سيڪشن؛ رسالا

مهراڻ 1973ع (3)

 

صفحو :8

 

à ماٺيڻو اوٺو

 

مان پورهيت آهيان!

مون هر دور ۾

سڀ سور سٺا،

منهنجون ست پيڙهيون،

ڏاڍ سهندي سهندي،

جلادن سان وڙهندي وڙهندي

صديون گذري وييون!

ڪاش!

منهنجا ايندڙ نسل به،

نئين صبح لاءِ،

دنيا جي مظلومن لاءِ،

پاڻ پچائي، آمر ٿين،

ابد تائين آمر رهن.

منصور هر دؤر ۾،

ڦاسيءَ چڙهيو آهي،

۽ جسين ظلم آهي،

منصور ڦاسيءَ تي.

مرڪندو ۽ لٽڪندو رهندو،

اي دنيا ڀر جا قافلو!

اي جلادو!

جڏهن،

دنيا منصور ٿيندي،

تڏهن،

توهان کي ڦاسيءَ تي،

روئڻو ۽ ڦٿڪڻو پوندو.


 

حمد ۽ نعت

à ”سليم“ هالائي

حَمدِ ربّي

 

هَر شئي ۾ تون ئي تون جي صدا،

 

سُبحان الله سُبحان الله،

هَرهنڌ تون آهين جلوه نُما،

 

سُبحان الله سُبحان الله.

ڪِٿ عاشق ڪِٿ معشوق آهين،

 

ڪِٿ تڙپين ۽ ڪِٿ تڙپائين،

ڪِٿ پاڻ رقيب ٿو بنجين مِٺا،

 

سُبحان الله سُبحان الله.

هَر گُلَ جو فسانو تون آهين،

 

بُلبل جو ترانو تون آهين،

تون آهين شبنم بادِ صَبا،

 

سُبحان الله سُبحان الله.

تسليم وَ رضا سان جيڪي رهن،

 

تَن تي تُنهنجا احسان ٿين،

تون بخش ’سليم‘ جي سڀڪا خطا،

 

سُبحان الله سُبحان الله،

 

 

à عنايت بلوچ

حَمدِ خُدا

 

هر شام ۽ سحر ۾،لمحي گهڙي پهر ۾،

گُلشن ۽ بحر و بر ۾، واري، پڌر، پٿر ۾،

 

سمنڊ ۽ ندي نهر ۾، اونهي عميق جَرَ ۾،

دريا جي هر لهر ۾، آهين عيان خدايا!

 

هر ڳوٺ هر شهر ۾، هر جاءِ جهنگ جهرَ ۾،

هر هڪ مڙهي مندر ۾،مسجد مڪان گهر ۾،

هر گهر جي ڇِت ڇپر ۾، ڇِت جي پڃر پتر ۾،

ديوار ۾ ۽ دَرَ ۾، تون ئي نهان خدايا!

 

جَوَ ڪڻڪ ۽ جوئر ۾، ڌاڻي چڻي مٽر ۾،

ساري پلال سَرَ ۾، گُلَ گاهه ڊڀ ڇٻر ۾،

 

برگ و شجر ثمر ۾،ٻج ٻُورَ ۾ ۽ ڦَرَ ۾،

هرسُو اچين نظر ۾، جلوه فشان خدايا!

 

هر لفظ هر اکر ۾، هر سوچ ۽ هنر ۾،

هر نظم خوب تر ۾، هر زير ۽ زبر ۾،

 

پرچار ۽ پَچر ۾، هر ڳالهه هر خبر ۾،

توصيف سربسر ۾، وردِ زُبان خدايا!

 

جِنّ و ملڪ بَشر ۾، محدود، بيشتر ۾،

ڪمزور ۽ سَٻَرَ ۾، تون موجزن جگر ۾،

 

هر فرد جي اندر ۾، بدڪار جي به ڀر ۾،

تنهنجو نِٺر نڌر ۾، آ آشيان خدايا!

 

ڪونجن سندي وَلر ۾، هرهڪ پکيءَ جي پر ۾،

هر جيت جانور ۾،جُگنو ۾ ۽ مَڇرَ ۾،

 

تون شير ۽ شَڪر ۾، يڪ وقت دربدر ۾،

ساٿي سفر حضر ۾، هر فرد سان خدايا!

 

هر لعل هر گهر ۾، هر شمس هر قَمر ۾،

هر نور مستتر ۾، پِنهان ۽ مشتهر ۾،

هر نار ۾ ۽ نَرَ ۾، بدخُو ۽ خوبتر ۾،

هر جنس منتشر ۾، تون مهربان خدايا!

 

اُميد جي اثر ۾، رحمت سندي ڪَڪَر ۾،

آهين قريب بَر ۾، هر گام هر سفر ۾،

 

مونس آهين قبر ۾، فردوس ۽ سقر ۾،

خوشنود خيرو شر ۾، تون هر زمان خدايا!

 

گمنام نامور ۾، دانا ۽ بيخبر ۾،

جاهل ۽ هوشور ۾، شاعر ۽ باخبر ۾،

 

اولهه، ڏکڻ، اُتر ۾، ڏک سک ڏُڪر سڪر ۾،

الفاظ مختصر ۾، ٻيو ڇا چوان خدايا!

ڪهڙو ڪري ’عنايت‘، تنهنجو بيان خدايا!

 


 

à ”سليم“ هالائي

 

نعت شريف

 

السلام اي معرفت جي آسمان جا آفتاب،

السلام اي نورِ حَق، محبوب رَباني جناب.

 

ٿي خُدا جي دين جي تڪميل توسان السلام،

ختم ٿي توتي رسالت،ختم ٿيو توتي ڪتاب.

 

هر گهڙي هرجا وَسي ٿو تنهنجي رحمت جو ڪڪَرُ،

رحمت اللعالمين جو توتي سونهي ٿو خطاب،

 

تُنهنجي آمد سان صنم خانا خُدا جا گهر بڻيا،

تُنهنجي آئي جابجا عالم ۾ آيو انقلاب.

 

تُنهنجي احسانن کان انسانذات آهي سرنگون،

ناهه ممڪن جو ڪري ڪوئي سگهي تَن جو حساب.

 

رَشڪ ٿيو موسيٰ کي تُنهنجي آُمتين مان ٿي اُٿي،

تُنهنجي اُمت جو ڪيو الله ڪيڏو عزّو آب.

 

خود زُليخا حُسن يوسف ڏي نهاري ڪر ها،

جيڪڏهن تنهنجي کان ٿئي ها فيضياب.

 

ڇو نه مخلوقِ دوعالم موڪلي توتي دُرود،

موڪلي ٿو خود خُدا توتي صلواتون بيحساب.

المدد اي غمزده اُمت جا مونس غمگسار،

آهه بي تسڪين ۽ غمگين دل پُر اضطراب.

 

تون اگر چاهين ته قطره بحر بي پايان ڪَرين،

تون اگر چاهين ته ذرّه کي بنائين آفتاب.

 

تُنهنجي دروازي تي اڄ جهولي جَهلي آهي ’سليم‘،

پنهنجي گنجِ فيض مان بهرو ڏي اُن کي بيحساب.

 

ٿي وڃي قسمت سندم جلدي ديارِ پاڪ ڏي،

يا خداوند دو عالم! ڪر دُعا هي مُستجاب.


 

غزل

 

à ”آغا“ عبدالنبي خان (عليگ)

 

ويا گذري زمانا، جي هئا يارن جي ياريءَ جا،

بچا باقي ڪي لمحا هِن اسان لئي اشڪباريءَ جا.

 

محبت ناهه سهڻن ۾، سچائي نا رهي ڪاٿي،

عشاقن لاءِ بس هاڻي رڳا هِن دؤر خواريءَ جا.

 

هو محوِ خواب هُت آهي،فراموشيءَ جي عالم ۾،

رهن ٿا رات ڀَر چرچا ته هِت اختر شماريءَ جا.

 

نگاهون نازور سهڻيون،ادائون دلفريبيءَ جون،

بنيا سڀ سربسر سامان،دلين جي بيقراريءَ جا.

 

رکيون ٿم راه ۾ اکيون،رهان ٿو منتظر هردم،

خدا ڄاڻي ڪڏهن کُٽَندا،اهي ڏينهن انتظاريءَ جا.

 

دلِ شيدا، شبِ فرقت ۽ حالِ زار، اي ”آغا“،

بنا اسباب سڀ گڏجي غمِ دل، آه و زاريءَ جا.

 


 

à ”سليم“ سرهندي

 

مُرڪڻ جي وڃڻ ويل عنايت نه ڪرين ها،

هيءَ زندگي مون لاءِ مصيبت نه ڪرين ها.

 

اي رب، تنهنجا شڪر، حسينن کي تو خلقيو،

پر تِن جي حوالي منهنجي قسمت نه ڪرين ها.

 

دشمن ٿي خدائي سڄي ڏس اي دل نادان،

الله سان سهڻن جي شڪايت نه ڪرين ها.

 

ڏس لڙڪ اچي ويا تنهنجي معصوم اکين ۾،

مون کان منهنجي معلوم حقيقت نه ڪرين ها.

 

مشڪل هو جيئڻ هاڻي مرڻ ڀي ٿيو مشڪل،

تڪليف اچڻ جي ذري ساعت نه ڪرين ها.

 

هي ڪوس، هي انڌير نه عالم ۾ ٿين ها،

اکڙين ۾ جي سُرمي جي شرارت نه ڪرين ها.

 

پاسو وٺي اکڙين جو پئي لوڙين ائين دل،

ظالم جي اي بدبخت حمايت نه ڪرين ها.

 

اهڙي جي ’سليم‘ آهي توکي جان پياري،

سائين منهنجا! سهڻن سان محبت نه ڪرين ها.

 


 

 شيخ عبدالرزاق ”راز“

 

هيءَ عمر ته آهي چار گهڙيون، ڇو پنهنجو ڀرم ڀوريون ٿا الا!

ماڻهن جي اڳيان لڄ ۾ ٿا مرون،ڪو حال جڏهن اوريون ٿا الا!

 

ڪي ڀال ڀلارا يارن جا، ڪجهه سور زماني وارن جا،

ڇا حال پڇين ويچارن جا،جند جيءُ جگر جهوريون ٿا الا!

 

ڪيڏانهن ٿا هلون ڪنهن کان نه پڇون،هر رات پريشان حال رهون،

ٿا رات سڄي هر واٽ رلون، چنگ چاهه منجهان چوريون ٿا الا!

 

ڪنهن تار منڊل جي تند وڳي،جيئن جوءِ ۾ ڪو ٻيجل پهتو،

ڄڻ روح ۾ سُر جي تار لڳي،سو ساهه ائين گهوريون ٿا الا!

 

اڄ رات انڌيري اوندهه آهه،جند جان تڏهن ٿي گهٻرائي،

شايد ڪا سڀاڻي باک ڦٽي،وٽ تيل ڏيئي سوريون ٿا الا!

 

ڪو راز نئون، ڪو ساز نئون،انداز نئون افساني جو،

هر ڪنهن کي ٻڌي سڀڪنهن کي ڏسي،هر ڪنهن کي ائين توريون ٿا الا!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com