جي حياتيءَ وفا ڪئي ته ’فهيم‘، عشق ۾ انتها ڪري
ڏسبي
مخدوم امين ’فهيم‘ وڇڙي ويو...
نور سنڌي
21- نومبر تي صبح جو 5:00 وڳي مخدوم سعيدالزمان
’عاطف‘ جي ڪال تي ڇرڪي پيس، ڇاڪاڻ ته اهڙي وقت
ڪال، خيريت جي نه هوندي آهي. جڏهن سائينءَ ٻڌايو
ته قبله مخدوم امين ’فهيم‘ رحلت ڪري ويا آهن ته
مٿي کي چڪر اچڻ لڳا، دل ٻڏڻ ڪري اکين مان ڳوڙها
ڳڙڻ لڳا. ساڻن ملاقاتون، ڪچهريون حاضريون ذهن ۾
پردي تي ڦرڻ لڳيون. پاڻ ڪجهه عرصي کان ڪينسر جهڙي
موذي مرض سان جهيڙيندي نيٺ 21- نومبر 2015ع بمطابق
8 صفر 1437هه تي، فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا.
سندن جسدِ خاڪي کي لکين روئيندڙ اکين، آهُن دانهُن
سان هالا ۾ حضرت مخدوم نوح جي درگاهه اندر ڌرتيءَ
ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو، سندس آخري سفر ۾ قيامت
خيز منظر هو، سندن وصال تي هالا سميت مٽياري ضلعي
جي تقريباً شهرن سان گڏ سنڌ جا ڪيترائي شهر سوڳ ۾
بند رهيا. سندن وصال جي خبر اليڪٽرانڪ ميڊيا تي
بريڪ ٿيڻ بعد سڄي ملڪ مان هزارين مريد، عقيدتمند،
ملڪ جون سياسي سماجي شخصيتون هالا پهچي ويون ۽
آخري سفر ۾ شريڪ ٿيون. پاڻ حضرت مخدوم نوحرحه
جا 19 سجاده نشين، پاڪستان پيپلز پارليامينٽيرين
جا چيئرمن هئا. پاڻ روحاني ۽ ملڪ جي مشهور سياسي
شخصيت هئڻ جي باوجود سٻاجهڙي، ٻاجهاري ۽ فقير منش
طبعيت جا مالڪ هئا.
پاڻ ننڍي هوندي کان انتهائي ذهين گهٽ ڳالهائڻ وارا
جيڪو به ڳالهائين اهو مختصر پر اهي لفظ موتين
مالها هوندا هئا. کين ننڍي هوندي کان والي بال،
شڪار، فوٽوگرافي، شاعري، تاريخي ۽ اسلامي ڪتابن جي
مطالعي سان چاهه هو. پاڻ وڏي پائي جا شاعر هئا.
شاعري کين خانداني ورثي ۾ ملي. پاڻ 1959ع کان والد
جي شاعريءَ کان متاثر ٿي شاعري ڪرڻ لڳا. شاعريءَ ۾
رهنمائي والد صاحب کان حاصل ڪئي. سندس شاعري ۾ غضب
جي روانگي هئي. شاعري ۾ ڪافي ۽ غزل تي کين عبور
حاصل هو. سندن شاعريءَ جو مجموعو
’پيغام‘ شايع ٿيل آهي، جڏهن ته وڏي تعداد ۾ اڻڇپيل
شاعري موجود آهي. سندن ڪلام رونا ليليٰ، عابده
پروين سميت ڪيترن ئي فنڪارن ڳايو آهي.
جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي جو
بنياد وڌو، ان بعد لنڊن ۾ سندن ملاقات مخدوم امين
’فهيم‘ سان ٿي ۽ شهيد ڀٽي کين پيپلز پارٽي جيءَ
عوامي مفادن واري وسيع نظر پروگرام کان آگاهه ڪيو
۽ کين گذارش ڪئي ته پاڻ پنهنجي والد مخدوم طالب
الموليٰ کي سندن پاران گذارش ڪن ته پاڻ عوام جي
مفاد خاطر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿين. مخدوم محمد
امين ’فهيم‘ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڳالهين کان متاثر
ٿي ذوالفقار علي ڀٽي جو پيغام والد صاحب تائين
پهچايو ۽ پاڻ خود کين گذارش ڪئي ته پيپلز پارٽيءَ
۾ شامل ٿين، ان بعد پاڻ ڀٽو صاحب ۽ مخدوم طالب
الموليٰ جي هڪ ملاقات ڪرائي ۽ مخدوم صاحب لکين
مريدن سان گڏ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو. ان بعد
پيپلز پارٽيءَ جو پهريون مرڪزي ڪنوينشن هالا ۾
ٿيو، مخدوم خاندان ۽ سروري جماعت جي پيپلز پارٽي ۾
شموليت ڪري پيپلز پارٽي وڌيڪ مضبوط ٿي.
مخدوم محمد امين ’فهيم‘ پيپلز پارٽي جي باني
ميمبرن ۾ شامل آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي پرائمري دور
۾ مخدوم امين ’فهيم‘ پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ
ڀرپور جدوجهد ڪئي، مخدوم محمد امين ’فهيم‘ ۽ سندس
خاندان وارا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمہ
بينظير ڀٽو سان وفادار رهيا، ڏکين دورن ۾ جڏهن
پيپلز پارٽي جا چڱا ڀلا اڳواڻ خاموش رهيا، انهن
دورن ۾ مخدوم امين ’فهيم‘ ۽ سندس خاندان وارن نه
صرف ڀٽو خاندان سان وفادار رهيا، پر پيپلز پارٽيءَ
۾ ثابت قدم رهيا ۽ پارٽيءَ لاءِ وڏيون قربانيون
ڏنيون.
مخدوم امين ’فهيم‘ سياسي زندگيءَ جو آغاز، هالا
ٽائون ڪميٽيءَ جي چيئرمين شپ سان ڪيو، 1970ع ۾ عام
چونڊن ۾ بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر
چونڊيو، 1988ع واري چونڊ ۾ اڪثريت سان ايم.اين.اي
چونڊيو ۽ کيس مواصلات جهڙي اهم کاتي جو وفاقي وزير
بڻايو ويو. پاڻ هر عام چونڊ ۾ ايم.اين.اي چونڊبو
رهيو آهي. 1993ع ۾ کين وفاقي وزير هائوسنگ تعميرات
۽ 2009ع جي پيپلز پارٽي حڪومت ۾ وفاقي وزير واپار
ٿيو، پاڻ وفاقي وزير رهڻ دوران نه صرف مٽياري ۾ پر
سڄي ملڪ ۾ خاص طور سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا، هزارين
نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون.
نواز شريف ۽ پرويز مشرف دور ۾ پيپلز پارٽيءَ سان
تعلق رکندڙ وزيرن خلاف وڏي پئماني تي انتقامي
ڪاروايون ٿيون، حڪمرانن مخدوم امين ’فهيم‘ خلاف به
ڪرپشن، سرڪاري فنڊن جي ناجائز استعمال جا ثبوت، هٿ
ڪرڻ لاءِ سندس کاتي جا فائيل اٿلايا، پر هنن کي
مخدوم امين ’فهيم‘
خلاف ڪي به ثبوت هٿ نه آيا. موجوده دور ۾ مخدوم
امين ’فهيم‘ خلاف جيڪي ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿيا آهن،
اهي ثابت نه ٿي سگهيا آهن، مخدوم خاندان ۽ سروري
جماعت، ان کي مخدوم امين ’فهيم‘ خلاف سازش قرار
ڏين ٿا.
شهيد محترمه جڏهن جلاوطني ختم ڪري واپس ملڪ موٽي
ته مخدوم امين ’فهيم‘ ان ڏينهن کان هر جلسي، هر
دوري، هر پروگرام ۾ گڏ رهيو. شهادت واري ڏينهن به
ساڻن گڏ هو. ڪراچيءَ ۾ ڪارساز واقعي ۾ مخدوم امين
’فهيم‘ کي مٿي ۽ پٺن ۾ ڌماڪي واري مادي جا ٽڪرا
لڳا. شهيد راڻيءَ جي شهادت بعد پيپلز پارٽيءَ لاءِ
ڪيترائي خطرا پيدا ٿي ويا، اليڪشن مهم ۾ شهيد
محترمه کان پوءِ مخدوم امين ’فهيم‘ کان سواءِ ڪوبه
ايڏي وڏي ۽ ايڏي پائي جو ليڊر نه هو، جيڪو عام
چونڊن ۾ اليڪشني مهم هلائي ۽ مخدوم امين ’فهيم‘
جهڙي نازڪ نفيس شخص رات ڏينهن هڪ ڪري سڄي ملڪ ۾
چونڊ مهم هلائي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمہ بينظير ڀٽو ۽
پيپلز پارٽيءَ سان ان کان وڌيڪ ڪهڙي وفاداري ٿي
سگهي ٿي جو شهيد محترمه جي ٽيجهي تي آصف علي
زرداري اهو اعلان ڪيو ته شهيد محترمه جي فيصلي
موجب ايندڙ وزيراعظم مخدوم امين ’فهيم‘ هوندو، پر
چونڊن بعد شهيد محترمه جي خواهش موجب آصف علي
زرداري مخدوم امين
’فهيم‘ بجاءِ يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم بڻايو ۽
مخدوم صاحب کي ڪا سٺي وزارت به نه ڏني، نه صرف
ايترو، پر سنڌ حڪومت ۾ سندس فرزند مخدوم جميل
الزمان کي به بنا ڪم واري وزارت ڏني، اهڙيءَ
صورتحال ۾ هر ماڻهو جو اهو اندازو هو ته هاڻ مخدوم
امين ’فهيم‘ پارٽي ڇڏي ويندو، ليڪن دنيا ڏٺو ته
مخدوم امين ’فهيم‘ اقتدار جي ڪرسي کي اهميت ڏيڻ
بجاءِ شهيد ڀٽو، شهيد محترمه ۽ سندن پارٽي جي
مفادن کي اهميت ڏني وقت به وقت پيپلز پارٽيءَ جي
ڪوچيئرمن کان وٺي ڪجهه پيپلز پارٽي ليڊرن مخدوم
امين ’فهيم‘
خلاف بيان به ڏنا ۽ موجوده سنڌ حڪومت ۾ جيڪو مخدوم
خاندان کي مانُ مليو، اهو ڪنهن کان به ڳجهو نه
آهي، سروري جماعت جي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ويو،
پنهنجي حڪومت ۾ انتقامي ڪاروايون ڪيون ويون، ليڪن
مخدوم امين ’فهيم‘ شهيد جي پارٽيءَ کي نه ڇڏيو،
پاڻ وصال تائين پيپلز پارٽي سان وفادار رهيو. پاڻ
پيپلز پارٽيءَ جو اثاثو هو، سندس وصال سان ملڪ جي
سياست ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو پيپلز
پارٽيءَ لاءِ وڏو نقصان آهي، ان جو احساس ۽ اندازو
شايد ڪنهن کي هن وقت محسوس نه ٿئي، پر وقت گذرڻ
سان سندن خال محسوس ٿيندو.
منهنجون ساڻن لاتعداد ملاقاتون رهيون، جڏهن به
هالا ايندا هئا ته وٽن حاضري ضرور ٿيندي هئي. آءٌ
جڏهن هالا ۾ صحافت ڪندو هئس، ان کان وٺي سندس
لاتعداد پريس ڪانفرنسون به ڪَوَرِ ڪيون. مون کانئن
ڪيترائي انٽرويو پڻ ڪيا، ڪجهه عرصي کان سندس طبعيت
ناساز هئي، کين دبئي، لنڊن، آمريڪا ۾ به علاج لاءِ
نيو ويو، طبعيت ۾ ڪجهه بهتري اچڻ بعد کين ڪراچيءَ
جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي سندن
طبعيت ڪڏهن صحيح، ڪڏهن بگڙيل رهي ۽ 21- نومبر جي
صبح جو سندن ساهه جو سڳو ٽُٽي پيو ۽ پاڻ لکين
مريدن، چاهيندڙن کي ڇڏي، اتي هليا ويا، جتي اسان
مان هر ڪنهن کي ڏينهن پڄاڻي هلڻو آهي. پاڻ ظاهري
طور اسان کان جدا ٿي ويا آهن پر اسان جي دلين،
دماغن ۽ سوچن ۾ سدائين گڏ هوندا.
غزل
خدا ڄاڻي ته پورو هجر وارو غم ڪڏهن ٿيندو،
سڄڻ هن خانهء
دل ۾ مڪين هر دم ڪڏهن ٿيندو.
روان اشڪِ مسرّت، تومان
چشمِ نم ڪڏهن ٿيندو،
خبر ڪانهي دلِ مجروح
جو مرهم ڪڏهن ٿيندو.
وٺيو پيو جادهء منزل
وڃان اميد تي
ليڪن،
پتو ناهي ته هن جو پورو
پيچ و خم ڪڏهن ٿيندو.
سِٽيو
واعظ وڏو منصوبو آهي مئي
پرستن لءِ،
خدا گهريو ته سوئي درهم و برهم ڪڏهن ٿيندو.
جدائي،درد و غم آخر ڇڏي ويندا نه ٿي غمگين،
۽ توتي يار جو لطف و ڪرم پيهم ڪڏهن ٿيندو.
متان دلگير ٿِين
هر گز، جدائي ۾ ”فهيم“ آخر،
ڪرم فرمائي رشڪِ مهوشان
همدم ڪڏهن
ٿيندو.
(مخدوم محمد امين ’فهيم‘)
10مارچ
1958
هالا شهر ۽ مخدوم خاندان
غلام سرور ٿهيم
هالا سنڌ جي تاريخي، علمي، ادبي، ثقافتي، هنري ۽
واپاري شهرن مان هڪ آهي. هيءُ شهر ڪراچيءَ کان 161
ميلن ۽ حيدرآباد کان 35 ميلن جي مفاصلي تي اُتر ۾
واقع آهي. هيءُ ڳوٺ، پهرين
”ٽوڙي“ ۽ بعد ۾ ”هالڪنڊي“ سڏبو هو. هالڪنڊي هن وقت
پراڻا هالا سڏجي ٿو. هن علائقي ۾ هالا برادريءَ جا
ماڻهو آباد هئا، جيڪي ڄام هالي سمي جي ڪٽنب سان
تعلق رکن ٿا. موجوده نوان هالا جتي حضرت مخدوم نوح
سروررحه جي درگاهه آهي، سو مخدوم نوحرحه
جي چوٿين پيڙهيءَ ۾ سن 1140هه ۾ مخدوم مير پير
ٺهرايو هو، بعد ۾ ٻوڏ جي خطري ڪري، اُتان سروري
خاندان جي بزرگن جي سجاد مطهره جون صندوقون 1790هه
۾ ڪڍائي نئين پٽ ۾ آنديون ويون جتي مخدوم حامد بن
مخدوم نوحرحه جو مقبرو اڳي ئي جُڙيل
هو. پهرين ان کي ’اسلام آباد‘ جي نالي سان سڏيو
ويو، پر بعد ۾ اهو ڏيهه به هالا سڏجڻ لڳو، ان کي
هالا نوان ۽ هالا گنجابه سڏيو ويو.
هالا نوان جو بنياد، مخدوم مير محمد (ثاني) عرف
مخدوم مير پيررحه اٺين سجاده نشين
(1938- 1989ع) جي ڏينهن ۾ پيو، ان ئي هالا نوان جي
تعمير ڪرائي ۽ هالا شهر جي وڏي شاهي بازار 1917ع
ڌاري ٺهي، جيڪا مخدوم ظهيرالدينرحه ”15
سجاده نشين“ ٺهرائي، هن انهن ڏينهنِ ۾ 1913- 1917ع
ڌاري هالا ۾ اسلامي تعليم جي واڌاري لاءِ وڏو ديني
مدرسو قائم ڪيو، ان سان گڏ هتي صنعت و حرفت جي به
سرپرستي ٿيڻ لڳي، هتي جي اجرڪ، ڪاشي، ۽ جنڊيءَ جو
هنر هنڌين ماڳين مشهور ٿيو، هتي تمام سٺو نفيس ۽
عمدو ڪپڙو اڄڻ لڳو، ۽ هتي جا ماڻهو، ديندار تعليم
يافته ۽ معاشي طور آسودا ۽ سکيا ستابا ٿيڻ لڳا.
1832ع ۾ هالا هڪ وڏو ۽ ڳتيل شهر هو جنهن جي آبادي،
4-5 هزار هئي ۽ هتي هڪ شاندار ۽ وڏي بازار موجود
هئي، آهستي آهستي هيءُ شهر، ترقي ڪندو ويو ۽ پهرين
درگاهه روڊ جي کاٻي پاسي مخدوم غلام حيدر صديقي
رحه سال 1945ع ۾ هاءِ اسڪول ۽ سال 1951ع ۾ ڪاليج
تعمير ڪرايو. سن 1860ع ۾ هالا ۾ ميونسپالٽي قائم
ٿي، هالا شهر جي هڪ طرف ڪلهوڙا حڪمرانن جي تختگاهه
”خدا آباد“ جا قديم آثار آهن ته ٻئي طرف مير شهداد
خان جو ٻڌايل شهر ’شهدادپور‘ آهي، ٽيئن طرف هالا
پراڻا آهي ته چوٿين طرف 5 ميلن جي مفاصلي تي دنيا
جو عظيم صوفي شاعر حضرت عبداللطيف ڀٽائيرحه
جو مسڪن ”ڀٽ شاهه“ آهي. مخدوم نوح سروررحه
جو مقبرو، سن 1205هه ۾ جُڙيو، مقبرو پير محمد زمان
صاحب جن جوڙائڻ شروع ڪيو ۽ مير فتح علي خان ٽالپر
مڪمل ڪرايو.
ملڪي سطح تي علم و ادب کان علاوه سياست جي ميدان ۾
به هالا جو اهم رول رهيو آهي، هتي جي اهم سياسي
شخصيتن ۾ مخدوم غلام حيدر صديقي، مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰ، مخدوم امين ’فهيم‘، مخدوم خليق
الزمان، مخدوم جميل الزمان، ڊاڪٽر مخدوم رفيق
الزمان، ڪامريڊ غلام حسين سومرو، قاضي حفيظ قريشي،
عرفان مهدي، سيد شاهه محمد شاهه، عبدالطيف انصاري،
ناز لطيفي، رئيس علي احمد نظاماڻي، رئيس نظير احمد
راهو، سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ، سيد محمد علي
شاهه ڄاموٽ، پير نور شاهه، سيد جلال شاهه ڄاموٽ،
سيد جمال شاهه ڄاموٽ، سيد پناهه علي شاهه، پير
امير علي شاهه هاشمي، سيد امير علي شاهه ڄاموٽ ۽
ٻيا شامل آهن.
سنڌ جي سرزمين تي هزارين ننڍيون وڏيون برادريون
مختلف وسندين ۾ آباد آهن. ماضيءَ ۾ هالڪنڊي پرڳڻو
وڻج واپار جي لاءِ آمد و رفت سبب وڏي اهميت جو
حامل هو. ڪشمير ۽ اترئين علائقن مان ڳچ شيون
جهڙوڪ: ڪاٺ، ميوات، مصالحا، سلاجيت، ۽ پهاڙ مان
حاصل ٿيندڙ جڙي ٻوٽيون، سنڌو درياء ذريعي، وڏي
مقدار ۾ پنجاب ۽ سنڌ جي دريائي شهرن ۾ برآمد
ٿينديون هيون.
هالڪنڊيءَ ۾ ’اسلام پور پتڻ‘ وٽ توڙي اڳتي، کنڊوءَ
وٽ به وڏا واپاري مرڪز هئا ۽ اتي جا واپاري، اهو
مال درآمد ڪندا هئا، جيڪو پوءِ ٻين مختلف شهرن ۽
ڳوٺن کي سپلاءِ ڪيو ويندو هو. ’اسلام پور‘ کان
اڳتي ’هالڪنڊي‘ ڳوٺ هوندو هو جتي هالا، ڪميونٽي
ڪثرت ۾ رهندي هئي جڏهن ته ڳوٺ جي ٻاهران ڪنڊيءَ جو
هڪ وڏو وڻ هوندو هو، هالڪنڊي هن وقت هالا پراڻا
آهي، جتي حضرت ابوبڪر صديقرضه جي اولاد
مان ڪي بزرگ لڏي اچي رهيا هئا، ان خاندان ۾ اهم
بزرگ حضرت غوث الحق مخدوم نوح سروررحه
هو جيڪو پنهنجي وقت جو عالم، بزرگ، مصلح، مقرر،
شاعر ۽ مترجم قرآن شريف هو، ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان
پهرين مخدوم نوح سروررحه فارسي ٻوليءَ
۾ قرآن مجيد جو ترجمو ڪيو هو، جيڪو شاهه ولي الله
دهلويء کان گهڻو اڳ جو آهي، ان سروري خاندان هر
دور ۾ عام ماڻهن جي ساڃاهه دين جي فروغ، معاشرتي
اصلاح، تعليم جي فرواني، سنڌ جي ٻولي، ثقافت ۽
تهذيب جي ڦهلاءَ لاءِ نمايان ڪوششون ڪيون آهن،
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سروري خاندان ۽
سروري جماعت جو 17 هون سجاده نشين هو. هُو نه فقط
اديب، عالم ۽ شاعر هو، پر هن سنڌ جي ادب، تاريخ،
ٻولي ۽ ثقافت جي فروغ لاءِ جٽادار ڪوششون ڪيون
هيون، مخدوم طالب الموليٰ جون ٻه شاديون ٿيون،
هڪڙي پنهنجي خاندان مان، جنهن مان کين هڪڙو فرزند
۽ هڪ نياڻي ڄائي، ٻي شادي حيدرآباد جي هڪ نامور
عالم ۽ بزرگ مولانا فضل احمد عزنويءَ جي
صاحبزاديءَ سان ٿي، پهرين گهر واري جي وفات کان
پوءِ
مخدوم طالب الموليٰ تارڪ دنيا اختيار ڪئي ۽ هالا
شهر کان گهڻو پري (پکا) مڪان ۾ عبادت ۽ رياضت ڪئي
جتي سندن روپ هڪ درويش ۽ فقير جهڙو نظر ايندو هو.
پکا ۾ سندن ڏاڏي مخدوم محمد امين پکن ڌڻيءَ جو
آستانو هو، جنهن کي وفات کان پوءِ اتي ئي دفنايو
ويو هو، سندن قبر مٿان مقبرو پڻ اڏيل آهي.
مخدوم طالب الموليٰ جي پهرين گهر واريءَ مان واحد
فرزند مخدوم امين صديقي قريشي هو جيڪو بعد ۾ شعر و
شاعريءَ کان پوءِ ’امين فهيم‘ جي نالي سان مشهور
ٿيو، مخدوم طالب الموليٰ کي ٻئي گهر واريءَ مان
مخدوم خليق الزمان، مخدوم غلام محمد، ڊاڪٽر مخدوم
رفيق الزمان، مخدوم الله بچايو، مخدوم شفيق
الزمان، مخدوم عبدالحسين، مخدوم سعيد الزمان،
مخدوم غلام حيدر، مخدوم نويد الزمان ۽ مخدوم نوح
فقير آهن.
مخدوم امين ’فهيم‘ 4- آگسٽ 1939ع ۾ هالا ۾ ڄائو ۽
پهرئين پٽ جي حيثيت ۾ امين ’فهيم‘ پوري گهر ۽
خاندان جو لاڏلو فرزند هو. سروري خاندان ۾ اهو
لازمي طريقو رهيو آهي، ۽ اهو مخدوم طالب الموليٰ
6- آگسٽ 1981ع تي مسلم انجم پرائمري اسڪول هالا جي
نئين سر تعمير جي افتتاحي تقريب ۾ ٻڌايو هو ته
ميمڻ برادري سنڌ جي ديندار، خدا ترس ۽ هڏ ڏوکي
برادري آهي، علم هنر سان گڏ وڻج واپار سندن رڳ رڳ
۾ سمايل آهي. اسان مخدوم خاندان وارن کي جڏهن به
نرينه اولاد پيدا ٿيندو آهي ته ان کي ميمڻ
برادريءَ جي عورتن حوالي ڪندا آهيون، اهي عورتون
کين کير پيارينديون آهن، انڪري ميمڻ برادري اسان
جي رضائي برادري آهي، مثال طور: مخدوم طالب
الموليٰ جن يونساڻي برادري جي محمد يونس جي گهر
واري جي ٿڃ پيتي ۽ مرحوم نورمحمد (نورل) يونساڻي
سندس رضائي ڀاءُ ٿيو. مخدوم امين ’فهيم‘ کي مرحوم
محمد جمن ميمڻ سيٺ جي والده جي ٿڃ پياري ويئي.
مخدوم امين ’فهيم‘ 1953ع کان باضابطا شاعريءَ جي
شروعات ڪئي، مخدوم امين ’فهيم‘
وڏو شاعر هو ۽ موسيقيءَ سان ڏاڍو چاهه پڻ هئس،
سندن اڄ به ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ آل انڊيا
ريڊيو تي مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڪلام ٻڌجن پيا.
سنڌ جي نالي واري فنڪارن پڻ سندن ڪلام ڳايو، جن ۾
رونا ليليٰ، حسين بخش ’خادم‘، استاد منظور علي
خان، استاد محمد يوسف، عابده پروين وغيره. حسين
بخش خادم جي آواز ۾ هيءَ مشهور ڪافي:
’ڪهڙي سبب مون کي ويٺين وساري‘ منظر عام تي آئي.
1958ع ۾ سندن هن غزل کي ته ان ڪافيءَ کان اڳ ئي
شهرت ملي چڪي هئي:
بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي،
هيءَ خطا بارها ڪري ڏسبي.
جي حياتيءَ وفا ڪئي ته ’فهيم‘،
عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.
1970ع ڌاري سياست جي دنيا ۾ پير پائڻ کان اڳ جڏهن
پاڻ بزم طالب الموليٰ جا پريزيڊنٽ هئا، بزمن جي
شاعرن ۾ سندن اهڙا غزل ٻڌا ويا:
گهڻو دلبر لڪئين ليڪن ڏسڻ وارن ڏسي ورتو،
رخ انور اي سهڻا نيٺ مون پارن ڏسي ورتو.
يا
نظر فريب نظارن وڏو فريب ڏنو،
خزان رسيده بهارن وڏو فريب ڏنو.
حياتي ساري بُتن جي ئي پيار ۾ گذري،
’فهيم‘ نقش نگارن وڏو فريب ڏنو.
1971ع ڌاري محمد حسين ٽالپر عرف مولانا هپي صاحب
جڏهن سنڌي فلم سوچي پئي، تڏهن ان تي نالي جي ڳولا
به ڪئي پئي، تڏهن ايسٽرن فلم اسٽوڊيو ۾ خوبصورت ۽
نوجوان امين ’فهيم‘ صاحب کين پنهنجي هيءَ ڪافي
ٻُڌائي هئي:
”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس“، ۽ مولانا هپي
صاحب اها ڪافي ٻڌڻ سان پنهنجي فلم جو اهو ئي نالو
تجويز ڪيو هو: ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ“ ۽ گڏوگڏ
بلاول بيلجم جي موسيقي ۾ بلبل مهراڻ روبينه صاحبه
جي آواز ۾ اها ڪافي رڪارڊ پڻ ڪرائي ۽ فلم ۾ ان کي
شامل رکيو.
غالب، فيض، ساحر، جوش، فراز، داغ ۽ ذوق، مخدوم
امين ’فهيم‘ جا من پسند شاعر هئا. سندس ڏاڏو امين
به وڏو شاعر هو ۽ سندس والد مخدوم طالب الموليٰ جي
شاعريءَ جو ته انداز ئي نرالو آهي.
اڄ به اهو ئي آهي جيڪو هو اڳ،
هئڻ رڳو هن جو جلوو آهي جگ.
بقا هڪ الله کي ٻيو سڀ فنا،
هستي فقط هن جي انسان سندس ادا.
ڏسڻ کان جو ڏور سو ويجهو آهي وجود کان،
ڪک پن ۾ ڪريو جو سرو ئي نور ذرڙو ذرڙو ذرڙو لئي
ڪاملن ڪوه طور جو ڏسي نٿو ڏيهه ۾ تنهن قلب جو قصور
ديون دنيا واريون اٿي پٽي پور طالب مولا ڄاڻ تون
هر جا اٿئي حضور.
اکيون سڪنديون ئي رهيون سڪ ۾ روز سدا طالب
المولا طلب ۾ ڪئا سبب خدا ڪئا قدمن حق ادا هلڻ جا
حبيب ڏي.
راهان ڪڏهن نه رهيا هي قربائتا قدم،
ڪٿي کيئون ڪين ڪي دلبر ڌاران دم.
لاٿئون سڀ اکين جا جيڪي گوندر غم،
طالب مولا تن کي هئا اندر منجهه الم.
ته به ڪيئون اهڙا ڪم جو ڪنهن کان ٿيا ڪين ڪي.
مخدوم امين ’فهيم‘ جي شاعري جو مجموعو شايع ٿي چڪو
آهي سندس مجموعي ’پيغام‘ کي بيحد ساراهيو ويو.
شاعري ۾ هُو پنهنجي والد جو شاگرد آهي، هن علمي ۽
ادبي گهراڻي جو شعر ۽ شاعري سان دلچسپيءَ جو
اندازو ان مان لڳائي سگهون ٿا ته امين ’فهيم‘ جي
موقعي تي ٻين رسمن سان گڏ آل سنڌ مشاعرو به ڪرايو
ويو هو ۽ ان مشاعري ۾ پڙهيل شاعري ڪتابي شڪل ۾ به
ڇپجي چُڪي آهي، شاعر حسن پرست نه هجي ته سندس
شاعري به ڦڪي لڳندي.
اڄ ڪجن سي جرم جن تي خوب جرمانا هجن،
۽ سڀاڻي هر زبان تي جن جا فسانا هجن،
فڪر ڪهڙو حال جي ڪنهن جا فقيرانا هجن،
دل هجي زندهه انهي سان شوق شاهانا هجن.
جان جي بازي لڳائن سر تري تي جي رکن،
سي هلن مون ساڻ جيڪي مرد مردانا هجن.
بت شڪن خواهش جي هردم هيءَ تمنا ٿي رهي،
ڪاش ڪيئي بت هجن ۽ ڪيئي بتخانا هجن.
بندشن اهڙي ته آهي سلب آزادي ڪئي،
تنگ ٿي پنهنجا به چاهين ٿا ته بيگانا هجن.
اڌ رات ڏکي گذري اڌ رات چڱي گذري،
دلبر جي اڳيان ساعت ۾ هيهات چڱي گذري.
هو آخري دم آيو جو نزع جي حالت ۾،
ٻي عمر ته پئي گذري سڪرات چڱي گذري.
تاريڪيءَ فورقت کان هئي رات به اونداهي،
هو آيو گهڻي پل لاءِ پرڀات چڱي گذري.
هر رات ستارا هئا هر رات نظارا هئا،
پر منهنجي ته قسمت سان ڪا رات چڱي گذري.
ٿيون نيٺ ملاقاتون اکين به رُنو خوش ٿي،
مون لاءِ ته بي موسم برسات چڱي گذري.
مشڪل نه هو مشڪل آساني نه آساني،
ڪيئن چئجي ’فهيم‘ آخر هي رات چڱي گذري.
اسان جي درد دل جي حسن وارن کي خبر ڪهڙي،
گل پمردهِ جي رنگين بهارن کي خبر ڪهڙي.
ڪلي جا گل ٿيڻ کان اڳ گلستان مان ڇني ورتئون،
انهي جو آرزوئن جي بهار کي خبر ڪهڙي.
فسانو شبنم غمگين جي هر دم اشڪ ريزي جو جڏهن گل،
ئي نٿو سمجهي ته خارن کي خبر ڪهڙي.
اکيون ڇو اوچتو ڀرجو اچن اشڪ ندامت سان ڀلا هُن،
راز پنهان جي ستارن کي خبر ڪهڙي.
اٿم جا آرزو دل ۾ جهان وارا نٿا سمجهن،
اهو هڪ مثلو آهي سو ٻارن کي خبر ڪهڙي.
چوڻ وارن اشارن ۾ چئي ورتو جو چوڻو هو،
سندس مطلب ته مون سمجهيو اشارن کي خبر ڪهڙي.
’فهيم‘ آخر ۾ ڇا گذريو ٻُڏڻ کان پوءِ ڪشتي تي،
اهو گرداب کان پڇيو ڪنارن کي خبر ڪهڙي.
سنڌ ڌرتيءَ ڄائي مخدوم محمد امين ’فهيم‘ مخدوم
طالب الموليٰ جي گهر ۾ 4- آگسٽ 1939ع جمعي ڏهاڙي
جنم ورتو، جنهن جي نالي کي خاندان جي وڏڙن جي نسبت
سان امين ’فهيم‘ رکيو ويو. امين ’فهيم‘ کي مخدوم
غلام حيدر ڪن ۾ آذان ڏئي سندس نالو محمد امين
رکيو. وڏن جي نسبت جي ڪري ’ڏاڏا سائين‘ سڏيو وڃي
ٿو، امين ’فهيم‘ جو والد طالب الموليٰ نهايت ئي
سلجهيل محبتن وارو سياستدان با اصول سنجيده ۽
شرافت واري سياست جو قائل، سنڌ جو نالي وارو شاعر،
اديب، دانشور ۽ فن جو پارکو شخص هو.
مخدوم امين ’فهيم‘ کي سياست، ادب، شرافت ۽ فن ورثي
۾ مليو، مخدوم طالب الموليٰ انسانذات سان پيار
ڪندڙ شخص هو، جيڪو ڪلابازيون کائيندڙ سياستدانن،
رياڪارن، مڪارملن، قاضي، شيخ، زاهد، پيرن، مخدومن
جي ڄارن ۾ جڪڙيلن کي فقير جو ٽولو قرار ڏيندو هو.
طالب الموليٰ جو فرزند امين ’فهيم‘ پنهنجي والد جي
ڪجهه رنگن سان نڀاءَ ڪيو آهي، مخدوم امين ’فهيم‘
پنهنجي سياسي سفر جو آغاز 1970ع دوران شهيد
ذوالفقار علي ڀُٽي جي چوڻ تي ڪيو. اهڙيءَ طرح سان
هُو پهريون ڀيرو 1970ع وارين چونڊن ۾ ٺٽي مان
ايم.اين.اي چونڊيو ويو. ان کان پوءِ هو 1977ع،
1988ع، 1990ع، 1997ع- 2002ع، ۽ 2008ع جي چونڊن ۾
هالا، مٽياري تڪ تان ايم.اين.اي چونڊجندو رهيو،
ضياء دور ۾ پارٽي فيصلي تحت هُو 1985ع عام چونڊن ۾
اميدوارن ۾ هو.
مخدوم محمد امين ’فهيم‘ ڪجهه وقت سنڌ جي گورنر جو
صلاحڪار پڻ رهيو. پوءِ مرڪز ۾ وزير مملڪت جي عهدي
تي فائز رهيو. 1977ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر
منتخب ٿيو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي ڪابينا ۾
روينيو ۽ آبادڪاري جو وزير رهيو، 1982ع ۾
ايم.آر.ڊي تحريڪ دوران پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر
رهيو. 1988ع ۾ بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ موصلات جو
وزير رهيو، 1990ع، 1993ع ۾ 1997ع وارين عام چونڊن
۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، انهن چونڊن
۾ جيئن ته پيپلز پارٽي اقتدار ۾ نه آئي، انڪري کيس
وزارت نه ملي، وري 2008ع جي چونڊن ۾ قومي
اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، مخدوم امين ’فهيم‘
ملڪ جو واحد سياستدان رهيو، جنهن کي حڪومت مخالف
ڌر ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ هڪ جهڙي ۽ قدر جي نگاهه سان
ڏٺو وڃي ٿو، اڳوڻي آمر حڪمران جنرل ضياءُالحق جي
دور کان وٺي وزيراعظم جو عهدو سندس پويان هو، پر
هو پارٽيءَ سان وفادار رهيو، پاڪستان پيپلزپارٽي
پارليامينٽيرين جو صدر ۽ پيپلز پارٽيءَ جو سينيئر
وائيس چيئرمن رهيو. مخدوم صاحب پنهنجي والد وانگر
معتدل سياستدان رهيو، سندس جو تعلق اولياء خاندان
سان هو، سندس نسبي سلسلو سنڌو درياء جي ڪناري هالا
شهر جي نهايت ئي بزرگ هستي مخدوم نوح سروررح
سان ملي ٿو ۽ پاڻ پنهنجو تخلص امين رکيو ۽ سندس
شاعريءَ کي ڏسندي سندس والد طالب الموليٰ تخلص ۾
’’فهيم‘‘ جو اضافو ڪيو. مخدوم محمد امين ’فهيم‘
پنهنجي لاءِ چيو ته:
اي امين تو سان پيار ڪير ڪندو،
پاڻ کي بيقرار ڪير ڪندو،
تون ته دنيا ۾ مثل خار آهين،
گل ڇڏي پنهنجو خار ڪير ڪندو.
مخدوم محمد امين’فهيم‘ پنهنجي سموري زندگي، وطن
لاءِ ارپي ڇڏي. سندس پهرين شادي 19 سالن جي ڄمار ۾
21- جون 1957ع دوران ٿي، هن ٻي شادي بنگالي
گلوڪارا رونا ليليٰ جي ايئر هوسٽس ڀيڻ دينا ليلا
سان ڪئي، جنهن ڪجهه سالن بعد وفات ڪئي، سندس ٽين
شادي ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ ڪميونٽي مان ڪئي
۽ چوٿين شادي، پنجاب مان ڪئي، مخدوم محمد امين
’فهيم‘ کي 7 پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. سندس وڏو
فرزند مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ سٺو سياستدان هجڻ
سان گڏوگڏ سٺو شاعر ۽ محقق پڻ آهي. سندس ٻيو فرزند
مخدوم شڪيل الزمان سينيئر سول بيروڪريٽ آهي، ٽيون
فرزند مخدوم عقيل الزمان، چوٿون فرزند مخدوم نجيب
الزمان لنڊن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري هينئر
ٻاهرين ملڪ ۾ ڪاروبار واري شعبي سان سلهاڙيل آهي،
سندس پنجون فرزند مخدوم خليل الزمان، ۽ ڇهون فرزند
ابومحمد سنڌيار آهي، جڏهن ته مخدوم امين ’فهيم‘ جي
اڪيلي نياڻي برمنگهم يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم
حاصل ڪري چڪي آهي.
مخدوم امين ’فهيم‘ ڪينسر جهڙي موذي مرض سان
جهيڙيندي زندگيءَ جا آخري لمحا پنهنجي ڌرتيءَ تي
اچي گهاريا ۽ ڪراچيءَ جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ سندس
علاج هلندڙ هو، پر سندس زندگي وڌيڪ وفا نه ڪئي.
سرد هوائن ۾ ٿڌي سڀاءَ واري سائين مخدوم محمد امين
’فهيم‘ صديقي جهان مان رخصت ٿيو. اِنالله واِنا
اِليہ راجعون بردباري، سليقي ۽ سڀاءَ جو هڪ باب
بند ٿيو ۽ هاڻي وقت ان ڪتاب جي جلد سازي ڪندو،
مخدوم امين ’فهيم‘ 21- نومبر 2015ع بروز ڇنڇر،
بمطابق 9 صفرالمظفر 1437 هجري جي صبح جو سوير فاني
جهان مان موڪلايو، هاڻي اسان وٽ ڪي قادرالڪلام
شاعر آهن الائي ڪونه، پر بهرحال اهو گل خوشرنگ
شاهه جو مخدوم نوح سروري رحمة الله عليہ جي مقبري
مبارڪ جي ڀاڪر ۾ والد گراميءَ مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰ جي پاسي ۾ آرامي ٿيو.
خاڪ وڃي خاڪ سان ملي، مٽيءَ جي خوشبوءَ ۾،
هڪ دور واسجي ويو، الائي ڪهڙو حال آهي دل جو.
حوالا:
1.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار
ادارو، حيدرآباد
2.
اعلانن جي باوجود هالا ضعلو ڇو نه ٿيو، مضمون
(الله بچايو ميمڻ)
3.
مخدوم امين ’فهيم‘، مخدوم طالب الموليٰ جو ڏاڏا
سائين، مضمون (الله بچايو ميمڻ)
4.
تنهنجون ڳالهيون سڄڻ، مضمون (نصير مرزا)
5.
گل خوش رنگ، مضمون (محمود مغل)
6.
سنڌ جي سياست مخدوم امين ’فهيم‘ جو وڇوڙو، مضمون
(حميد ڀٽو)
7.
مخدوم امين ’فهيم‘ وڇڙي ويون عشق جي انتها ڪري
ڏسبي… مخدوم امين ’فهيم‘ وڇڙي ويو، مضمون (نور
سنڌي)
8.
علم ادب شاعر سياست ۽ وفا جو پيڪر مخدوم امين
’فهيم‘، مضمون (زيڊ.اي پيرزادو)
9.
مخدوم امين ’فهيم‘ جو وڇوڙو ۽ سنڌ ۾ پيدا ٿيل وڏا
خال، مضمون (معصوم مصطفيٰ ڪنڀر)
10.
سياست جي ڪري شاعري قربان ڪندڙ مخدوم امين ’فهيم‘،
مضمون
11.
ٿڌي طبعيت رکندڙ غير تڪراري شخصيت، مضمون (رياض
سهيل)
12.
سلسيوار ’سروري‘ مئگزين هالا ڊسمبر 2015ع
13.
ڇپر ۾ ڇڙيون، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو.
غزل
خوش هجين يار، سدا تنهنجي حياتيءَ جو خير،
منهنجا اي ماه لقا تنهنجي حياتيءَ جو خير.
تنهنجي ئي لطف و ڪرم مون کي بنايو بهتر،
شل ڪري منهنجو خدا تنهنجي حياتيءَ جو خير.
زندگي مون سان نڀائي نه نڀائي سهڻا،
مون کي بس گهرجي مٺا تنهنجي حياتيءَ جو خير.
مون کي تون
پنهنجو ڪرين يا نه ڪرين پر هردم،
دل ڪندي توکي دعا تنهنجي حياتيءَ جو خير.
مون گداگر تي ڪيئي قرب ڏنئي پيار پرين،
دل جي شاهيءَ
جا خدا تنهنجي حياتيءَ جو خير.
آسري تنهنجي رهيو آهي سدائين هي ”فهيم“،
منهنجا اي ماهِ لقا تنهنجي حياتيءَ
جو خير.
تو ”فهيم“ آهي نماڻن تي نظر فرمائي،
ختم ٿيا رنج و بلا تنهنجي حياتي جو خير.
(مخدوم محمد امين ’فهيم‘)
11فيبروري
1958
هالا
پيار ڪندڙ مخدوم امين ’فهيم‘ جو وڇوڙو
غلام حسين خاصخيلي
مخدوم امين ’فهيم‘ سياستدان سان گڏ مشهور شاعر ۽
سروري جماعت جو روحاني سربراهه به هو. پاڻ حضرت
سرور نوحرحه جي درگاهه جو گادي نشين به
هو. مخدوم امين ’فهيم‘ سياسي طور شروع کان ساهه جو
سڳو ڇڄڻ تائين، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سلهاڙيل
رهيو.
مخدوم امين ’فهيم‘ جو والد مخدوم طالب الموليٰ به
مشهور شاعر ۽ سياسي روحاني اڳواڻ هو. مخدوم امين
’فهيم‘ کي پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ کان اها
هدايت مليل هئي ته ذوالفقار علي ڀُٽي جو ساٿ ڪڏهن
به نه ڇڏي. مخدوم امين پنهنجي والد جي حڪم مطابق،
آخري گهڙيءَ تائين پيپلز پارٽي سان رهيو. شهيد
ذوالفقار علي ڀٽي کان شهيد محترمه بينظير ڀٽي ۽
بلاول ڀٽي زرداريءَ تائين پنهنجو سچائيءَ وارو ساٿ
نڀائيندو رهيو.
مخدوم امين ’فهيم‘ بلڊ ڪينسر سبب پنهنجو علاج،
جرمنيءَ مان به ڪرايو، پر سندس طبعيت ۾ بهتري نه
آئي. مخدوم امين ’فهيم‘
بيماريءَ دوران ڪجهه ڏينهن دبئيءَ ۾ رهيو، پر کين
سنڌ مٽيءَ جي سڳنڌ پاڻ ڏانهن ڇڪي آئي. مخدوم امين
’فهيم‘ پنهنجي پٽن کي دبئيءَ کان ڪراچي وٺي هلڻ جي
صلاح ڏني. 26- آڪٽوبر 2015ع تي کين دبئي کان ڪراچي
آندو ويو، جتي کين ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ داخل
ڪرايو ويو هو، اها اسپتال بلاول هائوس جي ويجهو
آهي.
مخدوم امين ’فهيم‘ روحاني طور سچو املهه ماڻڪ شخص
هو. سندس پيار جون آخري گهڙيون به پيپلز پارٽيءَ
جي پيار ۾ بلاول هائوس ڀرسان گذريون. ڪراچيءَ جي
اسپتال ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽي
زرداريءَ سندس عيادت ڪئي هئي. ان وقت مخدوم امين
’فهيم‘ بلاول ڀُٽي زرداري کي ڳراٽڙي پائيندي کيس
پيار ڪيو هو. مخدوم امين ’فهيم‘ پيپلز پارٽي
پارليامينٽيرين جو صدر به هو.
مخدوم امين ’فهيم‘ 4- آگسٽ 1939ع تي هالا ۾ جنم
ورتو. مخدوم امين ’فهيم‘ 1977ع کان 2015ع تائين
پارليامينٽ جو حصو رهيو. 7 ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو
ميمبر ۽ هڪ ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو، ٻه
ڀيرا وفاقي وزير به رهيو. هُن اڳوڻي صدر جنرل
پرويز مشرف جي وقت ۾ وزيراعظم جي عهدي واري آڇ کي
ٺڪرائي ڇڏيو هو.
شهيد محترمه بينظير ڀُٽي جي جلاوطنيءَ واري وقت ۾
مخدوم امين ’فهيم‘ پاڪستان پيپلز پارٽي کي
هلائيندو رهيو ۽ جمهوريت لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪندو
رهيو. 27- ڊسمبر تي شهيد محترمه بينظير ڀُٽي جي
شهادت وقت به ساڻس گڏ هو. شهيد محترمه بينظير ڀُٽو
چوندي هئي ته مخدوم امين ’فهيم‘ سچو ليڊر آهي،
جيڪو ڏک توڙي سک ۾ گڏ رهيو آهي. مخدوم امين ’فهيم‘
جي وفات تي پوري سنڌ سوڳوار آهي.
مخدوم امين ’فهيم‘ پنهنجي زندگيءَ ۾ خوبصورت شاعري
به ڪئي. سندس شاعري رونا ليليٰ سميت ڪيترن ٻين
مشهور فنڪارن به ڳائي آهي. سندس شاعري ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد توڙي آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي
سروس تان نشر ٿيندي رهندي آهي. سندن هڪ گيت جون
سٽون ڪجهه هن ريت آهن:
”منهنجون ڳالهيون ياد ڪندين.“
هاڻ مخدوم امين ’فهيم‘ اسان وٽ جسماني طور موجود
ناهي. سندس مڙهه کي حضرت مخدوم سرور نوحرحه
جي مقبري اندر مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ وقت هزارين اکين
مان لڙڪ ڳڙي رهيا هئا. مخدوم امين ’فهيم‘ پنهنجي
شاعريءَ ۾ حقيقت چئي هئي ته: ”منهنجون ڳالهيون ياد
ڪندين.“ هاڻ مخدوم امين
’فهيم‘ جون ڳالهيون تاريخ ۾ سونهري لفظن سان ياد
رکيون وينديون. مخدوم امين ’فهيم‘ هر ماڻهوءَ سان
پيار سان پيش ايندو هو. مخدوم امين ’فهيم‘ سان
ملاقاتون، ڪچهريون يادگار طور اسان جي ذهن جي
اسڪرين ۾ ڊوڙي رهيون آهن. وقت ڀلي جو بيرحم آهي،
پر ڪي شخصيتون پاڻ ۾ ايترو اثر ضرور رکنديون آهن
جو اُنهن جو ذڪر، صدين تائين ٿيندو رهندو آهي.
مخدوم امين ’فهيم‘ پڻ اسان سڀني جي دلين ۾ سدائين
زندهه رهندو.
غزل
دل ۾ پيدا ٿي ويو آ درد و غم،
جو اکين ۾ لڙڪ آهن دم بدم،
هيءَ دعا هردم گهران، الله کان،
شل هجين مون ساڻ گڏ منهنجا صنم
منهنجي اعمالن کي ڪرتون درگذر،
”ياالاهي ڪر عطا لطف و ڪرم.“
شل ٿئي هيءَ آرزو پوري سندم،
جو ٿيان مان صاحبِ سيف و عَلم.
حال جهڙو آهي تهڙو اي ”امين“!
پر لکڻ ۾ تيز آ تنهنجو قلم.
(مخدوم محمد امين ’فهيم‘)
جولائي 1954ع
ڪوئيٽا |