سيڪشن؛ رسالا

مهراڻ 1973ع (3)

 

صفحو :12

ارمغان لطيف

 

 

ڀٽ ڌڻيءَ جو ڪلام، فارسي نظم جي لباس ۾

(ترجمه منظوم ڪلام سيد عبداللطيف در زبان فارسي)

 

ترجمه و ترتيب: نياز همايوني

 

 

 

کنڀاتڙي تڙ وري، اُڀي تڙ واجهاءِ،

مانَ اچهون ڪاءِ، سواڌائي سڄڻين.

*     *     *

بيا بر بندرِ کنبات، بنگر منظرِ کنبات،

که باشد مردهء جانبِ جانان بما آيد.

 

------------------------------

 

سر کنڀات بابت

 

هڪ راڳڻيءَ جو قسم آهي، جا سُومهڻيءَ کان پوءِ اوراڻي جهوراڻي سان ڳائي وڃي ٿي. جنهن جي ٻُڌڻ سان انسان جو روح سرور ۾ اچي ٿو. شاهه صاحب هن سُر ۾ چنڊ، ستارن ۽ ڪَرهي سان رهاڻيون ڪيون آهن، جي ٻيئي پرينءَ جي پيغام ۽ وصال جو وسيلو ٿين ٿا.

 

درباره سرود کنبات

 

يکي از اقسام موسيقي است که بعد از گذردن يکپاس شب به سوز و گداز سرائيده مي شود. سيد صاحب دراين سرود روئي سخن به ستاره و ماهتاب و پيسراک آورده است که وسيله پيغام رساني و ذريعه وصال جانان مي باشند.

 ------------------------------


سُر کنڀات

(سرود کنبات)

داستان پهريون داستان اول

 

(1)

ڀَلا ئي آهين، پرين ڀلائي پاهنجي،

سٻاجها سر چڙهئو، ڏوراپو نه ڏين،

مان ڏي مَدايون ٿين، سَڄڻ سَڄاين ۾.

*         *        *

بلاشک برتر از هر عيب هست آن شاهدِ رعنا،

بگيرد زيب هريک خوبي از حسنِ صفاتِ اُو.

خطا بخش آن نگارِمان، عتاب آرد نه برعصيان،

اگر ما بر خطا ثابت به آمرزش ثباتِ او.

 

 (2)

پيشاني ۾ پرينءَ جي، ڀلائيءَ جا ڀير،

اڱڻ اُڪنڊين جي، ڏي پاٻوهي پير،

قمر پاڙي ڪير، شمس سپرينءَ سين.

*         *        *

جَبينِ خوش نگاهِ ما صباح خير و خورسندي،

قم برصحنِ مان چون از مرادِ مهر اندازد.

شود پر رونق و روشن ضميرِ ما نصيبِ ما،

سپر درپيش او از شرم، ماه و مهر اندازد.

(3)

تون چنڊ اهوئي، جو هُت پسين پرينءَ کي،

آڏت چئج ان کي،ڏيان جو روئي،

هيڪاندي هوئي، سانگ مَ پوي سڄڻين.

*         *        *

تو اي ماهِ درخشان نزد تر هستي به کوئي يار،

بگير از من پيامِ درد برسان بانياز آن را.

منم گريان پتو نالان، خدارا حال من گوئي،

به خلوت در بيان آري تمام ابن سوزو ساز آن را.

 

(4)

سَر هيڪاندا هون پرين، سانگ مَ وڃن سيڻ،

رهيا آهن روح ۾، نت جنين جا نيڻ،

وِماسيا جن ويڻ، ٿو تاريءَ تڳي تن هِنيون.

*         *        *

بود آن رشکِ ماهِ من،به خلوت جلوه گر باشد،

که سرخابِ نگاهِ او به روحم ره گذر دارد.

کلامِ او پيامِ عشق، عشقِ او ضمانِ زيست،

دلم اندر امانِ او جوان شام و سحر دارد.

 

 (5)

اڄ پڻ اَڇائي، چوڏهين ماهه چنڊ جي،

مون گهر مون پرين جي، اچڻ جي وائي،

مون گهر واڌائي، پيئي کامَ کرن ۾.

*         *        *

دَرخشان شد مہِ کامل، شب آرائيد ايوانم،

که امروز آن نگارِ ما، نگارد قسمتِ مارا.

مُبارکباد از همسائگان، روئي رقيبان زرد،

دراکِ دوست افزانيد قدر و قيمتِ مارا.

 

(6)

اڄ پڻ آمارو، چوڏهينءَ ماهه چنڊ جو،

مون گهر مون پرين جي، اچڻ جو وارو،

سڄڻ سوڀارو، ڀيڄ ڀني گهر آئيو.

*         *        *

شبِ خوش تاب وما گستردهء راه از دل وديده،

بديدارِ صنم جذبه ز ماه و ما پديد آمد.

هم شب انتظارِ ما و ماه اندر تپش مانده،

صباح آن صورتِ صبح آم و هنگام عيد آمد.

 

(7)

چوڏهينءَ چنڊ اُڀريو، اُڻٽيهن پسيس عام،

مٿس ناهه مَلام، جيڪين پڇين پڇ سو.

*         *        *

برآمد وسطِ ماه ان ماه، پايان ماه پايان شد،

چرا ديوانه وار اين ماهِ دوروزه ببايد ديد.

اگر ديدار درکار است ديدارِ نگارين خوش،

که بخشد زندگي دل را دگريديه نشايد ديد.

(8)

چوڏهينءَ چنڊ تون اڀرين،سهسين ڪرين سنگار،

پلڪ پريان جي نه پڙين،جي حيلن ڪرين هزار،

جهڙو تون سڀ ڄمار، تهڙو دم دوست جو.

*         *        *

تو ماهِ چارده اندر طلوع آئي شب آرائي،

نيابي نسبتِ يارم، که چندان حيله گرباشي.

تمام اين آب و تابِ تو که تو تا زندگي داري،

بتابِ يک دمش نايد، مقابل باخبر باشي.

 

(9)

سهسين سِڄن اُڀري، چوراسي چنڊن،

بالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀائيان.

*         *        *

هزاران آفتاب و ماهتاب اندر طلوع آيند،

مگر بالله غير از نور بخشِ من جهان تاريک.

شعاعِ مهرو ماه از تابشِ عشقِ تپان محروم،

اگر نورش نه برآيد بود کون و مکان تاريک.

 

(10)

چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان تان نه پرينءَ سين،

تون اَڇو منجهه رات،سڄڻ نت سوجهرا!

 

*         *        *

تناسب بر نقابل نيست ممڪن اي مہِ تابان،

کجا انداز تابِ، کجا آداب تابِ دوست.

تو درشب تابش اندازي،همار شب روز تابنده،

غريبِ تاب اي مهتاب، برسرياب تابِ دوست.

 

 (11)

چنڊ چٽائي تنهنجي سياهي ۾ سور،

لايان لال لڱن کي، چندن ڀري ٻور،

ڪوماڻو ڪپور، مون واجهائيندي پرينءَ کي.

*         *        *

مصيبت گشت تابِ تو مہِ تابان به تاريکي،

که ممکن نيست وصلِ دوست اندر عالَم روشن.

بسائيدم بماليدم تن از کافور هم صدل،

مگر بي سود آرائش که برسر ماتمِ روشن.

 

 (12)

چنڊ لڳنئي منڊ، سنجهي ئي سيخ ٿيين،

ڪر آنداهي انڌ، ته ملان محبوبن کي.

*         *        *

شود اندر عتاب آئي، عشا آرد عزل بر تو،

که تابِ بي حجابِ تو مرا مهجور کرد از دوست.

گذر از تابهء تابش، بيا در تابهء تاري،

که وصلش درنصيب آيد،کنم داروئي درد از دوست.

(13)

چنڊ چئين حق، جي وڙهين جي وچڙين،

ٻه اکيون ٽيون نڪ، تو ۾ ناهه پرينءَ جيهو.

*         *        *

بگويم حق مہِ تابان اگرچه ازمن بغض آئي،

که چشمِ ناز، نازڪ بيني اندر روئي تو ناپيد.

مزن لافِ جمال اي بي جمال از حسنِ محبوبان،

که اندر کوي ايشان هست هاؤ هوئي تو ناپيد.

 

(14)

چنڊ چئين سچ، جي مَٺي نه ڀانئين،

ڪڏهن اڀرين سنهڙو، ڪڏهن اڀرين ڳچ،

مُنهن ۾ ٻرئي مچ،تو ۾ ناهه پيشاني پرينءَ جي.

*         *        *

بگو يم راست اي مهتاب اگرچ ازمن بخشم آئي،

نداري نسبتي با حسنِ دلدارم خدا شاهد.

گهي باريک، گاهي بيکران، طوقِ طلوع تو،

به رويت شعلہء سوزان، توکي باشي بجا شاهد.

 

(15)

کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪئائون ناز نظر،

سورج شاخون جهڪيون، ڪوماڻو قمر،

تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،

جهڪو ٿئو جوهر، جانب جي جمال سين.

 

*         *        *

خمار آگين نگاهِ ناز چون جلوه فرازيده،

شعاعِ مهر و تاب ماه در افسردگي آمد.

به توبه انجم و پروين، شکن در جوهرِ يکتا،

بَرويش هرکه سَر شد آخرش پرمردگي آمد.

(16)

ناسيندي نگاهه، پهرين ڪج پرينءَ ڏي،

احوال عاجزن جا آکج لڳ الله،

روز نهاريان راهه، اکيون اوهان جي آسري.

*         *        *

نگاه آري به پائي خوش نگاهِ من چو برآئي،

بگوئي حال دل از ناتوانان آن نگارم را.

که دائم چشم بر راهيم چشم آواره چشمِ تو،

خدارا از نصيبِ ما نه به داري مکارم را.

 

(17)

ناسيندي نظر، پهرين ڪج پرينءَ ڏي،

قمر ڪهج قريب کي، نِست آءٌ نِٻَر،

ٻي ڀيڻي ناهم ڀر، اکيون اوانجي آسري.

*         *        *

نگاه ازمن بسوئي آن نگارِ من مہِ تابان،

بگوئي پيش او پيغام من چندان که مي گويم.

نظر بر حالِ من بايد، که حالم زار مي ماند،

نگيرم دست و در ديگر،توئي هر آن که مي گويم.

 

(18)

ناسيندي نِرت، پهرين ڪج پرينءَ ڏي،

قمر ڪهج قريب کي، ساري ساڻ سُرت،

ٻئو ڀروسو نه ڀت، اکيون اوانجي آسري.

*         *        *

نگاهِ آرا مہِ تابان به تابِ ماهتابِ من،

زمن بشنو که مي گويم بگو بعدش جنابِ دوست.

تو هستي داد فرمايم، منم دريوزه گر از تو،

نخراهم نعمت از ديگر، مرا از بس حسابِ دوست.

(19)

ناسيندي نهار، پهرين ڪج پرينءَ ڏي،

آءٌ جي ڏيئين سنيها، چئج چنڊ! اَپار،

ساڄن سڀ ڄمار، اکيون اوانجي آسري.

*         *        *

بتو مي گويم اي مهتاب، بسته دست و خسته دل،

نگاهِ اولين از تو، شود نذرِ نگاه يار.

بگوئي از زبانِ من، به الفاظ و ادائي من،

که من تازيست خواهم ماند وابسته براهِ يار.

 

(20)

چڱا چنڊ! چئيج، سنيها کي سڄڻين،

مٿان اڱڻ اڀري، پرينءَ جي پئيج،

جهيڻون ڳالهائيج، پيرين وجهي هٿڙا.

*         *        *

جبينِ خويش سائيده چو من بر آستانِ او،

هم احوال من ازخود، رساني با ادب آن را.

مبادا يار را تابِ سخن در پيچ و تاب آرد،

بتو سوگند آهسته بگوئي از حدب آن را.

 

(21)

آءٌ جي ڏيئين سنيها، سي تون پليءِ ٻنڌ،

چئج حال حبيب کي،نئي نوڙائي ڪنڌ،

تو تيڏانهين پنڌ، جيڏانهن عالم آسرو.

*         *        *

پيامِ من گره بسته به دامانش کشا مهتاب،

خميده با نياز ارسال حالم با حبيبِ من.

بان جانب که تو هستي سفر آغاز و منزل کوش،

هم عالم همان جانب به اميد اي مجيبِ من.

(22)

اُڀر چنڊ! پس پرين، تو اوڏا مون ڏور،

سڄڻ سُتا ولهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور،

پيرين آءٌ نه پڄڻي، ٻاٻل ڏي نه ٻور،

جهه تي چڙهي آسور، سنجهي سڄڻ سيڻيان.

*         *        *

بيا بر مطلع اي مهتاب، شرفِ ديدِ جانان ياب،

بتو نزديک و دور ازمن همان عشرت نگارِ من.

به صحنِ خنکي آميزه،به زلفِ مشکبو خفت آن،

وسيله نيست چون يايم، وصالِ گلعذارِ من.

 

(23)

آءٌ اڪنڊ پائي مران، پرين ڀلا پر ڏور،

ٻاٻل ڏي نه ٻور،پنڌ نه جوڳي پيڙي.

*         *        *

منم نالان به سوزِ عشق، بار يار دور از من،

سکسته دستم اي قسمت زمامِ ناقه ني يابم،

شکسته پايم و دل بسته اندر اهتمامِ عشق،

روان باشم به سوئي او کمک ليکن زکي يابم.

 

(24)

ڌڻي ڪريندءِ، ڪڏهم حياتي هيڪاند،

مَن ۾ مشتاقن جي، ڪي رنجائي راند،

پرين ڏيساندر پاند، ڳجهه ڳرهيان ڪن سين.

*         *        *

اميدم از خدائي من، حيات آرد بهم بادوست،

که دردش مي کند بازي به جانِ ناتوان من.

صنم در دامنِ دوري، منم بردوشِ مهجوري،

کرا گويم زحالِ خود، نيابم رازدانِ من.

*         *        *

 

(25)

هيئڙي سڄڻ سارئا،ڪٿي هوندم هير،

اچي لالن! نه ڏئين، مٿي پلنگن پير،

ٿي وروهڻ وير، ڳجهه ڳرهيان ڪن سين.

*         *        *

دلم حيران به يادِ او، که ازمن دور افتاده،

ندانم آن دلاريم، همين ساعت کجا باشد.

کجائي ماه سيمايم، بياتا خلوت آرائيم،

که غير از تو دگر مونس به عشاقت کجا باشد.

 

(26)

چنڊ تنهنجي ذات، سڀ مڙهايان سون سين،

آهن پرين پنڌ ۾، کِڙ سڄيائي رات،

اچن جنهين سات، لهي وڃ ’لطيف‘ چئي.

*         *        *

طلا را برطلوعِ تو طلا سازم مہِ تابان،

نگارم شد روان سويم، هم شب باش تاب انداز.

شوم چون بارياب ازوي،نهان شو ازنگاه آندم،

که تابِ تو نباشد درميانِ ما حجاب انداز.

 

(27)

چنڊ مَ آءُ چڙهي، سگهو ڪر مَ سوجهرو،

اسان پرين پاڻ ۾، گهارڻ ڏج گَهڙي،

تو پڻ هوند سري، جي بلڪ پانهينرو اڀرين.

مشو جلوه فگن مهتاب باز آ از طلوعِ خود،

وصالِ يار هست امشب دلم را سير تر گردان.

نباشد هيچ تقصيري اگر امشب کني اين سان،

مکن تعجيل در تعميل اين دم دير تر گردان.

 

(28)

قمر ڪارو نانگ، توکي کائي ڪڏهين،

وڇوڙو وڙِواند، ڏنيءِ ڏکوين کي.

*         *        *

قمر باشد که باشي در دهانِ ازدها آن دم،

که يارم آمدن خواهد تو آئي ازنهان بيرون.

فراق آماده مي گرداني اي مهتاب غمزده را،

بود در اختيارم گر ترا کنم از جهان بيرون.

 

(29)

جيها اڇا چنڊ، تهان اڇا مان پرين،

اڱڻ مٿي اُڀري، کڙين مٿي کنڊ،

سڄڻ جي اُڪنڊ، توڏانهن گهڻو نهاريان.

*         *        *

شعاع تو بسي ليکن شعاعِ يار افزون تر،

تو اي مهتاب هيچ استي به نسبت ماهتابِ من.

بر آيد چون به صحنِ من شود روشن هم عالم،

نرا بينم که توداري ادائي آنجبابِ من.

(30)

آيو چنڊ چڙهي، چاري جو چيو ڪري،

اُڀو ات اڙي، جت پسيائين پرينءَ کي.

*         *        *

ظهورِ ماهتاب از التجائي جاده پيما بود،

مگر چون خوش ادا را ديد، آنجا ايستاده شد.

نقائي يار من برماه شد جادو اثر چندان،

که از جلوت روان گشته به خلوت اوفتاده شد.

 

(31)

هيڪاندي هوئي، پرين پاڻان هلئا،

ڪبو ڪُهه روئي،صباح پوندو سانگ سڀڪنهين.

*         *        *

بمن بودند ليکن آخرش از من جدا گشتند،

کرا نالم کجا گريم که من تاراج گرديدم.

امان اي شب که من از روز روشن گشته ام مخدوش،

به فردا برملا گويم که من تاراج گرديدم.

 

 

(32)

اُونداهي اڌ رات، پرين پسايو پاڻ،

چنڊ ڪتين ساڻِ، پيهي ويو پرلاءَ ۾.

 

*         *        *

شبِ تاريک وسطِ شب برآمد آن رُخِ تابان،

کواکب کهکشان همگين فرار آماده از تابش.

چه همت جلوه بي جان را، که آيد رو بروئي يار،

وگر آيد شود مهتاب سان در مانده از تابش.

 

(33)

چنڊ مَ اڀر سنجهه، ته اونداهيءَ رڄ ڪريان،

ڀري کٿوريءَ هنجهه، رُٺا پرين پهائيان.

*         *        *

مکن از تاب خود بي تاب اي مهتاب جانم را،

دلم شادان به تاريکي که از غم در امان باشد.

نهاده مشک در پهلو، کنارِ يار آرايم،

کنم رنجيده را راضي محبت گل فشان باشد.

 

 

(34)

چنڊ رکي چورائي، جهڙ جهپي ئي نه وڃي،

اُونداهي آهي، اَجهو عاشقن کي.

*         *        *

چنان باشد که ابر آغوش وا کرده باوج آيد،

بچشمک همچو دزدِ شب کند مهتاب را غارت.

که تاريکي است ملجائي محبت خواستگاران بس،

زجانِ عاشقان تابش کند هر تاب را غارت.

 

 

وائي 1

 

جيڏيون هي ضرور،

آيل ڪينءَ رهندو پريءَ ري!

سَگهو ساعت نه ڄندڙو اٺئي پَهر مَلور،

آيل ڪينءَ رهندو پريءَ ري!

مَن ۾ مشتاقن جي، ساجن تنهنجو سُور،

آيل ڪينءَ رهندو پريءَ ري!

پيرين آءٌ نه پڄڻي، ڏيهه پريان جو ڏور،

آيل ڪينءَ رهندو پريءَ ري!

وڃي ويل سڀڪهم،هينڙو پريءَ حضور،

آيل ڪين رهندو پريءَ ري!

*     *     *

آخرش اي همدم و غمخوارِ من،

دل نخواهد ماند دور از يارِ من.

نيست يک لحظه قرارِ جان نصيب،

زندگي در کرب از آزارِ من.

دل به سوزِ عشق مي سوزد مدام،

مس مگر خاموش از اظهارِ من.

از کجا يابم نشانِ دوست را،

منزلِ من دور از رفتارِ من.

دل همي خواهد که باشد هر زمان،

حاضر ازخود در حضورِ يارِ من.

 

وائي 2

 

اڱڻ آيام پيهي،

ياالله مون ساريندي سُپرين!

 

تن جنين جو طالبو، روح تنين سين ريهي،

ياالله مون ساريندي سُپرين!

 

ساجن سندي سونهن جي، آءٌ ڳالهه ڪريان ڪيهي،

ياالله مون ساريندي سُپرين!

 

ٿئو لطف ’لطيف‘ چئي، دوس آيو در پيهي،

ياالله مون ساريندي سُپرين!

*     *     *

 

غزل

 

ايوان من ارم شد، رشکِ بهار آمد،

پادش که حرز جانم، آن گُلعذار آمد.

 

تن در طلب تپيده، جانم فدائي جانان،

آخر به التفاتش، دل درقرار آمد.

 

توصيف حسن يارم، از من بيان نه گردد،

هر حسن در خضورش، اندر غبار آمد.

 

لطفش ’لطيف‘ بيشک، برحالِ ناتوانم،

يادش که حرز جانم، آن گلعذار آمد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com