سيڪشن؛ رسالا

مهراڻ 1973ع (3)

 

صفحو :20

پاڪستان هسٽري ڪانفرنس جي موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر احمد حسن داني سيڪريٽري ڪانفرنس جي تقرير

 

        جناب صدر، مادام وائيس چانسيلر، خواتين ۽ حضرات! سائين منهنجا، منهنجي لاءِ هيءَ انتهائي فخر جي ڳالهه آهي جو آءٌ توهان کي ملڪ ۾ تاريخ سان واسطو رکندڙ سرگرمين جي صورتحال بابت رپورٽ پيش ڪري رهيو آهيان. جيتوڻيڪ پاڪستان جي سڀني تعليمي ادارن ۾ تاريخ پڙهائي پئي وڃي، پر اسان مشڪل سان ملڪ اندر تاريخ جي ميدان ۾ بامقصد تحقيقات جي لاءِ ڪو مفيد خاڪو تيار ڪري سگهيا آهيون. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ڪن فردن انهيءَ باري ۾ ڪجهه ڪم ڪيو آهي، پر هنن کي ڪوبه اهڙو پائدار پليٽفارم يا هڪ اسرندڙ اداري جو مضبوط بنياد ڪونه نظر آيو، جتي هو سڀ گڏجي پنهنجين انفرادي کوجنائن کي سهيڙين ۽ تاريخ جي تحقيقات جي سلسلي ۾ نئين دلچسپي پيدا ڪن، جيڪا اسلامي سماج ۾ هڪ مکيه محرڪ قوت رهي آهي. جيتوڻيڪ اسان پنهنجي تاريخ تي ٻاهرين ملڪن جي يونيورسٽين ۾ ڪم ڪريون ٿا ۽ اتي موجود مواد جي بنياد تي واقعات جي تشريح ڪريون ٿا، پر اسان پنهنجي ملڪ اندر اهڙو سائنسي رُخ پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون، جيڪو اسان جي فيصلي جي روشنيءَ ۾، ۽ انهن تاريخي مظهرن جي سمجهڻ ۾ مدد ڪري، جيڪي اسان جي اکين جي آڏو پيش اچي رهيا آهن. اسان کي انهن جي باري ۾ ٻين جي لکڻين مان معلومات حاصل ٿئي ٿي، جيڪا يقيناً پاڪستان جي سماجي خواهشن مطابق صحيح ٿي نٿي سگهي. هر سماج وٽ زنده رهڻ ۽ سوچڻ جو پنهنجو طريقو آهي. اسان کي اڃا دنيا کي ٻڌائڻو آهي ته اسان جو خاص طريقو ڪهڙو آهي. اسان کي ڪٿان نه ڪٿان ڪا صحيح شروعات ڪرڻي آهي ۽ مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي ٿئي ته آءٌ پنهنجي لائق وائيس چانسيلر کي انهيءَ ڳالهه جي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ته اسان هڪ نئين تصور جي ڪانفرنس ڪوٺائي ڪم جي شروعات ڪري سگهون ٿا.

        پاڪستان ۾ تاريخ جي ڪانفرنس 1966ع تائين هر سال ٿيندي رهي، پر پوءِ ڪن اڻٽر سببن جي ڪري اهڙي قسم جي ڪابه گڏجاڻي ڪانه ٿي. ان جو انتظام پاڪستان جي تاريخ واري سوسائٽي ڪندي هئي، جنهن جو محنتي سيڪريٽري ڊاڪٽر ايس . مُعين الحق سوسائٽيءَ جي صدرجناب فضل الرحمان جي وفات سبب پنهنجي هڪ بهترين ساٿيءَ کان محروم ٿي ويو. جناب فضل الرحمان پاڪستان جي تعليم واري وزير جي حيثيت ۾ سوسائٽيءَ جو باني صدر بڻيو. وزارت ڇڏڻ کان پوءِ به هو تاريخ ۾ باقاعدي دلچسپي وٺندو رهيو ۽ سوسائٽيءَ جي رهنمائي ڪندو ۽ مورخن کي سالياني ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ اڀاريندو رهيو ۽ سندس وفات کان پوءِ اسان جي برک مورخ ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي سوسائٽيءَ  جي صدارت سنڀالي آهي، پر پاڪستان جي مورخن کي هن وقت تائين گڏجڻ جو ڪوبه ٻيو موقعو ڪونه مليو آهي، انهيءَ ڪري هاڻي مورخن جي خواهشن مطابق ئي اسلام آباد يونيورسٽيءَ هن ڪانفرنس ڪوٺائڻ ۽ مورخن کي هڪٻئي سان ملائڻ جون سهولتون موجود ڪرڻ جون خدمتون آڇيون آهن ته جيئن هو تاريخ جي مسئلن تي پاڻ ۾ ويهي سوچ ويچار ڪن.

        اسلام آباد يونيورسٽي صرف هن سال کان ئي تاريخ کي سماجي سائنس جي هڪ شاخ جي حيثيت ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو آهي. اميد آهي ته قابل مورخن جي هيءَ ڪانفرنس تاريخ جي انهن نصابن تي اثرانداز ٿيندي، جيڪي يونيورسٽي ايندڙ سالن ۾ شروع ڪرڻ واري آهي. جيئن ته ٻيون پراڻيون يونيورسٽيون انهيءَ موضوع کي عام طريقي مطابق پڙهائي رهيون آهن، انهيءَ ڪري هي ضروري سمجهيو ويو ته اسلام آباد يونيورسٽي، تاريخ کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن نئين طريقي ڏانهن ڌيان ڏئي.

        نئين طريقي موجب تاريخ کي سماجي سائنسن جي نقطه نگاهه کان ڏٺو پيو وڃي. هن وقت تائين اسان کي تاريخي واقعا آرٽس جي هڪ ڀاڱي طور پڙهايا وڃن ٿا، ۽ اسان هڪ اهڙو طريقو ايجاد ڪيو آهي، جنهن موجب سياسي واقعن، جنگين، لڙاين، شخصيتن ۽ خاندانن جا انگ اکر گڏ ڪري پڙهايا وڃن ٿا. سياسي واقعن جي اها فهرست يقيناً ڪارآمد آهي، پر انساني سماج بلڪل وڌيڪ پيچيده آهي ۽ ان جي زندگيءَ جا ڪيترائي رُخ آهن. انهيءَ ڪري انساني سماج جي تحريڪن جي مڪمل خاڪي حاصل ڪرڻ کان اڳ، زندگيءَ جي مختلف رخن جي دؤرن کي سمجهڻ بيحد ضروري آهي. ٿي سگهي ٿو ته سياسي واقعا تاريخ جي مختلف دؤر ۾  علامتن جي حيثيت رکندا هجن.

        پر اصل بيماري ممڪن آهي انهن مختلف قوتن جي اونهائيءَ ۾ هجي، جيڪي سماج جي وجود جي لاءِ لازمي هجن. اُهي ئي اُهي ضروري قوتون آهن، جيڪي سماجي سائنس ۾ مختلف شاخن جي مطالعي جي ضرورت محسوس ڪرائين ٿيون. اسلام آباد يونيورسٽي تاريخ جي انهيءَ اهم ضرورت لاءِ نصاب موجود ڪري ڏيڻ جي اميد رکي ٿي ته جيئن دنيا جي مختلف ثقافتن ۽ سماجن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جا دروازا کُلي سگهن. اسان جي ملڪ ۾ ماهر بلڪل آهن ئي ڪونه، ۽ اسان کي اهو خال بهر صورت ڀرڻو آهي. انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اسان قابل مورخن کان صلاح ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرون ٿا، ۽ اميد ٿا ڪريون ته سندن تعاون سان اسان ملڪ ۾ تاريخ جي تحقيق جو مضبوط بنياد رکي سگهنداسون.

        تاريخ جي اها نئين وضاحت ۽ سمجهاڻي اسان جي مٿان انهيءَ عظيم تحريڪ طرفان مڙهي ويئي آهي، جيڪا گذريل ٿورن سالن ۾ اسان جي ملڪ اندر وجود ۾ آئي آهي. سياسي واقعن ۽ علاقائي تخفيف کي هڪ طرف رکي اسان کي اوچتو انهيءَ بنيادي گُهر جو احساس ٿيو آهي، جيڪا پاڪستان ۾ سماج جي آڏو آهي. هن قسم جي سجاڳي يا احساس تاريخ جي انهن ڪانفرنسن جي ڪاررواين ۾ ممڪن نه هو، جيڪي اڳوڻن سالن ۾ گهرايون ويون هيون.

        اِهي، اهي ڏينهن هئا جڏهن اسان هن ننڍي کنڊ جي تقسيم ۾ خوشي محسوس ڪري رهيا هئاسون، پر پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسان انهيءَ تبديليءَ کي سمجهڻ ۾ ناڪام ٿياسون، جيڪا اسان خود آندي هئي. چند سالن جي وقفي انهيءَ وڏيءَ تبديليءَ کي سمجهڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي ۽ هاڻي اهو هِن ڪانفرنس ۾ شريڪ مؤرخن تي ڇڏيل آهي ته هو پنهنجي تجربي جي روشنيءَ ۾ پاڪستان جو نئون تاريخي جائزو وٺن. نئين نسل جا مؤرخ انهيءَ تبديليءَ لاءِ تڙڦي رهيا هئا، پر سماج جي انهيءَ پراڻي تنظيمي جوڙجڪ ۾ نئون خون پيدا ڪرڻ مشڪل آهي، جنهن ۾ پراڻا خيال گهريءَ طور سمايل آهن. ساڳئي وقت اهو به مشڪل آهي ته ملڪ ۾ انهن تاريخي قوتن کي سمجهڻ لاءِ نئون جوش پيدا ڪيو وڃي، جيڪي هن وقت ڪم ڪري رهيون آهن. بهرحال، هاڻي مؤرخن جي لاءِ اهو ناممڪن آهي ته هو ماٺ ڪري ويهي رهن ۽ ملڪ ۾ هن وقت جيڪي انقلابي تبديليون اچي رهيون آهن، تن کي نظرانداز ڪري ڇڏين. ايشيائي ملڪن ۾ تمام تڪڙيون تبديليون اچي رهيون آهن. پاڪستان کي انهيءَ تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ پنهنجي لاءِ مناسب جڳهه تلاش ڪرڻي آهي. اڄ جي سماج جي وڏي ۾ وڏي ضرورت اها آهي ته حڪومت انهيءَ سلسلي ۾ خود ڪي نوان اپاءُ وٺي. مؤرخن لاءِ هيءَ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته موجوده حڪومت بذات خود انهن نين قوتن جي پيداوار آهي، جيڪي ملڪ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. اهو مؤرخن جو فرض آهي ته هاڻي هو انهن قوتن جو تجزيو ڪن ۽ هڪ اهڙي تصوير پيش ڪن جنهن کي ملڪ جي آئينده لاءِ دوام حاصل هجي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته تاريخ هڪ مسلسل ۽ لاڳيتي شيءِ آهي، ۽ ڪن لاڳيتن واقعن جي زنجير مان ڪي اتفاقي ڪڙيون نڪرن ٿيون، پر تاريخ ۾ ڪنهن مقرر گهڙيءَ ۾ زندگيءَ جي هڪڙي عنصر کان ٻئي عنصر تائين انهن جو زور بدلبو رهي ٿو. اڄ اسان جي پنهنجيءَ تاريخ ۾ اهو زور انهن قوتن، جن ورهاڱي جي وقت ڪم پئي ڪيو، تن کان هٽي زندگيءَ جي انهن ٻين وهڪرن ڏانهن وڌيو آهي، جيڪي اڄ جي پاڪستان واري سماج ڏانهن منتقل ٿيا آهن. موجوده حڪومت کي جيڪي مسئلا درپيش آهن، سي انهن مسئلن کان بلڪل مختلف آهن، جيڪي 1947ع ۾ پاڪستان جي بانين کي پيش آيا هئا. ليڪن ملڪ جي هڪ خصوصيت نئين مملڪت جي نظرياتي بنياد مان ڦٽندي هجي ۽ ڪي وري ان خصوصيت هوندي آهي، جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. ڪن جي لاءِ اها خصوصيت جي نشان دهي، هن ننڍي کنڊ جي تاريخي تبديلين ۾ ڪندا هجن، جن سنڌو ماٿريءَ واري علائقائي تاريخ ۾ مختلف ڪردار ادا ڪيا هئا. ليڪن سڀني کي پاڪستان جي هن بنيادي فطرت کي ذهن ۾ رکڻو پوندو ته اهو سنڌو، جنهن کي پشتو زبان ۾ ”عظيم اباسين“ سڏيو وڃي ٿو، تنهن جو ٻار آهي، جتي هر ڪنهن جغرافيائي علائقي کي ان جي پيداوارن ۾ مناسب حصو ڳولڻو آهي ۽ ساڳئي وقت انهن پاڙيسري طاقتن جا به حملا برداشت ڪرڻا پيا آهن، جيڪي هن کي گهيريو ويٺيون آهن ۽ اهو حال اڄڪلهه جو نه آهي جو پاڪستان کي پنهنجين سرحدن تي وڏين طاقتن کي منهن ڏيڻو پيو هجي.

        پاڪستان جو جغرافيائي محل وقوع ئي اهڙو آهي، جو ان کي ايشيائي تاريخ جي وهڪرن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ماضيءَ ۾ ان کي عظيم سلطنتن ۽ ايشيا جي تاريخ ۾ قومن جي وڏين تحريڪن سان منهن ڏيڻو پيو. هي هڪ صحيح دليل آهي ته پاڪستان رڳو هن ننڍي کنڊ جو حصو ڪونهي، پر ان کي پنهنجي تاريخ ۽ وسيع جاگرافي آهي. پاڪستان جي انهيءَ حيثيت جو احساس اڄ جنهن نموني ۾ واضح ٿيو آهي، اهڙو هن کان اڳ ڪڏهن به نه ٿيو.

        ملڪ جي مختلف رخن جي جائزي وٺڻ ۽ ان کي صحيح تاريخي جاءِ ڏيڻ لاءِ ئي اسلام آباد ۾ مؤرخن جي هيءَ ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي آهي. جيتوڻيڪ اسلام آباد ملڪ جي نئين گاديءَ وارو شهر آهي، پر ايشيا ۾ عظيم واقعن جي وڏين ڪاهن سبب اُن جي زمين تاريخ ۾ لتاڙبي رهي آهي. مرغاله جي هن طرف يا ٽيڪسيلا جي ٻئي طرف سنڌو علائقي جي تاريخ لاءِ اسلام آباد کي هڪ ڌار اهميت حاصل آهي. واسڪو – ڊي – گاما جي وقت کان وٺي جيڪي پراڻا نظريا شروع ڪيا ويا هئا، سي اسان وٽ موجود آهن. انهيءَ زماني ۾ کليل سمنڊن ڪناري وارن شهرن کي وڏي اهميت ڏياري، جن جي ذريعي اوڀر جي سخت محنت سان ڪمايل دولت مغربي يورپ ڏانهن موڪلي ويندي هئي. ڪلڪتي يا بمبئيءَ جهڙو شهر ته پکيڙ يا ڊيگهه ۾ وڌي ويو ۽ انهن جي آدمشماري لکن کي وڃي پهتي، پر اُهي ڪروڙين عوام، جيڪي ٻهراڙين ۾ رهندا هئا، تن جي محنت گورا امير ماڻهو کائي ويندا هئا ۽ اهي انهن جا شڪارگاهه هئا. لي سيز فيئر جي اقتصادي پاليسي اسان جي پراڻن حاڪمن جي فائدي لاءِ هئي، جنهن ڪري ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪروڙين عوام جي پگهر جي ڪمائي يورپي تهذيب جي حوالي ٿي ويندي هئي. ٻيو ته وڏن سمنڊن تي جيڪا رهزني ٿيندي هئي، جنهن ۾ وچ اوڀر جي عربن کي ڦريو ۽ لٽيو ويندو هو، ۽ بين الاقوامي واپار ۾ کين جيڪو درميانه مقام حاصل هو، سو هاڻي کانئن کسي نه سگهبو. واقعات جي تبديليءَ اسلام آباد کي وري مهڙ ۾ آندو آهي ۽ ان کي انهيءَ پراڻي ايشيائي شاهراه تي آڻي بيهاريو آهي، جيڪا ان کي آڪسَس ۾ سمرقند ۽ بخارا سان ۽ گنگا جي ماٿريءَ ۾ دهليءَ ۽ آگري سان ملائيندي هئي.

        گنگا، سنڌو ۽ آڪسَس جي ماٿرين ۾ رهندڙ مخلوق کي به تاريخ ۾ اهڙو ئي صحيح ڪردار ادا ڪرڻو آهي، جهڙو انهيءَ قديم ريشمي شاهراه ادا ڪيو هو، جيڪا چينين جي سرزمين مان هيٺ لهي پاڪستان مان ٿيندي ايرانين ۽ رومين جي دنيا ۾ داخل ٿي چڪي هئي. پاڪستان جي اُها بي مثال حيثيت ئي هئي، جنهن ڪنهن زماني ۾ ڪُشن واري عظيم سلطنت جي پٺڀرائي ڪئي هئي، جنهن گنڌارا واريءَ تهذيب جي واڌاري ۾ ڀرپور حصو ورتو هو ۽ گنڌارا واري تهذيب جي واڌاري ۾ حصو ۽ گنڌارا جي نالي واري جڳ مشهور فن کي زور وٺايو هو. ٽيڪسيلا وٽ مختلف قديم شهرن جي کوٽائيءَ مان اڳوڻين قومن جي پيرن جا نشان ڳولي لڌا ويا آهن. اُهي انهيءَ ڳالهه جي طرف اشارو ڪن ٿا، جنهن ۾ اسان جي ملڪ جي قدرتي تاريخ جو وهڪرو هلندو رهيو آهي. سڪندراعظم هجي يا تيمور، بابر هجي يا نادر شاهه، هُن هجن يا منگول – اهي سڀ ساڳئي رستي تان آيا ۽ مرغاله جي لاهين چاڙهين تي پنهنجا پڙاءُ ڪندا رهيا. اِهوئي اُهو هنڌ آهي، جتي هن وقت اسلام آباد جو نئون شهر اڏيل آهي.

        اسان کي ٽيڪسيلا جي ماضيءَ ۽ ان جي انهيءَ ڪردار جي پوري طرح ڄاڻ آهي جيڪو ان تاريخ ۾ ادا ڪيو آهي. اسلام آباد جو مستقبل ڇا ٿيندو، تنهن جو فيصلو تاريخ جي موجوده اداڪارن، توڙي مؤرخن کي ڪرڻو آهي، جن کي ايندڙ واقعن جي تشريح ڪرڻي آهي.

        هن ڪانفرنس جو مقصد اهو آهي ته مورخن کي زندگيءَ جي انهن حقيقي مسئلن سان روشناس ڪيو وڃي جن کي پاڪستان جي آئينده لاءِ وڏي اهميت حاصل آهي. هن ڪانفرنس جي نوعيت انهن عام ڪانفرنسن کان مختلف آهي، جن ۾ مورخ پنهنجن پسنديده موضوعن جي باري ۾ مقالا آڻين ٿا. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڪانفرنس جي ڪوٺائڻ جو هڪڙو طريقو اهو به آهي. انهيءَ طريقي سان تحقيقاتي سائنسدانن کي ٻين مورخن جي مختلف ميدانن ۾ ڪيل تحقيقاتن جي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. بهرحال موجوده ڪانفرنس جي بحث جو موضوع فقط هڪ موضوع آهي ۽ انهيءَ جو نالو آهي ”پاڪستان“. خيال هي آهي ته پاڪستان جي تاريخ جو مڪمل ريت جائزو ورتو وڃي ۽ ملڪ جي جغرافيائي وحدت تي ڏورانهين نظر رکي وڃي ۽ اهو ڏٺو وڃي ته مختلف دورن ۾ ماڻهن کي مليل موقعن مان ڪهڙيءَ ريت فائدو رسيو آهي ۽ پنهنجي لاءِ ڪهڙي دنيا اڏي اٿن. جيئن ته اها ظاهري نسبت تمام ڊگهي ۽ منجهائيندڙ آهي، انهيءَ ڪري فيصلو ڪيو ويو آهي ته تاريخ جي فقط انهن دورن ڏانهن پنهنجو توجه ڪيو وڃي، جن جو پاڪستان جي نئين مملڪت جي سمجهڻ تي ترت اثر پئجي سگهي ٿو. ان مقصد لاءِ سائنسي طريقي سان ڪانفرنس جي اجلاسن کي سيمينار گروپن ۾ ورهايو ويندو ۽ هر سيمينار ڪنهن خاص موضوع تي غور ڪندو، جيڪو انهن قوتن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري سگهندو، جيڪي ملڪ ۾ سرگرم عمل رهيون آهن.

        اهڙيءَ ريت ڪانفرنس جي نتيجي ۾ سيمينار جا مقالا گڏ ٿي ويندا. هي نئين قسم جي تاريخ – ڪانفرنس هڪ تجربو آهي، جنهن ۾ دانشورن کي درخواست ڪئي ويئي آهي ته ڏنل موضوع تي مقالا تيار ڪن. ليڪن يقيناً دانشورن تي اهو زور نه ڀريو ويندو ته هِن يا هُن نموني جا مضمون لکن. اهو مؤرخن جي پنهنجي مرضيءَ تي ڇڏيل هوندو ته هو خاص موضوع جي ڪنهن خاص رخ کي چونڊين ۽ ان تي پنهنجي فيصلي جي روشنيءَ ۾ خيالات ظاهر ڪن. هيءَ ڳالهه اطمينان بخش آهي جو هيترا سارا مؤرخ ۽ دانشور ملڪ جي مختلف حصن مان هتي آيا آهن ته جيئن تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪن.

        بهرحال تاريخ ڪنهن هڪ ملڪ يا ڪنهن هڪ دانشور جي ڪا ميراث ڪانهي، اها انسان جي رهڻي ڪهڻيءَ جو طريقو يا انساني مفاهمت جو هڪ سلسلو آهي. اسان پنهنجي ملڪ ۾ کڻي تاريخ بنائيندا هجون، پر ٿي سگهي ٿو ته اسان کي تاريخ جي اهم وهڪرن جي ڄاڻ نه هجي، جن جي هوندي هڪ وسيع لحاظ کان ٻين کي پري کان اسان جي رهڻي ڪهڻيءَ جي بهتر تصوير نظر ايندي هجي.

        اسان وٽ تاريخ جا ڪيترائي نسخا موجود آهن، جيڪي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ تيار ڪيا ويا آهن. انهن جو بنيادي مقصد ڪهڙو آهي، ۽ انهن تاريخي ڪتابن ۾ ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو ويو آهي ۽ اهي ڪهڙيءَ طرح ڪنهن خاص قسم جي تشريح تي پهچن ٿا. اسان جي لاءِ ماضيءَ جي اهڙن ڪتابن جو جائزو وٺڻ اهڙو ئي ضروري آهي، جهڙو نون خيالن کي سمجهڻ. خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو اسان اهڙن مشهور مؤرخن کي ٻاهرين ملڪن مان هتي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون، جن پاڪستان جي تاريخ کي سمجهڻ ۾ پنهنجو حصو ورتو آهي. هنن اسان جي دعوت قبول ڪئي آهي ۽ اها ڳالهه مڃي اٿن ته سندن ملڪن ۾ لکيل تاريخي ڪتابن جو تنقيدي جائزو وٺندا. اهڙي قسم جا مختلف تنقيدي نظريا جڏهن ڪنهن ملڪ جي واقعن کي سندن پنهنجي سماجي ۽ اقتصادي تجربي جي نقطه نظر سان ڏسن ٿا، ته پوءِ انهن مان هميشہ فائدو حاصل ٿئي ٿو. اهڙيءَ ريت اهڙا مختلف نقطه نظر هڪ قسم جي سماجن تي ٻين سماجي نظامن جي تجربي سان وسيع روشني وجهن ٿا.

        پاڪستان جي حالت ۾ اسان گهٽ ۾ گهٽ تاريخي لکڻين جا چار مختلف طريقا ٻڌائي سگهون ٿا، انهن مان هڪ طريقو پاڪستاني مؤرخن تائين محدود آهي؛ جن پنهنجي انداز بيان کي ملڪ ۾ پنهنجي رهڻيءَ ڪهڻيءَ واريءَ حقيقت جي تابع بنائي ڇڏيو آهي، ۽ ان کي وري ڪن خاص خيالن ۽ نظرين سان سينگاريو ويو آهي، جيڪي هن ننڍي کنڊ جي تاريخي جزن مان نڪتا آهن. ٻيو انتهائي اهم خيال وري اسان جي انگريز استادن جو آهي، جن جي ذاتي تجربي ۽ ننڍي کنڊ جي ٻن ملڪن جي تاريخ جي مطالع، ملڪ جي سياسي مسئلن ۾ گهرائي ۾ وڃڻ جو موقعو ڏنو آهي ۽ ساڳئي وقت اُن سندن نگاهه کي به پنهنجن خاص سياسي نظرين جي رنڱ ۾ رڱيو آهي، جيڪي هنن هن ننڍي کنڊ ۾ انگريزي تعليم سان گڏ پوکيا هئا. هن ننڍي کنڊ جو اصطلاح، جنهن کي اڳوڻي وقت ۾ برطانيا جي پراڻي هندستاني سلطنت سڏيو ويندو هو، تنهن کي هاڻي ڏکڻ ايشيا جو نئون نالو ڏنو ويو آهي. ٽيون اهم رُخ آمريڪا جي جمهوري اصولن ۽ آمريڪي طرز زندگيءَ مان پيدا ٿيو آهي.

        ٻيءَ جنگ عظيم کان پوءِ خاص ڪري آمريڪي جمهوري اصولن ۽ آمريڪي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جي طريقن گهڻي ترقي ڪئي آهي. آمريڪي طرز زندگيءَ جو پاڪستان ۾ جيڪو اثر پيو آهي، تنهن کي ڪوبه گهٽ ڪري پيش ڪري نٿو سگهي. خيالن جي انهيءَ سلسلي مان ڪيترائي اهم ڪتاب نڪتا آهن، جيڪي نئينءَ دنيا جي قدرن جي دائري ۾ پاڪستاني سماج تي روشني وجهن ٿا: پر پاڪستاني سماج کي سمجهڻ جي لاءِ تاريخ جي مارڪسي تشريح لاڳو ڪرڻ سان دور رس نتيجا نڪرندا. سوويت يونين مان جيڪي اسان جا مؤرخ دوست آيا آهن، تن پنهنجي تجربي جي روشنيءَ ۾ اسان جي تاريخ جو جائزو ورتو آهي، ۽ اهڙو انداز بيان اختيار ڪيو آهي، جيڪو سندن پنهنجي حالت ۾ ڪارآمد ثابت ٿيو آهي. پاڪستاني مؤرخن جي موجوده نسل لاءِ اهي سموريون تشريحون قيمتي سونهن جي حيثيت رکن ٿيون. هاڻي انهن جو فرض ٿيندو ته هو انهن مان هرهڪ جو چڱيءَ طرح جائزو وٺن ۽ ڏسن ته هو ڪهڙيءَ طرح انهن مان پنهنجي لاءِ اهڙي بصيرت پيدا ڪري سگهن ٿا، جيڪا سندن زندگيءَ ۽ سوچ جي مطابق هجي.

        اسان کي پنهنجي نئين سر بحاليءَ لاءِ پاڻ کي فقط انگريزي تعليم تائين محدود رکڻ نه کپي. جيتوڻيڪ انگريزي، تعليم جو خاص ذريعو رهي آهي، جنهن جي وسيلي مغرب جي تعليم اسان جي تعليمي ادارن ۾ داخل ٿي آهي، تنهن هوندي به اسان جو حال صرف مغربي خيالن جي سلسلي مان ٺهيل ڪونهي. دنيا جي هن حصي ۾ اسان جو هڪ ڊگهو تاريخي ڪردار رهيو آهي ۽ اها تاريخي زندگي ملڪ جي ماڻهن جي عوام جي زندهه روايتن ۾ موجود آهي. انهن روايتن هڪ خاص رخ اختيار ڪيو آهي. اهي روايتون انهيءَ ماحول سان ٺهڪي اچن ٿيون، جيڪو پاڪستان جي ملڪيت آهي. انهيءَ خاص انساني پس منظر جي پيش نظر اسان جي ملڪ جي تاريخ هڪ مقرر رخ ورتو آهي، ۽ انهيءَ رخ تي هلڻ سان اسان انساني رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو هڪ اهڙو معيار بنايو آهي، جنهن کي اسان پاڪستان جي ثقافت سڏي سگهون ٿا، يا ان کي پاڪستان جي طرز زندگي سڏي سگهجي ٿو، جيڪا دنيا جي ٻين ملڪن کان مختلف آهي. ڪيترا تاريخي واقعا هن ثقافت جي ڪنهن خاص خوبيءَ جي واڌاري سان ٽڪرائجن ٿا. اها خوبي اسلامي نظريي جي پاڪائيءَ مان ٽُٻي کائي نڪتي آهي. اسلام هڪ اهڙو مقصد ۽ هڪ اهڙو نظريو آهي، جنهن کي هر مسلمان سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ماضيءَ ۾ ڪيتريون ئي اسلامي مملڪتون وجود ۾ آيون آهن ۽ انهن پنهنجن طريقن ۽ ريتن – رسمن کي اسلام جي تقاضائن سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. تاريخ هڪ خودبخود بدلجندڙ سلسلو آهي. انهيءَ ڪري ماضيءَ جو ڪوبه اهڙو طريقو يا نمونو ڪونهي، جنهن کي مستقبل ۾ دهرائي سگهجي. خيال جي هر طريقي جي معنيٰ نئين تجربي جي روشنيءَ ۾ ڪرڻي آهي ۽ هر نئين صورتحال جي تقاضا مطابق ئي ڪرڻي آهي. اسلام هڪ قدرتي دين آهي، جيڪو الله تعاليٰ مسلمانن کي ڏنو آهي ته جيئن هو ان کي سمجهن ۽ انساني فيصلي جي روشنيءَ ۾ ان کي پاڻ سان لاڳو ڪن. انهيءَ ڪري اسلام ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي، جيڪا اسان جي ملڪ جي تاريخ جي پنهنجي تجربي جي روشنيءَ ۾ تشريح ڪرڻ کان اسان کي روڪي. اسان انسان آهيون، اسان جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو طريقو به انساني آهي ۽ دنيا جي شين کي سمجهڻ جو به انساني طريقو اٿئون، اهو انساني تجربو هن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي ته اهو تاريخ جي دور کان وٺي عام ماڻهن جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جي طريقن جو مجموعو آهي. اها انساني روايت ۽ انساني ثقافت ئي آهي جيڪا ڪنهن ملڪ جي تاريخ بنائي ٿي. اسان جڏهن پنهنجي ملڪ جي تاريخ تيار ڪريون ٿا تڏهن اسان فقط انهن مستقل خصوصيتن کي گڏ ٿا ڪريون، جن پاڪستان کي اهو بنايو آهي جيڪو هو اڄ آهي. اسان انهن اصولن جي ڳولا ۾ آهيون، جيڪي مفادن ۽ شخصيتن جي ٽڪر جي مقابلي مان به نڪري پار پيا آهن. سنڌو ماٿريءَ جي تاريخ ۾ انقلابي تبديلين جي باوجود پاڪستان ۾ زندگي مسلسل هلندي اچي. تاريخ جي وهڪري ۾ ڪيترائي قدرتي لاها ۽ چاڙها آيا آهن، مگر زندگيءَ جو سلسلو هر حال ۾ اڳتي هلندو رهي ٿو. سماجي جوڙجڪ سان زندگيءَ جي ڍانچي کي ڪهڙيءَ ريت قائم رکڻو آهي، تنهن جو دارومدار انهيءَ بناوت جي لَچڪ تي آهي جيڪا عام ماڻهن جي بدلجندڙن گهُرن سان پاڻ کي ڪيتريقدر هم آهنگ ڪري سگهندي هجي. اهو عام ماڻهوءَ جو مٿي اڀرڻ آهي، جيڪو هن دؤر جي مورخن جي تحريرن تي اثرانداز ٿي رهيو آهي. پاڪستان جو عام ماڻهو ٻيءَ دنيا کي پهچڻ لاءِ ڪيتري قدر ۽ ڪهڙي نموني سان وڌي رهيو آهي، اهائي مکيه ڳالهه آهي جنهن تي پاڪستان جي آئنده مورخن کي توجهه ڏيڻو آهي. اسان هتي اسلام آباد ۾ هن مقصد لاءِ گڏ ٿيا آهيون ته اهو جائزو وٺون ته اسان ڪيتريءَ حد تي هن موضوع تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون ۽ اسان ڪهڙو بهترين طريقو اختيار ڪريون، جو زندگيءَ جي عام طريقي جو سهڻي نموني ۾ اظهار ڪري سگهون. اميد آهي ته هيءَ ڪانفرنس اسان جي تاريخ کي بهتر طريقي سان سمجهڻ لاءِ راه هموار ڪندي.

 

مترجم: محمد عيسيٰ نظاماڻي

نيوز ايڊيٽر

پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن

حيدرآباد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com