سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2024ع

باب:

صفحو:17 

 

 

 

 

 

       سنڌ جي سڄاڻ عالمن جڏهن اهو اصول قبول ڪيو ته سنڌي ۾ ڪتاب لکيا وڃن ته پوءِ ان اصول تي پڪي طرح عمل ڪيائون. سندن پنهنجي سڄي تعليم جي تڪميل فارسي ۽ عربي ذريعي ٿي هئي، پر جڏهن پاڻ سنڌي ۾ ڪتاب تصنيف ڪرڻ شروع ڪيائون، تڏهن هڪ ته نج سنڌي ٻولي ڪم آندائون؛ ٻيو ته هر موضوع کي آسان سنڌي ۾ بيان ڪيائون ته جيئن عام پڙهيلن بلڪ اٻوجهن کي به سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي، اهو سندن اعليٰ علمي صلاحيت جو ڪارنامو هو جو الاهيات ۽ عقائد جا ڳوڙها مفهوم، فقه ۽ تفسير جا ڏکيا موضوع توڙي تصوف ۽ سلوڪ جا مشڪل مضمون سولي ۽ سهکي سنڌيءَ ۾ ڪاميابيءَ سان سمجهايائون.

سنڌي عالمن جي هن ڪاميابي جو مدار سندن اختيار ڪيل ٽن مکيه طريقن تي هو: پهريون ته کين هر موضوع ۽ مضمون جي ماهيت ڪلي طور تي معلوم هئي، ۽ هر موضوع ۽ مضمون جي مختلف مسئلن جي کين پوري ڄاڻ هئي؛ ٻيو ته کين هڪ طرف عربي ۽ فارسي زبانن تي ته ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ تي پوري مهارت حاصل هئي، ٽيون ته هر موضوع کي صحيح نموني ۽ آسان عبارت ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائون، هنن جڏهن ڪنهن به موضوع يا مسئلي تي لکيو ته ان کي اڳ ڪيل تحقيق جي روشني ۾ جامع نموني سان سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. معاشري جي ڪن خاص مسئلن تي سنڌ جي طبعي ۽ سماجي ماحول جي مناسبت سان سمجهايو؛ سنڌي ۾ اهڙن مسئلن ۽ موضوعن کي صحيح نموني ۾ بيان ڪرڻ خاطر عربي، فارسي ۽ سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي.

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

مهراڻ 1-2/1999ع تان ورتل

 

ڊاڪٽر دُرمحمد پٺاڻ

 

 

 

 

پرڏيهي عالمن جا خط

 

پرڏيهي عالمن جا خط (19 نومبر 1979ع)

سي. ڊبليو. هسڪل چارلس وليم هسڪل 7، اپريل 1905ع تي بريڊ فورڊ ، انگلنڊ ۾ ڄائو. هن صاحب تعليم نيوزيلينڊ مان ورتي، جتان ڊائوينٽيءَ ۾ بئچلر ڊگري ۽ ٿيولاجيءَ ۾ لائيسنشيئيٽ جو ڊپلوما حاصل ڪيائين.

چارلس وليم هسڪل 1930ع ۾ ”چرچ مشنري سوسائٽي“ جي ڪارڪنن جي حيثيت سان سنڌ ۾ آيو. پاڻ 1933ع کان وٺي ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ جو سيڪريٽري ٿي رهيو، ان کان پوءِ ”گرامر اسڪول ڪراچي“ جو پرنسپال ٿيو. 1955ع ۾ نيوزلينڊ هليو ويو، ۽ هاڻي اتي رهي ٿو.

چارلس وليم هسڪل ڪرستاني ادب تي ڪيترائي ڪتاب انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا. ۽ انهي موضوع تي سنڌي ۾ اصلوڪا ڪتاب به لکيائين. هن صاحب سنڌيءَ انگريزيءَ ۾ هڪ گرامر به مرتب ڪيو هو، ۽ سنڌيءَ- انگريزيءَ لغت مرتب ڪرڻ لاءِ هڪ هندو اديب (؟) جي وڏي مدد ڪئي.

چارلس وليم هسڪل ”سنڌي ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ جي سرگرم ڪارڪنن مان هڪ هو. انهيءَ سوسائٽي ۽ هسڪل جي معلومات مون کي پنهنجي تحقيقي ڪم لاءِ گهربل هئي، انڪري مون آر.اي. ڪارسن کي ساڻس رابطي قائم ڪري ڏيڻ لاءِ چيو هو. هسڪل صاحب انهيءَ سلسلي ۾ مون ڏانهن هڪ خط، لکيو، جو هيٺ ڏجي ٿو:

7، آئزلينڊ ويو ٽيريس، ويڪانٽي، نيوزيلينڊ

31، جنوري 1977 ع

پيارا مسٽر در محمد پٺاڻ

مسٽر جي.اي ڪارسن جي والد 3، تاريخ وارو اوهان جو لکيل خط مون ڏانهن موڪليو آهي. مون کي شڪ ٿو پوي ته اوهان کي گهڻن سوالن جا جواب آئون ڏئي نه به سگهان. 22 سال ٿيندا جو سنڌ ڇڏي اٿم، ان کان به ڪجهه سال اڳ منهنجو ”سنڌي ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ سان لاڳاپو ٽٽي چڪو هو. آئون 1933ع کان انهيءَ سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري ٿي رهيس، حيدرآباد واره مس وارڊ سوسائٽيءَ جي ڪمن ۾ ڏاڍي مشغول هوندي هئي، ان کانسواءِ سکر جا مسز جنڪسن ۽ ڊاڪٽر ويسٽرن به انهيءَ ڪم ۾ سٺي دلچسپي وٺندا هئا.

مسلمان مترجمن ۾، جنهن جو نالو ياد اٿم سو هو شايد مرزا بيگ (مون کي پڪ نه پيئي ته اهوئي سندس سڄو نالو هو). مون کي اهو به ياد ڪونهي ڪو مسٽر چندو رام سوسائٽي لاءِ ڪتاب ترجمو ڪيا هئا، پر مسٽر ڀڳتاڻيءَ انهيءَ سلسلي ۾ گهڻو ڪجھه ڪيو هو. مون گهڻائي ڪتاب ترجمو ڪيا هئا، هن وقت انهن جا نالا ياد نه ٿا اچن. اهڙن ڪتابن ۾ بئسل ميٿيوز جو ”پال دي ڊانٽ ليس“ به هڪ هو، سنڌيءَ ۾ اصلوڪا ڪتاب به لکيم، جن ۾ ”موت کان پوءِ ڇا؟“ قابل ذڪر آهي. ان کانسواءِ ڀڳتاڻي صاحب سان پيٽرسن سمٿ جو ڪتاب
”ڪرست جي حياتي“ به ترجمو ڪيو هيم.

منهنجي مختصر سوانح هن ريت آهي:

چارلس وليم هسڪل، 7 اپريل 1905 ع تي بريڊ فورڊ، انگلنڊ ۾ ولادت، تعليم نيوزيلينڊ ۾، جتان ڊائوينٽيءَ ۾ بئچلر ڊگري ۽ ٿيولاجيءَ ۾ لائينيشئٽ جو ڊپلوما حاصل ڪيم. جيئن مٿي چئي چڪو آهيان ته سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيم. خاص ڪري ناتال جون موڪلون انهيءَ ڪم لاءِ وقف هونديون هيون. سنڌي ۾ هڪ گرامر به مرتب ڪيو هيم، جو به ڪرسچن لٽريچر ۾ هڪ سٺي ڪوشش آهي. سنڌي انگريزي لغت مرتب ڪرڻ لاءِ مون هڪ هندو اديب جي وڏي مدد ڪئي. انهيءَ جو نالو هن وقت ياد نه ٿو پوي. مون سنڌيءَ جي تعليم به هندو عالمن کان ورتي هئي، مگر انهن جا نالا به ياد نه ٿا پون، ڇو جو 40 سالن جو عرصو گذري چڪو آهي. ساڳي نموني اهو به وسري ويو ته ڪيترو وقت ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ سان وابسته رهيم، اهو عرصو به ستن سالن کان گهٽ ڪونه هوندو. اوهان جي مدد ڪرڻ لاءِ ته من ماندو آهي، ليڪن ڇا ڪريان ٻاهتر کي اچي پهتو آهيان، ۽ ياد گيري به ساٿ ڇڏي ويئي آهي.

نيڪ تمنائن سان اوهانجو پُرخلوص

سي. ڊبليو. هسڪل

آر.اي. ڪارسن: آر.اي. ڪارسن 1913 ع ۾ آشبرٽن، نيوزلينڊ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان وٺي ”ڪينٽبري ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان ايم.اي ڪيائين. ان کانپوءِ ”اينجليڪن بورڊ آف ٿيولاجيڪل اسٽڊيز“ نيوزيلينڊ مان ”لائيسنشيئيٽ آف ٿيولاجي“ ۾ ڊپلوما ڪيائين. آر.اي. ڪارسن 1940ع ۾ ڪراچي آيو. ٻه سال هڪ ٽيوٽر رکي سنڌي ٻولي سکيائين. هي صاحب ”چرچ مشنري سوسائٽي“ سان وابسته هو، ۽ ڪيترا سال ٻين حيثيتن سان گڏ ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. ”چرچ مشن پريس“ جي سنڀاليندڙ جي حيثيت سان، هن سوسائٽيءَ پاران ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا. هن سنڌيءَ ۾ ”خدا جو ڪٽنب“ ڪتاب لکيو، جيڪو ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ طرفان شايع ٿيو هو. هيءُ صاحب 1957ع تائين سنڌ ۾ رهيو، هن وقت نيوزيلينڊ ۾ رهي ٿو. مون جڏهن ”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقي ۾ حصو“ جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي لاءِ کوجنا شروع ڪئي ته ڪراچي ضلعي جي اشاعتي ادارن جي سلسلي ۾ ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ جو به احوال هٿ ڪرڻو پيم. انهي ڪري ڪراچي جي پادرين ۽ آڳاٽن ڪرستانن سان ملڻو پيو. مسٽر ڪارسن جو پٽ ڪرستانن جي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ اُستاد هيو (آهي؟)، جنهن جي وسيلي هن سان رابطو قائم ڪيم، ۽ پنهنجي گهربل معلومات حاصل ڪيم. آر. اي. ڪارسن منهنجي خطن جي جواب ۾ جيڪي ٻه خط لکيا، اهي هيٺ ڏجن ٿا.

(انگريزيءَ ۾)

ڪرائسٽ چرچ نيوزيلينڊ، 19 جنوري 1977

مسٽر در محمد پٺاڻ

پيارا سائين: منهنجي فرزند، اوهان جو اهو خط پهچايو اٿم، جنهن ۾ اوهان ڪرستانن جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ سر انجام ڏنل خدمتن تي معلومات ڏيڻ لاءِ چيو آهي. مان اوهان ڏانهن اها معلومات ڏياري موڪليان ٿو، جيڪا مون کي ياد آهي، پر انهيءَ معلومات تي نظرثاني ڪرڻ تمام ضروري آهي، ڇو ته منهنجي يادگيري اڄ اها نه رهي آهي. نهايت افسوس اٿم، جو اوهان کي اهو ٻڌائڻ کان قاصر آهيان ته ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ ڪڏهن ۽ ڪنهن ٺاهي هئي، پر اها پڪ اٿم ته اها منهنجين پيش ور چرچ مشن سوسائٽي وارن ڪارڪنن ٺاهي هئي، ۽ اها چڱو وقت اڳ ٺاهي وئي هئي، ڇو ته منهنجي اچڻ وقت هڪ سو ڪتاب چپجي چڪا هئا. هن سوسائٽيءَ جو مقصد هو سنڌ واسين کي عيسائي عقيدي سان مانوس ڪرائڻ.

سمجهان ٿو ته سوسائٽيءَ جو رڪارڊ اڃا ڪراچيءَ ۾ رکيل هوندو. بشپ رڊون توهان جي مدد ڪري سگهي ٿو، يا بشپ اسپينس جو هن وقت رٽائر ٿي چڪو آهي، هُو اڄڪلهه سنڌ ۾ آهي ۽ منهنجو پٽ اوهان کي ساڻس ملائي سگهي ٿو.

اوائلي مشينريز مان هڪ سو سال اڳ جرمن ڊاڪٽر ٽرمپ به هڪ هو، جو سنسڪرت ۽ پرشن جو اسڪالر هو. هن سنڌي ٻوليءَ جو گرامر مرتب ڪيو هو، جو ديوناگري خط ۾ هو. مون انهيءَ جي هڪ ڪاپي پراڻي ”ڪرسچن مشنري سوسائٽي“ جي آفيس ۾ ڏٺي هئي، جو شايد اڃا به ڪراچيءَ ۾ ڪٿي ملي وڃي. ڊاڪٽر ٽرمپ، پوءِ ”هيڊلبرگ يونيورسٽي“ ۾ مشرقي ٻولين جو پروفيسر ٿيو هو، مان سمجهان ٿو.

اوائلي مشينريز مان ٻيو، جنهن سنڌي ٻولي ۾ چڱو خاصو ڪم ڪيو، سو هو ”انگلش چرچ مشنري سوسائٽي“ جو پادري شرٽ. ان کان سواءِ ٻئي ٻه هيا: ريڊ مين برادرس، انهن مان هڪ جون ٻه نياڻيون ڪيترو وقت سنڌ ۾ آيون، ۽ ميرپورخاص ضلعي ۾ سالن جا سال ڪم ڪيائون. هو گهڻو ڪري اڄڪلهه ڀارت ۾ هونديون. رتن آباد جو پادري ٽووي، شايد ڄاڻندو هوندو ته اهي ڪٿي آهن.

انگلستان جي ”زناني مشنري سوسائٽي“
جي ڪن ڪارڪنياڻين به سنڌ ۾ ڪم ڪيو هو، جن مان ڪراچيءَ جي مس برينٽن، ۽ حيدرآباد جون مس پگوٽ ۽ مس وارڊ قابلِ ذڪر آهن. مان غير عيسائي سنڌي مترجمن کي ايترو ڪونه ٿو سڃاڻان، پر هڪڙو ڄڻو ياد اٿم، جنهن بائيبل جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، اهو هو آرمينسن ڪرسچن خاندان جو پونئير. مرزا قليچ بيگ، هو پاڻ مسلمان هو، ۽ وڏي ادبي لياقت جو صاحب هو. ڪتابن ڇپرائڻ جو ذمو ”بائيبل سوسائٽي“ تي هوندو هو، ۽ نه ”سنڌ ڪرسچن لٽريچر سوسائٽي“ کي، ۽ جيڪڏهن اوهان لنڊن جي بائيبل سوسائٽي ڏانهن لکو ته ٿي سگهي ٿو ته اتان اوهان کي وڌيڪ معلومات ملي سگهي. جي مترجم مونکي ياد آهن، اهي آهن: ٽيڪمداس ڀڳتائي ۽ چندو راءِ، جن ٻنهي بائيبل جي ترجمي ڪرڻ ۾ مدد ڪئي هئي. پادري ڀڳتاڻيءَ جو خاندان اڃا ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو ۽ اتان به اوهان کي معلومات ملي سگهي ٿي. اهو ۽ چندو راءِ ٻئي ڄڻا هندو هئا، جنهن کان پوءِ مذهب ڪرسٽ قبول ڪيائون، پويون منهنجي خيال ۾ عامل خاندان مان هو، ۽ هاڻي سنگاپور ۾ ٿو رهي. منهنجي خيال ۾ هو اوهان کي معلومات ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو. هن جو پتو آهي: 16، ڊچز اوينيو، سينگاپور 10. هي صاحب اڄڪلهه گهر کان ٻاهر آهي، سو انڪري توکي ٿوري انتظار جي زحمت گوارا ڪرڻي پوندي. سي. ڊبليو. هسڪل ترجمي توڙي تصنيف جي معاملي ۾ هڪ چست ماڻهو هو. سوسائٽيءَ طرفان شايع ڪيل ڪيترائي ڪتاب سندس قلمي ڪاوش جو نتيجو آهن. هي اڄڪلهه 7، آئيزلينڊ ويو ٽيريس وئڪاني، نيوزلينڊ ۾ رهي ٿو. مان توهان واري چٺي ڏانهس موڪلي ٿو ڏيان، هن جي يادگيري منهنجي ياد گيريءَ کان وڌيڪ ڀروسي جوڳي آهي، ۽ هن سنڌي ٻوليءَ ۾ مون کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. هو مون کان ڏهه سال اڳ سنڌ ۾ آيو هو. هن هڪ سنڌي گرامر به مرتب ڪيو هو. جيتري قدر سنڌي خط جو واسطو آهي، ۽ جيترو مون پڙهيو آهي، تنهن مطابق سنڌي ٻوليءَ جو موجوده عربي خط برٽش آرمي آفيسر جي محنت جو نتيجو هو، ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي ٻين خطن- ديوناگري، گرمکي، ۽ بنيا خط (جنهن ۾ هو پنهنجو حساب ڪتاب رکندا هئا) کي نئين خط سان مٽائجي. مان، اوهان کي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو ڄاڻان ته اسان سنڌي ٻوليءَ جي ٻن خطن ۾ ڪتاب شايع ڪرائندا هئاسين- هڪڙو مسلمانن لاءِ ۽ ٻيو هندن لاءَ.

تنهنجو مخلص

آر. اي. ڪارسن

قلم تازو: مسٽر هسڪل ۽ مان ڪشنسنگهه واسواڻيءَ وٽان سنڌي پڙهي هئي، جنهن جو ڪٽنب عيسائي ٿيو هو، ليڪن وري هندو ٿيو هو. مان آشبرٽن نيوزلينڊ ۾ 1913 ع ۾ ڄائو هوس، ۽ چرچ مشنري سوسائٽيءَ ۾ 1940 کان 1957 تائين ڪم ڪيو اٿم. (انگريزيءَ ۾)

63 بروڪ سائيڊ ٽيريس

ڪرائسٽ چرچ، 5 نيوزيلينڊ

15 فيبروري 1977

پيارا دوست در محمد پٺاڻ

اوهان جي 3 تاريخ واري خط لاءِ مهرباني. توهان جي سوالن جي موٽ ۾: توهان پڇيو آهي ته مان سنڌي لکي به سگهان ٿو يا نه؟ مان سنڌي ٻولي تڏهن سکي هئي، جڏهن 1940ع ۾ ڪراچي آيو هوس. لڳاتار 1942ع تائين مون هڪ ٽيوٽر رکيو هو، پاڻ ڄاڻو ته (هڪ غير ماڻهو لاءِ) ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ جي ڪيتري ضرورت آهي. مان رڳو بنيادي سنڌي پڙهي هئي. هتي مون وٽ ڪو سنڌي گرامر ڪونه آهي جو پنهنجي صورتخطي ڀيٽي ڏسان، سو جيڪڏهن مان سنڌي لکندس ته اوهان کي ان ۾ صورتخطيءِ جون اوس ئي غلطيون نظر اينديون- جن کي مهرباني ڪري نظر انداز ڪجو.

منهنجو تعليمي لياقتون: مان آنرز (لاطيني ۽ يوناني) سان گڏ آرٽس ۾ ماسٽر ڊگري رکان ٿو. اها ايم.اي نيوزيلينڊ يونيورسٽيءَ مان ڪئي هيم، ۽ ڪاليجي تعليم ”ڪينٽبري ڪاليج“ مان ورتي هيم. ان کان سواءِ مون کي ”اينجليڪن بورڊ آف ٿيولاجيڪل اسٽڊيز“، نيوزيلينڊ طرفان ”لائيسنشيئٽ آف ٿيولاجي“ جو ڊپلوما به مليل آهي. ڇهين تائين ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيم، ڪاليجي تعليم هتان ”ڪينٽبري ڪاليج“ مان ورتم ۽ ٿيولاجيءَ جي تعليم به هتي ”ڪاليج هائوس“ مان حاصل ڪيم. آءُ ڪيترا سال ٻين حيثيتن سان گڏ، ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ جو سيڪريٽري ٿي رهيس. ”چرچ مشن پريس“ جي سنڀاليندڙ جي حيثيت ۾، مون سوسائٽي پاران ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا ۽ انهن جي ورهائڻ ۾ مدد ڪئي.

هن وقت مون کي چڱيءَ طرح ڳالهيون ياد نٿيون پون، شايد ئي مون ڪو سنڌيءَ ۾ ڪتاب

 


 

ترجمو ڪيو هجي. ”خدا جو ڪٽنب“ ڪتاب مون ئي لکيو هو، جنهن تي نظرثاني پادري ڀڳتاڻي ڪئي هئي.

”چرچ مشنري سوسائٽي“ ۾ اچڻ کان اڳ مان ٽن سالن تائين ”ائنگليڪن چرچ“ ۾ پريئيسٽ هوس. مان پنهنجي خاندان جو پهريون واحد فرد آهيان، جنهن ”چرچ مشنري سوسائٽي“ ۾ شرڪت ڪئي. آءُ فيبروري 1940 ع ۾ ڪراچي آيو هوس، ۽ ڊسمبر 1957ع ۾ نيوزيلينڊ واپس وريو هوس. اوهان ڏانهن پنهنجي فوٽو موڪلڻ جي ڪوشش ڪندس. مسٽر هسڪل منهنجي خط پهچ ڏني آهي. صحيح معلومات ڏيڻ لاءِ هي مناسب ۽ لائق شخص آهي. هن جو پتو آهي:

7، آئزلينڊ ويو ٽيريس وئڪانئي، نيوزلينڊ

(مسٽر ڪارسن جي سنڌي، جا خط جي آخر ۾ ڏنل آهي)

سلامن ۽ دعائن کان پوي (پوءِ) عرض آهي ته مون کي گهڻو وقط (وقت) ٿي ويو آهي ته آءُ سنڌي نٿو ڳالهايان. تنهن ڪري گهڻو ڪري وسري ويو آهيان. پر منهنجو خيال آهي ته انهيءَ کان اوهين سمجهي سگهندا ته سنڌي ضبان (زبان) مون کي ڪيستاءِ اچي ٿي.

آر. اي. ڪارسن

 

ارشد حسين چنا پاٽائي

 

 

 

مخدوم سليم الله صديقي پاٽائيءَ جون علمي و ادبي خدمتون

 

سرزمين سنڌ، هزارين بهترين مفڪر، عالم، اديب، شاعر، اڪابر، مدبر، ڏاها، سياستدان، مفتي ۽ قاضي پيدا ڪيا آهن، جن تي سنڌ ڌرتي هميشه فخر ڪندي رهندي. سنڌ جي ادبي، سياسي، سماجي، مذهبي تاريخ ۾ ”ضلع دادوءَ“ کي اهم حيثيت حاصل رهي آهي، هتي اسين ضلعي دادو جي هڪ اهم ۽ معتبر ترين شخصيت جو پڻ ذڪر ڪنداسين، جنهن جي گوناگون لياقتن ۽ قابليتن سبب سندس نالو اهم ترين آهي. محترم مخدوم سليم الله صديقيءَ جي علمي، ادبي ۽ فني خدمتن جو سرسري جائزو وٺنداسين. سليم الله صديقي پاٽائيءَ لاءِ محمد عرس اظهر سولنگي لکي ٿو ته:

”01 سيپٽمبر 1960ع ۾ مخدوم علي گوهر صديقي پاٽائيءَ جي گهر ”پاٽ شريف“ ۾ تولد ٿيو، 1988ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سرڪاري عهدن تي فائز ٿي خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ علم ۽ ادب جيڪو ورثي ۾ مليو هوس تنهن کي سانڍي ان جي آبياري ۽ خدمت سمجهي ڪندو رهيو آهي. سندس چوڻي موجب سهڻو ادب سهڻي نبي اڪرم ﷺ جو ڏنل سوجهرو آهي. جنهن جي روشنيءَ سان اونداهي ڀڄيو وڃي، پوءِ ماڻهو ۽ معاشرو مڻيادار ٿئي ٿو.“(1)

سندس والد محترم، مخدوم ميان علي گوهر صديقي پاٽائي 1909ع کان 1972ع هڪ متقي ۽ پرهيزگار انسان هئا. پاڻ نه رڳو مفتي ۽ عالم هئا، پر تقوي ۽ پرهيزگاريءَ ۾ پڻ سرس هئا. مخدوم ميان علي گوهر صديقي، افقه فقه في السند علامه مخدوم ميان حسن الله صديقي پاٽائيءَ جا نه رڳو ڏهٽا هئا پر صحيح نموني ۾ علمي وارث پڻ ٿيا.

مخدوم سليم الله صديقي صاحب لاءِ گلزار ڪلهوڙو رقم طراز آهي ته:

”مخدوم سليم الله قاسم آباد، حيدرآباد ۾ اداره پاٽ هائوس قائم ڪري ڪتابن جي ڇپائيءَ جي شروعات ڪئي ۽ پاڻ ”پاٽائي“ بزرگن تي تحقيقي ڪم ڪندي سندن مواد گڏ ڪيو، پاڻ هالا، سيوهڻ، هنڱورجا، بکر، سکر ۽ برهانپور (هندوستان) جي مختلف خاندان سان لاڳاپا، رابطا قائم ڪيائين. دنيا جي اهم ترين ملڪن ۾ قائم لائبريرين سان رابطا ڪري ”پاٽ“ ۽ پاٽائي بزرگن بابت معلومات جمع ڪري ان کي مرتب ڪيائين. اڄ تائين به پنهنجي جنم ڀومي ”پاٽ شريف“ سان عقيدت ۽ احترام رکن ٿا. سندس ڇپايل ڪتابن ۾ ڪجهه سندس لکڻيون تحريرون آهن ۽ پاڻ انهن جو مصنف آهي. ڪجهه ڪتابن تي سندس مقدمه، شرحون ۽ ترجما شامل آهن. سندس علمي و ادبي پورهئي جو وچور هن ريت آهي:

1.             ڊبيٽ جو فن (1977ع) (مصنف)

2.           انوارالاسرار (ترجمو) 1998ع (حواشيو ۽ تحقيق)

3.           مخدوم بصيرالدين جي سوانح، 2003ع (مصنف)

4.           عوارف المعارف (مقدمو ۽ تحقيق)

5.            قصيده برده شريف، 2006ع (مقدمو ۽ نثري وضاحت)

6.           بياضِ واحدي (2 جلد)، 2007ع (مقدمو ۽ تحقيق)

7.           رسائل سيوستانـــي (مقدمو ۽ تحقيق)

8.           مخدوم فضل الله جو ڪلام (مصنف)

9.           مفتاح الصلوات، 2012ع (مقدمو ۽ تحقيق)

10.    خزينة المخطوطات (2 جلد)، 2005ع (مصنف)

11.      مخزن المخطوطات (2 جلد)، 2012ع (مصنف)

12.    تفيسر الم (مقدمو ۽ تحقيق)

13.    ڪشف الحقائق (تحقيق، حواشو ۽ مقدمو)

14.    انساب مشائخ سيوستان، 2005ع (مقدمو ۽ تحقيق)

15.     المفيد في العدد الهندي (مقدمو)

16.    برہانپور کے سندھی اولیاء (اردو) (تعليقات)

17.    المڪتوب الحبيب، 2006ع، (مقدمو)

18.    گلزار ابرار، 2009ع (مقدمو ۽ حواشيو)

19.    تشبيهات رومي، 2006ع (مقدمو)

20.  معيار سالڪان طريقت، 2010ع (مقدمو)

21.    اسماءُ الحسنيٰ (مقدمو ۽ سوانح)

22.  عين المعاني (مقدمو)

23.  تفسير نغبة البيان (مقدمو ۽ تحقيق)

24.  فتوح الاوراد ۽ فتوح العقائد (مقدمو) (2)

محترم سليم الله صديقي صاحب جي ادبي ۽ علمي فن جو تنقيدي جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو.

احوال اولياءُ:

هيءُ ڪتاب اداره ”پاٽ هائوس“ حيدرآباد طرفان ڊسمبر 1995ع ۾ ڇپايو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سيد صبغت الله شاهه سنڌي، اردو ۾ احوال لکيو ويو آهي. محترم سليم الله صديقي هن ڪتاب کي مرتب ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب 104 صفحن تي مشتمل آهي.(3)

سنڌ جي قديم ۽ جديد ادب ۾ قلمي ڪتابن کي هڪ معتبر ۽ اهم مقام حاصل آهي، اهي قلمي نسخا سنڌ جي قديم ڪتبخانن ۾ موجود آهن، جن جي فهرست کي محترم سليم الله صديقي پاٽائي هڪ خاص پيار ۽ عقيدت سان جمع ڪري شايع ڪرايو آهي.

سنڌ جي ادبي، سماجي، مذهبي، لساني جاگرافيائي تاريخ ۾ هي ڪتاب هڪ بيش بها خزانو آهي. سنڌ جي قديم ڪتب خانن ۾ فارسي، عربي ۽ سنڌي زبانن ۾ لکيل هزارين قديم قلمي نسخن کي جمع ڪري هي ڪتاب لکيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ محترم سليم الله صديقي صاحب هڪ بهترين مقدمو لکيو آهي. هن ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي (1) حصو پهريون سرڪاري ڪتب خانا (2) نجي ڪتب خانا. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان 2006ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. (4)

خزينة المخطوطات (2 جلد):

سنڌ جي قديم ڪتب خانن ۾ موجود هزارين فارسي، عربي ۽ سنڌي مخطوطات جو هڪ شاهڪار آهي(5). جنهن کي مخدوم سليم الله صديقي صاحب نهايت عرق ريزي ۽ باريڪ بينيءَ سان مرتب ڪيو آهي. هنن ٻنهي جلدن ۾ تقريبن ٽيهه هزار قلمي نسخن جو تعارف ڏنل آهي.

 

محترم سليم الله صديقي جو هڪ ٻيو علمي ۽ ادبي ڪارنامو افقه الفقه في السند مفتي اعظم علامه مخدوم حسن الله شاهه صديقي پاٽائيءَ جو لکيل ڪتاب ”انساب مشائخ سيوستان“ آهي. هي ڪتاب فارسي زبان ۾ لکيل آهي. مخدوم سليم الله صديقيءَ جي والد بزرگوار ميان علي گوهر صديقي هن ڪتاب جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو، جڏهن ته مخدوم سليم الله هن ڪتاب ۾ مقدمو، سوانح لکي هڪ بهترين اضافو ڪيو. هيءُ ڪتاب تقريبن 82 صفحن تي لکيل آهي. سنڌي ادبي بورڊ هن ڪتاب کي 2008ع ۾ شايع ڪيو. (6)

سنڌ جي ديني ادب ۾ پاٽ شريف جي بزرگن جو پڻ هڪ اهم ترين حصو آهي. علامه مخدوم فضل الله ولد ميان وهب الله پڻ منفرد حيثيت جو حامل آهي. سنڌي ادبي بورڊ ”مخدوم فضل الله جو ڪلام“ 2009ع ۾ شايع ڪيو. تحقيق ۽ شرح سليم الله صديقي صاحب جي آهي. هيءُ ڪتاب 333 صفحن تي مشتمل آهي. روزي، نماز کي سمجهائڻ لاءِ ميان مخدوم فضل الله پاٽائيءَ شاعريءَ جو سهارو وٺي هڪ تبليغي انداز ۾ سمجهايو آهي.

ان کان علاوه شاهه عبداللطيف جي شعرن کي پنهنجي چيل شعرن سان سمجهايو آهي.(7)

مخزن المخطوطات (جلد پهريون):

سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود قلمي نسخن تي مشتمل ڪتاب جو ليکڪ مخدوم سليم الله صديقي آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ عام پڙهندڙ کي فن خطاطيءَ ۾ مختلف خطن بابت بهترين معلومات ڏنل آهي. بلاشبه هي هڪ بهترين ادبي ڪاوش آهي. 2013ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ هن ڪتاب کي شايع ڪيو.(8)

مخزن المخطوطات (جلد ٻيو)

هيءُ ڪتاب فاضل مصنف جي علمي و ادبي لياقتن جو اعليٰ مظهر آهي، سليم الله صديقي صاحب هن ڪتاب تي تمام گهڻي محنت ڪئي آهي ۽ انگريزي زبان ۾ Preface پڻ لکيائين. هن بهترين ڪتاب ۾ فارسي، سنڌي، پنجابي، سرائيڪي، عربيءَ ۾ گڏيل مواد (Mixed Contents) ۽ شاهي فرمان وغيره شامل آهن. ستارن جي علم رمل ۽  عمليات (Astrology) بابت به معلومات فراهم ڪيل آهي. 257 کان 496 صفحن تي مشتمل ڪتاب آهي. (9) هيءُ ٻئي ڪتاب پڙهڻ وٽان آهن.

سنڌ جي ادبي، سماجي لساني ۽ عمرانياتي تاريخ ۾ جناب پروفيسر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي هڪ مٿانهون درجو حاصل آهي، سو سليم الله صديقي صاحب جا ڀلا ڀاڳ جو هُو جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هم سفر رهيو ۽ ٿر گهمي آيو ۽ هڪ مضمون پڻ لکيائين. ”ڊاڪٽر بلوچ سان گڏ ٿر تان ڀيرو“، لکي پنهنجي ادبي حيثيت پڻ ثابت ڪيائين. عمرڪوٽ، اسلام ڪوٽ ۽ ننگر پارڪر گهميائون. هن مضمون ۾ ٿر جي معدنيات بابت لکي ڪري اهو پڻ ثابت ڪيائين ته مخدوم سليم الله صديقي هڪ بهترين جيالاجسٽ (Geologist) پڻ آهي. هن سفر دؤران سائين سليم الله ڊاڪٽر بلوچ جي صحبت ۾ مشهور سُگهڙن سان ڪچهريون پڻ ڪيون.(10)

مخدوم سليم الله صديقي صاحب جو مضمون ٽه ماهي ”تخيل“ حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص نمبر 7، 8 2017ع ۾ پڻ شايع ڪيو ويو آهي.(11)

مخدوم سليم الله صديقي جا مضمون ٽه ماهي ”مهراڻ“، ۽ ”تخيل“ حيدرآباد ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.

مشهو پاٽائي برهانپوري عالم علامه ”مسيح الاولياءَ شيخ عيسيٰ جند الله پاٽائي ثم برهانپوري“ جي علمي و ڪمالاتي فن بابت هڪ بهترين ۽ تحقيقي مضمون لکي ٽه ماهي ”تخيل“ حيدرآباد ۾ قسط وار شايع ڪرايائين. شيخ قاسم، شيخ معروف پاٽائي شيخ عيسيٰ جند الله پاٽائي ۽ ٻين برهانپوري سنڌي بزرگن بابت هڪ بهترين مضمون آهي.(12)

ان کان علاوه مخدوم سليم الله صديقي پنهنجي بهترين قلمي ۽ قديمي ڪتب خاني جي ڪري به گهڻو مشهور و معروف آهي. سندس ڪتب خاني ۾ (سنڌي، اردو، عربي، فارسي، انگريزي) ٻولين ۾ سوين هزارين قلمي ڪتاب ۽ قلمي نسخا موجود آهن، جيڪي صديقي صاحب ساهه وانگر سانڍي رکيا آهن ۽ پاڻ ثابت ڪيو آهي ته هُو پنهنجي اسلافن (بزرگن) جي امانتن جو حقيقي وارث ۽ امين پڻ آهي. مخدوم سليم الله جي بزرگن جو سلسلو ۽ حسب نسب سهروردي بزرگن عالمن سان ملي ٿو.

تازو هڪ ضخيم ڪتاب ”تاريخ مشائخ سهرورديه“ لاهور مان شايع ٿيو آهي، جنهن جو مؤلف محمد نعيم طاهر سهروردي آهي،  هيءُ هڪ بهترين ڪتاب آهي، جيڪو اردو زبان ۾ آهي. ”مشائخ سهرورديه“ جي احوال، آثار، تعليمات، علمي ادبي، سماجي، سياسي، اصلاحي ۽ روحاني خدمتن تي هڪ مستند علمي تحقيق آهي.

هن ڪتاب لکڻ ۾ محترم سليم الله صديقي سهروردي پاٽائي، محمد نعيم طاهر سهرورديءَ کي تمام گهڻي فني، ادبي معاونت فراهم ڪئي ۽ تمام گهڻا نيڪ مشورا پڻ ڏنا. سندس رهنمائيءَ سان ئي هڪ بهترين ڪتاب شايع ٿيو آهي نه ته هيءُ هڪ مشڪل ترين ڪم هو.(13)

 

حوالا

1.             محمد عرس اظهر سولنگي، دادو ضلعو هڪ اڀياس، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 2013ع، ص 101.

2.           گلزار ڪلهوڙو، پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾، پاٽ شريف، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ، 2018ع، ص 163، 164.

3.           سليم الله صديقي، احوال اولياءَ (مرتب) حيدرآباد، اداره پاٽ هائوس، 1995ع.

4.           سليم الله صديقي، خزينة المخطوطات، (مرتب) جلد پهريون، ڄامشورو سنڌي ادبي بورڊ، 2006ع.

5.            سليم الله صديقي، خزينة المخطوطات، (مرتب) جلد ٻيو، ڄام شورو سنڌي ادبي بورڊ، 2010ع.

6.           مخدوم حسن الله شاهه  صديقي پاٽائي، (مولف) انساب مشائخ سيوستان، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 2008ع.

7.           مخدوم سليم الله صديقي پاٽائي، مخدوم فضل الله جو ڪلام، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2009ع

8.           سليم الله صديقي پاٽائي، مخزن المخطوطات (جلد پهريون)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2013ع

9.           ساڳيو، (جلد ٻيو).

10.    ٽماهي مهراڻ نمبر 2/2012ع، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص 321 کان 325.

11.      ٽه ماهي ”تخيل“ حيدرآباد، 7-8/2017ع، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص نمبر، ص 572 کان 578.

12.    ٽه ماهي ”تخيل“ حيدرآباد علمي، ادبي ۽ تحقيقي رسالو، 4/2016ع، ص 7-21، ٽماهي ”تخيل“ حيدرآباد 5/2017ع، ص 42-54، ٽماهي ”تخيل“ حيدرآباد 6/2017ع، ص 7-24، ٽماهي ”تخيل“ حيدرآباد 9/2018ع، ص 66-78.

13.    محمد نعيم طاهر سهروردي، تاريخ مشائخ سهرورديه (جلد اول)، لاهور، زاويه پبلشر 2020ع.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org