سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2024ع

باب:

صفحو:15 

زڪيه ارباب ڏاهري

 

 

 

چوسٽا

دل  جي  درد  کي ڪيئن  لڪايان،

ڳوڙھا اچن سي ڪيئن لڪايان،

محبت  ڪئي  آ بيحد  توسان،

ان  اظھار  کي ڪيئن  لڪايان.

 

تو  بن   ڪھڙو    جيئڻ    سائين،

وھه    جو    وٽو     پيئڻ    سائين،

تو  سان  ھر  موسم آ  گل  رنگ،

تو  بن ھر مند پن  ڇڻ  سائين.

 

غزل

نوڪري       جـــــــي      توکــــــي      کپي،

ٽڪن جي ٽوڪري جي توکــــــي کپي.

سماج ۾  جيئڻ     ٺاٺ   ۽    شان    سان،

اوچو  ڳاٽ  پھاڙن جيئان  جي توکــــــي کپي.

ھميشه  وٺ    سچ   جي   واٽ    اھا    ئي،

اعليٰ  شان، اوچي   منزل جي توکــــــي کپي.

پير   پرستيءَ کي   پيرن   ھيٺيان    لتاڙ،

سڌارو سماج ۾ جي   توکــــــي    کپي.

علم جي  شمع  کي  ھر  ھنڌ روشن ڪر،

معاشري  ۾   جي   ترقي    توکــــــي   کپي.

امن  جي   چاھين    ھميشه    جھان    ۾،

 حسد  جي  پاڙ  پٽڻ  توکــــــي کپي.

 

گهايل لغاري

 

 

 

غزل

تنهنجي رنگن کي پنهنجي گهر لاهيان،

جيون جا سارا ٿڪ تو ڀر لاهيان.

اُڃ، رُڃ ۾ تر منهنجو ساڙي ٿو پيو،

بِيهه ته نقلي رهبر جا ور لاهيان.

اکين هوندي ماڻهو انڌا آهن،

اونداهين ۾ ڏيئن جا هر لاهيان.

لمحو لمحو ڪُوماڻيو پيو آهي،

برساتون ٿيان، ڇانوَن جي ڇر لاهيان.

گهر گهر ڳاڙها ڳوڙها، سُڏڪا آهن،

ڪنهن جي ڪنهن جي غم جا پٿر لاهيان.

عالم کي ”گهايل“ ميرو ڪيئن چوان؟

پهريان مان پنهنجي من جي مر لاهيان.

ساڀيائون پکين وانگي ٿي پونديون،

يارو! قيدي خوابن جا در لاهيان.

غزل

اک ۾ ڳوڙهو ٺَري رهيو آهي،

درد مون ۾ مَري رهيو آهي.

هڪ زمانو وڃي رهيو آهي،

ٻيو زمانو وَري رهيو آهي.

صُبح ٿيئڻ ۾ دير ڪانهي ڪا،

آءُ ٽاڻو ٽَري رهيو آهي.

پاڻ ڪنهن ڪائنات ۾ ناهيون،

ڪوئي سوچي ڳَري رهيو آهي.

کيس پاتال ۾ وَيو ٻوڙيو،

سچ پوءِ ڀي تَري رهيو آهي.

جيترو بُک ۾ مان ٻريو آهيان،

ايترو تر ٻَري رهيو آهي.

دوستي، دشمني ڪري ورتي،

غم هي ”گهايل“ چَري رهيو آهي.

 

اظهر ’آزاد‘ مغل

 

 

 

 

غزل

سچ يار تنھنجو مون کي بس ديدار کپي ٿو،

مون کي ته رڳو تنھنجو ئي بس پيار کپي ٿو.

جيون تي ناھي ڀروسو  ڪوئي جھانَ ۾،

ھن زندگيءَ ۾ تنھنجو اعتبار کپي ٿو.

پنڌڙو اکين ڪيو آ رڳو تنھنجي آس ۾،

نيڻن کي تنھنجي ديد جو ديدار کپي ٿو.

 توسان سکن ڏکن ۾ گذرَي منھنجي زندگي،

توساڻ وفا جو سڄڻ وھنوار کپي ٿو.

ڪنھن کي ڏجي ڪوئي ڏَسي ھت دانھَن درد جي،

سنڌ کي ازل کان ڪو سچو سالار کپي ٿو.

ڏاري جو منھنجي ڏيھه جي ڏوھيءَ جي ڪنڌ کي،

آزاد مڙس اھڙو اڄ ڪنڌار کپي ٿو.

وائي

سچ سان ساٿ سبي، ڪوڙن  ڪات ھڻي،

عَلَمُ کوڙيون انقلاب جو.

بيدار ڪيون ڀونءِ ۾ ، ڌرتي جا ته ڌڻي،

عَلَمُ کوڙيون انقلاب جو.

ڌرتي تان ڌارين کي، خنجر خوب ھڻي،

عَلَمُ کوڙيون انقلاب جو.

وطن جي وارثي لاءِ ، نعرو  نيهن  ھڻي،

عَلَمُ کوڙيون انقلاب جو.

قومي  خوشحالي جا، دل ۾  خواب کڻي،

عَلَمُ کوڙيون انقلاب جو

حق جا ھوڪا ڏئي، سچ جا ساز سڻي،

عَلَمُ کوڙيون انقلاب جو.

مسڪينن ۽ مارن جا پون  درد  ڇڻي،

عَلَمُ کوڙيون انقلاب جو.

سر سجائي سوڀ جو، جڳ کي شال وڻي،

عَلَمُ کوڙيون انقلاب جو.

جهيڙي رک جبر سان، ڪوري ڪنڌ  کڻي ،

عَلَمُ کوڙيون انقلاب جو.

ڏونگر ڏاري ڏاڍ جا، ھيرين  هار بڻي،

عَلَمُ کوڙيون انقلاب جو.

 

نورمحمد ’نورل‘ ڪنڀار

 

 

 

 

غزل

ڪنهن سان ته تنهنجي به اک اڙي هوندي،

ڪنهن ڏانهن ته تنهنجي به دل لڙي هوندي.

 

وعدا فردا تي جيئڻ به ڪيڏو مشڪل آهه،

گذري فراق ۾ ساعت سا ڪيڏي ڪڙي هوندي.

 

عشق جي پيچرن جي ڪهڙي خبر زاهد،

پنبڻيون پُسيون هونديون دل سڙي هوندي.

 

ڇا ڇا چوان ۽ ڪيترو روئي روئندس،

وڇڙي ولر کان ڪا ڪونج هت رڙي هوندي.

 

دلبر جو شهر ڇڏي جڏهن روانو ٿيو هوندين،

وِک وِک تي اي ”نورل“ پوئتي نظر لڙي هوندي.

غزل

هن زمين ڏاڍو رنو ۽ آسمان ڏاڍو رنو،

گل ۽ بلبل ساڻ گڏجي باغبان ڏاڍو رنو.

 

سک، ڏسڻ لاءِ سور سانڍڻ عاقلن جو آهِه ڪم،

دلربا کان دور ٿي پير و جوان ڏاڍو رنو.

 

يار مٺڙي جي جدائي ۾  روئان ٿو روز و شب،

حال منهنجي کي ڏسي سارو جهان ڏاڍو رنو.

 

دلربا جي ديد خاطر دل وٺي آئي دور کان،

حال محرم ٿي ته مون سان آشيان ڏاڍو رنو.

 

اوچتو ظاهر خزان ٿي ويئي هلي ”نورل“ بهار،

گل رنو بلبل رنو ۽ گلستان ڏاڍو رنو.

 

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

 

 

 

 

محمّد مصطفيٰ مدني، حبيبِ ڪبريا آهي،

خدا جو آ محمد ۽ محمد جو خدا آهي.

خدا جي آ خدائي ۾ محمد جو نرالو نانءُ،

محمد ساري عالَم جوئي رهبر رهنما آهي.

محمد جي طفيلِ آ مليو انسان کي رُتبو،

بشر مخلوق ساري کان اتم ٿيو باصفا آهي.

محمد جي سراسر شانَ ۾ قرآنُ آ سارو،

محمد پيشوا آهي امام الانبياء آهي.

محمد نور ۾ اول محمد نور ۾ آخر،

محمد جي ڪري دنيا کي ٿي حاصل ضيا آهي.

محمد نورِ مجسم آ محمد نور ۾ اعليٰ،

محمد شافعِ محشر بڻيو سڀ جي شفا آهي.

محمد بي سهارن جو سهارو ٿي هِتي آيو،

نبي نورالهديٰ آهي نبي بدرالدجيٰ آهي.

ٿئي ٿو چنڊ آڱر جي اشاري سان ٻه اڌ اڪبر،

لٿل واپس وري سج ٿو، ٿيو معجزنما آهي.

ڇڏيندو ڪين عاصين کي اها اميد آ سڀ کي،

هِتي هُت حامي ”اڪبر“ جو محمّد مصطفيٰ آهي.

 

منٺار علي هوت

 

 

 

 

ڪافي

مون محب تنهنجي ملڻ لئه سور صدمان سؤ سٺا،

ائين نه مون سمجهيو ڪڏهين تون منهن مٽي ويندين مٺا.

ڏينهن ۾ ڇا رات ۾ هئي وائي تنهنجي وات ۾،

ٿي رهيس هردم سڄڻ تنهنجي طلب ۽ تات ۾،

مون رڙي راتو ڏينهان تنهنجا گوهر گس ڏٺا.

جيئن ٿئين جاني جدا تيئن دل سڪي تولئه سدا،

هن حقيقت حال جي ڄاڻي خبر ٿو هڪ خدا،

ڪيئن وساريان يار سي جي ڪٽيم ڏينهڙا ڪٺا.

پيار ڏي ڪو پيار سان ماڻان نه ڪم ”منٺار“ سان،

مل گلي مون سان اچي خوش ٿي کِلي کيڪار سان،

وڃ اُجهائي منهنجي اندر مان هي باهين جا بٺا.

 

غزل

دلاسا جن ڏنا دل کي اُهي دلدار مٽجي ويا،

ڏنيون جن جيءَ ۾ جايون اُهي اڄ يار مٽجي ويا.

مرڻ جا ۽ جيئڻ جا جن ڪيا واعدا وچن مون سان،

ڪيل سي قول ۽ وعدا وچن اقرار مٽجي ويا.

نٿيءَ ساعت سري جن ري وساري تن صفا ڇڏيو،

وريو آ واءُ اڄ اهڙو هينئن جا هار مٽجي ويا.

هٿن پيرن جگر گُردن همت هينئڙي ڇڏي هاڻي،

هئا ڀونرن مثل ڪارا اُهي اڄ وار مٽجي ويا.

ڏسڻ سان ”هوت“ ٺريون ٿي اکين جا ٺار هئا جيڪي،

مٺا ماکي مکڻ ماڻهو مڙيئي ”منٺار“مٽجي ويا.

 

معراج منگي

 

 

 

 

نثري نظم

اڄ وري ڦول ڦهليا!

گلابي اڱڻ تي،

صنوبر ۽ موتيا ٽڙيا!

ڪري موج مستي؟

جني جي مٿان پوپٽن،

جهوميو نچيو،

سريلو، سريلو راڳ آلاپيو،

منهنجي اڱڻ تي،

اڄ وري اڀ جي!

ٽاڪيل رنگين،کٽ تان،

ستارن جو نه رنگين،

ڪهڪشائون،

آيون ھيٺ لهي! ٿي وئي روشني روشني!

گھر جي صحن  تي!

رات گذري وئي!

لاهي ڪارو  چو لو،

پيو سج اڀري!

اجلو اجلو!

منهنجي اڱڻ تي!

من مرڪي پيو،

مهڪي ٻهڪي،

پرين! جو آيو؟

منھنجي اڱڻ تي!

ڪري مهرباني.

 

اقبال شاهين

 

 

 

 

سوچ    ۾     آيو     تغير     روشني    نکري   وئي،

رات   ڪاري   برف  وانگر   تيرگي    وگهري  وئي.

ڪير روڪي ٿو سگهي گهڙيال جي ڪا هڪ سئي،

وقت   جي   رفتار   سان  گڏ  زندگي  گذري وئي.

مال  ۽  دولت  جا  ڀاڪر  سوچ  تي  حاوي رهيا،

زيست   جي  آسائشن   ۾   بندگي   وسري   وئي.

لهر   جي   آغوش   ۾   ٻيڙا   وڏا    ٻڏيو    وڃن،

پر گهڙي سان  پاڻ سهڻي ڏس  تري نڪري  وئي.

زندگي    محتاج   آ    انسان    ٿوري  سوچ  ڪر،  

پن مٿي  ماڪوڙي  ڏس  دريا  سڄو اڪري وئي.

همڪلامي  جوهرِ  دلبر  سندم  سان   ڇا   ڪيم،

گفتگو  لفظن  ۽  لهجن  سان  ٺهي   مصري  وئي.

مير  مرسل  ڪفر  جي  ساري حقيقت پٽ ڪئي،

جيئن   اڏاري   واءُ   واري  تيئن   ادا  اڏري  وئي.

ڪانگ  سان  شاهين جي هرگز  نٿي   ياري ٺهي،

ڳالھ  هڪ  پرواز سان ات  ٿي سڄي پڌري وئي.

نثري نظم

نظر  سان  نهوڙي     مڃايا     هميشہ،

ڪئي   مڙس ڪونڌر  ڪهايا   هميشہ.

چڪن چاڪ هردم ڇٽڻ کان پري جي،

اهي  زخم   تو   ئي    رسايا    هميشہ.

پلڪ   سان  ٻهاري   اکين  کي  وڇائي،

اسان  گس  اوهان   لئہ سجايا  هميشہ.

اسان تانگھ  پاڻي مان خود کي اڪاري،

ڪيل    قول    واعدا    نڀايا    هميشہ،

اسان   پور  غم  جي زمين  مان  اڀاڙي،

پرين     پوک    وانگر    پچايا   هميشہ.

رکن  زهر  ڪيڏو  ٿا  ڪاڪل هي پيارا،

اوهان   نانگ    وانگر    ڏنگايا   هميشہ.

سسئي وانگي لڪ تان لڙياڪين جيڪي،

تنهين   پير   پنهون   جا  وڃايا  هميشہ.

اوهان  جي  ڀرم  کي  رکڻ  لاءِ   ’شاهين‘،

سوين   سور    دل   ۾    سمايا   هميشہ.

 

مُستقيم ’بازيدپوري‘

ڪنڊيارو

غزل

زَماني ڪَڏهن هي به، ڄاتو آهي؟

سَمورو هي جيوَن، تَماشو آهي،

 

وِڪامن وُجود ٿا، ناڻي خاطر،

ڪو تولو ته ڪو وَري ماشو آهي،

 

ڪَٿين ٿو ڪَٿي ڪو نه سَگهندين پِرين،

دَرد جو به ڪو يار ڪاٿو آهي؟

 

سَڳو سِڪ سندو ڪيئن ٿو ڇِڄي سَگهي؟

ازل کان پَنهنجو نِينهن ناتو آهي

 

وَسي پَئه سَڄڻ، مون تي سانوَڻ بَنجي،

مُنهنجو مَن هي تاسو  پِياسو آهي،

 

غزل

حوصلن جي پِرين جي هارَ ٿيندي،

پوء ته جُستجو بيڪار ٿيندي،

 

هَر چيز جو  اَثر آ مُنفرد پر،

ڪا زبان کان تِکي ٻي تَرار ٿيندي؟

 

ٿو وَسائين پَٿر سُونهن تي جاهلَ،

هَر دور ۾ تو تي پِٽڪار ٿيندي.

 

شور آهي شَهر ۾ خدا ڄاڻي!

ڌُوڙِ ڪنهن جي وَري دَستار ٿيندي.

 

هَمسفر تون وڃين ٿي ته وَڃ  ليڪن،

تو سِوا زندگي بيزار  ٿيندي.

 

منظور بيدار

 

 

 

وائي

ٻڏندڙن کي تاري ڪير،

منهنجو الله.

هن جهان فاني ۾،

جيئرن کي ماري ڪير،

منهنجو الله.

ظلم زوراور کي سدا،

لمحن ۾ ڳاري ڪير،

منهنجو الله.

ياد ڪرڻ سان هميشہ،

بندن کي ساري ڪير،

منهنجو الله.

ڏينهن قيام جي وري،

مئلن کي جياري ڪير،

منهنجو الله.

ٻڏل ٻيڙيءَ کي سدا،

ڪن مان تاري ڪير،

منهنجو الله.

پنهنجن عاجز بندن لاءِ،

وڏي دل ڌاري ڪير،

منهنجو الله.

ڪريلن کي رحمت سان،

هميشہ ئي اٿاري ڪير،

منهنجو الله.

پنهنجي بندگيء لاءِ روز،

اسانکي پڪاري ڪير،

منهنجو الله.

غريبن، مسڪينن ڏانهن،

روزاني نهاري ڪير،

منهنجو الله.

حقدارن کي حق بيدار،

هميشہ ڏياري ڪير،

منهنجو الله.

 

ذوالفقار ٽالپر

 

 

 

غزل

جوڳي بنجي جڳ کي ڏسبو،

ڌرتي جي هر ڌڳ کي ڏسبو.

ڪنڊا لتاڙي قرب منجهاران،

پُنهل جي پوءِ ”پڳ“ کي ڏسبو.

سانوڻ رُت جي شام وڻي ٿي،

مال جي ورندڙ وڳ کي ڏسبو.

ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ ته آهي،

ٺاهي ٺوڪي، ٺڳ کي ڏسبو.

ماڻهو مڻيادار هتي جا،

اجرڪ پَٽڪي، پڳ کي ڏسبو.

حُسن به هُن جو آهي حقيقت،

”ذوالفقار“ سُهڻي چَڳ کي ڏسبو.

 

وائي

ديس جي ڌرتي مٿان،

ميڙي سارا ڏُک،

جنگ وڏي جوٽي وجهون.

ڏينهن ڏکيا ويندا لنگهي،

کائي ڪوسي لُک،

جنگ وڏي جوٽي وجهون.

مايوسين جو من منجهان،

موڙي هرڪو رُخ،

جنگ وڏي جوٽي وجهون.

تڙي لالچ لوڀ کي،

ماري هَوس بُک،

جنگ وڏي جوٽي وجهون.

 

عبدالحئي ڀٽو

 

 

 

 

ڇا، ٻاٽ ازلي ۽ اَبدي آهي...؟؟

 

پويون سال پنهنجا پساهَه پورا ڪري چُڪو

شام جو نماڻان نيڻ کڻي سورج،

پنهنجي وجود تي هڪ نظر وڌي،

..... مان ته روشني پئي ارپي،

انسان کي،

ڪائنات کي.....

اڌ کُليل اکين مان ڳاڙها ڳوڙها،

ڳاڙهيندي سورج ٿڌو ساهه کڻي،

سوچيو.....!!!

سدائين ڪِرڻن جا ڇَڄَ ڀَري،

مون پرٿوي کي آڇيا.....!!

پر هي ڇا.....؟

ظلمتون..... ظلمتون.....!!!

ڇا سڀاڻي جيڪو سورج اُڀرندو.....،

اُنهيءَ جو اتهاس به مون جيان هوندو.....،

ڪِرڻا آ ڇڻ،

روشني جي رحمت وسائڻ،

۽ موَٽ ۾ رڳي ٻاٽ

ڇا ٻاٽ ازلي ۽ اَبدي آهي.....!؟

ڇا روشني ورهائڻ سورج جي،

لا حاصل ڪِرت آهي.....!؟

 

راجا رفيق احمد شيخ

وائي

تنهنجي چهري جي چانڊاڻ،

مون کي ڏاڍي ٿي وڻي،

مون کي ڏاڍي ٿي وڻي.

 

ڄڻ ته آهي اها،

موج ڀري مهراڻ،

مون کي ڏاڍي ٿي وڻي.

 

انار کان وڌ آهي،

ڳلن جي لالاڻ،

مون کي ڏاڍي ٿي وڻي.

 

تنهنجي مُرڪڻ سان،

ٿئي ٿي هرهنڌ سرهاڻ،

مون کي ڏاڍي ٿي وڻي.

 

تنهنجي حسن جي آه،

جاڏي ڪاڏي واکاڻ،

مون کي ڏاڍي ٿي وڻي.

 

شير محمد ”شيرل“ ڌونڪائي

 

 

 

 

غزل

اڄ ته منهنجو يار جاني پوري تياري پيو ڪري،

هت ڇڏي مون کي اڪيلو وڃڻ واري پيو ڪري.

ڪونه سمجهيس ڪو ڪڏهن هي دوست هيڏي هينئن ڪندو،

پر ڌِڪي اڄ در سندي تان ڌار ڌاري پيو ڪري.

وهم ويڇا غم ۽ گوندر گڏ اچي سڀ سور ٿيا،

هُو رقيبِ روء سياهه جي طرف داري پيو ڪري.

گهُور سان گهايل ڪري اڄ محب منهنجو ويو هليو،

خلق کي گهٽ وڌ ٻڌائي خام خواري پيو ڪري.

عرض آهي رحم ”شيرل“ تي ڪجان قادر ڪريم،

جو سدائين تنهنجي در تي آهه زاري پيو ڪري.

 

غزل

دوست ديوانو ڪري اڄ يار رولي تو ڇڏيو،

درد دل ۾ دلربا دلدار جي ديرو اڏيو.

مار هن بيمار کي يا ڏي شفا ديدن سندي،

 

ماٺ ۾ هت ماريو يا قرب ۾ پنهنجو سڏيو.

ڪر قصو اهڙو سڄڻ جنهن سان لڳي دلڙي مٺا،

 

برهه تنهنجي ۾ مٺا جوڀن سڄو هي جُهور ٿيو.

سگهه سموري ويئي هلي ساٿ سڏڪن ڀي ڇڏيو،

 

اچ پرين تون پاڻ پيهي يا گُهراءِ مون کي مٺا.

”شير محمد“ کي کڻي اڄ دل سندو دلبر سڏيو.

 

فراخ جانوري

 

 

 

 

غزل

ڌار دل کان جو پيار هوندو آ،

ساهه صدمن سان تار هوندو آ.

 

دل جي دنيا ۾ تو بنا بر کان،

جاڏي ڪاڏي ڏڪار هوندو آ.

 

هر مصيبت مان پار ٿيندي آ،

نينهن جنهن جو نبار هوندو آ.

 

تنهنجي نيڻن جي ڇانوَ هوندي آ،

لمحو لمحو بهار هوندو آ.

 

ڪنهن جي دوريءَ جو درد تير جيان،

ساهه مان آرپار هوندو آ.

 

ان کان وڌ ڪو عيار شخص نه آ،

جو وطن جو غدار هوندو آ.

 

تو بنا ’جانوريءَ‘ جو سوريءَ تي،

ساهه هر پل سوار هوندو آ.

 

”نقش“ ناياب منگي

 

غزل

خواب ۾ جلوو پسائي پاند ڪو اٽڪائي ويو،

پل گهڙي ۾ ڌار ٿي جيءَ کي ته جهوري لائي ويو.

هن سراپا ناز تان سر ساهه سڀ ڪي گهوريان،

دل جي اُجڙيل باغ کي جيڪو وري برسائي ويو.

مُرڪي مُرڪي دل جو نذرانو ڪيو مون پيش پر،

بي رُخيءَ سان هو ستمگر دل کي ٺُڪرائي ويو.

هت سڪونِ قلب لُٽيو مان رهان ٿو بيقرار،

زندگي ۾ درد ڏيئي باهه ڀڙڪائي ويو.

ڇا ٻڌايان پنهنجي دل جي ڪيفيت اي دوستو!

حسن بازي ويو کٽي ۽ عشق هارائي ويو.

’نقش‘ تنهنجي دل جي حسرت دل ۾ رهندي تاحيات،

يار ويندي ويندي اهڙو گيت ڪو ڳائي ويو.

 

غزل

ترڪ اُلفت ٿي چڪي ليڪن نه آيو آ يقين،

ڌار مون کان ڪيئن ٿيو محبوب منهنجو دل نشين.

زندگي هو جانِ من ۽ زندگي ڀي لازوال،

راه فرقت جي وٺي مون کان جدا ٿيو مهھ جبين.

عهدِ پيمان جنهن ڪيا مون سان رهڻ جا تاحيات،

منهنجي قسمت ۾ وڌائي غم ويو سو همنشين.

غم ۾ سور آ مگر غم ۾ نه آهي دلڪشي،

زندگي بي ڪيف آ توکانسواءِ منهنجا حسين.

ٿو تصور ۾ رهي دلبر سدائين ’نقش‘ جي،

هر قدم هر گام تي موجود آهي دلنشين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org