سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-3\2016ع

باب:

صفحو:9 

باوقار شخص جو وڇوڙو

 

 

 

 

زيب سنڌي

اسلام آباد ۾ ڊسمبر 1988ع جي اها بيحد سرد شام هئي ۽ مان قومي اسيمبلي بلڊنگ جي مين گيٽ وٽ انهيءَ وقت جي ايم.اين.اي، نامياري تعليمي ماهر ۽ پنهنجي مهربان سائين غلام مصطفيٰ شاهه جو انتظار ڪري رهيو هئس، جيئن پوءِ تيئن سرديءَ جي شدت ۾ اضافو ٿيندو پئي ويو. شام جا پاڇا پوڻ لڳا ته جرسي ۽ جرسيءَ مٿان پاتل ڪروڪوڊائيل جي گرم جيڪٽ اندر به منهنجو جسم ڪنبڻ لڳو. اهڙيءَ حالت ۾ سائين غلام مصطفيٰ شاهه جو انتظار ڪندي هڪ ڪار طرف نظر وئي، انهيءَ باوقار شخص سائين امين ’فهيم‘ سان اڳ منهنجي ڪابه ملاقات نه هئي، پر دل ڇڪ ڏني ته مان وڃي سندن اڳيان بيٺس، ”سائين، مان زيب سنڌي آهيان.“

مرڪي ڀاڪر پاتائون ۽ منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي اسيمبلي بلڊنگ اندر وٺي ويا. تڏهن پاڻ شهيد بيبي جي پهرين حڪومت ۾ وزير هئا. پنهنجي آفيس ۾ پهچي حال احوال ورتائون، ته مون چيو: ”مان اسلام آباد ۾ ريڊيو پروڊيوسر جي ٽريننگ پوري ڪري چڪو آهيان. هن ئي هفتي ۾ پوسٽنگ آرڊرس جاري ٿيڻا آهن. مون کي ڪراچي يا حيدرآباد ۾ پوسٽنگ وٺي ڏيو.“

امين ’فهيم‘ صاحب انٽرڪام تي پي.اي کي ان وقت جي انفرميشن منسٽر جاويد جبار سان ڳالهرائڻ لاءِ چيو. ٿوري دير اندر ئي پي.اي کين ٻڌايو ته انفرميشن منسٽر پنهنجي آفيس ۾ موجود ناهي ۽ سندس موبائيل نمبر بند آهي. تڏهن پاڻ پي.اي کي چانهه موڪلڻ لاءِ چئي مون ڏانهن ڏٺائون: ”فڪر نه ڪيو ڳولي ٿا وٺون جاويد جبار صاحب کي.“

چانهه پيئندي فائيل به ڏسندا رهيا ۽ سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ نون ڪتابن بابت به پڇندا رهيا. ڪجهه دير کان پوءِ ٻيهر پڇا ڪرائڻ تي به جڏهن انفرميشن منسٽر سان رابطو نه ٿي سگهيو ته ٻئي ٽيليفون سيٽ تان پنهنجي هٿ سان مختلف نمبر ڊائل ڪري پڇا ڪندا رهيا پر جاويد جبار سان رابطو نه ٿي سگهيو. تڏهن جاويد جبار صاحب لاءِ خط لکي منهنجي حوالي ڪري چيائون: ”مون کي ڪراچيءَ وڃڻو آهي ۽ فلائيٽ ۾ باقي فقط هڪ ڪلاڪ آهي. توهان جاويد جبار صاحب سان ملي وٺجو، پر جيڪڏهن ملاقات نه ٿي سگهي ته سڀاڻي شام تائين مان ڪراچيءَ کان واپس اچي ويندس، توهان مون وٽ هليا اچجو.“

مون سندن مهرباني مڃي کانئن موڪلايو ۽ اسيمبلي بلڊنگ جي ساڳئي ئي فلور تي موجود انفرميشن منسٽر جي آفيس طرف هليو ويس. ڪجهه ئي دير ۾ جاويد جبار صاحب اچي ويو. جنهن کي امين ’فهيم‘ صاحب جو خط ڏنم ته مرڪي هاڪار سان ڪنڌ لوڏيائين، ڪم ٿي ويو ۽ هن فقير وڃي هوائن جي شهر حيدرآباد جا وڻ وسايا.

ڪتابن ۽ ڪتاب دوست ماڻهن سان پيار ڪندڙ اهو باوقار ۽ خوبصورت شخص امين ’فهيم‘، جنهن کي عوامي اڪثريت هڪ باوفا سياستدان جي حيثيت سان سڃاڻي ٿي، سچ ته اهو اسان جي ملڪ جي سياسي منظر جو اهڙو ڪردار هو جنهن وٽ سياستدان بجاءِ دل فقط ۽ فقط شاعر واري ئي هئي. 1953ع ۾ شاعريءَ جي ابتدا ڪندڙ هيءُ خوش لباس ۽ گفتار شخص، سياست جي خاردار دنيا ۾ سدائين ڪنهن منفرد گل جيان ئي نظر آيو. سندن ئي هڪ غزل جي سِٽ ۾ سندن شخصيت جي ڪيڏي نه تُز عڪاسي ٿيل آهي، ”گل پٽيندي خار ۾ ڦاسي پيس!“

شاعريءَ جي گل رنگ راهن جي هن مسافر سياست جي خاردار پيچري تي پير رکيو ته پوءِ هُو تاحيات ناقابلِ شڪست رهيو. 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي ٺٽي ۾ خالي ڪيل سيٽ تي پهريون ڀيرو چونڊجي آيو ۽ اٺ ڀيرا ايم.اين.اي ۽ هڪ دفعو ايم.پي.اي چونڊجڻ باوجود سندس سياست تي هن جو شاعراڻو مزاج حاوي رهيو ۽ ڪتابن سان سندس دوستي سدائين برقرار رهي. شرافت، وفاداري ۽ سچائي هن باوقار شخصيت جو شيوو رهي. اهوئي سبب آهي ته هن بي وفائي ڪندڙن سان به وفا ڪئي، جو وفاداري ۽ سچائي سندس سوچ جو محور هئي، هن جي اهڙي مزاج جي عڪاسي سندس شاعريءَ ۾ به ملي ٿي:

بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي،

هيءَ خدا بارها ڪري ڏسبي،

جي حياتيءَ وفا ڪئي ته ’فهيم‘،

عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.

مون کي خبر ناهي ته امين ’فهيم‘ صاحب اهي سٽون ڪڏهن ۽ حياتيءَ جي ڪهڙي حصي ۾ لکيون هيون پر عمر جي آخري ڏينهن تائين هُو پنهنجي وفا نڀائيندو رهيو. هن جي وفاداريءَ جي وڏي قيمت لڳائي ۽ سندس وفاداريءَ کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش به ٿيندي رهي، پر وزيراعظم جي عهدي جي آڇ به هن کي لوڏي نه سگهي ۽ هن ڪنهن به قيمت تي پنهنجي سچائيءَ جو سودو نه ڪري پاڻ کي املهه ثابت ڪيو. اها سچائي، اها شرافت، اهو وقار ۽ اها وفا، جيڪا هن کي پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ ملي هئي. انهن خوبين تي ثابت قدم رهي، حقيقت ۾ هن سڄي عمر پنهنجي والد بزرگوار سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي پيروي ڪئي. سندن نقش قدم تي هلي زندگيءَ جا چار ڏينهن پورا ڪيا ۽ ڪڏهن به شرافت ۽ صبر جو دامن نه ڇڏيو.

ٻه ڏينهن گذري ويا، ٻه ڏينهن گذري ويندا فهيم،

ڪڏهن نه صبر جي دامن کي داغدار ڪبو.

سائين امين ’فهيم‘ جي وفات کان پوءِ، سندن گادي نشين فرزند مخدوم جميل الزمان جو چوڻ آهي ته: مخدوم اهو آهي، جيڪو عوام جي خدمت ڪري جيڪو عوام جي خدمت نٿو ڪري، اهو فقط نالي جو مخدوم هوندو. انهن لفظن سان مخدوم جميل الزمان انهيءَ ساڳئي سوچ ۽ فڪر جي پيروي ڪئي آهي، جنهن سوچ ۽ فڪر جو اظهار سائين طالب الموليٰ صاحب ڪيو هو:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ،

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

منهنجو ذاتي تجربو ۽ مشاهدو به آهي ته امين ’فهيم‘ صاحب هر ماڻهوءَ جي مسئلن کي بنا ڪنهن تفريق جي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هُو احسان ڪري وساري ڇڏيندا هئا پر مون نه ڪڏهن سندن احسان کي وساريو ۽ نه ئي ڪڏهن کين وساري سگهندس.

افسانه حيات ڪبو ختم اي فهيم!

يادن جي داستان جي حفاظت ڪري ڪري.

 

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ صديقي

 

 

 

 

ٻگهيو رسول بخش

 

اڄ تون ئي امين اچ منهنجي اڱڻ، ڪر روشن روح اچي رهبر،

يَرَ تون ئي ڌتارين دلڙي، ٻيا دل جا دلارا ڪين کپن.

پيرن فقيرن جي هيءَ سنڌڙي سونهاري صدين کان سچن ۽ املهه ماڻڪ ماڻهن کي جنم ڏيندي رهي آهي، ۽ اُهي جن خاندانن مان پيدا ٿيا آهن، تن مان ڪي اصل کان سنڌ ڌرتيءَ تي آباد هئا ته ڪي وري ٻاهران اچي سنڌ ديس کي امن ۽  محبت جو خطو سمجهندي هميشه لاءِ هتي سڪونت اختيار ڪري ڇڏي ۽ نه صرف پاڻ کي سنڌي جامو پهرايائون، پر سنڌ ڌرتيءَ، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي بي لوث خدمت ڪئي ۽ پنهنجي ديس ۾ عوامي راڄ ۽ جمهوريت قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اهڙن خاندانن مان مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جو خاندان نمايان حيثيت رکي ٿو.

مخدوم امين ’فهيم‘ جو خانداني پسمنظر:

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جن جو جداعليٰ حضرت مخدوم فخرالدين ڪبير عرب ملڪ مان هجرت ڪري ڪوٽ ڪروڙِ (ديره غازي خان) ۾ رهيا، ۽ ڪجهه وقت بعد اتان لڏي اچي ضلعي دادوءَ جي بوبڪ شهر ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائون، جتان پوءِ مخدوم فخرالدين صغير جن عزالدين بن مخدوم فخرالدين ڪبير لڏي اچي هالاڪنڊي ۾ رهيا جنهن کي هاڻي هالا پراڻا سڏيو وڃي ٿو.

مخدوم فخرالدين صغير جي اولاد مان سنڌ جو ڪامل بزرگ ۽ ولي الله حضرت مخدوم لطف الله المعروف مخدوم نوح سرور رحمة الله عليہ جن 911هه ۾ پيدا ٿيا ۽ 998هه ۾ واصل باالله ٿيا. جيڪي پنهنجي وقت جا وڏا عالمِ دين، قرآن پاڪ جا قاري ۽ حافظ ۽ مفسر هئا. پاڻ نهايت عابد زاهد، ۽ وقت جا غوث و قطب هئا. مخدوم نوح سرور رحمة الله عليہ جن سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي ۽ برصغير هند و سنڌ ۾ سڀ کان پهريان قرآن پاڪ جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو.

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جن جو سلسلئه نسب حضرت مخدوم نوح رحمة الله عليہ جن سان ملي، مٿي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ جن سان ملي ٿو، انڪري کين صديقي پڻ سڏيو وڃي ٿو.

سلسله نسب مخدوم محمد امين کان حضرت ابوبڪر صديق تائين:

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ بن حضرت محمد زمان سادس ”طالب الموليٰ“ بن حضرت مخدوم غلام محمد عرف ”گلڻ ڄام“ بن حضرت مخدوم ظهيرالدين عرف ”پريل ڄام“ بن حضرت مخدوم امين محمد (ثالث) عرف ”پکن ڌڻي“ بن حضرت مخدوم محمد زمان (رابع) بن حضرت مخدوم امين محمد (ثاني) بن حضرت مخدوم پنيلڌو (مخدوم محمد زمان (ثاني) جو پوٽو) بن حضرت مخدوم مٺن (ثاني) بن مخدوم محمد زمان (ثاني) بن حضرت مخدوم مير محمد (ثاني) بن حضرت مخدوم مٺن اوّل بن مخدوم مير محمد (اوّل) بن حضرت مخدوم ابوالخير محمد بن حضرت مخدوم امين محمد (اوّل) بن حضرت مخدوم لطف الله عرف حضرت مخدوم نوح سرور رحمة الله عليہ بن نعمت الله بن محمد اسحاق بن شهاب الدين بن فخرالدين صغير بن عزالدين بن مخدوم فخرالدين ڪبير بن ابوبڪر ڪتاني بن محمد اسماعيل بن عبدالله بن نصرالدين بن سراج الدين بن خيرالدين بن ابي اعصم بن محمد بن وحيدالدين بن محمد مسعود بن محمد قاسم بن محمد بن عبدالله عرف حضرت ابوبڪر صديق (خليفه اوّل رضي الله تعاليٰ عنہ).

مخدوم امين ’فهيم‘ جي ولادت ۽ تعليم:

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ رابع جن مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جا وڏا فرزند هئا. جيڪي سائين طالب الموليٰ جن جي پهرين شريڪِ حيات مان پيدا ٿيا، جنهن سان سائين طالب الموليٰ 19 سالن جي عمر ۾ 1938ع ۾ شادي ڪرڻ فرمائي هئي. بيبي صاحبه ”اَڇ“ (ٽنڊوباگو) جي صديقي پيرن مان هئي ۽ پير امام علي صديقيءَ جي همشيره هئي. هن حرم مان 6- آگسٽ 1939ع تي مخدوم محمد امين تولد ٿيا، (رسالو مهراڻ، شاعر نمبر 1990ع ڇپيل سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو) ليڪن مخدوم محمد امين جي شاعريءَ جي مجموعي ”پيغام“ جيڪو پڻ 1990ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل آهي، ان ۾ مخدوم امين ’فهيم‘ جي تاريخ ولادت 4- آگسٽ 1939ع مطابق 17 جمادي الثاني 1358هه بروز جمعة المبارڪ لکيل آهي. منهنجي (راقم) خيال مطابق 6- آگسٽ 1939ع ئي درست آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي انگن مطابق 6 انگريزي انگ 4 مطابق ئي لکيا وڃن ٿا، انڪري 6 (ڇهن) کي انگريزي چار سمجهي 4 (چوٿين) تاريخ ئي لکي وئي آهي. اهڙو تضاد سائين طالب الموليٰ جي تاريخ ولادت ۾ پڻ موجود رهيو آهي، سندن حياتيءَ ۾ ئي مون (راقم) سائين طالب الموليٰ تي مختلف ليکڪن جا مضمون پڙهيا ته انهن ۾ سندن هڪ تاريخ ولادت 6- آڪٽوبر 1919ع لکي ته ٻي 4- آڪٽوبر 1919ع لکي ته ڪن وري سيپٽمبر 1919ع لکي، پوءِ مون (راقم) کين خط لکي صحيح تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو ته سائين طالب الموليٰ جن مون ڏانهن خط لکيو ۽ درستگي ڪندي 6- آڪٽوبر 1919ع لکيائون، ليڪن افسوس جو پوءِ به اڪثر ليکڪ اڄ تائين ساڳيو تضاد ڪندا اچن ٿا، جڏهن ته مون (راقم) هڪ مضمون ۾ اها ڳالهه واضح لکي ليڪن منهنجي ڳالهه بلڪ لکيل 6 تاريخ کي وري به 4 تاريخ لکي ڇپي وئي. اهڙيءَ طرح مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي ولادت جي 6- آگسٽ کي 4- آگسٽ ڪري لکيو ويو هوندو. (والله اعلم)

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جن جڏهن ڄاوا ته مخدوم مولانا غلام حيدر سائين جن ڪنن ۾ اذان ۽ اقامت ڏني ۽ پاڻ ئي مٿن نالو ”محمد امين“ رکيو هو. ”مخدوم امين محمد ثالث“ دستار 13هين جي نالي سان نسبت جي ڪري مخدوم محمد امين کي ”ڏاڏا سائين“ به چيو وڃي ٿو. سندن ولادت وقت شاعرن قطعاتِ تاريخ ولادت لکيا، ان دور جي مشهور شاعر ۽ گلوڪار سينڌي خان ”صيد“ جو هڪ شعر عرض رکجي ٿو:

گلِ خوش رنگ نمودار شد بگلشد نوح

هزار بار مبارک ز ”صيد“ شام و صبوح.

جيستائين تعليم جو تعلق آهي ته اسان جي سنڌ ۾ ڪي اهڙا امير خاندان آهن جيڪي علمي ۽ ادبي خاندان به هوندا آهن يا انهن جي وسيع تعلقات ۽ سياست جي ڪري قديم خواه جديد تعليم پرائڻ لازمي هوندي آهي، انڪري هُو پنهنجي اولاد کي خانگي طرح تعليم ڏياريندا آهن، ته جيئن هُو دنيا ۾ اُٿڻ ويهڻ ۾ هوشيار رهي، باقي انهن کي سرڪاري نوڪري ڪرڻ لاءِ ڊگرين جي ضرورت نه هوندي آهي، اهڙي طرح مخدوم محمد امين کي به خانگي طرح قرآن پاڪ، سنڌي، عربي ۽ فارسي جي تعليم ڏني ويئي ۽ ساڳي وقت مخدوم محمد امين کي اسڪول ۾ پڻ داخل ڪيو ويو ۽ چار درجا سنڌي پاس ڪرڻ بعد مخدوم غلام حيدر صديقي هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان مئٽرڪ پاس ڪري پوءِ سروري ڪاليج هالا ۾ بي.اي جو امتحان پاس ڪيائين ۽ بعد ۾ وڪالت جو امتحان پڻ پاس ڪيائين.

روحاني مَسَندَ تي ويهڻ:

جڏهن مخدوم محمد امين جن جي والد بزرگوار مخدوم طالب الموليٰ جن 11- جنوري 1993ع تي وفات ڪئي ته سندن چاليهي جي موقعي تي فيبروري 1993ع تي کين (مخدوم محمد امين) مخدوم نوح سرور رحمة الله عليہ جن جي روحاني مَسَندَ تي 17هين سجاده نشين طور ويهاريو ويو ۽ کين دستار مبارڪ ٻڌائي ويئي.

مخدوم نوح سروررحه جن جو روحاني ۽ سجاده نشينيءَ جو سلسلو هن طرح مخدوم محمد امين ’فهيم‘ تائين پهچي ٿو:

(1) مخدوم امين محمد (اول) (2) مخدوم ابوالخير محمد (3) مخدوم عبدالخالق (4) مخدوم محمد زمان (اوّل) (5) مخدوم مير محمد (ثاني) (6) مخدوم محمد زمان (ثاني) (7) مخدوم مير محمد (ثالث) (8) مخدوم محمد زمان (ثالث) (9) مخدوم مير محمد (رابع) (10) مخدوم امين محمد ثاني (11) مخدوم محمد زمان (رابع) (12) مخدوم امين محمد (ثالث) (13) مخدوم محمد زمان (خامس) (14) مخدوم ظهيرالدين (15) مخدوم غلام محمد (16) مخدوم زمان (سادس) طالب الموليٰ (17) مخدوم محمد امين.

مريد ڪرڻ جو طريقه ڪار:

سندن مريد ڪرڻ جو طريقه ڪار هن طرح آهي ته:

مريد ٻئي هٿ ڏيندو ۽ مرشد به ٻئي هٿ ڏيندو، هڪ هٿ مريد جي هٿ جي هيٺان ۽ ٻيو هٿ مٿان، هڪ خليفو به اتي موجود هوندو آهي جيڪو مريد کي سڄي ڳالهه سمجهائيندو، جنهن ۾ کيس مذهب ۽ طور طريقي متعلق ڄاڻ ڏني ويندي، مريد کي ڪلمون طيب ۽ ٻيا ضروري ڪلمات پڙهايا ويندا. پوءِ کيس قرآن پاڪ ۽ سنت پاڪ تي هلڻ جي تلقين ڪئي ويندي آهي، پوءِ ذڪر ۽ فڪر جو طريقو کيس سمجهايو ويندو آهي ۽ ان سان گڏ زندگيءَ سان تعلق رکندڙ چند ڳالهيون وغيره سمجهايون وينديون آهن. ان کان پوءِ جڏهن به هُو اچي ٿو ته ان کان عمل جي باري ۾ پڇاڳاڇا ڪئي وڃي ٿي، کيس درس وري ياد ڏيارجي ٿو ته هن کي ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪرڻ گهرجن.

مخدوم محمد امين جي شادي:

سندن شادي 21- جون 1957ع تي 19 ورهين جي عمر ۾ ٿي، سندن شاديءَ تي پڻ هڪ زبردست مشاعرو ڪرايو ويو، ڪيترن شاعرن شادي جي سال مبارڪ تي قطعه تاريخ لکيا جن مان ڪي هي آهن:

سندس خوش قسمتي جو ڇا بيان ڪوئي ڪري سگهندو،

ٻڌا اڄ جنهن جي آهن سِر تي هي ”سائين وڏن“ سهرا،

چڱي تاريخ ويهين جُون ۽ ذوالقعد ايڪيهين،

مبارڪ منهن تي خاص آيو ٻڌي محبوبِ هِن سهرا.

1957ع                    (محبوب سروري)

(نوٽ: محبوب سروري 20 جون لکيو آهي جڏهن ته سندن ولادت جي تاريخ 21 جون لکي وئي آهي).

تقريب شادي است ”اديبا“ چوبهرِ عشق،

تاريخ گير هم توز ”عيشي وَ عشرتي.

1376هه

(مولانا دين محمد اديب فيروزشاهي)

نور صبوح عظيم هجري سال

شاد باشم که نوبهار آمد

هاتفم گفت نورِ خضر امين

1957ع

عيسوي سال باوقار آمد.

(مولوي محمد ٻنوي خادم)

مخدوم امين ’فهيم‘ جا فرزند:

(1) مخدوم جميل الزمان ”جميل“ سٺو شاعر آهي، صاحبِ ديوان آهي.

(2) مخدوم شڪيل الزمان، (3) مخدوم عقيل الزمان، (4) مخدوم نجيب الزمان، (5) مخدوم خليل الزمان، (6) مخدوم جليل الزمان، (7) مخدوم ابومحمد سنڌيار.

مخدوم امين ’فهيم‘ جي شاعري:

هن شاعري 1953ع ۾ چوڏهن سالن جي عمر ۾ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجو تخلص ”امين“ اختيار ڪيائين، پر پوءِ سندن والد بزرگوار مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پنهنجي فرزند جي ذهانت مُهم و فراست ڏسي ان لحاظ کان سندن تخلص ’’فهيم‘‘ مقرر ڪيس. جڏهن محمد امين ’فهيم‘ شاعري شروع ڪئي ته ان وقت هالا ۾ علمي ادبي حلقن طرفان ماهانه ادبي سرگرمين ۽ مشاعرن جا ميلا متل هئا. 1953ع کان شروع ٿيل عالمن اديبن ۽ شاعرن جي ماحول ۾ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي ڪلام ۾ صنايع بدايع جون شاعرانه صنعتون ۽ خوبيون سمائجي ويون، سائينءَ جي ڪلام جي ٻولي پختي، سريلي، رسيلي ۽ نهايت فني ۽ من کي موهيندڙ ۽ دل کي سڪون پهچائيندڙ آهي.

1969ع ۾ ’سماهي ”مهراڻ“ شاعر نمبر‘ ۾ مشهور عالم، صحافي، اديب ۽ شاعر مولانا غلام محمد گراميءَ جي راءِ مطابق: ”امين سائين جن جي فن ۾ ذوق جماليات جي ڀرپور ترجماني آهي، ڪلام ۾ سوز و گداز محبت ۽ رقت جا اهي سڀ معيار موجود آهن، جي هڪ پرگو پخته ۽ قادرالڪلام شاعر ۾ ٿين ٿا. سندس تغزل، فني لحاظ کان رمزيت، معنويت، اشاريت، ايمائيت تي مشتمل آهي ۽ سندس پيرايه بيان رنگين ۽ دلڪش آهي. ڪافيون درد انگيز ۽ رقت خيز آهن. قومي شاعريءَ ۾ بهترين ڪلام چيو اٿس.“

اڳتي گرامي صاحب لکي ٿو ته: ”امين سائين جي فن جي تنقيدي جائزي وٺڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هڪ روشن ضمير انسان جڏهن پنهنجي جذبات ۽ احساسات کي بيان ڪرڻ تي اچي ٿو، تڏهن ان ۾ ڪيڏي نه اصليت ۽ روح آفرين ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي، جا تڪلف ۽ تنصع سان پيدا ڪرڻ مشڪل ۽ ناممڪن آهي. شاعري جذبات جي فراواني مان پيدا ٿئي ٿي ۽ جذبات جي حدت ۽ حرارت لاءِ لازم آهي ته دل جي ساز جون تارون تپن ۽ وڄڻ شروع ڪن. اهڙي ڪلام ۾ سوز ۽ ساز، حرارت ۽ گداز جو پيدا ٿيڻ لازمي امر آهي.“

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جن جو شاعري ۾ استاد سندن والد بزرگوار ۽ مرشد سائين طالب الموليٰ جن ئي آهن، سندن شاعريءَ جو مجموعو ”پيغام“ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو طرفان 1990ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. ڪتاب جو نالو ”پيغام“مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائينءَ جن تجويز فرمايو هو.

سندن شاعريءَ جو ڪجهه نمونو:

هڪ عاشق رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي حيثيت ۾ جڏهن کين ديدارِ مصطفيٰ نصيب ٿئي ٿو ته چئي ٿو ته:

سڳوري رات سونهاري ۽ هئي ڪا مهل موچاري

ڪيم جنهن رات تنهنجو خواب ۾ ديدار بسم الله.

ڏئي شل پاند پنهنجي لطف سان ڍولڻ ڍڪين مون کي

امين تون* ئي اجهو آڌر انهي ۾ ڪوبه شڪ ناهي.

 

خدا جو لطف ٿيو هي خوشنصيبي تن جي سمجهي وئي

شفيع المذنبين کي اڄ گنهگارن ڏسي ورتو.

هيٺين بيت ۾ پنهنجي محبوب کي اچڻ لاءِ حيرت ۾ وجهڻ جهڙي التجا ڪندي چئي ٿو ته:

ستارن ۽ شمس و قمر کان لڪي آ،

فلڪ کان ۽ شام و سحر کان لڪي آ،

لڪي آ جِنُّ و بشر کان لڪي آ،

سڄڻ تون سڀن جي نظرن کان لڪي آ.

امين سائين حقيقي محبوب کان سواءِ ٻين سڀني عارضي ۽ مجازي سونهن جو انڪاري آهي چئي ٿو ته:

محبوب بنا هي روشن راتيون، چنڊ ۽ تارا ڪين کپن،

جي پيار ڏئي پو ڌار ڪندا، سي سهڻا سهارا ڪين کپن.

وڃ تون به ته گس پنهنجي سان قمر مون ساڻ ڀلا تنهنجو ڇا هي؟

تنهنجي ته ضرورت ڪانهي ڪا، هي تنهنجا نظارا ڪين کپن.

مان پنهنجي ۾ ئي پورو آهيان ڇو چورين ٿي تون بادِ صبا.

 

ڇو ساهه سڌارڻ ٿي چاهين تنهنجا ته سڌارا ڪين کپن.

ڀل طوفان ۽ گرداب ۾ اڄ مون کي به هلي ڇڏ پاڻ سٺو،

 

هي ظلم، ستم ۽ سورن سان ڀرپور ڪنارا ڪين کپن.

پو ڇاهي ڀلا جي مان به هليس تون شاد هجين آباد هجين،

 

شل روح کي هردم ياد هجين ٻيو قبر و منارا ڪين کپن.

ڏس رنگ جهان جا ڪيئن بدليا الله جو نالو ياد نه آه،

هِي دنيا فانيءَ جا مون کي رنگين نظارا ڪين کپن.

بيڪار زماني وارا سهارا مهروفا يا لطف و ڪرم،

بس ڪين کپن ڇڏ ڪين کپن، ڇڏ مون کي خدارا ڪين کپن.

 

اڄ تون ئي ”امين“ اچ منهنجي اڱڻ ڪر روشن روح اچي رهبر،

يَرَ تون ئي ڌتاريندي دلڙي ٻيا دل جا دلارا ڪين کپن.

 

مخدوم طالب الموليٰ جن مخدوم امين ’فهيم‘ جي شاعري متعلق چئي ٿو ته:

”امين ’فهيم‘ پنهنجي هڪجيڏن شاعرن ۾ سٺو شاعر آهي، سندن ڪلام ۾ جديد ۽ قديم شاعريءَ جو رنگ ڀريل آهي.“

مخدوم محمّد امين ’فهيم‘ جي سياسي زندگي:

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ هڪ بااصول، باوقار ۽ سنجيده قسم جو سياستدان هو، پاڪستان جي سياست ۾ صف اوّل ۾ شامل هو، سندس خلوص ۽ پارٽيءَ سان وفاداري ۽ فهم و فراست سبب هر دور ۾ حزبِ اقتدار خواه حزبِ اختلاف جي ايوان ۾ عزت ڀريو مقام ماڻي چڪو هو.

هالن جي هن مخدوم خاندان جا پهريان بزرگ منهنجي خيال مطابق مخدوم غلام حيدر صديقي جن هئا، جيڪي سياسي اُفق تي اُڀري آيا. مخدوم غلام حيدر صديقي جن مخدوم ظهيرالدين چوڏهين سجاده نشين جا ننڍا فرزند ۽ مخدوم غلام محمد 15هين سجاده نشين جا ننڍا ڀاءُ ۽ مخدوم طالب الموليٰ جا چاچا هئا. مخدوم غلام حيدر پنهنجي ڀاءُ مخدوم غلام محمد کان ئي دنيا جا ڪاروهنوار پاڻ هلائيندا هئا. مخدوم غلام حيدر صديقي جن تعليم سان گهڻي دلچسپي رکندا هئا. ان سلسلي ۾ دل کولي رقم خرچ ڪندا هئا. پاڻ هاءِ اسڪول هالا ۽ سروري ڪاليج هالا قائم ڪيائون. درگاهه ۽ مسجد جي آڏو ورانڊو ٺهرايائون. ادب سان به سندن گهرو لاڳاپو هو، سندن ڪجهه ڪتاب ڇپيل ۽ اڻڇپيل آهن. ميونسپل جا پريزيڊنٽ ۽ سنڌ اسيمبليءَ جا بااثر ميمبر پڻ رهيا. پاڻ 9- جُون 1953ع تي وفات ڪيائون. کين ڪوبه اولاد ڪونه هو، انڪري مخدوم طالب الموليٰ گادي سنڀالڻ سان گڏوگڏ دنيا جو ڪاروهنوار پڻ پاڻ سنڀالڻ لڳا. مخدوم غلام حيدر صديقي، مخدوم طالب الموليٰ جن جي سياسي تربيت 1951ع کان ڪئي ۽ مخدوم طالب الموليٰ 1953ع ۾ پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ صدر ايوب خان جي دور ۾ قومي اسيمبليءَ جا ميمبر بڻيا ۽ جڏهن 1967ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي، مسلم ليگ کي ڇڏي صدر ايوب جي خلاف تحريڪ هلائي ۽ عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو ته سائين طالب الموليٰ به مسلم ليگ کي ڇڏي پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪا حقيقت ۾ عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ جي پهرين درسگاهه هئي، ان ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا بنيادي ميمبر ۽ سينيئر وائيس چيئرمين بڻيا ۽ آخري عمر تائين پيپلز پارٽيءَ جا سينيئر وائيس چيئرمين رهيا.

1970ع ۾ يحييٰ خان اليڪشن ڪرائي، غلط فوجي پاليسي ۽ ڪردار جي ڪري اوڀر پاڪستان جدا ٿي ويو ۽ هڪ نئون ملڪ بنگله ديش وجود ۾ اچي ويو. هن اليڪشن ۾ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ پهريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. اهڙي طرح هر اليڪشن ۾ مخدوم امين ’فهيم‘ پنهنجي تڪ مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر وڏي اڪثريت سان چونڊبو آيو ۽ 2008ع واري اليڪشن ۾ پنجون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو.

اسان جي ملڪ جي بدقسمتي پئي رهي آهي جو ڪنهن به عوامي حڪومت کي پورو مدو حڪومت ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو آهي، هميشه فوجي ڊڪٽيٽرن پئي حڪومت ڪئي آهي، ايوب خان، يحييٰ خان کان پوءِ جنرل ضياءالحق فوجي ڊڪٽيٽر دنيا جي عظيم ڏاهي ۽ مدبر سياستدان عوامي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاسي ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو. ٻئي فوجي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جي حڪومت ۾ جڏهن ظلم و تشدد جي انتها ٿي وئي ته بينظير ڀٽُو صاحبه فوجي جنتا سان ٽڪر کاڌو. مشرف کان فوجي وردي لهرائي، سخت حالتن سان منهن ڏنو ۽ نواز شريف کي پاڪستان ۾ آندو، (جيڪو جلاوطن هو). اليڪشن جو اعلان ڪرايو ۽ جيئن ئي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ 27- ڊسمبر 2007ع تي ڪامياب جلسو ڪري ٻاهر نڪتي ته هڪ بم ڌماڪي کان پوءِ گوليءَ سان دنيا جي هن عظيم رهنما، جنهن پنهنجي عقلمندي، علم ۽ سياسي تصوف جي ذريعي آمريڪا، برطانيه سميت پوري دنيا جي سربراهن کي دنيا ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ جمهوريت، گڏيل اتحاد ۽ ڀائيچاري قائم ڪرڻ ۽ دهشتگرديءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪارگر گُڻ ٻڌائي پنهنجي وطن ۾ مٿين ڳالهين کي حاصل ڪرڻ لاءِ آئي هئي، تنهن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

منهنجو (راقم جو) شاگرديءَ واري دور جو دوست سيد شاهه محمد شاهه عوامي آواز اخبار جي ”سنڊي مئگزين“ 27- ڊسمبر 2015ع جي صفحي 5 تي پنهنجي مضمون ”ڳالهه اڙانگي پنڌ جي“ جي قسط نمبر 26 ۾ بعنوان ”عالمي ثقافتن جو پاڻي پيتل مخدوم امين ’فهيم‘“ جي چوٿين ڪالم جي آخر ۾ رقمطراز آهي ته:

مخدوم فيملي جي هڪ هڪ ذميدار شخصيت جڏهن جڏهن وقت آيو ته بنا مشهوريءَ جي انهن اهو سڀڪجهه ڪري ڏيکاريو، جنهن جي گهُرج هئي. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ مرحوم سياست جي ڪنڊن ڀريي رستي تي ان نموني هلڻ بدران ماٺ ميٺ ۾ جيڪي اهم ڪم ڪيا سي پڻ وقت جي گهُرج آهن ته تاريخ ان تي لکي. اهڙي نموني مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جنهن سڀاءَ ۽ سلوڪ کي پهرئين ڏينهن پاڻ سان کنيو، ان کي هٿان نه ڇڏيو. هن جي سڄي سياسي ڄمار ۾ جيڪي تدبر هو، جيڪي سڀاءُ هو، جيڪي ڳالهه ٻڌڻ ۽ مسلسل ٻڌڻ جي روايت هئي. گهٽ وڌ ڳالهه ٻڌڻ کي هضم ڪرڻ جي جيڪا عادت هئي ۽ پاڻ کي ڳوٺ ۽ شهر سان ملائي، دنيا جي ثقافتن مان پاڻي پي جنهن نموني شاهوڪار ڪيو، اهو هڪ وڏو داستان آهي. هن (امين) جو 27- ڊسمبر 2007ع تي ان گاڏيءَ ۾ ويهڻ به هڪ نه وسري سگهڻ جهڙو واقعو آهي، جنهن گاڏيءَ کي گولين ۽ بمن سان وهنجاري محترمه بينظير ڀٽُو کي قتل ڪيو ويو ۽ سندس (بينظير صاحبه جو) بنا ساهه جي چهرو مخدوم امين ’فهيم‘ مرحوم جي هنج ۾ ڪريو هو، تاريخ ۾ سياسي اڳواڻ انهن گهڙين کي قلمبند ڪن ته جيڪر اصل سچايون گهڻو اڳ معلوم ٿي وڃن. شل! ان گهڙيءَ کي مرحوم محمد امين ’فهيم‘ صاحب ڪنهن نه ڪنهن سان ضرور سلي ويو هجي!

سيد شاهه محمد شاهه صاحب جن جي لکت ڪيتري نه پُرڪشش ۽ حقيقت تي مبني آهي جو ڄڻ ته هيءُ هڪ اهم راز ڏانهن اشارو ڪندڙ عبارت الهامي نثر پيو لڳي جو سندس اندر مان اُڌما ڏئي نڪتو آهي جيڪا ڳالهه مخدوم امين ’فهيم‘ جي اعليٰ منزل ۽ مقام کي ظاهر ڪري ٿي:

”اڄ نيٺ ويس گلشن ۾ هليو ڪنهن جذبئه دل کان بيخود ٿي،

ڇو مون کي ڏسي ٿي رنو شبنم، ڪجهه ياد اٿم ڪجهه وسري ويو.“

”اي ’فهيم‘ تون مون کي ٻڌاءِ کڻي ته حقيقت ڪيئن آغاز ۾ هئي،

مون کنيو ٿي يا نه ٿي کنيو، پنهنجو قدم ڪجهه ياد اٿم ڪجهه وسري ويو.“

”هوا اهڙي لڳي جنهن ڪونه ڇڏيو گل زماني ۾،

رهيا باقي وڃي اڄ خار منهنجي آشياني ۾.

(امين ’فهيم‘)

مخدوم امين ’فهيم‘ لاءِ 2002ع وارين چونڊن کان پوءِ واري صورتحال نهايت مشڪل هئي، جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو کيس جنرل مشرف سان ڳالهين جا مڪمل اختيار ڏنا هئا ۽ کيس ان وقت به وزيراعظم بڻائڻ لاءِ چيو ويو، پر جڏهن ڳالهيون تمام گهڻيون اڳتي وڌي ويون ته هڪدم کيس پوئتي ڪيو ويو، مخدوم صاحب ته پوئتي ٿيو ۽ پارٽيءَ سان گڏ رهيو ۽ پارٽيءَ جي فيصلي جو احترام ڪيو.

جناب خالد کوکر صاحب پنهنجي هڪ آرٽيڪل ”اليڪشن 2008ع حڪومت سازي ۽ قيادت جون ذميواريون“ ۾ لکي ٿو ته:

”مون کي ياد آهي جڏهن 18- آڪٽوبر 2007ع تي مون کي محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ دبئي کان ڪراچيءَ اچڻو هو ۽ هڪ ڏينهن اڳ يعني 17- آڪٽوبر 2007ع تي دبئي جي هڪ هوٽل ۾ محترمه بينظير ڀٽو شهيد پريس ڪانفرنس ڪئي هئي، مان (خالد کوکر) ان پريس ڪانفرنس ۾ موجود هئس، محمد امين ’فهيم‘ جو نالو کنيو ته ”آج“ ٽي.وي جي رپورٽر سوال ڪيو ته محترمه جڏهن توهان هاڻي مخدوم صاحب کي مشرف جي موجودگيءَ ۾ وزيراعظم بنائيندا ته پوءِ 5 سال ڇو وڃايا، جنهن ۾ ڪارڪنن هيترو ڀوڳيو. بهرحال محترمه جي شهادت بعد ٽيجهي واري ڏينهن به جيڪا سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي گڏجاڻي ٿي ۽ اتي پريس ڪانفرنس ۾ جڏهن بلاول ڀٽو زرداري چيئرمين ۽ آصف علي زرداري شريڪ چيئرمين جو اعلان ٿيو ته آصف علي زرداري چيو هو ته محترمه جي خواهش موجب مخدوم امين ’فهيم‘ ئي وزيراعظم جو اميدوار هوندو. (هفتيوار ’سنڌو‘ ڊائجسٽ 4 کان 10- مارچ 2008ع، ص 7)

آصف علي زرداري صاحب جن جي طرفان، مخدوم امين ’فهيم‘ جي وزيراعظم جي اميدوار هئڻ جي اعلان بعد ساڳئي رسالي جي صفحي 23 ۾ رسول بخش ٻگهيو گچيرائي (راقم) پنهنجي آرٽيڪل ”وزيراعظم جو اميدوار مخدوم محمد امين رابع ”’فهيم‘“ ۾ لکي ٿو ته:

”جيئن ته هن وقت جيڪي چونڊون ٿيون آهن سي بينظير ڀٽو صاحبه جن جي ڪوشش جوئي نتيجو آهن، پر اڄ (پاڻ) ظاهري طرح اسان ۾ نه آهن جو وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ويهن، انڪري شهيد سنڌ راڻي جي ٽيجهي تي ايگزيڪيٽو ڪميٽي (سينٽرل) ۾ سندن وزيراعظم جي ڪرسي تي ان شخصيت جو اعلان ڪيو ويو، جيڪا شخصيت 1967ع کان لڳاتار پارٽيءَ سان وفادار رهي ۽ ڪڏهن به هٽڻ جي ڪوشش نه ڪئي، بنا ڪنهن لالچ جي. مسلسل هن جمهوري قافلي ۾ ڪم ڪندي رهي. اها شخصيت آهي مخدوم امين  رابع ’فهيم‘ جي گچيرائي (راقم) اڳتي لکي ٿو ته:

”مخدوم امين ’فهيم‘ کي جيتوڻيڪ هن کان اڳ چار ڀيرا وزيراعظم ٿيڻ جي آڇ ڪئي ويئي هئي، پر پاڻ ان آڇ کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو، بلڪه هڪ ادنيٰ ڪارڪن جي حيثيت ۾ صبر و تحمل سان پيپلز پارٽيءَ لاءِ ڪم ڪندا رهيا. ۽ آخري دم تائين جيئن مخدوم صاحب بينظير ڀٽو سان ويجهڙائپ ڏک سک ۾ رهي ائين ٻئي ڪنهن به پارٽي اڳواڻ ۾ ويجهڙائپ نه رهي. جيترا به بينظير صاحبه تي حملا ٿيا ته ان ۾ مخدوم امين ’فهيم‘ ساڻن گڏ هئا.“

مخدوم امين ’فهيم‘ هڪ طرف ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ رهي، سياسي تربيت حاصل ڪئي ۽ ڀٽي صاحب جي شهادت کان پوءِ بينظير ڀٽو سان گڏ نهايت وفاداري سان رهي کانئن اعليٰ سياسي گُڻ حاصل ڪيا ۽ سچائي، بردباري ۽ وفاداري پنهنجي والد بزرگوار مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان حاصل ڪيائون ته ٻئي طرف حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنہ سان خانداني نسبت ڪري به هن بزرگ سياستدان ۾ صديقي سياسي صلاحيتون ۽ حڪومت ڪرڻ جو ڏانءُ پڻ نظر اچي ٿو. مخدوم صاحب جن کي پنهنجي مورث اعليٰ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنہ جن جي خلافت (حڪومت) ملڻ وقت ڪيل پهريون خطاب به ياد آهي، جنهن ۾ صديق اڪبر جن فرمايو هو ته:

”اي انسانو! مون کي توهان جو حاڪم بنايو ويو آهي پر توهان کان بهتر ۽ برتر نه آهيان جيڪڏهن مان نيڪ ڪم ڪيان ته انهن ۾ منهنجي مدد ڪجو ۽ جيڪڏهن ڪو اجايو ڪم ڪيان ته مون کي ٽوڪيو (روڪيو). صدق امانت آهي ۽ ڪذب خيانت. توهان مان ڪمزور شخص منهنجي ويجهو قوّي (طاقتور) آهي، جيستائين آئون ان کي ان جو حق نه ڏياريان ۽ توهان مان قوّي شخص منهنجي ويجهو ڪمزور آهي جيستائين ان ڏانهن جنهن جو حق آهي، ان حقدار کي ان قوّي شخص کان حق وٺي نه ڏيان. جا قوم الله جي رستي ۾ جهاد ترڪ ڪري ٿي، ان تي الله ذلت ۽ خواري مسلط ڪري ڇڏي ٿو. (يعني جيڪا قوم الله پاڪ جي بندن جي حقن ۽ الله پاڪ جي حقن جي پاسخاطري نه ٿي ڪري سا تباهه ٿي وڃي ٿي)، ۽ جيڪڏهن ڪنهن قوم ۾ بي حيائي هلي ٿي ته الله ان تي مصيبتون ۽ عذاب عام ڪري ڇڏي ٿو.“ (وڌيڪ صديق اڪبر فرمايو ته:

”توهان منهنجي اطاعت ڪريو، پر جي مون کا ڪوئي اهڙو ڪم سرزد ٿئي جنهن سان الله پاڪ ۽ ان جي رسول مقبول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي نافرماني جو پهلو نڪري ته توهان تي منهنجي اطاعت واجب نه آهي، هاڻي نماز لاءِ اٿي بيهو الله پاڪ توهان تي رحم فرمائي.“

اها هئي صديق اڪبر جي حڪمران بنجڻ بعد پهرين تقرير جنهن صديق اڪبر سان مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جو سلسله نسب 35هين پيڙهيءَ ۾ ملي ٿو.

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ هڪ مدبر سياستدان، هڪ اعليٰ نسب سان تعلق رکندڙ، درگاهه عاليه حضرت مخدوم نوح سرور رحمة الله عليہ جا سجاده نشين، هڪ بهترين اديب ۽ شاعر، نهايت سٻاجهي طبعيت رکندڙ، لاطمع ۽ بي لوث خدمت جو جذبو رکندڙ، بردبار، شاڪر، صابر ۽ عادل انسان هئا ۽ بنا ڪنهن فرق جي هرڪنهن کي عزت ڏيندڙ، هميشه سرخرو رهندڙ، خنده پيشانيءَ سان پيش ايندڙ، منصف ۽ واقعي امين ۽ ’فهيم‘ هئا، انڪري هر طبقي ۽ پارٽيءَ جا ماڻهو سندن مداح آهن، مخدوم صاحب جون پارٽيءَ لاءِ خدمتون نمايان حيثيت رکن ٿيون. وفاداري ۽ مسلسل جدوجهد ڪرڻ ۽ ڀٽو خاندان سان والهانه محبت رکڻ ڪري پوري دنيا ۾ ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا، ڪيترن ملڪن جا دورا پڻ ڪيائون.

1989ع ۾ ملائيشيا ۾ ٿيندڙ ڪامن ويلٿ جي ٿيندڙ ليڊرن جي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪيائون، انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ ۽ ملائيشيا جي بادشاهه ازلان سان خصوصي ملاقاتون ڪيائون. سٺي سياسي بصيرت رکندڙ، مخدوم محمد امين ’فهيم‘ 21- نومبر 2015ع تي اسان کان ظاهري طور جدا ٿي واصل بالله ٿي ويا، الله پاڪ جون مٿن اڻ ڳڻيون رحمتون هجن (آمين).


* ”امين“ حضور پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو لقب آهي، تنهنڪري شاعر حضور پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي پڪاري رهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org