نصير مرزا
ماٺ جي ٿڌ ۾
ڪيترو گهارجي
دلبر
دوست نياز پنهور جيڪو ڪنهن وقت صرف فرد ۽ هاڻي
منهنجيءَ نظر ۾ ڄڻ هڪ ادارو يا هڪ اهڙو ننڍڙو محل
جنهن ۾ ٽي دريون. هڪ دريءَ ڏانهن ڏسو ته ان ۾ هو
بطور شاعر فريمڊ، ٻيءَ ۾ صحافي ۽ ٽين کڙڪيءَ ڏانهن
ڏسو ته نهايت پُر لطف نثرنويس ۽ خاڪا نگار طور
بيٺل نظر ايندو. هتي پڪ سان هي به پيو لکان ته
انهن ٽنهي حوالن سان هو بلڪل ئي نشانبر قلمڪار
اٿؤ... ته بس، هن جي شخصيت جي ٻن حوالن کان قطع
نظر، منهنجي پيش نظر هن وقت، الهڙ جواني ۾ ڪيل
سندس شاعريءَ وارو مجموعو
آهي ”ناوَ هلندي رهي“.
بيشڪ ته هن ڪتاب ۾ نياز جي گهڻو تڻو چاليهارو کن
سال اڳ واري ئي شاعريءَ کي مجموعيءَ جي مالها ۾
پويو ويو آهي. ائينءَ رهجي ويل ۽ جوانيءَ وارن
شعرن بابت ڪن سياڻن جي واتان ڪنهن وقت ٻڌو هئم ته
نياڻيءَ جي شاديءَ ۽ اڳي ٿيل شاعريءَ جي مجموعي کي
وقت سِر جي ناهي اُڪلائبو ته گهڻو ڪجهه ضايع ٿي
وڃڻ جو خطرو به هوندو آهي، ته بس اهو سوچي عزيزم
نياز جي هن مجموعي ”ناوَ هلندي رهي“ کي ورق ورق
پڙهندو جو ويس ته هن محبوب دوست سان گڏ گذاريل
ماضيءَ وارا چاليهه ئي يادگار پراڻا شاعراڻا سال،
اکين جي اڳيان ۽ ذهن ۾ دائره در دائرا ڦرندا ٿي
ويا. تڏهن اوچتو اکين کي آڏو ايندڙ جنهن پهرين غزل
کي پڙهيم، ته ياد آيم اهو غزل نياز سنڌ يونيورسٽي
ڪالونيءَ اندر ادبي سنگت واري گڏجاڻيءَ ۾ ئي ته
پڙهيو هو ۽ ان وقت هن جي ڄمار ارڙهن کن سال... ۽
نڪ جي هيٺان بس مُڇن جي هلڪي هلڪي ساول ئي مس هئس.
تڏهن ياد آيم، ان وقت رڳو مون ئي ٿوروئي، طارق
عالم، عابد مظهر، سائينداد ساند ۽ ماٺيڻي اوٺي به
ته نياز کي انهيءَ غزل تي دل کولي داد پئي ڏنو.
خاص ڪري، مون ته کيس جنهن شعر تي گهڻو گهڻو داد
پئي ڏنو اُهو هيءُ هو.
هوءَ آئي صفا ٺهي سنبري،
ڄڻ ته دنيا نئين ٺهي آهي.
اڙي واهه، سالن بعد اهو ساڳيو غزل ۽ ان جو اهوئي
شعر، هن مجموعي ۾ جو ڏٺم ته هڪ ڀيرو ٻيهر، دل باغ
باغ. ان بعد ڪتاب جو هاڻي ٻيو ورق جو ورايم ته وري
هڪ نئين ياد... هنڌ اهو ئي سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ
وارو، پر ان وقت اسين انهيءَ ديار جي هڪ جُهوپڙيءَ
نما هوٽل جي ڇڳل ڪرسين تي براجمان هئاسين، وقت
شايد نما شام يا شروع رات جي وچ وارو هو... هوٽل
جي ٿوڻيءَ ۾ لالٽين روشن ۽ مٽيءَ وارن چُلهن تي
ڪِٺ چڙهيل ڪارين ڪٽلين ۾ کير پتي چانهه اُٻرندڙ ۽
اسين اهي ئي ساڳيان دوست، پر صرف انهن ۾ هاڻي
بلبل کورواهيءَ جو اضافو هو. ظاهر آهي سڀني پنهنجا
پنهنجا شعر پڙهيا، پر پڪ ڄاڻو، هن وقت ان رهاڻ ۾
پڙهيل نياز جو هيءُ شعر اڄ به منهنجي ذهن ۾ محفوظ
اٿو، ڪهڙو! هي:
هن گهٽيءَ مان سئو سئو ڀيرا،
هڪڙو چنڊ ڏسي ويا آهيون.
اڙي واهه، پياري نياز جو اهو پيارو شعر به سندس هن
مجموعي ۾ مون کي جلوه گر نظر آيو ۽ ان کي پڙهي به
آئون ڇا ته گد گد. ڀانئيان ٿو ان وقت به مون سوچيو
هوندو ۽ هاڻي هن وقت به اهڙو ئي خيال دل ۾ پيو
اچيم ته ڏسان ته سهي، هي اسان جي ٽهيءَ وارن مان،
جيئن ڪوئي نوجوان شاعر سينيئر شاعر شيخ اياز صاحب
ته ڪو تنوير عباسي صاحب ۽ ڪو وري امداد حسينيءَ يا
استاد بخاريءَ کان متاثر. سو، ٿوري کوجنا ته ڪريان
هيءُ پيارو نياز پنهور انهن مان الائي ته ڪنهن جي
غزل کان متاثر؟ تڏهن جلد ئي پتو پئجي وئم، ته هي
جهڙو به موجوده رنگ پياري نياز جو آهي، سو بس هن
جو پنهنجو ئي آهي، ۽ گهٽ ۾ گهٽ... شاعراڻي اسلوب ۾
سينيئر سنڌي شاعرن مان ته هن تي ڪنهن جي به رنگ جي
ڇاپ يا تقليد مون کي قطعي نظر ئي نه آئي. سو ان ڏس
۾ نياز جو هيءُ شعر به مثال طور ڏسندا هلو... جنهن
۾ ڇا ته خوبصورت ۽ انوکو رومينٽڪ هن جو خيال...
جيڪو گهڻو گهڻو بيمثال ۽ لاجواب پڻ. چوي پيو:
جيسين هِن ۾ پيرُ نه رکندينءَ،
هي گهر مون کي کائيندو پيو
نياز جو اهو مٿئون شعر به، سندس ڪچي وهيءَ جو ئي
يادگار شعر سمجهو، جڏهن هُن جي انگ انگ کي عشق
ڪتڪتايون پئي ڪيون، ۽ هن جي نگاهن ۾ ۽ پيرن هيٺان
سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۽ ان جون گهٽيون هيون ۽
ڄامشوري جون تيز هوائون، مٿان کليل کليل آسمان تي
حيران اکين وانگر چمڪندڙ چنڊ ۽ ستارا. ڀانئيان ٿو
نياز جو هي پيارو شعر انهن ئي ڏينهنِ جو يادگار
آهي.
ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا آهن،
تنهنجي ڳليءَ جا ڦيرا آهن.
يا الله! نياز جي انهيءَ مٿئين شعر ۾ به ڇا ته
حُسن، جواني ۽ رواني، ائين هتي دل هيءُ به ٿي چوي
ته، انهي ساڳئي رنگ ۾ رنڱيل، سندس ڪجهه ٻيا ڪي شعر
به مثال طور ڏيندو هلان، پر ڀانئيان ٿو انهن سان
اسپيس گهڻو والاربو، سو بس اختصار سان هتي انهن
رومينٽڪ ۽ انوکن شعرن ۾ جيڪي خيال، اُهي ئي ٿو نثر
۾ بيان ڪندو هلان. مثال طور هڪ شعر جو مفهوم
اٿس:”تنهنجي نگاهه... ڏسڻ وقت ته بي حد تيزي هئي ۽
تکي پڻ، پر ڏس، اهڙي نهار مان مون هي ڪهڙو نه نرم
۽ ڪومل گيت سرجي ورتو آهي“... يا هڪ ٻئي شعر جو
مفهوم هي، ته ”ڪالونيءَ ۾ ڪيڏي نه گُهٽ ٻُوسٽ،
مٿان لائيٽ به گُم، سو اهڙيءَ حالت ۾ تون جي دريءَ
مان جهاتي پائين، ته متان اها گُهٽ گهٽجي وڃي ۽
روح کي ڪو چين ۽ آرام ملي پوي“... پنهنجي غزل واري
شاعريءَ ۾ سچ پڇو ته ڪن عام فهم لفظن کي به ته
نياز استعارو بڻائي انوکا شعر جوڙي ڏيکاريا آهن.
ان ڏس ۾ مثال طور هي لفظ ڏسو... يعني ”ڏَور“ هاڻي
هي آئون هجان يا نياز... ان ڏور ۽ لاٽون کان ته
پنهنجي ڪچي وهيءَ کان ئي اسين آگاهه ۽ خوب خوب
واقف... ۽ بي شڪ ته، ان لفظ ”ڏور“ کي ڀٽائي صاحب
به واهه جو استعمال ڪيو آهي ۽ اهو هيئن: ”ڏورُ ڏئي
ويا ڏُک جي“ يا پوئين دور ۾ حسن درس به لکيو هو...
”لاٽون منهنجي ورَ ۾ آهي، ڏور ته هُن کي ڦيرائي
ٿي“ پر عزيزم نياز ان لفظ کي، حسن درس کان ڪيئي
ورهيه اڳ هڪ شعر ۾ هن ريت فنائتي ڍنگ سان واپرايو
هو.. يعني
ڏور پڪيءَ جيئن پُختا رهندا،
تنهنجا منهنجا ناتا ڍولڻ.
ائين ’ڏور‘ لفظ وانگر ئي، هي بنهه عام فهم لفظ
”ڇا“ يا ”ڇاڇا“ به، ڪيڏو نه حيرت سان ڀريل لفظ...
جنهن کي نوجوانيءَ دوران لکيل، پنهنجي هڪ غزل ۾
نياز ڪيڏي نه ۽ فنائتي ڍنگ سان استعمال ڪري
ڏيکاريو آهي. چيو اٿس:
ڇا مان ”ڇا ڇا“ ٿي ويا آهيون،
شايد بي حد پي ويا آهيون.
ساڳي انهيءَ ”ڇاڇا“ کي ٻئي هنڌ وري، نياز هن رنگ ۾
استعمال ڪيو آهي، يعني:
ڇا ڇا راز سلينديون اکيون،
جڏهن به سامهون اينديون اکيون.
ائين ان ئي غزل ۾ نياز، اکين کان ”سڏڪا“ ڀرائڻ جو
به ذڪر ڪيو آهي ۽ اکين کان ”سڏڪا ڀرائڻ“ وارو اهڙو
خيال، نٿو ڀانئيان ته اڳي ڪڏهن ڪنهن شاعر وٽ مون
ڏٺو يا پڙهيو هوندو... اهو سربستو شعر هي اٿو:
برکا رُت ۾ سانول ڪارڻ،
سُڏڪي پونديون آهن اکيون.
ائين نياز وٽ خاص ڪري غزل ۾ ڪمال سادگي ته آهي ئي
آهي، پر وٽس سادگيءَ ۾ حيرانگي ڀرڻ جو هنر به ته
گهڻو ئي آهي. اگرچه نياز جو هيءُ به هڪڙو شعر ئي
آهي، پر نثر جي انداز ۾ پڙهبو، تڏهن به دل کي
وڻندو پيو، مثال طور هيءُ پڙهي ڏسو:
هُن جو لهجو رُکو رکو آهي،
ڪير ڄاڻي ته ڇا ٿيو آهي،
-
يار ان جو به ڪو سبب هوندو،
مون جو مُرڪڻ ڇڏي ڏنو آهي.
نياز جي قطار در قطار غزلن واري حصي ۾ هيءُ به
سندس ڪيڏو نه خوب خيال.
آئينا ٿو وڪڻين نياز
سچ ته ڪنهن کي وڻندا ڪين!
هاڻي هتي هن لکڻ ۾ به ڇا حرج ته مون هيءُ اڀياس
وفاقي وزير تعليم مدد علي سنڌي صاحب پاران اسلام
آباد جي پاڪ-چائنا سينٽر اندر ڪوٺايل ڪتاب ميلي
دوران صبح سان افتتاحي اجلاس ڏانهن روانو ٿيڻ کان
اڳي پوري دلچسپيءَ سان مجموعي جو مطالعو ڪري، سخت
سرديءَ ۾ ويهي لکيو ويٺي ۽ اجهو نياز جي انهيءَ
مٿئين شعر تائين اڃا پهتو مس هوس جو سنڌ مان گڏ
آيل يارن مان عزيزم اياز گل، ممتاز بخاري، موهن
مدهوش، پياري آدرش (ارشاد احمد شيخ) ۽ مرتضيٰ
سيال، اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان واري گيسٽ هائوس جي
روم نمبر 204 جي در تي زور زور سان ٺڪ ٺڪ لائي ڏني
۽ آواز ڏيڻ لڳا ته يار! اها لک لکان هاڻي بند ڪر،
۽ جلدي پاڪ-چائنا سينٽر هل، سو لکڻ کي اڌ ۾ ئي
ڇڏي، ڪتاب ميلي جي افتتاحي اجلاس ڏانهن ويندي
ويندي نياز جي سٽن جا هي حرف چپن ۽ ذهن ۾ گونجندا
رهيا، جيڪي هڪ طرف ته اسلام آباد جي ٿڌ ته ٻئي
پاسي وري، سڳوري سنڌ جي پس منظر ۾ بار بار مون کي
ياد ايندا پئي رهيا...
۽ ڀلا پياري نياز پنهور جا اُهي ڪهڙا شعر؟ اجهو
هي...
ماٺُ جي ٿڌ ۾ ڪيترو گهارجي،
لفظ ميڙي سهيڙي ڀَڀڙُ ٻارجي،
جان وڃڻي ته آ، سا ته ويندي ضرور،
ڇو نه مُرڪي اُها سنڌ تان وارجي.
26 هين ڊسمبر 2023ع اسلام آباد
پروفيسر جاويد شيخ
ڪتاب: اوڌر جي ماءُ
(ٽي.وي ڊراما)
ليکڪ: محمد علي پٺاڻ
ڪتاب ”اوڌر جي ماءُ“ ٻن ٽي.وي
ڊرامن تي مشتمل مختصر ڪتاب آهي. جنھن جو پهريون
ڊرامو آهي ”مداخلت“.
هي ڊرامو سنڌي سماج جو هڪ حقيقي روپ آهي. جنھن کي اڄ تائين نه
ڄاڻ ڪيترن گهرن ڀوڳيو هوندو ۽ ڀوڳين پيا. ڏٺو وڃي،
ته ”مائي ڀانان جھڙا "ڪُپتَيا" ڪردار سنڌي سماج ۾
عام جام مِلندا. هِن قسم جا ڪردار گهڻي ڀاڱي سنڌ
جي ٻھراڙين يا ننڍن شھرن ۾ پنھنجا اَوَڳُڻَ
استعمال ڪن ٿا. هِن قسم جا ڪردار عورتاڻي عظمت جي
نالي ۾ بدنما داغ آهن. هِن ڊرامي ۾ اهو ڏيکاريو
ويو آهي، ته مائي ڀانان اول رشتيداري جي رنگن کي
گھرو ڪري پوءِ وري پئسن خاطر انھيءَ ئي آباد اڱڻ
کي ڦٽائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ پئي چاهيو، بلڪل "ريئل
اسٽيل" جي ايجنٽ جيان. جيڪو هِڪ جاءِ مسواڙ تي
چاڙهي 11 مھينا ايگريمينٽ/ مدي پوري ٿيڻ تي گهر
مالڪ کي مڇرائي، پٻيون، پوزيون ڏئي چند هزارن جي
ڪري، بي سبب هڪ کي اٿاري، خوار خراب ڪري، اتڙي ٻئي
کي آباد ڪرڻ جا جتن ڪندو آهي.
هِن ڊرامي جو پلاٽ شادي شده جوڙي کي ڦِٽائي هڪ ٻئي جي دلين ۾
نفرت جو ٻج ڇٽي، ٻيھر ٻئي هنڌ شاديءَ جو ڊرامو
رچائي مال ڪمائڻ وارو مختصر پھلو رکندڙ آهي. هِن
ڊرامي جو ڪلائيميڪس سٺو نتيجو ڏيندڙ آهي. اگر
اختتام ايئن نه ٿئي ها، ته نه رڳو ڀانان کي سندس
برائي هضم ٿي وڃي ها، پر سماج ۾ پنھنجا اگرا نتيجا
آئنده به ڏيکاري پئي سگهي. مگر ڊراما نگار ايئن
ٿيڻ ناهي ڏنو. هن پڄاڻيءَ کي
”فروٽ
فل“
ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
محمد علي پٺاڻ ڀانان جهڙي "ڪُپَتِيي" ڪردار جي هٿ سان ٻاريل
شرارتي چڻنگ کي باھِ يا ڀنڀٽ بڻجڻ کان پھريان ئي
وسائي وڌو. هُن ڀانان جي ٻھروپيت ۽ بد ارادن کي
ناڪام بڻائي اهڙين عورتن لاءِ سبق ۽ سيکت وارو فڪر
ڏنو.
هِن هڪڙي ڊرامي
”مداخلت“
کي پڙهڻ دوران مون 16 پروفن جون چڪون ڳولهي لڌيون.
جڏهن ته ان کان اڳ سائينءَ جي ڪنهن به ڪتاب ۾
ايتريون پروفن جون غلطيون ناهن مِليون. ان کان
علاوه هِڪ ٻي ڳالهه جي به نشاندهي ڪندو هلان، ته
ڊراما رائيٽر هِڪ هنڌ ”رڌڻو“، ته ٻن جاين تي
”بورچي خانو“ لفظ جو استعمال ڪيو آهي. بھتر ائين
هيو ته ٽنھي جڳهن تي "رڌڻو" لفظ لکي ها.
محمد علي پٺاڻ جيئن، ته ابتدائي ۽ بنيادي طور تي شاعر آهي،
انھيءَ ڪري سندس هر تخليق ۽ تحرير ۾ سنڌي ٻوليءَ
جو بياني پاسو آسمان جيڏو وشال ۽ چمڪندڙ آهي.
انھيءَ ڪري سندس ٻولي ٻاجهاري آهي. ان حوالي سان
ڏسجي، ته هُن ساڳي ساهتي روايت کي برقرار رکندي
هِن اڪيلي ڊرامي (مداخلت) ۾ ئي ايترا، ته خوبصورت
اصطلاح ۽ ڪجهه محاورا ۽ چوڻيون استعمال ڪيون آهن
جو لکڻ دوران خيال دل ۾ آيو، ته جيڪر محمد علي
پٺاڻ جي جملي ڇپيل ڪتابن مان سندس
”بياني
علم ماناري“
مان، ان کي ماکيءَ جيئان لاهي، سھيڙي گڏ ڪجي، ته
هوند هِڪ ضخيم سنڌي لغت تيار ٿي پوي.
هِن هڪڙي ڊرامي
”مداخلت“
۾ شامل ڪيل سنڌي اصطلاحن، محاورن ۽ پھاڪن جا چند
مثال ھيٺ پيش ڪجن ٿا.
اصطلاح:
”ڊگهي
نظر ڪرڻ“،
”اُتر
۽ ڏکڻ کي ملائڻ“،
”ڪپڙن
۾ نه ماپڻ“،
”ڍيڪڻي ميڪڻي ڪرڻ“،
”ٺريل
کير کي ڦوڪون ڏيڻ“،
”آپي
مان نڪرڻ“ (ٽي پيرا)
”ڪِرِڪِرِ
ڪرڻ“،
”وٺ
نه ڏيڻ“،
”ڍَرَ
ڏيڻ“،
”پير
پائڻ“،
”سڱ
ڏيڻ“،
”ڪک
ڀڃي ٻيڻو نه ڪرڻ“،
”ڳوٽ ڀڃڻ“،
”ڊگهو
نه ڏسڻ“،
”ڏچي
۾ اچڻ“،
”کٽراڳ
ڪرڻ“،
”نظر
لڳڻ“،
”ٻن
باهين ۾ ڦاسڻ“،
”سنمک ٿيڻ“،
”هَٿَ
ڪڍڻ“،
”اوتيل
پوتيل هجڻ“،
”ڳَن
وَڍَ ڏيڻ“،
”پيرن تي بيھڻ“،
”پيرن
۾ ڏاوڻ پوڻ“،
”دڳ
تي اچڻ“،
”ڪيتو
لوڙڻ“،
”رَدَ
ڪَدَ ڏيڻ“،
”ٽڪساٽ ڪرڻ“،
”وَسَ
ڪرڻ“،
”ٻِٽُ
بيھڻ“،
”صِلو
ملڻ“،
”سر
بخت جو خير گهرڻ“،
”ٽٽيءَ کي ٽاڪو لڳڻ“،
”ڳنڍ
کُلڻ“،
”سِڌو
ٿيڻ“،
”باهه
لڳائڻ“،
”خير
گهرڻ“،
”ڏڦيڙ
وجهڻ“،
”ڪنڌ
کڻڻ“،
”ڳار
پوڻ“،
”اڇا
ڪارا پڌرا ٿيڻ“،
”سڻايون ٿيڻ“،
”ڌُڌِڪر
ڪڍڻ“،
”مغز
جاءِ ٿيڻ“،
”پاڻ
هُرتِڙي ٿيڻ“،
”کير کارڻ“،
”کير
کنڊ ٿيڻ“،
”ڦِيٽھڙو
وجهڻ“،
”خوشي
ٻيڻي ٿيڻ“،
”رنج ڪڍڻ“.
هنن سٺ جي لڳ ڀڳ اصطلاحن کان علاوه هِن ڊرامي ۾ ڪي استعارا،
محاورا ۽ پھاڪا پڻ ٻوٽن جي ٻاريءَ ۾ گلن جيئان ڦٽي
نڪتل آهن.
مثلاً:
”انا
جو اٺ“،
”خود
خيال“،
”تنھنجو
وات گلاب“،
”امان جا سڪا“،
”اوهان
جي کٽ تي ويھڻ جا ڏينهن آهن“،
”الاڙي
گهوڙا ڙي“،
”رشتا
زمين تي نه، آسمان تي ٺھندا آهن“،
”ڪڙيءَ
ٻَڌل ڦٽ نئين سر اُکلندو“،
”جيڪا
نَھَن سان ڇڄي ان ۾ ڪاتي ناهي وجهبي“،
”سَاڌن
سان سنمک، ته پَئِنچن سان به پوريون“،
”ٻاهر ٻولي هنجهه جي، اندر ڪارو ڪانءُ“،
”جيڪو
ڌَڻُ ڌڻين کان ڌار چَري، سا ڇانگ ئي ڇِني ڇڏجي“،
”هٿ
سان وڃايل شيءِ، پيرن سان ناهي لڀندي“،
”اهو ڪانٽو ڇڪي رکُ، سوَ تي نه، سؤ ويھن تي.“
هِن ڪتاب جو ٻيو ڊرامو آهي،”اوڌر جي ماءُ.“
هينئر تائين مون محمد علي پٺاڻ جي سنجيده شاعري ۽ ٻيون
تحريرون پڙهيون آهن. هِن ڊرامي ”اوڌر جي ماءُ“ ۾
سندس مزاحَ واري حِسَ جي پروڙ پوي ٿي. جيتري
منھنجي سروس آهي، اوتري ئي عرصي تي ٻڌل اسان جي
رفاقت رهي آهي. انھيءَ عرصي دوران مون هميشه کيس
سنجيده موضوعن تي ئي قلم آزمائيندي ڏٺو آهي. هي
ڊرامو درد جي علامت بڻيل سنڌي سماج جي مُک تي سِج
ڪرڻن جيئان مرڪون وِکيرڻ جي ڪوشش سمجهڻ گهرجي.
ڊرامي جو مُک ڪردار
”پوپٽ خان عرف ست رنگي“، جنھن کي سماج ”اوڌر جي ماءُ“ سڏي ٿو. هي
ڪنجوسيءَ جي ھڪ جيئري جاڳندي سماجي تصوير آهي. هِن
جھڙا ڪردار پئسي جا پُٽ ٿين ٿا. جيڪي پئسي ۾ ايمان
۽ اکيون اٽڪائي ”چمڙي وڃي پر دمڙي نه وڃي“ تي يقين
رکندڙ آهن. مکيه ڪردار
”پوپٽ
خان“ ڊرامي جي آخر ۾ پنهنجي حرفتن ۽ چالاڪين
هٿان هارائي وڃي ٿو. ڪھاڻيءَ جو ڪلائيميڪس دهل
وڄائيندڙ کدڙي
”خوشبو فقير“ نالي جي واڄٽي ڊائلاگ ”مري وئي، مرئي، برف جان ڳَري وئي،
اوڌر جي ماءُ، مري وئي .... اوڌر جي ماءُ مري وئي....“ ڊرامي جي آخرت سنواري ڇڏي ٿو. هي ڊرامو ٿڌي ۽ گرم يعني
سنجيده ۽ مزاحيه داخلي ڪيفيت جو سنگم آهي.
ڊرامي ۾ جتي طنز مزاح وارو رس چَسُ آهي، اتي سنجيده مڪالمي
بازيءَ واري مَھِڪَ به منجهس موجود آهي. مثال لاءِ
ٻه ٻه مڪالما اوهان جي گوش گذار ڪجن ٿا.
کدڙو : ”ڌيءَ تنھنجي آ يا نياڻي ڪنھن ميلي مان لڌي اٿئي؟“
کدڙو: ”مان ڀلجي به ڪڏهن ڪنھن سان فري ٿيڻ
جي غلطي نه ڪندي آهيان. جو خبر آ ته، ان سان تو
جھڙا گدو بندر مان ڀڳل ڳچيءَ ۾ پوندا آهن.“
زاهد: ”توهان جو مونسان روئيو ڏاڍو خراب آ بابا. هر صبح جو اٿڻ
سان جيستائين پنھنجي لفظن جي وڇُن سان ڏنگيو نٿا،
نيرن ئي هضم ڪو نه ٿي ٿِيئيوَ.“
زاهد:
”مون
کي وراثت ۾ ڏيو ته عزت ڏيو. مان ڪِٿي ٿو چوان ته
هيڏيون خواريون کڻي مون لاءِ نوٽن جا نانگ ڪٺا
ڪريو.
پنهنجي اِها عادت تبديل ڪريو بابا. عمر الائي ڪيتري بچي اَٿوَ
ڪجهه عزت ڪمايو.“
ڊرامي ۾ هِڪ ٻن ڪمزورين ڏانهن نشاندهي
ڪندو هلان، ته محمد علي ٻه ڀيرا "ڪيمو" لفظ
استعمال ڪيو آهي، جيڪو
”ڪاف“ (ڪُتي) سان لِکيو اٿائين جڏهن، ته
”قيمو“،
”قاف“
(قلم) سان ٿيندو. ان کان علاوه ٻه ڀيرا ملبوس لفظ
استعمال ڪيو آهي”گوڏ ۾ ملبوس“... انهيءَ جي جاءِ
تي ”گوڏ پاتل“ مناسب هيو ... ۽ ڪِٿي
”کدڙو فقير“
ته هِڪ هنڌ
”خواجه
سرا“، سو هروڀرو ٻين ٻولين ۾ مروج لفظ استعمال
ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي.
محمد علي پٺاڻ ادب جي سٺين روايتن کي برقرار رکندي هِن ڪھاڻيءَ
۾ به سنڌي ٻوليءَ جي مروج اصطلاحن، محاورن، پهاڪن،
استعارن جو جهجهي مقدار ۾ واهپو ڪيو آهي. مثال
طور:
”ڏچي
۾ اچڻ“،
”ليلائڻ“،
”ٻانھون
ٻڌڻ“،
”پيسو
ميرو ڪرڻ“،
”اُف به نه ڪرڻ“،
”مھلت
ڏيڻ“،
”هوڏ
تان نه لھڻ“،
”سَڏُ
ڏيڻ“،
”ڪن
کولي ٻڌڻ“،
”داد
رسي ڪرڻ“،
”ڪِنو
ٿي مرڻ“،
”ڪس
کائڻ“،
”پٽڪو
ڌوڙ ڪرڻ“،
”ڳنڍ ڏئي ٻڌڻ“،
”ماڻهو
کِلائڻ“،
”قياس
ڪرڻ“،
”ڏئي
وٺي بيھڻ“،
”ڌوڙ مٿي ۾ وجهڻ“،
”بڪ
بڪ ڪرڻ“،
”پير
ڊاهڻ“،
”ارڪان
موڪلائڻ“،
”ڪِرِ ڪِرِ ڪرڻ“،
”ٻه
ٽنگو ڦاسڻ“،
”ڳَھُ
چاڙهڻ“،
”لالچ
جون لوليون ڏيڻ“،
”اکين سان ڏيڻ“،
”مکڻ
پئي مٿو سڙڻ“،
”حقئون
به رک، ناحقئون به رک“،
”وڃي ڪاھِ، جاتي ڪاهِڻي اٿئي“،
”جانور
جو پڇ ٿئي، ٻارنهن مھينا به نڙ ۾ پوندو ته سڌو نه
ٿيندو“،
”نور
جو قسم“،
”ڌڪ
رحماني، ڌڪ شيطاني“،
”جن
ڇڏئي، ڀوت ڇڏئي، مان نه ڇڏيندي سانءِ!“
وغيره.
ڪتاب جو
”مھاڳ“
بيدل مسرور ۽
”پيش
لفظ“
ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ لکيو آهي. جڏهن ته سڪندر
عباسي، شاھ محمد پيرزادي، ڄام صنم سنڌيءَ، آفتاب
ڪريم بلوچ ۽ ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جا ليک پڻ
ڪتاب ۾ شامل آھن. ٽائيٽل ڪپتان ابڙي جو پينٽ ڪيل
آهي.
ڪتاب پيڪاڪ پرنٽرس پاران شايع ڪيو ويو آهي. مُلھ اڍائي سـﺆ
رپيا رکيل اٿس.
خادم حسين علوي
سَهرن جي محفل
بيحد خوشيءَ جي مبارڪ موقعي تحت بزمِ
طالب الموليٰ هالا طرفان درگاهه غوث
الحق حضرت مخدوم نوح سروررح
جي سجاده نشين اعليٰ حضرت قبله مخدوم
جميل الزمان سائين جن جي صاحبزاده
عالي جناب قبله مخدوم محمد شهاب الدين
المعروف مخدوم محبوب الزمان سائين جن
جي شادي خانه آبادي جي مبارڪ موقعي
تحت تاريخ 12- ڊسمبر 2023ع بمطابق 27-
جمادي الاول 1445هه بروز اڱارو رات جو
8 وڳي وڏو بنگلو مخدوم هائوس هالا ۾
اعليٰ حضرت قبله مخدوم جميل الزمان
سائين جن جي صدارت ۾ سهڻي گهوٽ جي
سهڻن سهرن جي پُروقار طرحي ”محفلِ
مشاعره“ جو اهتمام ڪيو ويو.
طرح: ”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا
”سهرا“.
(صاحبِ
طرح: اعليٰ حضرت قبله مخدوم جميل
الزمان سائين).
هن محفلِ مشاعره ۾ پنهنجي خاندان جي
عزيزن، تعلقدارن ۽ مريدن سان گڏوگڏ
ناميارن شعراءِ ڪرام کي شريڪ ٿيڻ جي
سلسلي ۾ دعوت نامه جاري ڪيا ويا هئا.
معزز شاعر حضرات سهڻي گهوٽ جي سهڻن ۽
مبارڪ سهرن جي خوبصورتي ۽ اهميت متعلق
پنهنجي قابليت تحت بهترين سهرا پيش
ڪري آيل مهمانن کان داد حاصل ڪيو ۽
حاضرين بهترين شاعريءَ کي ٻڌندي واهه
واهه جا ڍُڪ پي ڀريا.
هن محفلِ مشاعره ۾ عجيب منظر نظر آيو
يعني اعليٰ حضرت قبله مخدوم جميل
الزمان سائين جن پنهنجي شعر پيش ڪرڻ
جي دوران پنهنجي پياري فرزند ارجمند
گهوٽ جي چهري ۽ سهري کي بار بار ڏسندا
۽ کلندا رهيا ۽ بي انتها خوشيءَ وچان
شعر پڙهندا رهيا ۽ معزز حاضرين کان
داد حاصل ڪندا رهيا. پاڻ آيل مهمانن
کي گهوٽ جي شادي ۽ سهري جون مبارڪون
ڏيندي فرمايائون ته دل ٿي چوي ته جن
به شاعرن محبوب سائين جن جي سهري
متعلق شعر پڙهيا آهن اُنهن کي ڀاڪر
پايان.
اهڙيءَ طرح لاتعداد هجوم جي پُرجوش
تاڙين جي گونج ۾ هيءَ پُروقار محفلِ
مشاعره خير خوبيءَ سان پنهنجي اختتام
تي پهتي.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هيءَ محفلِ مشاعره
قابلِ ديد هئي ۽ بلاشڪه آيل مهمانن کي
هيءَ محفل هميشه ياد رهندي.
ربّ پاڪ جي در دعا آهي ته شال! ههڙين
خوشيءَ جي محفلن ۾ شريڪ ٿيڻ جا بار
بار موقعا ملندا رهن. آمين.
هتي اسين سڀني معزز شاعرن جا
پڙهيل سهرا ڏيون ٿا:
|
مخدوم جميل الزمان
خدا جو شڪر محبوب زمان آهن ٻَڌا سهرا
محمد مير جي زير نظر آهن جڙيا سهرا.
صديق اڪبر جي پوٽي لاءِ پنهنجي گلستان وارا
علي المرتضيٰ شير خدا هي موڪليا سهرا.
اکين جيڪي ڏٺا هئا خواب مڪي ۽ مديني ۾
انهن خوشبخت خوابن جي آهن تعبير ٿيا سهرا.
دعائون طالب الموليٰ جون گڏ آهن هميشه کان
سندن بنگلي تي محبوب زمان جا مون چيا سهرا.
دل والد جي خواهش آهي هر هر پيو ڏسان سهرا
رخ دلدار تي سهڻا لڳن ٿا ڪيترا سهرا.
دعاگو دست بسته آهيان الله جي در تي
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا“.
مبارڪ صد مبارڪ صد مبارڪباد اي محفل
امين سائين جي آمد جو ڏين پيغام ٿا سهرا.
خزان آلوده موسم سان رکن ٿا ناشناسائي
وفائن جا علمبردار آهن باوفا سهرا.
اهو آهي سبب اي همنشين شيرين بياني جو
مٺائن کان مٺا آهن مٺاڻن ۾ مٺا سهرا.
ڪراچي سنڌ مان اڄ شاعر هالا لکي آندا
معطر ناز پرور، خوبصورت، خوشنما سهرا.
جميل ابن فهيم ابن جناب طالب الموليٰ
دعائون ٿو گهري: مولا رهن ڀاڳن ڀريا سهرا.
25 جمادي الاول 1445هه
10 ڊسمبر 2023ع
ڪراچي، سنڌ.
ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ
سَهرو
خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا
سدا مهڪن مکڻ ماڻهو سندن ۽ چهرا.
نياريءَ نوح جي نگريءَ جا وسن آڳڙ
ڀلاين جا هجن ڀيرا چڱائين سندا پهرا.
سوا لک گودڙيءَ ۾ هزارين انمول موتي
تن ۾ مخدوم محبوب الزمان دلربا جهڙا.
سندن شاديءَ تي ٿيا شادمانا جي آهن
ٻڌائي آئون ٻڌايان پوءِ ڀلا ڪهڙا.
دعا آهي ڌڻيءَ در منهنجي دل سان
ڏيکاري ڏينهن رب پاڪ پيو سدا اهڙا.
خادم حسين علوي
سَهرو
نگاهُن کي لڳن ٿا ڄڻ خُوشِين جي ابتدا سهرا
حقيقت ۾ لڳن سهڻا سٺا بي انتها سهرا.
گهُران دل سان دعا ٿو هر گهڙي مقبول ٿي منهنجي
ڏسان سُرها رهن ٽڙندا گلن جا ٻارها سهرا.
بلاشڪه آهي خوشبو ڇا چوان سهڻل جي محفل ۾
خدا جو سُنهن اکن آڏو ڦِرن ٿا بي بها سهرا.
ڪيان تعريف دلبر جي ڀلا ڪهڙي ته سهرن جي
ٻُڌان ٿو هر زبان تي آ
وڻن ٿا باخدا سهرا.
دعا دل سان گهُري هر ڪو مٺي محبوب لئه هر دم
”خدا وندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا“.
حقيقت ۾ حقيقت آ حقيقت ٿو چوان يارو
ڏسو پنهنجي نظر سان ڄڻ ته آهن جابجا سهرا.
جهان روشن رهي سارو نگاهون پڻ رهن روشن
گهُرن ربّ کان سدا دل سان اِهائي ٿا دعا سهرا.
بلاشڪ ڀاڳ ”همدم“ جا ڪري ٿو پيش اڄ سهرو
مٺو محبوب خوش آ پڻ خوشين ۾ مبتلا سهرا.
پير ڪوڙل شاهه
سَهرو
خداوندا رهن تازه هميشه دلربا سهرا
خُوشيون ٿيون خلق ۾ لڳا محبوب لاءِ ميڙا
خداوندا رهن تازه.
هُيئم آس دل ۾ جي ڏسان سيج سرور جي
ٿيهم سا پُوري ڏسي محبوب جي چهري تي سَهرا
خداوندا رهن تازه
.
پُنهيون اڄ مرادون قبله طالب الموليٰ تُنهنجون
آسون ٿيون پوريون قبله امين جون جيئن جميل تنهنجا
جُوڙا
خداوندا رهن تازه
.
لڳي رنگ رونق جو هن سروري ويڙهي ۾
خدا آباد سدا رکي سرور تنهنجا ويڙها
خداوندا رهن تازه
.
هن دل اندر اڄ به طالب الموليٰ تُون وَسين ٿو
هي دل آ آستان تنهنجو تاحيات پيا ڪنداسون تنهنجي
درجا ڀيرا
خداوندا رهن تازه
.
چوي
”ڪوڙل“
اوهان جي اچڻ تي پيو دل جي سيج ويڇايان
آجيان ڪيان اکين سان خوشي سان ڳايان سهرا
خداوندا رهن تازه
.
نصير مرزا
سَهرو
لڙيُن ۾ موتين سان پيا لڳن هي مَهه لقا سِهرا
سراسر سُونهن سان سڀ کي وڻن پيا واهه وا سِهرا.
مِٺي محبوبُ جي مُکڙي مٿان جهرمر ستارن جي
لٿا ڄڻ آسمانن تان اچي هي خوشنما سِهرا.
اسانجو گهوٽ هي اڻموٽ خود هڪڙو گلاب آهي
چون پيا شان ۾ جنهن جي سڀيئِي اوليا سِهرا.
دِلين درياهه بڻجي هَم زبان ٿي هيءَ
دعا پئي ڪئي
خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سِهرا.
سرِ محفل هي بنرو آهي، سو جانِ جميل آهي
لکيا جنهن لاءِ پڻ مون دل دلنشين ۽ دل ڪشا سِهرا.
مبارڪ صد مبارڪ جي صدا گُونجي پئي هر سُو
چمن ۾ چؤپچو چوڌار، هر جا مرحبا سِهرا.
احمد سولنگي
سَهرو
سکين جي سوچ ۾ سرجيا نوان محبوب جا سَهرا،
ستارا ٿِي ويا ڄاڃي، سراپا ٿِي صبا سَهرا.
بَنو، لاڏو هي آسودو، هٿين، پيرين هي شهزادو،
نئين سپني کي ساڀِيان جا ٻَڌي ٿو خوشنما سَهرا.
ڍڪڻ کي پيرَ سان ڀوري، ڇِنو تو ريشمي ڏانوڻ،
سمورن سوڻَ، ساٺن جي ٻُڌائن ٿا ڪٿا سَهرا.
ٻَڌو تو ٻانهن ۾ ڳانو، مُنڊيءَ ۾ سج مڙهيو سونو،
افق مان اولڙا، ڪرڻا لٿا ٿِي ترورا سَهرا.
سدا رنگين رستي جي نئين نت زندگي ماڻين،
درازي عمر ٿئي تنهنجي، ٿئي دل جي
دعا سَهرا.
سمورا ڳيچَ شاديءَ جا مٿان ٿا گُهورجن تنهنجي،
ٿيون قربانُ ڪوتائون، ٿيا توتي فدا سَهرا.
قبيلو نوح سرور جو ورهائي مُرڪَ جا موتي،
”خداوندا رهن تازا هميشه دلرُبا سَهرا.“
سدائين
گهوٽَ ۽ اڻموٽَ سِرَ تي ئي سجائن پيا،
امانت رک محبت جي سلامت يا خدا سَهرا.
سوين آسودگيون ۽ مُسرتون هونديون مگر
”احمد“!
خوشيءَ جي ابتدا سَهرا، خوشيءَ جي انتها سَهرا.
امداد سروري
سَهرو
جميل سائين پنهنجي محبوب کي آهن ٻڌا سهرا
اچي هالا ۾ مرشد جا، اکين سان مون ڏٺا سهرا.
امين سائينرح کان سهرا هي ته ٻڌبا ٿا
اچن سائين
بزرگن کان منهنجا محبوبَ توکي ٿيا عطا سهرا.
ٻڌن موڙون ٻڌن ڳانا، پائن لونگي ٿا هالن جي
مگر پٽڪي مٿان سونهنِ هميشه واهه وا سهرا.
هڪ مرشد، ٻيو محبوب، ٽيون آ گهوٽ سهرن ۾
ڪٿان الفاظ آڻيان مان، ٿيا منهنجي دنيا سهرا.
گلن جِي آهي ورکا ٿِي، عطر معطر ڪيو سڀ کي
ڳائيون سهرن سين گڏ سهرا ٻڌا ماهِ لقا سهرا.
رُخِ محبوبَ جو چهرو به سهرن وانگي چمڪي پيو
لٿا ڄڻ آسمانن تان، ڏسو ماشاءَ الله سهرا.
زباني شاعرن جِي آ، قلم تن جي لکيو آهي
جميل سائين جي فرزند کي ٺهن ڏاڍا پيا سهرا.
منهنجي مرشد جي شاديءَ ۾ سموري سنڌ آ شامل
رشڪ ۾ آسمان آهي جهومن پيا جابجا سهرا.
دعائون ٿا گهرن هر هر مريدَ خادمَ ته مرشد جا،
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا.“
ٻڌو آواز گونجي پيو اَٺاس واري ته بنگلي ۾
مبارڪباد سان سڀئي، چون ڏاڍا سٺا سهرا.
سڄڻ جي حسن جي خوبي، سڄڻ جَي سونهن جي سوڀيا
سلامت سونهن کي رک تون سدائين ياخدا سهرا.
حسن محبوب جو ڀيٽيان، ڀلا ڪيئن مان ته سهرن سان
سٺو سائين لڳي ٿو اڄ، چَوَڻ خود ئي لڳا سهرا.
دعا ”امداد سروري“ گهري دل سان پيو هر هر
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا.
احمر
علي هالو
سَهرو
خوشي جي ٿي وئي آهي ڏسو هي ابتدا سهرا
مبارڪ ئي مبارڪ آ چئو سڀ مرحبا سهرا.
چمن سارو پيو مهڪي متل محفل به موجن ۾
فضا اهڙي گهلي آهي جيئن بادِ صبا سهرا.
گهڻو دلڪش نظارو آ مزو محفل ۾ آ ڏاڍو
ٻڌڻ ۾ ٿا اچن يارو سڀن کان ئي جدا سهرا.
اڃا مس لاٽ ٻاري آ اڃا چانڊوڪي جوڀن ۾
ڏسون ٿا هر طرف جرڪن حسين بس جابجا سهرا.
کڻو هٿڙا دعائن جا سدا سُونهَن اِهي سهرا
”خدا وندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا“.
اها ئي آ تمنا ۽ اها ئي دل جي حسرت آ
مقدر کي بنائين خوبصورت يا خدا سهرا.
زمانو وقت جي پويان پيو لهرن جيان گذري
سنڀالي کڻ قدم ”احمر“ مثالي جن ٻڌا سهرا.
فقير ”شان“ سيوهاڻي
سَهرو
لڳي سهڻو ۽ من مهڻو، ٻڌائين مرحبا سهرا
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا“.
اڱڻ اجري پيا آهن، مريدن پئي هنيون جهمريون
جماعت سروري آهن چيا، محبوب جا سهرا.
چٽو جيئن چنڊ تارن ۾، ايئن آ گهوٽ محفل ۾
نوراني گهوٽ جو چهرو، ٻڌا اٿس بي بها سهرا.
سُخن ور سنڌ جا آيا اڱڻ، چَمڪي پيو آ نوح سرور جو
لکي آيا طرح تي سڀ، آهن باخدا سهرا.
خوشيءَ جي ڪاڄ ۾ آيو آ، خوش ٿي طالب الموليٰ
چيائين گهوٽ کي مرڪي، لڳن ٿا ماهِ لقا سهرا.
فقيري رنگ ۾ آيو آ تو، وٽ ”شان“ سيوهاڻي
فقيري رنگ آ هِتِ ڀِي، وڻن ٿا واهه جا سهرا.
اقبال شاهين
سَهرو
مٺا محبوب الفت ۾ وفا جا خوشنما سهرا
اُهي سهڻا سلامت رک، سلامت رک خدا سهرا.
شريڪ همسفر هوندا، شريڪ زندگي هوندا
پسي منزل اچي ملندا، مٺا جن ڀِي ڏٺا سهرا.
نئين دنيا نوان سپنا، نئين منزل نوان رستا
نيون راهون نوان کيٽا، نئين ساٿي ڏنا سهرا.
تصور ۾ رهيا آهن، طلب جا رنگ گهرا هن
سڄو رنگين آ گلشن جڏهن آندا صبا سهرا.
نصيبن سان ٽڙن ٿا گل ٻُڌي سهري جي آمد هُل
رهن قائم سدا پل پل مقدر ارپيا سهرا.
اڱڻ تنهنجي خوشي هر دم هوائون رقص ۾ پيهم
گل جانان، گل همدم گل لاله فدا سهرا.
حيات منزل بيضاء، جمالِ حُسن ٿيو پيدا
سفر جي ابتدا سهرا، سفر جي انتها سهرا.
کليا قسمت جا دروازا، گلن چهرن ڪيا نازان
”خدا وندا رهن تازا، هميشه دلربا سهرا“.
تصورن جي عميقن ۾، مقدر جي شفيقن ۾
رهيو ”شاهين“ رفيقن ۾ لڳا جن جا سٺا سهرا.
سرفراز راڄڙ
سَهرو
خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا
ڀلين پيا گهوٽ ٻڌن سهرا نه هوندا هن مثل
سهرا.
دعائن سان جڙيل جيڪي صفا سي بي بها سهرا
سونهن ٿا سونهن وارن تي چوان سي مرحبا سهرا.
عجب فرزند آهي اعليٰ، جميل سائين جانب جو
صديقي شاهه سرور جا سڀن ڏوري ڏٺا سهرا.
نوراني نوح جو ٻچڙو ٿيو اڄ گهوٽ گوهر آ
مريدن جا ٿيا ميڙا جنين گڏجي چيا سهرا.
جهڙو هي گهوٽ آ سهڻو عجب آ شان شادي ۾
مِٺي سائين منور کي اچي حُورن ٻڌا سهرا.
ڏسڻ هن ڏيهه جا آيا مڙئي اڄ معتبر هتڙي
گهمائي پيار مان هٿڙا ٻڌا تنهن پيشوا سهرا.
نمايان نيڻ نرگس ٻئي پيا جرڪن ڪيئن نه لڙهين
مون دل مان دعائن سان چيو ماشاءَ الله سهرا.
اڄ هر جاءِ مهڪي پئي وئي خوشبو هر سو ٿي
وَسِي هالا مٿي ويئي، ڏسي هي رنگ رتا سهرا.
فراز آهن سوين سهڻا پر سائين محبوب جو مٽ ناهي
سڀئي شاعر پڙهڻ آيا خوشيءَ ۾ خوش نما سهرا.
خميسو خان ”خانوٺي“
سَهرو
لَٿا عرشِ برين کان بي مثل ۽ بي بها سهرا
اڱڻ اڄ سروريءَ تي پيا هي ڪن ناز و ادا سهرا.
رشڪ شمس و قمر ڪيو ڪهڪشان جا رنگ روشن ٿيا
سڄي وايو منڊل مرڪي چيو هي خوش نما سهرا.
جمال حسن سان سڀني ڪيون سرگوشيون گڏجي
حسن جي حد ڪٿي آهي ڏسو ماهه لقا سهرا.
عيان ڪون و مڪان ۾ جلوه گر هي نور جون لاٽون
هي پاڪيزه حبيبن تي رونق افروز ٿيا سهرا.
گُهلي باد صبا معطر مبارڪ جو سنيهو آ
جميل سائينء چمي لخت جگر کي اڄ ٻَڌا سهرا.
بدستِ بارگاهه ايزديءَ ۾ ئي دعاگو ٿيا
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا.“.
اکر لوح و قلم جا ڪاتب تحرير ڪيا موضوع
سماتي ڀاڳ جون باکون چَون پيون واه وا سهرا..
حسين فردوس جون حورون وجهن پيون هي لڪي ليئڙا
حسن جو جلوه ٿيو ڪنهنجا بڻيا اڄ آشنا سهرا.
عزيزن دوستن سان هي مچائين ميلا محبت جا
ٻڌائين فڪر جو پيا فلسفو رسم وفا سهرا.
سڄي باغِ عدن نغمئه سرا پڙلاءُ عالم ۾
”خميسي“ جو لکيا اولادِ سرور جا سدا سهرا.
نرم نازڪ مٺا محبوب جا رخسار ماکيءَ کان
ڏسي موقعو سڀن آڏو چمن پيا بي خطا سهرا
مريض عشق ۾ تن کي مليو آ لبن جو امرت
بنا مئه جي هي مستيءَ ۾ لڏن پيا بار ها سهرا.
غلام قادر ”مظهر ڏاهري“
سَهرو
لٿا عرشن منجهان آهن مٺي محبوب جا سهرا
مٺي محبوب اڄ آهن کلي خوش ٿي ٻڌا سهرا.
سڄڻ سائين چوي دل ٿي مٺا تنهنجي مٿان هرهر
لکان سهرا پڙهان سهرا نچي ڳايان ڀلا سهرا.
ڀلي ديدار ڪن تنهنجو چمن هر هر پيا چهرو
چون تولئه ڀلي هردم ننڍا توڙي وڏا سهرا.
کڻي حورون مٿان آيون ڀري کاريون سندئي سهرا
مبارڪ لک مبارڪ آ ابل توکي ٻڌا سهرا.
رهي آباد گلشن هي وسي ويڙهو سدا تنهنجو
فدا توتان جهان سارو ٿيا توتان فدا سهرا.
دلي دلدار جا سهرا مٺي منٺار جا سهرا
دعا آهي سلامت رک خدايا هي سدا سهرا.
ٻڌا توکي جڏهن آهن کلي پيرو مغان سهرا
لهي آيو ڏسڻ تنهنجا تڏهن ماهه لقا سهرا.
ستارن جي هجن سائي قمر جيئن پيا سدا چمڪن
”خداوندا رهن تازا هميشه دلبربا سهرا“.
پُني آس مرشد جي ٿيو لايو سجايو اڄ
چوي ”مظهر“ پيو سهرا چون شاهه و گدا سهرا.
ابڙو ثاقب رشيد هالائي
سَهرو
سخن ساز و سخن فهم و سخن پرور، سخا سهرا
اڱڻ آهن اسان آندا اوهان جي لئه صبا سهرا.
سڄي سنڌ ۾ ’عُشاق اهنجا‘ اي بزم طالب الموليٰ
ڪرم مون تي ڪيئي ڪيڏا، قبولج قرب جا سهرا.
سندم محبوب جي آڏو گلاب و موتيا ڇا هن
سڄڻ آڏو چمن سارو، ڪبا مالها، ڪبا سهرا.
وسَي شل نور مرقد تي اسان جي ڏاڏا سائين جيَ
پسَي شل سروري آڪَههَ خوشين ميلن مَتا سهرا.
منور، بيوس و ارشد، رشيد، منصور ويراڳي
سموري جان ساگهر هِن مڪيا هي مهه لقا سهرا.
اکيون نم هن، پيو ساريان، سهيل ابڙي جي ڪمپيئرنگ
فخر سان جنهن هئا سينگاريا سدا سائن سندا سهرا.
سڀئي هالائي ابڙا هون دعاڳو دل وچان دم دم،
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا“.
ڪروڙين ڪرم قادر جا سڀاڳيون ساعتون ڀانئيان
پڙهيم محبوب سائن جا مبارڪ مرحبا سهرا.
رهيَ جوڙي سلامت ۽ وَسيَ بارش بهارن جي،
ڪتيون، تارا، نجم، ”ثاقب“، مٿان تنهنجي، فدا سهرا
همراز ڀٽي
سَهرو
ستارا رقص ۾ آهن پئي ڳائي فضا سهرا،
رُخ انور تي سونهن ٿا ڏسو ڪيڏا سٺا سهرا.
فلڪ تي فرشتن حورن پئي گڏجي چيا سهرا،
مٺي محبوب مُنور کي، ابوطالب ٻڌا سهرا.
عقد ويلي خديجه جي ڪيون ٿي گهوريون حورن،
خدا جي راضپي سان ٿيا مُحَمّدَ کي عطا سهرا.
دُعا آهي ته ربَّ سائين نظر بد کان بچائيندءِ،
لڳين چنڊ کان به ٿو سهڻو ٻڌي اڄ بي بها سهرا.
مهابي مير مدنيءَ جي اهائي التجا آهي،
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا“.
ڪيون گلڙن سندي ورکا ٻڌي پُٽُ موڙ ۽ ڳانا،
امڙ بابي ۽ ڀيڻن جا اميدون آسرا.
جوان پٽ کي جڏهن ميندي لڳايو ذهن ۾ رکجو،
لٽيا ڪربل ۾ ڪوفين ڪِيئن قاسم گهوٽ جا سهرا.
سڏيو سڪ ساڻ آ ”همراز“ بزمِ طالب الموليٰ،
اچي حاضر ٿيا آهيون، لکي محبوب جا سهرا.
غلام قادر عرساڻي
سَهرو
مچي محفل وئي سهرن جي چوان ٿو بسم الله سهرا
ٿيو محبوب پڻ خوش آ چون ماشا الله سهرا.
محمّد آل احمد جي سائي ۾ ڏسو ڪيڏا نه ٺهن ٿا
مٽن مائٽن ائين پي چيو ڀلا آهن سٺا سهرا.
اِها سنت نبي جي ٿي ڀلاري رسم آ جاري
چيو هر ڪنهن ٿي هئين دل سان لڳن ٿا مرحبا سهرا.
ڀلي محفل ڀلا شاعر ڀلا سڀ ذوق وارا پڻ
اسان جي يادگيري لئه سڄڻ اڄ گڏ ڪيا سهرا.
ملي دعوت جڏهن مون کي ادا سهرن جي محفل جي
اچي سهڻل جي محفل ۾ ڏٺم سٺا بي انتها سهرا.
عجب دلبر عجب سهرا عجب دل جي دعا آهي
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا“.
الاهي ڪرم تنهنجي سان ٿيو آ ڪاڄ بنري جو
خداوندا جنهين جا اڄ بنايا اقربا سهرا.
حسيني حيدري صدقي اڱڻ کي آ ملي رونق
بلاشڪ ٺاهبا سهرا بلا شڪ ڳائبا سهرا.
محمّد جو مداحي آ ڏسو محبوب سائين کي
چيو سائين وڏي خوش ٿي ٻڌا اڄ مھ لقا سهرا.
دعائن ڀي دعا ڪئي آ ۽ ”عرساڻي“ دعاگو آ
رهن قائم رهن دائم سدائين خوشنما سهرا.
آخوند عباس هالائي
سَهرو
سِتارن جي قطارن ۾ لکيل مون هي پڙهيا سهرا،
لڳو ڄڻ راهه ويندڙ لئه هُجن هي رهنما سهرا.
سَمايل نُور سرور جو، مهڪ آ غوث جي جن ۾،
سموري شهر هالا کي پئي مَهڪي هَوا سهرا.
اِجهو مهتاب چوڏهينءَ جو، سِڌو اُڀ تان لَهي آيو،
ڏِسي پيو شوق مان سڀ ڪو ته آهن چنڊ ٻَڌا سهرا.
خزائن کان رهن آجا نه ٿين شل هي جهَڪا سهرا،
خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا.“
ڏسي ”آخوند“ آ حيران ڀَلارو هي عجب منظر،
کڻي هٿڙا دعا جا هي، چوي آهن سٺا سهرا.
علي محمد ”اشڪ هالو“
سَهرو
ڏسان پيو خوبصورت ۽ حسين سي خوشنما سهرا
مٺي محبوب کي شادي ۾ پاتل مرحبا سهرا.
حياتي جو سفر مشڪل نٿو ڪٽجي ڪڏهن تنها
بظاهر دؤر حسرت ۾ رهن ٿا ڀرجهلا سهرا.
اهوئي درس غيرت جو وفاداري سبب سو ئي
محبت جي فراواني رکن ٿا انتها سهرا.
حقيقي زندگاني جو سفر هاڻي شروع ٿيندو
شريڪِ همسفر ملندو بدولت برملا سهرا.
وصالِي وقت آ پهتو ڪمال قرب سان جڙيو
نگاهه نينهن جا جلوا ڏسن ٿا پيار جا سهرا.
گلن ۾ تازگي آئي بهاري مند ملهايو
خوشي مان گيت ڳايا اڄ ڏسي سر تي صبا سهرا.
خوشي مان لفظ ٿا جهومن ترنم رقص ۾ آهي
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا.“
تسلسل نسل آدم جو اهو ئي ”اشڪ“ رشتو آ
مقدس انتها جنهن جي انهي جي ابتدا سهرا.
فقير محمد بخش ”ضامن“
سَهرو
ڪريو خوشيون آهن محبوب سائين اڄ ٻڌا سهرا
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا“.
ظهيرالدين سائينءَ کي خوشيون مولا ڏنيون آهن،
رهن خوشيون سدائين سي، سڀئي ڳائن پيا سهرا.
چُمن پيا گهوٽ جو چهرو، لڏيو هر هر هوائن ۾،
ٿيا ڀاڳن ڀريا بيشڪ، لڳن ڏاڍا ڀلا سهرا.
خوشيءَ مان جهومي پيو هالا، خوشيون ساريء جماعت ۾
پيا سي ڳائجن هر سو، سڀن کان ٿيا سٺا سهرا.
مبارڪ آ مبارڪ آ، مبارڪ باد آ قبلا،
مبارڪ منهن مٿي ڏاڍا، هر ڪنهن کي وڻيا سهرا.
ٿيا خوش طالب الموليٰ ٿيا امين سائين خوش،
دعائون تن سنديون آهن. دعائن سان جڙيا سهرا.
مڙي شاعر محبت مان، ڪٺا اڄ ٿيا آهن ڪيئي،
ٿئي پئي واهه واهه ڏاڍي ڀلا سڀني چيا سهرا.
مديني پاڪ ۾ ويهي، مٺي محبوب جي در تي،
ٿين مقبول هي جيڪي، آهن ”ضامن“ لکيا سهرا.
محمد سومار وفا
سَهرو
لکياسون ڪيترا سهرا، پڙهياسون ڪيترا سهرا
مگر محبوب سائين جا، ٿيا سڀني کان جدا سهرا.
سراسر رحمتن ۽ برڪتن مان سرجيا سهرا
رکي قائم خدا شل، تا اَبد هي سيبتا سهرا.
گلابي رنگ جو چهرو، گلابي رنگ جا سهرا
لڳي ٿو جيئن سهري جي مٿان ٻڌجي ويا سهرا.
خوشي ۾ مست هوندا مهڪندا ۽ ٻهڪندا سهرا
جڏهن ٻڌندا جگر گوشه کي خود سائين وڏا سهرا.
چُمن ڏس ڪيئن پيا هرهر گلابي ڳل ڳٽا سهرا
اسان سڀني جي سامهون پيا وٺن ڪيڏا مزا سهرا.
هجن شل بهر پنجتن مستقل ۽ ديرپا سهرا
خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا.
سدا هن صحن ۾ مينديون لڳن ۽ موڙ پيا ٻڌجن
خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا.
گلن جي باس پوري ٿي ۽ مينديءَ منزلون ماڻيون
رخ زيبا چُمڻ خاطر هئا آسائتا سهرا.
ديار سروري جي ڪُو به ڪُو رنگن سان ٻهڪي پئي
ديار سروري جو گوشا گوشا جابجا سهرا.
عقيدتمند ڪنهن درگاهه جي آ چائونٺ جيئن چمندو
سندءِ چهري جي زيارت لاءِ پي سالن کان سڪيا سهرا.
اسين اڄ شام کان ديدارِ گل رخ لاءِ پيا واجاهيون
مگر ديدار ۾ مائل، اچي سامهون ٿيا سهرا.
الائي ڪهڙيون دولهه جي ڪنن ۾ ڪن پيا سرگوشيون
اسان جي صبر جي اڄ آزمائش ڪن پيا سهرا.
پدر جي پيار سان پوئيل، مڙهيل ممتا جي خوشبو سان
عزيزن رشتيدارن جي تهه دل سان دعا سهرا.
اچي فردوس مان جهونگار پئي نغمه سرائي جي
فرشتا ڳيچ پيا ڳائين ۽ حورن چيا سهرا.
گلن ۾ کينچا تاني هئي ته سهرن جو حصو بڻجن
خوشا قسمت گلابن جي گلابن مان بڻيا سهرا.
رخ تابان جي چوڌاري تسلط آهي سهرن جو
لڪائي چنڊ کي ويٺا آهن مثلِ گهٽا سهرا.
زهِه قسمت پني سهرن جي اڄ اميد دِيرينه
سندءِ چهري جي قربت لاءِ آهن ٿورائتا سهرا.
مڌر نيڻن مان مئه نوشي ”وفا“ مهنگي پئي سهرن کي
مڌر نيڻن مان مئه نوشي ڪندي ئي بهڪيا سهرا.
سڄو سرور نگر هر سو رڳو سهرا پيا گونجن گونجن
پيا ڳائن نوجوان اڌڙوٽ ۽ پوڙها پڪا سهرا.
نوازعلي نواز اُنڙ
سَهرو
گلن جي لب مٿي نغمي جي صورت همنوا سهرا
اسان جي سڀ سرورين جي، دل جو تحفو ۽ دعا سهرا.
اسان اڄ رنگ پنهنجي ۾ رڱي آهن ڇڏيا سهرا
ڏسو ساقي ۽ واعظ رند زاهد مئڪده سهرا.
سدا خوشين سان رانديون ۽ رهاڻيون پيو ڪري محبوب
غمن سان جنگ جوٽي هُن جي اڄ بيهي رهيا سهرا.
سڀئي سونئڻن/ سهڻن ۾ سوڀارو رهيو ۽ پيو ٺهي ڪيڏو
نظر بد تي نظربد خود ٿا ڪن جورو جفا سهرا.
خصائص خوبيون پرنور پيشاني ذهانت ڀي
اڌورا ۽ اڪيلا گهوٽ سائين جي بنا سهرا.
نئون ساٿي مبارڪ باد جيون منزلون قدمن
سفر نئون زندگيء جو ٿو ڪري صد مرحبا سهرا.
اکيون لب ۽ ڀرون خوش پر لڪائنِ پيا خوشي دل جي
مگر هٿ کي لڳي ظاهر ڪيا رنگ حِنا سهرا.
هُتان اڄ طالب الموليٰ ڏسي رب کان دعاڳو آ
ته فرحت آفيت جي دؤر جي ڪن ابتدا سهرا.
علي حسنين، محمّد مصطفيٰ جون شفقتون جنهن ۾
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا.“
دعاڳو آفتاب آهي ”نواز“ آهي تههِ دل سان
رهن آباد سڀئي سروري سلطان جا سهرا.
گد احسن شاهه گدا لطيفي
سَهرو
جيڪي محبوب جي رخ تي سجيل آهن سهڻا سهرا
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا“.
گلستانِ اقارب ۾ بهارن جو سمان آهي
آخوش ديده دل هي اڄ آهن دلبر پاتا سهرا.
عجب رونق عجب خوشيون عجب بارات جي رونق
عزيزن ۽ رفيقن لاءِ باعث فخر ٿيا سهرا.
هي جنهن جو نور عين آهي ۽ دل جو چين هي آهي
پدر خوش ڪيترو آه سجائي سون جا سهرا.
ٿا منزل تي رسائن خوب سهڻا همسفر بنجي
راهه راز و نيازن جا هي آهن رهنما سهرا.
رهن آباد هي سهرا توکي آ واسطو ان جو
ٻڌا قاسم کي ڪربل ۾ هيا شاهه هوا سهرا.
ڏسي محبوب جي رخ تي لڙهيو سهرن جون محفل ۾
جهومن پيا خوشي ۾ خود خوشي ۾ ٿيا چريا سهرا.
ماههِ ڪامل مثل چهري تي ڪرڻن جي جهلڪ آهي
پدر خوش ڪيترو آهي سجائي سون جا سهرا.
شفق پئي شام جي ڏي داد مون کي اڄ ٻڌي مون کان
ٺاهي تازن گلن ڇا آندا ڪهڪشان سهرا.
نه ڪافي دوستو آهن لکيل سهرا پڙهيل سهرا
عمر ساري ڀلي پنهنجي محبوب جا ڳائي ”گدا“ سهرا.
منهنجا مولا رقيبن کي ٻڌڻ جي سگهه ڏجان اڄ تون
پنهنجي محبوب سائين جا جڏهن ڳائي ”گدا“ سهرا.
تراب علي ڏاهري ’پوٺائي‘
سَهرو
چڙهيو اڄ گهوٽ گهوڙي آ چوان ٿو مرحبا سهرا
هٿين پيرين لايو ميندي پڙهو صلي الله سهرا.
مٺي محبوب مرسل کي اچي حورن ٻَڌا ڳانا،
خوشيون ۽ شادمانا ٿيا ٻڌا باد صبا سهرا.
اميدون ٿي ويون پوريون گهٽيون گلزار وڻ ٽڻ ٿيا
عطر هٻڪار هر هنڌ آ خوشي ٿي مهر و وفا سهرا.
چڙهي براق تي مرسل ڪيا هن سير عرشن جا
پڙهيا اُت خود خدا آهن مٺا ماههِ لقا سهرا.
خوشيءَ ۾ ڪونه ماپا ٿو نچان جهومان چوان نعتيون
چئي دل ٿي منهنجي هر هر چياهَن خود خدا سهرا.
آيو عرشئون آهي جوڙو پاتو خود پاڪ مرسل آ
لڳي ويا فرش تي ميلا ٿياهن رهنما سهرا.
گلابن جون ڇَٽيو پتڙيون ڪيو روشن چراغن کي
وڃن سڀ دور انڌيرا ٿي ڪيو تن من فدا سهرا.
دعائون ٿو گهران دل سان ”ترابا“ رب قبولي شل
خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا.
محمد ٻارڻ
سَهرو
رکج محبوب مکڙن جا سلامت يا خدا سهرا
سونهنَ جن جي سرن تي ٿا سهانا خوشنما سهرا.
خوشيءَ جي هيءَ گهڙي آهي هلي احباب اڄ آيا
مبارڪ باد سان محفل سڄيءَ ۾ مهڪيا سهرا.
ڇَنو سينگاريو گلڙن بنو سرهاڻين واسيو
پُني هر آس اکين جي دلي بنيا دعا سهرا.
نمايان نور جي بارش رخِ تابان تي رقصان آ
پسي پاڪيزه پيشاني پيا ڪن مرحبا سهرا.
هوائون مست ٿيو جهومن نظارن تي نشا ڇانيل
نزاڪت ناز نرملتا نگاهن تي لٿا سهرا.
ابن ڏاڏن کان جي شاعر مَتي ات شعر جي محفل
ڪويتا جا کڻي گلڙا ٻڌن شاعر پيا سهرا.
گلابن جون پتيون پوئي سجايا ساهه سان آهن
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا“.
محبت پيار جي سڏ تي اچي حاضر ٿيا شعراء
اتي ”ٻارڻ“ مون خدمت ۾ خراجي ارپيا سهرا.
خليفو امام بخش ’ايمن‘
سَهرو
اسان جي آس ٿي پوري ڏٺاسين خوشنما سهرا
صدا رخسار کي ٿا ڪن چمڻ جي التجا سهرا.
ڀري اڄ مئڪشن کي جام ڪو تون ڏي وري ساقي
ڀلاري رات گذري وئي ڏسي هي با وفا سهرا.
سندءِ صورت حسين آهي سندءِ سيرت حسين آهي
سدائين تنهنجا قائم هي رهن جلوو نما سهرا.
ٺهن ڪيڏا نه توکي ٿا مٺا محبوب هي سهرا
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا“.
جُڙيل آهن دعائن سان ۽ دل جي پراميدن سان
ڪندو آباد سهڻل جا محمّدص مصطفى سهرا.
سڄڻ آهي اکين جو ٺار ”ايمن“ جو رهيو هردم
سلامت خود رکي قائم سندءِ سيرت سدا سهرا.
سيد حيدر شاهه ’حيدر‘
سَهرو
محبوب تنهنجا سهرا معشوق تنهنجا سهرا
صورت ڏسي ٿين پيا پرنُور تنهنجا سهرا.
چنڊ جهڙي سهڻي مُک تي اڄ واه جو ٺهن پيا
مهڪي ٿين پيا اڄ مشڪور تنهنجا سهرا.
هر مُک تي اڄ خوشي آ خوش اڄ جي رات ٿي آ
ڏاڍا ٿين پيا هي مشڪور تنهنجا سهرا.
”حيدر“ ٺري پئي دل هر طرف مُرڪ آهي
مولا رکئي سلامت محبوب تنهنجا سهرا.
فقير امر عباس ڀنڀرو
سَهرو
سمورا درد ويا وسري ٻڌاسين مرحبا سهرا
اوهان ٿا موڙ مُرڪو ٻَرن ٿا سانورا سهرا.
گلابي گل سان گهٽيون سينگاريل سيج جيان آهن
هالا جي هير ۾ هر هر پيا گونجن سدا سهرا.
درياءَ جي دل ٺري پئي ۽ وسي پئي نوح جي نگري
ڏسو راهونڊ مان نِڪتا ڪيڏا هِن خوشنما سهرا.
ملڻ جي مام پڌري ٿي ٿين ٿا ساڀيان سپنا
چپن تي تذڪرو تنهنجو ڏين ٿا حوصلا سهرا.
فقر فهيم جو فانوس جيان ٻرندو فضائن ۾
وفائن مان ڦٽي نڪتا ۽ ٿي ويا سي وفا سهرا.
منهنجا محبوب سائين پيا هندورن ۾ لڏو هر هر
هوائن ۾ هڳائن ۾ سموري ٿي فضا سهرا.
پئي مُرڪيو طالب المولى ڏنئين دل سان دعائون پئي
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا.“
سڀن جي آس پوري ٿي پيا مُرڪن سڀئي چهرا
”امر“ جي روح مان نڪتا اکين سان ٿيا ادا سهرا.
عبدالحميد ڀچو ’نجيب مهراڻ‘
سَهرو
ٻڌي ڳانا هڻين ميندي لکيم محبوب جا سهرا
سندءِ مهتاب رخ تي هي سدا سونهنِ پيا سهرا.
سعادت آ ملي مون کي دعا مرشد سندي آهي
اسان پنهنجي حياتيءَ ۾ نڪي اهڙا ڏٺا سهرا.
اها اڄ آس ٿي پوري ڏٺاسين ڏينهن خوشين جا
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا.“
جماعت سروري پاران مٺا مرشد مبارڪ آ
اسان خادم سندءِ در جا لکيم تنهنجا ڀلا سهرا.
دعا آهي مٺو مالڪ اوهان کي ڏئي عمر خضري
سدا ڏسندا رهو خوشيون رهن تازا سدا سهرا.
لکيا هي شعر تنهنجي لاءِ اسان محبوب سائين اڄ
اوهان جي چنڊ چهري تي ٿين پيا اڄ فدا سهرا.
”نجيب“ کي يار محفل اڄ نصيبن سان ملي آهي
اوهان جا خوبصورت هي ڪيا آهن خدا سهرا.
نويد جوڻيجو
سَهرو
سدا محبوبَ توتي پيا سُهَن سهڻا صفا سهرا
ٻڌي توکي محبت سان هميشه لئه وفا سهرا.
ثَنا مخدوم زمان تنهنجي ڪري هر شخص محفل ۾
ڪري خوشبو سڄي محفل چئي تو لئه هوا سهرا.
خوشيءَ جي مُند موٽي آ بزمِ طالب مولا ۾
نچي جهومي چَوَن سائين اوهان جا همنوا سهرا.
لڳايان تن مٿان ويهي سَچا اَنمولُ ڪي هيرا
سُهن تنهنجي سدا سِر تي سچا اي رهنما سهرا.
دعا آ دل منجهان نڪتي نئين ”نِوِيدَ“ جوڻيجا
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا.“
ممتاز شاهه
سَهرو
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا“
وڃن گوندر ختم ٿي شل پيا مُرڪن سدا چهرا.
پنهنجي هن جُوءِ ۾ جاني هجن ميلا محبت جا
ختم ٿين هميشه لاءِ هي مٿان جي سونهن جي پهرا.
مٺي محبوب جي محفل مٺا ماڻهو مٺيون ڳالهيون
سڄي سنڌ ۾ پيا گونجن اوهان جي ڪاڄ جا سهرا.
خوشي ”ممتاز“ ڪيئن ماپيان ٿيو ڏاڍو آهيان خوش مان
پنهنجا جي واسطا آهن سمنڊن کان به سي گهِرا.
خداوند رهن تازا هميشه دلربا سهرا
وڃن گوندر ختم ٿي شل پيا مُرڪن سدا چهرا.
مظهر ڪاڪا
سَهرو
بِحمدلله منهنجي محبوب آهن اڄ ٻڌا سهرا
خوب کان سي خوبتر مٺا ماهِه لڪا سهرا.
ڏسو ڪيڏو حسين منظر آهي هي دوستو
چُمن پيا چنڊ چهري کي بارها سهرا.
هار حورن جي هٿن ۾ گل غلمانن کنيا
جنت الفردوس مان لالڻ لئه لٿا سهرا.
رنج و الم سڀ دور ٿي آهن ويا
لادوا جي ٿي پيا آهن دوا سهرا.
چشم بد کان رهن محفوظ هي هردم
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا.“
ڏسي ٿيو خوش گهڻو ئي آ جهان سارو
مٺي محبوب موچاري جا سهڻا هي صفا سهرا.
مبارڪ صد مبارڪ منهنجا پيارا پير پاڳارا
پنهنجي پياري دل گهرئي دلبر گهڻي دلدار جا سهرا.
ڪري ٿو التجا ”مظهر“ خدا جي در اڳيان هر هر
ته مولا رک سدا قائم مٺي منٺار جا سهرا.
ڊاڪٽر نور محمد ’نور‘ ٻگهيو
سَهرو
ٻڌا آهن سندم محبوب ڪيڏا خوشنما سهرا
رخِ زيبا کي پيا ڇيڙين هر هر هي ڏنگا سهرا.
هنن آهي لڳائي خوب زلفن تي به پابندي
ڳلن سان ڳالهيون پيا ڪن اڪيلا چِلوِلا سهرا.
لڪائي لوڪ کان چهري کي ڪن پيا خوب سرگوشيون
خوشيءَ ۾، سر خوشيءَ ۾ ڪئن ڏين اڇلون پيا سهرا.
ٿئي ڪنهن مهل ٿو هيءُ چنڊ ڪڪرن جي وچان ظاهر
بپا ماحول ۾ ڪن انڊلٺ جهڙي فضا سهرا.
رسي دلبر جي زلفن تائين اوچي ڳاٽ بيٺا هن
خداوندا! رهن نازان هميشه دلربا سهرا.
خوشيءَ جو موقعو آ ”نور“ نس نس ۾ آ سرهائي
وفور شوق مان منهنجي قلم آهن لکيا سهرا.
پير ياسين شاهه
سَهرو
دعا آهي ته شل هن سنڌ ۾ ٻڌجن سدا سهرا!
لهن لانئون سدائين گهوٽ پائن با ادا سهرا!
هي محفل معتبر آهي، هي مخدومن جي محفل آ!
مٺي محبوب سائين کي ڪيا مالڪ عطا سهرا!
عجب رنگين شادي آ خوشين جي بادشاهي آ،
ٺهي ٿو واهه جو هي گهوٽ پائي مهه لقا سهرا!
ڪريون خوشيون، هڻون مينديون، اچو ڳايو مٺا نغما،
خدا جي مهر سان محبوب پائي برملا سهرا!
لکي لاڏا پڳا شاعر لڳي وئي واهه جي رونق،
اچو اڳتي پهرايو گهوٽ لاڏي کي ادا سهرا!
سڄڻ محبوب سائين هڪ جميل انسان آ يارو،
ٺهن ٿا خوب هن مخدوم کي رنگِ حنا سهرا!
رهي شل يار خوش آباد خيرن سان جُڙي جاني،
مليس خوشيون، سڄڻ پاتا عجب سهڻا سٺا سهرا!
سڄو ماحول بارونق لڳل آ واهه جي محفل،
لڳائن چار چنڊ ٿا هي معطر ۽ مٺا سهرا!
دعائون ٿو گهري ”ياسين شاهه“ هن گهوٽ پياري لئه،
جنهين کي اڄ ٺهن ٿا خوب هت ناز و ادا سهرا!
پروفيسر ڊاڪٽر مرزا امام علي بيگ ’افسر‘
سَهرو
ملائڪ آسمانن تان کڻي آهن لٿا سهرا،
آهن حورن ستارن سان به ٺاهيا مھ لقا سهرا.
ٿي هالا شهر ۾ برپا آهي سهرن جي محفل اڄ،
سخنور هِت لکي سڀئي کڻي آهن رسيا سهرا.
خضر جي عمر، اقبال سڪندر، عيش جمشيدي،
خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا.
آهي تيار دل پنهنجي فدا اڄ ڪرڻ جي خاطر،
جو آهي گهوٽ يوسف ۽ خريدار ٿيا ان جا سهرا.
آهي گيسُن جي ڦندي ۾ ٿيو نوشاهه اڄ قيدي آ،
۽ قدمن کي چُمن پيا گهوٽ جي اڄ بارها سهرا.
اثر ان تي نه هرگز ٿيندو نظربد جو پڻ ڪڏهين،
دعا مخدوم محبوب الزمان جو ڪَن پيا سهرا.
رکڻ اڄ مصحفِ رُخ جو ادب ملحوظ خاطر ٿيو،
”خداوندا رهن تازه هميشه دلربا سهرا.“
نظر پئي حسن تي نوشاهه جي جنهن وقت سهري جي،
ڪڏهن قربان ٿيا سهرا ڪڏهن ٿين پيا فدا سهرا.
ڪڏهن آئينو بنجي ٿا ڏسن اڄ گهوٽ جو چهرو،
ڪڏهن قسمت تي ٿا ڪن فخر هيئن چئي مرحبا سهرا.
آهي جيئن بزم سهرا کي ٿي حاصل گهوٽ کان رونق،
ائين ئي گهوٽ کي سونهن ٿا مُنهن تي جابَجا سهرا.
مبارڪ توکي محبوب الزمان اڄ مسند زر جي،
سندءِ بخت سڪندر بنجي ويا آهن سدا سهرا.
گلن کي ڪيئن نه ٿي ترجيح اڄ بس لعل و گوهر تي،
دعائون جو گهُريون، تن ٿيون اسين نوشاهه جا سهرا.
ٽڙي سهري جا پيا غنچه جميل الزمان جي آمد کان،
مبارڪ توکي ٿي فرزند عاليجاهه جا سهرا.
خدا جو شڪر محبوب الزمان نو شَهه بڻيو آهي،
سندس ماءُ، پيءُ، پنهنجي لخت جگر جا جو ڏٺا سهرا.
منهنجي سهري جي بندش ۽ نزاڪت کي ڏسي ”افَسره“
سخنور مُنهن ڏسي منهنجو، چَون وَه واه پيا سهرا.
ميرزا دبير حسين
سَهرو
مٺي محبوب پنهنجي کي جميل آهن ٻَڌا سهرا،
ٻَڌي سهرا سڏي محفل هي آهن اڄ رَچيا سهرا.
رخ محبوب تي اڄ پيا سُنهن جيڪي ڀلا سهرا،
امين و طالب المولى جي آهن سي دعا سهرا.
دعائي نوح سرور سان جميل خوش نوا ٿو چئي،
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا“
مبارڪ صد مبارڪ هُئي اوهان کي اڄ جميل سائين،
اوهان جي جانِ جانان جا مبارڪ ڪيا خدا سهرا.
مبارڪ ڏئي جميل سائين کي پڙهه سهرو ”دبير“ تون،
پڙهن پيا جت سُخنور چئي خوشيءَ مان مرحبا سهرا.
ابڙو عبدالجليل ’نشتر‘
سَهرو
بيمارِ عشق هوندو آ منتظر، محبوب جي هٿڙن لاءِ،
تن هٿن تي ڏسي ميندي، ٽڙي پيا بي انتها چَهرا.
خوبصورت آهي هيءَ صورت، جنهن مٿان آهن سجيل،
پيار ۽ پاٻوهه مان ڳلڙن کي چُمن پيا هي خوشنما
سهرا.
ڄڻ چنڊ ڪري پيو لِڪ لِڪوٽي، اهڙو هيءُ آهي سمان،
لُڏن، لمڪن ۽ چمڪن پيا هي بي بها سهرا.
هجن هي خوشيون هردم، بهاري موج ۽ مستي،
محبوب جي چهري کي ڏسي، نچن پيا هي مھ لقا سهرا.
ملي هوندي اڄ روح کي راحت ”فهيم و طالب المولى“،
’محبوب مولا‘ جي مٿان، دعائن جا جهومن ٿا هي همنوا
سهرا.
نشتر جي دل جي هيءَ آس آهي ۽ دعاگو هر بشر آهي،
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا“.
سڌير لاکو
سَهرو
منهنجي دلدار دلبر کي، پيا ڪن مرحبا سهرا،
جَمالي حُسن سهڻل کي، ٺهن ٿا نوَ لکا سهرا.
خوشيءَ ۾ ڪونه ٿو ماپان، ويا لايا سجايا ٿي،
اميدون ٿي ويون پوريون ٻڌا ماهه لقا سهرا.
مليو اڄ مشڪ عنبر ۽ ڇٽيو پتڙيون گلابن جون،
ڪيو روشن چراغان پڻ، ٿيا مهر و وفا سهرا.
سخي هن نوح سرور جي، سخاوت ۽ ڪرامت سان،
هجي سڀ خير خيريت، ۽ ٿيا هن جا وفا سهرا.
عزيزن ۽ رفيقن هي، گهريون دعائون اَبي آهن،
”خداوندا رهن تازا، هميشه دلربا سهرا.“
”سڌير“ آ ساهه ٿي پيئڙو، اچي پئي روح کي راحت،
اچو گڏجي سڀئي ڳايون ٿين سهڻا سُٺا سهرا.
فتح شاهه ’فراق‘
سَهرو
رخِ انور تي نازان ٿا لڳن پيا مرحبا سهرا،
نمايان خوبصورت هي مٺي منٺار جا سهرا.
ڏکڻ جي هير ۾ خوشبوءِ گهُلي پئي ڳل لڳي ٿڌڙي،
ملي پئي روح کي راحت سدائين خوشنما سهرا.
يمن جي لال هيرن مان بڻايا حرس مان حورن،
عيان ٿيا نور جا جلوه سڀئي چئو واه واه سهرا.
وفا جو درس محبت سان ٻڌائن پيا لکي دل سان،
مچائي ميلا، گڏجاڻيون جهان ۾ جابجا سهرا.
گل و گلزار محفل ۾ مبارڪ سان دعاگو سڀ،
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا.“
سخنور شاعرن ورکا ڪئي انمول لفظن سان،
چيو سڀني لکيا آهن خوشيءَ مان بي بها سهرا.
نظارن سونهن جا نغما چيا آهن ترنم سان،
هوائن چؤطرف وکري ٻڌايا بارها سهرا.
”فتح شاهه“ فيض مان مون کي رتي محفل مان ملڻي آ،
عقيدت راز روحاني ٻڌائن پيا سدا سهرا.
سهيل احمد حسيني
سَهرو
مٺي محبوب جي مُک تي لڳن ٿا خوشنما سهرا،
گل و گلزار ٿي محفل چُميا باد صبا سهرا.
نياري لوڏ لالڻ جي پرين پوشاڪ جنهن پياري،
ڏسو اڄ واڌ ٿي وريا مٿن هيرن جڙيا سهرا.
فرشتا آسمان تي خوش زمين تي آدمي سارا،
خدا خود ڀي ٿيو راضي ڏسي هي برملا سهرا.
مٺن ماڻهن سان مهڪي ڪاڄ ٿو دلربا دلاري جو،
”خداوند رهن تازا هميشه دلربا سهرا.“
شريعت جو امر آهي ڪري شادي سونهارا ٿيو،
ڀري حامي اڳيان هاديءَ حبيبن ڀي ٻڌا سهرا.
نڪاح نبوي رسم پياري مقدس ۽ ڀلاري ڀي،
ڪيا روشن حياتيءَ کي سچا هي باوفا سهرا.
پوي بارش ٿي رحمت جي مهر محبوب جي در تي،
”حسيني سهيل“ ڀي لکيا دلي دلبر سندا سهرا.
صفدر عباس ميرزا ”سيفي“
مسرت خيز عشرت ريز دلڪش خوشنما سهرا
حسين تر خوبصورت خوب منظر مرحبا سهرا.
شباب و حسن جو منظر پائڻ پارسا سهرا
سراپا باغ خوبي جو نمونو دلڪشا سهرا.
جمال خوشنما سهرا ڪمال مرحبا سهرا
صبيح و ضوفگن جلوه فگن جنت نما سهرا.
بحق فاطمه حسنين و حيدر مصطفيٰ مرسل
”خداوندا رهن تازا هميشه دلربا سهرا“.
جهڪي بوسا ڏين پيا جو ڪشش ٿي حسن جي اهڙي
رخ نوشاهه کي مستي ۾ اڪثر خوش ادا سهرا.
عروس نو جي آمد هڪ حيات نو جي ضامن ٿي
مبارڪ صد مبارڪ ٿي ويا بخت رسا سهرا.
ٿيا ارباب محفل شاد و خرم هن جي خوشبو کان
حسينن واسطي بنجي ويا هي رهنما سهرا.
زبان
لطف سان اڄ تهنيت خوان بنجي محفل ۾
محبت سان عقيدت سان ٻڌن پيا باوفا سهرا.
کڻي آيا پيام زندگي کي باغ تمنا ۾
گل و لالھ
جي صورت ۾ بحڪم ڪبريا سهرا.
ڪري تسخير
ملڪ نظم جي آتش بياني سان
سخن جي مملڪت جا ٿيا حقيقي آشنا سهرا.
ڏسي باغ تمنا ۾ بهار روح پرور کي
ٿيا معجزنما مقبول هي پيش خدا سهرا.
سخن رنگين ادا رنگين فضا رنگين زبان رنگين
ٿيو سارو جهان رنگن ڏسي رنگين نما سهرا.
توان ناتوانان زور بخش بازو ئي مسڪين
مطيع حق نصير ملت خير الورا سهرا.
مھ
تابان مھ
ڪامل مھ
الفت
مھ
رفعت
ٿيا مهر وفا نور سحر صبح صفا سهرا.
نه ٿي الهام نازل اڄ دم فڪر سخن ڪنهنپر
ڪمال فڪر جو معراج ٿيا معجزنما سهرا.
شگفته مثل گل ٿي پيو چوي مخدوم صاحب اڄ
سرور دل ٿيا آرام جان نور ضيا سهرا.
بفضل حق ٻڌا مخدوم محبوب الزمان آهن
سراسر پر گوهر سهرا سراپا خوشنما سهرا.
وڏي سڪ مان وڏي حب مان نهايت جوش جذبي سان
لکي آيا سڀئي شاعر سائين محبوب جا سهرا.
فروغ شمع بزمِ
طالب الموليٰ ڏسي هر سو
ٿيا حسن بيان لطف زبان معجز نما سهرا.
مٺي مرسل جي در ”سيفي“ جي آهي التجا هر دم
رهن دائم ۽ قائم هي بلطف ڪبريا سهرا.
|