سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2024ع

باب:

صفحو:19 

الله بچايو ’مشتاق‘ آريسر

 ميرپورخاص

 

 

 

 

حاجي جهنگلي آريسر

 

هيءُ فقير صفت انسان ڪيترن گُڻن ۽ خاصيتن جو مالڪ هو، ڪنهن به علمي لياقت نه هئڻ جي باوجود سندس عمل ۽ ڪردار نهايت شانائتو ۽ سندن اوصاف بزرگن ۽ الله لوڪن وارا هئا.

سندن وڏا مالوند ۽ مارو ماڻهو هئا، جيڪي اڪثر مال جي چاري سانگي، ناري علائقي ضلعي ٿرپارڪر جي حدن ۾ رهندا پئي آيا ۽ اڃان تائين سندس پويان ساڳئي علائقي ۾ هيرل نزديڪ رهندا اچن.

سندن والد بزرگوار جو نالو مقيم ۽ ڏاڏي جو نالو لاکو هو، جيڪو ڀائيخان جو پٽ ۽ مناهي آريسر جو ڀائٽيو هو. مناهي آريسر ڪلهوڙن جي آخري ۽ ميرن جي شروعاتي دؤر جو مشهور و معروف مالدار، وڏي پهچ وارو ۽ اوطاري جو خان سڏبو هو. وٽس هر قسم جي چوپائي مال جا ويهوڙا هوندا هئا، هو نهايت سخي هو، ڪنهن به سوالي کي خالي نه ڇڏيندو هو.

مناهي پنهنجي ڀائيٽي لاکي جي شادي دريا طرف ويٺل آريسرن مان راسينگ جي ڌيءَ ۽ جهنڊي جي ڀيڻ سان شادي ڪرائي، جيڪي وڏا مالدار ماڻهو هئا ۽ پير صاحب پاڳاري جا مريد هئا، لاکو آريسر به ميرن جي دؤر جو ناميارو شخص هو. لاکي آريسر جو واسطو لاڙ طرف جي آريسر قوم ۽ ٻين قومن سان گهرو ۽ گهاٽو هو. تنهنڪري سال بسال سندس لاڙ طرف وڃڻ پيو ٿيندو هو. هڪ دفعي لاکو لاڙ ويو ته ڪافي ڏينهن گذري ويس پر واپس نه وريو.  ڪنهن عزيز سندس گهر اچي لاکي جو پڇيو، تڏهن سندس گهرواري هي جواب ڏنو ته:

لاکو ڏيئي لاه، وڃي نڪتو لاڙ کان،

آڻي کيس الله، کٿي سوڌو خير سان.

مناهي آريسر جو تعلق آريسرن جي ”حسڻ“ پاڙي سان هو، لاکي جا ٻه ڀاءُ هئا: (1) عنايت (2) ڄامن، ڄامن ڄاموٽ سڏبو هو، لاکي جا چار پٽ هئا: (1) سانوڻ (2) صالح (3) مقيم ۽ (4) قادر بخش. مقيم جا ٻه پٽ هئا: (1) جهنگلي (2) بادل.

جهنگلي وڏو هو ۽ سنه 1247هه ۾ ڄائو، سندس نالو لاکو رکيو ويو، پر جيئن ته جهنگ ۾ ڄائو هو، تنهنڪري مائٽ کيس ”جهنگو، جهنگو“ سڏيندا هئا، تنهنڪري سندس نالو ’جهنگلي‘ مشهور ٿي ويو. جهنگو ننڍپڻ ۾ ارڏائي ۽ حرڪتن ۾ ٻين ٻارن کان ڪسر هو، پر هڪ واقعو اهڙو ٿيو جنهن سندس سوچ ۽ عمل جي ڪايا ئي پلٽي ڇڏي.

جيئن ته ٻاراڻي اوستائي اهڙي آهي جو حرڪتن کان باز اچڻ مشڪل آهي، هڪ دفعي جهنگلي ڪنهن اڻانگي انگهن ۽ کُتن واري ٿوڻي تي پئي چڙهيو ته سندس والد منع ڪندي چيو ته ”جهنگو بابا ڪري پوندين يا ڦٽجي پوندين، هيٺ لهه“. پر هيءُ هيٺ لهي ئي نه، آخر سندس والد تنگ ٿي اُٿيو ۽ کيس جهڙو هيٺ ڇِڪي ٿي لاٿائين، ته منهن ڀر وڃي ڪِريو ۽ جهنگو جو منهن ڀاڻ سان ڀرجي ويو ۽ ڦٽيو به ڏاڍو.

اُتي خليفو مٺن ڀنڀرو به ويٺو هو، جيڪو نهايت بزرگ ۽ باعمل انسان هو، تنهن يڪدم اُٿي جهنگلي کي کنيو ۽ سندس بدن ڇنڊي، پٺيءَ تي هٿ هڻي دعا ڪندي فرمايائين ته ”اي مقيم اڄ کانپوءِ هن ڇوڪري کي ڪڏهن نه مارجئين ۽ نه کيس ڪو لفظ چئجئين، هيءُ ڇوڪرو وڏو ٿي اهڙو ته سپوت ٿيندو جو ملڪان ملڪ سندس نالو ”جهنگلي، جهنگلي“ مشهور ٿي ويندو.

ان بعد ٿيو به ائين جيئن بزرگ فرمايو، جهنگو جون مڙيئي ارڏايون ۽ حرڪتون ختم ٿي ويون ۽ والدين جو فرمانبردار بنجي پيو، گهرو ڪم ڪار ۾ به ڀرپور حصو وٺڻ لڳو، جوانيءَ ۾ قدم رکندي ئي سندس نيڪي ۽ خوشخلقي آسپاس جي ماحول کي متاثر ڪيو. پاڻ خليفي مٺن ڀنڀري جي جماعت سان گڏجي مرشد جي آستاني ملتان ويو ته سندس رنگ ئي بدلجي ويو، ويتر جو سندس والد ۽ ڀاءُ بادل هن دنيا مان موڪلائي ويا. تنهن صدمي کيس دنيا جي هر شوق ۽ خوشيءَ کي ڇڏي فقيري تي مجبور ڪيو، ان بعد پاڻ ڪاري سلوار ۽ سائو پهراڻ پائيندا هئا، سائو رومال مٿي تي ٻڌندا هئا ۽ ڪاري کٿي ڪُلهن ۾ وجهندا هئا. سندن اهو فقيراڻو نمونو جوانيءَ کان وٺي آخري عمر تائين قائم رهيو. سندن طبع نهايت سادي ۽ ماٺيڻي هئي، پاڻ پرائي توڙي پنهنجي کي ايترو ته قرب ڏيندا هئا، جو هڪ دفعي جيڪو ساڻس ملاقي ٿيو، اهو ساري حياتي ساڻس ناتو رکيو ايندو هو.

فقير حاجي جهنگلي الله تعاليٰ جي تمام گهڻي عبادت ڪندو هو، سڄي عمر مرشد جي خدمت ڪندي گذاريائين، سندن عقيدت ۽ طلب کي ڏسندي مرشد کيس خليفو مقرر ڪيو. ٽنڊي الهيار نزديڪ بڪيرا شريف ۾ پڻ ملتان وارن ڪيترن ئي بزرگن جون درگاهون آهن، جن مان قلندر قائم الدين ۽ پير ولايت علي شاهه جي مزارن تي هر وقت عقيدتمندن ۽ زيارتين جا ميڙا لڳل هوندا آهن، فقير حاجي جهنگلي مٿين بزرگن ۽ سندن پوين جو خاص عقيدتمند هو. هر ميلي جي  موقعي تي مريدن کان مرشد جي ميلي جي ننگر لاءِ مال گڏ ڪري بڪيرا شريف ڪاهي ويندو هو، سندن سڄي زندگي مرشدن جي در جي حاضري ڀريندي گذري. پنهنجي مال مان به هر سال نهايت ڀليون ڳئون ۽ مينهون مرشد جي آستاني تي وڃي حاضر ڪندو هو.

فقير حاجي جهنگلي مهمان نوازيءَ ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو، پاڻ گهر هجي يا نه هجي ته به سندس اولاد ۽ نوڪرن کي چيل هو ته ڪوبه واٽهڙو تڏي تي اچي ته ماني کارائڻ کانسواءِ نه ڇڏجو. ڌنارن کي چيل هو ته مال جي ڏُهائي وقت جيڪڏهن ڪو واٽهڙو واڙن جي ڀر ڏيئي لنگهي ته ان کي کير پيارڻ کانسواءِ نه ڇڏجو. مال به تمام گهڻو هئس، هر سال ايتريون ته ڍڳيون ۽ مينهيون ويامنديون هيون، جو هر روز ڪيتريون ئي مينهيون ۽ ڍڳيون بنا ڏُهڻ جي پهري وينديون هيون.

غريبن ۽ گهُرجائن جي هڙان توڙي وڙان مدد ڪرڻ سندس مکيه خصلت هئي، ايتريقدر جو پنهنجي قوم يا ٿر جي واسطيدار قومن مان ڪيترائي يتيم ۽ غريب اچي وٽس رهندا هئا، کين پٽن جيتري عزت ڏيندو هو ۽ پنهنجي خرچ سان پرڻائيندو هو.

پاڙي جي ڪنهن غريب فرد کي غربت يا تنگدستيءَ جي ڪري سنڱ ڪٿان نه ملندو هو ته ماڻهو چوندا هئس ته ”بابا وڃي حاجي جهنگلي جو پٽ ٿيءُ، پوءِ ڏس ته ڪيئن ٿو پرڻجين“. مطلب ته حاجي جهنگلي پنهنجي اعليٰ خصلتن، گُڻن ۽ هردلعزيز جي ڪري هرهنڌ مشهور ٿيو ۽ هرڪو سندس گُڻ ڳائڻ لڳو.

حاجي جهنگلي پنهنجي چاچي قادربخش جي گهران شادي ڪئي، سندن گهرواري به نهايت نيڪ، مهمان نواز ۽ اعليٰ خوبين واري هئي، جنهن ساڻس گڏ حج جي سعادت پڻ حاصل ڪئي.

فقير حاجي جهنگلي جي فقيري رنگ اختيار ڪرڻ بعد سندن گهر جو هر فرد خوشحال ۽ آسوده هئڻ جي باوجود فقيرانه ۽ سادي زندگي گذاريندو هو.

سندن ٽي پٽ ٿيا: (1) دلاور (2) شفيع محمّد (3) محمد اسحاق. حاجي دلاور پڻ پنهنجي پيءُ وانگر مهمان نواز ۽ سخي مرد ٿي گذريو آهي، هن سنه 1940ع ۾ ڳوٺ ۾ خيراتي کوهه کوٽارايو، پرائمري اسڪول کولايائين ۽ هڪ عظيم الشان مسجد پڻ تعمير ڪرايائين، جيڪي سڀ اڄ تائين سندس سخاوت ۽ نيڪدليءَ جي ساک ڀري رهيا آهن.

حاجي دلاور پنهنجي والد کان يارهن سال بعد تاريخ 22 ذوالحج سنه 1362هه ۾ وفات ڪئي.

سندن تربت تي لکيل منظوم ڪتبي ۾ شاعر محمّد صالح آريسر، جيڪو حاجي دلاور جو ڀاڻيجو ۽ حاجي جهنگلي جو ڏوهٽو هو، حاجي دلاور جي گُڻن، خصلتن ۽ الله تعاليٰ طرفان کيس عطا ٿيل نعمتن جو مفصل ذڪر ڪيو آهي.

منظوم ڪتبي جا چند حصا ڊهي ويا آهن، باقي هن طرح آهي:

هئو حاجي دلاور نيڪ بيشڪ،هئوهئو

 

حياتيءَ ۾ هليو سو راهِ برحق،

جيڪي انسان ۾ اخلاق اعليٰ،

عطا ڪيا سڀ تنهنکي رب تعاليٰ.

مگر جيئن هن دنيا کي ڪو بقا ناهِ،

وٺي هي پڻ هليو ويو رب جي راه.

مگر نالو ڇڏي ويو نيڪ نروار،

ڪندو اڳتي به تنهن تي فضل ستار.

هئي تاريخ ٻاويهين حج مهينو،

جمع جي رات ٿيو رب ڏي روانو.

جڏهن حاجي دلاور فوت ٿيڙو،

سو تيرهن سؤ ۽ ٻاهٺ سن هيڙو.

عجب جهڙو منجهس هو گڻ سخا جو،

سڳوري ڏينهن دفن تنهن کي عطا ٿيو.

مذڪوره نظم لکندڙ محمّد صالح آريسر، شاعر هئڻ سان گڏ سٺو استاد حڪيم ۽ عالمانه ڄاڻ رکندڙ شخص هو، حڪمت جا ڪيترائي ڪتاب پاڻ وٽ رکندو هو، ڪيترين دوائن لاءِ ٻوٽين جي ڳولا ۽ جستجو ڪرڻ ۽ دوائون ٺاهڻ سندس اهم مشغلو هو، کيس حڪمت ورثي ۾ ملي. ڇو ته سندس چاچو گل محمّد پڻ حڪيم، عالم ۽ داناءُ شخص هو، ۽ نانو حاجي جهنگلي به سٺو حڪيم هو.

سندن اصل نالو شمس الدين هو تنهنڪري گهر ۾ کيس ”سمون“ سڏيندا هئا، پر سندس عام نالو محمّد صالح مشهور هو، پاڻ ڪيترن ئي مدرسن مان ديني تعليم حاصل ڪيائون. جهڙوڪ مدرسه قِراني، آراڙو، جڳو ڀرڳڙي، ڊينگاڻ ۽ ولهيٽ کانسواءِ لاڙڪاڻي طرف سالن جا سال درس و تدريس جاري رکي پنهنجو علم وڌائيندو رهيا.

سنڌي فائنل امتحان پاس ڪرڻ بعد استادي پيشي سان وابسته ٿيا ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي تعليم ڏنائون. سنڌي شاعريءَ ۾ نظم ۽ مثنويون وغيره چيائون، سندس پابند ۽ موزون شاعريءَ مان اهو اندازو لڳائڻ آسان آهي ته غزل وغيره به چيا هوندائون، پر افسوس جو سندن ڪافي ڪتابن جو سرمايو بي توجهي ۽ زماني جي دستبرد ڪري زبون ٿي ويو. پاڻ عربيءَ ۽ فارسي تي سٺي مهارت رکندا هئا، فارسي شاعري به ڪيائون، کين عربي، فارسي ۽ سنڌي خوشخطيءَ ۾ خاص ملڪو حاصل هو، مضمون نگاري ۽ انشاپردازي جا ڀڙ هئا.

ان کانسواءِ منجهن ڪيتريون ئي خوبيون ۽ خاصيتون الله تعاليٰ طرفان عطا ٿيل هيون، شيرين گفتاري، ملنساري ۽ خوشخلقي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، پاڻ تاريخ 27 رجب المرجب سنه 1376هه ۾ هي جهان فاني ڇڏي دارالبقا ڏي راهي ٿيا.

حاجي جهنگلي مرحوم پنهنجي ٻئي فرزند شفيع محمّد آريسر کي مذهبي تعليم ڏياري، هيءُ پنهنجي سؤٽ طاهر محمّد ولد حاجي نورمحمّد (متوفي 11 ربيع الآخر سنه 1350هه) سان گڏ قِراني ۽ پٿوري واري مدرسي مان ڪافي مذهبي علم حاصل ڪيو، ساڻن گڏ مدرسي ۾ امير بخش نالي هڪ نونداڻي بلوچ به پڙهندو هو، جنهن کين خط ۾ پنهنجو احوال هن طرح موڪليو:

امير بخش اورﻵ نام، جيڻي پاس جيمس جي،

رهي ٿو ڳوٺ پنهنجي ۾، سڏائي ذات نونداڻي.

شفيع محمد آريسر پنهنجي والد حاجي جهنگلي جي حياتيءَ ۾ تاريخ 9 محرم الحرام سنه 1343هه ۾ پنهنجو ٻارهن ڏينهن جو فرزند عبدالواحد ڇڏي فوت ٿيو، شفيع محمد جي اعليٰ اخلاق ۽ حاجي جهنگلي جي شرافت ۽ بزرگي کان متاثر ٿي غوث بهاؤالدين ملتاني جي ان دؤر جي وڏي خليفي مهرالدين ساند پنهنجي پوٽِي حاجي جهنگلي جي پٽ شفيع محمّد کي پرڻائي ڏني. خليفو مِهرالدين عام طرح خليفو مِهرو جي نالي سان سڏبو هو ۽ سندس پٽ خليفو فضل الدين وڏا درويش، اهلِ الله ۽ بزرگ هئا، جيڪي ڪرامات ۽ جُود و سخا جو داستان قابلِ بيان آهي.

حاجي جهنگلي ۽ سندس گهرواري پنهنجي معصوم پوٽي عبدالواحد کي لاڏ ڪوڏ سان نپائي وڏو ڪيو، کيس مذهبي تعليم ۽ عام تعليم پڻ ڏياريائون. حاجي صاحب جي مشفقانه ۽ فقيرانه صحبت ۽ نظر کيس ڪيترين ئي وصفن جو مالڪ بنائي ڇڏيو. خليفو عبدالواحد آريسر ننڍپڻ ۾ ڇهه درجا سنڌي، ۽ ٻه- ٽي درجا انگريزي تعليم حاصل ڪئي. ان کانپوءِ ڳوٺ صالح هاليپوٽي واري مدرسي ۾ رهي عربي ۽ فارسي ڄاڻ کانسواءِ نو سيپارا قرآن پاڪ به حفظ ڪيائون، پاڻ هندي، ديوناگري، انگريزي ۽ گجراتي ٻولين جي سٺي ڄاڻ رکڻ کانسواءِ عربي، اردو، فارسي ۽ سنڌي ٻولين تي چڱي دسترس رکندا هئا.

ان کانسواءِ مارواڙي، ٿري، سرائيڪي، ملتاني، پشتو، پنجابي ۽ بلوچي ٻوليون روانيءَ سان ڳالهائي سگهندا هئا. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس حمديه ۽ نعتيه شاعري کانسواءِ بيت مثنويون ۽ قصيدا به ملن ٿا. فارسي، سرائيڪي ۽ ملتاني زبانن ۾ به شاعري ڪيائون. سنڌي جا اعليٰ پايي جا نثرنويس، مضمون نگار ۽ انشاپرداز هئا، کين ڊاڪٽري ڄاڻ به سٺي هئي. مال جي علاج جي ڄاڻ کيس ۽ محمد سليم آريسر ۽ حاجي محمد يونس آريسر کي حاجي جهنگلي مرحوم کان عطا ٿي (پويان ٻئي بزرگ حال حيات آهن). حاجي جهنگلي کي پڻ اها ڄاڻ مناهي ٻئي کان حاصل ٿي جيڪو وڏو ڀاڳيو، مال جي علاج جو ڄاڻو، راڄ جو سردار ۽ سخي مرد هو.

خليفو عبدالواحد آريسر آخر دم تائين پنهنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ماڻهن لاءِ مفت طبي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. ان کانسواءِ پاڻ رازڪي، واڍڪي، درزڪي ڪم ۽ مشينري جي سٺي ڄاڻ رکندڙ ماهر هو.

خليفو عبدالواحد آريسر سٺو نشاني باز توبچي هئڻ سان گڏ سورهيه، نڊر ۽ بهادر پڻ هو، ڪيترائي ڀيرا ڌاڙيل مٿس ڪاهي آيا، پر ناڪام موٽيا. وٽس تمام گهڻا هٿيار هوندا هئا، اڪثر پنهنجي مورچي تي سجاڳ رهندو هو، کيس پنهنجي باغ سان نهايت گهڻو شغف هو، هميشه مختلف قسمن جي گُلن، ٻوٽن ۽ وڻن جا قلم پنهنجن هٿن سان باغ ۾ پيو لڳائيندو هو. سن 1967ع ۾ ٿر جي مشهور وڻ روهڙي جي پوکڻ جو تجربو ڪيائين، جيڪو ڪامياب ٿيو. ان بعد روهڙي متعلق ساڳئي سال روزانه اخبار ”عبرت“ ۾ هڪ شاهڪار مضمون لکيائين، سندس وفات بعد ٻيا روهيڙي جا وڻ سڙي ويا، پر هڪ ’روهيڙي جو وڻ‘ اڃان صحيح سلامت موجود آهي، پاڻ آخر تائين ڪامورا ۽ آفيسر شاهي سان نه ٺهيا، تاريخ 8 رمضان المبارڪ سنه 1390هه بروز آچر مطابق 7 نومبر 1970ع ۾ راه رباني ورتائون.

مذڪوره بزرگن جي زندگيءَ جا چند پهلو هن مقالي ۾ انڪري بيان ڪيم، جو انهي جي عملي زندگيءَ ۾ مرحوم حاجي جهنگلي جي صحبت ۽ فيضانِ نظر جو ڳوڙهو اثر سمايل هو. مرحوم خليفو عبدالواحد فرمائيندو هو ته اسين جڏهن ٻاهران هٿين خالي گهر ايندا هئاسين ته حاجي جهنگلي مرحوم ٽوڪيندو هو ته ”ابا اوهين جهنگ مان هٿين خالي پيا اچو، جهنگ پويان اوهان جي بي همتي تي چٿرون ڪري کِلي رهيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ جيڪڏهن هڪ ڪاٺي به ٻارڻ لاءِ جهنگ مان آڻيو ها ته بهتر هو ۽ ٻنين مان به اوهين هٿين خالي پيا اچو. مال جي لاءِ گاهه جي مُٺ آڻيو ها ته بهتر آهي، اُٿو، مرد ٿيو، ڪم ڪريو، مرد سست ٿي نه ويهندا آهن، ڪم ڪرم آهي.“

حاجي صاحب کي شاهه صاحبؓ جي رسالي جا تمام گهڻا بيت ياد هئا ۽ ڳالهه ٻولهه تي شاهه صاحبؓ جي بيتن مان مثال طور بيتن جون سنگهرون ٻڌائيندو ويندو هو، کيس شاهه صاحبؓ جي بيتن کانسواءِ شاهه عنايت رضويؓ، گرهوڙيؓ، ۽ صوفي صادقؓ جا ڪيترا بيت ۽ وايون ياد هيون، پاڻ اڪثر فجر وقت صوفي صادقؓ جي هيءَ وائي جهونگاريندو هو:

”پورهيت ٿي آءُ پاڻي ڀريان، جي مون پورهيت ڪن.“

پاڻ هميشه باوضو رهندا هئا ۽ ڪونئرو اڪثر پاڻ سان گڏ کڻندا هئا، هر وقت ذڪرِ الاهي ۾ مصروف رهندا هئا، تسبيح هميشه هٿ ۾ هوندي هئن، مرشد طرفان ڏسيل ذڪر هر نماز بعد بلند آواز سان پڙهندا هئا، وِرد، وظيفي ۽ سماع سان گهڻو چاهه هوندو هئن.

ملتاني پير جي خاص خليفي فضل الدين ساند سان سندن سهروردي طريقت تحت سندن نهايت گهرا ۽ گهاٽا واسطا هئا، خليفو فضل الدين ۽ سندن والد بزرگوار پنهنجي مرشد جي فيض ۽ دعائن سان ”ٿر جا پير“ سڏبا هئا، ۽ وڏيون جماعتون ۽ قافلا ڪاهي وڃي پنهنجي مرشد جي آستاني تي حاضري ڀريندا هئا. خليفو حاجي جهنگلي انهن بزرگن جي جماعت کي هفتن جا هفتا پاڻ وٽ ترسائي انهن جي خدمت ۾ مشغول رهندو هو، فقير ۽ خليفا سڄي رات ذڪرِ الاهي جي تنوار ۽ تات جاري رکندا هئا، جنهن روحاني منظر جي طفيل آسپاس جي ماحول تي اُهو ساڳي روحاني سُرور ۽ ڪيفيت طاري ٿيندي هئي، جيڪا ڪنهن سمي ”آمري“ تي صدين تائين سُرهاڻ ۽ سرهائي بخشيندي رهي، جنهن کان متاثر ٿي شاهه عنايت رضويؓ فرمايو هو ته:

سمن صالحن، توڙئون طالبن، اصل آهي آمري.

فقير حاجي جهنگلي به انهيءَ سماع ۾ شريڪ ٿيندو هو، ۽ فقيرن جي اجتماعي ذڪر ۽ سماع سان صبح تائين روحاني سمان ڏسڻ ۾ ايندو هو، پاڻ سڄي عمر ڪنهن کي به نه ڏکويائون، اڃان تائين هر واقفڪار سندس ساراهه جا ڍُڪ ڀريندو آهي.

تروٽ صاحب طرفان انگريزن جي حڪم سان جڏهن زمينن جي ورهاست پي ٿي، تڏهن حاجي جهنگلي مکيه صلاحڪار هو، کيس به پنهنجي گهُر موجب ٻارهن چورس ميل علائقو مليو، جنهن ۾ سندس مال جا چراگاه، رکون، پوسا ۽ هُڙيون هيون، مال جي گهڻي هئڻ ڪري ماڻهو کيس ”سارو سنگهار“ سڏيندا هئا.

ايماني قوت سان گڏ الله تعاليٰ حاجي جهنگلي مرحوم کي بي پناهه جسماني طاقت سان نوازيو ۽ سرفراز ڪيو هو، انهيءَ جا چند مثال پيش ڪجن ٿا:

جڏهن پاڻ خليفي مٺن ڀنڀري جي جماعت سان گڏجي ملتان ويندا هئا، تڏهن واپسيءَ ۾ سانگهڙ وٽ جڏهن پهچندا هئا، تڏهن خليفو مٺن چوندو هو ته ”بابا تون هاڻي هلي جماعت جي کاڌي ۽ رهائش جو انتظام ڪر.“

حاجي صاحب فجر نماز پڙهي سانگهڙ مان نڪرندو هو ۽ سانجهي نماز اچي پٿوري کان ٻه ميل ڏکڻ اوڀر سندس تڏهوڪي ڳوٺ چنڊهل ۾ پڙهندو هو.

سندس جسماني مضبوطي پيريءَ تائين برقرار رهي، خليفي عبدالواحد مرحوم ڳالهه ڪندو هو ته پيريءَ ۾ هڪ دفعي حاجي صاحب ڪنهن وڻ جي ڇانوَ هيٺ بيٺو هو ته ڪُتي اچي کيس چڪ وڌو، آسپاس بيٺل ماڻهن چيو ته ”حاجي صاحب توهان کي ڪُتو ٿو چڪ هڻي هڪليوس“ تنهن تي جواب ڏنائين ته ”ابا ڇڏيوس ته ڀلي ويچارو زور لائي، آخر ڪُتي جو چڪ ماس ۾ پُڙي نه سگهيو، البت چمڙيءَ تي ڪجهه رهڙون ضرور آيون.

سندس وفات کان ڪجهه روز اڳ پاڻ بيمار ٿي پيا، انهيءَ بيماري ۽ ڪمزوريءَ جي حالت ۾ پاڻ هڪ روز گهر کان ٻاهر نڪتا ته گهٽيءَ ۾ ڪجهه نوجوان ڇوڪرا پڃري کڻڻ جي ڪسرت پيا ڪن، پڃري جو وزن اڌ مڻ هو پر سواءِ هڪ ٻن جي ڪوبه پڃري کڻي سنئين ڪري نه پئي سگهيو، حاجي صاحب ويجهو اچي پڇيو ته ”ابا ڇا پيا ڪريو؟“ ڇوڪرن جواب ڏنو ته ”ڏاڏا پڃري پيا کڻون پر ڏاڍي ڳري آهي، کڄي ئي نٿي.“ پاڻ اڳتي وڌي چيچ سان پڃري کڻي سنئين ڪري چيائين ته ”بابا، هيءُ ته ڪو خاص وزن ڪونهي، اسان جهڙا پوڙها به پيا کڻن، اوهين نوجوان آهيو، اوهان کي ته وڏا بار کڻڻ گهرجن.“

پاڻ يتيمن جا يار ۽ غريبن جا غمخوار هئا، هندو توڙي مسلمان سندس پاڙي ۾ سکيو ۽ ستابو گذاريندو هو، حيدرآباد کان وٺي ٻاهڙمير، ڪڇ گجرات ۽ لاڙ جي سماٽ ۽ ٻين قومن سان سندس گهرا ۽ گهاٽا واسطا هئا، سندس انسان دوستي ۽ راڄنيتي واري هلت جو ثبوت، انهيءَ مان واضح آهي ته سندس وفات کان وٺي ٻارهي تائين سندس فاتح خوانيءَ لاءِ مسلسل ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پيئي هئي ۽ انهيءَ دوران ننڍا توڙي وڏا ٻه سؤ ويهه پهرو ذبح ڪيا ويا ۽ ٻارهي جو ڀت ان کان الڳ هو.

حاجي جهنگلي ستهتر سالن جي عمر ۾ سنه 1351هه ۾ هزارن عزيزن ۽ ساٿين کي روئندو ڇڏي راه رباني ورتي. اِنالِله و اِنا اليه راجعون.

سندس مزار مبارڪه ۽ سندس عزيزن جون مزارون رام جاڳي جي مقام ۾ آهن، شال الله تعاليٰ حاجي صاحب مرحوم ۽ سندس ٻين مرحوم عزيزن تي پنهنجي رحمت جي پالوٽ دائم ۽ قائم رکي. آمين

 

بيبي فاطمھ ابڙو

ڪراچي

تنوير عباسيءَ جي تحقيقي ڪتاب

”شاهه لطيف جي شاعري“ تي هڪ نظر

 

شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تحقيق جي حوالي سان تنوير عباسيءَ جو تحقيقي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري“ پهريون ڀيرو 1976ع ۾ ڇپيو. جنهن بعد 1984ع، 1989ع، 1995ع ۽ 2000ع ۾ ان جا پهريان پنج ڇاپا پڌرا ٿيا. ان بعد اهو ڪتاب اڄ تائين مسلسل ڇپبو رهي ٿو. هن ڪتاب ۾ ڪل 12 مقالا شامل آهن. هيءُ ڪتاب 1976ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو شايع ٿيو هو، ته ان وقت هن ڪتاب ۾ فقط 4 مقالا شامل هئا. 1984ع ۾ هن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ ليکڪ هن ۾ 3 ٻيا مقالا به شامل ڪيا. جڏهن ته ٽئين ڇاپي ۾ مصنفَ هن ڪتاب ۾ 5 وڌيڪ مقالا شامل ڪيا. يعني ليکڪ جي زندگيءَ تائين ڪتاب جي هر ڇاپي ۾ هيءُ ڪتاب واڌارن ۽ سڌارن سان شايع ٿيندو رهيو. هن وقت هن ڪتاب ۾ ڪل 12 تحقيقي مقالا شامل آهن.

سنڌ جي ادبي حلقن ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام جي هن اڀياس کي تمام گھڻو پسند ڪيو ويو. هن ڪتابَ شاهه لطيف جي ڪلام ۽ پيغام کي هڪ نئين نظر سان پرکڻ ۽ پروڙڻ جي روايت جو بنياد وڌو. ان جو هڪ سبب اهو به هو ته اهو ڀٽائيءَ جو پهريون اڀياس هو، جيڪو هڪ ”شاعرَ شارحَ“ پاران ڪيو ويو. ڇو ته تنوير کان اڳ ۽ پوءِ وارن شاهه لطيف جي شرح ڪندڙن ۾ ٻيو ڪوبه ”شاعر ــ شارح“ ڪونهي.

هن ڪتاب ۾ شامل مقالن جا عنوان هيءُ آهن:

1 ــ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو ادبي پسمنظر

2 ــ شاهه لطيف جي شاعريءَ جوسياسي ۽ سماجي پسمنظر

3 ــ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدر

4 ــ شاهه لطيف جِي عوامي شاعري

5 ــ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي موسيقي

6 ــ شاهه لطيف جي عڪسي شاعري

7 ــ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگن جو اڀياس

8 ــ شاهه لطيف جي اُهڃاڻي شاعري

9 ــ شاهه لطيف جا سورما ۽ سورميون

10 ــ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ زورائتو اُچار

11 ــ ساڄن، سُونهن، سُرت

12 ــ سُر گھاتوءَ جو اڀياس

اچو ته انهن مقالن جو مختصر ريت جائزو وٺون:

1 ــ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو ادبي پسمنظر: ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ اصلاح به آهي ته رهنمائي به. ان ۾ تمثيل ۽ قصه گوئي به آهي ته ڪردارنگاري ۽ علامت نگاري به. مطلب ته ان ۾ عام مطالعاتي خوبين سان گڏوگڏ سمورا ادبي لوازمات به موجود آهن. هن مقالي ۾ شاهه جي شاعريءَ جي ادبي پسمنظر جو اڀياس ڪيو ويو آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ هُن کان اڳ وارن شاعرن جي شاعريءَ ۾ موجود چئن ڌارائن (مذهبي ڌارا، مقامي ڌارا، فارسي ڌارا ۽ ننڍي کنڊ جي مُروج ادبي ڌارا) سان سندس ڪلام جي تعلق جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ان سان گڏوگڏ شاهه جي شاعريءَ مٿان هن کان اڳ وارن جن جن شاعرن جو سِڌيءَ يا اڻ سِڌيءَ طرح جيڪو اثر موجود آهي، ان جو پڻ اڀياس ڪيو ويو آهي.

2 ــ شاهه لطيف جي شاعريءَ جوسياسي ۽ سماجي پسمنظر: شاهه لطيف جي پيدائش ارغون ترخان دؤر ۾ ٿي ۽ هو جوان ڪلهوڙا دؤر ۾ ٿيو. هر دؤرَ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو اثر ان دؤر ۾ رهندڙ ماڻهن تي ضرور ٿيندو آهي، جيڪو ڀٽائيءَ تي به ٿيو. ڀٽائيءَ، پنهنجي جوان ٿيندي ارغون ترخان دؤر جي جيڪا سياسي ڇڪتاڻ ڏٺي ۽ پوءِ ڪلهوڙن کي تخت تي ويهندي ڏٺو ۽ انهن جي هوندي دهليءَ جي وڏي تخت تي مغلن کي ويٺل ڏٺو، ان جا اثر ان سماج تي به گهرا هئا، جنهن ۾ ڀٽائي رهيو ٿي. ان جو اظهار هن پنهنجي ڪلام ۾ مختلف جاين تي ڪيو آهي. انڪري سندس شاعري پنهنجي دؤر جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي منظوم تاريخ به آهي. هن مقالي ۾ اهڙن بيتن جو اڀياس ڏنل آهي، جيڪي لطيف جي دؤر جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿا.

3 ــ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدرَ: هن مقالي ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام جي اڀياس دؤران اهڙن بيتن جو ذڪر آندل آهي، جن ۾ مذهبي اخلاقي قدرن، سماجي اخلاقي قدرن، ذات پات جي فرق جي نندا جي تلقين سان گڏوگڏ بدلجندڙ قدرن جي شڪايت جو ذڪر پڻ آهي. مثال طور: ”هُو جِھيڻينِ، تُون جَھڪو ٿي، پانديءَ ڳچيءَ ڳل پاءِ!“ ۽ ”نمي کمي نهار، ڏمر وڏو ڏُک“ جهڙن بيتن ۾ محبتي رشتن کي بچائڻ لاءِ پنهنجي انا کي قربان ڪرڻ جو درس يا ”لِيلائي مَ لهين تان پڻ ليلائيج“ جهڙن بيتن ۾ مسلسل جدوجهد جي صلاح ڏنل آهي ته ”ميرو ئي محبوب، اسان مارُو منَ ۾“ جهڙن بيتن ۾ هر حال ۾ محبت جي نباهه جي تلقين ۽ اخلاقي قدرن جي اپٽار آهي.

4 ــ شاهه لطيف جي عوامي شاعري: ڀٽائي، هڪ عالِم کان وٺي عام ماڻهوءَ تائين هر دؤر جي هر نسل ۽ هر طبقي سان تعلق رکندڙ لوڪ جو شاعر آهي.

تنوير عباسيءَ پنهنجي هن مقالي ۾ انهن بيتن جو اڀياس ڏنو آهي، جيڪي عام فهم ۽ عوامي آهن. ان کانسواءِ شاهه جي ڪلام ۾ جتي جتي ۽ جيئن جيئن عام ماڻهن جي زندگيءَ جو عڪس شامل آهي، ان جو ذڪر پڻ هن مقالي ۾ ڏنو ويو آهي، ته سندس ڪلام ۾ موجود عوامي ڪردارن جو اڀياس به هن مقالي جو حصو آهي.

5 ــ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي موسيقي: شاهه جي شاعري سڄي موسيقيءَ تي آڌاريل آهي. انڪري ئي سندس هر باب کي ”سُر“ سڏي ان کي ڪنهن نه ڪنهن راڳ يا راڳڻيءَ سان سلهاڙيو ويو آهي. هن مقالي ۾ شاهه جي ڪلام ۾ ان موسيقيت جو اڀياس ڪيو ويو آهي ته ڪهڙو سُر چَوندي، ڀٽائيءَ سنگيت جي ڪهڙي اصول کي نظر ۾ رکيو آهي. ان سان گڏوگڏ محققَ، هن مقالي ۾ ڀٽائيءَ جي مختلف بيتن ۾ موجود موسيقيت جي نشاندهي ڪئي آهي، جن کي پڙهڻ سان بنا ڳائڻ يا جھونگارڻ جي به سٽ اندر سنگيت ۽ موسيقيت محسوس ٿئي ٿي.

6 ــ شاهه لطيف جي عڪسي شاعري: جيئن ڪا تصويرَ، ڪنهن ماحول کي ظاهر ڪندي آهي، تيئن شاعريءَ ۾ شاعرَ ڪنهن منظر کي لفظن رستي بيان ڪرڻ جو هنر رکندا آهن. شاعراڻا عڪس تصويرون ناهن هوندا، پر اهو شاعر پاران تصويرن يا ڪنهن منظر کي پيش ڪرڻ جو ڏانءٌ ضرور هوندا آهن. انڪري کوڙ شعر پڙهي اوهانکي اهو منظر اکين آڏو حرڪت ڪندي نظر ايندو آهي. هن مقالي ۾ محققَ، ڀٽائيءَ جي اهڙن کوڙ سارن بيتن جو اڀياس ڪيو آهي، جن ۾ اهڙن منظرن جا عڪس موجود آهن. شاعرَ اهڙن بيتن کي ”شاهه لطيف جي عڪسي شاعري“ ڪوٺيو آهي. مثال طور، هيءَ وائي:

”کڏُون کُوٻا، چِڪَ چِڪنديُون، ٿا ڪين نئي نهار...

ترڪڻ آهي تڙ ۾ الا!“

يا

”هي گَسِي، هُو گَسُ، هُو پهڻ هُو پيچرو“ وغيره.

7 ــ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگن جو اڀياس: ڀٽائي پنهنجي پوري ڪلام ۾ رنگن جو ذڪر مختلف ڪيفيتن جي اظهار طور ڪيو آهي. هن مختلف رنگن کي ڏُکَ، خوشيءَ، ڪاوڙ، اميد، نااميديءَ يا حيرت وغيره جهڙين ڪيفيتن جي اظهار لاءِ استعمال ڪيو آهي. مثال طور: ڪيڏاري جي هڪ بيت ۾ آهي: ”ڪارا رڱج ڪپڙا، ادا نيروٽي“ (هن بيت ۾ ڪارو رنگ ڏک جي علامت طور استعمال ٿيو آهي). يا هڪ ٻيو بيت آهي:

”سرمو سفيديءَ جو جڏهن پاتو جن،

تڏهن ڏٺي تن، اڇائِي عالم جي“

(هن بيت ۾ اڇو رنگ ۽ ان جي سفيدي مثبت سوچ جي علامت طور استعمال ٿيل آهي)

هن مقالي ۾ تنوير عباسيءَ لطيف جي شاعريءَ ۾ اهڙن بيتن جي نشاندهي ڪئي آهي، جن ۾ مختلف بيتن ۾ مختلف رنگن جو ذڪر ڪري، مختلف انساني ڪيفيتن کي ظاهر ڪيو ويو آهي.

8 ــ شاهه لطيف جي اُهڃاڻي شاعري: شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ مختلف لفظن، اصطلاحن توڙي اظهار کي ”اهڃاڻ“ طور استعمال ڪيو آهي. مثال طور: ڪلياڻ ۾ ”سُوريءَ سڏُ ڪيو، ڪا هلندي جيڏيون“ ۾ ”سُوري“ لفظ ”مقصد“ ۽ ”مقصد لاءِ موت جي حد تائين وڃڻ“ جي اهڃاڻ طور استعمال ڪيو ويو آهي، يا ”اگھيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي“ جهڙن بيتن کي ظاهري معنيٰ ۾ نه پڙهبو ۽ ”ڪچَ“ کي ڪُوڙ ۽ فريب ۽ ”ماڻڪن يا موتين جِي موٽ ٿيڻ“ کي سچِي شئي جو قدر نه ٿيڻ جي علامت طور پڙهبو.

مصنفَ هن مقالي ۾ ڀٽائيءَ جي اهڙن ڪيترن ئي بيتن جو اڀياس ڪيو آهي، جن ۾ ڀٽائيءَ لفظن ۽ اظهار کي ان جي ظاهري معنيٰ کان هٽي ڪري، اهڃاڻ طور استعمال ڪيو آهي.

9 ــ شاهه لطيف جا سورما ۽ سورميُون: عام طور تي رڳو ڀٽائيءَ جي 7 مُک سورمين جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. پر ڀٽائيءَ انهن 7 سُورمين کان علاوه به ڪئين سُورمين جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي. جيئن ”سُر مُومل راڻي“ ۾ مُومل جي ڀيڻ ”سُوملَ“ ته ”سُر يمن ڪلياڻ“ ۾ مَتارن کي وحدت جِي مڌ پيئاريندڙ ”موکي“. اهڙيءَ ريت ڀٽائيءَ کوڙ سارن مرد هيروز (سُورمن) جو ذڪر به ڪيو آهي. مثال طور: جادم جکرو، لاکو ڦُلاڻي، مورڙو ميربحر، ابڙو وڏَ وڙو، مولانا جلال الدين رُومي ۽ ڪيڏاري ۾ ذڪر آيل حضرت عليءَ جو اولاد ــ حضرت امام حسن ۽ امام حسين وغيره. هن مقالي ۾ محققَ، اهڙن سُورمن ۽ سُورمين وارن بيتن جو اڀياس ڪيو آهي، جن جو ذڪر ڀٽائيءَ پنهنجي مختلف سُرن ۾ ڪيو آهي.

10 ــ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ زورائتو اُچار: هن مضمون نُما مقالي ۾ شاهه لطيف جي ٻن شروعات سُرن ”ڪلياڻ“ ۽ ”يمن ڪلياڻ“ ۾ اهڙن لفظن وارن بيتن جو اڀياس ڪيو ويو آهي، جن ۾ ڀٽائيءَ زورائتا اُچار استعمال ڪيا آهن.

زورائتي اُچار وارا لفظ اهي هوندا آهن، جيڪي بنيادي طور پنهنجي جوهر ۾ زور ڏئي ڳالهائجڻ وارا ناهن هوندا، پر انهن کي ضرورت آهر، اظهار جي گھرج مطابق جملي ۾ زور ڏئي ادا ڪيو ويندو آهي. ليکڪ ذڪر ڪيل ٻن سُرن ۾  اهڙن زورائتن اُچارن وارن لفظن جي بيتن ۾ استعمال ۽ انهن جي اظهاري گھرجَ جي نشاندهي ڪئي آهي.

11 ــ ساڄن، سُونهن، سُرت: ڀٽائيءَ انسان لاءِ محبوب ۽ محبت جي هجڻ کي هنن ٽنهي وَٿن سان لازمي قرار ڏنو آهي. ”ساڄن“ يا ساجن (محبوب) ۾ سُونهن ۽ ڏاهپ ٻنهي جو هجڻ لازمي قرار ڏنو اٿس. گڏوگڏ ڀٽائيءَ ”هِتان کڻي هُت، جن رکيو سي رسيُون“ واري اصول تحت زندگيءَ ۾ اڳتي وڌندو رهڻ کي به ضروري قرار ڏنو آهي. ڪتاب جي مصنفَ، هن مقالي ۾ انسان لاءِ ڏاهَي ۽ سونهن واري محبوب جو هجڻ لازمي قرار ڏيڻ وارن شاهه جي بيتن جي اڀياس سان گڏوگڏ، اهڙن بيتن جو مطالعو به ڪيو آهي، جنهن ۾ زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ ۽ نئين کان نوان تجربا ڪرڻ جو درس ملي ٿو.

12 ــ سُر گھاتو جو اڀياس: سُر گھاتو شاهه جي رسالي جو ننڍي ۾ ننڍو سُر آهي. جنهن ۾ ڪلاچيءَ جي ڪُنَ ۾ مورڙي ميربحر جي بهادريءَ جو قصو بيان ٿيل آهي. 16هين صدي عيسويءَ جي ٻُڌايل هن داستان کي ڀٽائيءَ کان اڳ سواءِ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ٻيو ڪنهن به ڪونهي ڳايو. شاهه ڪريم به فقط ٻن بيتن ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي. لطيف اهو پهريون شاعر هو، جنهن مورڙي جي هن ڳالھه کي داستان جو درجو ڏئي ان تي سڄي جو سڄو سُر چيو آهي. هن مختصر سُر تي مصنف جو مقالو به مختصر آهي، جنهن ۾ هن ڀٽائيءَ جي بيتن جي روشنيءَ ۾ هن داستان جو جوهر ۽ پيغام بيان ڪيو آهي، جيڪو اهو آهي ته ”ڏاهپ، معذوريءَ کي به مات ڏئي سگھي ٿي ۽ دانائيءَ سان هر مشڪل ڪم به سولائيءَ سان انجام ڏئي سگھجي ٿو.“

 

گُل محمد عمراڻي

 

 

 

 

اِمداد حُسينيءَ جو شاعريءَ جو ڪتاب ”زرد مِٽِي“

 

هي، پوسٽ ماڊرن سنڌي ليجينڊ شاعر امداد حسينيءَ جي نظمن جو تازو مجموعو آهي، جيڪو 1960ع کان وٺي وفات تائين پنهنجي گهڻ رُخي، لوڪ ۽ ڪلاسيڪل فلسفياڻي شاعراڻي ۽ نثري پورهئي سان سنڌي ادب کي مالا مال ڪندو رهيو آهي.

امداد حسيني پنهنجي عظيم بزرگ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کان ڪيترو مختلف آهي؟ هو سندس جادوئي موسيقي ۽ بي انتها ڳُوڙهي شاعراڻي فن جي چمڪ کان بيحد متاثر آهي. امداد جديد دور جو لطيف جو سيلاني راڳي آهي، جيڪو اَٿاهَه علم، روايتن، شاندار لوڪ ڏاهپ، لازوال ثقافتي ورثي ۽ جستجوءَ جو اظهار شاھ لطيف جي سريلي ٻوليءَ ۾ پنهنجي منفرد احساساتي ۽ جديد شاعراڻي دانشوريءَ سان مخاطب ٿئي ٿو. جنهن ۾ اَ مُلھ محاوراتي ٻولي، جماليات ۽ بي ساخته اظهار شامل آهي. هُو پنهنجي نئين تصنيف ”زرد مٽي“ ۾ رزميه ڪويءَ طور نظر اچي ٿو.

هتي امداد جي شاعراڻي ذهانت سنڌ جي سماجي ثقافتي ادبي تاريخدان جي روپ ۾ نظر اچي ٿي. هُو پنھنجي قديم مظلوم مادرِ وطن جي ڏاهپ جا ڪارناما ائين روشن خيال ۽ حساس نموني بيان ڪري ٿو، جيئن يوناني شاعر ھومر پنھنجي ھيروز جي مهم جوئي بيان ڪئي آهي. هُو شاعراڻي انداز ۾ ماڻهن جي ڏکن ۽ دردن، انهن جي آزمائشن ۽ مصيبتن، سندن سونهري ماضيءَ جي خوشين، انهن جي اميدن ۽ خوابن توڙي سندن مستقبل جي اُمنگن کي بيان ڪري ٿو.

زرد مٽي“ سنڌ جي قديم ڌرتيءَ جي علامت آهي ۽ ان ۾ انسانذات سان پيار، امن ۽ ڀائيچاري جو بي مثال اظهار آهي. هيءُ ڪتاب جتي اسان جي بنيادي صوفياڻين روايتن جي اُپٽار ڪري ٿو، اتي شاعر اسان جي مٿان گذرندڙ سانحن کي به نظرانداز نه ٿو ڪري. هن مجموعي ۾ غزل، نثري نظم/ آزاد نظم ۽ شاعريءَ جون ٻيون ڪيتريون ئي صنفون شامل آهن.

هن جي نظمن ۾ بيان ڪيل ڪهاڻين جو سلسلو نرالو ۽ پنهنجي جوهر ۽ لهجي ۾ آتم ڪٿائي انداز وارو آهي. هن جا مختصر مڪمل نظم ايئن جڙيل آهن، ڄڻ قسطوار ھجن. ھُو اجائي پٽاڙ، وڌاءَ، مبالغي ۽ بي تُڪي لفاظيءَ کان پاسو ڪري ٿو. ۽ ھُو ڌرتيءَ ڌڪاڻن سنڌي ماڻهن سان پُرجوش عقيدت سان مخاطب ٿئي ٿو، جيڪي ھڪ نئين صبح جا منتظر آهن.

ھُو بيشڪ ابليس حملي آورن جي چڙھاين، بي رحماڻين ڪاررواين، غربت جي پيڙھيل ماڻهن، تاريخي ناانصافين، مفاد پرست ٽولي ھٿان ٿيندڙ استحصال ۽ ان خلاف جاري لڳاتار ويڙھ کان واقف آهي.

ھن پنھنجي مختصر ۽ دلسوز نظمن ۾ جيڪا ڊرامائي ۽ مونولاگ واري ٽيڪنڪ استعمال ڪئي آهي، اھا تمام گهڻي متاثر ڪندڙ ۽ اثرائتي آهي. امداد جي شاعريءَ ۾ اڻميا رنگ، فني مھارت، جمالياتي تخليقيت ۽ توازن جو معيار آهي، جنهن ۾ واقعي پڄرندڙ جذبن جي شدت آهي. تجنيس حرفي، رواني ۽ موسيقي ٻڌندڙ تي اثر ڇڏي ٿي.

ھن جو طويل رزميه نظم ”روٽس“ ھڪ اھڙو ته حيرت انگيز ڪارنامو آهي، جيڪو وڏي مھارت سان ڪنهن عظيم شئي جي پڄاڻيءَ تي اختتام پذير ٿئي ٿو. يقينن اھو ايلڪس ھيلي جي ساڳي ئي عنوان واري شاھڪار ڪتاب کان متاثر ٿي لکيو ويو آهي.

جنهن ۾ وحشي نسل پرست فاشزم پاران مقامي ماڻهن مٿان مسلط ڪيل ظلم ۽ جبر جي تاريخي واقعن کي ڇھندڙ ۽ تمثيلي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي.

 ڌرتيءَ ڌڻي جيڪي اڃان تائين پنهنجي وجود جي خاتمي واري صورتحال ۾ جالي رھيا آھن. امداد اڄوڪي دؤر جي نئين تصوف جو حقيقت پسند شاعر آهي، جيڪو شعوري طور تي رنگ توڙي نسلي متڀيد، فرقيواريت ۽ تعصب کان سواءِ برابريءَ جي بنياد تي سڀني ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ پُرعزم آهي.

ھُو زندگيءَ جي دردناڪ ۽ زميني حقيقتن کان فراريت ۽ گوشانشيني اختيار ڪري ڪنهن پُرڪيف ۽ خيالي دنيا ۾ پناھ نه ٿو وٺي. ڏاھپ جي ھن انوکي مجموعي ۾ ھُو سنڌ جي معصوميت جي وڃائجڻ تي آھ وَ زاري ڪري ٿو.

ھيءُ شاعر امداد حسينيءَ جو الوداعي ڪتاب آهي، جنهن جي روح جو پکيئڙو ان ”زرد مٽي“ ۾ آرامي آهي، جنهن سان کيس پيار ھو.

 

رکيل مورائي

ڪراچي

 

 

 

 

 

ڪتاب: پنکڙيون گلاب جون (حصو پهريون)

ليکڪ: زاهد حسين سومرو (شخصيتون ۽ خاڪا)

 

 

سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو

دائرو ويڪرو آهي، ان کي ننڍن دائرن ۾ ورهائجي ته هڪ دائرو جڙندو، ساهتي پرڳڻي جي ٻن ضلعن نوشهري فيروز ۽ نوابشاهه جي عورتن جو علم ۽ ادب ۽ سياست ۾ حصو! ذڪر هيٺ آيل زاهد سومري صاحب جي هن ڪتاب ”پنکڙيون گلاب جون“ ڪتاب جو ٻيو حصو آهي سندن سياسي ۽ سماجي  جدوجهد. زندگيءَ جي الڳ الڳ حصن ۾!

        ڪتاب ايترو تفصيلي آهي جو مون ان کي ڏسي، پڙهڻ کان پهرين ئي زاهد حسين سومري کي ايمانداراڻي ٻوليءَ ۾ چيو هئو ته هن ڪتاب تي توکي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ گهرجي.

ائين ضرور ٿيندو آهي ته اڪيڊمڪ/نصابي نموني ۾ يا دائري ۾ لکيل ڪتابن اندر اظهار جي آزادي گهٽجندي آهي، ڇو ته انهن جون گهرجون الڳ هونديون آهن، ڪي پابنديون هونديون آهن، پر هن ڪتاب سان ائين نه ٿيو آهي، زاهد پنهنجي لکڻ جي آزادي ماڻي آهي جيڪا هن ڪتاب جي اول/پهرين ڪاميابي آهي.

شخصي طور مون کي هن ڪتاب ۾ آندل ساهتيءَ جي ٻن مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن بابت جيتري معلومات ميسر ٿي آهي، سچ پچ اُها گهڻي آهي ۽ اها سمورن ڪتاب پڙهندڙن کي هڪ ئي وقت ميسر ٿيندي، اها ڪتاب جي ٻي ڪاميابي آهي.

ادبي طور هن ڪتاب کي مان ان طرح به ڏسان ٿو ته زاهد حسين سومري صاحب ڪتاب لکڻ وقت جيڪا ذميواري ڏيکاري آهي ۽ سنڌ جي اخلاقي قدرن جي جيڪا پاسداري ڪئي آهي، اُها هر صفحي تي ڏسڻ جهڙي آهي شايد ان جو سبب اِهو آهي جو زاهد سومري قبول ڪيل انهن اديب حضرات جي دائري کان الڳ آهي جيڪي عورتن بابت لکڻ وقت هڪ کان وڌيڪ منشائون دل ۽ دماغ ۾ سانڍي ڪجهه به لکندا آهن ۽ جڏهن اهو پڙهيو ويندو آهي ته ان لکڻ مان سندن منشائون چٽيون ٿي پونديون آهن، جڏهن کين محسوسايو ويندو آهي تڏهن سندن چهري تي ندامت جي ڪا به لڪير اڀري نه ايندي آهي.

ٻئي پاسي تي اهو سڀ ڪجهه لکيو ويندو انهن جي اندر ۾ جيڪو نقلي فخر جو احساس جنم وٺندو آهي، اهو کانئن سندن ئي آس پاس جي ٻولين ۾ عورت ليکڪائن پاران لکيل ڪتاب ”آگ کا دریاہ،  دشت سُوس، راجا گدہ، رسیدی ٹکیٹ ۽  ایک تھی سارا“ جهڙن ڪتابن لکرائڻ کان کين وانجهيل رکندو آهي، ۽ پوءِ اهي سدائين همت افزائيءَ جي اميد تي ادب ۾ جيئريون رهنديون آهن!

جيتوڻيڪ ادب ۾ مرد هجڻ يا عورت هجڻ ڪا سڃاڻپ نه آهي، نه ئي اهڙو ڪجهه ويچارڻ ڪا معنيٰ رکندو آهي، اديب، اديب هوندو آهي، اهو جينڊر جو محتاج ڪٿي آهي؟ اُهو ته فقط اسان سنڌين جي احساس برتري يا احساس ڪمتريءَ جو معاملو آهي، دنيا جي ادب ۾ ائين بنهه نه آهي. سويڊش اڪيڊميءَ ڪنهن به ليکڪا کي ان ڪري نوبل انعام ڪڏهن نه ڏنو آهي، ته هيءَ عورت آهي! البت ان ڪري ڏنو ويندو آهي ته هيءَ ليکڪا آهي ۽ سندس ڪتاب انعام جو حقدار آهي.

زاهد حسين سومري صاحب جو سمورو ڪتاب پڙهي اڪثر سنڌي عورتن بابت لکيل ڪتابن ۽ مضمونن جيان ڪٿي به ائين محسوس نه ٿيو ته هن ڪنهن پاسخاطريءَ طور ڪنهن عورت ليکڪا کي غير ضروري طور ساراهيو هجي يا ڪنهن کي نظرانداز ڪيو هجي. جيتوڻيڪ سنڌي ادب ۾ مسلسل ائين ٿيندو آيو آهي، ان ڪري هن ڪتاب ۾ جيڪا شفافيت آهي اها هن ڪتاب کي سنڌي ادب ۾ اهم جڳهه ڏياريندي اهڙي پڪ آهي.

        ڪتاب ۾ ايترين ڳالهين يا حوالن جو ذڪر وري وري اچي رهيو آهي، جيڪي زاهد سومري جي لکڻ کان ٻاهر جا آهن يا نهايت غير ضروري آهن، جيڪڏهن ضروري آهن ته اهو انهن ليکڪن جو پنهنجو اظهار آهي. زاهد جو بنهه نه! اهو غير ضروري ان ڪري به آهي جو اهي حوالا غير اهم آهن. جيڪڏهن ڪنهن ليکڪ/ليکڪا ڪنهن همعصر تي ليک لکيو آهي ته اهو ان کي ئي ڳڻائڻ گهرجي اهو زاهد جي لکڻ جي گهرج کان ٻاهر آهي، ائين انهن غير اهم حوالن کي ايڊٽ ڪجي ها ته ڪتاب جا پنجاهه کن صفحا گهٽجي سگهيا ٿي ۽ ڪتاب گهڻي حد تائين مستند بڻجي پوي ها! مان ائين سمجهان ٿو.

        اهو ويچار زاهد سومري صاحب کي ٽيون ڪتاب لکڻ وقت ڪم ايندو جيڪڏهن هُو گهڙي کن سنجيدگيءَ سان ان تي نظر رکندو ته! ڪنهن به ليک جي آخر ۾ ان ليکڪا جي مڙني ڪتابن جي جاچنا ڏيڻ، ڪتاب کي وڌيڪ مستند ڪرڻ هجي ها.

        زاهد حسين سومري ڏانهن سڀ کان وڌيڪ تعريف هڪ وڏي انگ ۾ عورت ليکڪائن جي معلومات گڏ ڪرڻ واري آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جون ليکڪ ڀينرون پنهنجي نجي ڄاڻ ڏيڻ کان گهڻي حد تائين ڊنل آهن اهو سنڌي ادب جو وڏو سچ آهي. اهڙي ماحول ۾ زاهد حسين سومري صاحب جي ڪيل جاکوڙ گهڻو گهڻو جسُ لهڻي ٿي. مون کي ائين چوڻو آهي، ڇو ته مان ائين سمجهان ئي نٿو پر يقين رکان ٿو ته ادب ۾ تڪڙ جي ضرورت بنهه نه آهي ادب نهايت سنجيده عمل آهي.

        ڪجهه اهڙيون غلطيون ڪيون آهن، زاهد حسين سومرو صاحب ساهتي پرڳڻي ۾ رهندي به ٻوليءَ جون اهڙيون ڀلون نه ڪري ها جيڪي ڪراچيءَ جهڙي ميٽرو پوليٽن سٽيءَ ۾ رهندي يا گهڻين ٻولين ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ رهندڙ سنڌي لکندڙن کان ٿينديون آهن! اسان جي ساهتي جي ليکڪ کان، کانئُس، ڏانهس، منجهائنس، منجهس، وٽس، سندس لفظن جو استعمال ناٺيڪ طريقي سان اُچارجي رهيو آهي.

مثال طور: سندس وٽ، سندس کان، سندس ڏي، سندس جو، باوجود به، لکڻ سنڌي استاد لاءِ ته هڪ عيب هجڻ گهرجي! ڪتاب تي فقط اها ئي هڪ ننڍڙي تنقيد آهي، جنهن کان شايد زاهد ڀاءُ ايندڙ ڪتاب لکڻ وقت سچيت رهي. في الحال ايترو ئي.!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org