏي پٽ ملوڪ شاهه کي پڳ ٻڌايائون؛ پر هو تمام سادو
۽ دل جو نرم هو، انهيءَ ڪري هر هڪ سيد پاڻ کي
وڏيرو سمجهڻ لڳو. عبدالحڪيم شاهه جي وفات کان پوءِ
ٽکڙ تي اچي زحمت نازل ٿي. سيدن جي اڻبڻت ڪري، ڳوٺ
۾ بدامنيءَ پنهنجا بدنما منهن ڏيکاريو. چوري عام
جام ٿيڻ لڳي([2]).
يا ته هتي علم ۽ ادب جو چرچو عام هو، ماڻهو
دينداريءَ ڏانهن راغب هئا، يا ته هينئر جوا جو زور
۽ ڏنڊي ڪونڊي جو شور هر گلي ڪوچي مان اچڻ لڳو.
ڪمزور ڌر (هندن) سان زوري ۽ ظلم زور
وٺندا ويا، گهڻا هندو ٽکڙ مان ٽرڪي ويا. ايتري قدر جو پاڪستان
کان اڳي، هندن جا باقي پنج يا ڇهه گهر وڃي بچيا
هئا، نه ته اڳي سندن اٽڪل ٻه سؤ دڪان هئا، جن سان
ئي بازار جي رونق هئي([3]).“
منهنجي ناني سيد عبدالحڪيم شاهه جي دؤر جو واقعو آهي، ته ڪنهن
شخص (شايد حبيب ڍوڻي يا براديءَ، جيڪي سندس
حاضريءَ جا نوڪر هئا) کيس مبارڪ اچي ڏني. پاڻ
وراڻيائين: ”ابا، خير مبارڪ؛ پر ڇا جي؟“ ان شخص
چيو: ”سائين وڏا، توهان کي پُٽ ڄائو آهي.“ ان تي
سيد وڏي وراڻيو: ”مون سمجهيو ته ڳوٺ ۾ ڪو نئون گهر
لڏي آيو آهي!“ ۽ هاڻي اها ئي ٽکڙ هئي، جنهن مان
ماڻهو لڏي رهيا هئا ۽ ڏک اهو ته ٽکڙجي تباهي وڏن
سيد جا پويان آڻي رهيا هئا:
ويا سي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي،
تنين سندا پويان، سيهي لهن نه سار،
ڪُٽين ڪُٽ لُهار، هاڻي انهيءَ ڀيڻين.
ائين ناني عبدالحڪيم شاهه جي لاڏاڻي سان ٽکڙ سهاڳڻ مان ڦري
ڏهاڳڻ ٿي پئي ۽ ان جي رتورت ٻانهن جي ڀڳل چوڙين کي
سيدن جا ماڻهو روڙڻ لڳا ۽ نڪ جي نٿ کي ڏاوڻ سوڌو
پٽي لاهڻ لڳا. حافظ حامد، مخلص، علامه اسد الله
شاهه ”فدا“، حافظ شاهه، دلگير ۽ بسمل جي سکي ستابي
۽ سهاڳڻ ڀاڳڻ تکڙ جو، ان جي سپوت سائين ميران محمد
شاهه اجهو هيئن چِٽ چِٽيو آهي:
”....مون ته انهن مست ڪندڙ مجلسن ۾ شرڪت ڪري، ساقيءَ جي ساغر
مان سرڪ چَکي هئي، جنهن جو ڪيف، باوجود دور دوران
جي ۽ باوجود مشرق و مغرب جي سير و سياحت جي، اڄ
ڏينهن تائين منهنجي دل و دماغ تي طاري آهي. شاهه
صاحب جي مصرع:
جيڪي ڏٺو هو سو مون ڏٺو،
جيڏيون ڙي اوهان نا ڏٺو هوا.
جي مصداق آهي. نه مون کي پيرس جي ”آپيرا هائوس“، لنڊن جي ”البرٽ
ٿئيٽر“ يا قاهره جي ”ڪيسينو بدياه“ مان اها راحت
روحاني رسي جا مرحوم محمد حافظ شاهه جي اوطاق جي
ايوان ۾ عيسي ۽ موٽيي شيديءَ جي ڪافين ۽ ڪلامن مان
حاصل ٿي، ۽ نه مون کي ڪڏهن بمبئيءَ جي ”تاج محل“،
لنڊن جي ”وارچيسٽر هوٽل“، پئرس جي ”جارج دي سئنڪ
هوٽل“ يا جرمنيءَ جي ”فرئنڪفرٽ هوف ڪلب“ يا مئڊرڊ
جي ”ڪيفي روزا“ جي ماحول ۾ سيني جو سرور ۽ دلي
سڪون حاصل ٿيو، جو ’دائود موچيءَ‘ جي دڪان، ’قاسم
کٽيءَ‘ جي ايوان ۽ ’برهان لوهار’ جي دودمان ۾ ويلن
جا ويلا ويهي، جهونجهارن جون جنگيون ۽ جهلون،
سگهڙن جون ڪَوتيون ۽ ڪهاڻيون، شاعرن جون في
البديهه واريون ۽ وراڻيون ۽ ’ٻڍي ڳنڀير‘ جون
ڳجهارتون ۽ ڳاليهون ٻڌي حاصل ٿيم.“ ([4])
پر پوءِ انهن ماڻهن جي به پاڙ پٽجي وئي ۽ ٽکڙ هڪ ڀيرو
وري سک جو ساهه پٽيو. ان دؤر ۾ توڙي جو حافظ
”بسمل“ (1335هه) ۾ محمد خان ”غني“ گذر معاش لاءِ
ٽکڙ کان ٻاهر هٿ پير هڻڻ لڳا هئا، تڏهن به هو ٽکڙ
جي ادبي عظمتن ۽ علمي روايتن جا رکوال ۽ علمبردار
هئا ۽ ٻي ڳالهه ته هو ٽکڙ مان لڏي لاسي نه ويا
هئا؛ سندن گهر ٻار ٽکڙ ۾ هو؛ شادي مرادي، عيد براد
۽ موڪلون هو ٽکڙ ۾ گذاريندا هئا ۽ ٽکڙ جا جيڪي به
ماڻهو نوڪرين ۾ ٻاهر هوندا هئا، اهي ويڪ اينڊ تي
ڇنڇر جو ڳوٺ ڏانهن ائين ڀڄندا هئا، جيئن ٿريا اُٺي
۾ ٿر ڏانهن ڀڄندا آهن. پوءِ مينهن هجي، لاري بند
هجي، جيل مان کٿڙ کان پنڌ اچڻو پوي... کڻي ڇا به
ٿي پوي! ”بسمل“ ته ڪجهه عرصو حيدرآباد ڇڏي، ٽکڙ
موٽي به آيو هو ۽ کيس معلم جي حيثيت سان مقبري
واري مڪتب ۾ رکيو ويو هو:
”....جتي بنده (ڊاڪٽر صاحب) به ساڻس گڏ روزانو ٽکڙ مان پنڌ ڪري
ويندو هو، ۽ وري شام جو موٽي ايندا هئاسين.“ ([5])
۽ ان ۾ شڪ ناهي ته ڊاڪٽر صاحب کي فارسيءَ جو پهريون سبق به
”بسمل“ ڏنو هوندو. اهڙو ئي فارسيءَ جو ابتدائي سبق
”بسمل“ مون کي به ڏنو هو ۽ مڪتب توڙي گهٽين ۾ جتي
به ملندو هو، سبق پڇندو هو.
خود ڀائو قاضيءَ جي خاندان ۾ ”سعيد“ ٽکڙائيءَ جهڙو لاثاني شاعر
موجود هو، جيڪو پرائمري اسڪول ۾ سندس استاد به
رهيو هو ۽ پنهنجي دؤر جو وڏو هڪ شاعر هو. ناني
حافظ شاهه جي اوطاق، چاچي الله بخش شاهه (ڊاڪٽر
صاحب جي پيءُ) جي سنڀال هيٺ رهي ۽ اتي اهو ئي منڊل
متل رهيو ۽ ان جي ثقافتي مرڪز واري حيثيت برقرار
رهي. ڊاڪٽر صاحب جي دل ۾ علم ادب جي چاهه جي پهرين
چڻنگ به اهڙين ئي ڪچهرين ۾ ڌڳي، جيئن پاڻ ”تذڪره
شعراء ٽکڙ“ جي انتساب ۾ لکيو اٿئين:
”جن جي (سندس والد) وقت بوقت ادبي ۽ علمي ڪچهرين مون ۾ سنڌي علم
ادب لاءِ محبت ۽ ادبي ميدان ۾ قدم رکڻ لاءِ اشتياق
پيدا ڪيو.“
()
تذڪره شعراءِ ٽکڙ ص ص 16، 17.
()
تذڪره
شعراء ٽکڙ ص ص 9، 10.
()
تذڪره شعراء ٽکڙ ص 142.
|