سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2024ع

باب:

صفحو:12 

منظور بيدار

 

 

 

ماءِ باپ

هن آفس اندر  اچڻ لاءِ صاحب کان اجازت گهرندي پنهنجي ڪمزوراواز۾ پڇيو: ”سائين اندر اچڻ جي اجازت آهي؟“ صاحب جون دک ٻلي جيان چمڪندڙ نگاهون بليڪ بيري موبائيل ۾ مصروف عمل هيون، سندس نٻل آواز ٻڌائين ڪونه يا وري اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيائين! هُو مسڪين صورت سان فقير جيان در تي بيٺو رهيو. کيس خبر هئي ته سندس صاحب سخت طبيعت سميت پنهنجي تر جو وڏو زميندار به هو جي بغير اجازت آفيس اندر پير پاتائين ته صاحب سندس جي حالت خراب ڪري ڇڏيندو. صبر ڪيون ڪنهن گگدام جيان خاموش بيٺو رهيو من سندس صاحب موبائيل مان نظرون ڪڍي ته مٿس نظر پوي ۽ کيس اندر اچڻ جي اجازت ڏئي.

صاحب موبائيل ۾ ڪا اھڙي دلچسپ ماجرا ڏسڻ ۾ مگن هو جو سندس ڌيان ٻئي پاسي ويوئي نه پئي.

هُو هن اداري ۾ مالهي هو ۽ سڄي زندگي صبر، شڪر سان ٻوتن جي آبياري ڪندي کيس صبر، شڪر جي هير پئجي وئي هئي. ٻه ٽي منٽ صبر ڪري وري منگتي جيان صاحب نامدار جي درٻار ۾ اندر اچڻ جي صدا بلند ڪيائين. سندس نحيف نستي صدا صاحب جي سماعتن تائين رسڻ بدران موٽي اچي سندس منهن سان ٽڪرائي پرزا پرزا ٿي وئي.

هُو مايوس ٿي موٽڻ جو سوچي رهيو هو جو پي.ٽي.سي.ايل جي فون کي مٿس ڪهل اچي وئي ۽ سندس بيوسيءَ تي رانڀاٽ ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين. اهڙي غيبي مدد تي هن رب جا شڪرانا بجا آندا. فون جي گهنٽي ٻڌي صاحب فون کڻي جيئن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته آفس جي در وٽ بيٺل مالهيءَ تي نظر پيس. فون شايد سندس هيڊ آفيس مان آئي هئي جو هو جي سر، جي سر ڪندي خوشامدي لهجي ۾ فرمانبرداريءَ جو اظهار ڪري رهيو هو ۽ سندس بليڪ بيري پنهنجي بيوقعتي سبب کيس ڪاوڙ مان گهُوري رهيو هو. فون بند ٿي ته صاحب مالهي کي هٿ جي اشاري سان اندر اچڻ جي اجازت ڏني. هُو ڊنل ۽ هيسيل ٻار جيان اندر اچي سلام ڪري سندس آڏو غلام جيان اچي بيٺو. صاحب مٿس اڇاتري مغرور نگاهه وجهندي خشڪ لهجي ۾ کيس چيو ”ڇو آيو آهين؟“ هن هٻڪندي رحم گاڏڙ لهجي ۾ وراڻيو: ”سائين منهنجي ماءُ ڏاڍي بيمار آهي، سڀاڻي کيس ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويندس، سو موڪل لاءِ عرض آهي!“ اهو ٻڌي صاحب جي شيرين اکين مٿان نرڙ تي ڪروڌ جا گهنج اڀري آيا، مالهي سندس اکين جي گهرائي محسوس ڪري ڪنبي ويو ۽ آس نراس جي ٽياس تي پاڻ کي ٽنگيل محسوس ڪندي صاحب جي جواب جو بي تابيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳو!

”ماءُ لاءِ موڪل جي ڪهڙي ضرورت اٿئي، شام جو ڊاڪٽر کي ڏيکاريس.“

”سائين سول اسپتال صبح جو کليل هوندي آهي، شام جو ڊاڪٽر نه هوندا آهن.“ هن ليلائيندي عرض ڪيو.

”ته پوءِ شام جو ڪنهن پرائيويٽ ڊاڪٽر کي ڏيکارجانءِ!“ صاحب پنهنجي آڱر ۾ پاتل سوني منڊيء کي بيپرواهيءَ سان کيس چيو.

”سائين مان غريب ماڻهو شام جو امڙ کي ڏيکاريندس!“

”جيئن صبح جو ڏيکاريندين تيئن شام جو ڏيکارجانءِ ان ۾ ڪهڙو مسئلو آ ڄٽ.“ صاحب بخيلائپ مان وراڻيو. اهو ٻڌي هن روئڻهارڪي لهجي ۾ ۾ چيو.

”صاحب شام جو ڊاڪٽر جي في ئي هزار روپيا آهي، دوائون ڌار مٿان رڪشا جو ڀاڙو مان مسڪين ڪٿي پورو پوندس!“

”اهو تنهنجو مسئلو آهي، خبر ڪونه اٿئي اڙي چٻ ٻه ڏينهن ئي ته گذريا آهن پنجاب مان لکين روپين جون گلن جون چڪيون گهرايون اٿم، ٻوٽن جون پاڙون ئي پختيون نه ٿيون هونديون ۽ توکي اچي ماءُ جي سورن اچي ورايو آ“ صاحب جو گول مٽول چهرو غصي مان ٻٻر جي ٻرندڙ ٽانڊن جي ڏِک ڏيئي رهيو هو ۽ مالهي سندس آڏو ڪنڌ جهڪايون ائين بيٺو هو ڄڻ کانئس ڪا وڏي اربع خطا ٿي وئي هجي. سندس اکين آڏو ماءُ جي بيماري سبب ڪومايل چهرو ڦري رهيو هو، سو ايلاز ڪندي چيائين.

”صاحب منهنجون ويھ موڪلون پيون آهن مهرباني ڪيو، الله وڌائيندوءِ.“

”ها ها ها وڏو احسان ڪيو اٿئي جو ويھ موڪلون بچايون اٿئي، تنهنجي ته عادت ٿي وئي آهي هر مهيني ماءُ جي بيماري جو داستان کنيون موڪل لاءِ اچي ٺڪاءُ ڪندو آهين، هيڊ آهيان ٻه لفظ لکيامانءِ ته وڃي ٻئي صوبي جا وڻ وسائيندين!“ صاحب جي ڌمڪيءَ ته ذري گهٽ سندس بُت جو ساھه ئي سڪائي ڇڏيو ۽ هُو پنهجن خشڪ ٿيل چپن تي زبان ڦيري کين تر ڪرڻ لڳو ته انٽرڪام جي گهنٽي وڳي ته صاحب انٽر ڪام تي مٺي لهجي ۾ پڇيو: ”ڇا ڳالھ آھي؟“ پريان سندس سهڻي من مهڻي سيڪريٽري پنهنجي مترنم آواز ۾ چيو: ”سر هيومن رائيٽس وارن جو ليبر ونگ اوهان سان ملڻ ٿو چاهي.“ صاحب جو بگڙيل موڊ پل کن ۾ خوشگوار ٿي ويو هو سو وراڻيائين: ”ها ها ڀل موڪليون ۽ ريفريشمينٽ جو به بندوبست ڪجو ۽ ها فوٽو گرافر کي به ريڊي رکجو!“ ائين چئي مايوس بيٺل مالهيءَ ڏانهن ڏسندي چيائين: ”وڃ وڃي باغ سنڀال صاحب ٿا اچن کين باغ گهمائيندس، مون کي باغ ۾ ڪک پن ڪو گند ڪچرو نظر نه اچي نه ته منهنجي خبر اٿئي.“ مالهي ڍرڪندڙ جسم ۽ ملول مک سان ڪنڌ جهُڪايون پنهنجن ڄنگهن کي زوريءَ ڇڪيندي آفيس مان ٻاهر نڪري ويو.

هيومن رائيٽس وفد جي خوش مزاجيء سان ڀرپور مهمان نوازي ڪرڻ کان پوءِ صاحب کين باغ گهمائڻ لاءِ پنهنجي .A.C آفيس مان نڪرندي سوچڻ لڳو ڪٿي هُو نڀاڳو مالهي  منهنجي پوزيشن خراب ڪري نه وجهي. وفد کي باغ گهمائيندي هُو اچي پنجاب مان گهرايل ڪارن ٻوٽن وٽ اچي بيٺو ۽ فخريه انداز ۾ وفد جي سربراهه کي چوڻ لڳو: ”هيءُ ڏسو ڪاري گلاب جا ٻوٽا جيڪي ناياب قسم جا گلاب آهن هائبرڊ ميٿڊ سان وجود ۾ آندل آهن انهن جون چڪيون مان پنهنجي سر پنجاب وٺڻ ويو هوس!“ وفد ۾ شامل هڪ ڪامريڊ ٽائپ نوجوان کانئس اوچتو پڇيو: ”سائين هيءُ جو مالهي سخت گرميءَ ۾ ٻوٽن جي سارسنڀال ۾ پنهنجي جان لڳائي ڇڏي ٿو، ڏسو هينئر به پگهريو پيو آهي ان جي انساني حقن جو اوهان ڪهڙو تحفظ ڪيو ٿا؟“

اوچتو اهڙو سوال ٻڌي کيس اندر ۾ ڌڪ لڳو ته پڪ سان مالهي کين منهنجي اڍنگي ورتاء جو ٻڌايو هوندو، پر آڙيڪاپ بيوروڪيٽ هو سو ڊپلوميسي جو مظاهرو ڪندي وراڻيائين: ”اوهان مون کان ڇو ٿا پڇو مالهيءَ کان پڇي وٺو!“ اهو ٻڌي نوجوان مالهيءَ ڏانهن ڏسندي پڇيو: ”ڀائو، صاحب اوهان جو خيال ڪندو آهي؟“ مالهيءَ نوجوان جو سوال ٻڌي هڪ نظر صاحب ڏانهن ڏٺو صاحب جي ڪروڌ سان ڀرپور اکين جو پيغام سمجهي ويو ۽ ڪارن گلابن ڏانهن ڏسندي وراڻيائين: ”سائين صاحب اسانجو ”ماءِ باپ“ آهي ٻچن وانگر خيال ڪندو آهي!“ اهڙا لفظ ٻڌي صاحب جي مک تي مرڪ چوڏهين جي چنڊ جي چانڊاڻ جيان ڦهلجي وئي ۽ مالهيءَ کي ڪارن گلابن ۾ پنهنجي ماءُ جو بيماريءَ ۾ ڪاراٽيل چهرو نظر اچڻ لڳو.

 

ممتاز کوکر

پيار جي تَندُ

 

”مانجهي سِرينهه جي پاڙَ ۾ اهو ڪير ويٺو آهي، جيڪو موالين وانگر ماٺيڻو ٿي ويٺو آهي“، ماڻڪ چيو.

”اَڙي…چريا… پاڳل نٿو سڃاڻين.“ ”صفا ڪو درويش آهين، اِهو سائين… سَرمد آهي نه…“

”استاد کي به نه ٿو سڃاڻين…“

”ها… يار واقعي سچ پچ ته… سائين سرمد کي مون نه سڃاتو. سائينءَ صفا اهڙا حال ڪيا آهن، ديوانن جهڙا…“

ماڻڪ! توکي خبر ناهي ڇا؟ ته… سائين شاعر آهي ۽ سائين تنهائي پسند ماڻهو آهي، ۽ سائين تنهائيءَ ۾ ويهي ڪري شاعري ڪندو آهي.

شاعر هونئن به تنهائي پسند هوندا آهن جيڪي پنهنجي دردن سان گڏ معاشري جا درد، سور، ڏک ڏولاوا پنهنجي دل دماغ جي ذريعي ماڻهن جي دلين جي احساسن جا ترجمان بڻجندا آهن.

”جڏهن ته اُهي… ماڻڪ… پاڻ درد ۾ ورتل هوندا آهن ۽ جڏهن ڪو انهن جي دل کي صدمو رسندو آهي… ته اهي پنهنجي اندر جا اُڌما ڪوري ڪاڳر تي قلم جي نوڪَ سان اکر اکر جوڙي سٽن تائين هڪ شعر جي شڪل ۾ عجيب قسم جا تصور، خيال پيش ڪندا آهن ۽ اهي پوءِ ٻين واتان مڃتا، تعريفون وصول ڪندا آهن.“

”ڇو؟ جو… اُهي پنهنجي سُور شاعريءَ ذريعي سليندا اهن، پَر… ٻين جي دلين جي به دردن جو بيان بڻبا آهن، ڄڻ ٻڌندڙ جي پنهنجي دل جو احوال هوندو آهي، ”واقعي… يار… مانجهي!“

”جڏهن فنڪار جو ڪمال ٻڌندو آهيان ته… ڄڻ، هُن منهنجي لاءِ ڳايو آهي، اهوئي ته… ماڻڪ! شاعرن جو ڪمال آهي.“

”جيڪي الاهي… مئي نوش، خيال، ذهن، دل دماغ ڪيفيت جي اثر هيٺ ڪجهه سَعو ڪيف ۾ مبتلا هوندو آهي.“ ”ها يار… واقعي سچ ٿو چوين، شاعر پنهنجا ته درد لڪائي… پر… ٻين جي دلين جي دردن جو درمان ٿيندا آهن. “

ڀلا مانجهي!

ڪڏهن سائينءَ سرمد سان ڪچهرڙي ڪيون… ڪجهه وقت سائينءَ جي گفتن، ڳالهين سان دل کي لطف اندوز ڪرايون.“

”ماڻڪ… ڀلا هاڻي ڇو نه… هلون… اڪيلو نه ويٺو آهي.“

”مانجهي… مان ان ۾ ڇو نَهه ڪندس.“ هَل سائينءَ سان هينئر ئي ملون ٿا.

”هلو… سائين… اَلسلام عليڪم.“ ٻنهي گڏجي سلام ڪيو.

”پُٽ!… وَعليڪم السلام… پُٽ… ڪيئن اچڻ ٿيو آهي. اوچتو، اوچتو مون ڏانهن…“

”سائين اوهان سان دل چاهيو ملڻ لاءِ… ائين ئي هلي آياسين ته… سائينءَ سان ڪچهريون ڪيون. اڪيلو به ويٺو آهي. انهيءَ ڪري ماڻڪ ۽ مان توهان کي ڏسي آياسون. مانجهيءَ چيو.

”پُٽ… ڀلي ڪري آئيوُ، جيءُ آئيوُ… پُٽ هي قلم، پنو ۽… مان ٽنهي جو تمام پاڻ ۾ گهري کان گهرو جيئڻ پريمڪائن جو پاڻ ۾ رشتو تعلق هوندو آهي، ائين ئي اسان جو پاڻ ۾ رشتو آهي.“

”ها… سَر، توهان کي سدائين پين، پنو هٿ ۾ ڏسندا آهيون. ”سَر ڇا؟ پيا لکو“، ”پُٽ… بس دل جو بارڙو هلڪو ڪندو آهيان. هن پين ۽ اڇي پني جو سهارو وٺي.“

”سَر! توهان سان ڪافي وقت کان ملڻ جي آس هئي، اڄ توهان کي ڏسندي هليا آياسين ته… ڪجهه سائينءَ سان روح رهاڻ ڪيون.“

سَر! اوهان کي ڏسي اوهان کان ڪجهه پڇا ڪرڻ چاهيون ٿا، جي عرض قبول پوي.“ سائين هلڪو هلڪو مُسڪرائيندي وراڻيو… ته ”مانجهي… پُٽ… الائي ڇا؟ پڇڻ چاهيو ٿا.“

”سَر! اوهان کان هڪ هلڪڙو سوال ڪيان ٿو. اوهان کي شاعريءَ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو. ”پُٽ… مانجهي… اهو هڪ وڏو تمام وڏو الميو آهي.“

”نيٺ ڪجهه ٻڌايو… سَر! “

”پُٽ… جي پنهنجو قصو ٻڌايان ته… هي ڏينهن رات کُٽي ويندا پَر… قصو نه کُٽندو، ڇو…؟ جو زندگيءَ جو تمام گهري کان گهرو قصو آهي.“

انهيءَ موضوع جي ڇيڙڻ تي سائين… سرمد جي نيڻ مان نارَ وهڻ شروع ٿيا. ائين لڳو پئي اُداسيءَ جو سندس مٿان ڄڻ ڪڪر ڇانئجي ويو هئس ۽ هلڪي هلڪي لهجي جي انداز ۾ وراڻيندي چيو: ”ته… پُٽ! منهنجي اوچتو ڪنهن سان پريت جو پيچ اڙيو… جيڪو منهنجو ان سان پيار بلنديءَ جي انتها تي هو، دنيا جي هر ڳالهه هڪ پاسي، هر پل منهنجو ان جي پيار جي تنوار ۾ ترندو رهندو هو. رڳو پرينءَ جو تصور روح جي پاتال ۾ رقص ڪندو هو. سواءِ ان کان ٻيو ڪوبه دل، دماغ ۾ خيال جنم نه وٺندو هو. مان صرف صرف دنيا، دولت، مال، ملڪيت ڌَن مَنُ، تَنُ محبوبا کي ئي سمجهيو. منهنجي رڳ رڳ ۽ جسم هرهڪ حصي ۾ انهيءَ جي سِڪ محبت، ”پيار جي تَندُ“ تنوار ۾ ويڙهيل رهيو. ان کان بنا منهنجو جياپو زهر برابر لڳندو هو، جڏهن مان هُن کي نه ڏسندو هئس ته پاڳل وانگر لڳندو هئس. مون هُن کي جيون ساٿي بڻائڻ لاءِ ڪافي ڪوششون ڪيون، پر ان جي پيءُ ڪاوڙ، غصي مان نَهڪر ڪئي ۽ رُکو جواب ڏنو. ان کان پوءِ هن جي مٿان پابنديون ۽ بندشون مڙهي ڇڏيون، ڏسڻ وائسڻ کان به بلڪل هلي ويئي. هُن جي پيءُ مون کي ڌمڪي ڏيئي چيو ته…”سرمد اگر ڪڏهن به منهنجي ڌيءُ جي پاڇي تي به نظر تو رکي ته… ان جو توکي تمام برو نتيجو ڀوڳڻو پوندو. چڱو ان ۾ اٿئي… ته پنهنجي چال چلت ۽ ۽ رويي کي سُڌاري هَل انهيءَ ۾ سٺو اٿئي، نه ته پوءِ پاڻ کي سڃاڻي نه سگهندين“ ۽ تڪڙ ۾ ڪجهه ڏينهن هن جو رشتو ڪنهن ٻئي ڇوڪري سان ڪرائي ڇڏيو. مون جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته… هُن جو جو رشتو ٻئي ڪنهن هنڌ ڪيو اٿن ته… سچ پڇيو ان وقت ڌرتي پيرن هيٺيان نڪري ويئي ۽ مغز کي چڪر اچي ويا ۽ بيهوشيءَ حالت پئجي ويس. خودڪشي ڪرڻ پئي چاهي، پر مون کي پنهنجي امڙ مون کي پنهنجو واسطو وجهي خودڪشيءَ ڪرڻ کان منع ڪيو، ۽ مون کي چيائين: ”پُٽ سرمد خودڪشي ڪرڻ وڏو گناهه آهي، خودڪشي ڪرڻ واري کي الله پاڪ معاف نه ڪندو آهي، پُٽ… تون ائين ڪندين ته منهنجو ڇا ٿيندو“. امڙ جا اهي لفظ ٻُڌي هوش حواس کي آهستي آهستي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ بس ائين وقت گذرندو رهيو. ان کانپوءِ شعر و شاعري تي لکڻ جو وڇڙڻ جي سِلي ملڻ کان ئي اُتساهه مليو، جيڪو هينئر اوهان جي اڳيان آهيان.“ سچي ڳالهه پڇين جي پُٽ… ماڻڪ ۽ مانجهي ڪافي اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي اسان جهڙن شاعرن کي ڏسي پاڳل يا چريو چوندا آهن، پين ۽ پنو هٿ ۾ ڏسندي. پَر… ڪي اهڙا سُلجهيل ۽ ساڃاهه وند ماڻهو به آهن، جيڪي اسان شاعرن جي احساسن کي محسوس ڪندي وڏي شانَ مانَ ۽ عزت سان پيش ايندا آهن. پُٽ… ٻچا حقيقت ۾ شاعر لکندو پنهنجون وارتائون آهي. پر… ٻين ماڻهن جي دل جو ترجمو لڳندو آهي.

”سائين… اهو بلڪل سچ ٿا چئو، سائين، سرمد سچ پڇيو ته… توهان کي ٻڌندي پنهنجي اندر جي پاتال ۾ پاڻ تڙپندي لُڇندي محسوس ڪيو.“

”سَر! توهان جو دردناڪ پيڙا واقعو ”آتم ڪٿا“ فلسفو آهي.

”سائين هيءُ پني تي ڪجهه ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ڇا لکيو اَٿو؟“

”پُٽ… مانجهي هيءُ غزل پيو لکان،

سَر! ارشاد ٿي وڃي.“

ها… پُٽ! “

تنهائيءَ جي سانتيڪن ۾ خواب الاهي تڙپن ٿا.

اُلفت واري احساسن جا، آداب الاهي تڙپن ٿا.

 

ذوالفقار ڪانڌڙو

 

 

 

چئني طرف موت

 

موت سندس پُٺيان ڪُتي جيان زبان ڪڍي ڊوڙندو ٿي آيو. هن ڀڄڻ چاهيو موت کان، هن لڪڻ چاهيو موت کان پر موت ڪنهن مهل هن جي پُٺيان ته ڪنهن مهل اڳيان ٿي ڦري آيو. هن ڊپ مان ڊڄندي موت کي ڳچيءَ مان جهليو هو. ”تون ڇو اچي منهنجي پُٺيان پيو آهين، مون کي ته اڃا جيئڻو آهي.“

موت هڪ خوفناڪ ٽهڪ ڏئي چيو، ”مون کي تنهنجي پاڇي سان محبت ٿي وئي آهي، آءٌ تنهنجي پاڇي کان توکي ڌار ڪرڻ لاءِ، تنهنجي پويان ڊوڙندو ٿو رهان.“

ڊپ مان ڪَنبڻ لڳو، اکيون نڪري آيس، ”اڙي جڏهن تون منهنجو پاڇو مون کان کسي ويندي ته آءٌ ته مري ويندس.“

”مرڻ کان ڊڄين ٿو ته پوءِ تو اهڙو ڪم ڪيو ئي ڇو هو“ موت پنهنجي ڳچيءَ مان هن جو هٿ ڪڍائي ورتو.

تڏهن ته مون مرڻ لاءِ سوچيو ئي نه هو، مون ته هن کي ڏسي جيئڻ ٿي چاهيو، هن کي ڏسي مون کي زندگيءَ سان پيار ٿي ويو هو. آءٌ ته هن جي ناسي نيڻن جي سمنڊ ۾ پنهنجي زندگيءَ جي وڃايل ڪشتيءَ کي ڳولڻ لڳو هوس، پر پوءِ آءٌ خود کي به وڃائي ويٺو هوس. مون پاڻ کي ڏاڍو ڳوليو، پر ڪٿي به لڀجي نه سگهيس، نيٺ مون ڏٺو پاڻ کي هُن جي ناسي نيڻن ۾. اُهي اکيون به پاڻ کي منهنجي اکين ۾ ڳولي رهيون هيون. اسان پوءِ ڳولي لڌو هو پاڻ کي هڪ ٻئي جي اکين ۾.

۽ پوءِ رهجي وئي هئي رستي جي ڌوڙ منهنجي اکين ۾. اُها گاڏي جنهن ۾ هوءَ ويٺي هئي، منهنجي نظرن کان اوجهل ٿي وئي. هن کي وري ڏسڻ لاءِ آءٌ ڪيترائي ڏينهن رستي جي مٽي ٿي ويو هوس، پر هوءَ وري هن رستي تان مون کي نظرن سان لتاڙڻ لاءِ وري نه لنگهي. مون کي خبر پئي ته هُوءَ اسان جي ئي علائقي جي آهي، پر وڏي شهر ۾ هڪ محل ۾ رهندي آهي ۽ اُتي پڙهندي به آهي. مون پاڻ کي رستي جي مٽيءَ مان الڳ ڪيو ۽ ان وڏي شهر ۾ هن جي بنگلي واري رستي جو پٿر  ٿي ويس. هوءَ جڏهن ان رستي تان لنگهي، جتي آءٌ پٿر ٿي ويو هوس ته هن مون کي سُڃاڻي ورتو ته آءٌ اهو ئي آهيان رستي جي مٽي. هُن مون کي ڇُهيو، آءٌ پٿر مان ماڻهو ٿي پيس. هوءَ جبلن جي اوچائيءَ کان به وڏي اوچائيءَ تان لهي آئي، ۽ اسان دنيا جي گهر ۽ سمنڊ ۾ گُم ٿي وياسين، پر هُو جيڪي مٿي اوچائي تي ويٺا هئا انهن اسان کي ڏسي ورتو ۽ هُنن توکي اسان جي پُٺيان ڇڏيو تو ته هن کي سندس پاڇي سميت گُم ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي منهنجي پُٺيان لڳو آهين.

هن سمجهيو ته موت هن جي ههڙي حالت ڏسي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي هن کي ڊيڄاريندو، پر موت ته هن جي لاءِ روئڻ لڳو. ”اڙي! تون راڄ روئاڙيندڙ آهين، تون ڇو پيو روئين؟“

موت ڪو به جواب نه ڏنو، ۽ روئندو هليو ويو. اهو چوندي ته، ”ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ تو وٽ ايندس دوست“

هاڻي هيءُ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو هو، هن کي پنهنجي  حالت تي ڪو به رحم نه ٿي آيو، هيترا ڏينهن  موت کان ڀڄڻ مان ڪجهه به نه وريو هو، هي جتي به ويو ٿي موت سندس ڪڍ لڳو آيو، هي ملڪ ۾ رهي، هي ان وڏي ماڻهو کان ڪٿي به لڪي نه ٿي سگهيو. هن وڏي ماڻهوءَ جا ملڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ماڻهو هئا. هُو هڪ سياسي پارٽيءَ جو اڳواڻ هو. هو هر حڪومت ۾ شامل هوندو هو. چاهي آمريت هجي يا جمهوريت، هن جي وزارت پڪي هوندي هئي.

عشق باهه ۽ پاڻيءَ جو ميلاپ ئي ته آهي، ۽ عشق ڏوهه به ته آهي، عشق ۾ سوچ ۽ سمجهه نه رهندي آهي. ۽ هن به بنا سوچ ۽ سمجهه جي عشق جو ڏوهه ڪري وڌو. هي ان وڏي ماڻهو جي ننڍي ڌيءَ سان عشق ڪري ويٺو هو. هن جي ليکي عشق ڪرڻ ڏوهه نه آهي، پر ان وڏي ماڻهوءَ ۽ سندس ماڻهن جي نظر ۾ اهو ڏوهه معافي جوڳو نه هو..

اها ڇوڪري هن سان ٻن ڪپڙن ۾ نڪتي هئي، پر کين ڪٿي به پناهه نه ملي سگهي، نيٺ هي ٻئي پڪڙجي پيا. هي ته هنن جي چنبي مان پاڻ ڇڏائي ڀڳو هو، پر هوءَ هنن جي چنبي ۾ اچي ويئي. هاڻي هن جو وجود ڌرتيءَ اندر هو. هي ٻه لُڙڪ به لاڙي نه سگهيو هو. هن کي ته پنهنجي موت کان اڳ پنهنجي ئي موت تي روئڻو هو. هن کي پاڻ کي تيستائين بچائڻو هو، جيستائين موت کيس ڳلي مان جهلي دسي نه وجهي. موت جي خوف کان هي لڪندو ٿي رهيو، ملڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾. وڏي ماڻهوءَ جو فرمان، ته ’هن کي ماريو وڃي‘ ڪيترو ئي وقت هي لڪندو رهيو. هيءُ جنهن به پاسي ويو ٿي، اُتي هن محسوس ڪيو وڏي ماڻهوءَ جي ڪنهن ماڻهو کي موت جي روپ ۾.

هن کي يقين ٿي ويو ته، هي مارجي ويندو. هي ڪڏهن به بچي نه سگهندو.هن جي اکين آڏو ڦِري آئي وڏي ماڻهوءَ جي تصوير. غضب ناڪ چهرو، ڳاڙهيو اکيون، خضاب لڳل ڪاري ڏاڙهي. هيءُ شهرن ڏانهن ڀڳو، هن کي محسوس ٿيو ته اُتي به هر ٻيو ماڻهو وڏي ماڻهوءَ جو مخبر آهي.

ڳوٺن ڏانهن ڀڄڻ لڳو، بيابان ڏانهن ڀڳو، هن هر هنڌ موت کي ڏٺو. گاديءَ واري شهر ڏانهن ڀڳو، چاهيائين پارليامينٽ آڳيان پمفليٽ ٺاهي بُک هڙتال تي ويهي رهي ته مون کي موت کان بچايو وڃي، پر هن ڏٺو اُتي به هن وڏي ماڻهوءَ جا ماڻهو هئا.

هوءَ ساڻس ملِي هئي، جنهن جي ڪري موت کيس ڳولي رهيو هو. ”ڀاڙيا، گيدي تون محبت ڪرڻ جي لائق نه هئين.“ گهڻن ڏينهن کان پوءِ جڏهن آئينو ڏٺائين ته محسوس ڪيائين، آئيني ۾ سندس چهرو نه آهي. هاڻي پڪ سان وڏي ماڻهوءَ جو موڪليل موت کيس سُڃاڻي نه سگهندو. اُن مهل آئيني ۾ هن جي تصوير اُڀري آئي هئي. هي چڪرائجي ويو هو. اکيون مهٽڻ لڳو، ”تون....... تون ڪيئن آهين، تون..... تون اڃا زندگي آهين ڇا....“

آئيني مان تصوير هن کي ڪاوڙ مان ڏسڻ لڳي. ”آءٌ مري وئي آهيان ڀاڙيا، هنن مون کي ماري ڇڏيو. ماڻهن کي ائين ٻڌايو ويو ته آءٌ بيماري وگهي مري ويس، پر مون کي خبر آهي ته آءٌ ڪيئن مُيس...، تنهنجي لاءِ محبت ڇا فقط دل لڳي، فقط پائڻ، نڀائڻ نه هو.... تو ته ڀؤنر وانگر گُل تي ويهڻ چاهيو هو بس، تو مون سان ڇو نه نڀايو.“

”آءٌ توسان نڀائي رهيو هوس، نڀايان به ها پر هُو مون کي ماري ڇڏين ها.“

”مري ته هاڻي به ويندين، ڪيترو ڀڄندين، لِڪندين، هُو توکي دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان ڳولي هٿ ڪندا.“

هيءُ ڏڪڻ لڳو ۽ پوءِ هن ڏٺو آئيني ۾ ته هوءَ ڪونه هئي. آئيني ۾ ته سندس شڪل هئي ڏڪندڙ، رڦندڙ. هن کي لڳو ته موت کي هُن سان عشق ٿي ويو آهي، موت ڪڏهن به ڪٿي به کيس ڀاڪر ۾ ڀَري سگهي ٿو. ٻئي هنڌ ائين بي موت مرڻ کان ته بهتر آهي ته آءٌ پنهنجي شهر ۾ ئي موت جي ڀاڪرن ۾ اچان، مري ته ڪٿي به سگهجي ٿو پوءِ پنهنجي شهر ۾ ڇو نه.

هيءُ واپس موٽي آيو هو پنهنجي ننڍڙي شهر ۾، ڪنهن به ماڻهوءَ عجب نه کاڌو. ”هن کي ته واپس موٽي اچڻو هو، زنده يا لاش جي صورت ۾، ڪيڏانهن ڀڄي ها موت کان.“

ماءُ کيس ڀاڪرن ۾ سوگهو جهليو هوس، ڄڻ ڪوئي کانئس ڇِني جدا ڪندو هجي.

پيءُ ڪاوڙ مان کيس گاريون ۽ ڀُنڊا ڏيڻ لڳو ته تو اهو ڪم ڇو ڪيو. ۽ نيٺ ڀاڪر ۾ ڀري روئڻ لڳو هو. ڀائرن ڪاوڙ مان هن کي ٻه ٽي ٿپَڙ هنيا ۽ پوءِ هُو به روئڻ لڳا.

هن کي لڳو ته ونئن ته هي ڪڏهن به اوچتو مري سگهي ٿو، پر گهر ۾ ماتم مان لڳي ٿو ته هيءُ هن ئي پل مري ويو آهي. سندس موت تي اڳواٽ ماتم ڪندڙ گهر وارن کي روئندو ڇڏي هيءُ ٻاهر نڪري آيو. گهٽيءَ جي موڙ وٽ بيٺل سندس ننڍپڻ جي دوست، هن کي ڏسي چيو، ”اڙي تون ڇو موٽي آيو آهين، ڀڄي وڃ... ڀڄي وڃ... نه ته مري ويندين. ائين چئي هُو هن کان پري ڀڄڻ لڳو.“

هن ڏٺو سندس ڪپڙا ڦاٽل ۽ ميرا، گهر ۾ به فقط هڪ ڪپڙن جو وڳو پيل. بازار مان ڪپڙو ورتائين. درزيءَ کي ماپ ڏيڻ لڳو، درزي پُڇيس، ”ڇا تون هي ڪپڙا خيرات ۾ ڏيڻ چاهين ٿو موت کان اڳ ۾.“ هن ناڪار ڪئي ته آءٌ هي ڪپڙا پائيندس. ”اڙي تون ڇا ٿو سمجهين ته تون موت کان بچي ويندين، هُو توکي ماري ڇڏيندا.“

مٺائيءَ جي دڪان تي چڙهي آيو. مٺائي کيس گهڻي وڻندي آهي. هن اڌ ڪلو مس کن مٺائي جو آرڊر ڏنو ۽ کائڻ لڳو. ”مٺائيءَ واري چيس ها بابا کائي وٺ دل سان، ٻه ٽي ڏينهن آهن تو وٽ کائڻ جا.“

بازار مان جنهن به کيس ڏٺو ٿي ته رحم جوڳين نظرن سان.

هاڻي کيس ڪاوڙ لڳي رهي هئي ته هي ٻه ٽي ڏينهن جلد گذري وڃن، وڏي ماڻهوءَ جا موڪليل ماڻهو کيس اچي ماري وڃن.

هن جي اڳيان پوليس موبائل اچي بيٺي، صوبيدار گاڏي مان لهي هن کي ڏٺو ۽ جمعدار کي چيائين: ”ٻن ٽن ڏينهن اندر پاڻ کي هڪ ايف.آئي.آر لکڻي آهي ته هن ماڻهوءَ کي ڪي نامعلوم ماڻهو ماري ويا.“

هاڻي هن کي پڪ ٿي ويئي ته هاڻي سندس موت اڻٽر آهي. هيءَ پوليس جيڪا اسان جي حفاظت لاءِ آهي انهن کي جڏهن سڀ خبر آهي ته آءٌ ماريو ويندس پوءِ به هي ڪجهه نٿا ڪري سگهن.

هر لمحي جي هزارين حصي ۾ هي ڏسي رهيو هو پنهنجو موت.....  هي ڪڏهن به اوچتو مري سگهي ٿو. اوچتو ڪا گولي يا ڪُهاڙي يا سندس مٿان ڪا گاڏي به چڙهي سگهي ٿي. هاڻي هي موت جو صبر ڪري ٿڪجي پيو هو. ايندڙ موت روز کيس اذيتون ڏيئي رهيو هو. هي روز موت کان اڳي مري رهيو هو. هاڻي کيس موت جو اڳ جهلي بيهڻو پوندو، هاڻي کيس موت کان ڀڄڻو ناهي نه ئي موت جو ڪو انتظار ڪرڻو آهي.

هيءُ اڳيان وڌندو وڃي پيو، موت ڏانهن، اڳيان ئي ڪٿي کيس موت سان ملڻو آهي. هي پهتو وڏي ماڻهو جي ڳوٺ ۾. ڏسي ٿو ته ڳوٺ جو هر ماڻهو روئي رهيو آهي. پر سندس چهري تي خوشي به آهي. وڏي ماڻهو جي محل نما اوطاق ۾ هر ماڻهو سوڳوار آهي. اوطاق ۾ انبوهه وڌندو وڃي. هي هڪ خوش ڏسڻ ۾ ايندڙ پر روئندڙ ماڻهو کان پُڇي ٿو ته، ”ادا ڇا ٿيو آهي؟ اوهين سڀ ڇو پيا روئو؟“

هو ماڻهو کلڻ واري نموني سان روئيندي چوي ٿو ته، ”ٿوري دير اڳ ۾ وڏي ماڻهوءَ جو اڪيلو پُٽ، هن تَڪَ جو ايم اين اي صاحب روڊ حادثي ۾ مري ويو آهي....... ۽ اها خبر ٻڌندي ئي وڏو ماڻهو دل جي دوري سبب مري ويو آهي.“

۽ هيءُ ان ماڻهوءَ سان گڏ چهري تي خوشي آڻي، روئڻ ٿو لڳي، روئيندي روئيندي کلڻ ٿو لڳي، ڏسي ٿو موت هن کان پري ڀڄندو پيو وڃي. 

 

لال ملوڪ کرڙ اوڏ

 

 

 

لوڪ ڪهاڻي ’ٻه ڀائر‘

 

 

 هڪڙو هو بادشاهه. جيڪو شڪار جو تمام شوقين هئو، چئني طرفن کان جهنگل ۾ هن جا شڪارگاهه ٺهيل هئا، هڪ دفعي شڪار ڪري واپس رات جو اچي بادشاهي محل ۾ سُتو، هن چار خواب ڏٺا، پهرين پهر جو خواب: بادشاهه جي هيرن جڙيل محل کي باهه لڳي ويئي.

ٻين پهر جو خواب: باغ ۾ هڪ پکي ڪنهن وڻ ۾ چهنب اٽڪائي لڙڪي رهيو آهي.

ٽين پهر جو خواب: هڪڙو ٻار آهي پينگهي ۾ ٿڃ لاءِ روئي پيو.

چوٿين پهر جو خواب: اُتر طرف کان وِڄون گوڙون مينهن وسنديون ڏسڻ ۾ آيو.

بادشاهه جاڳي پيو تمام گهڻي ويچار ۾ پئجي ويو، هن دل ۾ خيال ڪيو ته جيڪو هي خواب ٻڌائيندو تنهن کي اڌ راڄ، اڌ ڀاڳ ۽ وڏ ڪنوار ڌيءَ پرڻائيندس. وٺي کڻي سُگهڙن ڏانهن چِٺيون لکڻ شروع ڪيون. جيڪڏهن ڪنهن خواب نه ٻڌايو ۽ خالي ڀير تي ڏئونڪو هنيو ته پوءِ ڦاسي جي سزا آهي.

سُگهڙ سُگهڙ جي ذات اچي گڏ ٿي پاڻ ۾ ڏي وَٺ پيا ڪن، اڳتي ڀير ڏي هڪ ئي نه پيو وڃي، بادشاهه سُگهڙن لاءِ ماني جي تياري ڪري ڇڏي هئي، ماني روزمره عام جام هلندي هئي، بادشاهه جي راڄ ۾ ٻه ڀاءُ انڌو ۽ سڄو رهندا هئا، سڄو ماني کائي انڌي لاءِ به کنيو ايندو هو. هر روز سڻڀا چانور، سو انڌي سڄي ڀاءُ کان پڇيو ته ادا هيءُ سڻڀا چانور هر روز ڪٿان ٿو آڻين، تنهن تي سڄي ڀاءُ مٿين سموري ڳالهه انڌي کي ٻڌائي، انڌي چيو ته ادا مون کي وٺي هل اڃان ڀير تي ڏئونڪو ڪونه لڳو آهي، متان ٻيو ڪو خواب ٻڌائي نه وڃي، سڄي ڀاءُ چيو ادا ماڻهو چوندا ته ڀاءُ ۾ ڪڪ هو سو وڃي ڦاسيءَ چاڙاهيائين، لولي مهانگو ڪونه آهين، منهنجو ڀاءُ آهين ڏسين نٿو ته به ڳالهايون پيا منهنجي دل کي ڏڍ آهي ته منهنجو ڀاءُ آهي.

انڌي چيو ته ڳجهارت ٻيو ڪو ڪڍي ويندو، پاڻ رهجي وينداسون. انڌي جي گهڻي زور تي هيءُ هڪ ڏينهن ماني کائي انڌي لاءِ کڻيو پي آيو ته واٽ تي ڀِت جي ڏار ۾ ککرن جو مانارو ڏٺائين، هن سوچيو هي ڳجهارت ٺاهي انڌي کي ڏيان ڏسون ڇا ٿو ڪري چڻا به کائيندو پي آيو ڳجهارت اهڙي ريت ٺاهيائين، ”هڪ گهر تنهن ۾ گهر تنهن ۾ گهوٽ گهڻا“ اچي انڌي کي ڏني انڌي دير ئي ڪونه ڪئي جواب:

متان چٻيندي چڻا ڏينڀوءَ ڏٺا هئي ڏار ۾.“

* لال ملوڪ پُٽ واڌومل ’کرڙ‘ اوڏ تاريخ پهرين جنوري 1944ع تي ’سيٺ ٽيڪم شا‘ جي اوطاق (لڳ ڳموري) تعلقو عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. کيس ابتدائي تعليم ڳموري جي اسڪول مان حاصل ٿي ۽ سندس تربيت به ’سُگهڙن‘ ۽ ’ساڌن‘ جي وچ ۾ ٿي. کيس ڪبير ڀڳت کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي مارواڙي ڀڳتن جا ٻول ياد هئا. هُو پنهنجي ڌرم ۽ عقيدي ۾ ويدانتي هو. سماجي شعور وارو ماڻهو هو، خانصاحب عبدالڪريم پلي، سيٺ ٽيڪم شا ۽ حاجي فتح محمد راڄڙ جون زمينداريون سنڀاليائين. راڻو چندر سنگهه به سندس گهڻي عزت ڪندو هو، هو يونين ڪائونسل خانصاحب عطا محمد پلي ۾ ڪائونسلر به رهيو. پنهنجي هارپي ۽ هلٽ وارو هو، اوڏن جي راڄ ۾ کيس چڱي مڙس جي حيثيت حاصل هئي، کل ڀوڳ ۽ چرچو به سندس شغل هو. ڳموري جا محمد عمر ولد جان محمد پلي، عبدالرحيم ڪوري ۽ سومرو ڀيل سندس پڳمٽ يار هئا. سٺو سُگهڙ هو ۽ نثرنگار پڻ هو. ٽي فرزند هوند راج، هيمراج، ڀيمراج ۽ چار نياڻيون ڇڏي 12 ڊسمبر 2013ع تي پرلوڪ پڌاري ويو. سندس سپوت داماد (جمائي- جوائي) ساهو اوڏ هن احوال ۽ مواد ۾ اسان جي خاطرخواه مدد ڪئي، (اسد جمال)

 

واهه واهه ٿي ويئي، انڌي چيو ته ادا مون کي وٺي هل وري ٻي ڏينهن ماني کائي انڌي لاءِ کنيو پي آيو، نديءَ جي پُل مٿان مٽيو ته پُل هيٺيان وهڪري ۾ پٻڻ جوگُل هو تنهن مٿان ڀونئر ڀُڻڪار ڪري رهيا هئا، اهو ڏسي هن ڳجهارت ٺاهي. اهڙي ريت ”انڌي جو هٿ جهلي هين ته هين وري چيائين هين ته هين، هين ته هين“ هاڻ ويٺو ڳول.

انڌي ماني ڪونه کاڌي اُتي جو اُتي جواب ڏنو، جواب هين ته هين واهڙ وهي هين ته هين پَن ٺَهڪي هين ته هين گُل ٻهڪي هين ته هين ڀونئر ڀوين. واهه واهه ٿي ويئي انڌي چيو ادا اڃا تائين ڀير تي ڏئونڪو ڪونه لڳو آهي مون کي وٺي هل.

سڄي ڀاءُ چيو ته ککرن واري ڳجهارت ڪونه آهي نڪي بادشاهه تنهنجو هٿ جهلي ٻڌائي مون کي ڀاءُ ماراڻو ڪونه آهي.

ٽيون ڏينهن خيرن جو ٿيو ماني کائي انڌي لاءِ کڻي وريو واٽ تي ڇا ڏسي، هڪ ماري کڏڻو هڪ تلاءُ تي ٺاهيو، هرڻ جي راهه تڪيو ويٺو هو، هن تلاءُ تي هرڻ اچي پاڻي پيئڻ لڳو مڇي ٽِپ ڏنو. مڇي جي ڪلي هرڻ جي سِڱ ۾ ڦاسي پيئي. سرڻ جو آسمان ۾ مٿي اُڏاڻي پي تنهن مڇي ڏٺي سو کڻي جهٽ هنيو ته ٻيو سنڱ هرڻ جو سِرڻ جي سيني مان چڙهي ويس، ماري ٺَڪا گز ڪيو. هرڻ ڪِري پيو. ماري ڊڪندو هرڻ ڏي پيو ويو ته انهي کُڏڻي ۾ نانگ ويٺو هو، تنهن ماري کي ڌڪ هنيو سو ماري مري پيو؟ سڄو ڀاءُ نانگ ماري هرڻ کي سير وجهي کڻي آيو اچي انڌي کي شيخون ڪري کارائڻ لڳو.

انڌي چيو ته ادا هرڻ جو گوشت ڪٿان آندو آهي. سڄي ڀاءُ چيو ته کائي ڍءُ ڪر اڄ اهڙي ڳجهارت وٺي آيو آهيان جو عمر سڄي پيو ڳول. انڌي چيو ته ماني حرام آهي پهرين ڳجهارت ڪڍي پوءِ ماني کائيندس.

ڳجهارت هن ريت: ”پنجئي گڏ مئا، پنجئي گڏ مئا، انڌي“ جواب ڏنو:

هڪ مڇي، ٻيو سِرڻ، ٽيون هرڻ، چوٿون ماري، پنجون واسينگ پنجيئي گڏ مئا. اِتي سڄي ڀاءُ سوچيو ته انڌو سُگهڙ ضرور آهي، سو ماني کارائي ڍوءَ ڪرائي وٺي ڀير ڏي روانو ٿيو، انڌي چيو ته توکي ماڻهو پڇندا ته هن انڌي کي ڪيڏانهن وٺي ٿو وڃي تون نه ڳالهائج آءٌ پاڻهي جواب ڏيندس.

ٿورا اڳتي وڌيا ته سُگهڙن جو ٽولو بيٺو آهي. انهن سڄي کان پڇيو ته انڌي کي ڪيڏانهن ٿو نين، اُنهي تي انڌي جواب ڏنو ته هڪڙي ڏينهن چانور کائڻ ٿو وڃان، توهان پڇو ٿا ڪيڏانهن ٿا وڃون، اوهان جي گهران ڪونه ٿو کانئيان، ماٺ ڪري هليا وڃون ائين چئي هي اڳتي وڌيا.

ڀاءُ جهڙي ٻيل سو ڀير ڏسي سڄي ڀاءُ جي وِک نه پئي پوي انڌي چيو ته ادا هلڻ ۾ فرق پئجي ويو آهي، متان اِتي ڀير آهي مون کي ڏانڊيو ڳولي ڏي. تنهن تي هن ڀاءُ ڏانڊيو ڳولي ڏنو، انڌي پورو ڀير جي وچ نهاري کڻي ٽاڙيا ٻڌا.

سُگهڙن ۾ ٽاهه پئجي ويو هي ڪير آهي جنهن ڀير تي ڏئونڪو هنيو آهي، ڇا کڻي ڏسن ته هڪ انڌو آهي جنهن جي هٿ ۾ ڏانڊيو آهي.

هيڏانهن بادشاهه ڀير جو آواز ٻڌو، سو نوڪر کي چيائين ڏس ڪير آهي، وٺي اچ.

نوڪر ڏسن ته هڪ نابين بيٺو آهي، نوڪر هن کي چيو ته سورداس حياتي مان ڪَڪ ٿيو آهين، ڇا ماٺ ڪري گهر وڃ بادشاهه جي ڳجهارت توکان ڪونه ٽُٽندي ڏهه هزار روپيه وٺ ماٺ ڪري گهر وڃ.

سورداس چيو ته تون ڪير آهين ماٺ ڪري مون کي بادشاهه وٽ وٺي هل.

نوڪر انڌي جا ڪٺور وچن ٻڌي ڪاوڙ ۾ اچي انڌي کي ٻانهن مان جهلي وٺي هلي بادشاهه ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن بادشاهه وٽ پهتا تڏهن انڌي کي وزير چيو ته هي اڳيان بادشاهه آهي انڌي بادشاهه جو سلام ڪري گوڏو ڀڃي ويهي رهيو.

بادشاهه هن کي ڏسي چيو ته منهنجي ڳجهارت توکان گهڻي مٿي آهي.

ويهه هزار روپيه وٺي گهر وڃ، انڌي چيو بادشاهه سلامت توهان جي ڳجهارت مون کان ذرو به مٿي ڪونهي مون کي انڌو ڏسي توهان گهٻرايو آهي، اُنهي لاءِ توهان کي سهوليت ٿو ڏيان.

ڳجهارت مون ڪڍي ته شادي منهنجي ڀاءُ جي ڪرائجو جي نه نڪري ته ڦاسي مون کي ڏجو.

بادشاهه اها ڳالهه قبول ڪئي ٽامي جي پليٽ تي اکرين لکيو ويو پوءِ انڌي کي چيو ته ڳجهارت اچي ٿي.

انڌي جواب ۾ چيو ته منهنجي ڀاءُ جي شادي جي خوشي جي ڌُن منهنجي سڄي هٿ تي بينن وارا وڄائين، مون کي خوشي جي لهر اچي پوءِ ڳجهارت ڏي. بادشاهه بينن وارن کي حڪم ڏنو. ڌُن شروع ٿي انڌو موج ۾ اچي چوڻ لڳو ته بادشاهه هاڻ ڳجهارت ڏي.

بادشاهه چيو ته مون چاريئي کيل ڏٺا مون چاريئي کيل ڏٺا.

انڌو جو موج ۾ مست هو تنهن جواب ڏنو ته ”باهه ڏٺي هئي برهه سان اُڀي کڻي، پکي ڏٺو باغن ۾ هولڙ ڪندي ڪنهن وڻي، ٻار ڏٺو هئي پينگهي ۾ رئندي ڪنهن ٿڻي، مينهن ڏٺو هئي وڄن سان اها ڳالهه وڻي ته شادي ڪراءِ ڀاءُ سيفل جي. تاري لڳي ويئي. ذات سُگهڙ واهه واهه ڪرڻ لڳي ويو، ڳجهارت مڃ ٿي ويئي بادشاهه پنهنجي ڪيل واعدي مطابق اڌ راڄ اڌ ڀاڳ ۽ وڏ ڪنوار جي شادي سيفل سان ڪرائي ويئي، هاڻ انڌو به محلن ۾ رهڻ لڳو ۽ ڀاءُ کي چوڻ لڳو ته ڏٺئي بادشاهه جو نياڻو ٿي وئين. ماني ٽڪر ۾ آءٌ به سڻڀو آهيان پوءِ ٻئي گڏجي وقت گذارڻ لڳا.

هڪڙي رات انڌي کي خواب آيو ته گهُر جيڪي گهُرڻو هجي. هڪ دفعو گهُر انڌي سوچيو ته هڪ دفعو ڇا گهُران اکيون گهُران ته شادي ڪونهي شادي گهُران ته اکيون ڪونهن ڇا گهُران افسوس ۾ هُو ٻي رات وري خواب ۾ آيو ته گهُر جيڪي گهُرڻو هجي هڪ دفعو گهُر ويچارو ڳڻتين ۾ ڦاسي پيو وري ٽين رات خواب آيو گهُر جيڪي گهُرڻو هجي هڪ دفعو گهُر انڌي سوچي ويچاري گهُريو.

منهنجي نُهن محلات ۾ ولوڙندي ڏسان، مطلب ته شادي به گهُريائين پُٽَ کان سواءِ نُهن ڪونه ٿيندي محل به گهُريائين مال به گهُريائين.

هڪ دفعي ۾ سڀ ضرورتون گهُري ويو صبوح ٿيڻ تي نوڪرن بادشاهه کي چيو ته پنهنجي ڳجهارت انڌي کي اکيون اچي ويون آهن.

سهڻو اڳي گهڻو هو مٿان رب سائين اکيون ڏنيون هاڻ ته سبحان الله ٿي ويو.

پوءِ بادشاهه پنهنجي ٻي ڇوڪري اُنهي انڌي کي جيڪو هاڻ نور وارو هو، پرڻائي. ٻئي ڀاءُ گڏجي حياتي جا ڏينهن گذارڻ لڳا ۽ بادشاهي سنڀالڻ لڳا.

تن ترسيا من مڙيا ڏک به ڏور ٿيا،

سڄڻ پاڻو پاڻ ۾ کلي کير ٿيا؟

 

عمر مارئيءَ جو داستان اسان جي سنڌ جي لوڪ داستانن ۾ هڪ خاص اهميت رکي ٿو. اسان جي لوڪ داستانن جي اهميت وڌيڪ تڏهن اجاگر ٿي جڏهن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ انهن داستانن کي پنهنجي ’رسالي‘ جي زينت بنايو ۽ اُهي داستان لوڪ داستانن سان گڏ رسالي جا داستان ٿي پيا.

عمر مارئيءَ جي هن داستان جون ڪيتريون ئي روايتون سُگهڙن جي زباني ڪچهرين ۾ آيون، جن جا ٽاڻا ٽڪاڻا مختلف آهن. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ هن داستان جي تفصيلي حڪايت بجاءِ ٻين داستانن وانگر صرف اهم نُڪتن جو ذڪر ڪيو. اسين پڻ ڀٽائيءَ جي بيتن جي روشنيءَ ۾ هن داستان جي اپٽار پيش ڪريون ٿا:

 

 

ڊاڪٽر نواز علي شوق

 

 

 

آجيان وارا بيت

 

ڀلي آيا ڀلا پرين، آ سُگهڙن کي سلام،

ڏات ڌڻي هِن ڏيهه جا، مِٺو جن ڪلام،

تنين سندو نام، روشن رهندو جڳ ۾.

ڀلي آيا ڀلا پرين، تن جون ڀلايون ۽ ڀال،

وکر جن وٽ وترو، آ موتين جي مثال،

جُڳ جُڳ جين شال، سُگهڙ سهڻي سنڌ جا.

سُگهڙ سهڻي سنڌ جا، هِن ماکي کؤن مِٺا،

مَدي نه رکن من ۾، ڪنهن جا ڪين مَٺا،

سي ٻئي جڳ مُٺا، جنين رکيو ساڙ سيني ۾.

سهڻن سُگهڙن سندي، آ ٻهڳڻي ٻولي،

ڄڻ ٿڌي هِير ڏکڻ جي يا امڙ جي لولي،

لفظن جي لهر ائين، ڄڻ سنڌوءَ جي ڇولي،

مٺي هيءَ ٻولي، سدا رهندي سنڌ ۾.

سُگهڙ سهڻي سنڌ جا، جُڳ جُڳ شال جِين،

ٻاجهاري ٻوليءَ سان آهي اُلفت جنِ،

پروليون ۽ ڳجهارتون، پيا هڪ ٻئي ڏِين،

ڏور، هنر ۽ سينگار جا، سهڻا بيت پڙهنِ،

ڪافيون چَوَن قرب مون، مٺا مولود چَونِ،

اچي اوطاقن، ڪچهريون ڪن قرب مان.

ڪَهي آيا ڪنڌ ڪوٽ ۾، هي سُگهڙ سياڻا،

اڇا ۽ اُجرا ائين، جيئن مکڻ جا چاڻا،

تن ڀاڳين جا ڀاڻا، وسن ساري سنڌ ۾.

ڪَهي آيا ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڪي بلوچ بهلڪاڻي،

ڪي ڏنگر، ڪي چاچڙ ۽ مَلڪ محمداڻي،

هي ’شوق‘ سُهرياڻي، ٿو سڀن کي سلام چئي.

محفل جو مور آ ’مِٺياڻي‘ مهربان،

آيو آ اسلام آباد کان، ’آغا‘ جو احسان،

هندو، سِک، مسلمان، سُکيا رهن ساڻيهه ۾.

 

جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته مشاعرا شعر و شاعريءَ جي واڌاري ۽ سڌاري ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. شاعر ٻين شاعرن جي مقابلي سبب شعر لکڻ ۾ وڌيڪ محنت ڪن ٿا. ان کان علاوه شاعر فطري طور داد و تحسين جو طالب رهي ٿو؛ تنهنڪري هو وڌيڪ داد و تحسين حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ محنت کان ڪم وٺن ٿا. هُو پنهنجو ڪلام ٻڌائڻ سان گڏوگڏ ٻين شاعرن جي ڪلام مان به حظ حاصل ڪن ٿا. اهڙن موقعن تي استاد شاعرن جي صحبت به نصيب ٿئي ٿي. صلاح و مشورو ۽ ترميم و اصلاح وغيره جون سهوليتون به ميسر ٿين ٿيون. اهڙيءَ ريت شاعريءَ جي ترقي ٿئي ٿي. سنڌ تي انگريزن جي تسلط سبب فارسي زبان جي اهميت گهٽجڻ لڳي.اڳ فارسي دفتري زبان هوندي هئي؛ پر انگريزن فارسي بجاءِ انگريزيءَ کي دفتري زبان بنايو، جنهنڪري فارسي جي علمي ۽ ادبي حيثيت اڳ واري نه رهي. سنڌ جا شاعر فارسيءَ ۾ شعر چوڻ فخر سمجهندا هئا، پر سندن شاعري گهڻي ڀاڱي روايتي شاعري هئي. هُو اڳ واري گهڙيل راهه جا راهي هئا. غزل ۽ مثنوي، جيڪي فارسيءَ جون مقبول صنفون آهن، سي سنڌ جي عروضي شاعرن جون محبوب صنفون آهن.

انگريزن جي دور ۾ سنڌي صورتخطي ٺهي. ڇپائيءَ جو سلسلو شروع ٿيو، اخبارون شايع ٿيڻ شروع ٿيون. اخبارن مشاعرن کي ترقي وٺرائي. ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ اخبار ”مفرح القلوب“ ۾ فارسي مشاعرن جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن سبب فارسي شاعريءَ جي روايت کي ڪجهه قدر تقويت ملي.

 

ڊاڪٽر نواز علي شوق

رسالو مهراڻ 1-2/1981ع تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org