سيڪشن؛ رسالا

مهراڻ 1973ع (3)

 

صفحو :5

 ”بيوس“ بازيدپوري

ø

ساجن صدقي ٿيان، موٽ ميان،

محب ميارون مون ڏي مڙيئي!

 

جانب جام جڏيءَ کي، پرتئون پيار پيان.

سرتيون سينو نه ساهيان، جيتر جڳ ۾ جيان.

 

اديون شال عجيب جي، سڪ ۾ ساهه ڏيان.

”حسن“ هوتن ريءَ مان،ڪنهن سان حال ڪيان.

à ”ادل“ سومرو

ø

سڏڪي سڏڪي ساري، الا،

مون روئي رات گذاري.

ڇڏي اڪيلو بر ۾ مون کي، ساجن ڪئي تو زاري، اَلا.

ساعت ساعت تو سوا مون، گوندر منجهه گذاري، اَلا

وڃي وساري ويٺين وعدا، پت نه پنهنجي پاري اَلا.

’ادل‘ اچين جي هيڪر هتڙي، برسي بوند بهاري، اَلا.


 

وايون

à فتاح ملڪ

 

ڳاٽ جي اوچو ڳڀرو تنهنجو، هر دم هيج ڪري،

منهنجو هنيانءُ ٺَري،

ميدانن ۾ مست رهين شل، ويري ويڄ ڀري،

منهنجو هنيانءُ ٺَري،

اک عقابن واري تنهنجي، گهائي گهور ڪري،

منهنجو هنيانءُ ٺَري،

چاهه چنيسر وارو تنهنجو، محبت ڪاڻ مَري،

منهنجو هنيانءُ ٺَري،

هٺ هميشہ راڻل تنهنجو ڪُهه پو ڪاڪ ڪِري،

منهنجو هنيانءُ ٺَري،

باهه ڀنڀوران ٻارين جي تون، سارو رُڪ رَڙي،

منهنجو هنيانءُ ٺَري،

ڪوٽ ڪڙا سڀ قيدي جي دل مارن ڪاڻ مري.

منهنجو هنيانءُ ٺَري.

 

à رحيم بخش ”قمر“

 

عشق الستي انگ – الو ميان! عشق الستي انگ!

عشق اسان کي آهه اُجاريو، روح رسائي رنگ،

الو ميان! عشق الستي انگ!

عشق جي دنيا دائم هوندي، عشق نڀائي ننگ،

الو ميان! عشق الستي انگ!

گَهڙو کڻي پئي سير ۾ ڪاهي، ڪانڌي ٿئڙس ڪنگ،

الو ميان! عشق الستي انگ!

سسئي پنهنجو خالي ڏٺو هو، پوئينءَ رات پلنگ،

الو ميان! عشق الستي انگ!

راڻي ريءَ ٿي ڪاڪ ڪُماڻي، ناهي رتولن رنگ،

الو ميان! عشق الستي انگ!

ڪنڌ ڪٽائڻ ڪاڻ هي پهتا، چارڻ چوريو چنگ،

الو ميان! عشق الستي انگ!

 

à ”عاجز“ اُڄڻ

ڪونه ڄاتو مون ڪونه،

ڇوري ڇپر ۾ هيئن ڇڏيندا.

ڏير ڏکيءَ سان ڏاڍ ڪري ويا، لڙڪ لڙيو پٽ پون.

 

هوتن لئه ٿا حب هاڙهي ۾، نيڻ نماڻا رونِ،

 

آڌي اُٿاري اُٺ هليا ويا، ڪرم ڪيائون ڪون.

 

’عاجز‘ مون سان سور سڄڻ جا، شال سلامت هون.

 

à ”منير“ سولنگي

داڻو تولئه دام بڻيو آ، جيون توتي ڀاري ڙي:

جيون توتي ڀاري ڙي!

پڃري ۾ تون پنڇي ڦاسي، ڪيڏي عمر گذاري ڙي،

جيون توتي ڀاري ڙي!

سوچ پکي تون سوچ سويرو، دوست نه تنهنجو ماري ڙي،

جيون توتي ڀاري ڙي!

نگري، نگري ڄار پکيڙي،باهه اها ڪنهن ٻاري ڙي،

جيون توتي ڀاري ڙي!

تو جو آهي واٽ وڃائي،ڪونه ڏسي ڪو چاري ڙي.

جيون توتي ڀاري ڙي!

 

à ”نياز“ ٽکڙائي

دنيا ساري ساز ڏکن جو، جنهن ۾ ڪهڙا ناچ؟

الو ميان! جنهن ۾ ڪهڙا ناچ؟

شِيخن کان ئي تير تکو آهه،جيئن ڪو ماس ۾ ڪاچ،

الو ميان!جيئن ڪو ماس ۾ ڪاڄ.

سج ۽ چنڊ کان سهڻو سهڻو، ديس جو درد ڌماچ،

الو ميان!ديس جو درد ڌماچ.

هي ڏس ڪار اتر کان سائين، ڄاڻ وري ٿي واچ،

الو ميان!ڄاڻ وري ٿي واچ.

ايندا ايندا لاهي ڇڏيندا، تنهنجي من جي ماچ،

الو ميان!تنهنجي من جي ماچ.

ڳوٺ سڄي ۾ ”نياز“ هي تنهنجا ڳائن ڳڀرو ڳاچ،

الو ميان! ڳائن ڳڀرو ڳاچ.

 

à ”مسڪين “ اُنڙ نصرپوري

هي جيون آهي زهر ڙي،

ڪو پاءُ پيئي، ڪو سير پيئي!

تنهنجا، منهنجا، هر ڪنهن جا دک بڻيا آهن بحر ڙي،

ڪو پاءُ پيئي ڪو سير پيئي.

غم جا دريا آهن ڀريا، لڏندڙ لمندڙ لهر ڙي،

ڪو پاءُ پيئي ڪو سير پيئي.

اشڪن جي برسات سان ڀريا، نديون نالا، نهر ڙي،

ڪو پاءُ پيئي ڪو سير پيئي.

ڪو ٻُڪُ پيئي ڪو ڍُڪ پيئي، جو آيو منجهه دهر ڙي،

ڪو پاءُ پيئي ڪو سير پيئي.

 

گيت

 

à ولي محمد ”وفا“

 

تون به آهين اڻڄاڻ – الاهو،

تون به آهين اڻڄاڻ.

 

محبت جن جي مَن ۾، تِن کي ماريندين مهراڻ، الاهو،

تون به آهين اڻڄاڻ.

 

چانڊوڪيءَ جون چار گهڙيون رهه،ڪريون روح رهاڻ،الاهو،

تون به آهين اڻڄاڻ.

 

مٺڙي موسم، ٿڌڙيون هيرون، موکي مڌ کي آڻ، الاهو،

تون به آهين اڻڄاڻ.

 

سِجّ سکن جو سمجهئي جنهن کي،آيو سورن ساڻ،الاهو،

تون به آهين اڻڄاڻ.

 

à احمد خان ”آصف“ مصراڻي

 

اوڍِن ٿا اجرڪ، ڳرٽ ۽ ڳڀرو سورهيه سنڌ جا.

ڌِڱَ دَلير دَنيرَ ۽ دودا،

لوها لِڱَ رکن ٿا جوڌا،

اڻموٽ ۽ اڻٿڪ – ڳرٽ ۽ ڳڀرو سورهيه سنڌ جا.

جُنگ جيالا جوپَ جَوانا،

سَمجهُو سياڻا، دانا دانا،

سانڍِن سُرت سَمَڪ – ڳرٽ ۽ ڳڀرو سورهيه سنڌ جا.

سنڌي ٽوپ ٽِڪُن سان پائِن،

جوڌا جُوءِ سڄي جَرڪائِن،

لاهن شبها شَڪ – ڳرٽ ۽ ڳڀرو سورهيه سنڌ جا.

ڳوڌا ڳائن جيئن جَمالو،

دلين ۾ آڻين اُجالو،

چُستي ۽ چانَڪ – ڳرٽ ۽ ڳڀرو سورهيه سنڌ جا.

پاڪ وطن تان صدقي ٿيندا،

سرڙو ڏيندا ”سنڌ“ نه ڏيندا،

آهي پوري پَڪ – ڳرٽ ۽ ڳڀرو سورهيه سنڌ جا.

هوشوءَ وارو هوش رکن ٿا،

’آصف‘ جذبو جوش رکن ٿا،

ڌارن ڪين ڌڙڪ – ڳرٽ ۽ ڳڀرو سورهيه سنڌ جا.

 

à ”نعيم“ تقوي

 

آءُ او پيارا، پِرت جو سُنهن آ، هاڻ نه ٿي اڻڄاڻ،

هاڻ نه ٿي اڻڄاڻ، او پيارا، هاڻ نه ٿي اڻڄاڻ!

 

وياڪل سپني جيان حياتي آهي مَن جا ميت،

پيارل، جاني، مٺڙا، دلبر، اچ ته ٻڌايان گيت،

موٽي آ اربيلا، دل ۾ آههِ متو مهراڻ:

آءُ او پيارا، پرت جو سُنهن آ، هاڻ نه ٿي اڻڄاڻ!

ڪهڙو پيارو ٿيو آهي ڏس تارن سان آڪاس،

تون جو ناهين پيارل مٺڙا آهي دلڙي نِراس،

ڏوراپو هر ساهه ٿيو آ تون ئي ٻڌا ڪنهن ڪاڻ:

آءُ او پيارا، پرت جو سُنهن آ، هاڻ نه ٿي اڻڄاڻ!

 

اوکيون واٽون نينهن جون آهن، ظالم آ سنسار،

ويري وک وک تي هرڪو آ، آهي عجب وهنوار،

هوريان هوريان هلندو هل تون منهنجي دلڙيءَ ساڻ:

آءُ او پيارا، پرت جو سُنهن آ، هاڻ نه ٿي اڻڄاڻ!

 

برهه جي ماريل لاءِ هتي آ واٽ نه ڪائي واهه،

محشر وانگر ٿي ويو آهي ’تقوي‘ هڪ هڪ ساهه،

عمر جو ديپ اجهامي ويندو،آهيان منجهه ڇڪتاڻ:

آءُ او پيارا، پرت جو سُنهن آ، هاڻ نه ٿي اڻڄاڻ!

 

à ”ادل“ سومرو

هل ته هلي هُن پار،

ونڊيون ڪو پيار،

او منهنجا ساجن، سائين!

هن دنيا جي دوکن کان،

جيون جي رستن اوکن کان،

جيئڙو آ بيزار،

روز هتي ٿا هنجون هاريون،

دل جو گهاءُ ڪنهن کي ڏيکاريون،

ڪوبه نه آ غمخوار.

وک وک تي هت ڏِيل ڏرَي ٿو،

ڪوبه نه ڪنهن لئه ڪين مري ٿو،

سورن جو سنسار.


 

نظم

à عبدالڪريم ”گدائي“

 

سؤ سج اُڀاري وينداسين

 

هيءَ رات کُٽڻ تي آئي آ، باقي به گذاري وينداسين،

پر ويندي ويندي سنڌڙيءَ جي هيءَ سينڌ سنواري وينداسين.

جي ناوَ پراڻي آهه ته ڇا، طوفان به آ جي ساگر ۾،

پر پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي، هي پار اُڪاري وينداسين.

هيءَ واٽ اڙانگي اوکي آ، ۽ روهه جبل ڀي راهن ۾،

جي پيار وطن سان پختو آ، سڀ ڏونگر ڏاري وينداسين.

آ تَڙ تَڙ تي طوفان کڻي، دم دهشت ڀي آ دريا ۾،

پر ڪارو ڪارونڀار ڪٽي، هيءَ ٻيڙي تاري وينداسين.

آ واٽ تي ڪاري ٻاٽ اگر، پر رت پنهنجي جو تيل ڏئِي،

هَر موڙ مٿان آزاديءَ جي، هڪ مشعل ٻاري وينداسين.

گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه نه آ، هي مهلون آهن مُڙسن لئي،

ڏس اوڀر کان ٿي باک ڦُٽي، هيءَ منزل ماري وينداسين.

هيءَ جان ته اچڻي وڃڻي آ، هڪ ڏينهن ته آخر مرڻو آ،

پر ويندي ويندي پوين لئي، هيءَ واٽ سنواري وينداسين.

هيءَ آهه ڀٽائيءَ جي ڌرتي، هت اوندهه مور نه اچڻي آ،

هِت پنهنجي رت جو ريج ڏئي، سَوَ سج اُڀاري وينداسين.

هن چوٿين مارچ جي ڪاميابي،سڀ آهه،اوهان جي ايڪي سان،

جي ڇُڙ ڇُڙ گابا ٿينداسين، هيءَ بازي هاري وينداسين.

آ نيٺ ’گدائي‘ مرڻو پر، هيءُ ساهه سَنڌن ۾ آ جيسين،

هن حبِ وطن جو پوين ۾، هڪ ٻارڻ ٻاري وينداسين.

 

à ”سليم“ ڳاڙهوي

اي وطن

 

اي وطن! توسان گهڻي منهنجي محبت، اي وطن!

ساهه ۾ آهي سمائي تنهنجي صورت، اي وطن!

 

تنهنجي شوڪت، تنهنجي عظمت، آهي بلڪل بي بها،

تنهنجي آهي جاءِ پدمن ۽ لکن جي ناهه ڪا،

ڪير آهي جو ڪَٿي ٿو تنهنجي قيمت، اي وطن!

 

ماڻڪن کان مانَ وارا ڪڻڪ تنهنجي جا ڪڻا،

سون، هيرا ۽ جواهر، سرنهن، ڄانڀو ۽ چڻا،

تنهنجي مٽيءَ سان گلستانن جي غيرت، اي وطن!

 

تنهنجي دريائن ۾ آهي موجزن آبِ حيات،

وادين ۾ ٿي وسي برسات رنگين ڏينهن رات،

جهنگ ۽ جهر تي ڪري ٿي ناز فطرت، اي وطن!

 

تنهنجي ڪک ڪانن ۽ ڪنڊن مان به ٿي عظمت عيان،

ذرّي ذرّي ۾ نظر آيو نزاڪت جو جهان،

تنهنجي هر هڪ چيز ۾ حڪمت ۽ دولت،اي وطن!

 

ارض تنهنجيءَ کي سَوَن سورج ستارن جا سلام،

باغ تنهنجي کي بهشتن ۽ بهارن جا سلام،

ناز تنهنجي ۾ نئين نرمل نزاڪت، اي وطن!

حسن تنهنجي کان حسينن کي مليو حسن و جمال،

قرب تنهنجي سان زماني کي مليو ڪسب و ڪمال،

تو ڪئي پنهنجن پراون سان رعايت، اي وطن!

 

منهنجي سر جو آهه سجده گاهه تنهنجي سرزمين،

آب تنهنجو منهنجي رڳ رڳ ۾ روان ۽ دلنشين،

خاڪ تنهنجي مان جُڙي منهنجي طبعيت، اي وطن!

 

منهنجي سر جو آهه سجده گاهه تنهنجي سر زمين،

آب تنهنجو منهنجي رڳ رڳ ۾ روان ۽ دلنشين،

خاڪ تنهنجي مان جُڙي منهنجي طبيعت،اي وطن!

 

سورما سرويچ مانجهي مرد ۽ جوڌا جوان،

ڇو نه هوندا وِير سي دنيا ۾ زندهه جاودان،

جن پرائي تنهنجي الفت ۾ شهادت، اي وطن!

 

گود تنهنجيءَ ۾ لکين صنّاع، ڪاريگر هزار،

شاهديون تن جون ڏين ٿا اڄ عجائب شاهڪار،

تنهنجي ڄاوَن جي عجب صنعت ۽ حرفت،اي وطن!

 

تنهنجي عظمت جو عَلم هر دم رهيو آهي کڙو،

تنهنجي تهذيبن جو شاهد آهه موهن جو دڙو،

سربسر تنهنجي قديم آهي حڪايت، اي وطن!

 

سونهن تنهنجيءَ کي ڏسي اغبار ڀي عاشق ٿيا،

شان تنهنجي کي ڏسي شاهد ٿيا شائق گهڻا،

قرب سان تنهنجي ڪيائون ٿي زيارت، اي وطن!

اولياس تو ۾ گهڻا، تو ۾ گهڻا عالم، اديب،

خوش بيان،خوشحال،خوش خو،خوش ادا ۽ خوشنصيب،

بخت تنهنجي کان ملي سڀ کان سعادت،اي وطن!

 

سونهن تنهنجيءَ کان ملي سسئيءَ کي صورت سُوهڻي،

سوهڻيءَ کي تنهنجي زينت ئي ڪيو من موهڻي،

مارئي مومل وتِي توکان ملاحت، اي وطن!

 

تنهنجي دودي ۾ ديانت ۽ هوشو ۾ هوش هو،

شالمين شيديءَ جيان هرهڪ جوان ۾ جوش هو،

قوم تنهنجيءَ ۾ هئي حشمت ۽ غيرت، اي وطن!

 

تنهنجي ڌرتيءَ تي هزارين معرڪا ٿيندا رهيا،

هار کاڌي ڪن ته ڪي فاتح جي نالي سان سڏيا،

جن ڏٺو توکي، رکي توسان عقيدت، اي وطن!

 

ڪيترائي راءَ ۽ راجا ڪيا تنهنجي نظر،

تو مٿان ڏاهر ڇڏيو گهوري جگر ۽ ساهه سر،

ڪي چڙهيا ۽ ڪي ڪِريا خاطر نظامت، اي وطن!

 

فيض تنهنجي کان مليو هو فيض ڀِٽ جي شاهه کي،

سير ساميءَ کي ۽ سرمستي درازي ماهه کي،

تنهنجي رحمت کان ملي روحل کي رفعت،اي وطن!

 

تو ۾ عاشق، تو ۾ صادق، مهربان مهان نواز،

سرخرو، سرمست، سامي، سرفروش ۽ سرفراز.

تو ڪئي پنهنجي سپوتن سان مروت، اي وطن!

نينهن تنهنجي کان مليو هو نينهن نوريءَ کي تمام،

تاب تنهنجي کان تماچيءَ کي مليو انعام عام،

ڪاڪ ۽ ڪينجهر مٿان تنهنجي عنايت، اي وطن!

 

ابن قاسم عشق سان آيو ڪهي تنهنجي تڏي،

هيج سان هت غزنوي آيو هو غزنيءَ کي ڇڏي،

تو ڪئي دل جان سان انهن جي دعوت، اي وطن!

 

شل رهين آباد ۽ آزاد هر هڪ حال ۾،

هر گهڙي هر روز هرهڪ ماهه هرهڪ سال ۾،

شل ڪري تنهنجو سليم اڄ تنهنجي خدمت،اي وطن!

 

ڪوه محلي ۽ ٺٽو پنهنجا سُڻائن ٿا بيان،

اڄ جا کنڊر ڪجهه سُڻائن ٿا زبانِ حال سان،

جابجا تنهنجي هلي هردم حڪايت، اي وطن!

 

هُو قبا ميرن سندا ۽ هُو ڪلهوڙن جو قلعو،

هُو بکر ۽ هُو منارو آهي معصومي اُچو،

ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ ٿي ڏسجي تنهنجي شوڪت،اي وطن!

 

ملڪ ۾ ديبل ۽ منصوري سندو هو دٻدٻو،

ناز نيرون ڪوٽ جو ۽ رعب رُهڙي شهر جو،

سربسر سيوهڻ اکين جي لاءِ عبرت، اي وطن!

 

ڪنهن سمي ڪشمير تائين تنهنجو سِڪّو ٿي هليو،

خود سڪندر ارض تنهنجيءَ کي تعجب سان ڏٺو،

هر طرف تنهنجي هئي شوڪت،۽ شهرت،اي وطن!

زندگي تنهنجي سان وابسته ٿي منهنجي زندگي،

تنهنجو غم آ منهنجو غم،تنهنجي خوشي منهنجي خوشي،

تنهنجي الفت منهنجو ايمان ۽ عبادت، اي وطن!

 

تنهنجو ”آفندي“ ۽ ”علامه عمر“ ۽ ”قاسمي“،

تنهنجو ”شهواڻي“ ۽ ”انصاري“، ”بلوچ“ ۽ ”جعفري“،

تنهنجي ”عرساڻي“، ”سمي“ جي واه خدمت،اي وطن!

 

تنهنجو ”لطف الله بدوي“ تنهنجو ”ميمڻ“ فيضور،

تنهنجو ”آغا تاج محمد“، تنهنجو ”عبدالله اثر“،

تنهنجي ”ابراهيم جويي“ جي به جدّت، اي وطن!

 

تنهنجو ”پرمانند“، ”هاسارام“، ”هيرانند“ وِيرُ،

تنهنجو ”گربخشاڻي“، ”ڄيٺارام“، ”فاضل“ ۽ ”فقير“،

”لالچند“ ۽ ”ڀيرومل“ ليکڪ نهايت، اي وطن!

 

تنهنجو ”ويرومل“ ۽ ”جهامنداس“، ”واڌومل“ ڀلا،

تنهنجا ”آسورام“، ”ڪيولرام“، ”ڪؤڙومل“ چڱا،

تنهنجي فرزندن ڪئي علمي رياضت، اي وطن!

 

”لطف“، ”نجفي“، ”مرتضائي“، ”قادريءَ“ جا قول خوب،

”ناز“، ”مفتون“، ۽ ”اٻوجهي“ جا ”حسن“ جا ٻول خوب،

”مير“ ۽ ”مسرور“ کان حاصل مسرّت، اي وطن!

 

تنهنجو ”مصري شاهه“، ”اشرف شاهه“، ”حيدر شاهه“ واه،

تنهنجو ”عاجز“،تنهنجو ”عثمان“،تنهنجو ”ميهر شاهه“ واه،

تنهنجي ”پيرل“ ۽ ”وريل“ جو عشق عادت،اي وطن!

تنهنجو ”گل“ ۽ تنهنجو ”قاسم“، تنهنجو ”سانگي“ ۽ ”گدا“،

تنهنجو ”حامد“، تنهنجو ”اصغر“، تنهنجو ”فاضل“ ۽ ”فدا“

تنهنجو ”مخلص“ تنهنجو ”بلبل“،تنهنجو ”دلپت“ اي وطن!

 

تنهنجو ”بيدل“، تنهنجو ”بيڪس“، تنهنجو ”بيوس“ ۽ ”حڪيم“،

قرب ۾ تنهنجي ”قليچ“ ۽ عشق ۾ ”خادم“، ”نديم“،

ڇا لکان ”عاقل“ ۽ ”ڪاظم“ جي لياقت، اي وطن!

 

تنهنجو ”واصف“ وصف سان، تنهنجو ”نظامي“ ۽ ”نياز“،

تنهنجو ”بسمل“ ۽ ”خليل“ آهي ”گرامي“ ۽ ”اياز“،

تو ڪئي تن کي عطا فڪري فضيلت، اي وطن!

 

”عبد“ ۽ ”سرشار“ تنهنجا، ”جوش“، ”طالب“ ۽ ”رشيد“،

’زيب‘،’گل‘، ’اظهر‘، ’غني‘، ’احسن‘، ’اثر‘، ’جامي‘، ’شهيد‘،

”اختر“ و ”سرور“ ڪئي تنهنجي حڪايت، اي وطن!

 

تنهنجو ”خاڪي“، تنهنجو ”فاني“، تنهنجو ”مالهي“ ۽ ”شيام“،

تنهنجي ”دلگير“ ۽ ”عزيز“ اڪثر ڪيا سڪ ۾ سلام،

”رامچندر“ ۽ ”ضيا“ کي تنهنجي چاهت، اي وطن!

 

’نوح‘ تي تنهنجي نظر، مخدوم ’معين‘ تي ڪرم،

۽ ’محمد هاشم‘ آيو تو ڪيو ان کي اُتم،

تنهنجي ’گرهوڙيءَ‘ تي شفقت ۽ امانت،اي وطن!

 

جن وساريو توکي تن کي تو وساريو ڪين آ،

پرت سان پاليو انهن کي پر ڌڪاريو ڪين آ،

تو سدا مُرڪي سَٺي هر هڪ مصيبت، اي وطن!

جنهن پلؤ تو وٽ جهليو تنهن کي ڏنئه من جي مراد،

سربسر سڀ تي نظر ’ناشاد‘ ڀي اڄ آهه ’شاد‘.

ڇا چوان تنهنجي سخاوت ۽ صداقت، اي وطن!

 

مرد مروندي ٿيو هو ماڳ تنهنجي ۾ مقيم،

جهوڪ ۾ جاڳيو جوان بلڙيءَ ۾ ڪامل ٿيو ”ڪريم“،

۽ اڏيري لعل ۾ تنهنجي امانت، اي وطن!

 

سومرن کي تو سنواريو، تون سمن جو سرپرست،

قرب تنهنجو هو ڪلهوڙن تي ۽ توتي مير مست،

توسان ارغونن ۽ ترخانن جي الفت، اي وطن!

 

تنهنجا هندو ۽ مسلمان خاص پُٽ پيارا تمام،

۽ انهن سان گڏوگڏ ڪيئي ٿيا گولا غلام،

تو ڪئي پنهنجن پراون تي عنايت، اي وطن!

 

هڪ صدي پوري فرنگي تنهنجا طالب ٿي رهيا،

تو سندا سورهيه انهن تي نيٺ غالب ٿي پيا،

انقلابن ۾ نظر آئين نهايت، اي وطن!

 

آب تنهنجو آبِ زم زم ۽ کٿوري آههِ خاڪ،

ناز تنهنجي ناوَ تي هردم ڪري ٿو ديس پاڪ،

آهي ساري ئي جهان ۾ تنهنجي شهرت، اي وطن!

 

رنگ ’راشد‘ ۾ الاهي حسن ’حزب الله‘ ۾،

معرفت ’مخدوم اسماعيل‘ جي سر ساهه ۾،

۽ ’عبيدالله سنڌي‘ ۾ امانت، اي وطن!

تنهنجي تهذيب و تمدن جو نرالو داستان،

جلوه گر، جلوه نظر، جلوه نما، جلوه فشان،

دلنشين ۽ دلربا تنهنجي ثقافت، اي وطن!

 

تنهنجي پيرن ۽ فقيرن جو نڪو آهي حساب،

تنهنجو ذرّو ذرّو آهي علم ۽ عرفان جو باب،

تنهنجي واديءَ ۾ وسي هرجا ولايت، اي وطن!

 

مرد ’امروٽيءَ‘ جي هستيءَ ۾ مليو تنهنجو خمير،

ارض تنهنجي مان اٿيو هو ’قائدِاعظم‘ دلير،

جن ڏني ملت کي آزاديءَ جي نعمت، اي وطن!

 

طالبو تنهنجو ’تَمر‘، ساراهه ۾ ’صاحبڏنو‘،

حال جو محرم ’حمل‘، ’رمضان‘ ۽ ’گهرام‘ ٿيو،

’خيرمحمد‘ کي هئي توسان عقيدت، اي وطن!

 

بيت ڪافيون ۽ سحرفيون تنهنجون ايجادون عجيب،

تنهنجي سگهڙن شاعرن کي ٿا مڃن ڌاريا اديب،

تنهنجي ٻوليءَ ۾ حلاوت ۽ فصاحت، اي وطن!

 

ڪيترا عالم ۽ فاضل گود تنهنجي ۾ پليا،

تنهنجي لئه جن جا قلم، بازو، زبان هر دم هليا،

تن رکي قائم سدائين تنهنجي عظمت، اي وطن!

 

واه وا تنهنجو ’وفائي‘ واه وا تنهنجو ’حڪيم‘،

واه ’شيدائي‘، ’خليق‘ ۽ واه ’بلبل‘ ۽ ’نسيم‘،

۽ ’ضياءُدّين جي لائق لياقت، اي وطن!

شل وڌن ويجهن وسن مارو سندءِ سرها رهن،

تنهنجي کيتن تي سدائين مينهن رحمت جا وسن،

سونهن پنهنجي سان هجين سالم سلامت،اي وطن!

 

تنهنجا شاعر ۽ سگهڙ ٿيا بيعدد ۽ بيشمار،

مان ڀلا ڪهڙا لکي ڪهڙا لکان صاحب سچار،

تن جي روحن کي رهي توساڻ رغبت، اي وطن!

 

اي وطن رهجي وئي تنهنجي ڪهاڻي ناتمام،

سست هٿ، نازڪ قلم، ۽ مختصر منهنجو ڪلام،

آههِ اڻکٽ تنهنجي تاريخي جلالت، اي وطن!

 

تنهنجي نقشي جو قسم،تنهنجي نزاڪت جو قسم،

تنهنجي صورت جو قسم، تنهنجي صباحت جو قسم،

تنهنجي شوڪت جو قسم ۽ تنهنجي عظمت جو قسم،

تنهنجي ٿڃُ جو مامتا جو ۽ محبت جو قسم،

جان ۽ دل سان ڪندس تنهنجي حفاظت، اي وطن!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com