سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2024ع

باب:

صفحو:13 

غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي

 

 

 

 

سدا سنڌ سهڻي سلامت رهي،

 

سلامت رهي تا قيامت رهي،

 

 

رهن سک سان سانگي سمورا سدائين،

 

امن آشتي جي علامت رهي،

 

 

جهان ساري ۾ جنهن جي خوشبوء نرالي،

 

هي آ رشڪِ جنت ۽ جنت رهي،

 

 

ٿئي وار ونگو نه رهواسين جو،

 

اميرن فقيرن جي فرحت رهي،

 

 

بچي شال بدخواه جي بدنظر کان،

 

شرف شان شوڪت شرافت رهي،

 

 

جيئي سنڌ جو جذبو زنده رهي،

 

دلين ۾ ديانت جي دولت رهي،

 

 

ثقافت آ سنڌين جي اجرڪ ۽ ٽوپي،

 

الله ٽوپي اجرڪ ثقافت رهي،

 

 

رکو ياد ”مشتاق“ مارو مڙيوئي،

 

وڏن جي امامت امانت رهي.

 

 

--*--

 

عشق جو آغاز سان انتها ڏاڍي ڏکي،

 

هر مرض جي آ دوا، هن جي دوا ڏاڍي ڏکي،

سومر و منصور جي دعويٰ ته سڀ ڪو ٿو ڪري،

 

دار تي بانگِ دهل حق جي صدا ڏاڍي ڏکي،

جنهن جڳ نمود ۽ فرعون جي پوڄا ٿئي،

 

لا اِلٰھ جي ات اذان ٿي ياخدا ڏاڍي ڏکي،

جنهن جي وعدن جي پٺيان ڌوڪو دغا آهي لڪل،

 

بي وفا کان آه اميدِ وفا ڏاڍي ڏکي،

آزمائش ۾ ٿئي پڌرو ٿو همدم همنوا،

 

پرک ڪنهن جي آزمائش کان سواءِ ڏاڍي ڏکي،

جنهن جي دل ۾ درمندن جو نه آهي درد ڪو،

 

اهڙي ماڻهو کي ملي ٿي مرحبا ڏاڍي ڏکي،

گهر کي چوڪيدار ۽ لوڙهو لٽي ٿو کيت کي،

 

جابجا جيڪر هجي اهڙي فضا، ڏاڍي ڏکي،

عدل آجو ٿي وڃي آئين کان قانون کان،

 

ان عدالت جي جزا توڙي سزا ڏاڍي ڏکي،

فيصلا اعليٰ عدالت جا هوا جو رخ ڏسي،

 

جيڪڏهن ٿيندا رياست جي بقا ڏاڍي ڏکي،

لٺ اشاري ڀولڙي وانگر سياستدان نچن،

 

اهڙي قائد جي قيادت اقتدا ڏاڍي ڏکي،

جاهلن جو راڄ آ علمي ادارن تي اگر،

 

علم جي اوسر ادب جي ارتقا ڏاڍي ڏکي،

مجلسن جا مور ۽ مانائتا مورک هجن،

 

ملڪ ئي ”مشتاق“ اهڙي مافيا ڏاڍي ڏکي،

سلطانه وقاصي

 

 

 

دِل ڌرتيءَ سان لائي، وِساريو مون سَڀڪي،

پوئتي نه مون کي سَڏ، سِڀ ڪجهه آ مون لاءِ ڌرتي.

هيءَ سُون وَرني ڌَرتي آهي، ساه مُنهنجي ۾ سيباڻي آهي،

مون پنهنجو ڪنڌ جُهڪايو آهي، ڇو ته مُنهن جي اَمڙ آهي.

مان سنڌڙيءَ جي سُودائي، لونءَ، لونءَ مَنجهه آلات،

مُنهنجو مَن آ ويراڳي، جنهن جي ڪِٿي نه آهي نِجات.

سنڌڙي آ مُنهن جي جِندڙي، جنهن سان جان آجڙي،

ڪُو نه ڇِڄندي تِنهن کان مُنهن جي قُرب جي ڪَڙي.

*

ڪٿي آهين، ڪهڙي ماڳ تي آهين، تُوکي نيڻ مُنهنجا ڳولُهين،

الا او نيڻ مُنهنجا ڳولُهين.

 

آءُ اڀاڳي، آءُ نڀاڳي، هَروبل ٿي سَانول توکي ساريان،

الا او نيڻ مُنهنجا ڳولُهين.

 

نيڻن مان ٿو نير وَهي، پَل پَل ٿا سَوَ پُوريُون،

الا او نيڻ مُنهنجا ڳولُهين.

 

مُون وَٽ نه ايندين، ڪاڏي ويندين، جَڳ اَٿئي دُشمن،

الا او نيڻ مُنهنجا ڳولُهين.

 

نياز پنهور

 

 

 

 

غزل

دل جا ڏک دل ڄاتا ڍولڻَ!

دنيا ڪين سُڃاتا ڍولڻَ!

 هاڻي شايد مُند ڦِري آ،

هر ڪنهن جا ڏِسُ آتا ڍولڻَ!

 مون جَي هُن لئه گيت لکيا ها،

جهومي سي سڀ ڳاتا ڍولڻَ!

 هُنن به پنهنجا هٿَ ڊگهيريا،

مون ڀي ڇاتيءَ لاتا ڍولڻَ!

 پنهنجن ڪارڻ سَهرا لاڏا،

ڌارين لئه پاراتا ڍولڻَ!

 ڪيڏن اَڻڀن ڏينهَنِ کان پو،

مون سان ڀاڪر پاتا ڍولڻَ!

 ڏَور پَڪيءَ جئن پختا رهندا،

تنهنجا منهنجا ناتا ڍولڻَ!

غزل

پيار جا پنڌَ ڏُکيرا آهن،

واءَ به ڊاهيا پيرا آهن.

 ڪيئن ڇُهان مان ڳل جي  اَوجر،

منهنجا هٿ ته مَيرا آهن.

 اونداهيءَ ۾ پنڇي پنهنجا،

ڀُلجي ويا آکيرا آهن.

 چاهت ناهي، چَرپڻُ آهي،

تو درِ هر هر ڦيرا آهن.

 جڳَ گُليليءَ جهڙَي ۾ ڪئن،

زخمي پيار جا ڳيرا آهن.

پياسا پيارَ ”نياز“ مليا جت،

ٻانهُن جا اُت گَهيرا آهن.

 

سرفراز راڄڙ

 

 

 

 

جڏهن کان ڇڏي تون وئين،

۽ بي سبب پري تون ٿئين،

ڏکن اچي آهي ديرو ڪيو،

جيءُ منهنجو جُهري آ پيو.

وڇوڙي زهر ڪئي زندگي،

تنهنجون يادون منهنجي بندگي،

ڏينهن سک جو نه مون وٽ رهيو،

جيءُ منهنجو جُهري آ پيو.

هو تنهنجا وعدا سمورا وچن،

اچي ياد مون کي ٿا ماريو وڃن،

زهر آهي هاڻي هر پل ٿيو،

جيءُ منهنجو جُهري آ پيو.

دردن جي رات ڪاري هئي،

وڇوڙي ۾ ساري عمر آ وئي،

پوءِ به نانُ تنهنجو مونسان هيو،

جيءُ منهنجو جُهري آ پيو.

نه دلبر مليو نه دلربائي آ ٿي،

جدائيءَ ۾ هر خوشي آ وئي،

ڪري قهر ڪونه ٿو ڪو ٻيو،

جيءُ منهنجو جُهري آ پيو.

نه ڪائي منزل سفر در سفر،

يار هاڻي اچڻ جي تون ڪر،

نيهُن مون کي وڃي ٿو نيو،

جيءُ منهنجو جُهري آ پيو.

”فراز“ هُو هرگز نه ايندو ڪڏهن،

حياتيءَ ۾ ميلو نه ٿيندو ڪڏهن،

پيار ته هو رات جو ڪو ڏيئو،

جيءُ منهنجو جُهري آ پيو.

 

قاضي منظر حيات

 

 

 

 

غزل

گهراين سان چاهڻ واري!

مُون کي اُڀ رَسائڻ واري!

 

دِل دَيول جو خاموشيءَ سان،

پُوڄَا- گهِنڊُ وَڄائڻ واري!

 

ٿَر- ڌرتيءَ جيان آنءُ اُساٽيل،

مَوهَه جو مِينهُن وَسائڻ واري!

 

سَانوڻ رُتِ جي سَانجهِي آهيان،

باکَ- بَسنتِي ڀَانئڻ واري!

 

کِلندي ڳالهه چَئي وئي آهين،

عُمر سَڄي اِيذائڻ واري!

 

ڪيئن مان تنهنجي ياد وساريان،

چاهت- چڻنگ دُکائڻ واري!

 

ٿَڪجي ڇالئه چيچ ڇَڏايئه،

دل جا دِيپَ وِسائڻ واري!

 

جِيءَ سان جُڙيل يَاد آ تُنهنجي،

سَپنن ۾ سَرچائڻ واري!

 

نيٺ ته مُون ڏي موٽي اِيندينءَ،

مَن ’منظر‘ مَهڪائڻ واري!

 

نسرين الطاف

 

 

 

غزل

ٻري آس دل ۾ اجهاڻي نه ٿيندي،

پنهنجي پيار جي ڪا پڄاڻي نه ٿيندي!؟

 

اڃان ڪيستائين ڏکن ساهَه جڳ ۾!

ستم جي ختم ڇا ڪهاڻي نه ٿيندي!؟

 

علم، آجپي جو قسم آهي جيجل!

ڪٿي ماءُ جي قيد نياڻي نه ٿيندي!

 

هي ڪينجهر جون خاموش ڇوليون چون ٿيون،

وري ٻي ڪا نوري نماڻي نه ٿيندي.

 

سکن لاءِ ’نسرين‘ سَڌ مون ڪئي جو،

سهي سور ڇا جند ساڻي نه ٿيندي!؟

غزل

شاعريءَ جي رمز ڄاڻڻ آ ڏکي.

فن سان گڏ ڏات ماڻڻ آ ڏکي.

 

تو سوا او ساھ منهنجا سانورا!

ڏينهن ۽ هر رات ڪاٽڻ آ ڏکي.

 

ياد ٿي جنهن پل اچي تنهنجي تڏهن،

ذهن تان پوءِ ياد ٽارڻ آ ڏکي.

 

سون جهڙي زندگي ٽوڙي وئين،

زندگي اجڙيل ته ٺاهڻ آ ڏکي.

 

جا حياتي لاڏ ۾ گذري سڄي،

سا حياتي ور اجاڙڻ آ ڏکي.

 

انيس ميمڻ

 

 

 

 

اي سنڌو توکي ڀيٽ ڏيان ٻه ڳوڙها

 

هيءَ دل جي سڪل ٺوٺ ڌرتي

ائين ڦارون ڦارون آ

جيئن سوڪهڙي ۾ صحرا

يا ڄامشوري ۾ سنڌو درياه

هن ۾ جذبا ائين مرده آهن

جيئن ٿرياڻيءَ جي هنج ۾

مُئل ٻار

۽ سندس دل جيان ئي

منعڪس

گج جي هر ٽڪ ۾

ان جو عڪس

ائين ئي منهنجي وجود ۾ آهن

اولڙا

سُڪل سنڌوءَ جي واري ڀريل پيٽ جا

ڪالهه ڄامشوري مان ايندي جو مون ڏٺو

سوچيم اي سنڌو توکي ڀيٽ ڏيان ٻه ڳوڙها

ائين ئي جيئن آتشِ نمرود وسائڻ ڪاڻ

هڪ ننڍڙي جهرڪيءَ نياز سان

پنهنجي چهنب ۾ ڀري آڻي وڌا هئا

پاڻيءَ جا ٻه بنهه ننڍڙا قطرا.

 

جمال‘ مراد گبول

 

 

 

 

غزل

وَرهين کانپوءِ ويچارو، کڻي اڄ ڪار آيو آ،

وَٺي جو ووٽ ويو اڳ ۾، ڀڳل ڀوتار آيو آ.

اسان جنهن جا ڏنا ختما، ڪُنيون، مانيون ڪرايون سڀ،

اُهو اڄ ساڳيو ماڻهو، وڏي لاچار آيو آ.

پُراڻن کي به پرکيوسين، نئون نِروار ٿيو نِڪري،

بُخارن مان اُٿي اڄ هي، بِنهه بيمار آيو آ.

چَڙهيو تان ڪُجهه چڱو آهي، ڪِريو جي ڪنڌ ڀَڄي پوندس،

مگر ڪُرسيءَ جي خاطر سڀ، سَهڻ آزار آيو آ.

”جمال“ آهي سدائين سچ، حقيقت حق چيو سَڀ کي،

ڏِسي ڪردار اڄ هُن جو، لکي اشَعار آيو آ.

غزل

هنج هُونگاري هَليا ويا، ڪانگ ڪارا ٿا ڏِسون،

مُحبتون وييون هليون، دلبر دغارا ٿا ڏِسون.

ڪاريُون، ڪُنڊيون قطاريون، ٿي جتي چالُون چُنيون،

اڄ اُتي مجبور ماڻهو، مالَ وارا ٿا ڏِسون.

مُرڪ هئي جن جي ته مُنهن تي، کِل خوشيءَ ڪيڏي نه هئي،

ڪُلفتون ڪاوڙ ڪٽر، ۽ غم غُبارا ٿا ڏِسون.

اَنب، ڄاريون ۽ ڄَمون، ناهي نِمن ۾ ڪا نَمي،

دم ڌمايا ديويِن، ٽانگر نه ٽارا ٿا ڏِسون.

ٿي ٿڌا پاڻي مِٺا، هرهنڌ جِت حاصل ٿيا،

اڄ اتي واري وَسي پئي، کوهه کارا ٿا ڏِسون.

کيرَ، کچڻيون کوڙ هئا، ويا ڌڻ ڌنارن سان ڪَٺي،

باغ ٿي بيدي ويا، مُشڪل گُذارا ٿا ڏِسون.

پُرسُڪون ماحول ناهي، مُلڪ مُنهنجي جو ”جمال“،

موڪلائي وئي محبّت، قلب ڪارا ٿا ڏِسون.

 

محمد علي پٺاڻ

 لاڙڪاڻو

 

 

 

 

غزل

ساھَ، ڇاتيون ڇُلن،

گُلَ ھوا سَنئون لُڏن!

 

چاھَ چپن مان ٽَپِي،

ٿِي، پَکِي پيا اُڏن!

 

لُڪَ، لِڱَنِ مَنئون لَٿِي،

انگَ، ڪُڏي پيا ڪُڏن!

 

ھوشُ، آھِ ڪو نه ڪو،

سُکَ، ٻَکِي پيا لُڇن!

 

سَڀَ رَڳُنِ مَنئُون پگهرُ،

ٻن ندين جيان اُڙھن!

 

غزل

ايندينءَ ايندينءَ ٻيڙا تاري ويٺو ھان،

نيڻن جا مان ڏيئا ٻاري ويٺو ھان.

 

صدين کان مان تنھنجو، توڙي ناھين گڏ،

خوشبو ساھن منجِهه جيئاري ويٺو ھان.

 

ھر گل سان تصويرون تنھنجون باغن ۾،

ھنجون تِنِ سان گڏجي ھاري ويٺو ھان.

 

ڏونگر ڏوري، مَنَ ۾ ڳولي توکي مان،

ڀاڪُرُ پائي اوندھِ ٽاري ويٺو ھان.

 

لھرون لھرون ساگر، سورن سوچن جو،

ڦوڙائو، دل ڳڻتين ڳاري ويٺو ھان.

سورُ سيني ۾ نه سرچائي سگهيس،

 

طارق امام جوڻيجو

 

 

 

 

 

غزل

جيءَ کي ٿي جئڻ لاءِ حرارت کپي،

پيار جي خوبصورت عمارت کپي.

 

هوش ۾ ڪو ڪٿي ٿو رهي دوستو،

عشق  مدهوش آ، ان کي راحت کپي.

 

عشقَ جي جان تي آ بني پئي مگر،

حُسن کي ٿي سدائين شرارت کپي.

 

حسن مغلوب ٿي ڪينء رهندو ڀلا،

عشقَ کي پر ٿي ان تي صدارت کپي.

 

عشقَ مفلس کي واپار جي ڇا خبر،

پيار پنهنجو ڪرڻ لاء تجارت  کپي.

 

ديد ٿي ديد سان جي ملي ڀي وڃي،

پر وڌڻ لاءِ اڳتي بصارت  کپي.

 

ڀڃ ڀڃي جي سگهين ھي پرولي مٺا،

ٿي ڳجهارت  ڀڃڻ لاء مهارت کپي.

 

پاڪ پوتر محبت ڪري ڪير ٿو،

جسم ۽ روح کي ٿي طهارت  کپي.

 

لاھ سر جو ته سانگو هلو عشقَ ۾،

گڏ همٿ سان ٿي ”طارق“ جسارت  کپي.

 

سيد شاهه مردان شاهه

 

 

 

 

نظم (مارو)

سُڻي صدائون ادا عمر، ڏاڍا ڇڏ تون ڏاڍ ڏمر،

خوف خدا جو هردم ڪر، مارن تي ڪر مهر نظر.

پورھيت مارو پورهيو ڪن، ته به ٿا تن کي رنج رسن،

ڏاڍن کان ٿا ڏڪن ڏرن، آهن بيوس ۽ بيزر.

جن جو وطن آ ٿڌڙي ھير، جن جو کاڌو پپون پنير،

اھي به تنهنجا ٿيا اسير، ڪانه ڇڏي تو آھي ڪثر.

منھنجا ماروئڙا موچارا، سھڻا آھن سانگي سارا،

سادا سودا الفت وارا، گاھ تي تن جو آھي گذر.

کاھڙ جي ڀر رھن کٿيريون، مٿن تي جن جي ميريون سيريون،

سانجهڻ لئي ٿيون اٿن سويريون، مون لئه رھن اداس اپر.

موسم تي ٿا مينهن وسن، وسڻ پڄاڻان گاھ ڦٽن،

سڪ سان سانگي وڃيو لڻن، ڀرٽ ۽ ڀنگري لنب لُلر.

قوت جنين جو ڪکن ڪڻن، ماڙيون تن کي ڪينئن وڻن،

راتو ڏينھان روئن رڙن، جن جي نياڻي منجهه نير،

پکا پراڻا جھوپا جھور، کير جھڳڻ لئ اٿن اسور.

مدي نه من ۾ رکن ٿا مور، اھا پنھوارن آھي پر،

ماڳ ملير ۾ جيڪي رھن، سختيون تُنهنجون سي ئي سھن.

لڙڪ اکين مان تن کي وھن، سڏين مونکي شام سحر.

سرتيون پنهنجون ساريو ساريان، لُڙڪ اکين مان ھردم ھاريان،

انگ ازل جو ويٺي پاريان، وڇڙيا مونکان منهنجا وڳر.

”مردان“ مارن ملڪ وسي، ڏک نه ڪوئي ڏيھي ڏسي،

کيت سان جو ٿو کر کسي، ڦوڳئي تنهن جو رھي نه ڦر۔

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org