سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2024ع

باب:

صفحو:5 

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

 

 

 

دولهه دريا خان جو ڪوٽ ۽ حويلي

 

سنڌ ساڻيهه جو سپوت، وطن دوست، داناءُ ۽ دلير دولهه دريا خان شهيد، سنڌ جي هاڪاري حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي سمي جو وزير اعظم ۽ سپهه سالار هو. ڄام نندي کي شروع ۾ پُٽاڻو اولاد ڪونه هو. تنهن ڪري هن دريا خان کي پُٽيلو ڪري پاليو . پهرين هو لکمير جو ملازم هو، جنهن کان ڄام نندي ورتو. دريا خان ننڍي هوندي کان ئي ڏاهپ، دليري ۽ ٻين گُڻن جو ڌڻي هو. ’تاريخ طاهريءَ‘ ۾ دريا خان جي باري ۾ لکيل آهي ته، ”هن کي لکمير وٽان آزاد ڪرائي ڄام نندي پنهنجي ملازمت ۾ رکيو ۽ سندس تعليم ۽ تربيت جو انتظام ڪيائين. جيئن ته قدرتي طور منجهس شاهي وزارت جا جوهر هئا، ان ڪري ٿوري ئي وقت اندر ان منصب تائين پهتو. آخر مبارڪ خان جو خطاب مليس ۽ هيءُ ڄام جي نوازش ڀري نگاهه ۾ ايڏو ته اُتاهون ٿي ويو، جو هُو پنهنجي اولاد ۽ عزيزن کان وڌيڪ کيس ڀانئڻ لڳو.“ (1)

پير حسام الدين راشدي اهو احوال هنن لفظن ۾ لکيو  آهي، ”دريا خان ابتدا ۾ هڪ لاوارث ڇوڪرو هو. بادشاهه منجهس ڪارڪردگيءَ جا جوهر ڏٺا. پاڻ وٽ آڻي سندس پرورش ڪيائين ۽ اعلى پيماني تي تربيت ڏئي، معمولي ملازمت جي درجي تان مٿي چاڙهيندي، کيس وزير اعظم جي درجي تائين رسايو. سنڌ جي فوجن جي سپهه سالاري به سندس سپرد هئي. مبارڪ خان ۽ خان اعظم جا خاص خطاب ڏئي سندس مرتبو بُلند ڪري، آخر ۾ کيس فرزنديءَ سان سرفراز ڪري، عروج ۽ اقبال جي بُلنديءَ جي آخري منزل تائين پهچايائين.“ (2)

دريا خان جي شروعاتي زندگيءَ جي باري ۾ راشدي صاحب اڳتي لکيو آهي ته، ”پنهنجي ڪارڪردگيءَ سبب بادشاهه جي زندگيءَ ۾ نمڪ حلالي ۽ جفاڪشي ڪندي، سموري سلطنت جو ڳاٽ اوچو رکيو. بلڪ سلطان جي وفات کان پوءِ به اهو ئي اڪيلو امير هو، جنهن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ پورا ٻارنهن سال مسلسل جدوجهد کي جاري رکيو. پنهنجي جيئري مغلن کي ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنائين ۽ دره بولان وٽ پهچي، کين شرمناڪ شڪست ڏئي پُٺ تي ڌڪيائين. آخر ۾ ٺٽي جي چائنٺ وٽ لڙندي وڙهندي، تير ۽ تلوارون هڻندي ۽ کائيندي جڏهن پنهنجو سر صدقو ڪيائين ان کان پوءِ ئي ’خرابيءَ سنڌ‘ جو باب کلي پيو، جنهن هڪ ٺٽو ڇا، بلڪ غيرن جي غلاميءَ لاءِ پوري سنڌ جو رستو هموار ڪري ڇڏيو.“ (3)

ڪيترن ئي تاريخدانن جو خيال آهي ته دولهه دريا خان کي دوکي سان قتل ڪيو ويو. اها ڳالهه درست ان ڪري به ٿي سگهي ٿي ته دولهه دريا خان ڪو معمولي ماڻهو ڪو نه هو جو ائين تڪڙو مارجي وڃي. هيءُ ته اهو شخص هو جو ان کان اڳ ۾ هتان هلي، سبيءَ واري علائقي ۾ پهچي اُتان به کين ڀڄائي، سوڀ ماڻي چڪو هو، هيءُ ته سندس گهر هو. هُو ته پنهنجي پُٽن سميت مختلف محاذن تي هر وقت بيٺل رهيو هو، هن ڀيري جيڪو سنڌ مٿان ڏکيو وقت اچي ڪڙڪيو هو، ان جو سبب ڄام فيروز هو، جيڪو ڌرتيءَ جي لڄ سڃاڻي نه سگهيو هو، جنهن پنهنجن کي رنجائي، ڌارين سان دوستي رکي هئي.

ڌريان ئي ڌاريا مٽ مٽيءَ جا نه ٿيا.

      (شاهه لطيف)

نه ته سنڌ جي سرحدن ۾ داخل ٿيڻ ڪا سولي ڳالهه نه هئي. تاريخ مان معلوم ٿيو ته 1520ع ۾ ارغونن مير فاضل ڪوڪلتاش جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ تي حملو ڪيو. ڪوٽ ماڇي ۽ چانڊڪا مان وڏي ڦرلٽ ڪندا جڏهن باغبان وٽ پهتا تڏهن اُتي به دريا خان جا سورهيه پُٽ ساڻن سامهون ٿي کين موٽڻ تي مجبور ڪيو هو. تنهنڪري هُو پوئتي نڪري، وري به رستو بدلائي ٺٽي ڏانهن وڌيا. ارغون 22 ڊسمبر 1520ع موجب 11 محرم 927هه تي ساموئي ميدان تي پهتا. ڄام فيروز اهو ٻڌي ڀڄي وڃي، پير پُٺي ڏانهن لڪي ويهي رهيو. دريا خان ميدان تي پهچي، ساڻن وڏي ويڙهه ڪئي. ارغون جڏهن ڪامياب نه ٿيا تڏهن انهن دغا سان دريا خان کي صلح جي ڳالهين لاءِ گهرائي، کيس دغا ۽ دوکي سان قتل ڪري ڇڏيائون. ان کان پوءِ به سنڌ جا سپاهي وڙهندا رهيا،  پر شهيد ٿي ويا. اهڙي حقيقت پير حسام الدين راشدي صاحب به بيان ڪندي ظفرالولہ جي حوالي سان لکي ٿو ته، ”....... هنن (ارغونن) چالبازيءَ سان وزير دريا خان کي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي بيوفائي ڪندي کين ذري ماتر پرواهه ڪانه ٿي.“ (4)

دولهه دريا خان نه رڳو سورهيه سپهه سالار، سچار ۽ آخري پساهن تائين وطن لاءِ وڙهندڙ سنڌ سڄڻ هو، پر انتظامي لحاظ سان هڪ بهترين منتظم به هو. هن ملڪ ۾ زرعي سڌارا به آندا ۽ اڏاوتون به ڪيون. انهيءَ دور ۾ سنڌوءَ جڏهن ريڻ واري وهڪري کان اڳتي ڍنڍيءَ کان پهرين (هاڻوڪو ٽنڊو محمد خان ۽ ماتلي) ڪوري کاريءَ ڏانهن آر ڪيو، تڏهن ٺٽي ڏانهن ايندڙ وهڪرو گهٽجي ويو، جنهن مان بگهاڙ ۽ ڪلري وارا وهڪرا نڪري نه رڳو هن علائقي کي آباد ڪندا هئا، پر انهن تي لاهريءَ جهڙا جڳ مشهور بندر به هئا. دريا خان ان دور ۾ ڪلريءَ واري وهڪري کي درست ڪرائي، ان مان هڪ واهه کوٽرايو جيڪو ’خان واهه‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. ان واهه جي ڪري ٺٽي، ساموئي ۽ ساڪري جي زمينن جي آباديءَ ۾ گهڻو واڌارو ٿيو. اهڙيءَ ريت هن تعميرات جي سلسلي ۾ به ڪم ڪيو.

دريا خان جيڪي خاص ڪري ٺٽي ۽ مڪليءَ ۾ اڏاوتون ڪرايون، انهن ۾ هتي اسان جو موضوع ’دريا خان جو ڪوٽ‘ آهي. ان ڪوٽ جي باري ۾ اسان جي تاريخ جي ڪتابن ۾ بنهه گهٽ ذڪر ملي ٿو، ان جا سبب هڪ ان دور جو سمورو لکت وارو رڪارڊ ارغونن پاران ڏنل باهين ۾ سڙي رک ٿي ويو، ٻيو ته دريا خان جي شهادت کان پوءِ ان جي ڪوٽ کي به تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هوندي، ٽيون ته ان دور جي تاريخ به اسان کي رڳو حملي آورن ۽ قابضن جي ماڻهن جي ملي ٿي، انهن مان اهڙن احوال ڏيڻ جي اُميد به ڪهڙي. دريا خان جا پُٽ به مخدوم بلاول جي اڳواڻيءَ ۾ باغبان وارن علائقن ۾ ڌارين سان ويڙهه وڙهي رهيا هئا مطلب ته اهي به پري هئا، جيڪي سار سنڀال ڪن ها.

پهرين ڏسجي ته دريا خان جو ڪوٽ ڪهڙي هنڌ تي هو. ٺٽي شهر کان تند سر تلاءَ وٽان مڪلي عيدگاهه ڏانهن ويندڙ وچون رستو، عيدگاهه کان پهرين جيئن ئي هيٺاهون علائقو ڇڏڻ سان جيڪا مڪليءَ واري چاڙهي اچي ٿي، ان چاڙهيءَ سان ڏکڻ ۾ (هاڻوڪي روڊ سان گڏ) ٽڪريءَ جي ڪڇ ۾ موجود هو، جتي هن اولهه وار ڀاڱي جا آثار باقي موجود آهن. ڪوٽ جو وڏو ڀاڱو اوڀر ۾ هو، جيڪو تباهه ڪيو ويو يا تباهه ٿي ويو. مڪلي ٽڪريءَ جي ان ڀاڱي کي ’دريا خان وارو ٽڪر‘جي نالي سان سڃاتو ۽ ياد ڪيو وڃي ٿو. جاگرافيائي لحاظ کان ان زماني ۾ هيءُ هنڌ نه رڳو اهم هو پر حسين منظرن ۾ گهريل به هو. اتر ۾ گهاڙ مساڻ ڍنڍ ۽ ٿورو اڳيان اڇي اُجري ڪالڪان ڍنڍ جا حسين منظر، ان جي ڀرسان ئي اتر کان نڪري اوڀر ڀر مان وهندڙ عالي جان واهه، ڏکڻ طرف وهندو ويندڙ عالي جان واهه جي ڪنارن سان باغ، سايون ٻنيون، ان کان اڳيان ٿوري ئي پنڌ تي ميڪرا ڍنڍ، ڏکڻ اوڀر ۾ شاهي قلعو ۽ باغ. اوڀر طرفان ڀرسان ئي وهندڙ علي جان واهه، ٿورو ئي پريان تندسر ڍنڍ، علي واهه ۽ تندسر جي وچ ۾ گلن جا باغ، تندسر جي اوڀر ڪناري سان ٺٽي جون بازارون موجود هيون. اولهه پاسي رڳو لڳ خماريندڙ هوائن ڀري مڪلي ٽڪري. هتي هيءَ چٽائي ڪرڻ به ضروري آهي ته تنهن زماني تائين مڪليءَ تي قبرستان فقط  اتر واري ڀاڱي يعني ڄامن (ڄام نندي ۽ ٻين) واري قبرستان تائين هو. مڪليءَ جي باقي ايراضيءَ ۾ رڳو وڻندڙ منظر ئي هئا. ۽ ٻيا ڪجهه مندر ۽ پاڻيءَ جا تلاءَ. هي سڀ مقبرا ۽ قبرون پوءِ جون ٺهيل آهن.

هيءُ ڪوٽ ڪيتري ايراضيءَ ۾ هو، ان جا در گهڻا ۽ ڪهڙن طرفن کان هئا. حفاظتي بُرج گهڻا هئا. ڪوٽ جون ڀتيون ڪيتريون ٿلهيون ۽ مضبوط هيون يا اُهي اوچائيءَ ۾ ڪيڏيون هيون. ڪوٽ ۾ اندر حويليءَ کان سواءِ ڪهڙيون اڏاوتون هيون. اهڙو احوال هاڻي ڪٿان به نٿو ملي. هاڻي رڳو ڪوٽ جو هئڻ ۽ ان جي هنڌ بابت ڪجهه ڪتابن ۾ حوالا ملن ٿا ۽ ٻيون ڪجهه روايتون. پهرين ڏسو ته اهو ڪوٽ هو ڪهڙي هنڌ تي. سنڌ جي مانواري محقق ڀيرومل پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جو سيلاني‘ ۾ دولهه دريا خان جي هن ڪوٽ جو ّذڪر ڪندي، هن ريت ڏس ڏنو آهي، هو لکي ٿو ته، ”شهر جي ٻاهران ميونسپل ناڪي وٽان جيڪي رستا ڦٽن ٿا، تن مان هڪڙو اهو آهي جو ڳوٺ گجي ۽ ڳوٺ گهاري کان ڌاٻيجي ۽ پپري اسٽيشن وٽان لنگهي سڌو ڪراچي وڃي ٿو. اهو گُجي وارو رستو وٺي (ٺٽي کان) ٿورو پنڌ ڪبو ته پڪ سرين ڀتين جا ٽڪر پٽ تي پيل نظر ايندا. چون ٿا ته اتي اصل ڄام نندي جي پٽ دولهه دريا خان جو قلعو هو.“ (5)

اها ڳالهه ڊاڪٽر غلام محمد لاکي به ’سمن جي سلطنت‘ ۾ انهن ئي حوالن سان لکي آهي ته، ”هن جي حوالي ۽ ڪوٽ جو مڪليءَ جي عيدگاهه جي اوڀر واري ايراضيءَ ۾ هئا. هن وقت ويندڙ پيچرو، درياهه خان جي ڊٺل ڪوٽ جي اُتر کان وڃي ٿو.“ (6)

انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ٺٽي جي نالي ۽ بيهڪ وغيره جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاندار تحقيقي ڪم ڪيو آهي. هن پنهنجي تحقيقي مقالي ۽ ٺٽي جي سمن جي دور ۾ سندن محلي ۽ مشهور هنڌ تندسر تلاءَ جو ذڪر ڪندي درياهه خان جي هن ڪوٽ جو ذڪر ڪندي ڏس ڏنو آهي هُو لکي ٿو ته، ”پاڻيءَ ۾ اها ڍنڍ ”تندسر“ جيڪا اڳئين درياءَ يا ان جي ڪنهن شاخ جي پيٽ سان لاڳو هئي، سا اڀرندي ڪناري ٻيڙين لاءِ هڪ مثالي لنگرگاهه جو ڪم ڏيندڙ هئي. پاڻيءَ جو جهجهو مقدار هتي سڄو سال يعني آبڪلاڻي توڙي سياري ٻنهي موسمن ۾ موجود هوندو هو. ان جي اوڀرين ڪپر تي موجود ٻن جليل و قدر بزرگن، لال ڇتو ۽ ابراهيم شاهه جا مقبرا اها شاهدي ڏين ٿا ته هيءُ سنڌ هميشه هڪ مرڪز رهيو آهي ۽ هر امڪاني حد تائين اهو شهر (ٺٽي) جو اوائلي سائو ستابو حصو رهيو آهي. ان جي آمهون سامهون درياءَ جي اولهين طرف مڪليءَ جي ٽڪر جي ڪناري سان ’دريا خان جو ڪوٽ‘ هو، جيڪو ڄام نظام الدين جو وزيراعظم ۽ سپهه سالار هو. (7)

ڊاڪٽر صاحب هن ڳالهه جي وڌيڪ وضاحت پنهنجي ’اشارن‘ (حاشيي) ۾ هن ريت ڪئي آهي، ”عيدگاهه جي اوڀرين طرف واري ايراضيءَ کي ’دريا خان جو ٽڪر‘ سڏبو هو،  ڇاڪاڻ جو سندس ڪوٽ ۽ حويلي انهيءَ هنڌ تي هئا. اهي ڏاڪا جيڪي هاڻي عيدگاهه ڏانهن ويندڙ آهن، سي ڪوٽ جي اترئين (ڀت واري) طرف واقع آهن، اهي ڏاڪا هاڻي ڊهي ڦٽي ويا آهن، پر انهن جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا.“ (8)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاران ڏسيل هنڌ وارا سيڙهين جا ڏاڪا توڙي جو ڦٽي ويا آهن، پر تنهن هوندي به خاص ڪري ٽڪريءَ جي بنياد واري ڀَر مان مٿي تائين اُهي نشان اڄ به موجود آهن. هن تاريخي ڪوٽ ۽ ان جي آثار جي باري ۾ تاريخ جي ڪتابن ۾ ڪو وڌيڪ مواد نه ملڻ جي صورت ۾ بهتر سمجهيم ته ٺٽي جي انهن جهونن ۽ سڄاڻ شخصن کان هن ٽڪريءَ ۽ آثارن بابت ڄاڻ وٺجي. جيڪي هتي جي باري ۾ سٺي ڄاڻ رکن ٿا ۽ سٺي نموني به ٻڌائي سگهن ٿا. مون ان سلسلي ۾ ڪجهه وقت اڳ ۾ محترم سائين عبدالله گندري کان ’دريا خان جي ڪوٽ‘ بابت پڇا ڪئي ته هُو هڪدم مون کي وٺي هلي، انهيءَ هنڌ تي بيٺو، جنهن هنڌ تي اهي آثار موجود آهن . پاڻ پهريائين سم ناليءَ جي اوڀر واري پاسي هلي بيهي، ڪوٽ جي اڳوڻن  آثارن بابت ٻڌائڻ لڳو. ان هنڌن تي، هٿن سان مِٽِي وَلِيندي، ڀتين جا نشان ڏيکاريندي چوڻ لڳو ته، ”سٺ واري ڏهاڪي کان اڳ هتي تمام موڪرين (ٿلهين) ديوارن جا نشان پڌرا بيٺل هوندا هئا. انهن ديوارن جي بنياد ۾ پٿر، ۽ مٿئين حصي ۾ سرون استعمال ٿيل هيون.“ سڄي ڪوٽ جي ديوارن وغيره جو سهڻي انداز سان پنهنجي لفظن ۾ نقشو چٽيندي چوڻ لڳو ته، ”هن اوڀر واري حصي ۾ حويليءَ جا نشان به هوندا هئا.“ سندس چوڻ آهي ته، سم نالي ڪوٽ جي آثارن جي وچ مان گذاري، ڄاڻي ٻُجهي آثار ڦٽايا ويا. توڙي جو سم نالي جيڪڏهن آثارن جي اوڀر واري خالي پيل ايراضيءَ مان  ٿورو ڦيرائي ٺاهجي ها ته ڪر ڏاڍو ڀلو ٿئي ها. افسوس ڪندي چيائين ته انهن آثارن جي اهميت ٻڌائڻ باوجود انجنيئرن ڪا ڳالهه نه ٻڌي. سم ناليءَ کان اولهه طرف ٽڪريءَ جي هيٺاهين پاسي ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته، ”هتي گهڻيون ئي سرون پيل هونديون هيون، جيڪي آهستي آهستي کڄي ويون.“ سندس چوڻ آهي ته،”ڪوٽ کي اٺ مورچا هوندا هئا.“ سيڙهين وارن نشانن ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته، ”هي سيڙهيون به ان زماني جون آهن،  هتان نه رڳو ڪوٽ جا ماڻهو، ٺٽي ۽ مڪليءَ جا ماڻهو به وچ وارو واهڙ ٻيڙين تي اُڪري، هتي لهي ايندا ويندا هئا.“ سندس چوڻ موجب، ”ٺٽي ۾ بادشاهي ڪوٽ اوڀر ۾ اسلامپور محلي جي ڏکڻ طرف هتان کان سڌو هوندو هو.“ (9)

سياسي، سماجي ۽ هتي جي سڄاڻ شخصيت محترم بابو غلام حسين جو چوڻ آهي ته، ”آڳاٽي زماني ۾ سيڙهيون مڪليءَ تي ايندڙ ويندڙ ماڻهن لاءِ ٺاهيون هيون، ڇاڪاڻ ته تڏهن ٻيڙيون اچي انهيءَ هنڌ تي بيهنديون هيون.“ پاڻ بابو غلام حسين صاحب ڪوٽ جو نالو ٻڌائڻ بنا چيو ته، ”مون پنهنجي جوانيءَ تائين اهي سيڙهيون بنهه چٽيون ڏٺيون هيون. سيڙهين جي ڏکڻ ۽ اوڀر طرف گهڻي ايراضيءَ ۾ ڪنهن ڪوٽ جي ڀتين جا نشان ڏسبا هئا.“ (10)

پروفيسر قاضي ذاڪر هنن آثارن جو دلچسپ ذّڪر ڪندي، ٻڌائي ٿو ته ”ننڍي هوندي جيڪي آثار اسان ڏٺا سي گهڻا هئا. پاڪستان ٺهڻ واري دور تائين به عيدگاهه واري چاڙهي کان اوڀر ۾ گهڻي ايراضيءَ ۾ ڪوٽ جون ڀتيون ظاهر هونديون هيون.“ هو هڪ اهم ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي، چوي ٿو ته، ”سن 1956ع ۾ هن علائقي ۾ تمام وڏي ٻوڏ آئي هئي، جنهن ۾ ٺٽو شهر ڪيترائي ڏينهن پاڻيءَ هيٺ رهيو. ٻوڏ جو اهو پاڻي مڪليءَ جي ڀَرَ ڏئي اچي ڪيترن ڏينهن تائين بيهي رهيو. هن آثارن جا هيٺيان حصا انهن ڏينهن ۾ برباد ٿيا . باقي رهيل آثار تڏهن ڊاٺا ويا جڏهن هن هنڌ تان سم نالي ڪڍي وئي.“ (11)

اها حقيقت آهي ته 1956ع واري ٻوڏ ۾ ٺٽي شهر جي گهڻن حصن جا گهر ڇتين تائين پاڻيءَ ۾ ٻُڏل هئا. اهڙا احوال ۽ منظر، فوٽن سميت تڏهن جي هلالِ پاڪستان ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيل رڪارڊ تي موجود آهن. انهن فوٽن ۾ ڪن گهرن جي ڇتين جا فقط منگهه (هوا دان) ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ ٻوڏ واري وقت ۾ ٺٽي جا ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي، ڪيترن ڏينهن تائين مڪليءَ تي اچي، رهي پيا هئا.

هنن آثارن جي باري ۾ محترم سائين دوست محمد قريشيءَ جو چوڻ آهي ته، ”ٺٽي کان مڪلي عيدگاهه ايندي مڪلي چاڙهي تي روڊ جي ڏکڻ ڀرسان تمام گهڻا پٿر ۽ سرون پيل ڏسبيون هيون. اها چاڙهي درياهه خان واري چاڙهي آهي.“ (12)

مٿين سڀني مهربانن هي ڳالهيون ساڳيون ڪيون ته، ”چاليهارو سال کن اڳ تائين هتي چڱا آثار موجود هئا، پر سم نالي نڪرڻ جي ڪري هاڻي باقي وڃي بچيا آهن. آڳاٽي زماني کي ڇڏي ويهين صدي جي پوئين اڌ جي شروعات کان سڄي سنڌ جي قديم ماڳن وانگر ٺٽي ۽ مڪليءَ واري آثارن جو به گهڻو نقصان ٿيو آهي. اهڙي ريت هن ڪوٽ جي آثارن کي به ان ئي دور ۾ گهڻو نقصان پهتو. مٿي بيان ڪيل حقيقتن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، ”پنجاهه سٺ وارن ڏهاڪن کان اڳ ۾ هن ڪوٽ جي اوڀر ۾ ديوارن جا نشان موجود هئا. جڏهن سن 1960ع ۾ هتان سم نالي ڪوٽ جي اڳلهه واري ايراضيءَ مان ٺاهي ويئي ته اهي گهڻا برباد ٿي ويا. اڃا گذريل سال 1995ع ۾ هن سم ناليءَ جي پاسن کان مضبوط ڪرڻ لاءِ مٽي به انهن ئي آثارن واري هنڌ تان کنئي ويئي آهي. هن کوٽائيءَ دوران به جيڪي ڀتين جا نشان ظاهر ٿيا آهن سي پڌرا ڏسي سگجن ٿا.“

هتي ڪابه جهل پل نه هئڻ ڪري، عام ماڻهو به پنهنجي ڪتب لاءِ هتان مٽي، پٿر ۽ سرون ڍوئيندا رهندا آهن. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهڻ دوران هڪ ڀيري آءٌ ۽ منهنجو دوست حفيظ ڪنڀر ٺٽي جي پراڻي کير بازار مان نڪري هن رستي سان شام جو مڪلي اچي رهيا هئاسين ته ڪي ماڻهو هتان مٽي ڪڍي، ٽرڪ ڀري رهيا هئا. ان ڏينهن اسان جي پهچڻ کان اڳ ۾ به هو گهڻو ئي نقصان ڪري چڪا هئا. تڏهن ته اسان فقط ان ڀيري، انهن لُٽيرن کي اُتان ڀڄائي ڪڍيو پر اهو سلسلو گهڻي وقت کان هلندو رهيو آهي.

سوين سالن کان لڳاتار آثارن کي ڦٽائيندو رهڻ، ڪا به سار سنڀال نه هئڻ سبب تمام گهڻو نقصان ٿيڻ جي باوجود اڃا به ڪجهه آثار وڃي بچيا آهن. سچ پچ ته اها به وڏي ڳالهه آهي . هن ڪوٽ واري هنڌ جي سلسلي ۾ هن وقت ڪجهه ترت اُپائن وٺڻ جي ضرورت آهي، جن ۾، 1 ان هنڌ تي نمايان بورڊ لڳايو وڃي. 2 ان هنڌ تي چوڪيدار مقرر ڪيو وڃي. 3 ان کان پوءِ بچيل آثارن جي کوٽائي ڪري، ڪي حقيقتون معلوم ڪيون وڃن.

دولهه دريا خان، جنهن جي وطن دوستي بهادري ۽ پنهنجي جان جي قرباني اڄ به اسان ايندڙ نسلن لاءِ فخر ۽ اُتساهه جو سبب آهي. گهٽ ۾ گهٽ ان کي ياد ڪرڻ ۽ سندس آثار بچائڻ اسان جو فرض هئڻ گهرجي

حوالا:

1.      نسياني طاهر محمد سيد، ’تاريخ طاهري‘ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1988ع، ص 6.

2.     راشدي پير حسام الدين ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ انجمن تاريخ سنڌ 1981ع، ص 828.

3.     ساڳيو حوالو ص 828

4.     ساڳيو حوالو ص 829

5.     آڏواڻي ڀيرومل مهر چند، ’سنڌ جو سيلاني‘ وزارت تعليم ۽ ڪلچر نئين دلي، ٽيون ڇاپو 1983ع، ص 124

6.     لاکو غلام محمد ڊاڪٽر، ’سمن جي سلطنت‘ پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو 1987ع، ص 124

7.     بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، مضمون: ’ٺٽي جو وجود بنياد يا ٺٽي شهر جو اصل نسل‘ ٽماهي مهراڻ، شمارو -1، 1988ع. ص 27

8.     ساڳيو حوالو ص 28

9.     زباني روايت: محترم عبدالله گندرو، تاريخدان، لوڪ ادب جو ڄاڻو، رٽائرڊ اُستاد، هن وقت هسٽاريڪل سوسائٽي ٺٽي جو سيڪريٽري ۽ لائبريرين، ڄمار 63 ورهه، بتاريخ 2 فيبروري 1996ع.

10. زباني روايت: بابو غلام حسين ميمڻ، ميمبر قومي اسيمبلي، ڄمار: 63 ورهيه بتاريخ 2 فيبروري 1996ع.

11.  زباني روايت: قاضي محمد ذاڪر، پروفيسر اسلامڪ ڪلچر، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺٽو، ڄمار 62 ورهيه، بتاريخ 6 مارچ 1996ع.

12. زباني روايت: دوست محمد قريشي، اسسٽنٽ پروفيسر مسلم هسٽري، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺٽو، ڄمار 50 ورهيه، بتاريخ 6 مارچ 1996ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org