سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2024ع

باب:

صفحو:7 

عبدالله فهيمي                                                             (قسط ٽين)

لاڙڪاڻو

 

 

 

مخدوم محمد حيات سنڌيءَ جون دستياب تصنيفون*

3-    موقظ الهمم شرح الحکم العطائية:

شيخ محمد حيات جي هن رسالي جا اسان کي هن وقت تائين 5 نسخا معلوم ٿي سگھيا آهن، جن جو تفصيل هن طرح آهي:

(1) پهريون نسخو:

هي نسخو الجزائر جي ”مکتبة القاسمية“ نمبر 18ف تي موجود آهي. هي نسخو 44 ورقن تي مشتمل آهي. هر صفحي ۾ 27 سٽون آهن. خط نسخ آهي، متن ڳاڙهي مَس سان لکيل آهي ته وري شيخ محمد حيات مدني جي شرح ڪاري مس سان لکيل آهي. هن نسخي کي مصنف شيخ محمد حيات مدني پنهنجي هٿ سان سنه 1145هجري ۾ مدينه منوره ۾ لکيو آهي.

(2)            ٻيو نسخو:

هي نسخو جامعة الازهر جي لائبريري ۾ نمبر 87509 تي موجود آهي. هي نسخو 53 ورقن تي مشتمل آهي. هر صفحي ۾ 22 سٽون آهن. خط معتاد آهي، متن ڳاڙهي مَس سان لکيل آهي ته وري شيخ محمد حيات مدني جي شرح ڪاري مس سان لکيل آهي. هن نسخي کي محمد باقر سنه 1152هجري ۾ ڪتابت ڪيو آهي.

(3)            ٽيون نسخو:

هي نسخو الجزائر جي لائبريري (دار الکتب الوطنية) ۾ نمبر 532 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. انهيءَ مجموعي ۾ هي نسخو 76 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 47 کان شروع ٿئي ٿو ته وري 114 تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ نسخي جي هر صفحي ۾ 19 سٽون آهن. خط نسخ آهي، نسخو ڪاري مَس سان لکيل آهي ۽ متن تي ڳاڙهي مَس سان لڪير ڏنل آهي. هن نسخي کي شيخ محمد حيات مدني جي شاگرد مصطفى بن عبد الله آچر جي ڏينهن 16 جمادي الاول سنه 1159هـ جزائر ۾ ڪتابت ڪيو آهي.

انهن ٽنهي نسخن جا عڪس راقم وٽ موجود آهن.

(4)            چوٿون نسخو:

هي نسخو ولايت متحده آمريڪا جي شهر پرنسٽون ۾ پرنسٽون يونيورسٽي جي لائبريري  ۾ نمبر 5497 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هي نسخو 103 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 132/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 135/ب تي ختم ٿئي ٿو. هي نسخو سنه 1155هجري ۾ ڪتابت ٿيل آهي([1]).

(5)            پنجون نسخو:

هي نسخو دار الکتب الخليلية ۾ نمبر 13 تي موجود آهي. هي نسخو 50 ورقن تي مشتمل آهي.

يمن جي شهر حضرموت جي مشهور ڪتبخاني ”مکتبة الاحقاف“ ۾ هن ڪتاب جا 3 نسخا پڻ موجود آهن. طوالت جي ڪري انهن جو تعارف نه ٿا لکون.

4-    شرح قصيدة  الزم باب ربک للسيد عبد الله العلوي الحدادي:

شيخ محمد حيات جي هن رسالي جا اسان کي هن وقت تائين 3 نسخا معلوم ٿيا آهن، جن جو تعارف هن طرح آهي:

(1) پهريون نسخو:

هي نسخو سعودي عرب جي شهر رياض جي يونيورسٽي ”جامعة ملک السعود“ جي ڪتب خاني ۾ نمبر 2505 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هي رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 4 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 5/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 8/ب تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 30 سٽون آهن. خط نسخ آهي، ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل آهي. ۽ متن تي ڪاري مس سان لڪير ڏنل آهي. نسخي جي ڪتابت ڪڏهن ٿي آهي؟ ان جي نشاندهي نه ٿي ملي، البته هن نسخي ۽ هن کان پهريان واري نسخي جو خط ساڳيو ئي آهي، ۽ اُن نسخي کي حسين بن احمد الحنفي 14 رمضان سنه 1144هجري ۾ ڪتابت ڪيو آهي، تنهن ڪري چئي سگھجي ٿو ته شيخ محمد حيات مدني جي هِن نسخي کي به انهيءَ سال ۾ ڪتابت ڪيو هوندائين.

(2)            ٻيو نسخو:

هي نسخو الجزائر جي لائبريري (دار الکتب الوطنية) ۾ نمبر 532 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هي نسخو 8 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 115/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 122/ب تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ نسخي جي هر صفحي ۾ 19 سٽون آهن. خط نسخ آهي، نسخو ڪاري مَس سان لکيل آهي، البته حديث پاڪ جي عبارتن تي ڳاڙهي مس سان لڪير ڏنل آهي. هن نسخي کي الحاج مصطفى بن عبد الله سنه 1159هجري ۾ الجزائر ۾ ڪتابت ڪيو آهي.

(3)            ٽيون نسخو:

هي نسخو ولايت متحده آمريڪا ۾ ميشيغان يونيورسٽي (University of Michigan) جي لائبريري ۾ هڪ مجموعي نمبر 946 ۾ موجود آهي. هي نسخو 16 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو صفحي نمبر 33 کان شروع ٿئي ٿو ته وري 48 تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ نسخي جي هر صفحي ۾ 21 سٽون آهن. خط نسخ آهي، نسخو ڪاري ۽ ڳاڙهي مَس سان لکيل آهي، نسخي تي سنِ ڪتابت ۽ ڪاتب جو نالو لکيل نه آهي.

انهن ٽنهي نسخن جا عڪس راقم وٽ موجود آهن.

5-     شرح الاربعين لملا علي القاري:

شيخ محمد حيات جي هن رسالي جا اسان کي هن وقت تائين 5 نسخا معلوم ٿيا آهن، جن جو تعارف هن طرح آهي:

(1) پهريون نسخو:

هي نسخو ترڪي جي معروف ڪتب خاني ”مکتبة ولي الدين افندي“ ۾ نمبر 801 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. سندس هي رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 42 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 129/الف کان شروع ٿئي ٿو ته وري 136/ب تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 17 سٽون آهن. خط نسخ آهي، ڪتابت  ڪاري مس سان ٿيل آهي. ۽ حديث جي متن تي ڳاڙهي مس سان لڪير ڏنل آهي. نسخو ڪڏهن ڪتابت ٿيو؟ انهيءَ جي نشاندهي نه آهي ۽ نه وري ڪاتب جو نالو لکيل آهي. البته نسخي تي مهر لڳل آهي جنهن ۾ لکيل آهي: وقف شيخ الاسلام ولي الدين افندي بن المرحوم الحاج مصطفى آغا بن المرحوم الحاج حسين آغا سنة 1175. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي نسخو 1175هجري کان پهريان جو لکيل آهي.

(2)            ٻيو نسخو:

هي نسخو ترڪي جي ڪتب خاني ”مکتبة الوطنية انقرة“ ۾ نمبر A 9286 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هي نسخو انهيءَ مجموعي ۾ 8 ورقن تي مشتمل آهي. جيڪو ورق نمبر 7/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 14 تي ختم ٿئي ٿو. ۽ هر صفحي ۾ 17 سٽون آهن. خط نسخ آهي، ڪتابت  ڪاري مس سان ٿيل آهي. ۽ حديث جي متن تي ڳاڙهي مس سان لڪير ڏنل آهي. نسخي تي نه سنِ ڪتابت ذڪر ٿيل آهي ۽ نه ئي وري ڪاتب جو نالو لکيل آهي.

(3)            ٽيون نسخو:

هي نسخو ترڪي جي ڪتب خاني ”مکتبة عدنان اوتوکن العامة“ ۾ نمبر 1375 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هي نسخو انهيءَ مجموعي ۾ 4 ورقن تي مشتمل آهي. جيڪو ورق نمبر 2/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 5/الف تي ختم ٿئي ٿو. ۽ هر صفحي ۾ 26 سٽون آهن. خط نسخ آهي، ڪتابت  ڪاري مس سان ٿيل آهي. ۽ حديث جي متن تي ڳاڙهي مس سان لڪير ڏنل آهي. هن نسخي کي عمر بن عثمان سنه 1173هجري ۾ ڪتابت ڪيو آهي.

(4)            چوٿون نسخو:

هي نسخو الجزائر جي لائبريري (دار الکتب الوطنية) ۾ نمبر 532 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هي نسخو 30 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 142 کان شروع ٿئي ٿو ته وري 147 تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ نسخي جي هر صفحي ۾ 19 سٽون آهن. خط نسخ آهي، نسخو ڪاري مَس سان لکيل آهي، البته حديث پاڪ جي عبارتن تي ڳاڙهي مس سان لڪير ڏنل آهي. هن نسخي کي الحاج مصطفى بن عبد الله سنه 1159هجري ۾ الجزائر ۾ ڪتابت ڪيو آهي.

انهن چئن نسخن جا عڪس راقم وٽ موجود آهن.

(5)            پنجون نسخو:

هي نسخو ڪويت جي لائبريري ”مکتبة جامعة الکويت“ ۾ هڪ مجموعي ۾ نمبر 225/24 تي موجود آهي. سندس هي رسالو  انهيءَ مجموعي ۾ 20 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 229 کان شروع ٿئي ٿو ته وري 233 تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 23 سٽون آهن. خط  نستعليق آهي، حديث جو متن ڳاڙهي مس سان لکيل آهي ته حديث جي شرح وري ڪاري مس سان ٿيل آهي. هن نسخي کي 1192هجري ۾ ڪتابت ڪيو ويو آهي.

6-    فتح اللطيف في اجوبة اسئلة الشريف:

شيخ محمد حيات جي هن رسالي جا اسان کي هن وقت تائين 2 نسخا معلوم ٿيا آهن، جن جو تعارف هن طرح آهي:

(1) پهريون نسخو:

هي نسخو تونس جي لائبريري (دار الکتب الوطنية) ۾ نمبر (A-MSS-08484 (06)) تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هي نسخو 28 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 108/الف کان شروع ٿئي ٿو ته وري 115/ب تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ نسخي جي هر صفحي ۾ 19 سٽون آهن. خط نسخ آهي. نسخو ڪاري مَس سان لکيل آهي. هن نسخي کي عبد الله بن محمد جمعي جي ڏينهن رمضان المبارڪ سنه 1142هجري ۾ ڪتابت ڪيو آهي.

(2)            ٻيو نسخو:

هي نسخو ايران جي لائبريري (مکتبه مجلس شوراي) ۾ نمبر 16180تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هي نسخو 14 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 1 کان شروع ٿئي ٿو ته وري 14 تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ نسخي جي هر صفحي ۾ 13 سٽون آهن. خط نسخ آهي، نسخو ڪاري مَس سان لکيل آهي، هن نسخي کي غوث محي الدين خميس جي ڏينهن 16 رجب سنه 1263هجري ۾ ڪتابت ڪيو آهي (1).

انهن ٻنهي نسخن جا عڪس راقم وٽ موجود آهن.

7-    تحفة المحبين شرح الاربعين للنووي:

مخدوم محمد حيات جي هن ڪتاب جا اسان کي هن وقت تائين 7 نسخا معلوم ٿيا آهن، جن جو تفصيل هن طرح آهي:

(1) پهريون نسخو:

هي نسخو  شام ۾ جي شهر حلب ۾  Fondation Georges et Mathilde Salem لائبريري ۾ نمبر Ar 465 تي موجود آهي. هي نسخو 28 ورقن تي مشتمل آهي. انهيءَ نسخي جي هر صفحي ۾ 24 سٽون آهن. خط نسخ آهي، حديث پاڪ جون عبارتون ڳاڙهي مس سان لکيل آهن ۽ مخدوم محمد حيات جي شرح ڪاري مس سان لکيل آهي. هن نسخي کي احمد بن سيد احمد بن يوسف بن محمد هلال الابشهي آچر جي ڏهاڙي 23 صفر سنه 1242هجري ۾ ڪتابت ڪيو آهي.

(2)            ٻيو نسخو:

هي نسخو تونس جي لائبريري (دار الکتب الوطنية) ۾ نمبر (A-MSS-08484 (08)) تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هي نسخو 28 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 190/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 220/ب تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ نسخي جي هر صفحي ۾ 19 سٽون آهن. خط نسخ آهي، نسخو ڪاري مَس سان لکيل آهي، البته حديث پاڪ جي عبارتن تي ڳاڙهي مس سان لڪير ڏنل آهي. هن نسخي کي محمد بن ابراهيم بن مصطفى بن اسماعيل سومر جي ڏينهن ٽيپهري نماز کان پوءِ 11 شوال سنه 1144هجري ۾ ڪتابت ڪيو آهي.

(3)            ٽيون نسخو:

هي نسخو الجزائر جي لائبريري (دار الکتب الوطنية) ۾ نمبر 532 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هي نسخو 30 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 1/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 30/ب تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ نسخي جي هر صفحي ۾ 19 سٽون آهن. خط نسخ آهي، نسخو ڪاري مَس سان لکيل آهي، البته حديث پاڪ جي عبارتن تي ڳاڙهي مس سان لڪير ڏنل آهي. هن نسخي کي الحاج مصطفى بن عبد الله 28 رمضان سنه 1158هجري ۾ الجزائر ۾ ڪتابت ڪيو آهي.

(4)            چوٿون نسخو:

هي نسخو ترڪي جي ڪتب خاني ”مکتبة يحيى توفيق افندي“ ۾ هڪ مجموعي ۾ نمبر 1380/2 تي موجود آهي. سندس هي رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 66 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 11/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 96/الف تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 11 سٽون آهن. خط نسخ آهي، ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل آهي، البته حديثن جي متن مٿان ڳاڙهي مس سان لڪيرون ڏنل آهن. هن نسخي کي زاهد ڪابلي اڱاري جي ڏينهن محرم الحرام مهيني ۾ سنه 1170هجري ۾ جامع تنکز شام شريف ۾ڪتابت ڪيو آهي.

(5)            پنجون نسخو:

هي نسخو ترڪي جي معروف ڪتب خاني ”مکتبة ولي الدين افندي“ ۾ نمبر 801 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. سندس هي رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 42 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 87/الف کان شروع ٿئي ٿو ته وري 128/ب تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 17 سٽون آهن. خط نسخ آهي، ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل آهي. نسخو ڪڏهن ڪتابت ٿيو؟ انهيءَ جي نشاندهي نه آهي ۽ نه وري ڪاتب جو نالو لکيل آهي. البته نسخي تي مهر لڳل آهي جنهن ۾ لکيل آهي: وقف شيخ الاسلام ولي الدين افندي بن المرحوم الحاج مصطفى آغا بن المرحوم الحاج حسين آغا سنة 1175. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي نسخو 1175هجري کان پهريان جو لکيل آهي.

        انهن پنجن نسخن جا عڪس راقم وٽ موجود آهن.

(3)            ڇهون نسخو:

هي نسخو مراڪش جي شهر ”تطوان“ جي لائبريري ”خزانة تطوان“ ۾ نمبر 236 تي موجود آهي. هي نسخو 27 ورقن تي مشتمل آهي، هر هڪ صفحي ۾ 23 سٽون آهن. خط معتاد آهي، هن نسخي کي 1177هجري ۾ ڪتابت ڪيو ويو آهي (1).

(4)            ستون نسخو:

هي نسخو ڪويت جي لائبريري ”مکتبة جامعة الکويت“ ۾ هڪ مجموعي ۾ نمبر 225/23 تي موجود آهي. سندس هي رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 20 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 208 کان شروع ٿئي ٿو ته وري 228 تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 23 سٽون آهن. خط نستعليق آهي، حديث جو متن ڳاڙهي مس سان لکيل آهي ته حديث جي شرح وري ڪاري مس سان ٿيل آهي. هن نسخي کي 1192هجري ۾ ڪتابت ڪيو ويو آهي.

8-    تحفة الانام في العمل بحديث النبي عليه الصلاة والسلام:

شيخ محمد حيات جي هن تصنيف جا هن وقت تائين اسان کي 3 نسخا معلوم ٿيا آهن، جنهن جو تفصيل هن طرح آهي:

(1) پهريون نسخو:

هي نسخو برطانيا جي مشهور ڪتب خاني ”المتحف البريطاني“ ۾ نمبر (OR 13421) تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هي رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 9 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 116/الف کان شروع ٿئي ٿو ته وري 124/الف تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 23 سٽون آهن. خط نستعليق آهي، ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل آهي. هن نسخي کي علي العلائي 3 ذي الحج سنه 1207هجري ۾ مدرسه بيلاق ۾ ڪتابت ڪيو آهي.

(2)            ٻيو نسخو:

هي نسخو تونس جي ڪتب خاني ”مکتبة حسن حسني عبد الوهاب“ ۾ نمبر (18028) تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. سندس هي رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 12 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 1/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 12/الف تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 22 سٽون آهن. خط مشرقي آهي، ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل آهي. هن نسخي کي 17 ربيع الآخر سنه 1165هجري ۾ ڪتابت ڪيو ويو آهي.

(3)            ٽيون نسخو:

هي نسخو بمبئي جي مشهور ۽ معروف جامع مسجد جي ڪتب خاني ”مکتبة محمديه“ ۾  نمبر 32 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هي نسخو 12 ورقن تي مشتمل آهي. ۽ هر صفحي ۾ 17 سٽون آهن. خط نستعليق آهي، ۽ ڪتابت ڪاري مس سان لکيل آهي. نسخي تي نه سنِ ڪتابت لکيل آهي ۽ نه ئي وري ڪاتب جو نالو لکيل آهي.

        انهن ٽنهي نسخن جا عڪس راقم وٽ موجود آهن.

9-    زاد المتقي والمهتدي:

شيخ محمد حيات جي هن تصنيف جو هن وقت تائين اسان کي هڪ نسخو معلوم ٿي سگھيو آهي، جن جو تفصيل هن طرح آهي:

هي نسخو الجزائر جي لائبريري (دار الکتب الوطنية) ۾ نمبر 532 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هي نسخو 15 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 31 کان شروع ٿئي ٿو ته وري 46 تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ نسخي جي هر صفحي ۾ 19 سٽون آهن. خط نسخ آهي.

10-الايقاف على سبب الاختلاف:

شيخ محمد حيات جي هن تصنيف جا هن وقت تائين اسان کي 2 نسخا معلوم ٿيا آهن، جن جو تفصيل هن طرح آهي:

(1) پهريون نسخو:

هي نسخو سعودي عرب جي شهر جده جي لائبريري ”مکتبة جامعة ملک عبد العزيز“ ۾ نمبر 2782 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. انهيءَ مجموعي ۾ هي نسخو 5 ورقن تي مشتمل آهي. جيڪو صفحي نمبر 24 کان شروع ٿئي ٿو ته وري 31 تي ختم ٿئي ٿو.  هر صفحي ۾ 22 سٽون آهن. خط نستعليق آهي. ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل آهي. نسخي تي نه سنِ ڪتابت لکيل آهي ۽ نه ئي وري ڪاتب جو نالو لکيل آهي.

(2)            ٻيو نسخو:

هي نسخو بمبئي جي مشهور ۽ معروف جامع مسجد جي ڪتب خاني ”مکتبة محمديه“ ۾ نمبر 32 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هي نسخو 5 ورقن تي مشتمل آهي. ۽ هر صفحي ۾ 17 سٽون آهن. خط نستعليق آهي، ۽ ڪتابت  ڪاري مس سان لکيل آهي. نسخي تي نه سنِ ڪتابت لکيل آهي ۽ نه ئي وري ڪاتب جو نالو لکيل آهي.

انهن ٻنهي نسخن جا عڪس راقم وٽ موجود آهن.

11- الجنة في عقيدة اهل السنة:

شيخ محمد حيات جي هن تصنيف جو هن وقت تائين اسان کي هڪ نسخو معلوم ٿيو آهي، جنهن جو تفصيل هن طرح آهي:

هي نسخو ترڪي جي معروف ڪتب خاني ”مکتبة ولي الدين افندي“ ۾ نمبر 801 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. سندس هي رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 12 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 167/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 179/الف تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 17 سٽون آهن. خط نسخ آهي، ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل آهي. نسخو ڪڏهن ڪتابت ٿيو؟ انهيءَ جي نشاندهي نه آهي ۽ نه وري ڪاتب جو نالو لکيل آهي. البته نسخي تي مهر لڳل آهي جنهن ۾ لکيل آهي: وقف شيخ الاسلام ولي الدين افندي بن المرحوم الحاج مصطفى آغا بن المرحوم الحاج حسين آغا سنة 1175. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي نسخو 1175هجري کان پهريان جو لکيل آهي.

هن نسخي جو عڪس راقم وٽ موجود آهي.

12-رسالة في آداب المعلم:

شيخ محمد حيات جي هن تصنيف جو هن وقت تائين اسان کي هڪ نسخو معلوم ٿيو آهي، جنهن جو تفصيل هن طرح آهي:

هي نسخو تونس جي معروف ڪتب خاني ”دارالکتب الوطنية“ ۾ هڪ نمبر (A-MSS-08484 (05)) تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. سندس هي رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 2 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 107/الف کان شروع ٿئي ٿو ته وري 107/ب تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 18 سٽون آهن. خط نسخ آهي، ڪتابت ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان ٿيل آهي. هن نسخي کي عبد الله بن محمد سنه 1162هجري ۾ مسجد نبوي ۾ ڪتابت ڪيو آهي.

هن نسخي جو عڪس راقم وٽ موجود آهي.

فائدو: محقق سمير سمراد تونس واري نسخي کي سامهون رکي تحقيق ڪري  مجله ”الاصلاح“ جي شماري 8، عدد 28، ذو القعد/ذو الحج 1432هـ مطابق نومبر/ڊسمبر 2011ع  ۾ شايع ڪيو آهي.

اسان جي دوست محقق حافظ مولوي محمد طاهر عبد القيوم ميراڻي (وفات: 2020ع) ”قاسميه لائبريري“ واري نسخي کي سامهون رکي تحقيق ڪري  مجله ”دي اسڪالر“ جي واليم 2، شماره 1، جنوري -جون 2016ع ۾ به شايع ڪيو آهي.

13-            البشارة لاهل الاشارة:

مخدوم محمد حيات جي هن ڪتاب جو هڪ نسخو مکتبة جون رايلندر مانچستير ۾ موجود آهي، جنهن جي وصف هن طرح آهي:

هي نسخو لائبريري ۾ نمبر (443) 184/K تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. شيخ محمد حيات جو هي رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 6 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 69/الف کان شروع ٿئي ٿو ته وري 74/ب تي ختم ٿئي ٿو. هر صفحي ۾ 20 سٽون آهن. خط نسخ آهي. نسخي جي سنِ ڪتابت هن طرح لکيل آهي: تمام شد بتاريخ دهم شهر محرم المحترم سنه 1174هـ (1).

فائدو: انهيءَ مجموعي ۾ مخدوم جعفر بوبڪائي جي ڪتاب ”البصارة بالعمل في الاشارة“ جو نسخو به موجود آهي. جنهن جو تفصيل هن طرح آهي:

هي نسخو لائبريري ۾ نمبر (443) 184/I تي موجود آهي. مخدوم جعفر جو هي رسالو 5 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 57/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 61/الف تي ختم ٿئي ٿو. (2)


([1]) فهرس المخطوطات العربية في جامعة برنستون 5/400.

(1)  فهرستگان نسخهاي خطي ايران (فنخا)، جلد 23، صفحه 613، مؤلف: مصطفى درايتي، ناشر: سازمان اسناد وکتبخانه ملي جمهوري اسلامي ايران،

(1) فهرس خزانة تطوان، جلد 2، صفحه 85، اعداد: المهدي دليرو، محمد بو خبزة، ناشر: تطوان،  سن اشاعت: 1404هـه/1984ع.

(1)  Catalouge of the Arabic Manuscripts in the John Rylands Library Manchester, page:294

(2)  Catalouge of the Arabic Manuscripts in the John Rylands Library Manchester, page:293

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org