پاڪستان هسٽري ڪانفرنس جي موقعي تي جناب ذوالفقار
علي ڀُٽي صدر پاڪستان جي افتتاحي تقرير
پاڪستان هسٽري ڪانفرنس جي نمائندن سان ملي مون کي ڏاڍي
خوشي ٿي آهي. آءٌ اهو ڏسي به خوش ٿيو آهيان ته
انهن نمائندن ۾ ڪي غير ملڪي شامل آهن. سندن هتي
موجودگيءَ منجهان، مان اهو مطلب ڪڍان ٿو ته هيءُ
علمي ڀائپيءَ جو مظاهرو آهي، - اها ڀائپي عالمن جي
انهيءَ جذبي وسيلي قائم ٿي آهي، جيڪو سچ جي ڳولا
۾، ”قوم“ يا ”ثقافت“ جا سنڌا اورانگهي وڃي ٿو. علم
جي ڪنهن به شاخ کي اتساهه ۽ عالمي ڀائيچاري جي
ايڏي ضرورت نه آهي جيڏي ”تاريخ“ کي.
مان پاڻ تاريخدان نه آهيان، پر علم ۽ دانش جي انهيءَ
ميدان ۾ گَهري دلچسپي وٺڻ کان رهي نه سگهيو آهيان.
اها دلچسپي نه فقط منهنجي پنهنجي ذاتي چاهه ڪري
آهي، پر سياست جي سرگرم ميدان جي تجربي ڪري پڻ
پيدا ٿي آهي. تاريخ جي باري ۾ پروفيسر ٽوئن بي
صحيح چيو آهي ته اها اسان جي سماجي تجربي جي ذهبي
تنظيم آهي. تاريخ همعصر واقعن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ
ضروري مواد موجود ڪري ٿي، انهيءَ ڪري عوام جي
اجتماعي ڪوششن جي نوَن رستن جي تلاش ۾ هڪ ضروري
رهبر جي حيثيت رکي ٿي. اهو ماضي، جنهن جو تاريخ ۾
ذڪر آهي، سو مئل ماضي نه آهي. اهو زندهه آهي. ان
جو پڙلاءُ حال جي هر حرڪت ۾ نظر اچي ٿو. ماضي ۽
حال جو گڏوگڏ هلڻ هڪ انفرادي تجربي جو فرضي خيال
آهي، پر انهن جو باهمي بقاءُ ۽ هڪٻئي سان پيوسته
هجڻ فقط ڪنهن پرائوسٽ جي خيالي تخليق ڪانهي نه وري
ڪنهن برگسان مابعدالطبعياتي تشڪيل آهي، پر انسانيت
جي سماجي تجربي جي هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن جو
مشاهدو ڪري سگهجي ٿو. سياست جي ميدان ۾ جيڪو شخص
سرگرم حصو وٺي ٿو سو ڪڏهن به تاريخ جي صحيح مطالعي
کي نظرانداز نٿو ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن هو ائين ڪندو
ته پاڻ کي جوکي ۾ وجهندو. والٽيئر جو چوڻ آهي ته
”تاريخ جي مطالعي ختم ڪرڻ سان اوهان ڏسندؤ ته
انگلنڊ ۾ هڪ نئون ڪرامويل پيدا ٿيو آهي.“ جيڪڏهن
اسان پاڪستان ۾ تاريخ کي وساريو ته نڪي پنهنجو حال
سمجهي سگهنداسون ۽ نه وري ڪڏهن پنهنجي مستقبل کي
سنواري سگهنداسون.
هيءَ هڪ حقيقت آهي ته مسلمانن کي هميشہ تاريخ جو شوق
رهيو آهي. مسلمان تاريخ نويسن کي حقيقت جي مقصد جي
تلاش جو هميشہ عشق رهيو آهي. اِهي اُهي ئي هئا جن
پنهنجن طريقن سان پنهنجي تاريخي تفصيل جي بيان ۾
انگ اکر ۽ اقتصادي معلومات کي جاءِ ڏني آهي. ابن
خلدون پاڻ کي هڪ سماجي تجزيه نگار جي حيثيت ۾
نمايان ڪيو. عرب ۽ ايراني مورخ ئي هئا، جن پهرين
سڄيءَ دنيا جون تاريخون لکيون. علاقائي تنگ نظريءَ
۽ عصيبت کان آزاديءَ ۾ دلچسپيءَ جو مدار انسانذات
جي وحدت جي اڳڪٿيءَ تي رکيل آهي. انهيءَ سلسلي ۾
مسلمان مورخن جو رُخ انهيءَ قسم جي پيش آگاهي هئي،
جنهن کي اڄ اسان هڪ انتهائي ضروري جديد شيءِ تصور
ڪريون ٿا. انهيءَ فن ۾ جيڪڏهن اسان مسلم – هندستان
جي تاريخ نويسن کي جديد معيارن تي پرکينداسون ته
انهن مان ڪي ٿورا انهيءَ معيار تي پورا ڪونه
لهندا. آءٌ ته ائين به چوندس ته پاڪستان جي تخليق
جو منطق ئي تاريخ ۾ سمايل هو. انهيءَ جي اها معنيٰ
ڪانهي ته اها ڪا زوال پذير مذهبي تحريڪ هئي.
انهيءَ جي معنيٰ هيءَ آهي ته جيڪڏهن ماڻهن کي
تاريخ کان روشناس نه ڪرايو وڃي ها ته اها تحريڪ
ايترو زور نه وٺي ها، جيترو در حقيقت اها وٺي چڪي
هئي. انهيءَ ڪري آءُ مورخن کي بيڌڙڪ ائين چوندس ته
انهن جي لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ دنيا ۾ اهڙي ٻي
ڪابه سرزمين ڪانهي، جتي هو پنهنجون ڪوششون جاري
رکي سگهن. پر اسان کي هروڀرو انهيءَ لهر جي چوٽ تي
چڙهي وڃڻ نه گهرجي. ڇا اسان کي اها ڄاڻ نه آهي ته
اسان جا موجوده تاريخي مطالعا تنگ ۽ تمام محدود
آهن؟ انهيءَ جا جيڪي سبب آهن، سي مان تفصيل سان
هتي ٻڌائڻ نٿو گهران. انهيءَ باري ۾ هيترو چوڻ
ڪافي ٿيندو ته ايشيا ۽ آفريڪا جي ٻين سماجن وٽ
کوجنا ۽ تلاش جي جيڪا اڻپورائي آهي، تنهن جو
پاڪستان پڻ شڪار آهي. تاريخ جي تحقيقات مطالعي جي
سلسلي ۾ جيڪا گهٽتائي آهي، تنهن جو هڪ سبب اهو آهي
ته عام تاريخ، جيڪا اسان کي اسڪولن ۾ پڙهائي ويندي
آهي، سا فقط جنگ ڪرائيندڙن ۽ بادشاهن، لڙاين ۽
فتحن، منصوبن ۽ مختلف بادشاهن جي درٻارن ۾ سازشن
جي سرگذشت آهي. اهڙي تاريخ لکڻ يا پڙهڻ وقت اها
حقيقت ذهن ۾ نه رکي ويئي آهي ته تاريخ درحقيقت هڪ
قوم جي تاريخ آهي. حاڪم گهراڻن ۽ شهنشاهي نظام
اسان جي تاريخ کي ڄڻ ته تنگ ڊ ننڍڙو ڪري ڇڏيو آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ تنظيم جي سياسي رُخ ڏانهن خاص ڌيان
ڏنو وڃي ٿو. ڪنهن خاص معاملي ۾ جيڪا ڳالهه اسان کي
سياسي نظر ايندي، سا فقط اتفاقي هوندي. اسان جي
عام تاريخ ۾ واقعن جو ذڪر آهي، جنهن مان هر هڪ
واقعي جو عوام جي واڌاري سان اتفاقي تعلق نظر
ايندو. اهڙي قسم جي تاريخ ۾ انهن قوتن جو معمولي
ذڪر آهي، جيڪي عوام جي قسمت کي تشڪيل ڏين ٿيون.
مثال طور، پاڪستان ۾ هر اسڪولي شاگرد کي ڇهن مغل
شهنشاهن جي نالن جي خبر آهي، پر جيڪڏهن ڪو شاگرد
وڌيڪ ذهين آهي ته کيس انهن بادشاهن جي تخت تي ويهڻ
جون تاريخون ۽ جنگيون به ياد هونديون. پر هن کي ان
دؤر جي روحاني، اقتصادي ۽ سماجي تاريخ گهٽ پڙهائي
ٿي وڃي. هن کي انهيءَ باري ۾ ڪابه خبر ڪانهي ته 17
– صديءَ ۽ 18 – صديءَ جي شروعات واريءَ دنيا ۾ مغل
– هندستان جو مقام ڪهڙو هو؟ جئن ته مغلن کان پوءِ
هن ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جو دؤر شروع ٿيو، ان ڪري
اسان جي تاريخ ۾ انهن ٻنهي دؤرن جو بلڪل خاتمو اچي
ويو ۽ انهن جو هڪٻئي سان ڪوبه لاڳاپو نه رهيو.
انهن ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، تنهن کي
مختلف خاندانن جي زوال ۽ مڪاني سردارن جي اطاعت
قبول ڪرڻ وارن واقعن جي تشريح سان پُر نٿو ڪري
سگهجي. درحقيقت اسان روحاني، سماجي ۽ اقتصادي
ماضيءَ جي گَهري مطالعي کان سواءِ جيڪا تاريخ
پڙهائي رهيا آهيون سا ڪنهن ڪم جي ڪانهي. اها تاريخ
ڌار ڌار ٽڪرن جو هڪ مجموعو آهي، جنهن ۾ ڪوبه ربط
ڪانهي. اها ڳالهه بيٺڪي دؤر ۽ اسان جي آزاديءَ جي
تحريڪ جي اڀرڻ جي تاريخ سان گهڻو وڌيڪ ٺهڪي اچي
ٿي. ان قسم جي تاريخ هن ننڍي کنڊ جي هڪ حصي ۾
مسلمانن جي حڪمرانيءَ ۽ اسلامي تحريڪ جو فقط سطحي
ذڪر آهي، جيڪو شاگرد جي سامهون اچي ٿو. اهي سماجي
۽ اقتصادي قوتون، جن جي زور سبب اها تحريڪ شروع
ٿي، سي اڃا تائين تاريخي لحاظ سان سمجهايون نه
ويون آهن. انهيءَ تحريڪ جي اصل تاريخ ڪهڙي هئي؟ ڇا
ٽيپو سلطان جي اختيار ڪيل موقف ۽ ان کي قائم رکڻ
لاءِ سندس مقابلن ۽ لاهور واري ٺهراءَ جي اعلان جي
وچ ۾ ڪو ڳانڍاپو هو؟ آءٌ اهي سوال فقط هن مقصد سان
پيش ڪريان ٿو ته اسان کي انهيءَ باري ۾ بلڪل
معمولي ڄاڻ آهي ته گذريل ٻن سؤن سالن جي تحريڪ
دوران اسان بحيثيت هڪ قوم ڪهڙي شڪل اختيار ڪئي
آهي.
متان اوهان ائين سمجهو ته پاڪستان ۾ تاريخ جي مطالعي جي
معيار بابت آءٌ اجايو کُهرو ٿي ويو آهيان: آءٌ هتي
هي ٻڌائڻ گهران ٿو ته تاريخ کي سمجهڻ ۾ ناڪاميءَ
جو مسئلو فقط اسان جي ملڪ جو ڪونهي. هڪ مثال اسان
جي پاڙيسري ملڪ هندستان جو به آهي، جيڪو پڻ اسان
جي تاريخ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي. هندستان کي اڃا اها
به خبر ڪانهي ته هو پنهنجيءَ تاريخ کي ڪهڙي نموني
۾ منهن ڏئي. ان جا ڪيترائي نام نهاد مورخ شايد
مسلمانن جي تسلط جو سمورو ذڪر تاريخ مان بلڪل ڪڍي
ڇڏڻ پسند ڪن، ليڪن هو انهيءَ ۾ ڪامياب نٿا ٿين،
تنهن ڪري اهڙيون خيالي ۽ حيرت انگيز ڳالهيون گهڙي
اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته مثلاً تاج محل هندو
ذهانت جي تخليق هئي. هو هي نظريو پيش ٿا ڪن ته
مسلمانن جو بقاءُ هندن جي ’اهنسا‘ واريءَ پاليسي
ڪري هو ۽ هو هن چٽيءَ حقيقت کي مڃڻ لاءِ تيار نه
آهن ته هندومت جو بقاءُ مسلمانن جي ’صلح ڪل‘ واري
جذبي جي ڪري ٿيو، جنهن جو اظهار اوڀر يورپ ۽ اسپين
۾ ڪنهن ٻئي جامي ۽ صورت ۾ ٿيو. پر، اهي هندستان جا
مسئلا آهن، جيڪي ان کي ئي حل ڪرڻا آهن، پوءِ اهي
ذهني هجن يا علمي – اسان فقط پنهنجي تاريخي روايت
جي سمجهاڻيءَ جو فرض پورو ڪري سگهون ٿا.
اسان جو سماج اسلام جي انهيءَ مذهبي ثقافت جي پيداوار
آهي، جيڪو پاڻ ۾ ايراني اثر کي جذب ڪري ظهور ۾ آيو
هو؛ ان کان پوءِ ان هندستان سماجي ماحول منجهان
اثر ورتو ۽ پوءِ اهو برطانوي راڄ جي مغربي تهذيب
جي هڪ هولناڪ رخ کان متاثر ٿيو. اسان جي قومي روپ
جي پيچيدگي، تاريخي تحقيقات ۽ تجزيه جي اڻکٽ ۽
دلچسپ موضوعن ڏانهن دعوت ڏئي ٿي. انهيءَ تحقيقات
جو مقصد هيءُ هئڻ گهرجي ته انهن تاريخي دؤرن کي
کولي پڌرو ڪيو وڃي، جن مان اسان لنگهي چڪا آهيون،
چاهي ٻين جا مُهرا ٿي ڪم اچڻ جي صورت ۾ يا خود
سرگرم عمل رهڻ جي حيثيت ۾.
انهيءَ اهم ضرورت جي تڪميل جي لاءِ آءٌ هن موقعي تي
تاريخي ۽ ثقافتي تحقيقات جي هڪ قومي ڪميشن قائم
ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو. انهيءَ ڪميشن جي ذمي هيءُ
ڪم هوندو ته اها هن ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن جي آزاديءَ
جي تحريڪ جي سڃاڻپ ڪري، ان جي تشريح ۽ تڪميل جو
اندازو لڳائي ان سان گڏ اها ڪميشن خاص ڪري مسلمانن
جي تحريڪ جي نفسياتي پس منظر، ان جي سماجي ۽ معاشي
محرڪن، عالمي تحريڪن جي پس منظر ۾ ان جي آئينده
طريقه ڪار، عالم اسلام ۽ ٻين ايشيائي ۽ غير
ايشيائي سماجن سان لاڳاپن تي زور ڏئي. آءٌ يقين ٿو
رکان ته هيءَ قومي ڪميشن سڀني واسطيدار ميدانن مان
چوٽيءَ جي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪندي، ته جيئن
اهي انهن موجود ادارن جي ڪم جي نظرداري ڪن ۽ ان جي
وچ ۾ ڳانڍاپو آڻين، جيڪي انهيءَ موضوع ۽ ٻين
واسطيدار موضوعن جي مطالعي ۾ مصروف آهن.
فقط اهڙي قسم جي ڪميشن ئي انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد
ڪري سگهندي، جيڪي اسان کي پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ جي
سلسلي ۾ پيش اچي رهيا آهن. اسان کي هي ياد رکڻ
گهرجي ته قومي سڃاڻپ جو هي مسئلو انهيءَ نوعيت جو
ڪونهي جيڪو ٻين مملڪتن ۾ پيدا ٿيو هو، جيڪي
جغرافيائي بنياد تي قائم ٿيون هيون ۽ جن جا عوام
صدين کان وٺي پنهنجن روايتن ۾ ڳنڍيل آهن. اسان
جهڙي قوم جي لاءِ جيڪا ثقافتي بنياد تي هڪ وڏي
جغرافيائي وحدت مان ڪوري ڌار ڪئي ويئي آهي، تنهن
جي مسئلي جو تعلق خود ان جي وجود سان آهي.
مونجهاري ۽ گَهري سوچ جي نه هئڻ سبب ئي اسان جي
قوم انهن دٻائن کي منهن ڏيئي نه سگهي، جن جي نتيجي
۾ 1971ع ۾ پاڪستان ٻه ٽڪرا ٿي ويو. منهنجي انهيءَ
بيان مان اهو اثر وٺڻ نه گهرجي ته ڪو مون پنهنجي
مخالف نقادن طرفان پيش ڪيل انهيءَ دعويٰ کي قبول
ڪيو آهي ته پاڪستان جي قومي شخصيت ۾ اتحاد ۽
انهيءَ انگ ايڪي جو فقدان آهي، جيڪو لکين ڪروڙين
مردن ۽ عورتن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. مون کي اها قومي
شخصيت اهڙي چٽي ڏسڻ ۾ اچي پئي، جهڙا توهان جا
انفرادي مهانڊا. مون کي ان ۾ ذري برابر به شڪ
ڪونهي ته پاڪستان جي قومي شخصيت جو بنياد انتهائي
مضبوط جبلت تي بيٺل آهي. ضرورت فقط ان ڳالهه جي
آهي ته انهيءَ شخصيت جي بنيادي تشڪيلي جزن جي
وضاحت لاءِ علمي ۽ ذهني ڪوشش ڪريون. انهيءَ ڪم ۾
هڪ مؤرخ ٻين سماجي سائنسدانن کان وڌيڪ موثر ڪردار
ادا ڪري سگهي ٿو. هڪ دفعو جيڪڏهن اسان کي پاڻ ۾
قوميت جي احساس جي ذهني فقدان جي يقيني ڄاڻ ملي
وڃي ته پوءِ اسان جي قومي وجود جو انتهائي طاقتور
احساس پيدا ٿيندو. جيئن اهو احساس آهستي آهستي
عوام ۾ سراعت ڪندو، تيئن اهو انهن پاڪستانين لاءِ
عمل جي راهه ڏسيندو، جيڪي اسان کان پوءِ ايندا.
اهو چيو ويو آهي ته انهيءَ کان وڌيڪ انسان جي لاءِ ٻي
ڪابه خوشيءَ جي ڳالهه نه آهي جو ان کي ارتقا ۽
تبديليءَ جو احساس ٿئي، جنهن جي وسيلي ماضي اسان
کي اصلي روپ ۾ سامهون اچي ۽ اسان کي اهو احساس ٿئي
ته ڪهڙي تبديليءَ ذريعي ارتقائي منزلون طئه ڪري
حال بنجي ويو آهي ۽ اهو به ته ارتقا جو اهو مسلسل
وهڪرو آهي جنهن ۾ اسان سڀ شريڪ آهيون ۽ جنهن جي
ذريعي چڱائي يا خرابيءَ جي لاءِ اسان پنهنجو
مستقبل تعمير ڪري رهيا آهيون. تاريخي علم و فضل
ماضيءَ جي لاڳيتي نڪته چيني آهي ۽ حال تي مسلسل
تبصرو آهي. انهن اصولن تي صحيح نموني تڏهن هلي
سگهبو جڏهن تنگ نظري يا تعصب جي بنياد تي ٻين
تهذيبن تي ڪوڙن الزامن هڻڻ کان پاسو ڪبو ۽ پنهنجي
تهذيب ڏانهن ڪَٽر پَڻي واري رويي کان پري رهبو.
اها تاريخ خراب آهي، جنهن ۾ ٻين جي خلاف زهر ڀريو
وڃي يا انهن کي آفيم واري ننڊ ڏيئي ڇڏجي، جن جي
لاءِ اها لکي ويئي هجي. اسلام آباد يونيورسٽي
ثقافتي تاريخ ۽ پاڪستاني مطالعن جا جيڪي نوان شعبا
کوليا آهن، يا تاريخ ۽ ثقافتي تحقيقات جي نئين
ڪميشن، جنهن جو مون هاڻي اعلان ڪيو آهي، سي جيڪڏهن
سائنسي جذبي ۽ بيريائيءَ ۽ تنگ نظريءَ کان پري رهي
پنهنجو ڪم شروع ڪندا ته مون کي بيحد خوشي ٿيندي.
سڀ کان وڏي ڳالهه ته آءٌ انهن سڀني کي اپيل ڪندس
جيڪي پاڪستان ۾ توڙي ٻين هنڌن تي اسان جي تاريخ جو
جيڪو مطالعو ڪري رهيا آهن، ته اهي هن مطالعي کي
هروڀرو سولو نه سمجهن ۽ انهن رواجي ڳالهين کان
پرهيز ڪن جيڪي هن وقت اسان جي تاريخ ۾ پڙهايون وڃن
ٿيون. انهن کي گهرجي ته هو صبر ۽ همدرديءَ سان
انهن عملي قوتن کي سمجهن، جيڪي اسان جي ماڻهن جي
زندگيءَ تي اثرانداز ٿي رهيون آهن.
پڇاڙيءَ ۾ آءٌ هن ڳالهه تي زور ڏيندس ته اهي اُصول،
جيڪي اسان کي اڀارين ٿا ۽ اهي عمل، جن تي اسان هلي
رهيا آهيون، تن جي وچ ۾ جيڪو نمايان فرق آهي، تنهن
کان وڌيڪ بهتر ٻي ڪابه شيءِ ڪانهي، جيڪا اسان جي
تاريخي ۽ سماجي جاچ وٺڻ لاءِ اسان کي اُڀاري.
اسلام انسانن جي خدمت جو مذهب آهي ۽ سڀني مذهبن ۾
گهڻي ۾ گهڻو دوئيءَ کان ڌار آهي. اسلامي ثقافت
پنهنجي توانائي، عملي رُخ مان حاصل ڪئي آهي، جيڪو
سڀني سائنسن جو ماخذ ليکيو وڃي ٿو ۽ اهائي قرآن
شريف جي هدايت آهي. انهيءَ هوندي به اسان اسلام
سان وڏو ظلم ڪيو آهي جو اسان ان کي جهالت جو
علمبردار ۽ انساني استحصال جو ذريعو بنايو آهي.
اسلام سيکاري ٿو ته الله تعاليٰ جي سامهون سڀ
انسان هڪجهڙا ۽ برابر آهن، ته پوءِ اهو ٻڌايو وڃي
ته ڇا اسان جون سماجي ريتون هڪجهڙائيءَ ۽ برابريءَ
تي ٻڌل آهن؟ جيڪڏهن دوئيءَ کي دُور ڪرڻو آهي ته
پوءِ سماجي مورخن تي لازم آهي ته هو سامهون اچي
بيماريءَ جي تشخيص ڪن. آءٌ نٿو سمجهان ته ڪو اهو
ڪم هڪدم ٿي ويندو، انهيءَ مقصد جي تڪميل ۾ سوچ ۽
ڪوشش جا ورهين جا ورهيه لڳي ويندا، پر تنهن هوندي
به اسان کي تسلي ٿيندي ته ڪم جي شروعات ٿي ويئي
آهي. اهڙي شروعات پنهنجي پاڻ تي سخت نڪتچيني ڪرڻ
کان سواءِ ممڪن نه آهي.
1914ع ۾ پروفيسر ايڇ . اي آر گِب پنهنجو خيال ظاهر ڪيو
هو: ”مون عربن لاءِ، عربي زبان ۾ لکيل اهڙو ڪوبه
ڪتاب ڪونه ڏٺو آهي جنهن ۾ اهو چٽيءَ طرح ڄاڻايو
ويو هجي ته خود عربن لاءِ عرب ثقافت جي ڪهڙي معنيٰ
آهي؟“ اها ڳالهه جيڪا 1914ع ۾ عربن جي باري ۾ صحيح
هئي سا پاڪستان جي ماڻهن لاءِ به اهڙي ئي صحيح
آهي، جن موجوده دنيا ۾ پنهنجي تشريح ڪرڻ جي باري
جي جيڪا ڪوشش ڪئي آهي تنهن ۾ سندن تهذيب جي
شروعات، اوسر ۽ ڪاميابيءَ بابت معلومات جو فقدان
آهي.
ملڪ جي ورهاڱي واري پوئين دؤر ۾ جيڪا تاريخ لکي ويئي
آهي سا نه فقط ڪتابن جي تعداد جي لحاظ کان تسلي
بخش ڪانهي ۽ نه ئي وري اها اعليٰ معيار جي آهي.
انهيءَ تاريخ ۾ سچ کي قومي وڏائيءَ تي ۽ عملي
معيار کي گهڻن خريدارن پيدا ڪرڻ واري خواهش تي
قربان ڪيو ويو آهي. اسان جي ملڪ ۾ تاريخ نويسيءَ
جو ڪم وڌندڙ مونجهاري ۾ پوندو پيو وڃي.
بهرحال، اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو هن وقت قومي مسئلن
ڏانهن نئون رُخ ورتو پيو وڃي ۽ اسان ۾ قومي مقصد
جو هڪ نئون احساس پيدا ٿي رهيو آهي.
اسان جي قومي قدرن ۽ ضرورتن جو هي نئون اتساهه اسان جي
ذهني افق کي وسيع بنائڻ لاءِ هڪ سٺو سوڻ آهي.
انساني تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ دنيا جي قومن کي هڪٻئي
کي سمجهڻ ۽ هڪٻئي جي تاريخ ۽ ثقافت کي پروڙڻ جي هن
وقت جيڪا ضرورت آهي، اهڙي هن کان اڳ ڪڏهن به ڪانه
هئي. اسان پنهنجن سڀني پاڙيسرين جي چڱي ڄاڻ رکڻ جي
ضرورت محسوس ڪريون ٿا. دنيا جي مختلف قومن جي وچ ۾
هي اثرائتو ۽ ڪارآمد ساٿ، صحيح محبت ۽ خلوص واري
دوستي هڪ ٻئي جي تاريخ ۽ ثقافت کي سمجهڻ سان ئي
بهتر نموني وڌي سگهي ٿي.
انگريزن سان گهڻي وقت جي ساٿ جي ڪري ۽ سندن ڏيکاريل واٽ
تي هلندي اسان انگريزن ۽ يورپي قومن جي تاريخ ڪنهن
حد تائين پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسڪولن،
ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تاريخ جي شاگردن لاءِ جيڪي
نصاب آهن، سي ملڪ ۾ برطانوي روايت جي اثر هيٺ ئي
تيار ڪيا ويا آهن. انهيءَ ڪري هاڻي وقت اچي ويو
آهي جو اسان پنهنجين دلچسپين جو دائرو وسيع ڪيون ۽
تاريخ جي نصابن ۾ پاڙيسري ايشيائي ملڪن – خاص ڪري
ڏکڻ ۽ اوڀر ايشيا ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن جي مطالعي کي
شامل ڪريون، جيڪي انتهائي غريب آهن. ڪن يونيورسٽين
اڳيئي ڪن ملڪن جي تاريخ پنهنجي نصاب ۾ شامل ڪري
ڇڏي آهي ۽ ان ۾ دراصل ڪجهه واڌارو به ڪيو ويو آهي.
پر اسان کي اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. اسان جي لاءِ
ضروري آهي ته اسان اوڀر ۾ پنهنجن پاڙيسرين، جهڙوڪ
چين، جاپان، انڊونيشيا، برما، مليشيا يا اولهه ۾
ايران، افغانستان يا عرب وغيره جي تاريخ جي سوال
تي سنجيدگيءَ سان غور ڪيون. منهنجي خيال ۾ مؤرخن
جو اهو فرض آهي ته هو ان معاملي ۾ شروعات ڪن. اسان
تي موجوده ۽ آئنده نسلن جي ذميواري آهي ۽ انهيءَ
سلسلي ۾ اسان کي پنهنجو فرض ايمانداريءَ سان پورو
ڪرڻ گهرجي. دنيا جي اڌ کان وڌيڪ آدمشماري ڌرتيءَ
جي هن حصي ۾ رهي ٿي ۽ اهو انتهائي افسوسناڪ بلڪ
شايد خطرناڪ ٿيندو جو جيڪڏهن اسان انهن قومن جي
تهذيبن ۽ ثقافتن، خواهشن ۽ ڪاميابين کان بيخبر
رهجي وڃون، جيڪي دنيا جي ان حصي ۾ رهن ٿيون، جنهن
۾ اسان رهون ٿا.
آءٌ تقرير ختم ڪرڻ کان اڳ تنظيمي ڪميٽيءَ جو شڪريو ادا
ڪريان ٿو، جنهن هن ڪانفرنس جي افتتاح لاءِ مون کي
سڏيو آهي. آءٌ اوهان سڀني جي ڪاميابيءَ جو دعاگو
آهيان.
مترجم: محمد عيسيٰ نظاماڻي
نيوز ايڊيٽر
پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن
حيدرآباد سنڌ. |