سيڪشن؛ رسالا

مهراڻ 1973ع (3)

 

صفحو :1

مهراڻ 1973ع (3)

ايڊيٽر: غلام محمد گرامي

 

گذارش

 

اسلام آباد ۾، گذريل اپريل جي 6، 7 ۽ 8 تاريخ تي، اسلام آباد يونيورسٽيءَ ۾، آل پاڪستان هسٽري ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي مورخن ۽ دانشورن کان علاوه ٻاهرين عالمن ۽ محققن به شرڪت ڪئي. محترم ذوالفقار علي ڀُٽي، تڏهوڪي صدر ۽ هاڻي وزيراعظم پاڪستان، ان ڪانفرنس جو افتتاح ڪرڻ فرمايو.

هن ڪانفرنس ۾ پاڪستان تاريخي، عمراني ۽ ثقافتي پس منظر کي اڳيان رکي، انهن سببن ۽ مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي، جن جي موجودگيءَ ’پاڪستان‘ کي پيدا ڪرڻ لاءِ اهم پارٽ ادا ڪيو. محققن ۽ دانشورن ٽن ڏينهن جي مختلف اجلاسن ۾، تاريخ ۽ ان جي فني حيثيت جي تشريح جي روشنيءَ ۾ اهو فيصلو ڪيو ته پاڪستان جي تاريخ تي نئين سر غور ڪيو وڃي ۽ عالمن ۽ محققن کي ان موضوع تي لکڻ لاءِ دعوت ڏني وڃي. ڪانفرنس جو ڪنوينئر پروفيسر احمد حسن داني هو، جو هن وقت اسلام آباد يونيورسٽيءَ ۾ سماجي سائنس جي فيڪلٽيءَ جو ڊين آهي ۽ لسانيات ۽ تاريخ جي ماهرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

محترم ذوالفقار علي صاحب ڀُٽي پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ جن اهم بنيادي مسئلن کي موثر انداز ۾ بيان ڪيو آهي، تن تي ملڪ جي مڙني دانشورن کي سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي. پاڪستان جي تاريخ ۽ ان جي تشڪيل ۽ تعمير جي بنيادي عنصرن، تهذيب، ثقافت، ادب ۽ فن متعلق جنهن جامعيت سان ڀُٽي صاحب پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن، سي في الحقيقت  اڄڪلهه جي علم وارن لاءِ دعوتِ فڪر جي حيثيت رکن ٿا. ڀُٽي صاحب، پاڪستان جي تاريخ ۽ ثقافت جي فروغ جي سلسلي ۾ هڪ قومي ڪائونسل جي قيام جو پڻ اعلان ڪيو، جنهن جو نهايت گرمجوشيءَ سان خير مقدم ڪيو ويو.

افتتاحي تقرير ۾ ڀُٽي صاحب، ’تاريخ‘ تي فلسفيانه نگاهه وجهندي ٻڌايو ته

”تاريخ همعصر واقعن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ ضروري مواد موجود ڪري ٿي، انهيءَ ڪري عوام جي اجتماعي ڪوششن جي نوَن رستن جي تلاش ۾ هڪ ضروري رهبر جي حيثيت رکي ٿي. اهو ماضي، جنهن جو تاريخ ۾ ذڪر آهي، سو مُئل ماضي نه آهي، پر اهو زندهه آهي. ان جو پڙلاءُ حال جي هر حرڪت ۾ نظر اچي ٿو. ماضيءَ ۽ حال جو گڏوگڏ هلڻ هڪ انفرادي تجربي جو فرض خيال آهي، پر انهن جو باهمي بقاء ۽ تاريخي حقيقتن سان پيوسته هجڻ ڪا خيالي تخليق ڪانهي، نه وري ڪنهن برگسان جي مابعد الطبعياتي تشڪيل آهي، پر انسانيت جي سماجي تجربي جي هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن جو مشاهدو ڪري سگهجي ٿو.“

پاڪستان جي تاريخ ۽ ان جي اهميت متعلق ڀُٽي صاحب فرمايو ته

”جيڪڏهن اسان پاڪستان ۾ تاريخ کي وساريو ته پوءِ اسان نڪو پنهنجي حال کي سمجهي سگهنداسون ۽ نه وري ڪڏهن پنهنجي مستقبل کي سنواري سگهنداسون.“

        مسلمان مورخن جي تاريخي معيار ۽ فن جي روشنيءَ ۾ ڀُٽي صاحب، مورخن ۽ محققن کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته

”انهيءَ سلسلي ۾ مسلمان مورخن جو رخ انهيءَ قسم جي پيش آگاهي هئي، جنهن کي اڄ اسان هڪ انتهائي ضروري جديد شئي تصور ڪريون ٿا. انهيءَ فن ۾ جيڪڏهن اسان مسلم – هندستان جي تاريخ نويسن کي جديد معيارن تي پرکينداسون ته پوءِ انهن مان ڪي ٿورا انهيءَ معيار تي پورا لهندا.“

ڀُٽي صاحب فرمايو:

”آءٌ ته انهيءَ حد تائين ويندس ته پاڪستان جي تخليق جو منطق به تاريخ ۾ سمايل هو. انهيءَ جي معنيٰ اها ڪانهي ته اها ڪا زوال پذير مذهبي تحريڪ هئي؛ انهيءَ جي معنيٰ فقط هيءَ آهي ته جيڪڏهن ماڻهن کي تاريخ سان روشناس نه ڪرايو وڃي ها ته پوءِ اها تحريڪ زور نه وٺي سگهي ها.“

ڀُٽي صاحب، ان سلسلي ۾ مورخن تي زور ڏنو ۽ چيو ته

”آءٌ مورخن ۽ محققن کي بيڌڙڪ ٿي هيءُ چوندس ته انهن جي لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ دنيا ۾ اهڙي ٻي ڪابه سرزمين ڪانهي، جتي هو پنهنجون ڪوششون جاري رکي سگهن.“

’مهراڻ‘ جي هن پرچي ۾ ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل سمورا خطبا شايع ڪيا ويا آهن، جن ۾ جناب ڀُٽي صاحب جي مڪمل تقرير پڻ شامل آهي، جنهن مان چند اقتباس مٿي ڏنا ويا آهن. اميد ته مهراڻ جا پڙهندڙ، ان ساري فڪر انگيز حصي کي غور سان مطالع ڪندا، جن مان کين پنهنجي ملڪ جي تهذيبي ۽ ثقافتي تاريخ جي اهميت ۽ ضرورت جي خبر پئجي سگهي ٿي.

مهراڻ جو گذريل پرچو ٻٽو ڪري ڪڍيو ويو هو، يعني هلندڙ سال جا 1 ۽ 2 پرچا گڏ شايع ڪيا ويا هئا، پر هي پرچو اسان مقرر ميعاد اندر شايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. دراصل اسان جي خواهش ۽ ڪوشش اها آهي ته اسان هر پرچو مقرر ميعاد اندر شايع ڪريون پر اسان جي وڏي مجبوري اها آهي ته اسان کي معياري مواد هٿ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي. ’مهراڻ‘ سنڌي علم و ادب ۾ نه فقط پنهنجي قائم ڪيل علمي معيار جي ڪري امتيازي حيثيت رکي ٿو، پر ساڳئي وقت تي اهو سنڌ جي هڪ وڏي علمي اداري جو گويا ترجمان پڻ آهي. ان ڪري اسان جي ڪوشش اهائي آهي ته اسان پنهنجن پڙهندڙن اڳيان صحتمند ادب پيش ڪريون، جنهن مان معاشري جي تعمير ٿي سگهي.

خدا جي فضل ۽ ڪرم سان، سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾، اڄ اڳئين کان وڌيڪ شاعر، اديب ۽ دانشور موجود آهن. اسان کي سندن تعاون ۽ خلوص جو يقين آهي. اميد ته سندن مدد ۽ سهڪار سان ’مهراڻ‘ هميشه اڳئين کان اڳرو ٿي شايع ٿيندو.    – غ. م. گ.


 

اُتر وِڄُ چَمڪي، ڏکڻِ ٿيو اُهاءُ،

هِنيَڙو مُتون باغُ ٿِيو، جهُوپي مَنجهه نه ماءِ،

ساقي سُرڪَ پياءِ، عَقُل مون اَهکو ٿيو.

- گرهوڙي،

(سُر سارنگ)

 

 

سيويو جن سُبحان، وير نه وڙهي تن سين،

توبهه جي تاثير سين، تري ويا طوفان،

ڏيئي توڪل تڪيو، آر لنگهيا آسان،

ڪامل ڪشتيبان، وچ ۾ گڏين واهرو.

- شاهه لطيف رحه

 

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

 

درجا آهن دلين تي

سِر ته برابر سِر ٿيا، پر مَن جا ناهن مَٽَ،

دل تان لهن ڪينڪي، ڪڏهن جيڪر ڪَٽَ،

ته رڳي هوند هار ٿئي، يا کَلندي ٿئي نه کَٽَ،

جي دل تي چڙهن ڪينڪي، عشق جا اَلهٽَ،

دل تي نه هجن درد ۽ ٻيا ڦوڙائي جا ڦَٽَ،

ته سِر نه هجن منجهه سَٽَ، سچ ٿو ’صديقي‘ چوي.

3 –  3 – 1967ع، اسلام آباد.

 

---

سِر ڀلي ڏين سجدا، سَو سَو ۽ سئو وار،

چانئٺ چُمن چاهه مان ۽ پرينِ جا پيزار،

جي دل نه محبت کي مڃي ته سِر ڪُلهن تي بار،

’طالب مولا‘ طلب جي، جي دل کي لڳي لغار،

ته سِر به تڏهن سِر ٿين، نه ته بلڪل سي بيڪار،

سِر به تڏهن ٿا قبول پون، جڏهن دل پرکن دلدار،

سِر جُهڪن صدبار، ته به درجا آهن دلين تي.

22 – 10 – 1967ع، حيدرآباد.

---

سِر پيشانيون پنهنجون، جودئون جُهڪائين،

چُميو چانئٺ چاهه مان، ٿا پرين پرچائين،

پاڻهي وڃيو پاڻ کي، هو ڪُلهان ڪپائين،

’طالب مولا‘ تن جا، ڳڻ گهڻا ڳائين،

دل نه مڃي جيڪڏهن، ته هليو هارائين،

ڀل سهرا سِر پائين، ته به درجا آهن دلين تي.

22 – 10 – 1967ع، حيدرآباد.

---

سِر برابر ڪيترا، بيحد بار کڻن،

مهل اچي جي مورهئون، ته مچيو مٿا ڏين،

سورهيه سامهون جي ٿيا، ته ڌڙ کان ڌار ٿين،

دل گُهرجي درياء جيئن، نه ته سِر ٿيو بار پون،

ٺلها پٽڪا ته بُنڊَن تي به ٻڌيو ٿا سگهجن،

’طالب مولا‘ طلب ۾، دلبر به دل ڏسن،

تِهان پوءِ عاشق کي ٿا ٻيڻا ٻک وجهن،

سِر سوين هجن، ته به درجا آهن دلين تي.

9 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

جِت لڳن سِر جون بازيون، اُت ارادا گهرجن،

دل نه هوندي شير جيئن ته سِر سيڙاپو ٿين،

مقتل جي ميدان ۾، بيهي ڪين سگهن،

کڻيو پٽڪا پوئتي، بلڪل سي ڀڄن،

’طالب مولا‘ طلب ۾، داور پَسي دِلِن،

جن ۾ نيت نيڪ ٿئي، ۽ بختايون پلجن،

هي ئي حجّ به ڪن، درجا آهن دلين تي.

9 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

جيڪو داور در تي، دل سان ڪري دانهن،

ته ٻيهر به وٺي ٻانهن، ’طالب مولا‘ تنهن جي.

9 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

رڳو ڪعبي اڳيان، جي سکڻا سِر جُهڪن،

۽ هلي احرام اُجرا، ٻيڻا کڻي ٻَڌجن،

نيت نيڪ نه آهه جي، ۽ نمازون پڙهجن،

چُمجي چانئٺ رسول جي، روزا پڻ رکجن،

ته به مولا ۽ محبوب ٻئي، دائم دليون ڏسن،

قلب جڏهن ٿو قلب ٿئي، ته دهرا دانَ ملن،

’طالب مولا‘ طلب سان، محبت رکبي مَن،

حجّ هزار ڪجن، ته به درجا آهن دلين تي.

9 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

دل ٿئي فدا دوست تان، مٿو نه ٿئي منصور،

سِر کي سودا، وسوسا، مورهئون ڪن مجبور،

سِر سدائين سَٽنِ ۾، جهڄي ٿئي جهور،

دل اچي جي عشق تي ته ڪري ٿي ڪلور،

’طالب مولا‘ دل سان دلبر جو دستور،

دل ئي دردن ساڻ ٿي، ڀرجي ٿئي ڀرپور،

سِر ۾ ٺلهو سور، درجا آهن دلين تي.

9 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

سر ۾ رڳو عشق ٿيو، ته گدو بندر ۾ گوڙ،

هوندو هردم ٽنگ ۾، نِيَرُ ۽ ٻيو نوڙ،

سر ڦريو ته سدائين، رڳو روٽيءَ ٽوڙ،

’طالب مولا‘ دل ئي ٿي ڪري طلب ۾ توڙ،

ڀلي سِر ٻَڌجي موڙ، ته به درجا آهن دلين تي.

9 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

دائم دل جي زور تي، سِر فدا ٿا ٿِين،

بلڪل باطل ڳالهه کي، مرڳو ڪين مڃِين،

ڪاهيو پون ڪٽڪ ۾ ته ڪُلهان ڪنڌ ڪپين،

’طالب مولا‘ مرد ٿا، مُهِمن مٿا ڏين،

سَٽون سِر جهلين، ته به درجا آهن دلين تي.

9 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

آهي برابر سِر ۾، رمزن واري رڳ،

دل نه ڏني جنهن داور کي، تنهن وڃايا ٻئي جڳ،

نيت کپي نيڪ ٿي، جنهن جا دل ۾ آهن دڳ،

اُن مان وري ڪين ڪي، جي سکڻي ٻَڌبي پڳ،

’طالب مولا‘ دل ڏئي، وٺبا سڀئي سڳ،

چاهئون ڏبي چڳ، ته به درجا آهن دلين تي.

9 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

سر جهڪيو ته ڇا ٿيو، جُهڪي نه جيڪر دل،

ته اُها اڪثر ٿي ٿئي، منافق منزل،

سر ڏني نه حل ٿئي، مورهئون ڪو مشڪل،

’طالب مولا‘ دل سان، هڙئي ٿئي حاصل،

سر وڍجي اول، ته به درجا آهن دلين تي.

9 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

سر سدائين سَٽن ۾، رکي دل تي بيحد ڀَر،

جيڏهن لاڙو دل جو، تيڏهن کڻي ڪر،

ڪڏهن ڏسي ڪين ٿو، واٽن جو ڪو ور،

دل واريءَ دنيا ۾، ڪونهي خوف خطر،

’طالب مولا‘ ٿو ملي، دل سان ئي دلبر،

سر ته ٿئي ٿو گهر، دل ئي ديرو دوست جو.

9 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

سر ۾ سودا ٿي پوي، ته به ماڻهو جال جِين،

جنون جيڪر ٿو ٿئي، ته به هڙئي پيا هلن،

جي هجن ماليخوليا، ته به گُهمن ۽ ڦِرن،

وسواس ئي وڌي وڃي، ته به کائن ۽ پِين،

منڊڙا، ٽنڊڙا، لولڙا، ته به رستن تي رڙهن،

دل بيٺي ته دنگ ٿيو، هڪدم مريو پون،

حڪيم هيڪاندا اچن ته به ڪري ڪجهه نه سگهن،

کرن ۽ کوٽن جي به دليون خبر ڏين،

’طالب مولا‘ سر کي، پرين پوءِ پڇن،

دلبر دل گُهرن، ٻي ٻولي ناهه ڪا.

9 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

سر ويچارو سدائين، آهي دل جي وس،

دل چويس ته وڍجي، نه ته بلڪل ڪري بس،

اُنهين ٿئي اَوس، جئن ’طالب مولا‘ دل چوي.

9 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

اکيون ٿين جي اَنڌيون، ڏسڻ کان به وڃن،

ڪَنَ به جيڪر ڪڏهين، ٻُڌڻ ڇڏي ڏين،

سرن ۾ سودا ٿئي، ته چَرٽيا ٿي پون،

پير به پُرڻ ڇڏين جي، هلي ڪين سگهن،

۽ مڙئي عضوا ضعف کان، جواب ڏئي وهن،

ته به دليون دوست پَسن، ’طالب مولا‘ طلب ۾.

19 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

سر ته ريائي رمز ۾ به سجدا خوب ڏين،

پيشانيءَ جي داغ کي، ڏاها ڪونه ڏِسن،

نظر اُنهن تي الله جي، جي دل کي پاڪ رکن،

جنهن ۾ نج نيڪيءَ جون، نيتون ٿيون نپجن،

۽ ’طالب مولا‘ طلبون، پختيون ٿيو پون،

ڪَمَ ارادا ڪن، سر ته هلن ٿا حُڪم تي.

10 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

هيڻائيءَ ۾ حبيب وٽ، دل ٿي ڪري دنگ،

وجهي ٿي واحد سان، وحدت وارو ونگ،

نرمل ڪاڻ نروار ٿي، نڀائي سا ننگ،

عشق واريءَ آڳ تي، پاري پَر پتنگ،

’طالب مولا‘ طلب جي، رمزن جو ٿس رنگ،

آهي دل اڙٻنگ، پر ظاهر سر ٿيو سٽ ۾.

10 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

سر ڪپجي ته به ڪا گهڙي، دل ٿي هجي حيات،

’طالب مولا‘ ماٺ ۾، ڪري نه هوءَ هيهات،

مورهئون ٿئي نه ممات، رکي عشق عجيب سان.

10- 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

ماڻهو مري ته مريو وڃي، پر دل پئي پوءِ به جِئي.

ڪڍيو وجهن ڪنهن ٻئي ۾، ته هو جيئرو ٿو ٿئي،

ججهو هلي جهان ۾، پيو کائي ۽ پئي،

’طالب مولا‘ تنهن کي، ڏاتر به ڏان ڏئي،

سر وڍيل ڪنهن ٻئي تي، جي لڳي ته نِهڙ نِئي،

ڪو اهڙي عمل ڪئي، اڃا ته ڪامل ڪونه ٿيو.

10- 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

همدم جڏهن حبيب ٿئي، ته ڏي دل کي دلداري،

دل وٺڻ لئه دل تي، رکي هٿڙو هيڪاري،

سوز گداز به دل جي، سئنا سينگاري،

سر ۾ ٿئي ڪين ڪي، ڪا بره بيماري،

’طالب مولا‘ سر جي، ته ٿئي غمخواري،

سدائين ساري، دل جي سر کان سرسي.

10 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

دلبر درد فراق ۾، دل ئي ڌتاري،

سر ۾ سودا ٿي پوي، ته مٿو پيو ماري،

’طالب مولا‘ نيٺ سو، گدوءَ ۾ گهاري،

ڪو ويهي ويچاري، ته دلبر به آهي دل جو.

10 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

نينهن نهوڙي سر کي، هي ڪڏهن ڪونه ٿيو،

حيلن سان هليو ويو، جي سر ۾ سور پيو،

’طالب مولا‘ طلب جو، دل کي درد مليو،

اينهين ڪنهن نه چيو، ته سوز الم ٿئي سر ۾.

10 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

دل وارا ئي دنيا ۾ سورهيه ۽ سرويچ،

دل نه هجي ها ڌوٻڻ جي، ته ڪَهي نه وڃي ها ڪيچ،

جن ٺلها سر سنباهيا، سي ڏاها به ٿيا ڏاميچ،

”انهن سان ئي عجيب جا، بلڪل آهن پيچ،

جن دل سان پاتا پيچ، ’طالب مولا‘ طلب ۾.“

10 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

سر ته برابر ٿا ڪَهي، وڃو وَسائن سُڃ،

سدا اُت سَهن ٿا، ڏاکڙا ۽ ڏڃ،

هلن اوڏانهن هيج مان، جتي رڳي رڃ،

پر جڏهن لڳي ٿي دل کي، ڪا بره واري ڀُڃ،

سر به تڏهن ٿو سڙئي، جڏهن من ٿئي ٿو مُڃ،

’طالب مولا‘ دل سندا، اِهي آهن اُهڃ،

اٺئي پهر اُڃ، ويچاريءَ وصال جي.

10 – 12 – 1967ع، ڊاڪا

---

سر ته وڃو ٿا سڄڻ جي، سينن تي به سُمهن،

اکيون پڻ عجيب کي، ڏسيو نيٺ وٺن،

پير به پنهنجيءَ پر ۾، هليو اُت پڄن،

جسم به آخر ٿا وڃو، لالڻ ساڻ لڳن،

’طالب مولا‘ طلب ۾، دلڙيون درد سهن،

اٺئي پهر عشق کان، ڌڙڪيو ٿيون ڌڙڪن،

سک ڪري نه سمهن، هو سدائين سِڪڻ ۾.

10 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

من جي مخالف ڪو ٿئي، هڏهن نه ٿيو هيئن،

دل ئي پڄاڻي سر کي! سدا سڄڻ سيئن،

جيڪي جڏهن جيءَ چيو، ٿيو ’طالب مولا‘ تيئن،

دل نه اچي جنهن ڪم تي،سو ڪري سگهبو ڪيئن،

سر به اونهين ئي پيو ڪري، جيءُ ٿو چوي جيئن،

الله به ڪري ايئن، جيڪا دل مان دانهن ٿئي.

11 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

”القلب مرائہ المؤمنين“، اِتان رباني راه،

جنهن مان الاهي عشق جا، اجهامن نه آڙاه،

ان تي ڪرم ڪريم جو ۽ نوراني نگاه،

’طالب مولا‘ ڇا ڪري، سگهندو سندس ساراه،

دل ئي سا درگاه، جت الله آهي اوڏڙو.

11 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

آهي هن جهان کان، دل جو وڏو جهان،

لاشڪ لامڪان جو، هي ئي ماڳ مڪان،

حاصل هتان ئي ٿئي، سائين سبحان،

دل ڏي رک ڌيان، ’طالب مولا‘ مرد ٿي.

11 – 12 – 1967ع، ڊاڪا.

---

دل کي مڃن ڪينڪي، اڄوڪا انسان،

هو مائل رڳو مغز ڏي، جت عقل جا امڪان،

پر آهي هينئن فرمائيو، ڪريم منجهه قرآن،

”اِنّ الله يَحولُ بَيَن المرءِ و قَلبِہ“ چيو مالڪ مهربان،

تنهن جي نبي تائيد ۾، ڏنا بلڪل هي بيان،

”اِنّ في الجسَد مُضغَہ اذا صَلحَت“ جا آهن صورت

اندر سامان،

”اِنّ الله لايَنظُر اِليٰ صُورَکُم ولکن ينظر اِليٰ مُلوُبِکُم“،

هي فائق جا فرمان،

رکن ايمان اُن تي، محڪم مسلمان،

جي مورهئون نه مڃن دل کي، سي نسورا نادان،

’طالب مولا‘ تون به اِت، آڻج کي ايمان،

جو رسول ۽ رحمان، به درجا ڏنا دلين کي.

20 – 12 – 1967ع، هالا.

سروپچندر ”شاد“

وايون

 

(1)

مورک، ڙي مورک، پَن پَن ۾ ڇا ڳولين ٿو؟

پَن پَن ۾ ڇا ڳولين ٿو؟

 

ڪاشِي، مٿرا ۾ ڇا آهي؟ پيئي اُڏامي رَک،

پَن پَن ۾ ڇا ڳولين ٿو؟

 

پُراڻ، پوٿيءَ جو ايئن سهارو، پاڻيءَ تي جيئن ڪک،

پَن پَن ۾ ڇا ڳولين ٿو؟

 

ماڻهوءَ کان مُنهن موڙي تون ڇا، پائيندين مورک؟

پَن پَن ۾ ڇا ڳولين ٿو؟

 

ماڻهو آ اوتار پيار جو، سورڳ کان وڌ بَرک،

پَن پَن ۾ ڇا ڳولين ٿو؟

 

ماڻهو آهي جوت جلالِي، ماڻهوءَ سان نينهن رَک،

پَن پَن ۾ ڇا ڳولين ٿو؟

 

ماڻهوءَ جو مَن اَزلي آهي، جوهريءَ جي ڄڻ اَک،

پَن پَن ۾ ڇا ڳولين ٿو؟

 

من ۾ سڀ ڪجهه آهي سمايل، ڪري ڏِسين جي پَرک،

پَن پَن ۾ ڇا ڳولين ٿو؟

پريم – پيالو اَمر بڻائي، چُڪي اُنهيءَ مان چَک،

پَن پَن ۾ ڇا ڳولين ٿو؟

 

پريم جو پنڌ پرانهُون ٿيڙو، اوريان آهه اَلک،

پَن پَن ۾ ڇا ڳولين ٿو؟

 

مورک، ڙي مورک، پَن پَن ۾ ڇا ڳولين ٿو؟

 

(2)

روز دُکائي ڌُوپ، ڪنهن جي راهه نهارين ٿي؟

 

تنهنجي اوجاڳيل اکڙين ۾ روشن ڪنهن جو روپ؟

ڪنهن جي راهه نهارين ٿي؟

 

مُک تي مُکڙيُون،چال ۾ سَرگَم،هَئي هَئي هِي ٻهروپ،

ڪنهن جي راهه نهارين ٿي؟

 

پيار اُجاريو آهي جڳ کي، ڪهڙو رُوپ ڪُروُپ،

ڪنهن جي راهه نهارين ٿي؟

 

ڇا ٿي ڳولين؟ تنهنجي من – جهولي ۾ لُڏي سَرُوپ،

ڪنهن جي راهه نهارين ٿي؟

 

 (3)

ڪهڙي ڪرين ٿو سَڌ، سڌڙيا،

هيءُ ته سِر جو سودو آهي.

هِن دُنيا ۽ هُن دنيا کان هيءُ مهانگو مَڌُ،

هيءُ ته سِر جو سودو آهي.

 

اَمرت کان هِي مڌُ مِٺو آ،ڪؤڙو وِهه کان وَڌُ،

هيءُ ته سِر جو سودو آهي.

 

خام خوديءَ کي پهرين سَٽ ۾ اُڇلي ڪر تُون اَڌُ،

هيءُ ته سِر جو سودو آهي.

 

وهم وجوُدي سڀئي وساري، پوءِ ماڳ ڏي وَڌ،

هيءُ ته سِر جو سودو آهي.

 

(4)

وِلهه ۾ ويڻا ڇيڙ،

او پرين پرڏيهِي!

 

پريم – چُڪي پي هِي پَل آيو،

پنهنجي پکڙي پيهِي–

او پرين پرڏيهي!

 

هي پَل جيوَن جو ڦَل آهي،

قُرب ڪريون ڪو ويهي--

او پرين پرڏيهي!

 

اُڀ ۾ کِڙيل انڊلٺ وانگي،

ڏَيا ڀَري هي ڏيهي--

او پرين پرڏيهي!

هن پل کي اچ اَمر بنايون،

ٻئي جي ڳڻتي ڪيهي--

او پرين پرڏيهي!

 

(5)

ڦُٽي آهي ڙي باک،

ڪَرَ موڙي ڪنهن آههِ نهاريو؟

 

ڪنهن جو مُرڪيو، ٿيو اُجالو، لڳي اوڀر ۾ لاک،

ڪَرَ موڙي ڪنهن آههِ نهاريو؟

 

چيٽ جي چانڊوڪي چوڌاري،وک وک تي ويساک،

ڪَرَ موڙي ڪنهن آههِ نهاريو؟

 

ڪنهن جي ياد جو آئي، پَڳ پَڳ ڦُٽي بَسنتِي باک

ڪَرَ موڙي ڪنهن آههِ نهاريو؟

 

منهنجا آهن سور ساماڻا، پَڪي آهي ڄڻ ڊاک

ڪَرَ موڙي ڪنهن آههِ نهاريو؟

 

ڪنهن جي سونهن جي،چوڏهينءَ جو چنڊ ڀري سدائين ساک؟

ڪَرَ موڙي ڪنهن آههِ نهاريو؟

 

(6)

روٽي آ رکپال، پيٽ وڏو پرميشِوَر آهي.

 

روٽيءَ لئه حيران آ هرڪو، هيڻو سڀ جو حال،

پيٽ وڏو پرميشِوَر آهي.

ماڻهو ماڻهو آ مُرجهايل، جيءَ جيءَ آهه جنجال،

پيٽ وڏو پرميشِوَر آهي.

 

ماروئڙن کي ويا وِڪوڙي،هاءِ ڪوڙهه جان ڪال،

پيٽ وڏو پرميشِوَر آهي.

 

اَنّ بنان سنسار سُڃو ايئن،جيئن ڪوئي ڪنگال،

پيٽ وڏو پرميشِوَر آهي.

 

اَن آهي ڌن، سونهن، سچائي، جوتِي ۽ جلال،

پيٽ وڏو پرميشِوَر آهي.

 

روٽي راضي ٿئي، رب راضي، سُکڙا ورن شال،

پيٽ وڏو پرميشِوَر آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com