مخدوم
محمد امين ”فهيم“ صديقي
مخدوم سليم الله صديقي
مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي ولادت باسعات 4- آگسٽ
1939ع تي هالا نوان ۾ ٿي. پاڻ حضرت مخدوم طالب
الموليٰ جا وڏا فرزند آهن، ته نالي رکڻ مهل به
گهري سوچ، سڄڻن جي صلاح ۽ دل جي لاڙي وڏي ڏاڏي
سائين مخدوم امين محمد ”پکن ڌڻيءَ“ جي نالي کي
نروار ڪيو جيڪو مٿن ٻانگ ڏئي رکيو هو.
اسان جي سنڌ سونهاريءَ جي اها روايت آهي ته جڏهن
ڪنهن وڏي جو نالو ورجائي رکندا آهن ته ادب وچان
ٻار کي بار بار ان نالي سان نه پڪاريندا آهن،
اهڙيءَ طرح ڪو ٻيو نالو زبان عام ٿي ويندو آهي.
ڪيترا دفعا اهو به ڏٺو ويو آهي، ته اصل نالي کان
ڪيترا ماڻهو اڻ واقف رهجي ويندا آهن. مخدوم صاحب
کي به ننڍپڻ ۾ جد امجد جي نالي هئڻ ڪري ”ڏاڏا
سائين“ ڪري سڏيندا هئا، جيڪو وڏي عمر تائين جاري
رهيو.
ڪي ادب سين اُڀا، ڪي قرب وچان ڪوٺين،
اسم تنهن ابي جو، سينگاري سوچين،
سي لهن جي لوچين، ڏاها سڏجن ڏيهه ۾.
(سليم)
سندن نالي رکڻ متعلق هڪ روايت عام آهي ته ڄم کان
ڪجهه مهينا اڳ وقت جا ٻه ولي صفت انسان محترم گل
سائين رحه ۽ حضرت مخدوم طالب الموليٰرحه
جن کرڙي جي مڪان ۾ موجود هئا، مستقبل قريب ۾ ڄمندڙ
ٻار جي نالي رکڻ متعلق ذڪر هلي رهيو هو ته گل
سائينرحه فرمايو ته: ”انشاءالله پٽ
ڄمندو ۽ ڏاڏا سائين جو نالو رکنداسين.“
ساڄي کان پهريون شهيد عبدالغني صديقي
جنهن جي دفتر يوني پلازه آءِ.آءِ
چندريگر روڊ ڪراچي ۾ مخدوم امين
’فهيم‘ سان 1982ع ۾ سياسي ميٽنگ ۾
مصروف. |
شجره نسب:
(1) مخدوم محمد امين فهيم بن (2) مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰ بن (3) مخدوم غلام محمد عرف گل سائين
بن (4) مخدوم ظهيرالدين پريل ڄام بن (5) مخدوم
امين محمد پکن ڌڻي بن (6) مخدوم محمد زمان رابع بن
(7) مخدوم امين محمد ثاني بن (8) مخدوم ميان
پنيلڌو (9) بن مخدوم ميان عثمان عرف مٺن بن (10)
مخدوم محمد زمان ثاني بن (11) مخدوم مير محمد اول
بن (12) مخدوم ميان مٺن ڪلان بن (13) مخدوم مير
محمد بن (14) مخدوم ابو محمد ابوالخير (15) مخدوم
امين محمد اول بن (16) حضرت غوث الحق مخدوم نوح
عليہ الرحمة السروريه، السهرورديه الصديقه.
ابتدائي تعليم:
مخدوم صاحب جي ابتدائي تعليم ۽ پرورش قرآن حڪيم جي
پڙهڻ سان ٿي، جنهن کان پوءِ سنڌيءَ جا ابتدائي چار
درجا پڙهيائون. مخدوم صاحب جو دور عجب خصوصيتن سان
مالامال هو، جنهن دور ۾ قابل ۽ لائق فائق استاد نه
رڳو شهري اسڪولن ۾ موجود هئا، پر واهڻن ۾ موجود
درسگاهون به علم ۽ عمل جو اعليٰ نمونو هيون.
مون پڻ پسيا پوتر، ماڻهو مڻيادار،
عجب تن اندر، شيشو هجي جار،
سندا سي گفتار، جيڪر قلمبند ڪجن.
(سليم)
هنن جو علم محض سرٽيفڪيٽ وٺي سياسي سفارش سان
نوڪري وٺڻ ۽ پيٽ پالڻ نه هو، بلڪ هڪ خوبصورت
معاشري جي تشڪيل کي نظر ۾ رکندي، اعليٰ ڪردار ۽
گفتار جي تعليم کي اوليت ڏنائون. حتاڪه انهن
استادن جي پنهنجي شاگردن جي وارن ۽ ننهنِ تي به
نظر هوندي هئي. مخدوم صاحب به اهڙن ئي مهان استادن
وٽ هالا ۾ مئٽرڪ ۽ انٽر ڏني، هالن جو سروريه
اسلامي ڪاليج اهي يادون پنهنجي اندر ۾ سانڍيون پيو
اچي.
مون پڻ ڏٺا سي، ڪتابي ڪردار،
اوڍڻ ۽ اوڇڻ، سهڻا ۽ سچار،
پسي پڻ ٻار، مخدوم ٿين معاشري جا.
(سليم)
علم ۽ ادب:
مخدوم صاحب جو علم ۽ ادب سان لڳاءُ ڀلي کڻي چئجي
ته اردگرد جي ماحول سبب اُهاءُ ئي ظاهر ٿيو جو پاڻ
صغير سنيءَ ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائون. حقيقت ۾ اندر ۾
اُهاءُ به انهن کي ٿيندو آهي جن جي سيني ۾ ڏيئو،
وَٽِ ۽ تيل اڳئي موجود هوندا آهن، رڳو تيلي ڏيڻ جي
دير هوندي آهي:
ڀڙڪي اٿي باهه، برهه بنڊ لڳايا،
جي اڳي ائين ڄايا، ظاهر ٿين ظهور سان.
(سليم)
سندن شاعريءَ جي شروعات 1953ع ۾ ٿي. جنهن ۾ وقت به
وقت والد محترم کان رهنمائي حاصل ڪندا رهيا. ابتدا
۾ ان امانت کي سانڍيندي ”امين“ جي لقب سان نروار
ٿيا، پر سندن فهم ۽ فراست جو ڪاٿو ڪندي حضرت مخدوم
طالب الموليٰ صاحب کين 1960ع ۾ ”فهيم“ جو لقب پڻ
ڏنو. سندن ڪلام ڪافين، بيتن، غزلن ۽ نظمن تي مشتمل
آهي. پاڻ جتي وطن جي محبت ۾ هنجون هاريون آهن، اتي
عشقيه ڪلام ۾ به پاڻ ملهايو اٿن. سندن پهريون شعري
مجموعو ”پيغام“ نالي سان نروار ٿيو. هن مجموعي ۾
قطعات، نظم، ڪافيون، بيت ۽ متفرقه شاعري ڏنل آهي.
سندن گيت رونا ليليٰ ۽ عابده پروين ڳايا. سندن
روزمره شوق ۾ به شاعريءَ سان گڏ اسلامي ڪتابن جو
مطالعو هوندو هو، تفريح لاءِ پاڻ شڪار ۽ والي بال
ڏانهن دلي لاڙو رکيو.
مخدوم صاحب علم، ادب ۽ سماجي خدمتن سان گڏ سياسي
هلچل ۾ پڻ حصو ورتو. پاڻ
”بزمِ طالب الموليٰ“ جو بنياد وڌو ۽ اهلِ قلم
ماڻهن کي هڪ پليٽفارم تي گڏ ڪيو. سروريه اسلاميه
ڪاليج ۽ سروريه اورينٽل ڪاليج هالا جا وائس
پريزيڊنٽ رهيا. سماجي لحاظ کان ٽائون ڪاميٽي هالا
جا چيئرمن ۽ ڊويزنل ڪائونسل حيدرآباد جي ميمبر جي
حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنائون. مخدوم صاحب سماجي
معاملن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ سان گڏ گهر ۽ اولاد جي
معاملي ۾ پڻ ذاتي دلچسپي ۽ نظر رکندڙ نظر آيا.
84-1983ع وارن سالن ۾ بنده جي رهائش ٿرڊ نارٿ
اسٽريٽ ڪراچيءَ ۾ هئي، ساڳي گهٽيءَ ۾ هڪ خانگي
اسڪول هو، جتي اڪثر صبح جو سير ڪندي مخدوم صاحب
سان ملاقات ٿيندي هئي، جو هُو پنهنجي ٻار کي پاڻ
گاڏي هلائي اسڪول ڇڏڻ ايندا هئا، جيڪا ڳالهه
ڪچهريءَ جو سبب پڻ بڻبي هئي. انهن ئي ايامن ۾
M.R.D
جي تحريڪ پڻ زور ورتو، برادرم شهيد عبدالغني صديقي
جنرل سيڪريٽري سنڌ پيپلز پارٽي ۽ سرگرم رڪن تحريڪ
هئڻ ڪري باربار نظربند ڪيو ٿي ويو، مخدوم صاحب سان
پارٽيءَ جي مرڪزي رهنما هئڻ ڪري پڻ قريبي تعلق
رهيو. انهن ڪچهرين ۽ گڏجاڻين ۾ سنڌ جو هڪ علمي فرد
مرحوم علي نواز وفائي پڻ شامل رهيو. مرحوم ادبي
ڪچهرين کان سواءِ ڄڻ سياسي تحريڪ جو صلاحڪار پڻ
هو. سندس دفتر وفائي پرنٽنگ پريس پاڪستان چوڪ
ڪراچي ۾ هو.
عڪس اکين آڏو، ويٺي ائين وريام،
جنهن سين جيءَ جڙيام، سيئي ساهه سانڍيا.
(سليم)
هالا جي هن صديقي مخدوم خاندان جو پيپلز پارٽيءَ
سان تعلق جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، جو
شهيد ڀُٽي پيپلز پارٽيءَ جو پهريون ڪنوينشن ئي
هالا ۾ رکيو، مخدوم صاحب ڄڻ باني ميمبر طور ظاهر
ٿيو. انهن ئي سالنِ ۾ سندن سياسي هلچل جو آغاز ٿيو
۽ پاڻ 1970ع ۾ ٽائون ڪميٽي هالا جا چيئرمن ٿيا. ان
کان علاوه 1972ع ۾ صوبائي ڪابينا ۾ خوراڪ، زراعت ۽
امداد باهمي کاتن جي وزير مشير طور خدمتون سرانجام
ڏنائون. پاڻ سنڌ ايگريڪلچرل سپلاءِ آرگنائيزيشن جا
چيئرمن پڻ رهيا، 1988ع ۾ ايم.اين.اي چونڊجي ويا ۽
مواصلات جا وفاقي وزير بڻيا، اهڙي طرح 1993ع ۾
وفاقي وزير هائوسنگ تعميرات ٿيا، 2009ع ۾ پڻ وفاقي
وزارت ماڻيائون. مطلب ته آخري ايامن ۾ به وفاقي
ڪابينا ۾ اهم وزارتن تي رهيا، سياسي دنيا ۾ پاڻ نه
رڳو ملڪ جي اندر بلڪ چين، آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾
به پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.
آخر ڊگهي علالت کان پوءِ 21- نومبر 2015ع بمطابق 8
صفر 1437هه تي هن درالفنا کي الوداع چئي، لکين
آلين اکين کين هالا ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو.
ماڻهو ماڻهوءَ مڙن، مڙس ملهائن پاڻُ،
جيءَ لهن جايون، قرب سندن کاڻ،
جيڪي لهن ڄاڻ، مُئي پڄاڻان ياد ڪن.
(سليم)
غزل
چڱو جو واعظِ
بي پير نڪتو،
هي منهنجي آه
جو تاثير نڪتو.
ٿِجئين
مسڪين جي واهر اي دلبر،
جو تنهنجي در اچي دلگير نڪتو.
وري اڄ آيو رشڪِ مهرِ
تابان،
پراڻي خواب جو تعبير نڪتو.
هزارين ٿي ويا بسمل گهڙيءَ
۾،
”نگاهِ ناز ٿي هڪ تير نڪتو.“
سڄڻ موٽيو ٻڌي آهون ۽ دانهون،
اسان لءِ اشڪِ غم اڪسير نڪتو.
اڃا خط مس پڙهي پورو ڪيو مون،
اچي خود صاحبِ تحرير نڪتو.
همه گير آهين تون
اي ناز وارا،
بچي تو کان نه ڪو نخچير نڪتو.
ڪيم جنهن سان مقدّر
جي شڪايت،
اهو ئي ڪتابِ
تقدير نڪتو.
”فهيم“ آخر محبّت راهبر ٿي،
وڃي منزل تي اڄ ره گير نڪتو.
(مخدوم محمد امين ’فهيم‘)
9،
نومبر 1958
سري مڪان ٿاڻو بولان خان،
ڳوٺ وڏيرو انڙ خان
حضرت مخدوم محمد امين ’فهيم‘
ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي
ٽئي
درجي ۾ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا ۾ پڙهندا
هئاسين، محمد امين فهيم جنهن کي هالا جا سڀ ماڻهو
”ڏاڏا سائين“ ڪري سڏيندا هئا، اهو اسان جو ڪلاسي
هو. جناب غلام رضا ڀٽو صاحب جيڪو ڪاليجن جي
ڊائريڪٽر جي منصب تان رٽائرڊ ٿيو، اهو اسان جو هيڊ
ماستر هو. اسڪول ۾ پڙهائي توڙي رانديون ۽ فنڪشن
ساليانا جلسا جلوس شاندار نموني سان ٿيندا هئا. جن
۾ مخدوم امين ’فهيم‘ باقاعدي حصو وٺندو هو.
ساليانه جلسن ۾ ”سِلو سائيڪلنگ“ ۾ ٻين سان گڏ
مخدوم امين محمد ’فهيم‘ به حصو وٺندا هئا. هن راند
۾ سندن اهڙي ڪا مهارت هوندي هئي جو سائيڪل زمين
مان اصل چهٽي چنبڙي بيهي رهندي هئي مجال جو ذرو به
چُري ۽ هميشه پهريون نمبر انعام کٽيندو هو جيڪو ڄڻ
ته هن لاءِ مختص هوندو هو.
مخدوم غلام حيدر کي نه صرف هالا، پر هن تر جي
ماڻهن جي تعليم پکيڙڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي هوندي
هئي، اڃا اسڪول جي بلڊنگ پئي تيار ٿيندي هئي ته
مخدوم غلام حيدررحه هفتي ٻئي ضرور اچي
چڪر هڻندا هئا، مدرسي کان سروري ڪاليج تائين مخدوم
غلام حيدر جو اهو سلسلو جاري هوندو هو. اهو ذڪر
هتي انڪري ڪجي ٿو جو ساڻن گڏ ڪار ۾ ماستر نارائڻ
داس گڏ هوندو هو ۽ سائينءَ سان ڪار ۾ هڪ ننڍڙو
نينگر شهزادو جنهن کي ’ڏاڏا سائين‘ چوندا هئا، سو
سائين حضرت مخدوم غلام حيدر سان ضرور گڏ هوندو هو.
استاد محمود ابڙيجو تڪڙو تڪڙو اچي ڪار جو دروازو
کوليندو هو ۽ سڄي هفتي جي تعميرات جي ڪم جو احوال
سائينءَ جن کي تفصيل سان ٻڌائيندو هو ۽ کانئن مزيد
هدايتون وٺي ٺيڪيدار کي سمجهائيندو هو.
مخدوم غلام حيدررحه ديوبند جو فارغ
تعليم عالم هو. وٽس وڏا وڏا عالم ملاقات لاءِ
ايندا هئا، جن ۾ علامه آءِ.آءِ.قاضي، شمس العلماء
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، علامه قاسمي صاحب،
۽ ٻيا به اهڙا وڏي پايي جا عالم ملاقات لاءِ سِگها
سِگها ايندا هئا ۽ انهن ملاقاتن ۾ مخدوم امين
’فهيم‘ به مخدوم غلام حيدررحه سان
همنشين هوندا هئا.
ڪتابن جو ڏاڍو احترام ڪندا هئا، ايتري قدر جو صاف
سفيد ڪپڙو فرش تي پکيڙي ان تي ڪتاب رکندا هئا.
انهن ڏينهنِ ۾ فوٽو اسٽيٽ مشينون ڪونه هيون. مخدوم
غلام حيدررحه جن وٽ ٻه ٽي ڄڻا ڪاتب
مستقل طور موجود رهندا هئا جيڪي ڪتابن جا نقل تيار
ڪندا هئا ۽ شڪسته ڪتابن جي مرمت ۽ بائيڊنگ به ڪندا
هئا، هنن ڪاتبن کي پگهار به ڏيندا هئا ۽ کين ماني
به ملندي هئي.
مخدوم غلام حيدررحه جي صحبت مان مخدوم
امين ’فهيم‘ گهڻو پرايو ۽ گهڻو ديني علم حاصل ڪيو
۽ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي جو امتحان پاس ڪيو.
مخدوم غلام حيدررحه خوش طبع عالم هوندا
هئا. هڪ دفعي هالا هاءِ اسڪول ۾ شام جي وقت آيا،
سڄو اسڪول جو گرائونڊ شاگردن سان ڀريل هو جيڪي
ڪرڪيٽ جي راندين لاءِ مقرر استاد به ضرور شام جو
گرائونڊ تي نظرداري ۾ هوندا هئا. سائين محمود
ابڙيجو ۽ سائين ظفر ارباب به موجود هوندا هئا،
جيڪي خود به وڏا رانديگر هئا. سائين غلام رضا ڀٽو
به سٺو ڪرڪيٽ جو رانديگر هو، اهو به شام جو
گرائونڊ تي موجود هوندو هو. هڪ دفعي شام جو مخدوم
غلام حيدر گرائونڊ تي رانديون ڏسڻ آيا ته سندن ڪار
مان هڪ ڀيانڪ ۽ خوفائتو جانور رڇ نما وارد ٿيو ۽
شاگرد ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ شاگرد وڃي ڪلاسن ۾
لڪا يا گرائونڊ مان نڪري ويا، سڄو گرائونڊ سُڃ ٿي
ويو. ڀر ۾ مخدوم صاحب جو مدرسو ۽ مسجد هئي، اتان
ٽي ڄڻا ڊوڙندا آيا، تن اچي رڇ کي پڪڙيو ۽ معلوم
ٿيو ته اهو رڇ نه پر سائينءَ جو شيدي ملازم هو.
مخدوم امين ’فهيم‘ سٺو اديب، شاعر ۽ سياسي رهنما
هو. هُو جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي پهرين وزارت ۾
وزير جي عهدي تي فائز هو، ان کان وٺي سندن وفات
تائين وزير جي عهدي تي قائم رهيا. ان کان سواءِ
سڀني سروري مريدن جو مرشد هو. مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰ جن جي وفات کان پوءِ 18 نمبر گادي
نشين ٿيا. ڪئين ڀيرا
MNA
جي عهدي تي بنا مقابلي چونڊيا آيا ۽ مرڪزي وزارت ۾
وزير تجارت به رهيا.
مخدوم امين ’فهيم‘ هڪ شاندار قومي ترانو تحرير
ڪيو:
”اي وطن، اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان“
هن تراني مان مخدوم امين ’فهيم‘ جي وطن دوستيءَ جي
خوشبوء پئي ايندي هئي. مرڪزي حڪومت کين پهريون
نمبر انعام ڏنو ۽ اهو ترانو اڪثر ريڊيو تان نشر
ٿيندو رهندو هو.
مخدوم محمد امين ’فهيم‘ صاحب جي شاعري جو مجموعو
سنڌي ادبي بورڊ وڏي اهتمام سان ڇپائي ”پيغام“ جي
نالي سان پڌرو ڪيو.
مخدوم محمد امين ’فهيم‘ شڪار جو گهڻو شوقين هوندو
هو. مخدوم طالب الموليٰ وٽ جيڪي ملڪي ۽ غير ملڪي
اهم شخصيتون ملاقات لاءِ هالا اينديون هيون، انهن
لاءِ شڪار جو اهتمام مخدوم امين ’’فهيم‘‘ ڪندا
هئا. پير اعجاز حسين ٻڌايو ته سڀني شڪارين ۾ مخدوم
امين ’فهيم‘ جو نشانو پڪو هوندو هو. گهڻو ڪري گهمڻ
ڦرڻ لاءِ توڙي شاعريءَ ۾ شرڪت لاءِ دعوت نه
موٽائيندا هئا.
هڪڙي دفعي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري ۾’والدين جو ڏينهن‘
جي موقعي تي هڪ وڏو فنڪشن ٿيو. ڪرنل ڪومبس ڪاليج
جو پهريون پرنسپال هو ۽ هُو شاگردن کي پنهنجي
اولاد وانگر سمجهندو هو، هن فنڪشن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ
اسان جناب محمد امين ’فهيم‘، مان (عبدالرحمان
قريشي) ۽ عبدالغفار ابڙو، پيٽارو پهتاسين. اعليٰ
درجي جو فنڪشن هو. مهمانن لاءِ شاندار دعوت جو
بندوبست ڪيل هو. اسان ان فنڪشن مان مغرب کان به
پوءِ واپس آياسين ۽ مخدوم امين ’فهيم‘ سان سٺي
ڪچهري ڪندا آياسين. پاڻ ڪچهري ۽ ملاقات جو اهو
تاثر اصل نه ڏنائون ته پاڻ وزير يا مرشد يا عظيم
شخصيت جا مالڪ ۽ اسان غريب ساڻن همنشين ۽ هم ڪلام
آهيون. شعر و شاعري ۾ سندن تخلص ”فهيم“ هوندو هو.
پاڻ پهرين شادي پنهنجي عزيزن مان اڇ شريف مان
ڪيائون ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ سندن ٻي شادي مشرقي
پاڪستان (بنگلاديش) مان رونا ليليٰ جي ڀيڻ دينا
ليليٰ سان ٿي.
مخدوم امين ’فهيم‘ جي شاعري هميشه ياد رهندي. سندن
مجموعه ڪلام ”پيغام“ مان ٻه ٽي مصراعون پيش ڪجن
ٿيون:
”چڱو جو واعظِ بي پير نڪتو،
هي منهن جي آهه جو تاثير نڪتو
ڪَيَم جنهن سان مقدر جي شڪايت،
اهوئي ڪاتبِ تقدير نڪتو.“
مخدوم محمد امين
’فهيم‘
پيغام هڪ جائزو
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
مخدوم محمد امين 1939ع جي 4 تاريخ، مطابق 17-
جمادي الثاني 1358هه بروز جمعة المبارڪ تي، مخدوم
محمد زمان طالب الموليٰ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندن
نالو ”محمد امين“ رکيو ويو، کانئن اڳ سندس همنام
سروري خاندان ۾ ئي سجاده نشين ٿي گذريا آهن،
خاندان جي اهم بزرگن جي نالن جي سبب کين ”ڏاڏا
سائين“ به چوندا هئا. سندن والد محترم هڪ اعليٰ
پايي جي شخصيت طور سڃاتا وڃن ٿا. جن کي ”تمغهء
پاڪستان“، ”هلالِ امتياز“، ”لطيف ايوارڊ“ ۽ ٻيا
ڪيترائي ايوارڊ مليل هئا. پاڻ سنڌ جي هڪ اعليٰ
پايي جي شاعر، سياستدان ۽ نوح سروري سلسلي جي (16)
سجاده نشين طور مشهور هئا. سنڌي ادب ۾ مخدوم محمد
امين جي والد سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
جون وڏيون خدمتون آهن، خاص طور شاعريءَ جي حوالي
سان سندن ڇپيل 22 ڪتابن ۾ به وڏو انگ شاعريءَ جي
ڪتابن جو آهي، طالب الموليٰ جي شاعري ناصحانه ۽
نيڪيءَ ڏي سڏيندڙ آهي، هرهڪ جي ڪم ايندر هڏڏوکي ۽
لالچ کان پري رهندڙ طالب الموليٰ عوام الناس جي
خدمت کي ئي شعار بنايو تڏهن ته چيائون ته:
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ،
ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي.
پنهنجي آل عيال کي پڻ اهائي تلقين ڪيائون.
مخدوم محمد امين ’فهيم‘ سندن وڏو پٽ هو ۽ هُو کين
گهڻو ڀائيندڙ هئا. امين ’فهيم‘ جي تربيت ۽ تعليم
تي سندن خاص نظر رهي. پنهنجي والد جي زير سايه
مخدوم امين کي به شاعريءَ جو ذوق ۽ شوق پيدا ٿيو.
سندن ٻين ڀائرن مخدوم خليق الزمان ”خليق“، مخدوم
رفيق الزمان، مخدوم شفيق الزمان، مخدوم سعيدالزمان
۽ مخدوم نويدالزمان مان مخدوم خليق ۽ سعيدالزمان
شاعر آهن.
امين ’فهيم‘ جي ستن پٽن: مخدوم جميل الزمان
”جميل“، مخدوم شڪيل الزمان، مخدوم عقيل الزمان،
مخدوم نجيب الزمان، مخدوم خليل الزمان، مخدوم جليل
الزمان، مخدوم ابو محمد سنڌ يار مان مخدوم جميل
الزمان ”جميل“ پنهنجي ڏاڏي طالب الموليٰ جيان پختو
شاعر ۽ صاحب ديوانِ شاعر آهي. مخدوم جميل جا ٽي
ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ”ملاقات“، ”اُتر لڳا
آءُ پرين“، ”محبت پائي مَنَ ۾“، ”ديوانِ جميل“،
پوين ٻن ڪتابن جا عنوان شاهه لطيف جي شاعريءَ مان
سِرجيل آهن.
مخدوم امين جو نالو سنڌ جي سياسي ۽ ادبي ميدان ۾
اهميت جوڳو آهي، مخدوم خاندان سياسي طور شروع ۾
مسلم ليگ سان واڳيل هو، پر پوءِ مخدوم امين ’فهيم‘
جي خواهش تي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پاڪستان
پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. 14- اپريل
2016ع جي عبرت اخبار ۾ محمد حيات بلوچ لکيو آهي
ته:
”مخدوم خاندان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ
کان اڳ مسلم ليگ سان واڳيل هو جڏهن شهيد ذوالفقار
علي ڀٽو نئين پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌو ته خاص
ڪري نوجوان طبقو سندن مقناطيسي شخصيت کان متاثر ٿي
وڌ ۾ وڌ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لڳو، سروري
جماعت جو ولي عهد مخدوم امين ’فهيم‘ ان وقت ڦوهه
جوانيءَ ۾ هو، سندس لاڙو به نئين پارٽيءَ ڏي ڇڪجي
ويو ۽ ائين پنهنجي موڀي پٽ جي راءِ جو احترام ڪندي
مخدوم طالب الموليٰ صاحب پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾
شموليت اختيار ڪئي. اڳتي هلي پوءِ مخدوم خاندان
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان هر وقت نڀايو، توڙي جو
کين ڪي شڪايتون به رهيون، پر هُو خانداني طور
وضعدار، بااصول سنجيده ۽ باوقار رهيا آهن.
امين ’فهيم‘ جو شمار پاڪستان جي هر دلعزيز
سياستدانن ۾ ٿئي ٿو. 1988ع جي چونڊن ۾ قومي
اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجڻ کان پوءِ مختلف کاتن جو
مرڪزي وزير ٿي رهيو، سندن سياسي ڪردار بي لوث ۽ بي
داغ رهيو، سندس فهم ۽ فراست اعليٰ درجي جي هئي.
هُو ڏکين حالتن ۾ پڻ پنهنجي پارٽيءَ سان سچو رهيو،
کين پوري پاڪستان ۾ پنهنجي خلوص، نيڪ نيتي ۽ هر
دلعزيزيءَ باعث مقبوليت رهي.
امين ’فهيم‘ صاحب جي سنڌ جي ادبي وايومنڊل ۾ سڃاڻپ
هڪ سٺي شاعر طور آهي. هن 1953ع کان شاعري شروع
ڪئي، سروري اسلاميه ڪاليج هالا جنهن مان پاڻ
گريجوئيشن ڪيائين، ان ڪاليج مان سروري مئگزين
باقاعدگيءَ سان نڪرندو رهيو ۽ ٻيا به ڪيترائي
رسالا ۽ اخبارون، هالا ۽ حيدرآباد مان انهيءَ وقت
جاري هيون، جن ۾ سندن ڪلام ڪجهه ڇپيو ۽ کين هالا
جي علمي ادبي محفلن ۽ مشاعرن مان اُتساهه مليو،
”اَنجمن علم و ادب هالا“، ”بزمِ طالب الموليٰ“،
”بزمِ سروري“، ”بزمِ رفيق“،
”بزمِ سروري“ جي طرفان ٿيندڙ مشاعرن ۽ محفلن ۾ سنڌ
جا چوٽيءَ جا شاعر پنهنجو ڪلام ٻڌائيندا هئا ۽
انهن محفلن ۾ مخدوم امين ’فهيم‘ باقاعدگيءَ سان
شرڪت ڪندڙ رهيا ۽ انهيءَ ئي دور ۾ هُن شاعري شروع
ڪئي. پاڻ محبوب سروري ۽ پنهنجي والد کان شاعريءَ ۾
اصلاح ورتائون، شروع ۾ ”امين“ تخلص اختيار ڪيائين
۽ پوءِ مخدوم طالب الموليٰ جن کين ”فهيم“ تخلص عطا
ڪيو.
امين ’فهيم‘ صاحب جو هڪ شعري مجموعو ”پيغام“ جي
عنوان سان شايع ٿيل آهي، جو سنڌي ادبي بورڊ،
پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرز جي تعاون سان 1990ع ۾
شايع ڪيو. ڪتاب جي شروع ۾ نعت ۽ پوءِ غزلَ، قطعات،
نظم، ڪافيون ۽ بيت آهن. جنهن ۾ 101 غزل، 25 قطعات،
5 نظم، 34 ڪافيون، 13 بيت ۽ متفرقه شاعري ڏنل آهي،
جنهن ۾ مناجات، مثنوي ڏنل آهن. ڪتاب جي انڊيڪس
ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي ترتيب ڏنل آهي، تحرير خاص
طور ۾ مخدوم طالب الموليٰ لکيو آهي ته:
”سروري خاندان ۾ ڪيترائي شاعر ٿي گذريا آهن، امين
’فهيم‘ پنهنجي هڪ جيڏن شاعرن ۾ سٺو شاعر آهي. سندس
ڪلام ۾ جديد قديم شاعريءَ جو رنگ موجود آهي، جو
پڙهندڙن کي نهايت محفوظ ڪندو، پاڻ اڪثر غزل ئي
لکيو اٿس ۽ بهترين غزل لکيو اٿس.“ (ص18)
مخدوم امين شاعريءَ جو تفصيلي فني جائزو محبوب
سروري ڏنو آهي، سندن موجب ته هڪ باڪمال شاعر جي
شاعريءَ ۾ جيڪي خوبيون هجڻ گهرجن سي امين ’فهيم‘
جي ڪلام ۾ موجود آهن، جن ۾ تشبيهه، استعاره،
ڪنايه، مجازِ مرسل، تجنيس تام، تجنيس لاحق، تجنيس
حرفي، صنعتِ موقوف، صنعت ايهام، صنعت تضاد، مراعات
النظير، مبالغه، صنعتِ تعجب، تجاهل عارفانه، شهرِ
آشوب ۽ ٻين خوبين مطابق سندن شاعري سرجيل آهي.
مخدوم امين جي شاعريءَ ۾ ڪهڙيون خوبيون آهن، اها
خبر پڙهندڙن کي سندن ڪتاب ”پيغام“ مان پوندي، پر
هتي چند مثال پيش ڪيان ٿي ته جيئن سندن شاعريءَ جي
موضوعن، مواد ۽ تخيل جي پرواز جي پڙهندڙن کي ڪجهه
ڄاڻ ملي.
23- نومبر 1954ع تي لکيل هڪ نعت ۾ غمن ۽ ڏکن مان
نڪرڻ جي هدايت ڪندي چون ٿا ته:
”امين“ مشڪل اچي ڪوئي ته پڙهه صلواة سيّد تي،
غم و اوندهه مان ٿي ويندا، ٻيڙا پار بسم الله.
(ص3)
اُمّتِ مُحمّدي کي يقين جي قوت ڏيندي چون ٿا ته:
مدد منهنجي ”امين“ آهي مُحمّد ڄام سونهارو،
نه جنهن جو ڪو آهي همسر، انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي.
(ص5)
مخدوم امين پنهنجي طبع ۾ حُسن خلق، انڪساري،
رواداري ۽ خير خواهيءَ جا جذبا رکندڙ هئا، جنهن جو
اثر سندن شاعريءَ تي گهرو آهي، هيٺين ڪافيءَ ۾ چون
ٿا ته:
مان هيڻي، هو حاڪم، ڪا حجت ناهي،
سگهان ڪيئن ٿي، ساجن اڳيان سينو ساهي
ڪري قرب پنهنجو اچن شل اوطاري،
سڄڻ ساڻ هردم هٿين جوڙ آهي،
محبت مٺي محب لئي کوڙ آهي،
سندس ويس ٿيس مان جياري جي ماري.
(ص 214)
سندن شاعريءَ ۾ نيازمندي آهي ته رنگيني ۽ دلڪشي
پڻ. ڪٿي پاڻ زماني جي بي قدريءَ کان شڪوه ڪنان آهن
ته ساڳئي وقت قرب وارن وٽ سر به قربان ڪرڻ لاءِ
آتا آهن:
بي قدر انسان کان پاسو ڪرڻ آهي چڱو،
قرب وارن جي اڳيان سرڙو سٽڻ آهي چڱو،
دل ڏيڻ توڙي وٺڻ مان ڇا ٿو حاصل ٿئي امين،
هن فاني جهان جو لاڳاپو ڇِنڻ آهي چڱو.
(ص 168)
”پيغام“، ڪتاب ۾ غزلن جو ڳاڻيٽو جهجهو آهي، جن مان
ڳچ امين صاحب جي شروع جي دور جي شاعريءَ جون آهن،
جيئن 21- ڊسمبر 1957ع تي لکيل هڪ غزل جو مطلع ۽
مقطع هن ريت آهن:
يا مون کي علمبردار نه ڪر،
يا ڪو منهنجو خالي وار نه ڪر،
هي عرض آ توکي منهنجا خدا،
ڪنهن غير جي اڳيان لاچار نه ڪر.
هت ڇا جو ”فهيم“ اڄ فڪر ڪيو،
لاڳاپا ڇڏي تون ڪاهي پئو،
هن عشق جي درياهه منجهه گهڙي،
ڪو ڪار نه ڪر انڪار نه ڪر.
(ص 159)
مٿي چند مثال ڏنا ويا آهن، جن مان اها خبر پوي ٿي
ته سندن جذبن ۾ ڪيتري بي ساختگي، سادگي ۽ خيالن جي
اوچائي آهي. ”پيغام“ ڪتاب کي سندن ملازم مهر علي
”تابع سروري“ مختلف اخبارن ۽ رسالن تان گڏ ڪري
محفوظ ڪيو ۽ سندن وڏو فرزند جيڪو پاڻ پڻ سٺو شاعر
آهي، يعني مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ هن نهايت شوق
۽ جذبي سان ڪتاب ترتيب ڏيئي شايع ڪرايو. اڃا به
سنڌي شاعري آهي ته اردو ڪلام به آهي جنهن جي لاءِ
هن ڪتاب ۾ مخدوم امين صاحب خود لکيو آهي ته جدا
شايع ڪيو ويندو.
مخدوم امين ’فهيم‘ هڪ همدرد ۽ پُرخلوص انسان هو،
جنهن سنڌ، سنڌ واسين جي وڏي خدمت ڪئي. سندن علمي،
ادبي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي خدمتون نه وسارڻ
جوڳيون آهن ۽ تاريخ ۾ قائم دائم رهنديون. |