مخدوم سليم الله صديقي
مخدوم نوح عليھ
الرحمـة
الله رب العزت انسان کي خلقيو ۽ ان ۾ پنهنجو روح
ڦوڪيو، ”وَنَفَخْتُ فِيْهِ مِنْ رُّوْحِيْ“
ان سان گڏ اها رمز پڻ مٿس واضح ڪيائين، ”کل
شيءِ يرجع الا اصله“
يعني هر ڪا شيءِ پنهنجي اصل طرف موٽي ٿي. هن دنيا
جي زندگي ڄمڻ کان مرڻ تائين حجابن جي عجيب نظام ۾
وڪڙيل آهي، جنهن ۾ انسان ڀٽڪندو رهي ٿو.
حجابن ڪيو هيڻو، هوت پسجي ڪين،
ڇڏي پچر جي، نه، جهڪي ڏس جانب کي.
(سليم)
دنياوي معاملات حجابي سرن جا قلعا آهن، جڏهن انهن
کي مٺي محمّد ﷺ جن جي ٻڌايل واٽن تي هلي اورانگهبو
ته حقيقي خالق سان واصل ٿيڻ جي خوشبو اچڻ لڳندي.
حضرت مخدوم نوح به تصوف ۽ عرفان جي جنهن بلند
مرتبي کي ماڻيو، اهو عشق رسولؐ ۽ اتباع سنت تي
ڪاربند رهندي حاصل ڪبو. اهوئي سهرورديه سلسلي جو
ابتدائي سبق پڻ هو، جيڪو سندن خاندان ۾ شروع کان
هلندڙ هو.
مخدوم صاحب جي ولادت باسعادت 27 رمضان المبارڪ
911هه ۾ ٿي. سوني تي سهاڳ چئجي ته اها جمعه جي رات
پڻ هئي. سندن والد گرامي مخدوم نعمت الله ان کي رب
جي خاص ڀلائي ڄاڻندي مٿس نالو لطف الله رکيو، پر
هڪ مجذوب، اللهج واري بزرگ جي وصيت ڪري
نوح سڏيو ويو، جيڪو وقت گذرڻ سان مخدوم نوح جي
نالي سان زبان عام ٿيو.
سندن هن دنيا ۾ وارد ٿيڻ جي بشارت شيخ ڀرڪيو
ڪاتيار ڏني.
حضرت مخدوم جي هن دنيا ۾ اچڻ واري ڪجهه سالن کي
سنڌ سونهاري جو امن ۽ علم وارو زمانو چئجي ته
وڌاءُ نه ٿيندو. خانقاهن ۽ مڪتبن عوام جي دلين ۾
خاص مقام حاصل ڪري ورتو هو، سنڌ جي سونهن ۽ خوشبو
کان متاثر ٿي، ٻين ملڪن جا نالي وارا ولي ۽ عالم
هميشه لاءِ اچي هتي آباد ٿيا، ٺٽي ۽ پاٽ شريف ۾
بلندپايي جي عالمن جنم ورتو. ان جو هڪ ڪارڻ ان دور
۾ ڄام نظام الدين سمي عرف ڄام نندي جي پذيرائي
هئي. هُو پاڻ به عالم، شاعر ۽ خاص ڪردار جو مالڪ
هو، حضرت مخدوم نوح اڃان ٽن سالن جا صغير هئا ته
ڄام نندي 914هه ۾ هن فاني دنيا کي خيرباد چيو.
جنهن جو منفي اثر سنڌ جي سياسي سماجي، علمي ۽
روحاني خانقاهن تي پوڻ شروع ٿيو. ڄام نندي جو
فرزند ڄام فيروز تخت نشين ته ٿيو، پر هُو ان رتبي
جو حق ادا نه ڪري سگهيو. انهن ئي ايامن ۾ مهدوي
تحريڪ ۽ بلاولي تحريڪ جا اثرات پڻ ڏسي سگهجن ٿا.
مخدوم نوح جي دور ۾ سنڌ تي هيٺين حاڪمن جو زمانو
هو:
1)
ڄام نظام الدين (ڄام نندو) وفات 914هه/ 1508ع
2)
ڄام فيروز 927هه/1521ع ۾ شاهه بيگ ارغون کان شڪست
کاڌي
3)
مرزا شاهه بيگ ارغون وفات 928هه/1522ع
4)
مرزا شاهه حسن ارغون وفات 962هه/1554ع
5)
مرزا عيسيٰ وفات 974هه/1566ع
6)
مرزا محمد باقي ترخان وفات 993هه/1585ع
7)
مرزا جاني بيگ ترخان وفات 1009هه/1600ع هن کي
عبدالرحيم خان خانان 1000هه/1591ع ۾ شڪست ڏئي سنڌ
کي اڪبر بادشاهه جي ماتحت ڪيو.
حضرت مخدوم مڪرم جي ابتدائي دؤر کان جيڪڏهن پوري
هندستان جي حڪمرانن تي نظر وجهبي ته ان مان سياسي
۽ سماجي حالتن جو اندازو ٿئي ٿو:
1.
سڪندر لوڌي 1489 کان 1517ع تائين
2.
ابراهيم لوڌي 1517 کان 1526ع تائين
3.
مغل حڪمران بابر 1526 کان 1530ع
4.
همايون بادشاهه پهريائين ڏهه سال 1530 کان 1540ع
تائين حڪمران رهيو، پر شير شاهه سوري کان شڪست بعد
اقتدار کان هٽيل رهيو، ڪجهه ڏينهن پاٽ شريف سنڌ ۾
اچي رهيو، جت حميده بانو بيگم سان سندس شادي ٿي،
انهيءَ سفر دوران ئي کيس اڪبر ڄائو.
5.
همايون ٻيهر اقتدار ماڻيو (1555ع)
6.
اڪبر بادشاهه (1556 کان 1605ع)
انساني معاشري ۾ جڏهن به ابتر حالات جنم وٺندا آهن
ته الله رب العزت پنهنجي ٻانهن جي رهنمائي لاءِ
پنهنجا خاص ٻانها موڪليندو آهي، جيئن حضرت مخدوم
پنهنجي دور ۾ سياسي ۽ سماجي ابترين کي روحاني ۽
علمي رهنمائيءَ ذريعي امن جو پيغام ڏنو، جنهن سان
بي راهه، بي چين ۽ پريشان انسانن کي سڪون جو ساهه
نصيب ٿيو.
ٻالڪپڻ ۽ تعليم:
حضرت مخدوم نوح جن جو سينو مبارڪ الله رب العزت
ايترو ته روشن ۽ سنواريل خلقيو جو دنياوي علم ۽
ظاهري حقيقتون سندس آڏو ڄڻ ثانوي حيثيت رکنديون
هيون، اهو تحفو کين ڄمندي ئي مليو هو.
اندر جن اجرو، اچارن اکر ڪين،
نڪو ڄاڻن جي، نه، مڪتب تن آسري.
(سليم)
حضرت مخدوم سائين جڏهن ستن ورهين جا ٿيا ته گهر جي
ماحول پٽاندر کين ڪلام الله شريف پڙهڻ لاءِ
ويهاريو ويو، سندن استاد محترم مخدوم عربي عرف
شاهڏنو وقت جو ڪامل ولي ۽ حضرت شاهه عبداللطيف
ڀٽائي جو نانو هو. هن بزرگ وٽ مخدوم محترم
پنجويهه سيپارا برزبان پڙهيا، ڪجهه روايتن موجب ٻه
ٽي فقه جا ڪتاب پڻ پڙهيائون.
مخدوم عربيؓ وٽ هڪ وڏي عمر جو خٿابي ڪلام الله جي
تعليم حاصل ڪرڻ ايندو هو. ان کي حضرت مخدوم نوح
نه رڳو صحيح انداز ۾ پڙهڻ سمجهائيندا هئا، بلڪه
معنيٰ ۽ تفسير به اهڙو ته سمجهائيندا هئا، جو هو
حيران ٿي ويندو هو، ته صغير ٻار ڪيئن ٿو فصاحت سان
آيتن جو تفسير بيان ڪري.
مخدوم محترم پاڻ ان جو اظهار ڪيو هئائون، ته مون
کي پيغمبر آخرِ زمان ﷺ جن کان چار شيون عطا ٿيون:
(1) ذڪر (2) تفسير قرآن (3) حديث جي وضاحت ۽
سمجهاڻي (4) خواب جي تعبير (سڪينـﺔ الروح)
محمد غوثي مانڊوي شطاري پنهنجي فارسي تحرير
”گلزارِ ابرار“ 1022هه ۾ مڪمل ڪئي، جنهن جو سنڌي
ترجمو مخدوم عبدالجبار صديقي مصطفائي پاٽائي 2009ع
۾ مڪمل ڪيو، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو،
”گلزارِ ابرار“ کي اسين حضرت مخدوم نوح جي همعصر
مصنف جي تحرير چئي سگهون ٿا، هُو لکي ٿو:
مخدوم نوح هالا ڪنڊي جي ياد ۾:
پاڻ سنڌ جي بزرگ مشائخن مان آهن، مسيح القلوب
(حضرت مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جـــندالله پاٽائي
ثم برهانپوري) کان روايت آهي ته شيخ يوسف (پاٽائي)
رسمي علمن ۾ سندس هم درس هو ۽ اهي چوندا هئا ته
کيس هڪ دفعي جذب ٿيو، ان کان پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد
سندن زبان ۾ ڳالهائڻ جي طاقت پيدا ٿي، ان جي
باوجود جو علم نحو نه ڄاڻندا هئا، پر قرآن پاڪ جو
تفسير پاڻ ڪيترن ئي طريقن سان بيان ڪندا هئا، سنڌ
جا ۽ گهڻو ڪري ٺٽي جا عالم امتحان لاءِ اچي هرهڪ
فن جا مشڪلات سندن سامهون پيش ڪندا هئا. پاڻ فوراً
هڪ روشن جواب سان خدشن کي ختم ڪري ڇڏيندا هئا، ۽
معترض کي معتقد بڻائي ڇڏيندا هئا. حڪيم عثمان
بوبڪائي کان روايت آهي ته مان هڪ ڏينهن مخدوم جي
خدمت ۾ ويس ۽ چاهيم ته علم جا ڪمالات حاصل ٿيڻ
لاءِ دعا لاءِ عرض ڪيان، اڃان اها ڳالهه مون بيان
ئي ڪانه ڪئي ته پاڻ فرمايائون ته ”وتقوالله يعلکم“
(الله کان ڊڄندو رهه هُو توکي علم نصيب ڪندو) ان
ڏينهن کان منهنجو خوف ۽ علم ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو
رهي. ڪي چون ٿا ته قرآن پاڪ جي معنيٰ جي تعليم کين
الله جي طرف کان آهي، ڪن جو هي بيان آهي ته خضر
کان اٿن ۽ ڪي روايت ٿا ڪن ته هڪ بزرگ خراسان کان
هن ڳوٺ ۾ آيو هو. ان جي تلقين سان ملين جو ڪجهه
ملڻو هئن.“ (گلزارِ ابرار)
سيوهڻ جي ڪتبخاني ۾ گلزار ابرار جا ٻه اوائلي ڇاپي
نسخا:
حڪيم مخدوم محمد حسن سيوهاڻي صديقيءَ جي ڪتبخاني ۾
1326هه بمطابق 1908هه ۾ مطبع مفيد عامه آگره مان
شايع ٿيل اردو ترجمو ۽ ان ساڳئي مفيد عام آگره
واري ڇاپي جو عڪسي ڇاپو سمن آباد لاهور 1975ع ۾
شايع ٿيل نسخا موجود آهن.
ان قديم نسخي جي آخري 36 خالي ورقن تي جيڪي بعد ۾
مٿان ڪيل پڪي جلد ۾ لڳايل آهن، انهن تي به عنوان
”فهرست“ شرح تحرير ڪيل آهي، جنهن ۾ حضرت مخدوم نوح
لاءِ لکيل آهي ته:
حضرت مخدوم نوح :
”هالڪنڊي ۾ سندس زيارتگاهه آهي، شيخ يوسف سنڌي
ڏاڏو حقيقي مسيح الاولياء (حضرت شيخ عيسيٰ جندالله
پاٽائي ثم برهانپوري) جو ۽ پيءُ شيخ طاهر محدث
(پاٽائي) جو مخدوم صاحب (مخدوم نوح ) جو همدرس هو
۽ مخدوم سرور پير قدس سره جي قرابت شيخ يوسف
سنڌيءَ سان پاٽ ڳوٺ ۾ هئي.
سرور پير جو قبيلو سابقين پاٽ ڳوٺ ۾ مقيم هو، پوءِ
بوبڪن جي شهر ۾، سيوهڻ ۽ لڪعلوي کان ڀاڻوٽ کان آخر
هالڪنڊي ۾ سرور پير جو پيءُ جهان ۾ پڌرو ٿيو.
مخدوم نوح پٽ مخدوم نعمت الله پٽ اسحاق ڀاڻوٽي پٽ
شهاب الدين پاٽائي پٽ فخرالدين پاٽائي سيوهاڻي
لڪعلوي هن کي صغير ڪري به لکن ٿا.“ (حواشيو گلزارِ
ابرار)
حضرت مخدوم نوح جي ان هم درس ساٿي شيخ يوسف سنڌي
متعلق بياض رقعات قاضي عبدالرسول سيوستاني (قلمي)
موجود سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ۾ ڄاڻائي ٿو ته:
”شيخ مبارڪ بن خضر پنهنجي فرزند ملا فيضي کي هڪ خط
۾ لکي ٿو ته ”بپدرم شيخ خضر و شفقت بسيار داشته
اند رفته داد خواهي کرد همچين بخدام شيخ يوسف
سندهي که سيار هفتم اقليم است و بيست حج گذاشته
بودند، بر احوال پدران اطلاع داشت.“
يعني شيخ مبارڪ جي والد شيخ خضر تي شيخ يوسف
سنڌيءَ جي عنايت ۽ شفقت تمام گهڻي هئي، انهيءَ ڪري
لکي ٿو ته اسين سڀ شيخ يوسف سنڌي جا خادم آهيون،
جو هفت اقليم جو سيلاني آهي، ويهه حج ڪيل اٿس ۽
اسان جي وڏن جي حال کان واقف آهي.“
تصوف ۽ مخدوم نوح :
حضرت مخدوم نوح جن پاڻ فرمايو ته، ”هي فقير اڃان
بلوغت کي نه پهتو هو ته ستر هزار نور و ظلمات جي
پردن کان لنگهي ويس ۽ جڏهن بلوغت کي پهتس ته
”موتوا قبل ان تموتو“ جو سڄو راز ظاهر ٿيو، پوءِ
جڏهن 14 ورهين جو ٿيس ته حضرت عيسيٰ ۽ حضرت محمد
رسول ﷺ جن جي زيارت نصيب ٿي ۽ حضرت ابوبڪر صديقؒ ۽
حضرت علي ؒ جـــي فيض کان مشرف ٿيس، پوءِ هي فقير
اولياء الله جي اويسي طريقي ۾ داخل ٿيو. (حديقـﺔ
الاولياء)
مخدوم معظم جن خانداني لحاظ کان کين ورثي ۾ ته
سهرورديه سلسلي جي طريقت ۽ تلقين ملي، پر پاڻ ظاهر
۾ ڪوبه مرشد نه ورتو هو ۽ هر وقت رب ڪريم جي ذڪر ۾
مشغول رهندا هئا. اهڙا خالق حقيقي جا عاشق جن کي
ڪو ظاهري مرشد نه هوندو آهي، فقط ذڪر ۽ زهــد
وسيلي الله رب العزت جي وصال کي حاصل ڪن ٿا. اهڙن
فقيرن کي اويسي جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي.
اويسي طريقي جي نسبت حضرت ابوعامر اويس قرنيؓ سان
آهي، جيڪو پاڻ ڪريمﷺ جن جو پرپٺ سچو عاشق هو.
تصوف خاص ڪري اسلامي تصوف جو بنيادي تصور هڪ اهڙي
ڪيفيت کي پاڻ تي طاري ڪرڻ آهي، جنهن سان ان انسان
جي سوچ هر وقت خالق حقيقي جي احساس سان لبريز رهي،
پوءِ ڀلي دين جي ٻڌايل عبادتن ۾ مشغول هجي يا
دنياوي معاملات جي ادائگي ڪندڙ هجي.
پري ناه پرين، پري ڪج نه پاڻ،
آه هو ساڻ، جي ساريندو رهين ان کي.
(سليم)
پساهه جي پالين، پاڻا پڪ ٿِئين،
ڌوڻي ڌنڌ سڄي، اهڙي هنڌ نيئن،
وڃيو تِت وهن، موٽ مور نه ڪن.
(سليم)
ذڪر ۽ تلقينِ ذڪر:
”ذڪر“ جي معنيٰ آهي مخصوص لفظن سان رب ڪريم جلشانه
کي ياد ڪندو رهڻ، ذڪر سان عشقِ الاهيءَ جي
خاص ڪيفيت
نصيب ٿئي ٿي، اهوئي ڪارڻ آهي جو الله جا نيڪ ٻانها
ان کي عبادت جي بهترين ۽ اعليٰ منزل ڄاڻن ٿا، تصوف
جي ٻين طريقن ۽ اويسي ۾ خاص طرح ”تهليل“
کي ئي ذڪر طور ڪم آڻيندا آهن، تهليل جا لفظ آهن:
”لاَ اِلـٰﮧ اِلاَّ اللهُ“.
حضرت مخدوم نوح جن هميشه (پاس انفاس) ذڪر ۾ پاڻ
کي مشغول رکندا هئا ۽ جيڪو به سندن مريديءَ ۾ داخل
ٿيندو هو، ان کي به ان ذڪر ۾ مشغول رهڻ جو درس
ڏيندا هئا، يعني ”لا اِلـٰﮧ اِلاَّ الله“ جا ٻه
جزا آهن: پهريون ”لا اِلـٰﮧ“ (ڪابه هستي عبادت جي
لائق نه آهي) ان کي ”نفي“ يا انڪار چوندا آهن، ٻيو
جزو آهي ”اِلاَّ الله“ (الله ئي عبادت جي لائق
آهي)، جنهن کي اثبات جي عنوان سان سڏبو آهي. ڇاڪاڻ
جو ان ۾ فقط الله جلشانه کي ئي عبادت جي لائق چيو
ويو آهي، انهيءَ ڏس ۾ پاس انفاس مان مراد آهي ته
ڪوبه پساهه الله رب العزت جي ذڪر کان خالي نه وڃي.
تصوف جي دنيا ۾ ذڪر سان گڏ ”فڪر“ جي پڻ تلقين ڪئي
ويندي آهي. ان مان مراد الله رب العزت جي لامحدود
قدرت ۽ ان جي نظارن ۽ پنهنجي وجود جي حقيقت کي
پروڙڻ ۽ خالق حقيقي سان ملڻ جي اڪير رکڻ انهن
ڪيفيتن ۾ حضرت مخدوم نوح اڪثر محو ڏٺا ويا،
ڪيترا دفعا ڏسندڙن کي ائين لڳندو هو ڄڻ سندن رڳو
جسم مبارڪ موجود آهي، پر پاڻ موجود ڪونهن، کين ذڪر
جي اها منزل حاصل هجڻ جي باوجود ڪو حق جو طالب ذڪر
وٺڻ ۽ مريد ٿيڻ ايندو هو، ته ان وقت صحيح هوش حواس
سان الله جلشانـﮧ جو ذڪر ڏسيندا هئا.
ذڪر سان گڏ مجاهدو:
حضرت مخدوم هڪ دفعي پنهنجي مريدن کي فرمايو:
”جيڪڏهن مجاهدي کانسواءِ ذڪر ٿا ڪريو ته پاڻ کي
نقصان پهچائيندؤ. الله رب العزت انهيءَ کي حاصل
ٿئي ٿو جيڪو مجاهدي سان گڏ ذڪر کي جاري رکي ٿو.“
مجاهدي مان مراد حق حاصل ڪرڻ لاءِ تڪليفون سهڻ
آهي.
پاڻ اهو به فرمايائون: ”هن دنيا جو نوش يعني مٺيون
شيون ”نيش“ يعني ڏنگ آهن ۽ هتي جو ”ڪمال“ خود زوال
آهي ۽ ”راحت“ عين
”جراحت“ (ڦٽ) آهي.“
”اي طالب! توکي گهرجي ته هن خاڪي دنيا مان املهه
ماڻڪ ڳولي هٿ ڪر، اهو املهه ماڻڪ ڇا آهي؟ اهو الله
تعاليٰ جلشانـﮧ جو ذڪر آهي، ۽ ذڪر جي نشاني اها
آهي ته ذاڪر ۾ حق تعاليٰ جي محبت جو پيدا ٿيڻ نه
ته چئبو ته هو ذاڪر نه آهي ۽ ذڪر ڪونه ٿو ڪري.
شريعت جي پابندي:
حضرت مخدوم مڪرم جتي اويسي ولي هئا، اُتي هنن
پنهنجي خانداني سلسله سهرورديه جي تعليمات کي به
نه وساريو، سلسله سهرورديه ۾ به تصوف جي اصولن ۽
سبقن تي هلندي شريعت محمـــدي ﷺ کي هر حال ۾
اوليت جو درجو ڏنو. حضرت مخدوم محويت ۽ استغراق
هوندي به شريعت تي پابند رهيا. پاڻ نماز جا اهڙا
پابند هوندا هئا، جو پنج وقتي نماز ڪڏهن به مسجد ۽
جماعت کان سواءِ نه پڙهندا هئا.
علم جي خدائي ڏات ۽ تفسير قرآن:
حضرت مخدوم نوح جن ظاهري تعليم ته گهٽ حاصل ڪئي،
پر الله ڪريم جي فضل ۽ نبي آخر الزمانﷺ جن جي فيض
سان کين اهو علمي مقام حاصل ٿيو جو وقت جا وڏا
عالم سندن قرآن داني، تفسير، حديث ۽ فقهي وضاحتون
ڏسي حيران ٿي ويندا هئا، سندن علمي مقام جو اندازو
ڏهين صديءَ ۾ ڪيل قرآن حڪيم جو فارسي ترجمو پڻ
آهي، جيڪو حضرت شاهه ولي الله دهلويءَ جي ترجمي
کان گهڻو اڳ جو آهي، اهو آسان فهم فارسيءَ ۾ ٿيل
آهي. ان ۾ بسم الله الرحمٰن الرحيم جو ترجمو هر
جاءِ تي نحوي قاعدن جي حدن ۾ رهندي مختلف ڪيو ويو
آهي. ان ۾ جهڙي طرح مقطعات جي اسرارن کي سمجهائڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي آهي اها ڪنهن ٻئي عالم جي تفسير ۾
نه ٿي اچي. قرآن حڪيم جو فارسي ترجمو ۽ سنڌي ترجمو
شايع ڪري، سنڌي ادبي بورڊ هڪ مانائتو قدم کنيو
آهي.
حضرت غوث الحق ۽ سنڌي ادب:
حضرت مخدوم نوح بلاشڪ قرآن حڪيم جو معياري فارسي
ترجمو ڪيو. ان کان علاوه سندن ملفوظات پڻ موجود
آهن، پر کين پنهنجي ڌرتي وطن ۽ ان جي ادب سان پڻ
قرب جو رستو هو، ان جو ثبوت سندن ڪجهه سنڌي بيت اڄ
به محفوظ آهن، جيئن:
پيئي جا پرڀات سا ماڪَ مَ ڀانيو ماڻهئا،
روئي چڙهي رات ڏسي ڏکوين کي.
هڪ ٻئي هنڌ فرمائن ٿا:
نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سي سامي واٽَ،
ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏي ويل پَلاڻيا.
هڪ بيت ۾ پنهنجي خليفي کي مخاطب ٿي فرمايائون:
ابوبڪر آءُ، سامي سفر هَليا،
متان ٿي پُئان، سڪين سنياسين کي.
هيءُ بيت هڪ سائل جي جواب ۾ فرمايائون:
سمو به ساٿين گڏ، تون به لوچج لَڄَ کي،
هلندي سمي سامهون، تون پڻ ڪرت ڪج،
تو پڻ ٿئي ڏڍ، سمي به سوڀ ٿئي.
حضرت مخدوم نوح جا ياران (مريد):
حضرت غوث الحق ايڏن بلند روحاني درجن تي پهچڻ
باوجود نِوڙت ۽ اخلاق کي ترجيح ڏني، هو پنهنجي
مريدن کي ”مريد“ ڪري نه تعارف ڪرائيندا هئا، بلڪ
”يار“ يا ”سنگتي“ جي نالي سان سڏيندا هئا. کانئن
شروع ۾ جن تلقين ۽ درس ورتو انهن ۾ مخدوم ساهڙ
لنجارؓ ۽ شيخ هوٿي لاکو جا نالا ملن ٿا، هونئن ته
سندن خليفن جو تعداد هند ۽ سنڌ ۾ سـون ۾ آهي پر
انهن سڀني ۾ جن قربت ماڻي اهي چار خليفا هي آهن:
(1) حضرت سيد ابوبڪر لڪياريؓ (2) حضرت درويش عمرؓ
(عمر بودلو) (3) حضرت عثمان عصارؓ (چاڪي) (4) حضرت
علي متعلويؓ ۽ ڪن ڪتابن ۾ سيد علي شيرازي ثاني جو
ذڪر ملي ٿو.
شادي ۽ اولاد:
حضرت مخدوم شروع ۾ ذڪر ۽ فڪر جي دنيا ۾ ايڏو ته
توجهه ۽ ذوق رکيائون جو فاني دنيا جي معاملات ۾
دلچسپي نه رکندا هئا، بلڪه هڪ دفعي پاڻ فرمايائون
ته ”حضرت عيسيٰ نبي جن جي زندگيءَ ۾ تجرد جو
پهلو ڏسي مون به ائين زندگي گذارڻ جو ارادو ڪيو ۽
شادي نه ڪرڻ جو ارادو ڪيم، پر جڏهن دينِ محمديﷺ جي
تعليم ته، ”لارهبانيه
في الاسلام“
آهي ۽ خود آقاءِ نامدار ﷺ جن به شاديون ڪيون ۽
اولادي ٿيا تڏهن مون سنت سڳوري تي عمل ڪرڻ ضروري
سمجهيو.
پاڻ جڏهن چاليهن ورهين جا ٿيا ته پهرئين شادي ڄام
تماچي سمي جي همشيره بي بي زليخان سان ڪيائون،
جنهن مان چار فرزند ۽ چار نياڻيون ٿيون، فرزندن جا
مبارڪ نالا هي آهن: (1) مخدوم ميان محمد امين (2)
مخدوم حامد (3) مخدوم نورمحمد (4) مخدوم احمد
(رحمـﺔ الله عليهم)
جڏهن بي بي زليخانؓ 956هه ۾ رحلت فرمائي ته پوءِ
پاڻ ٻيو عقد چوهاڻ قوم مان ڪيائون. جنهن مان ٽي
فرزند تولد ٿيا: (1) مخدوم ابراهيم جنهن کي سلطان
ابراهيم ادهم جي لقب سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي (2)
مخدوم ميران محمد (3) مخدوم جلال محمد عليهم
الرحمـﺔ. انهيءَ دوران حضرت صاحب جن ٽيون عقد به
ڪيو، جنهن مان پنج فرزند ارجمند ٿيا: (1) مخدوم
موسيٰ (2) مخدوم آدم (3) مخدوم هارون (4) مخدوم
دائود (5) مخدوم يوسف (رحمهم الله تعاليٰ). پاڻ
حضرت مڪرم چوٿين شادي به ڪئي پر ان مان ڪوبه اولاد
نه ٿين. سندن چئن نياڻين مان هڪڙي بي بي مريم
سڳوري رحمـﺔ الله عليه جو نڪاح مٽيارين جي سيد
عبدالله شاهه سان ٿي، باقي ٽي نياڻيون عزيزن ۾
ڏنائون.
روحاني ۽ اخلاقي درس :
حضرت مخدوم نوح پنهنجي مريدن ۽ واسطيدارن جي محفل
۾ سدائين قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ سمجهاڻيون ڏيئي
رهنمائي ڪندا رهندا هئا، پاڻ جن بنيادي نُقطن تي
زور ڏيندا هئا اهي هئا:
(1) يادِ الاهي، ذڪر ۽ مجاهدو:
پاڻ فرمائيندا هئا ته، ”اي حق جا طالب هن خاڪي
دنيا مان اصل ماڻڪ ڳولي هٿ ڪر، اهو آهي يادِ الاهي
۽ ذڪر پر ان لاءِ عشق جي ڪيفيت پيدا ڪرڻ لازم آهي.
(2) نفس جي ڪڍ نه هلجي:
پاڻ فرمايائون ته انسان کي کپي ته نفس جي چوڻ تي
نه هلي پنهنجو هر معاملو ان جي سپرد ڪجي ۽ پنهنجي
هر عمل کي خالص الله تعاليٰ جي رضا لاءِ هجڻ کپي.
جيڪڏهن عمل ۾ تِر جيترو به ريا يا نفساني خواهش
گڏجي وئي ته اهو عمل ته گند گڏيل کير وانگر مردود
ٿي پوندو. الله جي پناهه.
(3) نماز، روزي جي پابندي:
پاڻ فرمايائون ته: ”توهان مان هرهڪ مومن کي گهُرجي
ته نماز جا پنج ئي وقت پنهنجي شهر جي جامع مسجد ۾
جماعت سان ادا ڪندو رهي.“ اهڙيءَ طرح پاڻ روزي
لاءِ فرمايائون ته حقيقي روزيدار اهي آهن جيڪي
خطرن جي خوراڪ کان اندر کي بکيو رکيا ويٺا آهن ۽
دل ۾ ”غير“ جي وهمن ۽ خيالن کي اچڻ نٿا ڏين.
(4) علم حاصل ڪرڻ جي طلب:
پاڻ فرمايائون ته: ”ظاهري علم خدا شناسي لاءِ هڪ
عمدو وسيلو ۽ اوزار آهي، علم کي جيڪو حجاب چيو ويو
آهي ان حجاب جي معنيٰ روڪيندڙ پڙدو يا مانع حجاب
نه آهي، بلڪه هتي ان جي معنيٰ آهي، تيز بيني ۽
دوربينيءَ جو عمدو اوزار.“
(5) پرائي حق کائڻ کان بچو:
حضرت مخدوم محترم پنهنجن مريدن ۽ واسطيدارن کي
هميشه تلقين ڪندا رهندا هئا ته پرائو حق ڪڏهن به
نه کائجو، ڀل اهو کڻي کارڪ جيترو هجي.
(6) ڪنهن انسان کي ايذاءُ رسائڻ:
پاڻ فرمائيندا هئا ته: ”سادات ته سادات آهي، پر
ڪنهن به انسان کي ناحق ايذاءُ رسائڻ وڏو گناهه
آهي، ساداتن کي ناحق ايذائيندڙ لعنتي ليکبو. ان
ڪري جو اولاد جو ايذاءُ مائٽ کي پهچي ٿو. ان ڏس ۾
قرآن حڪيم جو هي وعيد ڪافي آهي ته ”تحقيق جيڪي
ماڻهو الله تعاليٰ کي ناراض ڪن ٿا ۽ ان جي رسول کي
ڏکوئن ٿا، انهن تي الله تعاليٰ جي لعنت دنيا توڙي
آخرت ۾ وسڻي آهي ۽ انهن لاءِ سخت عذاب مقرر ٿيل
آهي.“
ساڳي طرح قرآن حڪيم ۾ اهو پڻ فرمايل آهي ته: ”جيڪي
ماڻهو ڪنهن مؤمن يا مؤمنياڻيءَ کي سواءِ ڪنهن ڏوهه
ايذاءُ رسائن ٿا، سي پنهنجي وڏي گناهه ۽ الزام جو
بوجهو کڻن ٿا.“
(7) ڪنهن کي به پِٽڻ کان پاسو ڪجي:
پاڻ ان ڏس ۾ رهنمائي ڪندي فرمايائون ته، ”جيڪڏهن
ڪنهن انسان ڪنهن جو حق کاڌو آهي ته ان ظالم کي موت
۽ بي ايمان ٿي مرڻ جي پِٽ نه ڏجي. بلڪه سندس هدايت
جي دعا گهُرڻ گهرجي. ڇو جو ظالم ته مال ڦٻايو پر
پٽيندڙ هن جي حياتي ۽ ايمان جو کسيندڙ ٿيندو.“
(8) رب ڪريم کي سڃاڻڻ جي ساڃاهه:
پاڻ هڪ دفعي فرمايائون ته، ”دنيا جي سڌ ۽ حرص
اندر مان ڪڍي خالق حقيقي جي ذڪر ۾ پاڻ کي مشغول
رکو ته پوءِ خالق حقيقي کي سڃاڻڻ جو احساس غالب
ٿيندو.“
(9) عدل ۽ انصاف ڪيئن ممڪن آهي:
پاڻ فرمايائون، ”ملڪ جو دوام سياست کان سواءِ
رهي نه ٿو سگهي، سياست لاءِ لشڪر ضروري آهي، لشڪر
خزاني کانسواءِ ممڪن ڪونهي، خزانو رعيت مان وصولي
گهري ٿو، رعيت آبادي ۽ خوشحالي سان ڳنڍيل رهي ٿي.
خوشحالي عدل ۽ انصاف کانسواءِ قائم نه رهي سگهندي.
عدل سين اور، ٻيڻو ڪر نه ٻانهن،
ڏکيئي جي دانهن، ڏوراپو ٿئي رب جو.
(سليم)
وفات حسرت آيات:
حضرت غوث الحق جن پنهنجي حياتيءَ جا ستاسي سال
گذارڻ جي باوجود هر قسم جي عارضي ۽ بيماريءَ کان
محفوظ هئا، الله رب العزت کين هر قسم جي ذهني خلل
کان به پاسيرو رکيو. اهوئي ڪارڻ هو جو عشقِ نبويؐ
۽ سنتِ نبويؐ جا هر حال ۾ پابند رهيا. تاريخ 27
ذوالقعد هجري سن 998 جمعه جي رات (عيسوي سن 1586)
عشا نماز مسجد شريف ۾ ادا ڪيائون، گهر موٽندي مسجد
شريف جي دروازي جو ڪَڙو هٿ ۾ پڪڙي هي بيت
فرمايائون:
نه سي جوڳي جوءِ، نه سا سکي چاٽ،
ڪاپڙين ڪنواٽ وڏي ويل پلاڻيا.
ائين چئي پاڻ حويلي ۾ وريا ٻئي ڏينهن صبح جو سندن
وصال جي خبر چوڌاري پکڙجي وئي ۽ فضا ۾ غم جي ڪيفيت
ڇانئجي وئي.
اِنالله واِنا اليـﮧ راجعون.
بعد نماز جنازه سندن جَسد مبارڪ کي سندن وطن ٽوڙي
(هالا پراڻا) ۾ دفن ڪيو ويو، پر ٻارهن سالن کان
پوءِ درياهه جي چاڙهه سبب سندن جَسد مبارڪ جي
صندوق ڪڍائي نئين ڳوٺ (اسلام آباد) ۾ اچي دفن ڪيو
ويو. ڪجهه سالن کان پوءِ اسلام آباد جو نالو هالا
نوان زدِ زبان عام ٿيو.
حضرت مخدوم نوح جن جي مقبري جو دلڪش قُبو سندن
پنجين سجاده نشين سن 1205هه ۾ تعمير ڪرايو، قُبي
جي اُتر طرف خوبصورت مسجد سنڌ جي حاڪم مير ڪرم علي
خان ٽالپر جيڪو مير فتح علي خان جو ڀاءُ هو هجري
سن 1222 ۾ تعمير ڪرائي.
مڻيو جن مَنُ، موهن جڳ جهان،
پانڌي پيا پنڌ، اچيو ملن ساڻ،
جو، جو ٿيئي مهمان، موٽڻ جي ڪري ڪينڪي.
(سليم)
|