پاڪستان هسٽري ڪانفرنس جي موقعي تي آقاي علي اڪبر جعفري
ڊئريڪٽر، ايران – پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پرشن
اِسٽڊيز اسلام آباد جو پڙهيل مقالو.
-
”پاڪستان ۾ فارسيءَ جي تعليم“ -
ڪن پاڪستاني عالمن جو خيال آهي ته جڏهن مٿي اتر ۾
خراسان ۾ فارسي شاعريءَ جو ابو رودڪي (وفات 940ع)
ستار تي پنهنجا محبت ڀريا غزل ڳائيندو هو، تڏهن
هيٺ ڏکڻ ۾ بلوچستان ۾ هڪ عرب امير جي ڌيءُ رابعه
به فارسيءَ ۾ جذباتي شاعري شروع ڪئي هئي. ڪي
دانشور ته وري هڪ قدم اڳتي وڌي چون ٿا ته اهي
اڪامينين (323 – 550 ق – م) ئي هئا، جن پاڪستان ۾
فارسيءَ جو ٻوٽو لڳايو. ان کان پوءِ پارٿين ۽ ساڪ،
ڪُشن ۽ ساسانين (200 ق – م کان وٺي 641ع) انهيءَ
ٻوٽي کي پاڻي ڏنو ۽ ان کي وڌندو ويجهندو ڏٺو.
بهرحال سمورا، ان ڳالهه تي متفق آهن ته اهي مسلمان
ئي هئا، جن ان ٻوٽي کي وڌائي هڪ وڏو شاندار وڻ
بنايو، جنهن جي ڇانو ۾ دانشور ويهي بُرسا، بَصري،
بُخارا ۽ بنگال جي وچ ۾ فارسيءَ جي دنيا جي شاعرن
۽ اديبن کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
فارسيءَ جي عظيم ترين سرپرست عظيم مغل خاندان جي زوال
سان گڏ فارسيءَ جي انهيءَ عظيم الشان وڻ به خزان
جا ڏينهن ڏٺا. باوجود ايڏي زوال جي فارسيءَ جو اهو
وڻ اڃا تائين بيٺو آهي، جيتوڻيڪ اُن وڻ جا پن گهڻا
ڇڻي ويا آهن، پر تڏهن به اُهو اڃا لُڏيو ڪونهي.
جيتوڻيڪ فارسي زبان ڏيڍ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تائين
سرڪاري زبان نه رهي سگهي، پر تڏهن به پڙهيل طبقي ۾
اها اڃا موجود آهي ۽ ان سان سڀ محبت ڪن ٿا. فارسي
هزارن ماڻهن جي مادري زبان آهي ۽ لکين ماڻهو
پنهنجين مادري زبانن کي خوبصورت بنائڻ ۽ شاهوڪار
ڪرڻ جي لاءِ فارسيءَ جا الفاظ ڪم آڻين ٿا. هن وقت
به فارسي زبان پراڻن مدرسن ۽ نَون تعليمي ادارن،
ٻنهي ۾ باقاعدي پڙهائي وڃي ٿي. هن وقت به خاص هنڌن
تي فارسيءَ جا ڪتبا لڳائڻ پسند ڪيا وڃن ٿا.
دانشور ۽ علاما فارسيءَ جي قديم يادگارن ۾ ئي
ثقافت ۽ فن جي هزار ساله دؤر لاءِ تحقيقات ڪن ٿا.
ڪيترا ته پنهنجا مضمون ۽ رسالا به ان زبان ۾ لکن
ٿا. ڏيڍ سؤ کان وڌيڪ اهڙا زنده شاعر موجود آهن، جن
جا فارسيءَ ۾ پنهنجا ديوان آهن. انهيءَ کانسواءِ
اردو ۽ پاڪستان جون ٻيون سموريون زبانون فارسيءَ
جي لفظن سان پاڻ کي شاهوڪار بنائي رهيون آهن.
انهن ابتدائي جملن کان پوءِ آءٌ وري پنهنجي اصلي موضوع
تي اچان ٿو، جيڪو آهي: ”پاڪستان ۾ فارسيءَ جي
تعليم“
اسان سڀني کي خبر آهي ته پاڪستان چوٿائي صدي اڳ وجود ۾
آيو آهي. بدقسمتيءَ سان نئين ملڪ کي ڪيترين ئي
مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پيو، جن ۾ خوني فرقيوارانه
فساد، وڏي پيماني تي هندستاني مسلمانن جي لڏپلاڻ ۽
اقتصادي گهوٽالا شامل آهن. انهن مصيبتن مان پار
پوڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ورتي ويئي، ليڪن ساڳئي وقت
شاهوڪار ثقافتي ورثي کي به نظرانداز نه ڪيو ويو.
ان جي
حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ ڪيترا فرد ۽ انجمنون ميدان ۾
آيا. ڪي انجمنون ته پنهنجا خاص مقصد کڻي قائم
ٿيون، جن مان ڪن جو مقصد ڪنهن خاص علاقائي ادب يا
ڪنهن قومي مفڪر جي خدمت ڪرڻ هو. پر جيئن ته اصلي
خزانو فارسي زبان ۾ هو، انهيءَ ڪري ساڳئي وقت
فارسي زبان جي به خدمت ٿيندي رهي. مثال طور، سنڌي
ادبي بورڊ، سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت لاءِ قائم ٿيو
آهي، پر اُن پڻ هيستائين سنڌي روايتن کي نمايان
ڪرڻ لاءِ فارسي زبان ۾ 27 وڏا ڪتاب شايع ڪيا آهن.
اسان هيٺ انهن ادارن جا نالا ڏيون ٿا، جن ٻين
ڪتابن سان گڏ فارسي زبان ۾ به ڪتاب ڇپايا آهن.
انهن مان ڪن جو ته پاڪستان جي يونيورسٽين سان پڻ
لاڳاپو آهي.
انجمن ترقي اردو، ڪراچي.
انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ۽ ويسٽ ايشين اسٽڊيز، ڪراچي.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، حيدرآباد.
اقبال اڪيڊمي، ڪراچي.
مجلس ترقي ادب، لاهور.
پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي، ڪراچي.
پنجابي ادبي اڪيڊمي، لاهور.
پنجاب يونيورسٽي اورنٽل پبليڪيشن، لاهور.
ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، لاهور.
شاه ولي الله اڪيڊمي، حيدرآباد.
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.
مٿينءَ فهرست ۾ اهي خانگي ۽ تجارتي ناشر شامل نه آهن،
جيڪي گڏجي فارسي رسالن ۽ ڪتابن جي ڇپائيءَ ۾ حصو
وٺن ٿا. انهيءَ فهرست ۾ اردو ۽ انگريزيءَ جا ترجما
۽ تحقيقاتي مطبوعات شامل ڪونهن، جن جو بنياد فارسي
متن تي آهي.
از انسواءِ پاڪستان ۾ ادبي سوسائٽين ۽ تحقيقاتي حلقن
پاڻ ۾ ٻه دفعا گڏجي فارسيءَ ۾ فارسيءَ بابت پنهنجا
ڪتاب شايع ڪيا آهن. آڪٽوبر 1967ع ۾ ايران جي
شهنشاهه آريه مهر جي تاجپوشيءَ جي جشن دؤران
پاڪستان ۾ ستاويهه ڪتاب شايع ٿيا ۽ وري آڪٽوبر
1971ع ۾ ايراني سلطنت، جنهن جو پايو عظيم سائرس
وڌو هو، تنهن جي اڍائي هزار ساله جشن جي موقعي تي
پڻ پندرهن ڪتاب شايع ڪيا ويا هئا.
هن وقت پاڪستان ۾ هڪ سؤ کان وڌيڪ اهڙا دانشور ۽ عالم
موجود آهن، جن جا يا ته فارسي زبان ۾ پنهنجا ڪتاب
لکيل آهن يا فارسيءَ مان انهن جا خيال وٺي اردو ۽
انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيا اٿن يا انهن پنهنجن
تحقيقاتي ڪتابن جو بنياد فارسي ادب تي رکيو آهي.
ساڳئي وقت نوجوان ذهن، جن گهڻي ڀاڱي ايراني
يونيورسٽيءَ مان فارسيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ حاصل ڪئي آهي،
سي پڻ انجمن ۾ شامل ٿي رهيا آهن، جنهن مان فارسي
زبان جي تعليم جا وڌيڪ روشن امڪان نظر اچن ٿا. مون
هن مختصر رپورٽ ۾ انهن جا نالا ڪونه ڏنا آهن، پر
فارسيءَ جي شايع ٿيل ڪتابن جي فهرستن کي ڏسڻ سان
معلوم ٿيندو ته اُهي ڪير ڪير آهن.
بهرحال، فارسي زبان جو ٻوٽو اڪامينين يا مسلمانن لڳايو،
اهو ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط
بنائڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾
ٻيا به ڳانڍاپا آهن. مثال طور مذهب، نسل، تاريخ،
جاگرافي ۽ ٻيا ڪيترائي، جن مان ڪي ته تاريخ کان اڳ
واري دؤر جا آهن. فارسي زبان جي ذريعي ايران ۽
پاڪستان جون بهترين شيون، نثر ۽ نظم ۾ مختلف
موضوعن تي لکيون ويون آهن، جن ۾ انتظامي معالن کان
وٺي علم حيوانات تائين ۽ ڪاغذ کان وٺي ڪاشيءَ جي
سِرُن تائين، جن تي نهايت خوبصورت خوشخطي موجود
آهي. لهذا فارسي، ايران ۽ پاڪستان جي ساڳئي ثقافتي
ورثي جي زنده زبان آهي.
مغل سلطنت جي زوال انهن لاڳاپن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو،
مگر دنيا جي نقشي تي پاڪستان جي اُڀرڻ سان وري
ٻيئي ملڪ هڪٻئي جي ويجهو ٿي ويا آهن.
ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ اقتصادي معاملن
۾ روز بروز وڌندڙ تعاون سان ثقافتي ميدان ۾ نمايان
حد تائين رابطو قائم ٿيو آهي.
انهيءَ ڪري اها قدرتي ڳالهه هئي جو ايران ۽ پاڪستان ۾
ڪن عالمن، دانشورن ۽ ادارن هڪ ئي وقت تي اها ضرورت
محسوس ڪئي ته هو گڏجي فارسيءَ جي تعليم کي زور
وٺائين. انهيءَ سلسلي ۾ مختلف طريقن سان تجويزون
پيش ڪيون ويون، جن مان ڪي زباني، ڪي لکت ۾، ڪي
باقاعدي ۽ ڪي بيقاعدي هيون. آخرڪار، 4 – نومبر
1969ع ۾ پاڪستان جي صدر جي ايران جي دوري جي
پڄاڻيءَ تي ٻنهي ملڪن جي سربراهن، جيڪو گڏيل اعلان
جاري ڪيو، تنهن ۾ اهڙي هڪ اداري قائم ڪرڻ جي ضرورت
محسوس ڪئي ويئي.
ايران جي ثقافت ۽ فن واري وزارت ۽ پاڪستان جي تعليم ۽
سائنسي تحقيقات واري وزارت، جنهن کي هاڻي تعليم ۽
صوبائي رابطي جي وزارت سڏيو وڃي ٿو، تنهن جي ذمي
ان رٿا کي عمل ۾ آڻڻ جو ڪم حوالي ڪيو ويو. ايران
جي ثقافت ۽ فن واري وزارت تفصيل طئه ڪرڻ لاءِ
پنهنجو هڪ عملدار اسلام آباد موڪليو. هن کي اداري
جو پهريون ڊئريڪٽر تجويز ڪيو ويو. ذميدار
اختياريءَ وارن جنهن نيڪ نيتيءَ ۽ تعاون جو اظهار
ڪيو، سو انهيءَ حد تائين هو جو جيئن ئي رٿا جو
خاڪو تيار ٿيو تئن ئي اُن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ هڪدم
ابتدائي قدم کنيا ويا. اداري جي مرڪزي آفيس
راولپنڊيءَ ۾ کولي ويئي ۽ اُن بنان ديرمدار جي ڪم
شروع ڪري ڏنو.
23 – آڪٽوبر 1971ع تي ايران ۽ پاڪستان جي
حڪومتن، پاڪستان ۾ فارسيءَ جي تعليم جو ايران –
پاڪسان ادارو قائم ڪرڻ جي باري ۾ هڪ ٺاهه تي
صحيحون ڪيون. ان ٺاهه موجب اداري جي جوڙجڪ جي
منظوري ڏني ويئي. اهڙيءَ ريت اِهو ادارو قائم ٿي
ويو.
راولپنڊيءَ جي مرڪزي آفيس ۾ هڪ ڪتبخانو، مائڪرو فلمن
تيار ڪرڻ لاءِ اسٽوڊيو ۽ دوري تي ايندڙ عالمن ۽
دانشورن لاءِ هڪ مهمانخانو آهي. ڪتبخاني جو نالو
حضرت ابوالحسن علي ابن عثمان ابن جُلابي هجويري
غزنوي لاهوري ’داتا گنج بخش‘ جي ياد ۾ ”گنج بخش
لئبرري“ رکيو ويو آهي. حضرت داتا گنج بخش پاڪستان
جو پهريون فارسي اديب ۽ مشهور صوفي بزرگ هو.
ڪتبخاني ۾ 20 – مارچ 1973ع تي 3277 قلمي نسخا،
6473 ڇپيل ڪتاب ۽ 78 ڪتابن جون مائڪرو فلمون هيون.
لئبررين به ايران جي ثقافت ۽ فن واري وزارت طرفان
موڪليو ويو آهي، جيڪو قلمي نسخن تي مهارت رکي ٿو.
اداري پنهنجي پروگرام جي ابتدا قلمي نسخن، خاص ڪري
پاڪستان ۾ فارسيءَ جي مسودن جي هڪ تفصيلي ڪيٽالاگ
تيار ڪرڻ سان ڪئي. ان ڪيٽالاگ تيار ڪرڻ جو مقصد هي
آهي ته ملڪ ۾ جيڪي ادبي خزانا آهن، تن بابت
معلومات حاصل ڪئي وڃي ۽ اهو به معلوم ڪيو وڃي ته
اُهي ڪٿي آهن. ان جي ڪري تحقيقات جي ڪم ۾ وڏي هٿي
ملندي. مختلف شهرن مان دانشورن ۽ عالمن جي چونڊ
ڪئي ويئي آهي ۽ انهن کي مرڪز ۾ مختصر تربيت ڏيئي
هي ڪم سندن حوالي ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجن پنهنجن
ڌار ڌار شهرن ۾ قلمي نسخن جون فهرستون تيار ڪن.
اُهي هاڻي پشاور، راولپنڊي، گجرات، لاهور، ملتان،
بهاولپور، ڪوئيٽا، حيدرآباد ۽ ڪراچي جي خانگي،
قومي ۽ سرڪاري لائبررين ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. ٻين
شهرن ۾ ڪي وڌيڪ عالم ڪم شروع ڪرڻ وارا آهن. اهو هڪ
تمام ڏکيو ڪم آهي، ڇاڪاڻ جو ڪيترا شخص اهڙا آهن،
جيڪي پنهنجون لائبرريون ڏيکارڻ لاءِ تيار ڪونهن.
ڊئريڪٽر ۽ لئبررين کي هڪ شهر جي انهن ماڻهن کي
هيءَ ڳالهه مڃرائڻ ۾ هڪ سال لڳو ته هو پنهنجن
ڪتابن جون فهرستون تيار ڪرائين. 20 – مارچ 1973ع
تي 5255 قلمي نسخن جي فهرست تيار ڪئي ويئي.
اداري پنهنجي فهرست ۽ ڪتابن جي درجي بنديءَ جي طريقي
بابت ”گنج بخش لائبرريءَ جي قلمي نسخن جو ڪيٽالاگ“
جي نالي سان پهريون ڪتاب شايع ڪيو آهي. ان خواجه
ثناءَ الله خراباتيءَ جي قلمي نسخن جو به ڪيٽالاگ
ڇپايو آهي. هن واحد مصنف جا ٻاونجاهه نادر نسخا
آهن. انهيءَ ڪيٽالاگ شايع ڪرڻ جو هي مقصد آهي ته
پاڪستان ۾ انهن ناياب ادبي تصنيفن تي روشني وڌي
وڃي، جن جي ڪن ماڻهن کي ٿوري يا تمام گهٽ ڄاڻ آهي
۽ جن مان ڪي شايد تباهه ٿي وڃڻ جهڙا هجن. اهي ٻيئي
ڪتاب لائبررين جناب محمد حسين تسبيحيءَ جا تيار
ڪيل آهن. اداري جي ڊائريڪٽر ۽ لائبررين ملڪ جي
مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پنجاهه کان وڌيڪ لائبرريون
ڏٺيون آهن ۽ سندن مالڪن ۽ سنڀاليندڙن سان ڳالهيون
ڪري آئنده تعاون جي لاءِ رستو هموار ڪيو اٿن.
تحقيقات جي ميدان ۾ اداري چئن سالن جي هڪ رٿا تيار ڪئي
آهي، جنهن موجب مختلف موضوعن تي اٽڪل چاليهه ڪتاب
شايع ڪيا ويندا. ادارو ساڳئي وقت ڪيترن ئي ثقافتي
ادارن سان لهه وچڙ ۾ آهي ته جيئن موجوده وسائل کي
يڪجا ڪري ڪم جي ٻيڻي محنت کان پاسو ڪيو وڃي.
هڪ ادبي رسالي نالي ”فارسي“ شايع ڪرڻ جون رٿون به تيار
آهن، جنهن جا فارسي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڇاپا
نڪرندا. فارسي رسالي ۾ پاڪستان جي شاهوڪار ثقافتي
ورثي جي مختلف رُخن تي تحقيقاتي مضمون ۽ پاڙيسري
ملڪن سان پاڪستان جي ثقافت جي لاڳاپن جي باري ۾
مقالا هوندا.
فارسي زبان ۽ ادب جي واڌاري لاءِ اداري اسلام آباد
يونيورسٽيءَ جي جديد زبانن جي قومي اداري جي فارسي
زبان ۾ ايم . اي جي نصاب تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي،
۽ ساڳئي وقت اُن اسلام آباد يونيورسٽيءَ جي
ايراضيءَ جي مطالعي ۽ فارسي جي ڪلاسن کي هلائڻ ۾
به مدد ڪئي آهي.
فارسي تعليم واري ايران – پاڪستان اداري پنهنجو ڪم
ايران جي ثقافت ۽ فن واري وزارت ۽ پاڪستان جي
تعليم ۽ صوبائي رابطي واري وزارت جي مدد سان شروع
ڪيو آهي. ادارو ترقيءَ ڏانهن گامزن آهي، پر جڏهن
ته اهو نئون قائم ڪيل آهي، انهيءَ ڪري اُن کي اڳتي
هلي ڏاڍيون فني دقتون درپيش اچي سگهن ٿيون،
تنهنڪري ان کي راهنمائيءَ ۽ مدد جي ضرورت آهي.
اداري جي واڌاري لاءِ جيڪي به صلاحون، مضمون، قلمي
نسخا، ڇپيل ڪتاب، مائڪرو فلمون ۽ ٻي هر قسم جي مدد
ڪئي ويندي، تنهن جي مرحبا ڪئي ويندي. پاڪستان جي
اهل علم طبقي کي عام ثقافتي ورثي جي جامع مطالعي
جي لاءِ فارسي زبان جي تعليم ۾ مدد ڪرڻ گهرجي.
(ضميمو الف)
ايران – پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پرشن اسٽڊيز جو اشاعتي پروگرام
1971 – 1975ع
الف- تاليفات:
آثار تاريخي پاکستان، چهار جلد، علي اکبر جعفري.
تاريخ روابط پزشکي ايران و پاکستان، حکيم نير واسطي.
دو تقويم از يک سال و دريک شهر، علي اکبر جعفري.
داستانسراءِ فارسي در شبہ قارهء پاکستان و هند در دورهء
شاهنشاهان تيموري، تاليف دکتر طاهره صديقي.
سنديان در ايران، علي اکبر جعفري.
شاعران پارسيگوي معاصر پاکستان، تاليف دکتر سيد سبط حسن رضوي.
شرح احوال و آثار شيخ بهاء الدين زکريا ملتاني سهروردي با تصحيح
”خلاصہ العارفين“ دکتر شميم ناصر زيدي.
شعر و شاعري فارسي در بلوچستان، تاليف دکتر محمد انعام الحق
کوثر.
فرهنگ (فارسي – اردو – انگليس)، تاليف دکتر سيد علي رضا نقوي.
فهرست نسخہ هاي خطي ثنا الله خراباتي (شامل 52 نسخہ خطي بہ خط
مولف است)، تاليف محمد حسين تسبيحي.
فهرست نسخہ هاي خطي فارسي موجود در کتابخانہ هاي لاهور و نظر
انتقادي برپارين از نسخ مزبور، تاليف دکتر خالده
صديق.
فهرست نسخہ هاي خطي کتابخانہء احمد حسين احمد قلعہ داري گجراتي
تاليف پرفسور احمد حسين احمد قلعہ داري.
فهرست نسخہ هاي خطي ريکارد آفيس (ادارهء بايگاني) پيشاور، تاليف
سيد حسين مجتبيٰ رضوي.
فهرست نسخہ هاي خطي کتابخانہ گنج بخش، مرکز تحقيقات فارسي ايران
و پاڪستان، جلد يکم، تاليف محمد حسين تسبيحي.
فهرست نسخہ هاي خطي کتابخانہ گنج بخش، مرکز تحقيقات فارسي ايران
و پاڪستان، جلد دوم، تاليف محمد حسين تسبيحي.
فهرست نسخہ هاي خطي کتابخانہ هاي خصوصي و دولتي استان بلوچستان،
تاليف دکتر محمد انعام الحق کوثر.
فهرست نسخہ هاي کتابخانہ هاي ملتان تاليف دکتر زبيده صديقي.
فهرست نسخہ هاي خطي کتابخانہ ”پشتو اکادمي“ پيشاور، تاليف رضا
همداني.
فهرست نسخہ هاي خطي کتابخانه مرکزي پيشاور، تاليف پرفسور سيد
امتياز حسين.
فهرست نسخہ ها خطي کتابخانہ دکتر خواجه محمد سليم (پيشاور)،
تاليف سيد مير سجاد حسين کاظمي.
فهرست نسخہ هاي خطي دانشکدهء اسلاميہ دانشگاه پيشاور، تاليف
پرفسور سيد امتياز حسين، سيد سعيد الله و محمد
اسرائيل کان الله.
فهرست نسخہ هي خطي گنجينہء پير سند (استاد سيد پير حسام الدين
راشدي) تاليف دکتر روشن آرا بيگم.
فهرست نسخہ هاي خطي نادر پاکستان.
کتاب هاي تصوف بہ زبان فارسي در پاکستان و هند
تاليف دکتر ممتاز بيگم چودهري.
هنر خطاطي و فن کتابت و جلد سازي در پاکستان تاليف پرفسور احمد
حسين احمد قلعہ داري گجراتي.
ب – متون:
تاريخ مظفري، تاريخ هند در زمان نادر شاه.
تحفة الکرام، مير علي شير قانع تتوي، بہ خط مؤلف.
تذکره مجمع الفضلاءِ، درباره 2025 شاعر فارسي گو، نسخہ منحصر بہ
فرد.
تصحيح ترجمہ فارسي راج ترنگيني، دکتر احمد الدين صابر.
ثمراة القدس من شجراة الانس، در شرح احوال مشايخ و علماي دوره
شاهجهان، تاليف لعل بيگ، نسخہ منحصر بہ فرد.
جواهر الاولياء تاليف سيد محمد باقر بخاري بہ تصحيح و تحشيہ و
تعليق دکتر غلام سرور.
جواهر العلوم همايوني تاليف محمد فاضل مسکيني سمرقندي بہ تصحيح
محمد حسين تسبيحي.
ديوان سيف الدين اسفرنگي و شرح احوال و آثار اوبہ تصحيح و مقدمہ
دکتر زبيده صديقي.
ديوان و مثنويات ظفر خان.
ديوان و مثنويات و کليات ملا شاه بد بخش.
عرابض قطب شاهي، درباره شاهان ايران، نسخہ منحصر بہ فرد.
مثنوي مهر و ماه جمالي دهلوي بہ تصحيح و تعليق سيد حسام الدين
راشدي.
مجالس المؤمنين، در شرح احوال علماء و عرفاي شيعہ، تاليف نور
الله شوشتري، بہ خط مولف.
مراة الخيال، تذکره شعراء و عرفاء، تاليف شير خان لودهي. |