سيڪشن؛ رسالا

مهراڻ 1973ع (3)

 

صفحو :2

 

گيت

 

(پيار جو اوتار)

 

من جا ڇيڙي تار، او يار

ڳايان ٿو مان گيت.

اکر اکر ۾ پيار، او يار،

ڳايان ٿو مان گيت.

سَوَن ورهين جي پوڄا بدلي،

سرڳ ڇڏي، مون ڌرتي ورتي؛

ڌرتي منهنجو ڌن آ، من آ،

ڌرتي منهنجي آهي سر تي:

پيار جو مان اوتار، او يار

منهنجو مذهب، پريت.

پريت آهي مينهن – ڦُڙين وانگي،

ڌوئي ڇڏن ٿيون جي پن پن کي؛

پريت اُها آ آگ راڳ جي،

جرڪائي ٿي جا تَن مَن کي:

پريت آ سانت –ستار او، يار

پريتِ، سُر سنگيت.

آيو آهيان قدم قدم تي،

پريت جا گيت ٻُڌائڻ لئه مان؛

دليون ڌار ڪندڙ نفرت جو،

جڳ مان نانءُ مِٽائڻ لئه مان:

هر شئي جي آ هار، او يار،

پريت جي آهي جيت.

 

پيار جا ٻول ٻُڌي ماڻهوئڙا،

پاڻ – سڃاڻي، جهومي اُٿندا؛

گونجڻ لڳندا گيت خوشين جا،

رنج، رساما اُڏري ويندا:

 

ٿيندي دُور ڌِڪار، او يار

من من ٿيندو، ميت.

من جا ڇيڙي تار، او يار

ڳايان ٿو مان گيت.

 

 

(جاني جلويدار)

جاني آهي جلويدار،

مُنهڙو هن جو مڻيادار،

اکڙين ۾ ٿو پلجي پيار،

ڀَلو ڀَلو، ڙي، ڀَلو منهنجو يار.

نازڪ هن جي ڪايا آ ڄڻ چانڊوڪيءَ ۾ گُل جهومي،

هلي ته هر هنڌ مستي، دنيا مدهوشيءَ ۾ ڪُل جهومي،

 

اکڙيون هُن جون مينگهه ملهار:

ڀلو، ڀلو، ڙي، ڀلو مُنهنجو يار......

 

جَر جَر جَرڪي جوڀن هن جو، مندر ۾ ڄڻ جوت ٻري،

رات لهي هن جي وارن ۾،منهن منجهان ٿو سج اُڀري،

 

نور ٿيو ڄڻ آ نروار:

ڀلو، ڀلو، ڙي، ڀلو مُنهنجو يار......

 

ماٺ ڪري هو، من ٿئي ماندو، ڳالهائي برسات پوي،

کِلي ته کنوڻيون پڻ شرمائن،روئي ته رڻ ۾ رات پوي،

 

هن جا آهن روپ هزار:

ڀلو، ڀلو، ڙي، ڀلو مُنهنجو يار......

 

مام ڀريو آ هُن جو مُرڪڻ، گوتم کي ڄڻ گيان مليو،

قُرب ڀريو آ ساٿ انهيءَ جو، ميران کي ڀڳوان مليو،

 

پار اُڪاري هُن جو پيار:

ڀلو، ڀلو، ڙي، ڀلو مُنهنجو يار......

 


 

لولي

منهنجا مٺڙا، منهنجا پُٽڙا، منهنجي هينئين جا هار، الا،

جيءَ – جيارا، مَن – اُجيارا، منهنجين اکين جا ٺار، الا،

ديس – دُلارا، جڳ جا پيارا، مَن جا، او منٺار، الا،

منهنجو تون آهين آڌار،

جيجل تنهنجي گولي، او گولي:

لولِي، ڙي لولي.

 

دنيا ڪاري، آ ڀؤ واري، پڳ پڳ تي انڌڪار، الا،

پَل پَل پِيڙا، جهيڙا جهڳڙا، دل دل کان آ ڌار، الا،

آگ ٻري ٿي، ڀاڳ جلي ٿو، ماڻهو آ بيزار، الا،

نفرت جي آ گرم بازار،

هرهنڌ خون جي هولي، او هولي:

لولِي، ڙي لولي.

 

نفرت ماري جڳ ۾ رهجان پيار جو ٿي اوتار، الا،

دوئي دور ڪري دلڙين ۾، تون ڀرجانءِ پيار، الا،

گُل جان خوشبو ڏيئي، واسي ڇڏجان سڀ سنسار، الا،

ڇيڙي ڇڏجان راڳ ملهار،

ڇمڪي ٿي جيئن ڇولِي، او ڇولي:

لولِي، ڙي لولي.

 

ماڻهو سهڻا ۽ مَن مُهڻا، رب جا روپَ هزار، الا،

مهمانن لئي، ڀڳوانن لئي، کولي ڇڏجان دُوار، الا،

اَجهو اُنهن کي ججهو ڏِجان تون، جي آهن لاچار، الا،

ڇيڙي ڇڏجان پيار – ستار،

ٻولي مٺڙي ٻولِي، او ٻولِي:

لولِي، ڙي لولي.

 

جي ڪو توکي لوئي، ڏُکوئي، ڏئي ايذاءُ آزار، الا،

تنهنجي نئڙت کي،محبت کي سمجهي ڪوئي هار، الا،

تنهنجي ٻوليءَ تي لوليءَ تي ڪوئي ڪري جي وار،الا،

قهري تنهن لئه ٿِجان ڪٽار،

يا ٿِجانءِ گولِي، او گولِي:

لولِي، ڙي لولي.

 

پيارن سان، دل وارن سان تون رهجان ٿي دلدار، الا،

ويريَن کي ڪري ڍيري ڇڏجان بڻجي شينهن– اُلار، الا،

اَمن ۾ گُل ٿي رهجان،جنگ ۾ اُٿجان ٿي جهُونجهار،الا،

يارن جو ٿي رهجان يار،

ويريَن جي لئه گولي، او گولي:

لولِي، ڙي لولي.

 

منهنجي ٻولي، پريت جي لولي، آهي دلين جو ٺار، الا،

منهنجو سِنڌوُ، سڀ جو ٻَنڌوُ، پلجي جنهن تي پيار، الا،

منڌوءَ جو ۽ سنڌيءَ جو تون آهين تارڻ – هار، الا،

منهنجي ساهه جا او سينگار،

متان لڄائين لولِي، او لولي:

لولِي، ڙي لولي.

لولِي، ڙي لولي.

لولِي، ڙي لولي.


 

نظم

(ساهه ۽ سُرندو)

 

هي سُرندو به ته ڪيڏو آهي ساز پيارو،

ڀانت ڀانت جي ڄڻڪ سُرن جو سرمنڊل آ،

 

تارن ۾ آ پيار سمايل، سوز سمايل،

گهايل ڪويل وانگي ڄڻ هي ڪوڪ – ڪُٺل آ.

 

سُرندي جي تارن کي جڏهين ڇيڙي راڳي،

سُر سرُ شعلا بڻجي هوا ۾ ائين ٻَرن ٿا،

 

مَن گَهراين ۾ ڄڻ روشن ديپ هزارين،

اُڀ ۾ ڄڻ انڊلٺ جا سهڻا رنگ رچن ٿا.

 

وڄندي وڄندي جو سُرندي جي تار ٽُٽي ٿي،

گُل ڪومائِن، ديپ اُجهامن، گيت مَرن ٿا،

 

سونهن جون جهرمر جهرمر ڪتيون لهي وڃن ٿيون،

پيار - پکيئڙا پَرَ ڦڙڪائي اُڏي وڃن ٿا.

 

راڳ ته ايشور جي هستيءَ جي آهن – سڃاڻپ،

ديپڪ آهي اُن هستيءَ جو رُوپ جلالي،

 

ڪجلي اکڙين وارو، ڪارو، سڀ جو پيارو،

راڳ ملهار آ اُن هستيءَ جو روپ جمالي.

 

ماڻهو پڻ هڪ سُرندو آهي، جنهن کي ڪوئي،

اَڻ – سڃاتل، ازلي راڳي ڇيڙي ويٺو،

 

ساهه – تارن کي تاڻي تائي، تند تپائي،

پڳ پڳ پيار جا گُل گُلابي ٽيڙي ويٺو.

ساهه جي تار وڄي ٿي جيسين، سڀڪجهه آهي،

رنگ به آهي، روپ به آهي، پريت به آهي،

 

اَن به آهي، مان به آ، ايمان به آهي،

پَل پَل هار به آهي پَل پَل جيت به آهي.

 

ساهه جي تار ٽٽي نه آهي، ماڻهو مِٽي،

ٽٽل تار کي ٻيهر جوڙڻ ناممڪن آ،

 

مئل ماڻهو ايئن، سُر بنان ڄڻ سُرندو آهي،

يا ميران جي مَن بنان ڄڻ بندرا بن آ.

 

سُر بنان بيڪار آ سُرندو،

ساهه بنان آ ماڻهو مُردو.

 

(سچ اَمر آ)

 

ڏِس درختن جي ڪنڊائِن ٽارين جي پوئتان،

چنڊ، چاهت جو پيغمبر، ايئن آ اٽڪي پيو؛

ڪوڙ جي پوڄارين ۽ روشنيءَ جي دُشمنن،

عيسيٰ کي ڦاهي تي ڄڻ ٻيهر آ لٽڪائي ڇڏيو.

 

هر طرف نفرت – جَلي دل وانگي، ڪاري ٻاٽ آ،

روشنيءَ جو ڪو ڪٿي ڀي ناهي نالو ۽ نِشان؛

دم انڌيرن ۾ ٿو گُهٽجي ۽ سُجهي ٿي ڪانه راهه،

مُرڪ وَئي ڄڻ موڪلائي، هر طرف آه و فغان.

 

ڏِس، درختن جي ڪنڊائِن ٽارين جي پوئتان،

چنڊ نڪتو آههِ ٻيهر، آب سان ۽ تاب سان؛

سچ ٿيو ڄڻ آ سوڀارو، ڪوڙ ويو اهي مَري،

جاڳي ڄڻ عيسيٰ پيو ٻيهر آ ازلي خواب مان.

 

هر طرف آ روشني ۽ هر طرف آ زندگي،

هر طرف آ سچ جي خوشبو، هَر سُو سچ جي بندگي؛

سچ ڪڏهن ڀي ناههِ مرڻو، سچ لئي سوري سيج آ،

سچ شهيدن جي آ عظمت، سچ ستيءَ جو هيج آ.

 

سچ رهي ڪنڊن جي وچ ۾ مُرڪي اينءَ ٿو مان سان،

وِيرُ ڄڻ گهوڙي چڙهي رڻ ڏي وڃي ٿو شان سان.

سچ اُها آ سُونهن جا تَن مَن اُجاري ٿي ڇڏي،

سچ اُها آ لاٽ، وِک وِک ڏيئا ٻاري ٿي ڇڏي،

سچ آ واڻي پريم جي، نفرت کان ماري ٿي ڇڏي،

سچ اندر جي ٻوجهه، ڀٽڪيل کي جا تاري ٿي ڇڏي.

 

گولي کائي، گيت ڳائڻ ۽ جيئڻ جو نانءُ سچ،

مُرڪي مُرڪي زهر جي پيالي پيئڻ جو نانءُ سچ.


 

غزل

 

Ã

 

من جا تار ڇِڙي پيا آهن، پيار جا گُل ٽِڙي پيا آهن،

جلوا لک کِڙي پيا آهن، ڪير اڱڻ تي آيو آ؟

 

چوڌاري ڄڻ چَنگ ٻُرن ٿا،جهرجهر جهرجهر جهرڻا ڪن ٿا،

مندر ۾ ڄڻ گهنڊ وڄن ٿا، پيار مان ڪنهن ڳالهايو آ؟

اوڀر ۾ ڳاڙهاڻ ڦُٽي آ، اولهه ۾ لالاڻ ڦُٽي آ،

چوڌاري چانڊاڻ ڦُٽي آ، ڇوريءَ ڄڻ شرمايو آ.

سوري سينگارين ڀلي پر، مُرڪي مُرڪي وڃبو هيڪر،

مهر ڪري جو مون کي دلبر، نياپن ساڻ گُهرايو آ.

تو وٽ ڪنچن – ورڻي ڪايا، تو وٽ جوڀن جي آ مايا،

گيت، ڳوڙها ۽ سُور سوايا، مون وٽ هيءُ سرمايو آ.

جيون هڪ پَل، ”مُرڪي جيئو“، جيون ٽِم ٽِم ٻرندڙ ڏيئو،

من – جهروڪي جو هڪ ليئو، شام جو ڄڻ ڪو سايو آ.

”ڪين“ منجهان هي هستي جوڙي،سانت–ساز جا نغما ڇيڙي،

ڀانت ڀانت جا رنگ پکيڙي، ڪنهن هيءُ جڳ بنايو آ؟

تن کي گيان جي ڪهڙي ضرورت؟تن کي ڌيان جي ڪهڙي ضرورت؟

جن جي اکڙين ۾ آ اُلفت، من ۾ روپ سمايو آ.

چاهت جو جن چنگ آ چوريو،ڪنڌ ڪُلهن تان جن آ ڪوريو،

ديس تان پاڻ کي جن آ گهوريو، تِن جو شان سَوايو آ.

 

بيت

 

 غلام نبي ”عاقل“

ڇوري! ڇڏ ڀنڀور کي، جڏي وڃني جت،

وڃي ڪَرڪي وينتيون، ڪڍندءِ منجهان ڀَت،

ڏکين مٿان ڏَت، ڪرڻ ڪم ڪيچين جو.

---

ڇوري! ڇڏ ڀنڀور کي، هو ٿا وڃن هوت،

متان اڳ ملڻ کان، مرين هٿان موت،

ڦِرندي ٿِيئن جي فوت، ته ٻانڀڻ ٻيڻا تو ٿيا.

---

ڇوري! ڇڏ ڀنڀور کي، منڌ نه ٿيءُ موڳي،

ويٺي ويندءِ اٺڙا، البت ڙِي اوڳي،

پوءِ نه ملڻ جوڳي، ٿيندينءَ هوت حبيب جي.

---

ڇوري! ڇڏ ڀنڀور کي، هو ٿا وڃن هاڻ،

آزيون ڪري ”عاقل“ چئي، اوٺِي واري آڻ،

نه ته ڪيچين جي ڪاڻ، رئندينءَ ويئي رت ڦڙا.

 

ڇوري! ڇڏ ڀنڀور کي، سعيو ڪج سَبِيل،

حال بنان هوت جي، ٿيندينءَ زال، ذليل،

جانبُ تو جميلُ، پاند نه ڇڏ پنهونءَ جو.

---

ڇوري! ڇڏ ڀنڀور کي، جَڏِي وڃني جت،

وڃِي ڪَرڪي وينتيون، هلي ساڻ همت،

”عاقل“ چئي انهن ۾، هڏ نه رک حجت،

نِماڻي نوڙت، آڏو ڪر اُنهن جي.

---

ڇوري! ڇڏ ڀنڀور کي، ڪيچين پٺيان ڪاهه،

آريچن مان آسرو، لوٺي مور نه لاهه،

ڄام پنهون آهه، ويچارن جو واهرو.

---

ڇوري! ڇڏ ڀنڀور کي، هوتن پٺيان هل،

ڪنهن جو بنان ڪيچين جي، ٻانڀڻ رک نه ٻَلُ،

هِتي ريءَ حبيب جي، گهار نه گهڙي پل،

جڏِي وڃي جَل، ڪوهه ۾ پويان ڪاڌ جي.

 

---

ڇوري! ڇڏ ڀنڀور کي، اُٿ ڙِي آوائي،

هوتن بنان هتڙي، ملهه نه تو پائي،

ڏَرُ ”عاقل“ ڏونگر جو، آٿي اجائي،

سِٽي سچائي، ڪاهج ڪيچ ڌڻيءَ ڏي.

---

ڇوري! ڇڏ ڀنڀور کي، سٺي وٺ صلاح،

ڪري منهنڙو ڪيچ ڏي، ڪر ڪميڻي ڪاهه،

مئينءَ ته مَٺو نه ٿيو، وڃي سينءَ ته واهه،

رکي آس الله، هلج پٺيان هوت جي.

---

ڇوري! ڇڏ ڀنڀور کي، ڏونگر اُٿِي ڏور،

پير تکا تون پانهنجا، چانگن جيان چور،

گهورِيَس چئي گهور، مٿان سر محبوب جي.

---

ڇوري! ڇڏ ڀنڀور کي، ڪارِي ڪر نه قيام،

وَليون سُونَهِن وَرنِ جي، سئي هميشہ سام،

پويان لڳ پنهونءَ جي، منڌ پروڙي مام،

سُڃِي سک آرام، گهورج مڙيئي گهوٽ تان.

---

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com