سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2024ع

باب:

صفحو:18 

ماهتاب محبوب

 

 

هڪ شخص دِلرُبا

 

اِن ۾ تِر جيترو به شڪ ناهي ته واقعي به هُو جيءَ دار ۽ شاهاڻو روح آهي. دل ۾ گهر ڪندڙ، پنهنجي اَڇي اُجري شانائتي شخصيت سان هر ڪنهن وٽ عزت ۽ مانُ ماڻيندڙ، ڪو خوشنصيب ئي هوندو جنهن کي ٿوري چاهي گهڻي هُن جي ويجهڙائپ حاصل نه هوندي. سينئرز هجن چاهي جونئرز، وڏن واري کِل ڀوڳ به پيو ڪندو ته هڪ جيڏن حجائتن سان وري حُجتون من مستيون ۽ سير سپاٽا ڪندي سڄي سنڌ گهمي ڦري گهٽي گهٽيءَ جي جانچ، شجرا، حال احوال، ذاتيون، ڌنڌا ڌاڙيون، ڪم ڪاريون، راز نياز ۽ ٻيا کوڙ سربستا احوال ڪمال ڪاريگريءَ سان ظاهر ڪندو، جو ماڻهوءَ جو عقل چرخ ٿيو وڃي ته ”ياالله“ هي ڪالهوڪو نينگر ۽ نوجوان پنهنجي دل ڇهيندڙ نثر ۾ نوان چاهي پراڻا احوال اهڙي ته گهري جانچ جونچ سان ٿو اوري جو اسان جهڙي اَولڊيز گولڊيز کي به مات ڏيو ڇڏي! مٿان وري انهن مشاهدن جي وچ وچ ۾ اڪثر هن جو بي ساختگي مان عجب واري انداز ۾ ”ياالله“ يا ”اڙي بابا“ لکڻ ته مون کي ڏاڍو وڻندو آهي، تازو ئي ڪنهن ڪالم ۾ ڇا ته مزيدار جملو لکيو هئائين، جنهن موجب ميڊم نورجهان، سدا حيات گائڪ محمد يوسف جي گائيڪيءَ کان متاثر ٿي کيس لاهور ۾ رهي پوڻ جي قربائتي پيشڪش ڪجهه ان ريت ڪئي جنهن تي هن ميڊم جي اک پڙهي ورتي! ۽ هڪدم پنهنجو سامان سڙو ميڙي ٺڪ اچي حيدرآباد ڪئي، ’اک پڙهي ورتي‘ ۾ ايڏو ته وزن جو بي اختيار چپن تي مرڪ پکڙجيو وڃي ۽ اِهو سين تصور ۾ ائين اُڀري آيو ڄڻ مان اِهو لقاءُ پنهنجي اکين سان ڏسندي هجان. اهڙا ته ڪيئي مثال هن جي ڪالمن ۾ آهن پر ’اک پڙهڻ‘ وارو مثال لاشڪ ته نئون هو. حيدرآباد Lover اسان جي هردلعزيز نصير مرزا جو وڏي ۾ وڏو احسان اهو ته هن پنهنجي ڪالمن وسيلي حيدرآباد جي گهٽي گهٽيءَ جي خاص ۽ اهم جاين جڳهن جي ڄڻ انوکي انداز جي اهڙي ته تاريخ لکي هي جو پڙهندڙ پيرين پنڌ نصير سان گڏ حيدرآباد گهمي ٿو، پر نه رڳو حيدرآباد، هُن ڪنهن به ماڳ مڪان جا جڏهن به قلم ذريعي نقش چٽيا آهن ته هن ڄاڻ جي حوالي سان ڪمال ڪيو آهي.

ڪاميابي ڪهڙي به قسم جي هجي، پر اِها ملڻ کانپوءِ گهڻو ڪري ڪجهه ماڻهن جو رويو يڪسر بدلجي ويندو آهي، ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان وٺي طور طريقا باڊي لينگوج سڀ ڪجهه اوپرو اوپرو يا هٿرادو ٿيو پئي، نصير تي قدرت ڪاميابين جي حوالي سان مهربان رهي آهي.  جنهن ۾ وڏو هٿ سندس سادگي، مڻيادار مهانڊن ۽ شخصيتن سميت اخلاقي قدرن واري دل کٽيندڙ رويي جو آهي. تقريباً اڌ صديءَ جي ساٿ سڃاڻ ۾ هُن پنهنجي روين ۾ مون کي ڪڏهن به ڪا تبديلي محسوس ناهي ڪرائي.

يقيناً ته اِهو ٽنڊي ٺوڙهي ۾ رهڻ جو اثر آهي جو نصير مرزا جا گهاٽا ڪارا وار نوجوانيءَ ۾ ئي گهٽجڻ لڳا....، پر هن جي نوخيزيءَ، نوجوانيءَ کي لهر نه لوڏو، توڙي جو هاڻ هُو اڪثر ڪالمن ۾ به هروڀرو پاڻ کي جهونو يا عمر رسيده ظاهر ڪري پيش ڪرڻ جو وجهه هٿان نه وڃائيندو آهي، پر اُن مهل منهنجون ڏوهٽيون، پوٽيون حيرت مان ڇرڪجي ويون، جڏهن کين خبر پئي ته نصير مرزا رٽائرڊ ٿيو آهي. اُنهن هڪ ٻئي ڏي نهاريندي عجب مان چئي ڏنو، ”هُو ته اڃان جوان آهي! هينئر سان ئي رٽائرڊ ڪيئن ٿيندو.“

نصير لاءِ ته اِها ڪريڊٽ جهڙي ڳالهه هئي، مون کيس ٻارن جو رايو ٻڌايو ته هو هميشه جيان راجڪپور جهڙي مُرڪ مُرڪي پيو.

ٽنڊي ٺوڙهي جي زمانا آشنا مرزا قليچ بيگ جي خاندان سان تعلق رکندڙ نصير مرزا جا نقش نگار الائي ڇو مون کي هِتان جا نه، پر ڪن ڪوهه ڪافن ۾ آباد اڻ ڏٺل ديس واسين جي چهري جي جهلڪ پيا پسائيندا آهن. مون کي پنهنجي اِن ابزرويشن تي تڏهن حيراني ٿي جڏهن معلوم ٿيو ته واقعي به هُن جي وڏڙن جو تعلق جارجيا جي ڪوهه ڪاف جبلن سان ئي آهي.

ياد ٿو پئيم ته ڪيئي سال اڳ سنگاپور ۾ اسان ويڊيو رڪارڊنگ لاءِ J.V.E جي مووي ڪئمرا خريد ڪئي ته واپسيءَ مهل ايئرپورٽ تي ڪسٽم آفيسر ان جي اورينجل پيتي ساڻ کڻي وڃڻ جي اجازت نه پئي ڏني. هُن آفيسر جا نقش نگار، ڀريل ڳِل، سفيد گلابي رنگت ۽ اصولن سان سودو نه ڪندڙ رويو هڪ نظر ۾ مون کي نصير مرزا جهڙو لڳو، مون اِها ڳالهه آهستگيءَ سان محبوب جي ڪن ۾ چئي ته هن مون سان سهمت ٿيندي وراڻيو، ”پر هي شخص سنگاپوري نه بلڪ جارجيئن ئي آهي.“

محبوباڻي مُرڪ ۽ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ واري گفتگو جي اسٽائليش انداز تي موهت ٿي، ٿوري ٽِڻ مِڻ کانپوءِ اورينجل پيتي کڻڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي.

نصير مرزا جا مهانڊا لاشڪ ته جارجيئن جهڙا، پر مون کي ته اڄ به هو اُن شفيق ماءُ شريف النساء جو ننڍڙو لاڏلو ڪِڪو ئي محسوس ٿيندو آهي، جنهن کي هوءَ جانسن بي بي پائوڊر جي پَف سان گلو گلزار بنائي، ووڊ وَرس جو گرائپ واٽر پياري، تنجڻو ٻڌي ٿپڪي ڏيئي سمهاريندي هجي ۽ وڏڙو ٿيڻ تي وري مکڻ ملايون کارائي دعا جو هٿ لوڏي اسڪول اُماڻيندي هجي. تڏهن ته اڄ سوڌو هُو به مون کي ان ٻار جهڙو ئي لڳندو آهي، معصوم.... اُجرو ۽ ڳجهو ڳجهو ته شرارتي پڻ.

هونئن هو ”پنج، ڇڏيائين ماءُ جي هنج“ واري چواڻي تي پورو نه لٿو، جو بقول سندس ته هُن پندرهن سورهن سالن ۾ به ماءُ جو ڀر نه ڇڏيو، البت ”ويهه تڪيائين پرائي ڌيءَ“ واري دؤر ۾ پير پائڻ شرط هن ضرور حسينائن ڏي نظرون ڊوڙايون هونديون، پر دُردانه جهڙي سُگهڙ سهڻي سيبتي.... سمجهدار ۽ سُلجهيل شريڪِ حيات حاصل ٿيڻ کانپوءِ هن جي ڪنهن ٻيءَ تي اک نه ٻُڏندي هوندي، جيڪي اڪثر فلرٽيشن ڪري ٺهيل ٺڪيل گهرن ۾ گهاري پيدا ڪرڻ جو سبب بنجنديون آهن.

وڊيو ڪئمرا جو ذڪر هلندي ياد آيم ته ان ساڳي ڪئمرا نصير جا سهڻا جهُمر به محفوظ ڪيا، جيڪي هن لطيف آباد واري ”ارم نما“ ۾ ماسٽر چندر جي سالگره ملهائڻ واري جشن جي فنڪشن ۾ بي اختيار پرفارم ڪري ڏيکاريا:

”سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون.....“

قمر سومري جي گائيڪيءَ تي جڏهن نصير بي اختيار اُٿي جهمر پاتا، ته ماحول مهڪي پيو، تڏهن ٻين به اُٿي هن جو ساٿ ڏنو. گذريل زمانن کي ياد ڪرڻ سان اکين ۾ ڄڻ حيرانيءَ جا سمنڊ ڀرجيو ٿا وڃن. حميد سنڌي، جمال رند، طارق اشرف، ذوالفقار راشدي، قمر سومرو، دادي ليلان، تاج بلوچ، نور احمد کوجو، مراد علي مرزا، ظفرحسن، محبوب سائين محبوب... ۽ هاڻي اڌو اڌو هال خالي خالي.

نصير مرزا چواڻي ته هُو ايڏو سوشل ناهي، پر سندس نوڪري ڪم ڪار ۽ ذميوارين جي نوعيت ڏسي ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته هو سوشل نه هوندو، پر ائين ضرور آهي ته چؤطرف راڄ ماڻهن جا هوندي به هن جي دل جي ويجهو تمام گهٽ ماڻهو هوندا، جنهن مان نثار حسيني ۽ طارق عالم جي ته آئون به ساک ڏيندس، ڪڏهن هُو نثار ته ڪڏهن طارق عالم سان گڏجي گهر ايندو هو. تڏهن انهن سان منهنجي ۽ محبوب جي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري هلندي هئي. اُن زماني ۾ وڊيو ڪڍڻ وڏي شيءِ سمجهي ويندي هئي، ادبي پروگرامن جون وڊيوز اڪثر گڏجي ڏسندا هئاسين، وچ وچ ۾ نصير جي تِکن مِٺن رمارڪس جي ڪري وڊيو ڏسڻ جو مزو ئي وڌي ويندو هو. ان ئي ڪئمرا سان يادگار موويز ڀريونسين، مصطفيٰ قريشي، عابده پروين، غلام حسين شيخ، شيخ اياز ۽ ٻين ادبي دوستن سان گڏجي ڏسندا هئاسين.

شيخ اياز ته خوش ٿي رڪارڊنگ ڪرائيندو هو. هاڻ ته ڏينهون ڏينهن ٿيندڙ حيرت انگيز ۽ جدتن ننڍين ننڍين خوشين کي کائي کُرڙي ڇڏيو آهي. ٽپاليءَ جي گهنٽي ٻڌڻ واري خوشي.... سئنيما گهرن ۾ وڃي فلمون ڏسڻ واري خوشي.... فون ۾ آڱر سان نمبر ڊائل ڪرڻ وارا زمانا ته جهڙو الائي ڪيڏانهن هليا ويا آهن، موبائيل جي صورت ۾ هر ڪنهن جي کيسي توڙي هٿ تريءَ تي دنيا پٿاري پئي آهي، ائين ناهي ته اڄ وڊيوز نٿيون نڪرن پر اُن زماني واري اسان جي J.V.C جي مووي ڪئمرا پنهنجي اوريجنل پيتيءَ سميت اڄ توڻي نئين نڪور هوندي به عبرت جو نشان بنجي مٿئين اسٽور ۾ ڪاٺ ڪٻاڙ هيٺ دٻي ۾ پئي آهي. پنهنجي ڏوهٽن روحل ۽ چيزل کي گهڻئي ڀمڀلايم ته هي نهايت عمده اينٽڪ ۽ عظيم ڪئمرا اَٿو، جنهن کي رڪارڊنگ ۾ ڪم آڻي سجايو ڪريو پر هُو ان کي عجب مان ڏسي رڳو کِلي پوندا آهن.

نصير مرزا جي ڪمپيئرنگ کان سواءِ چمڪندڙ هالن اندر ٿيندڙ سمورا فنڪشن چاهي ميلاملاکڙا ٻُٽا ٻُسا لڳندا آهن، هي جي ڪمئيپرنگ واري رفتار ۽ گفتار ۾ جيڪا بهاري آهي تنهن کي مون سدائين اُوج تي ڏٺو آهي، ڪجهه لِهڪاريل محسوس ڪيو هوندم، تنهن ۾ به هن جو ڏوهه نه سمجهبو. بس ”رڍن اڳيان رباب“ وڄائڻ ۾ ڀلا ايڏي بهاري ڪٿان ايندي. هُو ادب جو شيدائي، فدائي هوڏانهن پروگرام ڀلي ته کڻي ڪنهن مرحيات اعليٰ  اديب جي شان ۾ ڇو نه هجي، پر سندن پونئير پنهنجي اعليٰ عملدارن سان لڳ لاڳاپا ڏيکارڻ ۽ پنهنجي پُهچ جو ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ اسٽيج وارين ڪرسين تي اسٽيچو جيان سجيل هيڪاندي سرڪاري ڪامورن کي آڻي ويهاريو ويندو آهي، جن وٽ سياست جي معنيٰ مال ميڙڻ هجي، تن کي ادب يا اديب سان ڀلا ڪهڙي رغبت. لاچار ڪو هڪڙو شاندار اديب سندن ڀَر ۾ ويهاريو ويندو آهي، فنڪشن جي رپورٽنگ مهل اخبارن ۾ پڻ فخر مان وزيرن مشيرن جي شرڪت جا نالا پهرين هوندا آهن، ۽ آخر ۾ معتبر اديب جو نالو ڏيئي معيار لاهي ويندي آهي نه ته ان بدران به هوند ڪنهن ’ڪرسي هولڊر‘ کي ويهاريو وڃي ها.

سو ڳالهه پي ٿي اهڙن پروگرامن جي جنهن ۾ نصير جا جلوا هميشه جهڙا نه هوندا آهن. تنهن هوندي به نصير مرزا وٽ ’گوني سدائين اُونهي‘ مثل لفظن جو اَڻ کٽ خزانو آهي، جنهن جا ڄڻ گودام گُنديون ڀريون پيون اٿس.

ڪمپيئرنگ مهل نصير رڳو لفظن جو ئي بادشاهه نه هوندو آهي، بلڪ سندس آواز جا لاها چاڙها به ڄڻ سندس مزاج جو آئينو آهن. نَرم ۽ مَڌم مَڌم. هُن جو لهجو، اکيون، هٿ، آڱريون.

ڪنڌ جي لوڏ هن جي ڪمپيئرنگ جو ڀرپور حصو هوندا آهن، رڳو تصور ڪيو ته جي نصير اِن قدرتي ڏات بنا صرف ٿنڀو ٿي بيٺل هجي ۽ ڪمپيئرنگ ڪري ته ڪيئن لڳي، پر جڏهن هُو پنهنجي دلفريب انداز سان فري اسٽائيل ۾ ڪمپيئرنگ ڪندو آهي ته ان کي چار چنڊ لڳيو وڃن. ڪمپيئرنگ يا ڪا تقرير ڪرڻ مهل نصير ڊائريڪٽ ماڻهن کي نه ڏسندو آهي، بلڪه هن جون نگاهون مٿي يا پوءِ هيٺ هونديون آهن. ڪمپيئرنگ ۾ ته هو پنهنجو مثال پاڻ آهي ئي، يعنيتیری بات بات ہے دل نشین کوئی تجھ سے بڑھ کے نہیں حَسین!“ پر هڪ ٻه ڀيرا مون هُن جي اهڙي تقرير به ٻڌي جنهن لاءِ بس ائين چوندس ته، ”تو غضب میں آئیے تو قھر  ہے  جو  ہو  مہربان  تو  قرار  ہے۔

هونءَ ته مون هن چقمقي شخصيت کي هميشه محبتن جي گهيري ۾ گهيريل ۽ گفتن ۾ گلفشان جيان ئي محسوس ڪيو آهي، پر تنهن ڏينهن شايد ته اُهو ادا حميد سنڌيءَ بابت ڪو پروگرام هو، جنهن ۾ هُن اسٽيج تي مائيڪ آڏو اچي رعبدار ۽ ڪجهه ناراضگيءَ واري سنجيدگيءَ سان تقرير پئي ڪئي. جنهن ۾ ڪي شڪايتون هيون ”هينئڙو هرٽ“ ٿيڻ جا احوال، مون کي پوري طرح سان بلڪل ئي ياد ناهي ڇو ته مان تقرير بدران سندس چهري جا ناراص ناراض ۽ ڪاوڙيل ڪاوڙيل تاثرات ڏسندي رهي هئس، جيڪي تقرير کان وڌيڪ مون کي ياد رهيا، انڪري به ته مون کيس ڪڏهن ائين نه ڏٺو هو. هُن جا ڪي ڏک وارا ڪالم مون کي ياد آهن جن ۾ سرڪاري نوڪرين جي حوالي هن سان ناانصافيون ٿيون، جيڪي ڄڻ هن جو احتجاج هئا، هُن خود به ڇا پر سندس خاندان به ڪنهن سان ناانصافي ناهي ڪئي. هُو اُن قابلِ احترام گهراڻي جو فرد آهي جنهن جي وڏن سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر کي اُوج تي آڻي رسايو، جن جي خدمتن کي اڄ به دل و جان ۽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.

هُن به ساڳيائي پيرا کنيا ۽ خاموشيءَ سان تخليقي ۽ تحقيقي ڪم ڪندو رهيو آهي. جن جي نتيجي ۾ هو ڪيترن ئي سهڻن ڪتابن جو مرتب توڙي ليکڪ آهي، تازو ئي هُن کي حڪومتِ پاڪستان طرفان پرائيڊ آف پرفارمنس ملڻ جو اعلان ٿيو آهي، جنهن جي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي جو، ڪڏهن ڪڏهن ئي سهي ايوارڊ اصلي حقدارن کي به مليو پئي. هونءَ اِها سڀني کي خبر آهي ته اسان وٽ سرڪاري ايوارڊ ڪيئن ۽ ڪهڙي ميريٽس جي بنياد تي ملندا آهن. مون کي ته الائجي ڪيئن ڀُل چُڪ مان سؤ ساله ادبي خدمتن جي عيوض عمر جي هن حصي ۾ لالي پاپ وانگر ايوارڊ ملي پيو!

نصير مرزا جي ڪمپيئرنگ جي حوالي سان مون کي ياد آيو ته ڪيئي سال ٿيا جو مون کي ڪنهن ادبي پروگرام ۾ ٻن منٽن جو ڪو مقالو پڙهڻو هو، مان معمول مطابق آڊينس سان گڏ ويٺي هئس جو نصير مون کي ٿوري دير ممتاز مرزا هال جي اسٽيج تي ٻين معززين سان گڏ اچي ويهڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو. منهنجي ساڄي طرف ياد ناهي ته ڪير ڪير ويٺل هئا، البت فهميده حسين چٽيءَ طور ياد اٿم. جڏهن ته کاٻي پاسي محمدعلي مانجهي هو، جنهن جي ويجهو ئي رکيل ڊائس تي ڌيان سان ٻڌڻ جهڙيون تقريرون پئي هليون، ان دوران نصير ڊائس تي اچي ڪنهن تحريڪ جي مڇريل ماڻهوءَ کي ڳالهائڻ لاءِ سڏ ڪيو، جنهن مائيڪ سنڀاليندي اصل واويلا ٻاري ڏني. جوش ۾ هوش وڃائي هال ۾ ويٺلن جا واڄٽ وڄائي ڇڏيا، ڀلا اُنهن ويچارن جو ڪهڙو ڏوهه جن ”الله ڏي ٻانهو سهي“ جهڙي تقرير کي صبر سان ٿي ٻڌو. هيڏانهن اُهو ماڻهو اصل آپي مان نڪتو ٿي ويو، منهنجي ڪنن جا پردا ٿي ڦاٽا، تازي باءِ پاس ٿيل، دل جو دهڪو ڄڻ بند ٿيندي محسوس ٿيو، ڀانيان ته سَٽ پائي اسٽيج تان لهي وڃان. ڊائس پويان ڪرسيءَ تي ويٺل نصير ڏي بيوسيءَ مان لاچار نهار اُڇليم جنهن جو مطلب سمجهندي ته مان يقيناً ڪنهن تڪليف ۾ آهيان. هو منهنجي سيٽ جي پويان اچي بيٺو، آهستگي مان چيم، ”ادا مون کي اِن دڙڪا داٻا ڏيڻ جهڙي تقرير سان گهٻراهٽ پئي ٿئي، آئون هيٺ ٿي لهي وڃان.“

جنهن تي هُن مون کي ٿوري دير ترسڻ لاءِ چيو، پر مڇريل ماڻهوءَ جي بس ڪرڻ جو اڃان ڪو ارادو ئي نٿي لڳو، ڀانيائين ٿي ته شيطان جي آنڊي جيڏي تقرير سان وڏا ميدان ماري وجهندو. گهڙي کن رکي مون وري به ڪنڌ ورائي نصير کي التجائي اشارو ڪيو ته مان هيٺ ٿي وڃان.

هن ٻيهر ويجهو اچي سيٽ تي رکيل منهنجي هٿ مٿان پنهنجو هٿ رکندي، پيار ڀرئي نرم آواز مان باقي ٿوري دير اِها تقرير برداشت ڪرڻ لاءِ چيو، پر هُن تحريڪي ڀمڀٽ ڪٿي ٿي بس ڪئي، جيئن پوءِ تيئن چوٽ چڙهندو پئي ويو، آخرڪار نصير هُن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي سندس خميس کي ڇڪ ڏني جنهن جو مطلب ته هاڻي بس ڪر...پر کيس ڪا پرواهه ئي نه هئي، وري به ٻه ٽي ڀيرا خميس ڇڪجڻ کانپوءِ آخرڪار ڊوهجي هيٺ لٿو.

اُن ڏينهن واري پروگرام کانپوءِ ڀانيم ته مون کي اسٽيج تي ويهارڻ جي حوالي سان کيس سيکت ملي وئي هوندي پر نصير ۽ مُڙي. ناممڪن!

ويجهڙائيءَ ۾ نصير جي ڪنهن انٽرويوءَ ۾ پڙهيم ته هاڻ آڊينس سلم سمارٽ ڪمپيئر ڏسڻ ٿا چاهين، پر منهنجي خيال ۾ ته اسان جو نصير اهڙن ڪمپيئرز جي وچ ۾ ڀلي ته سؤ سالن جو ٻُڍڙو ٿي لٺ کڻي اچي بيهندو تڏهن به سڀني سِلم سمارٽن کان منفرد هوندو، ڇو ته هُن پنهنجي هڪ جُدا سڃاڻ ٺاهي ورتي آهي، انڪري مان نٿي سمجهان ته سٺي ۽ دل ڇهيندڙ ڪمپيئرنگ، عمر جي قيد ۾ آڻي سگهجي ٿي.

مون کي ان ڳالهه تي پڪو يقين آهي ته قدرت جا فيصلا اٽل هوندا آهن، ۽ هُو انسان کي اُن جي طبيعت ۽ مزاج مطابق ئي ماحول به ڏيندي آهي، نصير کي ادب، آرٽ ۽ موسيقي سان بي انتها لڳاءُ هئڻ جي ڪري ئي ته هن دل و جان سان اِن فيلڊ ۾ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، خاص طور تي ريڊيو حيدرآباد جي تاريخ جي حوالي سان نصير مرزا جا مرتب ڪيل ڪتاب اطلاعات ۽ نشريات جي تاريخ جو هڪ اَمُلهه خزانو آهن، جيڪو مان نٿي سمجهان ته ڪنهن ٻئي سرانجام ڏنو هوندو. نه رڳو اِهو پر هُن اڄ جي ڪيترن ئي وڏن وڏن نالن کي فن ۽ موسيقيءَ جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو، جيڪو هن جو سموري سنڌ تي وڏو احسان آهي، پر هُو احسان جتائڻ وارن مان هرگز ناهي.

ريڊيو جو اُهو سونهري دؤر ڪڏهن به وسرڻ جو ناهي، رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ به هن جو ريڊيو سان ڄڻ سِر لڳي، جنهنڪري اڃا تائين به ريڊيو سان هن جو ساٿ سهڪار جاري رهندو اچي، پر اسٽيشن ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ گذاريل سال ڀلا ڪنهن کان وسرندا. جنهن ۾ هن پنهنجي جفاڪشي ۽ پروفيشن جو مانُ رکندي ان جي واڌ ويجهه لاءِ جيڪي ڪوششون ورتيون ۽ جاکوڙي ڪم ڪيا سي پنهنجو مثال پاڻ آهن.

منهنجي دعا آهي ته اسان جو هيءُ هَر فن مولا ڀاءُ پنهنجي شاداب طبيعت ۽ شاداب تخليقن سان سنڌي ادب جي باغ کي باغ بهار ڪندو رهي. 

ياسر قاضي

 

 

 

 

ناميارو ادبي مترجم ۽ ڏاهو تخليقڪار، ’وليرام ولڀ

اُجهامي ويل ’نيڻ- تارا‘ ۽ ’ساهت- ڦلواڙيءَ‘ جو ڇڻي ويل

 

قحط الرجال جي هن دؤر ۾، جتي ٻين شعبن جيان سنڌي ادب جي به لڳ ڀڳ سمورن شعبن ۾ قلم ۽ قرطاس جي ڌڻين جو اهڙو ڪال پيل آهي، جو ادب جي  ڪنهن به مخصوص موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ اسپيشلائيزڊ ماڻهو گھربل هجن يا ڪنهن خاص صنف تي لکيل ڪتاب تي ماهراڻي راءِ ڏيڻ لاءِ ان صنفَ جو ڪو ماهر، ادب جي ڪنهن خاص جهت ۾ ڳالهائڻ لاءِ ڪو مقرر کپندو هجي يا ڪنهن مخصوص کيتر تي ڪوٺايل ميڙاڪي لاءِ وابسته تخليقڪارَ گھربل هجن، اسان وٽ ماڻهو ئي باقي وڃي بچيا آهن. ماڻهپي توڙي ساهت جي اهڙي تشويشناڪ ڏُڪر جي دؤر ۾ سنڌي ساهت جو هڪ ٻيو ڪُهنو ڪارڪن ۽ دنيا جي شاهڪار ادب کي سنڌي ويس ڍڪائي سنڌ جي پاٺڪن کي فراهم ڪري ڏيندڙ سهڳڻو سنڌيڪار ۽ تخليقڪار، سائين وليرام ولڀ پنهنجي جيون جا پساهه پورا ڪري پنهنجو وارو وڄائي پرلوڪ پڌاري ويو.

پنهنجي مزاج ۾ ماٺيڻو ۽ حضور شرم ماڻهو، جيڪو، جڏهن به سنڌالاجيءَ وڃبو هو ته پنهنجي پاسِيرَي ڪمري ۾ سدائين لکڻ پڙهڻ جي ڪرت ۾ مصروف ملندو هو ۽ جڏهن پنهنجي مخصوص سنجيده مرڪ مُرڪي مخاطب ٿيندو هو ته سندس ٻاجھارو آواز سندس ڪمري جي جِھيڻي چرندڙ پکي جيان آنند ۽ ڌيرجَ سان اچي سماعتن سان ٽڪرائبو هو ۽ وٽس ويٺي، ساهتي سُس پُس ڪندي، دنيا جي ادب جو واءُ سواءُ وٺندي ڏُکندو ڏُور پيو ٿيندو هو. هاڻي اها هلڪي سنجيده مسڪراهٽ ۽ چشمي جي ٿُلهن شيشن جي پريان چمڪندڙ اکيون هميشه جي لاءِ ٻُوٽجي چُڪيون آهن ۽ انهن ”نيڻ ــ تارن“ جي ان نرمل نهار جُون انهن ذهنن ۾ فقط يادگيريون ئي رهجي ويون آهن، ”جنين ڏٺو پرينءَ کي...“

گھٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته وليرام صاحب، ادب جي صحرا جي سَيّاحيءَ جي شروعات شاعريءَ کان ڪئي ۽ هُو مزاج ۾ به ڪي قدر شاعر ڀاسندو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته شاعر طور هن پنهنجي مضبوط سڃاڻ نه ٺاھي. هن شاگرديءَ واري زماني ۾ ئي ڪانگريسي اڳواڻ ’سردار ولڀ ڀائي پٽيل‘ کان متاثر ٿي ئي ”ولڀ“ جو تخلص اختيار ڪيو ۽ ان کي پنهنجي شاعريءَ ۾ شاعراڻي تخلص طور استعمال ڪيو. سندس پهريون ڪتاب ”اڏارُون آڪاس ۾“ هڪ شعري مجموعو ئي هو، جنهن کان سُتت پوءِ سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”زندگيءَ جو ڪپيل هڪ ٽڪرو“ پڌرو ٿيو. چئبو ته وليرام صاحب ماهر غواص جيان جيڪڏهن ترجمي جي عميق ساگر ۾ ٽپو نه ڏئي ها ته اڄ اسان کيس شاعر ۽ طبع زاد ڪهاڻيڪار جي طور تي ئي سڃاڻون ها. خود سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ”ڪوتا ڦلواڙي“ به شعري مجموعو آهي، جنهن ۾ دنيا جي 19 ڌار ڌار ملڪن ۾ ڳالهائجندڙ 26 مختلف ٻولين جي 112 شاعرن جا 215 نظم ڏنل آهن. سنڌي پڙهندڙن لاءِ دنيا جي ’وڻَ وڻَ جِي ڪاٺي‘ شاعريءَ جي اهڙي گھڻ رنگي اينٿالاجيءَ جو شايد ئي ڪو ٻيو مثال اسان وٽ موجود هجي. ڪهاڻيءَ جي کيتر ۾ وليرام صاحب جي پهرين ڪهاڻي ”پُشپ“ هئي، جيڪا  1973ع ۾ ”سهڻي“ رسالي ۾ ڇپي. سندس ٻيو افسانو ”خوشبو“ پڻ خاصو پسند ڪيو ويو. ان کانسواءِ هن مضمون ۽ تبصرا پڻ لکيا، جيڪي ”سهڻيءَ“ سان گڏوگڏ ”تخليق“ مخزن ۽ ٽماهي ”مهراڻ“ سميت ٻين مخزنن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ شايع ٿيندا رهيا.

سائين وليرام جي زندگيءَ جي لکيل ڪن احوالن ۾ سندس ڄم جو سال 1941ع ڄاڻايل آهي ته ڪن ۾ 1944ع... سائين وليرام پاڻ 2017ع ۾ پنهنجي ڏنل هڪ انٽرويوءَ ۾ پنهنجي چيلهار اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جو سال 1951ع ٻڌايو آهي. اسان وٽ عام طور ٻار 5 سالن جي ڄمار ۾ اسڪول داخل ڪيو ويندو آهي. ان حساب سان 1944ع ۾ ڄم وارو گمان وڌيڪ مضبوط لڳي ٿو. سندس جنم ته مٺيءَ ۾ ٿيو، پر پنهنجي پِتا، شري ڪيول رام لوهاڻي جي پوليس جي نوڪريءَ سبب لاڳيتين بدليُن جي ڪري ولڀ صاحب جو بنيادي تعليمي سلسلو مٺيءَ کانسواءِ ڪُنري، چيلهار ۽ سلام ڪوٽ ۾ به جاري رهيو، جڏهن ته سندس ننڍپڻ جا ڪي ڏينهن ڄاڻايل شهرن کانسواءِ ٽنڊي مٺا خان، کپري ۽ سانگھڙ ۾ پڻ گذريا. سندس پيءُ پوليس کاتي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل هو. بنيادي تعليم دؤران ئي کيس نامياري تاريخ نويسَ ۽ ”تاريخِ ريگستان“ جي ليکڪ ، رائچند هريجن جي شاگرديءَ ۾ اچڻ جو موقعو مليو، جنهن منجھس موجود ادب جي فطري چڻنگ کي اتساهه ڏنو. چيلهار ۾ پڙهندي ’پَنڊت پُونم چند‘ جهڙي استاد وٽ کيس هندي ۽ گجراتي سکڻ جو موقعو مليو، جنهن پڻ هن ساهتي هيرَي جي تراش خراش ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. انهن ٻن ٻولين جي سکڻ سان سنڌ کي اهو فائدو ٿيو جو اڳتي هلي ولڀ صاحبَ هنديءَ ۽ گجراتيءَ جُون شاهڪار تخليقون ترجمو ڪري سنڌي ادب جي بُڪ شيلف ۾ سجايُون. ان کانسواءِ سندس استادن ۾ استاد لڇمڻ داس، ضياءُالحق ۽ سندس ڳوٺ جي سماج سڌارڪ کيمچند آسناڻيءَ جي صحبت پڻ ولڀ صاحب جي شخصيت تي گهرا مثبت اثر مرتب ڪيا. ياد رهي ته کيمچند آسناڻيءَ جي لکيل آتم ڪهاڻي ”مون وٽ نڪا پيتي، نڪو ڪلف ڪنجي“ اڳتي هلي 2004ع ۾ وليرام صاحب ترتيب ڏيئي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائي.

پرائمريءَ جا ٽي درجا مختلف هنڌن تي پاس ڪرڻ پڄاڻان ولڀ صاحب ميٽرڪ جو امتحان 1959ع ۾ لوڪل بورڊ اسڪول مٺيءَ مان پاس ڪري، وڌيڪ تعليم لاءِ حيدرآباد هليو ويو. ميٽرڪ کانپوءِ مٺيءَ ۾ ڪاليج نه هئڻ سبب توڙي روزگار سانگي کيس مٺي ڇڏڻي پئي ۽ کپري، ميرپورخاص، ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ مختلف ننڍيون وڏيون نوڪريون ڪرڻيون پيون. وليرام ولڀ 1969ع تائين ٻيلي کاتي ۾ نوڪري ڪئي. پر پنهنجن پيرن تي بيهڻ واري جدوجهد ۾ سندس تعليمي سلسلو رُڪيو ڪونه ۽ هن حيدرآباد جي سچل ڪاليج مان 1964ع ۾ انٽرميڊيٽ ۽ سنڌيونيورسٽيءَ مان 1967ع ۾ اردو ادب ۾ ايم. اي. ڪئي، جڏهن ته 1969ع ۾ قانون جو امتحان پاس ڪري ايل. ايل. بيءَ جي ڊگري ماڻيائين. سندس علم جي طلب منجھس تعليمي سلسلو مسلسل جاري رکڻ جي پياس جاڳائيندو رهيو ۽ هن 1971ع ۾ سوشيالاجيءَ ۽ 1999ع ۾ ماس ڪميونيڪيشن ۾ پڻ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد هن ايم فل. جي ڊگري پڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ماڻي ۽ خواهش توڙي ڪوشش باوجود پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري مڪمل نه ڪري سگھيو. مٿي وليرام صاحب جي روزي ۽ روزگار جي سلسلي جو ذڪر پئي ڪيوسين، ته هو 1969ع کان هڪ ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ سان پڻ سلهاڙيو هو، جنهن سان زندگيءَ جا لڳ ڀڳ ٻه ڏهاڪا وابسته رهيو. جنهن بعد هو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري ۾ پبليڪيشن آفيسر ۽ ايڊيٽر طور وابسته ٿي ويو. کيس 1996ع ۾ سنڌ صوبائي ميوزيم حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر طور تعينات ڪيو ويو.

پنهنجي ادبي خدمتن جي شروعاتي دؤر ۾ ولڀ صاحب 1962ع جي لڳ ڀڳ گجراتي ٻوليءَ جي ڪهاڻيڪار ”ڌومڪيتو“ جي ڪهاڻي ”بهشت ۽ دوزخ“ گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي، جيڪا ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿي. جنهنجي اشاعت بعد ادبي حلقن مان سندس چڱي حوصلي افزائي ٿي. انهيءَ کانپوءِ سندس ترجمو ڪيل ڪهاڻين ۽ مضمونن جو سنڌيءَ جي ان دؤر جي لڳ ڀڳ سمورن ادبي مخزنن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ شايع ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ان سفر ۾ هن 1968ع ۾ ڪرشن چندر جو مشهور ناوليٽ ”غدار“ اردوءَ مان ترجمو ڪيو، جنهن جا هيل تائين چار ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن. 1977ع ۾ هن قرة العين حيدر جو ناول ”سيتاهرڻ“ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن جا پڻ ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. 1978ع ۾ سندس پاران ڪيل امرتا پريتم جي پنجابي ناول ”بند دروازو“ جو سنڌي ترجمو شايع ٿيو. 1980ع ۾ سندس ترجمو ڪيل پرڏيهي ڪهاڻين جو مجموعو ”ٽين دنيا جون ڪهاڻيون“ ۽ 1983ع ۾ اٽليءَ جي مشهور ڪهاڻيڪار ”البرٽو موراويا“ جي ڪهاڻين جو ترجمو ۽ ترتيب ”ٿڪل سُريت“ سان گڏوگڏ 2004ع ۾ پرڏيهي ڪهاڻين جو مجموعو”بهشت ۽ دوزخ“ جي نالي سان شايع ٿيس ۽ پوءَ اهو سلسلو مسلسل جاري رهيو. سنڌي ساهت کي لڳ ڀڳ 40 منفرد ۽ موچارا ڪتاب ڏيندڙ وليرام صاحب جي ڪريڊٽ تي مجموعي طور ”بهشت، دوزخ ۽ ٻيون ڪھاڻيون“ (ھندوستاني ڪھاڻين جو ترجمو)، ”غدار“ (ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو)، ”سيتا ھرڻ“ (قرة العين حيدر جي ناول جو ترجمو)، ”بند دروازو“ (امرتا پريتم جي ناول جو ترجمو)، ”ٽين دنيا جون ڪھاڻيون“ (ترجمو)، ”ٿڪل سُريت“ (اطالوي ڪهاڻيڪار ’البرٽوموراويا‘ جي ڪھاڻين جو ترجمو)، ”ٻارُ سنڌي ڪھاڻيءَ ۾“ (طبع زاد ٻالڪ ادب)، ”سدا ساوا پنَ“ (سوانحي مضمونن جو مجموعو)، ”ڌاريو“ (البرٽ ڪاميو جي ناول ”دي اسٽرينجر“ جو ترجمو)، ”پوئين پھر جا پانڌيئڙا“ (قرة العين حيدر جي ناول جو ترجمو)، ”اقبال“ (احمد نديم قاسميءَ جي علامه اقبال بابت لکيل ڪتاب جو ترجمو)، ”سنڌ ڪھاڻي“ (ڪيول ملڪاڻيءَ جي ڪتاب جو ترجمو)، ”ڀڳوت گيتا جو اڀياس“ (سار ديسائي ۽ بوس جي ڪتاب جو ترجمو)، ”منَ جي شانتي“ (ھنديءَ مان سنڌي ترجمو)، ”ڪوتا ــ ڦلواڙي“ (پرڏيھي شاعريءَ جي اينٿالاجي ــ چُونڊ ۽ ترجمو)، ”مٺڙا ڀاءُ“ (طبع زاد ڪھاڻيون)، ”زندگي سي ڪٽا هُوا ٽُڪرا“ (سندس ڪيل انٽرويوز ۽ ڪھاڻين جو اردو مجموعو)، ”يادون، ملاقاتون ۽ ڪجھه اڀياسَ“ (مهاڳَ، مضمونَ، يادگيريون ۽ تذڪرا)، ”ڪهاڻي ھنن جي“ (امرتا پريتم جي پنجابي ناول جو ترجمو)، ”ڇِتن ڪُتن جو مسيحا“ (سرويشور ديال سڪسينا جي ھندي ناول جو ترجمو)، ”ائنا ڪرينينا“ (ليو ٽالسٽاءِ جي رُوسي ناول جو ترجمو)، ”سُمھيل پاڻي“ (سرويشور ديال سڪسينا جي ھندي ناول جو ترجمو)، ”ڪارو ڪتاب“ (عابد سُورتيءَ جي ھندي پُستڪ جو ترجمو)، ”امريڪي ۽ لاطيني امريڪا جون ڪھاڻيون“ (ترجمو)، ”نيڻ تارا ۽ ٻيون ڪھاڻيون“ (اردو ۽ ھندي ڪھاڻيون)، ”يورپي ڪھاڻيون“
 (ترجمو)، ”ڏُور ــ اوڀر جون ڪھاڻيون“ (ترجمو)، ”لو“
 (شمشيرالحيدريءَ جي شعري مجموعي ”لاٽ “ جو اردو ترجمو)، ”زندگيءَ جو ھڪ ڪپيل ٽڪرو ۽ ٻيون ڪھاڻيون“ (طبع زاد ــ پهريون ڪهاڻي ڪتاب واڌارن سان)، 1984ع ۾ شايع ٿيل چئن انقلابي ليکڪن محمود درويش، يشپال، پئبلونرودا ۽ لورڪا تي لکيل سوانحي مضمونن جو مجموعو ”سدا ساوا پن“، ”مون وٽ نه ڪا پيتي، نڪو ڪلف ڪُنجي“ (ڀڳت کيمچند آسناڻيءَ جي آتم ڪٿا)، ”جي مارن مُون ڏي مُڪا“ (ھند ۽ سنڌ جي ليکڪن جا ڏانهس لکيل خطَ)، ”سنيھڙا“ (ڌيئرن پشپا ولڀ ۽ گوري ولڀ پاران کيس لکيل خطَ)، ”مُکا ميلو“ (سندس ورتل انٽرويوز)، ”جانورن جي عجيب دنيا“ ۽ ٻيا ڪجھه ڪتاب شامل آهن. هنن ڪتابن مان اڪثر ڪتاب يا ته فِڪشن (ڪهاڻين ۽ ناولز) جا ترجما آهن، يا وري ڪجھه شاعريءَ جا مجموعا... جن منجھان واضح آهي ته وليرام صاحب بنيادي طور يا ته شاعر هو، يا فڪشن نويس ۽ سندس چاهه جا شعبا به اهي ئي هئا.

وليرام صاحب ڪهاڻيءَ ۽ شاعريءَ جي شعبي ۾ شروعات ڪرڻ جي باوجود پنهنجي سڃاڻ انهن شعبن ۾ نه جوڙي ۽ کيس سندس ڪيل ترجمن رستي پڙهندڙن پاران وڌيڪ ستائش ملي، جنهن جو ذڪر ڪندي هن پاڻ هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هئائين: ”مون محسوس ڪيو ته منهنجو شايد ترجمو سٺو آهي، جو ان جي گُهر ڪئي وڃي ٿي. مون هر ترجمي جي چونڊ پاڻ ڪئي.“ ان ترجمي ۽ تخليق جي ادبي خدمتن کانسواءِ هن ڪن مخزنن ۽ ڪتابي سلسلن جهڙوڪ: ”سهڻي“ ۽ ”سنڌي ساهت“
 (1979ع) ۾ ٻانهن ٻيليءَ جي حيثيت سان ۽ محترم ظفر حسن جي ساٿ سان ”عالمي ادب“ ۽ ”آرسيءَ“ جهڙن مخزنن ۾ پڻ ادارتي خدمتون انجام ڏنيون. ان زماني ۾ ”آرسي“ مخزن جا پنج ضخيم جلد شايع ٿيا، جيڪي سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکن ٿا ۽ سنڌي ساهت ۾ ”آرسيءَ“ جهڙي مخزن جي سدائين گهرج محسوس ڪئي ويئي آهي. ان کان علاوه وليرام صاحب، سنڌالاجيءَ جو ڇهه ماهي ادبي جرنل ”سنڌي ادب“ به سهيڙيندو رهيو. وليرام ولڀ جي هڪ ڪهاڻي ”ليڪا نه اورانگهڻ جهڙا“ انگريزي ٻوليءَ ۾ ”بيريئرس، ديٽ رمينڊ“ جي عنوان سان ترجمو ٿي، ’پينگئن بُڪس‘ جي ڀارتي ايڊيشن ”اي ليٽر فرام پاڪستان“ ۾ به شايع ٿي چڪي آهي.

معياري ترجمو، تخليق کان وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته تخليق کي تبديل ڪرڻ جو اختيار تخليقڪار وٽ پاڻ وٽ ئي هوندو آهي ۽ مترجم، تخليقڪار جي خيال کي تبديل نٿو ڪري سگھي. ان کي ئي فقط ٻي ٻوليءَ جو ويس پارائي ٿو. ان مشڪل ۽ اهم ادبي ڪرت کي انجام ڏيندڙ چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماهرن ۽ دانشورن مان هڪ اهم ۽ منفرد هڳاءَ وارو گُل، ”ساهت ــ ڦُلواڙيءَ“ مان ڇڻي ويو ۽ اڄاتل حيات جو ”ڪارو ڪتاب“ لکڻ لاءِ ان دروازي جي پرئين پار هليو ويو جنهنجو نه ”ڪنهن وٽ نه ڪو ڪُلف آهي، نڪا ڪُنجي“...

سنڌيڪار: يوسف سنڌي

 

 

 

 

بورس پاسترناڪ ۽ سندس ناول ڊاڪٽر زواگو

 

بورس پاسترناڪ جو ناول ”ڊاڪٽر زواگو“ لکجي ته 1956ع ۾ پورو ٿيو، پر اهو سوويت يونين ۾ 1988ع کان اڳ ڇپجي نه سگهيو. ’ڊاڪٽر زواگو‘ ناول ۽ ان جي ليکڪ بورس پاسترناڪ جي ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ آهي.

بورس پاسترناڪ 1890ع ۾ ماسڪو ۾ جنم ورتو، سندس پيءُ ’ليوندپاسترناڪ‘ ماسڪو جي ’اسڪول آف پينٽنگ‘ ۾ پروفيسر هو، سندس تعارف جو وڏو حوالو اهو آهي ته ناليواري اديب ٽالسٽاءِ جي ڪتابن ۾ موجود مصوري ’پاسترناڪ‘  جي ڪيل هئي، بورس جي امڙ ’روساڪو فمينز مختلف موسيقيءَ جي محفلن ۾ وڃي ’پيانو‘  وڄائيندي هئي، اهوئي سبب هو، جو سندس ڪُٽنب ۾ نه رڳو اديبن جو اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو هو، پر موسيقارن جو به.

بورس، شروعاتي تعليم يوڪرين جي هڪ يهودي اسڪول ۾ حاصل ڪئي، ان کان پوءِ موسيقيءَ جي تعليم ماسڪو ۾ ۽ فلسفي جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جرمني ويو. روس واپس وريو ته سندس شاعري ڇپجڻ لڳي، پهرين مهاڀاري جنگ شروع ٿي ۽ ان دؤران روس ۾ انقلاب اچي ويو ته ’بورس پاسترناڪ‘ جا ڪيترائي مٽ مائٽ روس ڇڏي ويا، پر بورس روس ۾ ئي رهڻ پسند ڪيو، سندس شاعريءَ جو مجموعو ”زندگي: منهنجي ڀيڻ“ جي نالي سان 1922ع ۾ ڇپيو، ان سان گڏ شڪسپيئر، گوئٽي ۽ ٻين اديبن جي لکڻين جا ترجما به ڪندو رهيو.

بورس پاسترناڪ جي قلم مان سرجندڙ عالمي طور تي مشهوري ماڻيندڙ ناول ”ڊاڪٽر زواگو“ ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ لکجي پورو ٿيو. ان جا ڪجهه حصا 1910ع واري ڏهاڪي ۾، ڪي وري 1920ع ۾ لکيا ويا. البت اهو 1956ع ۾ لکجي پورو ٿيو. پاسترناڪ اهو ناول لکي روسي ادبي مخزن ”نوئي مير“ ۾ ڇپجڻ جي لاءِ موڪليو، پر رسالي جي ايڊيٽر اهو ”سوشلزم“ ۽ سوويت نظام جي خلاف ڏيندي ڇپڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بهرحال جيڪا شيءِ لکجي پوري ٿي، ان کي ڇپجڻ کان ڪير ٿو روڪي سگهي. ڊاڪٽر زواگو 1957ع ۾ ڇپيو، پر روس بدران اٽليءَ ۾. روس ۾ ڇپجي نه سگهڻ جو سبب اهو هو ته ان ۾ سوويت يونين جي مسئلن جي باري ۾ ڳالهايو ويو هو، اتي جي انقلابي طبقي سمجهيو ٿي ته اهو سوويت نظام جي خلاف آهي، ان ناول بورس پاسترناڪ کي عالمي سطح تي شهرت بخشي. اهو ناول ايترو ته مشهور ۽ مقبول ٿيو جو جلدئي اهو دنيا جي ارڙهن ٻولين ۾ ترجمو ٿيو. ان ناول جي وڏي پئماني تي اشاعت ۾ آمريڪي ڳجهي اداري ’سي.آءِ.اي‘ به غير معمولي دلچسپي ورتي. سي.آءِ.اي جو خيال هو ته اهو ناول پڙهڻ سان سوويت يونين جي شهرين کي پنهنجي حڪومتي نظام جي خرابين جي خبر پوندي ۽ وري سندن سامهون رياستي جبر جو اهو ثبوت به سامهون ايندو ته هڪ مقبول ناول نگار جي ناول کي روس ۾ ڇپجڻ نه ڏنو ويو.

ناول سوويت يونين مان ٻاهر ڪيئن ويو؟

اها به هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي، جڏهن بورس پاسترناڪ کي چڱي طرح اندازو ٿي ويو ته ناول سندس ملڪ ۾ ڇپجي نٿو سگهي، ڪميونسٽ ڪنهن به صورت ۾ اهو سهي نه سگهندا، تنهنڪري پنهنجي ناول جا ٽائپ ٿيل مسودا ڪيترن ئي پرڏيهي مهمانن کي ڏنا ته هُو ٻاهرين ملڪ ۾ ان جي اشاعت جو ڪو بندوبست ڪرائين، انهن مان هڪ اطالوي صحافي ’جيابخياڪو فلٽرينيلي‘ به هو، جيڪو ماسڪو ۾ ڪم ڪندو هو، هُو صحافت سان گڏ هڪ اطالوي پبلشر جي ايجنٽ طور به ڪم ڪندو هو.

هُو 9 مئي 1956ع جي هڪ ٻپهريءَ جو بورس پاسترناڪ سان ملڻ سندس گهر پهتو، بورس ماسڪو کان ٻاهر اديبن جي هڪ رهائشي ڪالونيءَ ۾ رهندو هو، جڏهن ’جيابخاڪومو فلٽرينيلي‘ 66 سالن جي اديب جي گهر پهتو ته هُو پنهنجي باغيچي ۾ ڪم ڪري رهيو هو، بورس هن کي ڏٺو ته مُرڪندي باغيچي مان ٻاهر نڪتو، مهمان سان گهڻي گرمجوشيءَ سان مليو، ٿوري دير پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪيائون، مهمان جي خدمت چاڪري ٿي ۽ پوءِ موڪلائڻ مهل بورس غير ملڪي مهمان کي پنهنجو مسودو ڏنو، ناول نگار اميد ظاهر ڪئي ته اهو ناول سوويت يونين کان ٻاهر جي دنيا جي سامهون اچي ويندو، ۽ پوءِ تلخي ۽ طنزيه لهجي ۾ چيو، ”آءٌ توکي فائرنگ اسڪواڊ جي سامهون آڻڻ جي موقعي تي مدعو ڪريان ٿو، ضرور اچجو.“

سوويت يونين عملدارن کي اندازوئي نه هو ته اطالوي صحافي ڪيڏو نه خطرناڪ هٿيار پاڻ سان گڏ اٽلي کڻي وڃي رهيو آهي.  ڪنهن جي اهو وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ماسڪو جي ڀرسان ”تيار ٿيندڙ هٿيار“ سي.آءِ.اي جي هٿ چڙهندو ۽ اهو سوويت يونين جي خلاف ئي استعمال ٿيندو، حقيقت ته اها آهي ته اهو سڀڪجهه بورس پاسترناڪ جي به وهم ۽ گمان ۾ نه هو، ماسڪو مان رواني ٿيڻ مهل ’جيابخياڪوموفلٽرينيلي‘ جي سامان جي جهڙتي نه ورتي ويئي، ڇو ته صحافين جي سامان جي تلاشي نه ورتي ويندي هئي، ائين ناول جو مسودو ڪاميابي سان پبلشر تائين پهچي ويو. جلد ئي پبلشر ۽ بورس جي وچ ۾ معاهدو ٿي ويو، ان دوران سوويت عملدارن کي خبر پئجي ويئي، هنن پبلشر سان رابطو ڪيو ۽ مٿس زور ڀريو ته هو ان ناول جو اطالوي ترجمو نه ڇپي، پر ناول 1957ع ۾ شايع ٿي ويو.

ڪجهه وقت کان پوءِ اهو ناول برطانيه جي ڳجهي اداري ”ايم.آءِ.سڪس“ جي هٿ لڳو. برطانوي عملدارن جو خيال هو ته اهو آمريڪين جي لاءِ مفيد هٿيار هوندو، سي.آءِ.اي ناول ”هيگ“ مان روسي ڪتابن جي هڪ پبلشر کان شايع ڪرايو، پر اهڙي ته رازداري سان جو ڪنهن کي احساس ئي نه ٿيو ته ان معاملي ۾ آمريڪي ملوث آهن، ڊاڪٽر زواگو روسي زبان ۾ ڇپيو ته بيلجم (برسلز) ۾ ڪوٺايل نمائش ۾ ايندڙ روسي مهمانن کي ان جون ڪاپيون پيش ڪيون ويون، انهن مهمانن هڪدم ناول جو ڪور ڦاڙي ساڙي ڇڏيو، ۽ ناول جي صفحن کي ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايو، ته جيئن اهو لڪائڻ ۾ آساني رهي.

ٻي پاسي اها خبر بورس پاسترناڪ جي ڪنن تائين به وڃي پهتي، هن پئرس ۾ هڪ دوست کي نياپو موڪليو ۽ کانئس پڇيو ته ڇا واقعي ڊاڪٽر زواگو ڇپجي ويو آهي، دوست خبر جي تصديق ڪئي.

ڪجهه وقت کانپوءِ سي.آءِ.اي هالينڊ مان اهو ناول روسي زبان ۾ ڇپرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اطالوي پبلشر کي خبر پئجي ويئي، جنهن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن اهو ناول ڪنهن ٻي هنڌان روسي زبان ۾ ڇپيو ته هو قانوني ڪاروائي ڪندو، تنهنڪري سي.آءِ.اي طرفان کيس چڱي خاشي رقم ڏيئي راضي ڪيو ويو، پوءِ اهو سي.آءِ.اي آمريڪا مان ڇپرايو ۽ هڪ جعلي پبلشر جو نالو استعمال ڪيو ويو ۽ ان جون ڪاپيون 1959ع جي ”عالمي فيسٽيول آف يوٿ“ ۾ ايندڙ سوويت يونين ۽ اوڀر يورپ جي نوجوانن کي ڏنيون ويون. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان فيسٽيول جو بندوبست ڪميونسٽن ڪيو هو ۽ کين خبر ئي نه پئي ته ان ميلي ۾ سي.آءِ.اي ڇا ڪرڻ واري آهي، نوجوانن کي چيو ويو ته هو اهو ناول پڙهن، پر پنهنجي ملڪ کڻي نه وڃن.

جڏهن ناول کي نوبيل انعام مليو:

آڪٽوبر جي مهيني ۾ ان ناول تي بورس پاسترناڪ کي 1958ع جو ادب جو نوبيل پرائز ڏنو ويو، ان جي ڪهاڻي به ڏاڍي عجيب ۽ افسوسناڪ آهي، جڏهن کيس نوبيل انعام ملڻ جي خبر پکڙي ته سڄي دنيا ”ڊاڪٽر زواگو“ جي ڳولا ۾ نڪري پئي، نوبيل انعام جي اعلان کان پوءِ ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ اهو ناول لکن جي تعداد ۾ وڪرو ٿيو، ٻي پاسي سوويت يونين ۾ ان ناول جي خلاف سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، بورس کي غدار چيو ويو ۽ مٿس ڪيترائي الزام هنيا ويا، بورس ان سڄي صورتحال جي ڪري سخت مايوس ٿيو ۽ هن سوويت يونين جي اڳواڻ ”نڪيتا خروشچيف“ کي اپيل ڪندي چيو:

”آئون پنهنجو جنم، پنهنجي زندگي، پنهنجو نالو ۽ ڪم سڀني کي روس جو صدقو ٿو سمجهان، آئون اهو سوچي به نٿو سگهان ته روس کان ٻاهر، روس کان ڌار رهي منهنجي ڪا حيثيت ٿي سگهي ٿي، مون کان ڀلي ڪهڙي به غلطي ٿي هجي، پر منهنجي گمان ۾ اهو نه هو ته آئون پنهنجو پاڻ کي ڪنهن سياسي مهم جو مرڪز بنجندي ڏسان، مادرِ وطن کان ٻاهر رهڻ، ان جي سرحدن کان پري ٿيڻ، منهنجي لاءِ موت کان گهٽ ڪونهي، آئون التجا ٿو ڪريان ته مون کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي ۽ اها سخت ڪاروائي ۽ اها سزا مون تي نه آزمائي وڃي، آئون پنهنجي دل تي هٿ رکي چئي سگهان ٿو ته مون سوويت ادب جي ٿوري گهڻي خدمت ضرور ڪئي آهي ۽ آئينده به ان جي لاءِ مفيد ٿي سگهان ٿو.“

ان جي باوجود به ملڪ ۾ ليکڪ جي خلاف فضا خراب رهي، نتيجي ۾ بورس اهو انعام قبولڻ کان معذرت ڪندي، انعام ڏيڻ واري ڪميٽيءَ کي لکيو:

”آئون جنهن سوسائٽيءَ جو فرد آهيان، ان ۾ ان انعام کي جيڪا معنيٰ ڏني ويئي آهي ان جي ڪري آئون اهو انعام قبول ڪري نٿو سگهان.“

ان هوندي به سوويت ميڊيا (جيڪا سرڪاري ڪنٽرول ۾ هئي) لڳاتار بورس کي چٿر ۽ تنقيد جو نشانو بنائيندي رهي، نيٺ بورس ڦڦڙن جي ڪئنسر ۾ مبتلا ٿي 30 مئي 1960ع جي شام جو گذاري ويو، سندس آخري لفظ هئا:

”آئون چڱي طرح ٻُڌي نه پيو سگهان، منهنجي اکين جي سامهون جهڙوڪر اونداهي آهي، پر اها ختم ٿي ويندي.... ها نه....؟ سڀاڻي صبح جو دري کولڻ متان وسارين.“ ان کان پوءِ بورس پاسترناڪ وڌيڪ هڪ لفظ به ڳالهائي نه سگهيو ۽ گذاري ويو، سندس آخري رسمن ۾ ڊپ ۽ پابندين جي باوجود هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.

1964ع ۾ جڏهن خروشچيف کي اقتدار مان ڪڍيو ويو ته هن ”ڊاڪٽر زواگو“ پڙهيو، ۽ پڇتائيندي چيائين: ”ڪاش! هُو هن ناول جي ڇپائيءَ ۾ رڪاوٽ نه بنجي ها.“ 1965ع ۾ هن ناول تي هڪ فلم به ٺهي، جنهن کي آسڪر ايوارڊ مليو، سوويت يونين ۾ هيءُ ناول 1988ع ۾ تڏهن ڇپيو، جڏهن سوويت يونين جو خاتمو ٿيڻ وارو هو، جبر جو نظام هلائيندڙن ۾ باقي دم خم نه رهيو هو ۽ انهن جون لاڳو ڪيل پابنديون پاڻمرادو ختم ٿي ويون.

هن ناول جي باري ۾ بورس پاسترناڪ جو چوڻ هو: ”مون هن ناول ۾ جيڪي تاثرات لکيا آهن، اهي حقيقي آهن، مون دل جي گهراين سان اهي پيش ڪيا آهن، مون هڪ فنڪار جي حيثيت سان جيڪو ڏٺو اهو لکي ڇڏيو. آئون جنهن دور ۾ رهان ٿو، ان جي باري ۾ ئي لکيو اٿم.“

هيءُ ناول ليکڪ جي جيون ڪهاڻي ڪونهي، پر اهو ان دور جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هُو رهندو هو، جيڪو ڏاڍو ڏکيو دور هو، ”ڊاڪٽر زواگو“ کي پروپيگنڊائي ناول قرار نٿو ڏيئي سگهجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سي.آءِ.اي ان مان فائدو ورتو ۽ ان کي سوويت يونين جي خلاف پروپيگنڊائي مهم جو حصو بنايو، تاريخ ۾ ڪيترائي پروپيگنڊائي ناول لکيا ويا آهن، پر ”ڊاڪٽر زواگو“ انهن ۾ شامل ڪونهي.

”ڊاڪٽر زواگو“ جو سنڌي ترجمو محترم رئوف نظاماڻي ڪيو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org