ڊاڪٽر الطاف جوکيو
سنڌي ٻوليءَ ۾ فعل مان اسم جُڙڻ جو مختصر اڀياس
گرامر جي لحاظ کان هر ٻوليءَ جو مزاج نرالو ٿئي
ٿو، ليڪن اصطلاح/ ٽرم ساڳيا ٿيندا آهن. سنڌي
ٻوليءَ ۾ اسم جي وصف جا ٻه گروهه ڄاڻايا ويندا
آهن، هڪ: ظاهري محسوس ڪرڻ وارو، جيئن ’ساهوارو،
شيءِ، جاءِ ۽ ٻيو: صرف خيالي طور محسوس ڪيو ويندو
آهي، جيئن: ڪم، حالت ۽ خاصيت. پھرئين گروهه جا ٻه
قسم ٿين ٿا، اسم عام ۽ اسم خاص، جڏهن ته ٻئي گروهه
کي ’اسم ذات‘ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.
ڪم، حالت ۽ خاصيت وارا اسم جا جز، اهڙا آهن، جن جي
ظاهري ڪا شڪل ڪونهي، جنھن سبب انهن کي ’اسم ذات‘
ڪوٺيندا آهن. ڀيرومل آڏواڻي، ان بابت لکي ٿو:
”وهڪ، بيھڪ، کلَ، ناچ، ويڙهه ۽ جنگ اهي ڪمن جا
نالا آهن. انهن سڀني قسمن جي نالن کي گڏي ’اسم
ذات‘ چئبو آهي.“ (ڀيرومل، 1985: 24). يعني ڪمن جي
نالن کي ’اسم‘ ٿو ڪوٺجي، ’ڪم‘ معنى فعل، فعل معنى
ڪم، ان صورت ۾ هتي سوال جڙي ٿو:
s
جڏهن ’فعل‘ الڳ سان گرامر جي اٺن لفظن ۾ شامل آهي
ته اسم ۾ وري ڪيئن پيو جڳھه جوڙي؟
اصل ۾، سنڌي ٻوليءَ موجب فعل جي به جيڪا وصف ڪئي
ويندي آهي، ان جي جزن کي به اسم چئي سگهجي ٿو،
جيئن: ’فعل اهو لفظ آهي، جيڪو ڪنھن جملي ۾ هئڻ،
ڪرڻ، ٿيڻ ۽ پوَڻ جي معنى ڏيکاري ان کي فعل ڪوٺيو
ويندو آهي. حقيقت ۾ ’هئڻ، ڪرڻ، ٿيڻ يا پوڻ‘ مصدرون
آهن، جن کي اسم ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. ’فعل‘ جو ڪم
جملي ۾ ’ڪم جو زمان‘ ڏَسڻ آهي. اهڙي قسم جي وصف ڪا
نئين سري سان جوڙڻ جي گهرج پيش اچي ٿي. سو به ان
حوالي سان ته اسان جو عام شاگرد ان ’اسم ۾ ڪم‘ ۽
’فعل مان اسم‘ واري ڳالهه کي چڱيءَ ريت سمجهي نه
سگهندو آهي ۽ نه وري سمجهائي سگهندو آهي. امڪاني
طور استاد به اهڙي وضاحت چڱيءَ ريت اوتي نه سگهندو
آهي.
واحد بخش شيخ ان کي ’اسم فعلي‘ ڪوٺيو آهي. صاحب
موصوف لکي ٿو: ”مصدر جو پويون ’ڻ‘ ڪڍي باقي لفظ ۾
حرف علت يا ٻئي حرف يا ڪن حرفن گڏڻ سان جو لفظ ٺھي
۽ اسم ٿي ڪم اچي يا اهو اسم جنھن مان ڪنھن ڪم يا
فعل جي معنى نڪري، تنھن کي اسم فعلي چئبو آهي.“
(شيخ، 2006: 64)
عام طور مصدرن کي فعل ۽ ان کي ئي لفظن جو بنياد
سمجهيو ويندو آهي، حقيقت ۾ سنڌي ’امر‘ ئي ان حوالي
سان لفظ جو بنياد هوندو آهي، جنھن مان ٻيا لفظ
جڙندا آهن. بھرحال عام طور ’مصدر‘ کي فعل ڪوٺيو
وڃي ٿو، ان سان ڪو اختلاف ڪونهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي
ٻوليءَ ۾ ’مصدر‘ جو لفظ، وسيع مراد سان ڪم اچي ٿو.
هتي اسم جي جز ’ڪم‘ مان اسم ذات
(abstract noun)
جي جڙڻ جو اڀياس مقصود آهي.
جيئن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ آخري سُر وڏي اهميت وارو
ٿئي ٿو، ان ڪارڻ امر جي آخري ڇوٽي سُر جي حوالي
سان هڪ اڀياس آهر نھايت اهم ڳالهه سامهون آئي آهي،
ته جنھن امر سان آخري زير لڳي ٿي، اها مصدر ۾
پنھنجي صورت نه ٿي مٽائي، پر جنھن امر سان آخري
پيش لڳي ٿو ته مصدر ۾ اهو پيش زبر ۾ تبديل ٿئي ٿو،
جيئن: امر: لکُ، مصدر: لکَڻ، هن صورت ۾ ’لکَڻ‘ جي
آخري کان اڳئين اکر تي ’زبر‘ آئي؛ امر: مارِ،
مصدر: مارِڻ، هن صورت ۾ ’مارِڻ‘ جي آخري کان اڳئين
اکر تي ساڳي ’زير‘ آئي. (جوکيو، 2020، 16- 30) هن
پيپر ۾ به ڄاڻايل مصدرن جو اهو خيال رکيو ويو آهي.
فعل مان ملندڙ اسمن کي، پڇاڙين نسبت، سنڌي سُر
آوازن جي ترتيب ’اَ، آ، اِ، اُ، اي، اِي، اَي، او،
اُو، اَو‘ سان رکيو ويندو. جيڪڏهن گهُڻن سرن سان
اسم ملي سگهيا ته شامل ڪيا ويندا. مخصوص پڇاڙين جي
گروهبنديءَ بعد، لفظن جي جدول ۾ اسمن کي الف- بي
وار پڻ رکي، ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي.
·
سنڌي سُر آوازن جي پڇاڙين سان مفرد فعل مان اسم
ذات جي بيھڪ
اها ڳالهه وري به واضح هجڻ گهرجي ته ’مصدر‘ اسم جو
ڪم ڪندي آهي، ليڪن هتي فرضي طور ’مصدر‘ کي فعل جي
صورت سان ڄاڻائجي ٿو.
·
’اَ‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
|
|
اُڀارِڻ |
اُڀارَ |
اُٿلَڻ/ اُٿلائِڻ |
اُٿَلَ |
اَٽِڪَڻ |
اَٽَڪَ |
اُڇلِڻ |
اُڇَلَ |
اُڏرَڻ |
اُڏارَ |
اڏامڻ |
اڏامَ |
اَڏِڻ |
اڏاوتَ/ اڏَ |
اکوڙِڻ |
اُکيڙَ |
اُگهَڻ |
اوگهَه |
اوتِڻ |
اوتَ |
باسِڻ |
باسَ |
بيھَڻ |
بيھَڪَ |
ٻاتائِڻ |
ٻاتائپَ |
ٻَڌَڻ |
ٻَڌَ |
ٻُڌَڻ |
ٻُڌَ |
ٻُجهَڻ |
ٻُوجهَه |
ٻوڙِڻ |
ٻوڙَ |
ڀڃَڻ |
ڀاڃَ |
ڀڄَڻ/ ڀڄائِڻ |
ڀاڄَ |
ڀُلَڻ |
ڀُلَ |
ڀُرَڻ/ ڀورِڻ |
ڀورَ |
ڀونڪَڻ |
ڀونڪَ |
ڀيچِڻ |
ڀِيچَ |
تَڪِڻ |
تَڪَ |
تورِڻ |
تورَ |
پلٽَڻ |
پالوٽَ |
پَٽِڻ |
پَٽَ |
پڃَڻ |
پِڃَ |
پکيڙِڻ |
پکيڙَ |
پڪڙِڻ |
پڪَڙَ |
پنڻُ |
پِنَ |
پوکِڻ |
پوکَ |
پوکِڻ |
پوکَ |
پھچَڻ |
پھُچَ |
پِيڙِڻ |
پِيڙَ |
پِيئَڻ |
پِيچَ |
تَرِڻ |
تَرَ |
تَڙِڻ |
تَڙَ |
ٽارِڻ |
ٽارَ |
ٽِڙَڻ |
ٽيڙَ |
ٽِڪَڻ |
ٽيڪَ |
جاچِڻ |
جاچَ |
جوٽِڻ |
جوٽَ |
جوڙِڻ |
جوڙَ |
جهپڻ |
جهپَ |
جهلِڻ |
جهَلَ |
جهُڪائِڻ |
جهوڪَ |
ڄاڻِڻ |
ڄاڻَ |
چَٻِڻ |
چَٻَ |
چِڙَڻ |
چڙَ/ چيڙَ |
چَکِڻ |
چَسَ |
چُوسِڻ |
چُوسَ |
ڇانئِڻ |
ڇانوَ |
ڇڪِڻُ |
ڇِڪَ |
ڇوڙِڻ |
ڇوڙَ |
خريدِڻ |
خرِيدَ |
دَسِڻ |
دَسَ |
ڊاهِڻ |
ڊاهَه/ ڊاٺَ |
ڊڪَڻ |
ڊُڪَ |
ڍارِڻ |
ڍارَ |
ڍوئِڻ |
ڍوءَ |
ڏارِڻ |
ڏارَ |
ڏِسَڻ |
ڏِٺَ |
رَڌِڻ |
رَڌَ/ رَڌَڻَ |
رسائِڻ |
رسدَ |
روڪِڻ |
روڪَ |
ڪَتڻُ |
ڪَتَ |
ڪٽِڻ/ ڪاٽِڻ |
ڪاٽَ |
|
ريجهَڻ |
ريجهَه |
سارِڻ |
سارَ |
سِٽِڻ |
سِٽَ |
ڀَرِڻُ |
ڀَرَپَ |
سڃاڻِڻ |
سڃاڻپَ |
سڪَڻ |
سِڪَ |
سگهَڻُ |
سگهَه |
سمجهَڻ |
سمجهَه |
سنڀالِڻ |
سنڀالَ |
سوچِڻ |
سوچَ |
سَھَڻ |
سَھَپَ |
سکَڻ |
سيکيتَ |
ڦاڙِڻ |
ڦاڙَ |
ڦُرِڻ |
ڦُرَ |
ڦُرِڻ |
ڦُرَ |
ڦڙڪَڻ |
ڦڙڪَ |
ڦلارِڻ |
ڦُلارَ |
ڦوڪِڻ |
ڦوڪَ |
کَسِڻ |
کَسَ |
کُلَڻ |
کُلَ |
کِلَڻ |
کِلَ |
کوٽِڻ |
کوٽَ |
ڪاهِڻ |
ڪاهَه |
ڪُڏَڻ |
ڪُڏَ |
ڪڍَڻ |
ڪڍَ |
ڪُرَڻ |
ڪَرَ |
ڪوٺِڻ |
ڪوٺَ |
ڪَھِڻ |
ڪَھاوَتَ |
گُڏڻ |
گُڏَ |
گهَٻرائِڻ |
گهٻراهَٽَ |
گهرَڻ |
گهُرَ/ گهورَ |
گهَڙِڻ |
گهَڙَ |
ڳڙَڻ |
ڳاڙَ |
ڳڻِڻ |
ڳڻپَ |
ڳولهِڻ |
ڳولهَه |
کيڏَڻ |
کيڏَ |
لتاڙِڻ |
لتاڙَ |
لُٽِڻ |
لُٽَ |
لڄائڻ |
لَڄَ |
لُڇَڻ |
لُڇَ |
لڏِڻ |
لَڏَ |
لکَڻ |
لکاوَتَ |
لڳَڻ |
لاڳَ |
لُڻَڻ |
لُڻَ |
لِڪَڻ |
لِڪَ |
لوڏِڻ |
لوڏَ |
مارِڻ |
مارَ |
مرڪَڻ |
مرڪَ |
ملائڻ |
ملاوَتَ |
مُنجهَڻ |
مُونجهَه |
موٽَڻ |
موٽَ |
ميڙِڻُ |
ميڙَ |
نِپُوڙِڻ |
نِپُوڙَ |
نِوڙَڻ/ نئڙڻ |
نِوڙَتَ |
والارِڻ |
والارَ |
وائِرَڻ |
وائُرَ |
وٺَڻ |
وَٺَ |
وَڍِڻ |
وَڍَ |
وِرڇَڻ |
ورڇَ |
ورهائڻ |
ورهاستَ |
وسَڻ |
وسَ |
وِلوڙِڻ |
وِلوڙَ |
ويھَڻ |
ويھَڪَ |
هارِڻ |
هارَ |
هِرَڻ |
هيرَ |
همٿائِڻ |
هِمَٿَ |
هِيسائِڻ |
هِيسَ |
|
·
’اَ‘ پڇاڙيءَ واري جدوَل ۾ اسم جوڙڻ لاءِ ڪم ايندڙ
پڇاڙيون
?
’اَ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيڪا ڪنھن مصدر جي امري
صورت ۾ ڪم ايندڙ آخري ’زير يا پيش‘ کي ’زبر‘ ۾
تبديل ڪري، اسم جوڙي ٿي، جيئن:
×
’زير‘ جي زبر ۾ تبديلي: امر، ’پوکِ‘ (مصدر: پوکِڻ)
مان اسم ’پوکَ‘ ٿئي ٿو، ايئن ٻيا مثال: گُڏِ-
گُڏَ، ڌڪارِ- ڌڪارَ، هارِ- هارَ، مارِ- مارَ-
لَڏِ- لَڏَ وغيره.
×
’پيش‘ جي زبر ۾ تبديلي: امر، گهُرُ (مصدر: گهرَڻ)
مان اسم ’گهُرَ‘ ٿئي ٿو، ايئن ٻيا مثال: وَٺُ-
وَٺَ، لِڪُ- لِڪَ، لُڇُ- لُڇَ، سِڪُ- سِڪَ، کيڏُ-
کيڏَ وغيره.
×
زير ۽ پيش جي زبر ۾تبديلي: اَٽِڪُ- اَٽَڪَ وغيره.
?
’اَپَ‘ پڇاڙي لڳي ٿي، جيئن: ڳَڻِ- ڳَڻِڻ- ڳَڻَپَ-
سڃاڻِ- سڃاڻِڻ- سڃاڻَپَ وغيره.
?
’اُو- اَ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: مُنجهُه-
منجهَڻُ- مُونجهَه
?
’اي- اَ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: هِرُ- هِرَڻ-
هيرَ وغيره.
?
’آوَتَ‘ پڇاڙي لڳي ٿي، جيئن: لِکُ- لِکَڻ-
لکاوَتَ، ملاءِ- ملائِڻُ- ملاوَتَ،
?
’سَتَ‘ پڇاڙي لڳي ٿي، جيئن: ورهاءِ- ورهائِڻ-
ورهاسَتَ
?
’ڪَ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ويھُه- ويھَڻ- ويھَڪَ
?
’هَٽَ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: گهٻراءِ- گهٻراهَٽ
وغيره.
·
مرڪب فعل مان اسم جو جڙڻ (’آ‘ پڇاڙيءَ سان)
فعل |
اسم |
ٻٽاڪَ هڻڻ |
ٻٽاڪَ |
کُلَ ڪرڻ |
کُلَ |
مرڪب فعل جا ڪافي اهڙا لفظ ملن ٿا، ليڪن اهي الڳ
صورت ڪونه ٿا وٺن، جيئن: ’ٻٽاڪَ هڻڻ‘ جو اسم
’ٻٽاڪَ‘ ئي بيھي ٿو. ان لاءِ ان جا ٻه مثال خيال
خاطر پيش ڪيا ويا.
·
’اَن‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
هن پڇاڙيءَ سان لفظ نه ملي سگهيا آهن. |
·
’آ‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
پالڻ |
پالنا |
پوڄِڻ |
پُوڄا |
پِيڙِڻ |
پِيڙا |
سيکارِڻ |
سِکيا |
پڇَڻ |
پُڇا |
ڳولهڻ |
ڳولها |
رِٿِڻ |
رِٿا |
مَٽِڻ |
مَٽا |
مَڃِڻ |
مَڃتا |
·
’آ‘ پڇاڙيءَ واري جدوَل ۾ اسم جوڙڻ لاءِ ڪم ايندڙ
پڇاڙيون
?
’آ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، خاص طور امر ۾ ’آ‘ ملائڻ سان
جيئن: مٽِ- مَٽا، رٿِ- رِٿا، ڳولهِه- ڳولها وغيره.
?
’نا‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: پالِ- پالنا وغيره.
?
’يا‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: سکُ- سکيا وغيره
·
’آن‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
گهُڻي سُر ’آن‘ پڇاڙيءَ سان لفظ نه
ملي سگهيا آهن. |
·
’اِ‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
آڻِڻ |
آوَتِ |
بچائڻ |
بچتِ |
بڻائِڻ |
بڻَتِ |
ٻُڌَڻ |
ٻُڌِ |
ٻڏَڻ |
ٻوڏِ |
پَچڻ |
پاچِ |
پوئِڻ |
پُوتِ |
پوَڻ |
پوَتِ |
ٺاهِڻ |
ٺھَتِ |
چڙهَڻ |
چڙهَتِ |
ڏهَڻ |
ڏوڌِ |
ڏسَڻ |
ڏيٺِ |
ڏيَڻ |
ڏاتِ |
رکَڻ |
رکتِ |
رُنبِڻ |
روتِ |
رهَڻ |
رهائشِ |
سُڄَڻ |
سوڄِ |
سکَڻ |
سيکتِ |
کپائِڻ |
کپتِ |
کڻَڻ |
کڻتِ |
کُٽَڻ |
کوٽَ |
|
ڪڍَڻ |
ڪڍِ |
ڪرِڻ |
ڪِرِتِ |
گھِڻ |
گاٺِ |
گَڏِڻ |
گاڏَڙِ |
گهَڙِڻ |
گهَڙَتِ |
گهمَڻ |
گهومِ |
لھَڻ |
لاٿِ |
لڳائِڻ |
لاڳَتِ |
لکَڻ |
لکتِ |
مَڃِڻُ |
مڃَتِ |
نُوسِڻ |
نُوسَ |
ڪَتِرِڻ |
ڪاتَرِ |
ڪُتِرِڻ |
ڪُتِرِ |
ڪَرِڻ |
ڪِرتِ |
وڌَڻ |
واڌِ |
وڻَڻ |
وڻتِ |
وَرائِڻ |
وَراڻِ |
وڙهَڻ |
ويڙهِ |
وسرَڻ |
ويسَرِ |
هلَڻ |
هلَتِ |
هجَڻ/ هُئَڻ |
هوندِ |
|
·
’اِ‘ پڇاڙيءَ واري جدوَل ۾ اسم جوڙڻ لاءِ ڪم ايندڙ
پڇاڙيون
?
’اِ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيڪا ساڳي امري صورت ۾ بيھي
ٿي، جيئن: ڪُتِرِ- ڪُتِرِ وغيره.
?
’اِ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيڪا ڪنھن مصدر جي امري
صورت ۾ ڪم ايندڙ آخري ’پيش‘ کي ’زير‘ ۾ تبديل ڪري،
جيئن: ڪَڍُ- ڪَڍِ، ٻُڌُ- ٻُڌِ ، وغيره.
?
’اَ > آ، آ > اَ + تِ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي مٽجي ٿي،
جيئن: لڳاءِ- لاڳَتِ، بَڻاءِ- بَڻَتِ، ٺاهِه-
ٺَھَتِ وغيره.
?
’اِتِ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڪَرِ- ڪِرِتِ
وغيره.
?
’اَتِ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: هلُ- هلَتِ، کڻُ-
کڻَتِ، پَئُه (پوَڻ)- پوَتِ وغيره.
?
’او + اِ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: کُٽُ-
کوٽِ، سُڄُ- سوڄِ، رُنبِ- روتِ وغيره.
?
’او + هه > ڌِ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن:
ڏُهُه- ڏوڌِ وغيره.
?
’اُوتِ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: - پوءِ- پُوتِ
وغيره.
?
’اي + اِ‘وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: وِسرُ
(وسرَڻ)- ويسَرِ، وڙهُه- ويڙهِه وغيره.
?
’اي + تِ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: سکَڻ-
سيکَتِ وغيره.
?
’آ + اِ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: پَچُ-
پاچِ- وَڌُ- واڌِ وغيره.
?
’آ + اَڙِ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: گڏِ-
گاڏَڙِ وغيره.
?
’آ + هه > ٿِ/ ٺِ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي،
جيئن: لھُه (لَھَڻ)- لاٿِ، گھِه- گاٺِ وغيره.
?
’آ + ئشِ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: رَهُه-
رهائش وغيره.
?
’آ > اَ + تِ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن:
ٺاهِه- ٺَھَتِ- بڻاءِ- بَڻَتِ، بچاءِ- بچَتِ وغيره
?
’ج > اُون + دِ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي،
جيئن: هُجُ (هجڻ/ هئڻ) - هُوندِ‘ وغيره.
·
’اِ‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
راندِ ڪرڻ |
راندِ |
جٺِ ڪرڻ |
جُٺِ |
مرڪب فعل جا ڪافي اهڙا لفظ ملن ٿا، ليڪن اهي الڳ
صورت ڪونه ٿا وٺن، جيئن: ’راندِ ڪرڻ‘ جو اسم
’راندِ‘ ئي بيھي ٿو. ان لاءِ ان جا ٻه مثال خيال
خاطر پيش ڪيا ويا.
·
’اِن‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
گهُڻي سُر ’اِن‘ پڇاڙيءَ سان لفظ نه
ملي سگهيا آهن. |
·
’اُ‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
اُٻرَڻ |
اوٻَرُ |
اُٿَڻ |
اوٿپُ |
اُڻَڻ |
اوڄُ |
بچَڻ |
بچاءُ |
ٻارِڻُ |
ٻارَڻُ |
ٻوڙائڻ |
(ٻوڙاڻ
(ٻوڙٽُ |
ٻولِڻ |
ٻولُ |
ڀڄَڻُ/ ڀڃَڻ |
ڀَڳُ |
ڀَرِڻُ |
ڀَرُ |
پڇتائِڻ |
پَڇتاءُ |
پرچائِڻ |
پَرچاءُ |
پھرِڻ |
پوتُ |
ترَڻ |
تارُ |
تپَڻ |
تپُ |
ٺَرَڻ |
ٺارُ |
ٺاهِڻ |
ٺاهُه |
ٿَڪَڻ |
ٿَڪُ |
ٽَھَڻُ |
ٽاههُ |
ٽوڙِڻ |
ٽُٽُ |
جهَلِڻ |
جهَلُ |
ڄمَڻ |
ڄَمُ |
چڙهڻ |
چاڙهُه |
چُٽِڻ |
چُٽُ |
ڇُڙڻ |
ڇوڙُ |
ڌڪارِڻ |
ڌڪارُ |
ڊڄَڻ |
ڊڄُ |
ڍَڪِڻُ |
ڍَڪُ |
ڏِسَڻ |
ڏِيکُ |
ڏَسِڻ |
ڏَسُ |
ڏُکَڻ |
ڏُکُ |
ڏهَڻ |
ڏوڀُ |
ڏيَڻ |
ڏيبُ |
ڌَڪِڻ |
ڌَڪُ |
|
فعل |
اسم |
ڌوئِڻ |
ڌوپُ |
روئَڻ |
روڄُ |
سڏِڻ |
سَڏُ |
سيڪِڻ |
سيڪُ |
ڦَٽِڻ |
ڦٽُ |
ڦڙڪڻُ |
ڦڙڪاٽُ |
ڦِرَڻ |
ڦيرُ |
کائِڻ |
کاڄُ |
کارِڻ |
کارُ |
ڪڙهَڻ |
ڪاڙهُه |
ڪھَڻ/ ڪُسَڻُ |
ڪوسُ |
گڏِڻ |
گڏُ |
گذرَڻ |
گُذَرُ |
گهائِڻ |
گهاءُ |
گهِڙَڻ |
گهيڙُ |
ڳرَڻ |
ڳارُ |
ڳالهائڻ |
ڳالهاءُ |
ڳھَڻ |
ڳِيتُ |
لَھَڻ |
لاڀُ |
لڳَڻ |
لَڳُ/ لڳاءُ |
لکَڻ |
ليکُ |
مَرَڻ |
موتُ |
مَرڪَڻ |
مَرڪُ |
موهِڻ |
موهِتُ |
موهِڻ |
موهُه |
ملَڻ |
ميلاپُ |
نچَڻ |
ناچُ |
نڀائِڻ |
نڀاءُ |
وٺَڻ |
وَٺُ |
وڌائِڻ |
وڌاءُ |
ورَڻ |
وَرُ |
ونڊِڻ |
وَنڊُ |
|
·
’اُ‘ پڇاڙيءَ واري جدوَل ۾ اسم جوڙڻ لاءِ ڪم ايندڙ
پڇاڙيون
?
’اُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيڪا ڪنھن مصدر جي امري
صورت ۾ ڪم ايندڙ آخري اعراب (زير يا پيش) کي هيٺين
حالتن ۾ قبول ڪري ٿي، جيئن:
×
’زير‘ جي زبر ۾ تبديلي: امر، ’موهِه‘ (مصدر:
موهِڻ) مان اسم ’موهُه‘ ٿئي ٿو، ايئن ٻيا مثال:
گهاءِ- گهاءُ، گڏِ- گڏُ، کارِ- کارُ، ڦيرِ- ڦيرُ،
جهَلِ- جهَلُ- چُٽِ- چُٽُ وغيره.
×
’پيش‘ جو ساڳيو هجڻ: امر، لَڳُ (مصدر: لڳَڻ) مان
اسم ساڳيو ’لَڳُ‘ ٿئي ٿو، ايئن ٻيا مثال: وَرُ-
وَرُ، ڊِڄُ- ڊِڄُ، ڄَمُ- ڄَمُ- وَٺُ- وَٺُ، تَپُ-
تَپُ وغيره.
×
’اُ > اَ ‘ وچياڙي تبديلي: جيئن: گُذُرُ- گُذَرُ
وغيره.
×
اِ > اَ ‘ وچياڙي تبديلي: جيئن: ٻارِڻُ- ٻارَڻُ
وغيره.
?
’ءُ > ڄُ‘ پڇاڙي مٽجي ٿي، جيئن: کاءُ- کاڄُ وغيره.
?
’او + اَرُ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن:
اُٻِرُ- اوٻَرُ وغيره.
?
’او + پُ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: اُٿُ-
اوٿَپُ وغيره.
?
’او + ڻ > ڄُ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي مٽجي ٿي، جيئن:
اُڻُ- اوڄُ وغيره.
?
’او + هُه > ڀُ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي مٽجي ٿي، جيئن:
ڏُهُه- ڏوڀُ وغيره.
?
’او + هُه > سُ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي مٽجي ٿي، جيئن:
ڪُهُه/ ڪُسُ- ڪوسُ وغيره.
?
’اي + آپُ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: مِلُ-
ميلاپُ وغيره.
?
’اِي + هُه > تُ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي مٽجي ٿي، جيئن:
ڳِهُه- ڳِيتُ وغيره.
?
’اي‘ وچياڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: لِکُ- ليکُ، گهِڙُ-
گهيڙُ، ڦِرُ- ڦيرُ وغيره.
?
’آ + هُه > ڀُ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي مٽجي ٿي، جيئن:
لھُه- لاڀُ وغيره.
?
’آ‘ وچياڙي ڪم اچي ٿي، جڏهن ته پڇاڙي ساڳي رهي ٿي،
جيئن: نَچُ- ناچُ، ڳَرُ- ڳارُ، چڙهُه- چاڙهُه،
ڪَڙهُه- ڪاڙهُه، ٽَھُه- ٽاهُه، ٺَرُ- ٺارُ، تَرُ-
تارُ وغيره.
?
’آءِ > اوتُ‘ پڇاڙي مٽجي ٿي، جيئن: پاءِ- پوتُ
وغيره.
?
’آءُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: بچُ- بچاءُ، لَڳُ-
لَڳاءُ وغيره.
?
’آڻُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: پَھِرِ- پھِراڻُ
وغيره
?
’بُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڏي- ڏيبُ وغيره.
?
’تُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: موهِه- موهِتُ وغيره.
·
مرڪب فعل مان اسم جو جڙڻ (اُ پڇاڙي)
فعل |
اسم |
جوکمُ رسڻ |
جوکمُ |
سوالُ ڪرڻ |
سوالُ |
مرڪب فعل جا ڪافي اهڙا لفظ ملن ٿا، ليڪن اهي الڳ
صورت ڪونه ٿا وٺن، جيئن: ’سوالُ ڪرڻ‘ جو اسم
’سوالُ‘ ئي بيھي ٿو. ان لاءِ ان جا ٻه مثال خيال
خاطر پيش ڪيا ويا.
·
’اُن‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
گهُڻي سُر
’اُن‘ پڇاڙيءَ سان لفظ نه ملي سگهيا
آهن. |
·
’اي‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
اچَڻ |
ايندي |
وڃَڻ |
ويندي |
هيءَ صورت اسم حاليه ۾ ڪم آندي ويندي آهي، جنھن کي
اسم ئي سمجهيو ويندو آهي، جيئن: ’گهر ويندي، رستي
تي ڪري پيم.‘
·
’اين‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
گهُڻي سُر ’اين‘ پڇاڙيءَ سان
لفظ نه ملي سگهيا آهن. |
·
’اِي‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
اچَڻ |
اَچڻِي |
اُونائِڻ |
اُونائِي |
پڙهَڻ |
پڙهڻِي/ پڙهائِي |
پيھِڻ |
پيھڻِي/ پيھائي |
ٺڳِڻ |
ٺڳِي |
ٺَڳِڻُ |
ٺَڳِي |
ٿيَڻ |
ٿيَڻِي |
ٽٻَڻ |
ٽُٻِي |
چڙهَڻ |
چاڙهِي |
چمَڻ |
چُمِي |
چورائِڻ |
چوراڪِي |
چوڙِڻ |
چوڙِڻِي |
ڏڪَڻ |
ڏڪڻِي |
ڏُهَڻ |
ڏُهائِي/ ڏُهڻِي |
ڍوئِڻ |
ڍوئِي |
رَسَڻ |
رسائِي |
رُلڻ |
رولاڪِي |
رهَڻ |
رَهِڻِي |
|
فعل |
اسم |
سُمهَڻ |
سُمهڻِي |
کَڻَائِڻ |
کَڻاڻِي |
کوٽِڻ |
کوٽائِي |
ڪَپِڻ |
ڪَپائِي |
ڪَرِڻ |
ڪَرِڻِي |
ڪمائِڻ |
ڪمائِي |
گڏجَڻ |
گڏجاڻِي |
گِھِلِڻ |
گِھِلاڻِي |
ڳائڻ |
ڳائڪِي |
مڃِڻ |
مڃوتِي |
وڍڻ |
واڍِي |
وڌائِڻ |
واڌِي |
وڍائِڻ |
وڍائِي |
ورائِڻ |
وراڻِي |
ونڊِڻ |
ونڊِي |
وهَڻ |
وَهِي |
هڻَڻ |
هنئِي |
|
·
’اِي‘ پڇاڙيءَ واري جدوَل ۾ اسم جوڙڻ لاءِ ڪم
ايندڙ پڇاڙيون
?
’اِي‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيڪا ڪنھن مصدر جي امري
صورت ۾ ڪم ايندڙ آخري اعراب کي تبديل ڪري ٿي،
جيئن: وَهُه- وَهِي، ٺَڳِ- ٺَڳِي، ٽٻُ- ٽُٻِي-
ونڊِ- ونڊِي، وڍاءِ- وڍائِي چُمُ- چُمِي وغيره.
?
’ءِ > ڻِي‘ پڇاڙي مٽجي ٿي، جيئن: وراءِ- وراڻِي،
کڻاءِ- کڻاڻِي وغيره.
?
’اَڻِي‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ٿيءُ- ٿيَڻِي
وغيره.
?
’او + آڪِي‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن:
رُلُ- رولاڪِي وغيره.
?
’او + ڻِي‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن:
سُمهُه- سومهڻِي وغيره.
?
’اوتِي‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: مَڃُ- مَڃوتِي
وغيره.
?
’آ + اِي‘ اڳياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: وَڍِ-
واڍِي، وڌاءِ- واڌِي وغيره.
?
’آڻي‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: کَڻُ- کڻاڻِي، گڏجُ-
گڏجاڻِي، گِھِلِ- گِھِلاڻِي وغيره.
?
’آئِي‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڏُهُه- ڏُهائِي-
کوٽِ- کوٽائِي- رَسُ- رَسائِي وغيره.
?
’ڪِي‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڳاءِ- ڳائِڪِي،
چوراءِ- چوراڪِي وغيره.
?
’ڻ > ن + ئِي‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: هَڻُ- هنئِي
وغيره.
·
مرڪب فعل مان اسم جو جڙڻ (اِي پڇاڙيءَ سان)
فعل |
اسم |
چورِي ڪرڻ |
چورِي |
ٺڳِي ڪرڻ |
ٺَڳِي |
مرڪب فعل جا ڪافي اهڙا لفظ ملن ٿا، ليڪن اهي الڳ
صورت ڪونه ٿا وٺن، جيئن: ’ٺَڳِي ڪرڻ‘ جو اسم
’ٺڳِي‘ ئي بيھي ٿو. ان لاءِ ان جا ٻه مثال خيال
خاطر پيش ڪيا ويا.
·
’اِين‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
گهُڻي سُر ’اِين‘ پڇاڙيءَ سان لفظ نه
ملي سگهيا آهن. |
·
’اَي‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
ان پڇاڙيءَ سان لفظ نه ملي سگهيا آهن. |
·
’اَين‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
گهُڻي سُر ’اَين‘ پڇاڙيءَ سان لفظ نه
ملي سگهيا آهن. |
·
’او‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
اُڀرَڻ |
اڀرندو |
ٻڙڪَڻ |
ٻڙڪو |
ڀڙڪَڻ |
ڀڙڪو |
ڀُڻَڻ |
ڀُڻڪو |
پٽِڻ |
پٽِڪو |
پلٽَڻ |
پَلٽو |
پھَڻ |
پھاڪو |
پيئڻ |
پيتو |
ٽپَڻ |
ٽپو |
ٽوپِڻ |
ٽوپو |
ٽرَڻ |
ٽارو |
ٽِڪَڻ |
ٽيڪو |
ٽمَڻ |
ٽيمو |
جهپِڻ |
جهاپو |
جهيڙِڻ |
جهيڙو |
جيئَڻ |
جياپو |
چَٽِڻ |
چاٽو |
چارِڻ |
چارو |
چاڙِهڻُ |
چاڙهاڪو |
چڀَڻ |
چڀڪو |
چونڊِڻ |
چونڊو |
چوَڻ |
چَيو |
دَهڪَڻ |
دَهڪو |
ڌِڪِڻ |
ڌِڪو |
ڊڄَڻ/ ڊيڄارِڻ |
ڊيڄو |
رسَڻ |
رسامو |
سِبَڻ |
سيبو |
سَٽِڻ |
ساٽو |
سڙَڻ/ ساڙِڻ |
ساڙو |
سڌارڻ |
سڌار/ سڌارو |
|
فعل |
اسم |
ڦٿڪَڻ |
ڦٿڪو |
ڦُٽَڻ |
ڦوٽَھڙو |
ڦِٽَائِڻ |
ڦيٽاڙو |
ڦِٽَڻ |
ڦيٽو |
ڦِرَڻ |
ڦيرو |
کپَڻ |
کاپو |
کائڻ |
کاڌو |
کڙڪَڻ |
کڙڪو |
ڪَپِڻ |
ڪاپو |
ڪٿڻ |
ڪاٿو |
ڪِرَڻ |
ڪِريو |
ڪَرِڻ |
ڪِيو/ ڪِيتو |
گذارِڻ |
گذارو |
گِھِلِ |
گِھِلاڙو |
گهٽائِڻ |
گهاٽو |
گهوٽِڻ |
گهوٽو |
ڳارِڻ |
ڳارو |
ڳنڍِڻ |
ڳانڍاپو |
ڳڻِڻ |
ڳاڻيٽو |
لڙَڻ |
لاڙو |
لھَڻ |
لھندو |
ليپڻ |
ليپو |
ماپِڻ |
ماپو |
مرَڻ |
مرِڻو |
مُڙَڻ |
موڙو |
منجهَڻ |
مونجهارو |
وڄَڻ |
واڄو |
وَهَڻ |
واهِپو |
وسَڻ |
وسڪارو |
وڪڻَڻ |
وڪرو |
|
·
’او‘ پڇاڙيءَ واري جدوَل ۾ اسم جوڙڻ لاءِ ڪم ايندڙ
پڇاڙيون
?
’او‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيڪا ڪنھن مصدر جي امري
صورت ۾ ڪم ايندڙ آخري اعراب
کي تبديل ڪري
ٿي، جيئن: چارِ- چارو، گهوٽِ- گهوٽو، ڳارِ- ڳارو،
پَلٽُ- پَلٽو، چَئُه- چَيو وغيره.
?
’اندو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: اڀرُ- اڀرندو،
لھُه- لھَندو وغيره.
?
’اُو + آرو‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن:
مُنجهُه- مُونجهارو وغيره.
?
’او + هِڙو‘ وچياڙي ۽ اڳياڙي ڪم اچي ٿي، جيئن:
ڦُٽُ- ڦوٽَھِڙو وغيره.
?
’اي + او‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڊڄُ-
ڊيڄو، ڦِٽُ- ڦيٽو وغيره.
?
’اي + آڙو‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن:
ڦِٽاءِ- ڦيٽاڙو، گِھِلِ- گِھِلاڙو وغيره.
?
’آ + او‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: جهَپِ-
جهاپو، چَٽِ- چاٽو، ڪَپِ- ڪاپو، ڪَٿِ- ڪاٿو، لَڙُ-
لاڙو وغيره.
?
’آ + اي + او‘ وچياڙيون ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن:
ڳَڻِ- ڳاڻيٽو وغيره.
?
’آ + پو‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن:
وَهُه-واهِپو، ڳنڍِ- ڳانڍاپو، جيئُه- جياپو وغيره.
?
’آڪو/ اِڪو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: پَھُه- پھاڪو،
چاڙِهه- چاڙهاڪو، ڀُڻُ- ڀُڻِڪو وغيره.
?
’آمو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: رُسُ- رُسامو وغيره.
?
’ڌو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: کاءُ- کاڌو وغيره.
?
’رِ > اِي + تو‘ پڇاڙيءَ ۾ مٽجي ٿي، جيئن: ڪَرِ-
ڪِيتو، پِيئُه- پِيتو وغيره.
?
’رِ > اِيو‘ پڇاڙيءَ ۾ مٽجي ٿي، جيئن ڪَرِ- ڪِيو
وغيره.
?
’ڪارو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: وَسُ- وسڪارو
وغيره.
?
’ڻ > رو‘ پڇاڙي مٽجي ٿي، جيئن: وِڪِڻُ- وڪرو
وغيره.
?
’ڻ > ن + ئِي‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: هَڻُ- هنئِي
وغيره.
?
’ڻو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: مَرُ- مَرڻو وغيره.
·
مرڪب فعل مان اسم جو جڙڻ (او پڇاڙيءَ سان)
فعل |
اسم |
هاڃو ڏيڻ/ ڪرڻ |
هاڃو |
ڦيٽو وجهڻ |
ڦيٽو |
مرڪب فعل جا ڪافي اهڙا لفظ ملن ٿا، ليڪن اهي الڳ
صورت ڪونه ٿا وٺن، جيئن: ’ڦيٽو وجهڻ‘ جو اسم
’ڦيٽو‘ ئي بيھي ٿو. ان لاءِ ان جا ٻه مثال خيال
خاطر پيش ڪيا ويا.
·
’اون‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
گهُڻي سُر ’اون‘ پڇاڙيءَ سان لفظ نه
ملي سگهيا آهن. |
·
’اُو‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
ان پڇاڙيءَ جا مرڪب فعل سان امڪاني ڪي لفظ ملي به
وڃن، پر اسم الڳ سان ڪا شڪل نه ٿو وٺي. ان لاءِ ان
کي خالي ٿو ڇڏجي.
·
’اُون‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
گهُڻي سُر ’اُون‘ پڇاڙيءَ سان لفظ نه
ملي سگهيا آهن. |
·
’اَو‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
ڀؤ ڪرڻ |
ڀؤ/ ڀَو |
ڍؤ ڪرڻ |
ڍؤ/ ڍَو |
مرڪب فعل جا ڪافي اهڙا لفظ ملن ٿا، ليڪن اهي الڳ
صورت ڪونه ٿا وٺن، جيئن: ’ڍؤ ڪرڻ‘ جو اسم ’ڍؤ‘ ئي
بيھي ٿو. ان لاءِ ان جا ٻه مثال خيال خاطر پيش ڪيا
ويا.
·
’اَون‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
فعل |
اسم |
گهُڻي سُر ’اَون‘ پڇاڙيءَ سان لفظ نه
ملي سگهيا آهن. |
·
فعل مان اسم جي جڙڻ جو نتيجو/ حاصل مطلب
·
اسم جي وصف جا ٻه حصا آهن: ظاهري (ساهوارو، شيءِ
جاءِ) ۽ محسوس ڪرڻ وارا (ڪم، حالت ۽ خاصيت). محسوس
ڪرڻ واري حصي کي ’اسم ذات‘ چوندا آهن.
·
ڪم، فعل کي چئبو آهي، فعل کي ڪم چئبو آهي، ليڪن
هتي اهڙو ڪم جيڪو زمان/ وقت نه ڏسي، ان کي اسم
چئجي ٿو، جيئن: ’لکڻ‘ اسم آهي، جڏهن ته ’لکان ٿو‘
فعل آهي، جيڪو ڏَسي ٿو ته ڪم زمان حال ۾ پيو ڪيو
وڃي.
·
سنڌي ٻوليءَ جي فعل ۾ بنيادي لفظ ’امر‘ ئي هوندو
آهي، جيڪو فعل طور پڻ ڪم ايندو آهي، جيئن: خط لکُ.
’لکُ‘ جي آخر ۾ ’ڻ‘ ڳنڍبي ته ’مصدرَ‘ جڙندي، جنھن
جي صورت ’اسم‘ واري آهي، ليڪن هتي مصدر کان هٽي
ڪري اهڙا لفظ چونڊيا ويا آهن، جيڪي مصدر کان
سواءِ، ’فعل مان اسم‘ جڙن ٿا.
·
ڪي اسم اهڙا آهن، جيڪي امر جي صورت ۾ ئي ڪم اچن
ٿا، جيئن: تپُ (امر)- تَپُ (اسم)، لَڳُ- لَڳُ،
ڊِڄُ- ڊِڄُ، ڄَمُ- ڄَمُ، وَٺُ- وَٺُ (وٺَ به ڪم
ايندو آهي) وغيره.
·
ڪافي اسمَ امر جي ’زير، زبر يا پيش‘ جي تبديليءَ
سان جڙندا آهن، جيئن: ڪَڍُ- ڪَڍِ (ڪڍِ پوَڻ)، ڪڍُ-
ڪَڍَ (الٽِي)، پوکِ- پوکَ، ميڙِ- ميڙُ، موهِه-
موهُه- ڳارِ- ڳارُ ، وَٺُ- وَٺَ، گڏِ- گڏُ، گهُرُ-
گهُرَ، ڦلارِ- ڦلارَ، ساڙِ- ساڙُ، ڌڪارِ- ڌڪارُ،
ڏنگِ- ڏنگُ، ڏارِ- ڏارُ وغيره.
·
ڪافي اهڙا امر/ فعل/ مصدرون ٿين ٿيون جن جا هڪ کان
وڌيڪ اسم ڪم اچن ٿا، جيئن:
لکُ/ لکَڻ جون
’لکتِ- ليکُ- لکائي- لکاوت‘ صورتون يا خريدَ-
خريدِي، پچڻ- پڪو- پاچ وغيره.
·
ڪي اسم اهڙا آهن، جيڪي فعل ماضيءَ يا مستقبل جي
صورت ۾ ئي اسم طور ڪم اچن ٿا، جيئن: کائڻ- کاڌو،
پيئڻ- پيتو، پچڻ- پڪو. وڃڻ- ويندو، اڀرَڻ- اڀرندو
وغيره.
·
سنڌي لفظن جي آخري سُر نسبت، لفظن جي ڊيٽا گڏ ڪئي
ويئي ۽ امر/ مصدر/ فعل جا اسم نوٽ ڪيا ويا، انهن ۾
ڪي آخري سُر اهڙا آهن، جن سان فعلي اسم نه ملي
سگهيا، جيئن: ’اُو‘، ’اَو‘، ها باقي مرڪب فعل جي
صورت ۾ ملن ٿا، جن جي هڪ جزي ۾ اسم اڳيئي موجود
آهي. ان کان سواءِ آخري نون گهُڻي سان ڪوبه نڪوين
سُر جو اسم نه ملي سگهيو.
·
حوالا/ ذريعا
×
آڏواڻي، ڀيرومل، مھرچند
[1925ع] 1985ع. وڏو سنڌي وياڪرڻ. ڄام شورو:
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
×
جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر
(2020ع)
مصدر جي آخر کان اڳئين حرف جي اعراب جو ترجيحي
معاملو. ايڊيٽر: اسحاق سميجو. ج: 13 ش: 2، ص: 16-
30.
حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.
×
شيخ، واحد بخش
(2006ع) سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحوَ (گڏيل ڀاڱا).
ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.
×
جوکيو، محبوب علي،
(1979ع) مصدر مان اسم ذات، هٿ اکري ڊائريءَ مان
مدد ورتل.
|