سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-3\2016ع

باب:

صفحو:2 

مــهـــاڳ

 

 

 

 

محبوب سروري

(1) سوانح حيات:

مٺي مهراڻ جي پاڻيءَ ۽ اسلام جي روحاني آبياريءَ سان، سرزمين سنڌ تي اهي عظيم الشان ذهن ۽ عالي مرتبت شخصيتون پيدا ٿيون، جن دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. علم و فضل جي هاڪ ۽ روحانيت جي ڌاڪ باعث دنيا جي عالمن، سياحن، محققن، بزرگن، درويشن، قلندر ۽ فقيرن سنڌ ڏانهن مُنهن ڪيو، ”اهي سنڌ ۾ آيا، سنڌي ٿي ويا ۽ وري واپس نه وريا.“ سندن هزارين مزارون ۽ مقبرا سنڌ جي سيني تي يادگار آهن.

سنڌ، درويشن جو ديس ۽ الله وارن جو گهر آهي. سنڌ باشريعت بزرگن، غيور غازين، دلير دودن، تحريڪن جي اڳواڻن، علم و ادب جي سرواڻن، شهرهء آفاق شاعرن، مڻيادار مجاهدن ۽ سام جهليندڙ سورهين جي سرزمين آهي. سنڌ، سدائين روحاني، اقتصادي ۽ معاشي لحاظ کان سائي ستابي رهي آهي. هر دور ۾ عالمن، فاضلن روحاني رهبرن ۽ بزرگن جي آستانن سان سنڌو درياء جا ٻئي ڪنارا آباد رهيا آهن.

انهن مشهور عالم بزرگ هستين مان ، سنڌو درياء جي مشرقي ڪناري تي سنڌ جي دل ”هالا“ شهر ۾ حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رحمة الله عليہ جي درگاهه آهي. هيءُ اهو باشريعت بزرگ آهي. جنهن پنهنجي سموري زندگي، قرآن ۽ سنت مطابق مڪمل پابنديءَ سان گذاري. سندن روحاني شمع جي شعاعن سان سنڌ جو ذرو ذرو منور ٿي ويو. حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور اهو بزرگ آهي، جنهن سڀ کان پهرين قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير فارسي زبان ۾ زيبِ قلم ڪيو. سندن شجرو مٺي مرسل حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي خليفهء اول سيدنا حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ سان ملي ٿو. حضرت مخدوم نوح سرور اويسي طريقي جو عاشقِ رسول بزرگ هو. وڏي پابنديءَ سان راههِ رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم تي قدم بقدم عمل پيرا رهڻ سبب سندس لقب ”سرور“ مشهور ٿي ويو ۽ ”سرور نوح فقير“ جي نالي سان سنڌ هِند جي لکين صالح ۽ صادق الله بندن جي سيني جو سُروُر بنيو. سندس ئي دور ۾ سروري جماعت جي فقراءَ جو تعداد نَوَ لک ٿي ويو هو، جنهنڪري هن گاديءَ کي ”نو لکي گودڙي“ سڏيو ويو. سندن وفات جو سال ”فيضِ حق“ مان (998هه) ملي ٿو.

مخدوم امين محمّد (اوّل):

حضرت مخدوم نوح رحمة الله عليہ جو پهريون سجاده نشين به ”مخدوم امين محمّد“ هو جو پنهنجي بزرگ والد وانگر شريعت جو پابند هو. ”حلال ۽ صدق مقال“ جو پاڻ به عامل هو ۽ ٻين کي به تاڪيد ڪندو هو. سندن ولادت 5 ربيع الاول 952 هجريءَ ۾ (جڏهن حضرت مخدوم نوح رحمة الله عليہ جي عمر 41 سال هئي) ٿي.

998 هجريءَ ۾ حضرت مخدوم نوحرحه جي وفات بعد سجاد نشين ٿيو، سندن عمر انهيءَ وقت 42 سال هئي. 7 شعبان المعظم 1015هجريءَ ۾ 63 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين. سندس سال وفات ”شرف الابرار“ مان ملي ٿو.

مخدوم امين محمّد ثالثرحه

”مخدوم امين محمّد (ثالث) هن صديقي قريشي خاندان جو اهو بزرگ آهي جنهن جي شخصيت ۾، فڪرو درويشيءَ سان گڏ شعر ۽ شاعري به بدرجه ڪمال موجود آهي. سندس سارو ڪلام سوز ساز، نياز  ۽ گداز جو شارح آهي. سندس ڪلام تصوّف جي دقائق ۽ حقائق جو شاهڪار آهي. ان سان گڏ حقيقت ۽ مجاز جو آئينه دار آهي. سندس فيّوضِ باطنيه مان جتي ڪيئي اهلِ نظر ۽ اهلِ بصيرت پيدا ٿيا، اتي ڪيئي سندس صحبت يافته شاعر ۽ سخن سنج بدايع گو ۽ بديع الڪلام  پڻ اسريا، جن ”سروري جماعت“ ۾ فقر ۽ محبت جي اها جوت جلائي آهي، جنهن جي چنگاري اڄ به سروري جماعت جي دلين ۾ درد جو دود دکايو ٿي اچي.“

(”ڪليات امين“ پروفيسر محبوب علي چنه)

”هو وڏو سخي ۽ درياء دل مرد هو، سنڌي شاعري ۾ تمام ڪمال هوس، سندس شاعري جي سڀني اصنافن ۾ سندس شعر موجود آهي. ڏوهيڙا، ڪافيون ۽ غزل وغيره پنهنجا يادگار ڇڏيا اٿس.“

(”تذڪرِه مشاهير سنڌ جلد ٻيو مولانا دين محمّد وفائي)

”امين محمد“ سائين عرف ”پکن ڌڻي“ الاهي اسرارن جو عارفِ الستي ڪتب جو بحر مواج فيوضات يزدانيه جو شارح ۽ ترجمان آهي. (سُرها گل- علامه دائود پوٽو)

مخدوم امين محمد ”پکن ڌڻي“ جي ولادت 7 شعبان 1254 هجري مطابق 26 آڪٽوبر 1838ع تي ٿي ۽ سندس وفات 27 رمضان 1303 هجري مطابق 29 جون 1886ع ۾ ٿي، سندس وفات تي ڪيترن  همعصر بزرگن ۽ شاعرن قطع تاريخ لکيا جن مان چند هي آهن:

(1) مخدوم ابراهيم نقشبندي :           بَخُلداست جائي محمّد امين

1303 هجري

(2) عبداللطيف ٺٽوي:                محمّد امين گشــﺔ و اصل برب

1303 هجري

(3) مفتي سعد الله هالائي:                  شهنشاهِ جنّت محمّد امين

1303هجري

انهيءَ بزرگ سرور نوح فقيررحه جو سورهون (16) سجاده نشين اعليٰ حضرت قبله مخدوم محمد زمان ”طالب موليٰ“ سائينءَ جن آهن. جن جي تفصيلي سوانح حيات، ڪتاب يار خاطر، جنب گذاريم جن سين، مهراڻ جا موتي، ڇپر ۾ ڇڙيون، ڪچڪول، سماهي ”مهراڻ“ جو شاعر نمبر ۽ سوانح حيات نمبر، ديوانِ طالب الموليٰ، سروري خاندان جون علمي ادبي خدمتون وغيره ڪتابن ۾ قارئين پڙهي سگهن ٿا. هتي سندن سوانح حيات جو مختصر خاڪو پيش ڪجي ٿو:

حضرت  طالب الموليٰ سائين اُها مشهور زمانه ۽ تاريخ ساز شخصيت آهي، جن جي سرزمين سنڌ سان سڪ ۽ سچائي، تحريڪ پاڪستان ۽ قيام پاڪستان لاءِ قربانيون، سنڌي ادب ۽ ثقافت لاءِ سندن ڪاوشون ۽ ڪوششون، علمي ادبي تحريڪون، تنظيمون، بزمون، تقريرون، تحريرون، ايتريون انيڪ ۽ اهم آهن جن جو پنهنجن خواه پراون، سڀني اعتراف ڪيو آهي.

سنڌ جو بزرگ سياستدان سائين جي.ايم.سيد لکي ٿو ته: ”مخدوم صاحب جي سنڌي ادب ۽ ثقافت کي زنده رکڻ جي ڪوشش اهم درجو رکي ٿي. سنڌي ڪلچر، اتحاد انساني، امنِ عالم جو پيغامبر آهي. سنڌ جا درويش ۽ بزرگ انهيءَ پيغام جا حامل هئا، خدا کيس عمرِ دراز بخشي ۽ کانئس سنڌي ادب ۽ ثقافت جي خدمت ڪرائيندو رهي.“  (”جنب گذاريم جن سين“ (جلد ٻيو) صفحه 247)

اها محبوب ۽ جامع صفات شخصيت جنهن جا مريد ۽ معتقد، دوست ۽ احباب پوري هند و پاڪ ۾ پکڙيل آهن، جنهن کي دين ۽ دنيا جون سڀئي نعمتون ميسر آهن، تنهن هوندي به سندن طبيعت ۾ ڪنهن به قسم جي، ڪنهن به وقت وڏائي نظر نه ايندي! پاڻ فرمائي ٿو:

باوجود ان جــي خاڪسار آهـــيان،

سر تي دستار سروري آهــــــــي.

مان ته ڪجهه ئي نه آهيان اي دوست!

مون سان ڪنهن جي نه همسري آهي.

پاڻ نهايت حليم طبع، رحمدل، عفو درگذر ڪندڙ، صابر شاڪر، قانع، سخي، ساده لباس، خوش خلق، خوش مزاج، سدا بهار طبيعت، نيڪ نيت، پاڪ طينت، مساوات جا مجسمه ۽ دشمن نواز شخص آهن. ”هٿان حبيبن، ڪڏهن ڪونه ڏکوئيو!“

پاڻ ڪنهن به وقت ڪنهن به دشمن لاءِ انتقامي ڪاروائيءَ جو نه سوچيندا آهن. انتقام جي برعڪس احسان ۽ عنايت خير خواهي ۽ خير سگالي جي جذبي سان مخالفن کي مانوس ۽ مطيع ڪندا آهن. حضرت طالب الموليٰ سائين هر ڪنهن لاءِ حفظِ مراتب جو خيال رکندا آهن ۽ دشمنن کي به سهڻن نالن سان ياد ڪندا آهن. غصي جي عالم ۾ به غلط زبان استعمال نه ڪندا آهن. عوام لاءِ سندن بي انداز ۽ بلاامتياز علمي، ادبي، ثقافتي، سماجي، فلاحي ۽ معاشي خدمات ڪنهن کان ڳجهيون آهن؟ بهرحال هي قصو ڊگهو آهي.

المختصر حضرت طالب الموليٰ سائين، سلجهيل ۽ محبِ وطن سياستدان، باوقار، بااُصول، سنجيده ۽ شرافت واري سياست جا قائل، سنڌ جا مايه ناز اديب ۽ شاعر آهن. منجهن هڪ باشريعت بزرگ جي سجاده نشين هئڻ وارا اهي سڀئي گڻ موجود آهن، جيڪي قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ مومنين ۽ صالحين جون صفتون هونديون آهن. پاڻ پيري ۽ مخدومي واري ٺٺ ٺانگر عالمن ۽ زاهدن جي ظاهري بناوٽ ۽ سجاوٽ، من مستي، هٺ تڪبر، مڪرو ريا جي بلڪل برخلاف آهن. توحيد جي رنگ ۾ رتل، حب مرسل صلي الله عليہ وآلہ وسلم سان سرشار ۽ سائينءَ جي سڪ جا سائل سٻاجهڙا ماڻهو طالب الموليٰ کي پسند آهن، جن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هوندو آهي. ڪلاباز سياستدان، رياڪار ۽ مڪار ملا، حاجي، قاضي، شيخ و وعظ، زاهد عابد، پير مخدوم ۽ سجاده نشين جيڪي خرقه و سجاد عبا و قبا، جبه و دستارو عصا جي فريب ۾ ڦاٿل آهن، تن کي طالب الموليٰ نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ انهن کي ”گداگرن جو ٽولو“ چوي ٿو.

حضرت طالب الموليٰ سائين حقيقت ۽ عمل جا خواهان آهن. پاڻ حجرن ۽ خانقاهن جا اندروني راز ظاهر ڪن ٿا، ڪليسا ۽ مندر ۾ جهاتيون پائي انهن جون مڪاريون، عياريون ۽ فريب منظرِ عام تي آڻين ٿا.

حضرت طالب الموليٰ سائين مسجد جي ماحول لاءِ به هيءَ ڳالهه پسند نٿا ڪن، جنهن ۾:

”سر رکيل سجدهِ ريائي ۾ ۽ دل دنيا سان گڏ“ نظر اچي.

حضرت طالب الموليٰ مذڪوره بالا ڳالهين کي پنهنجي شاعريءَ ۾ انتهائي محتاط، شائسته، مهذب، مخصوص، دل آويز ۽ عام فهم انداز سان نندي ٿو. اهي سڀئي ڳالهيون ”ديوانِ طالب الموليٰ“ ۾ جَرڪنديون نظر اچن ٿيون. حضرت طالب الموليٰ سائين مردِ فقير آهن. مگر دنيا جي ٻنڌڻن ۽ ملڪي قومي ضرورتن کين سياست سان ملحق رکيو آهي.

”پيغام“ جو شاعر ” مخدوم محمد امين ’فهيم‘“ انهيءَ بزرگ هستيءَ جو پڻيٺيءَ جو فرزند ارجمند ۽ ولي عهد آهي، جيڪو پنهنجي والد بزرگوار جي رنگ ۾ رتل آهي. حضرت طالب الموليٰ سائينءَ کي جيتري پدري شفقت ۽ محبت پنهنجي فرزند امين ’’فهيم‘‘ سان آهي، اوتروئي ادب ۽ احترام امين ’’فهيم‘‘ کي پنهنجي والد بزرگوار لاءِ آهي، هو پنهنجي عالي مرتبت والد صاحب جو انتهائي فرمانبردار، سعادتمند ۽ صالح فرزند آهي. پاڻ ۾ پيءَ ۽ پٽ جو لازوال ۽ بي ڪنار پيار، الفاظ جي پيماني سان توري ۽ تڪي نٿو سگهجي.

سال 1946ع ۾ قبله طالب الموليٰ سائين جون رباعيات، ڪتابڙي جي شڪل ۾ ”رباعياتِ طالب“ جي نالي سان شايع ٿيون. پاڻ ”رباعياتِ طالب“ کي پنهنجي پياري فرزند امين ’فهيم‘ سان منسوب ڪيائون. انهيءَ انتساب سان دعائيه نظم به ڪتابڙي جي شروعات ۾ ڏنائون، جنهن ۾ پدري شفقت ۽ محبت، موجزن آهي:

منسوب هي اشعار آءٌ توساڻ ڪريان ٿو،

تون تن تي ”محمد امين“ شل هوندين ڪمربند.

الله عطا توکي ڪري عــلم و ولايت،

پيغامِ عمل ساڻ وڃي تنهنجو ٿي پيوند.

هر چيز ۾ تون حسنِ ازل جو ڏسين جلوه،

هر تلخيِ دوران ۾ اچي توکي نظر قند.

تون پنهنجي خيالات تي هر دم رهين قادر،

۽ عشق حقيقي جو هميشه هجين پابند.

تنهنجي نه نظر ارض و سما  جي رهي محتاج

اسباب جهان توڙي اچن تو اڳيان هر چند.

دل تنهنجي هجي دائما سر چشمئه الفت،

تسليم و رضا تي تون هميشه هجين خورسند.

جو ”طالبِ الموليٰ“ کي آهي علم عطا ٿيو.

الله ڪري تنهنجي به سيني ۾ اُهو بند.

امين ’فهيم‘ هڪ خوشنصيب ۽ صالح فرزند:

امين ’فهيم‘ کان اڳ سندس همنام سروري خاندان ۾ ٽي سجاده نشين ٿي گذريا آهن، انهن ٽنهي بزرگن جو پنهنجي پنهنجي دور ۾ اعليٰ مقام هو. حضور سائين صلي الله عليہ وآلہ وسلم جو ارشاد آهي ته پنهنجي اولاد تي نيڪ ماڻهن جا مبارڪ نالا رکو.“

”محمد امين“ جي نالي کي حضور سائين صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي نالي نسبت آهي، جو نيڪن کان نيڪ ۽ سيد الابرار آهي. ازانسواءِ پنهنجي خاندان جي اهم بزرگن سان به نالي جي نسبت هئڻ سبب امين ’فهيم‘ هڪ خوش نصيب انسان آهي. سون تي سهاڳو اهو به آهي ته هو هن دور جي بزرگ هستي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو نورچشم ۽ ولي عهد آهي. سندس آواز گفتار، رفتار، قد وقامت، برتاءُ، نشست و برخواست، حسنِ خلق، انداز تخاطب پنهنجي والد بزرگوار جي هوبهو آهي. منجهس انڪساري ۽ رواداريءَ جا ڳڻ حضرت طالب الموليٰ سائينءَ جهڙا  آهن. الله پاڪ کيس، سندس باشريعت بزرگانِ دين جي نقشِ قدم تي ثابت قدم رکي.

ولادت باسعادت:

امين ’فهيم‘ 4 آگسٽ 1939ع مطابق 17 جمادي الثاني 1357هه بروز جمعـﺔ المبارڪ جهانِ رنگ و بو ۾ اکيون کوليون. مرحوم مولانا مخدوم غلام حيدر سائينءَ جن اذان ڏئي سندس اسمِ مبارڪ ”محمّد امين“ رکيو. مرحوم ”مخدوم امين محمّد (ثالث)“ دستار 13 جي نالي نسبت سان کيس ”ڏاڏا سائين“ به چيو وڃي ٿو. سندس ولادت باسعات جي موقعي تي ڪيترن ئي شاعرن قطعاتِ تاريخ ولادت لکيا، انهيءَ دور جي مشهور گلوڪار ۽ شاعر مرحوم استاد سينڌي خان ”صيد“ جو هڪ شعر هت پيش ڪجي ٿو:

گلِ خوش رنگ نمودار شد بگلشنِ نوح،

هزار بار مبارڪ زصيد شام و صبوح.

شادي:

امين ’فهيم‘ جي شادي 21 جون 1957ع ۾ 19 ورهين جي عمر ۾ ٿي. انهيءَ موقعي تي سَهرن جو عظيم الشان مشاعرو منعقد ٿيو. سماهي ”شاعر“ رسالي جي هڪ خاص نمبر ”رفيقِ حيات“ ۾ انهيءَ موقعي جو تفصيلي ذڪر آيل آهي. ڪيترن ئي شاعرن، شاديءَ جي سال مبارڪ تي قطعه تاريخ لکيا، جن مان چند هي آهن:

(1)

سندن خوش قسمتي جو ڇا بيان ڪوئي ڪري سگهندو،

ٻڌا اڄ جنهن جي آهن سِر تي هـي ”ســــائينِ وڏن“ سَهرا.

 

چڱـــــيءَ تاريخ ويهين جون ۽ ذوالقعد ايڪيهين،

مبارڪ منهن تي خاص آيو ٻڌي محبوبِ من سَهرا.

 1957ع         (محبوب سروري)

(2)

تقريبِ شادي است ”اديبا“ چوبهرِ عشق،

تاريخ گير هم توز ”عيشي و عشر تي.“

1376

(مولانا دين محمّد اديب فيروز شاهي)

(3)

نورِ صبحِ عظيم هجري سال،

شــــاد بـــــاشم که نو بهار آمد،

هاتفم گفت نورِ خـــضر امين.

1957

عيسوي سـال باوقار آمد.

(مولوي محمّد ٻنوي خادم)

ڀائر:

امين ’فهيم‘ جا ڀائر هي آهن:

مخدوم خليق الزمان خليق، مخدوم ڊاڪٽر رفيق الزمان، مخدوم شفيق الزمان، مخدوم سعيد الزمان عاطف سروري ۽ مخدوم نويد الزمان.

سندس ڀائرن ۾ مخدوم خليق الزمان ۽ مخدوم سعيد الزمان عاطف شاعر آهن.

مخدوم خليق الزمان هڪ بهترين غزل گو شاعر آهي، پر هن وقت سياسي مصروفيتن هن کي شاعريءَ کان ڪجهه الڳ رکيو آهي.

مخدوم سعيد الزمان عاطف به هڪ پخته گو شاعر آهي، سندس مجموعه ڪلام ”پاڻ مراديون ڳالهڙيون“ منظرِ عام تي اچي چڪو آهي.

فرزند:

امين ’فهيم‘ کي الله پاڪ - ست فرزند عطا ڪيا آهن:-

  1. - مخدوم جميل الزمان ’جميل‘

  2. مخدوم شڪيل الزمان

  3. مخدوم عقيل الزمان

  4. مخدوم نجيب الزمان

  5. مخدوم خليل الزمان

  6. مخدوم جليل الزمان

  7. مخدوم ابو محمد سنڌيار

سڀني فرزندن ۾ امين ’فهيم‘ جو وڏو فرزند مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ شعر و ادب جي ميدان جو شهسوار آهي. موجوده دور ۾ حضرت قبله طالب الموليٰ سائينِ کان پوءِ مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ جو ڪلام ئي سروري خاندان جي موجوده شعراء ڪرام کان گهڻو آهي.

جميل سائين پنهنجي ڏاڏي حضرت قبله طالب الموليٰ سائينءَ وانگر 30 ورهين جي عمر ۾ علم و ادب جي آسمان تي درخشان نظر اچي ٿو. هو هن عمر ۾ ئي ”صاحبِ ديوان“ شاعر آهي، سندس ڪلام جا 3 مجموعا منظرِ عام تي اچي چڪا آهن:

(1)     ملاقات

(2)    اتر لڳا آءُ پرين

(3)    محبت پائي من ۾ ]ديوانِ جميل[

مخدوم جميل الزمان هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر، مرڪزي بزمِ طالب الموليٰ جو وائيس چيئرمين ۽ ”ڏات پبليڪيشن“ جو روح روان آهي، جنهن جي طرفان 7 ڪتاب منظرِ عام تي اچي چڪا آهن:

  1. صبوحي :              منتخب جديد شعراء جو ڪلام

  2. اتر لڳا آءُ پرين :       شاعري

  3. دلربا دلربا:             انتخاب ديوان طالب الموليٰ

  4. سج وڙاءُ:               انتخاب شاهه جو رسالو1

  5. محبت پائي من ۾:   ديوانِ جميل

  6. پاڻ مراديون ڳالهڙيون: شاعري مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘

  7. انتَ محبوبي:          سنڌي شاعرن جو نعتيه ڪلام

سياست:

امين ’فهيم‘ هڪ سنجيده، بااصول، باوقار، محبِ وطن وفاق پاڪستان جو حامي، هر دلعزيز سياستدان آهي. پاڪستان جي سياست ۾ هن وقت سندس شمار صفِ اول جي سياستدانن ۾ ٿئي ٿو. سندس خلوص، نيڪ نيتي، پارٽيءَ  سان وفاداري، رواداري، فهم و فراست، معامله فهمي، اولا عزمي باعث هر دور جي حزب اقتدار خواه حزب اختلاف جي ايوان ۾ عزت ڀريو مقام ماڻي چڪو آهي. پاڪستان جي چئني صوبن ۾ سندس شخصيت کي مقبوليت حاصل آهي.

شاعري:

مشهور صحافي، عالم، اديب ۽ شاعر مولانا غلام محمد گراميءَ جي راءِ مطابق ”امين سائين جن جي فن ۾ ذوقِ جماليات جي ڀرپور ترجماني آهي. ڪلام ۾ سوز گداز، محبت ۽ رقت جا اهي سڀ معيار موجود آهن، جي هڪ پُرگو، پخته ۽ قادرالڪلام شاعر ۾ ٿين ٿا. سندس تغزل، فني خيال کان رمزيت، معنويت، اشاريت، ايمائيت تي مشتمل آهي ۽ سندس پيرايه بيان رنگين ۽ دلڪش آهي. ڪافيون، درد انگيز ۽ رقت خيز آهن، قومي شاعريءَ ۾ به بهترين ڪلام چيو اٿس.“

گرامي صاحب اڳتي رقم طراز آهي ته ”امين سائينءَ جي فن جي تنقيدي جائزي کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هڪ روشن ضمير انسان جڏهن پنهنجي جذبات ۽ احساسات کي بيان ڪرڻ تي اچي ٿو، تڏهن اُن ۾ ڪيڏي نه اصليت ۽ روح آفرين ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي، جا تڪلف ۽ تصنع سان پيدا ڪرڻ مشڪل ۽ ناممڪن آهي. شاعري، جذبات جي فراوانيءَ مان پيدا ٿئي ٿي ۽ جذبات جي حدّت ۽ حرارت لاءِ لازم آهي ته دل جي ساز جون تارون تپن ۽ وڄڻ شروع ڪن. اهڙي ڪلام ۾ سوز ۽ ساز حرارت ۽ گداز جو پيدا ٿيڻ لازمي امر آهي

”فهيم سائينءَ جو سارو ڪلام هڪ شڪسته ساز جو آواز آهي، اُن ۾ نيازمندانه جذبات موجود آهن.“

’فهيم‘ سائينءَ جي ٻولي پختي، رسيلي، سريلي، مٺي ۽ من موهڻي آهي،  جا شاعريءَ جي زبان ۾ اچي وڌيڪ رنگين ۽ دلڪش بنجي پئي آهي، هن عمر ۾ سندس ”فن“ جا ترقي ڪئي آهي، اُن کي ڏسي بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اڳتي هلي سندس ڪلام جو مقام ۽ معيار، ڪهنه مشق ۽ عمر رسيده، استادن جي مقام تي پهچندو، ”اها اميد آهي.“ مرحوم گرامي صاحب 1969ع ۾ سماهي ”مهراڻ“ جي شاعر نمبر ۾ صفحه 396 تي امين ’فهيم‘ جي فن و فڪر متعلق مذڪوره بالا راءِ ڏني آهي، جڏهن امين ’فهيم‘ جي عمر 30 سال هئي، انهيءَ وقت به امين ’فهيم‘ جي ڪلام مان گرامي صاحب ڪيڏو نه پُراميد هو. گرامي صاحب قبله حضرت طالب الموليٰ سائينءَ جي پيارن ۽ ڪچهري وارن ماڻهن مان خاص نياز مند هو. قبله سائين کيس مرتبي مطابق عزت ڏيندا هئا. سندس ڏک سک جا مونس ۽ مددگار هوندا هئا.

راقم الحروف سان به انهيءَ سلسلي سان گرامي صاحب جو ڪافي وقت گڏ گذريو. گرامي صاحب امين ’فهيم‘ سائينءَ لاءِ مٿي بيان ڪيل راءِ 21 سال اڳ لکي هئي جيڪا اڄ به تازا به تازا، نـﺆ به نـﺆ آهي. مرحوم گرامي صاحب بقيد حيات هجي ها ته سندس اها پر خلوص اميد اکين سان ڏسي ها، جڏهن پنهنجي ”امين سائين“ جو ڪلام، ”پيغام“، سنڌي ادبي بورڊ طرفان وڏي اهتمام سان شايع ٿي چڪو آهي.

گرامي صاحب امين ’فهيم‘ سائينءَ لاءِ جيڪا بي ريا راءِ قائم ڪئي آهي، سا ڄڻ راقم الحروف جي دل جي راءِ آهي.

امين ’فهيم‘ پنهنجي شاعري جي شروعات 1953ع کان ڪئي. پهرين تخلص ”امين“ اختيار ڪيائين، پوءِ سندس والد صاحب قبله مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ سائينءَ طرفان، سندس ذهانت، فهم و فراست جي لحاظ کان ”فهيم“ تخلص به عطا ٿيس. امين ’فهيم‘ انهيءَ دور ۾ شاعري شروع ڪئي جڏهن هالا نوان جو شهر سنڌي علم و ادب جي آسمان تي چوڏهين جي چنڊ وانگر پوري آب و تاب سان چمڪي رهيو هو، قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين 33 ورهين جي ڦوهه جوانيءَ ۾ سنڌي علم و ادب جو روح روان هو. سڄي سنڌ جي شاعرن، اديبن، عالمن ۽ محققن جو رخ هالا ڏانهن هو.

هالا شهر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ شاعرن جون بزمون ۽ انجمنون قائم هيون. زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو ادب ۽ شاعريءَ جي ميدان ۾ ڀرپور حصو وٺندا هئا. اهو دور امن و سڪون لاءِ خوشحاليءَ جو دور هو. روزانه علمي ادبي محفلون ۽ ڪچهريون قائم رهنديون هيون. هالا جي علمي ۽ ادبي حلقن طرفان ماهانه ادبي سرگرمين ۽ مشاعرن جي ڌوم متل هئي. جن ۾ سڄي سنڌ جا شاعر حصو وٺندا هئا. انهن ۾ اختر هالائي، انجم هالائي، انور هالائي، منصور ويراڳي، غلام هارون هالائي، سليم هالائي، غلام محمّد گرامي، احسن الهاشمي، حيدر شاهه حيدر، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، سرشار عقيلي، شاهنواز شاهه عارف ڊٺڙائي، جمع خان غريب، ڊاڪٽر اسد الله شاهه بيخود، راز بلڙائي، شبير هاتف وغيره قابلِ ذڪر آهن. عالمن، اديبن ۽ محققن ۾، مولائي شيدائي، مخدوم امير احمد، عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه آءِ. آءِ قاضي، ڊاڪٽر دائود پوٽه، سيد مٺن شاهه، مولانا فضل احمد غزنوي، عبدالعزيز قنڌاري، پروفيسر محبوب علي چنه، سيد ميران محمد شاهه، قاضي غلام محمد، آخوند حافظ ربڏنو وغيره باقاعدگيءَ سان وابسته رهيا.

موسيقارن ۾ استاد سينڌو خان”صيد“، استاد منظور علي خان، مصري فقير، حسين بخش خادم، امام علي فقير ۽ دين محمد شيخ قابلِ ذڪر آهن.

ماهنامه ”فردوس“ هالا سنڌ جي سڀني رسالن ۾ عروج تي هو، ماهنامه ”طالب الموليٰ“ دادو مان، ماهنامه ”روح ادب“ ۽ سماهي ”شاعر“ حيدرآباد مان شايع ٿيندا  هئا. هفتيوار ”پاسبان“، هفتيوار ”الزمان“ ۽ هفتيوار ”ڪوثر“ هالا مان شايع ٿينديون هيون. سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان ”سروري  ميگزين“ باقاعدگيءَ سان هر سال منظر عام تي ايندي هئي.

”انجمنِ علم و ادب هالا“ طرفان هالا ۾ يادگار ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون، جن ۾ هر سال مايئه ناز اديب، شاعر، عالم، ۽ محقق شريڪ ٿيندا هئا. معياري مذڪرا، مباحثا، مقالا، طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا ڪانفرنسن جي جان هوندا هئا. سروري اسلاميه ڪاليج هالا طرفان ”بزم سروري“ جي زير اهتمام باقاعدگيءَ سان ماهانه طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا ٿيندا هئا جن ۾ هالا جي رهواسين کان علاوه سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل شاعر به مشاعرن جي زينت وڌائيندا هئا.

هالا ۾ ٻين بزمن کان علاوه ”بزم فردوس“ ۽ ”بزم رفيق“ (رفيق ڪمپني) به سرگرم عمل هونديون هيون. مشاعرن جا انتخاب اخبار ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا هئا. سنڌي ادبي بورڊ طرفان سماهي ”مهراڻ“ به نڪرندو هو. اديبن ۽ شاعرن جي منظم رجسٽرڊ ۽ نمائنده جماعت ”جمعيت الشعراء سنڌ“ طرفان وڏي پيماني تي سنڌ جي مختلف اضلاع ۾ علمي ادبي ڪانفرنسون منعقد ٿينديون هيون جن ۾ سنڌ جي گوشي گوشي مان عالم، اديب، شاعر، محقق، ماهرانِ تعليم، مفڪر ۽ دانشور حصو وٺندا هئا. اهي ڪانفرنسون ٽن ڏينهن تائين به هلنديون هيون، انهن ۾ هر روز ڪيتريون نشستون هونديون هيون. شاعر ۽ اديبن جا متعصب گروهه نه هوندا هئا. سڀئي هڪ ئي پليٽ فارم تان سنڌي ثقافت،زبان، علم ۽ ادب جي خدمت ڪندا هئا.

1955ع ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ قائم ٿي، جنهن جون سڄي سنڌ ۾ شاخون کوليون ويون. بزم طالب الموليٰ جي مرڪز ۽ شاخن، سنڌ ۾ علم و ادب جي هٻڪار پکيڙي ڇڏي، اڪثر رسالا، اخبارون، بزمون ۽ انجمنون حضرت قبله طالب الموليٰ سائينءَ جي زير سرپرستي هلنديون هيون.

هي هو، اُهو علمي ادبي دور ۽ ماحول جيڪو اسان جي شاعر امين ’فهيم‘ کي ميسر ٿيو. انهي ڪري سندس شاعريءَ کي ننڍپڻ جي دور کان ئي پختگي ۽ معيار حاصل ٿيو. امين ’فهيم‘ انهن روزمره جي ادبي ڪچهرين، محفلن، مشاعرن ۽ ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو ۽ عملي طرح حصو به وٺندو رهيو.

ازان سواءِ سندس استاد، مُرشد ۽ والد بزرگوار حضرت قبلا طالب الموليٰ سائينءَ جي تربيت ۽ رهنمائيءَ ۾ علمي ۽ ادبي افق تي چمڪڻ لڳو.

”پيغام“ ۾ سندس ڪاوشن تي تاريخون لڳل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ ڪي اشارا ۽ وضاحتون به آهن. جن مان قارئين کي سندس ڪلام جي ابتدائي ۽ ارتقائي منزل جو بخوبي اندازو ٿي سگهندو.

امين ’فهيم‘ جي جوانيءَ جي دور ۾، سندس شاعريءَ ۾ وقتاً فوقتاً ڪجهه وقفو به نظر اچي ٿو. انهيءَ جو سبب، سندس سياسي، سماجي فلاحي خدمتون، قومي ۽ خانداني مصروفيتون، ذميواريون ۽ مشغوليون ٿي سگهن ٿيون. اهڙا دور ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪجهه نه ڪجهه، ڪن ٻين شاعرن تي به اچن ٿا. جن ۾ سندن شعر و ادب جي خدمت ۾ وقفو نظر ايندو آهي، اهو هڪ فطري عمل آهي. ڪثرت مشاغل سبب امين ’فهيم‘ کي ايتري به فرصت ملڻ مشڪل هئي، جنهن ۾ هُو پنهنجي شاعريءَ کي سهيڙي سميٽي يڪجاءِ قلم بند ڪري، اها ڳالهه سمجهندي ئي سندس سڄاڻ ملازم مهر علي ”تابع“ سروري محسوس ڪري ورتي ۽ هن از خود پنهنجي طور تي اهو ڪم لازم ڪري ڇڏيو ته امين ’فهيم‘ سائينءَ جو سڄو ڪلام محفوظ ڪري ۽ هن مختلف رسالن، اخبارن، ڪتابن، ڪاغذن، نوٽ بڪن تان امين ’فهيم‘ جو ڪلام هڪ هنڌ گڏ ڪري محفوظ ڪيو.

امين ’فهيم‘ سائينءَ جي وڏي فرزند مخدوم جميل الزمان پنهنجي والد صاحب جو ڪلام نهايت شوق، جذبي ۽ جاکوڙ سان از سر نو ترتيب ڏنو. ”پيغام“ جي پريس ڪاپي ٺاهڻ لاءِ جميل سائينءَ، پير مختيار اڇائي، ماستر خادم حسين ’همدم‘، علي احمد شاهه ’ساقي‘ ۽ راقم الحروف (محبوب سروري) کي خاص طور ڪراچيءَ ۾ گهرايو ۽ رات ڏينهن هڪ ڪري پنهنجي نگراني ۽ هدايات تحت مسودي کي نئين سر لکائي ترتيب ڏئي، پريس ڪاپي تيار ڪرايائين. ڪتاب جو نالو ”پيغام“ حضرت قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين جن تجويز فرمايو. اهڙي طرح مختلف مرحلا طيءِ ڪري ”پيغام“ قارئين جي هٿن جي زينت بنيو آهي.

مٿي ذڪر ڪيل، 1953ع کان شروع ٿيل علمي ۽ ادبي دور جي مايه ناز عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي ماحول ۾ امين ’فهيم‘ سائينءَ جي ڪلام ۾ ازخود صنايع بدايع جون شاعرانه صنعتون ۽ خوبيون سمائجي ويون.

هڪ معياري شاعر جڏهن قوتِ مشاهده ۽ پرواز تخيل جي ڪمال تي پهچي ٿو، تڏهن سندس ڪلام ۾ بي ساخته ”علم بديع و البيان“ جون خوبيون ۽ صنعتون شامل ٿينديون وڃن ٿيون، جن سان شاعر بذات خود حيران ٿي وڃي ٿو ۽ هن کي دلي خوشي حاصل ٿئي ٿي. پنهنجي ڪلام کي بار بار پڙهي لطف ۽ حظ حاصل ڪري ٿو ڇو ته هڪ ”وهبي“ شاعر پنهنجي ڪلام چوڻ وقت ايترو هرگز نه سوچيندو آهي ته ڪهڙي صنعت ڪم آڻيان. انهيءَ کي زبان تي قدرت حاصل ٿيڻ سان اهو خوبيون پاڻهي پيشقدمي ڪري سندس ڪلام ۾ شامل ٿين ٿيون؛ صنعتون پاڻ مرادو ساٿ ڏين ٿيون. اها ڳالهه ”ڪسبي“ شاعر جي وس ۽ امڪان کان ٻاهر آهي، جيڪو طبيعت ۽ ذهن تي زور ڏئي، خاص صنعتون نظر ۾ رکي پوءِ ڪاغذ قلم کڻي ڊاهه ڊوهه ڪري، پگهر ۾ شل ٿي، ڪا شيءِ لکي ته وڃي ٿو، مگر ايتري گِهلَ گينداڙ جي باوجود به سندس ڪلام ۾ اها رنگيني، رعنائي، دلڪشي، رواني ۽ چاشني پيدا نٿي ٿئي.

سنڌي زبان ۾ جيڪي به شاعرن جي ڪلام جا مجموعا ۽ ديوان ڇپيا آهن، تن ۾ اڪثر ڏٺو وڃي ٿو ته ڪلام تي تبصره ڪرڻ وقت تبصره نگارن شاعرن جي فن جو تنقيدي جائزي وٺڻ جو حق ادا نه ڪيو آهي. سواءِ انهيءَ جي ته، يا ته بلا جواز بلا ثبوت زبردستي مدح سرائي ڪئي وئي هجي يا ته ڪلام جو سرسري جائزو وٺي، نور نچوئڻ کان سواءِ مٿي تان بار لاهڻ لاءِ صرف عام انداز ۾ گهڙيل ۽ رٽيل لفظ لکڻ جي مهرباني ڪئي وئي هجي ته ”صاحب موصوف شاعر جي ڪلام ۾ منظر نگاري، رواني، سلاست، سادگي جدت جوش، فصاحت ۽ بلاغت جون خوبيون آهن، استعاره، ڪنايه، تشبيهون ۽ تجنيس حرفيءَ جي لحاظ کان ڪلام ڀرپور آهي.“ ۽ بس!! ۽ اها تقليد هر تبصره نگار ڪندو اچي ٿو.

حلقئہ شوق میں وہ جرائتِ

رندانہ کہاں؟

آہ! محکومی و تقلید!،

زوالِ تحقیق!!

رٽيل ۽ روايتي لفظن جي تبصري مان شاعر ۽ پڙهندڙ ٻئي مطمئن نه هوندا آهن. بيباڪ، بي ريا ۽ باقاعده فني تبصره جو هر شاعر ۽ پڙهندڙ خواهان ٿئي ٿو. ڪنهن به شاعر جي ڪلام جو علم بديع و البيان جي روشنيءَ ۾  بي ريا فني تجزيو ڪري فيصلو پڙهندڙ تي ڇڏجي؛ اها ئي شاعر ۽ شعر جي صحيح سڃاڻپ، ترجماني ۽ قدرداني آهي.

مخدوم محمّد امين ’فهيم‘ جي شاعريءَ جو فنّي جائزو:

تشبيهه:

هر باڪمال شاعر کي صنعت ”تشبيهه“ تي ڪمال حاصل هوندو آهي. شاهه لطيف کي به صنعت تشبيهه تي عبور حاصل هو:

جهڙا پانن پن، تهڙيون سالون مٿن سايون!

(شاهه)

من موهيندڙ تشبيهن سان شاعر، ٻڌندڙ جي دل تي دام وجهي  ٿو. امين ’فهيم‘ جي ڪلام ۾ خوبصورت تشبيهون ڪافي ملنديون. چند تشبيهن جا مثال هت پيش ڪجن ٿا:

قيمتي شيءِ فقط محبّت آ،

ٻي ته هر چيز ڄڻڪ رَئي آهي.

شاعر جي نظر ۾ ”محبت“ ئي وجھ تخليقِ ڪائنات آهي. انهيءَ ڪري محبت ئي عظيم ۽ قيمتي شيءِ آهي. شاعر جي مصرع اوليٰ ۾ وڏو مقصد سمايل آهي. سندس انهي فلسفيانه تخيل جي اونهائين تي نظر وجهڻ بدران مصرعِ ثانيءَ تي ئي اصل تبصره ڪرڻو آهي، جنهن ۾ تشبيهه ڪم آيل آهي. تاهم مصرع اوليٰ کي تشنه ڇڏڻ بدران هڪ ڳالهه تي اڪتفا ڪجي ته امين ’فهيم‘ هڪ باشريعت ۽ عاشق رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم بزرگ حضرت غوث الحق مخدوم نوح سروررحه جي خاندان جو چشم و چراغ آهي. سندس من محمد عربي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي محبت سان سرشار آهي، محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم محبوبِ خدا آهي. نورِ محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم وجھِ تخليق ڪائنات آهي. اسان جي شاعر جو اشارو به ”لَوُلاکَ لِماَ خلقتَ الا فُلاَک“ ڏانهن ڏسجي پيو.

مصرعِ ثانيءَ ۾ دنيا جي ٻي ڪا به شيءِ شاعر جي نظر ۾ ڪابه حيثيت ڪانه ٿي رکي ۽ ڪنهن به اهميت جي حامل نه آهي.

محبت کان سواءِ ٻي هر ڪا شيءِ ”رئي“ يعني دَز يا مٽي جي اڻ لکي غبار وانگر آهي! انهيءَ تشبيهه ڏيڻ سان شاعر محبت جو اعلى ۽ ارفع مقام واضح ڪيو آهي. عام فهم انداز ۾ ايڏو عظيم مقصد بيان ڪرڻ بظاهر ته آسان پيو لڳي پر شعر جي دنيا ۾ مشڪل آهي.

اهڙو شعر جيڪو ڪنهن شاعر کي ڏسڻ ۾ وڻندڙ ۽ آسان لڳي پر اُن جهڙو لکڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان، لکڻ ڏکيو لڳي ته انهيءَ کي ”سهل ممتنع“ شعر چئبو آهي.

اهڙي طرح ”پيغام“ ۾ ڪم آيل سڀئي تشبيهون بيان ڪري انهن جي مختصر تشريح لکڻ سان مضمون طويل ٿي ويندو. لهٰذا نموني طور ٻه شعر پيش ڪجن ٿا، انهن تي سوچڻ لاءِ قارئين جي ذوقِ سليم کي دعوت ڏجي ٿي:

ســــاهه ٿــــڌا هــــا بادِ صــــــــــبا جئن،

اشــــڪِ هجر ڪئين ڪنول سجايا.

تــــــون تــــــــه دنيا ۾ مثلِ خار آهين،

گل ڇڏي، پنهنجو خار ڪير ڪندو؟

استعاره:

تشبيهه وانگر استعاره به شعر جي مقبوليت جو ضامن هوندو آهي. امين ’فهيم‘ به ڪيترين جڳهين تي استعاره جي صنعت سان ڪلام کي چمڪايو آهي. چند شعر ملاحظه فرمايو:

(1)  پڇو ڇا ٿا اي يارو پنهنجي   گل   جو خار  آهيان مان،

انهي سان منهنجو ڇا؟ جيڪر ٻين تي  بار آهيان مان.

هن شعر ۾ استعاره سان گڏ ”صنعت تضاد“ به ڪم آيل آهي، جنهن شعر ۾ ٻه صنعتون ڪم اچن انهيءَ کي ”ذوالنوعين“ شعر چئبو آهي.

(2)     دل صــراحـــي ڪـئــي اٿــم،

خـــــون ٿـــيــو آهــــــــي شـــــراب.

(3)    عجب آهه! افسوس ڇو ڪونه ٿيندو

جو ڪاري ڪڪر آ قمر کي لڪايو.

ڪنايه:

بعض اوقات شاعر ڪا تفصيلي ۽ سڌي ڳالهه ڪرڻ بدران مختصر لفظن ۾ اشاري ۾ رمز سان ڳالهه ڪري ويندو آهي، جيڪا وڌيڪ خوبصورت ۽ موثر ثابت ٿيندي آهي. امين ’فهيم‘ ڪنايه مان ڪافي ڪم ورتو آهي. چند شعرن مان محظوظ ٿيو:

ماٺ جي ميدان ۾ اهڙو ڪو هنگامو ڪجي

برهه جي باهين اڳيان پر جوش پروانا هجن

شاعر ۽ عاشق لاءِ سڪوت ۽ سُڪون، ماٺ ۽ سناٽو ”چيڙ“ آهي. هن جي محبت ۾ وسعتِ صحرا، هن جي پور ۽ خيال ۾ ريگستاني هرڻ جهڙا ڇال ۽ ڇرڪ، ٽاهه ۽ ٽپا ٿين ٿا:

نَـــو نيــئــــر ڏهــــه ڏاوَڻ، پنـــدرهـــن پــينـــد پــــياس،

بغل ۾ بگــــهڙيون، لِـــڱيـــن لــــــوههَ لــــڳـــــيـــــاس

جڏهن سڄڻ ياد پياس، ته ڇرڪ ڇنايس هيڪڙي.

(شاهه)

شاعر، زندگيءَ جو عڪاس آهي، اُها زندگي جنهن ۾ جوش ۽ ولولو آواز ۽ غلغلو هجي، خاموشي زندگيءَ جي سفر ۾ عذاب آهي:

راہ خاموش، راہبر خاموش،

کیسے گذرے گا یہ

سفر خاموش

﴿نامعلوم

خاموشي سنگين آهي، تڙپ ۾ ئي تسڪين آهي. ”اضطراب“ ۽ ”تحرڪ“ زندگيءَ جي علامت آهي. علامه اقبال جي لفــظن ۾:

خدا تجھے کسی طوفاں

سے آشنا کردے

کہ تیری بحر کی

موجوں میں اضطراب نہیں

امين ’فهيم‘ مذڪوره بالا شعر جي استعاره ۾ ڄڻڪ پنهنجي استاد ۽ والد بزرگوار حضرت طالب الموليٰ جي هن شعر جي شرح ڪئي آهي:

بي تحرڪ زندگي بيڪار آ،

بي عمل انسان ڄڻ بيمـار آ،

ڪنايه جا چند مزيد شعر ملاحظه فرمايو:

هڪ ڏينهن ڪيم دانهن ”امين“ جوشِ جنون مان،

سا مــــنهنجي صدا تير ٿي سهڻن ۾ هلي وئي

ظلم ۽ زوري جا هٿ ڪاٽي ڇڏڻ لاءِ دوستو!

ڪونڪو اڳتي هلي ايندو اسان مان عنقريب.

ليليِ شب جوش مان کولي ڇڏي شايد ”فهيم“،

مــاٺ جــي ماحــول ۾ زلفِ پريشان عنقريب

مجازِ مرسل:

شاعر، پنهجي شعر ۾ جان پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي مقصد ۾ حسن آڻڻ لاءِ ڪو نئون رستو، نوان لفظ ۽ نيون معنائون اختيار ڪندو آهي. لفظن جي اصلي معنيٰ کي ڇڏي، ان کي نئين معنيٰ سان پيش ڪندو آهي. شاعريءَ جي اهڙي صنعت کي مجاز مرسل چئجي ٿو.

ملاحظه فرمايو:

بـيوفـــا دنــيــا سان ناتــو نيــٺ مشــڪــل ٿي ويو،

جنهن کي مون آسان ڄاتو، نيٺ مشڪل ٿي ويو.

هن شعر ۾ ”دنيا“ جي اصل معنيٰ دنيا جا ”ماڻهو“ آهن. ماڻهن جي جاءِ تي دنيا جو لفظ آڻڻ سان شعر ۾ وڌيڪ بلندي پيدا ٿي آهي.

رٺين تون ۽ رٺي قسمت رٺو ”سارو جهان دلبر“،

رهي هڪ زندگي سا پڻ ”خفا“ ٿئي ها ته بهتر هو.

پرين جي رسڻ سان ڄڻ قسمت رسي وڃي ٿي ۽ ”سارو جهان“ (ساري جهان وارا) رسي وڃن ٿا. جڏهن دنيا و مافيها کائڻ اچي ته اهڙي زندگيءَ کان شاعر مرڻ کي ترجيح ڏي ٿو، مگر اهڙا منحوس ۽ اُگرا لفظ ڪم آڻڻ بدران انهن کي نئين معنيٰ ۾ پيش ڪري شعر کي وڌيڪ خوبصورت بنائي ٿو:

رهي هڪ زندگي سا پڻ ”خفا“ ٿئي ها ته بهتر هو.

مجازِ مرسل کان علاوه هن شعر ۾ صفت حسن تعليل ۽ صفت مراعات النظير جي جهلڪ پڻ ڏسجي ٿي، تنهنڪري هن شعر کي ”ذوالنوعين“ شعر چئي سگهجي ٿو.

تجنيس تام:

هر قادرالڪلام شاعر کي پنهنجي زبان جي الفاظ تي قدرت حاصل هوندي آهي. هو پنهنجي شعر ۾ اهڙا به لفظ ڪم آڻيندو آهي جيڪي شڪل ۽ صورتخطيءَ ۾ هڪجهڙا هوندا آهن مگر انهن جون معنائون جدا جدا هونديون آهن. اهڙي صفت کي تجنيس تام چئبو آهي:

هن جهان ۾ فهيم ٿي نه ’فهيم‘،

فــهـم اڄڪلهه وڏو ضرر   آهي.

هن شعر ۾ شاعر پنهنجو تخلص فهيم ڪم آندو آهي، ساڳيو لفظ ٻئي هنڌ ’فهيم‘ معنيٰ فهم وارو يا سمجهدار جي معنيٰ ۾ ڪم آندو آهي.

امين ’فهيم‘ جو هي شعر، شاهه لطيف جي هن بيت سان هم آهنگ آهي:

”الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن“

(2)

يار گلرخ توکي مون سان گــــڏ ڏسي،

خارِ کائن ٿا سدائين مون تي خارِ.

مصرع ثاني ۾ خار جو مطلب ڪنڊا آهي ۽ ٻي هنڌ خار کائڻ جو مقصد ڪاوڙ ڪرڻ آهي.

تجنيس تام کي اڃا به دلچسپ بنائڻ لاءِ شاهه کي ملاحظه فرمايو:

”ور ۾ ڪونهي ور، ڏيرن ور وڏو ڪيو.“    وغيره.

تجنيس لاحق:

ڪڏهن شعر ۾ ٻن هم آواز لفظن جو تڪرار، جن جو پهريون حرف بدليل ٿئي ٿو، ڪلام ۾ حسن پيدا ڪري ٿو. هيٺ ڏنل شعر مان محظوظ ٿيو:

مون کي پر مار جي خدمت ۾ پهچڻ لاءِ هڪواري،

پــــرائــــي ڄــــارِ ۾ ڦـــــاســــي پـــرايو مارِ ٿيڻو پيو.

هن شعر ۾ ڄار ۽ مار جا لفظ اهڙي پنهنجي نوعيت سان شعر جي زينت جا باعث بنيا آهن.

تجنيس حرفي:

شاعر پنهنجي اشعار ۾ اهڙا لفظ لڳاتار ڪم آڻي ٿو جن جا پهريان اکر (حرف) ساڳيا هوندا آهن، يعني هم صورت هوندا آهن. حرفن جي اها هڪجهڙائي ڪلام ۾ حسن، رواني ۽ فصاحت جون خوبيون پيدا ڪري ٿي.

امين ’فهيم‘ تجنيس حرفيءَ جو به پنهنجي ڪلام ۾ وافر انداز ۾ استعمال ڪيو آهي، نموني طور ملاحظه فرمايو:

اڃـــا اُن جـــي اڳـــيـــان اي يـــار لــيـلائڻ نٿو ڄاڻين،

رٺل کي رمز سان ريبي تون ريجهائڻ نٿو ڄاڻين.

هن شعر جي مصرع اوليٰ ۾ ”الف“ جو حرف چئن لفظن جي اڳيان ڪم آيو آهي. مصرع ثاني ۾ ”ر“ جو حرف به چار ڀيرا ساڳي مصرع ۾ لفظن جي مهاڙيءَ ۾ ڪم آيو آهي. اهڙي ترتيب سان شعر دلپسند ٿي پيو آهي.

درد جو ڪهڙو ڪريان دارون دوا، آڻيان ڪٿان؟

دل دکـــي جــــي لاءِ آهـــــي دلـــــربــــا ديـــدار بس.

هن شعر ۾ حرف ”د“ مصرع اوليٰ ۾ ٽي ڀيرا ۽ مصرع ثاني ۾ چار ڀيرا ڪم آيو آهي، جنهن سبب شعر ۾ خوبصورتي ۽ رواني پيدا ٿي آهي.

منهنجو تون ساقي ۽ تنهنجو آءٌ هڪ ميخوار بس،

پُـــر ڪـــري پـــيــــالن  تـــي پــيالا پيو پيارا پيار بس.

هن شعر ۾ ” پ“ جو حرف مصرع ثاني ۾ ڇهه دفعا ڪم آيو آهي، ازان سواءِ هن شعر ۾ تجنيس حرفيءَ سان گڏ تجنيس مزيل به سمايل آهي، تنهنڪري هي شعر ”ذوالنوعين“ آهي.

قطارالبعرين

صنعت ”قطار البعرين“ جي معنيٰ آهي ”ٻن اُٺن جي قطار“، انهيءَ قطار ۾ هڪڙي اُٺ جي مهار ٻئي جي پڇ ۾ ٻڌندا آهن. هڪ شعر ۾ ٻه مصرع ٿينديون آهن.

اهڙو شعر، جنهن جي پهرين مصرع جو آخر لفظ ٻيءَ مصرع جي منڍ ۾ به هجي، ته اهڙي شعر جي مصراعن جي سلسلي کي عربن ”قطار البعرين“ جو نالو ڏنو. ملاحظه فرمايو:

دار کي منصور بخشي آبرو.

آبــرو منصور بخشي دار کي.

شاهه لطيف جو مثال به نموني طور پيش ڪجي ٿو:

ڪــشــي ڪــان ڪـــمان مــان، مـــيـــان مــارمَ مون،

مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.

ازان سواءِ امين ’فهيم‘ مذڪوره بالا شعر ۾ ”منصور ۽ دار“ جي مشهورِ زمانه قصي کي شعر ۾ آڻي صنعت ”تلميح“ جو استعمال ڪيو آهي، تنهنڪري هن شعر ۾ صنعت ”قطارالبعرين“ ۽ صنعت تلميح جون ٻه صنعتون هئڻ سبب هن شعر کي ”ذوالنوعين شعر“ چئي سگهجي ٿو. اڃا به هن شعر جو وڌيڪ تجزيه ڪبو ته هن ۾ ”صنعت طردو عڪس به نظر ايندي.

سياقت الاعداد:

                   ڳاڻيٽي جي عددن کي اهڙي طرح تسلسل سان جڙيو وڃي، جو  شعر جي نزاڪت ۾ اضافو ٿئي ته اهڙي صفت کي ”سياقت الاعداد“ چئجي ٿو.

امين ’فهيم‘”سياقت الاعداد“ جو به سهڻو استعمال ڪيو آهي:

ڀڄي نوڪِ قلم افسوس مان پَٽَ تي ڪِري پيئي،

اڃا ”ٻاٽي“ اکر لکڻا هئم پـنهـــنــــجي فـــســانـي ۾.

عام طور روزمره جي زبان ۾ ”ٻاٽي“ ( ٻه يا ٽي) لفظ عالم فاضل پڙهيل ۽ ڪڙهيل به استعمال ڪندا آهن.

امين ’فهيم‘ بي تڪلفيءَ سان بنا هٻڪ بي ڌڙڪ ”ٻاٽي“ جو لفظ ”غزل جي زبان“ ۾ استعمال ڪري ”سانگي“ جون سِڪون لاٿيون آهن. جن شاعرن غزل کي ايراني انداز ۾ سموهيو آهي سي به پنهنجي طور تي ڪامياب ۽ لائق تحسين آهن. پر جن شاعرن غزل جي ڍانچي ۾ سنڌي محاورا، مقامي مروج الفاظ زيبِ تن ڪيا آهن سي به قابلِ تعريف آهن، امين ’فهيم‘ به اهڙن شاعرن مان هڪ آهي. امين  ’فهيم‘ هن شعر ۾ صفت ”سياقت الاعداد“ جو استعمال  اهڙي پياري انداز سان ۽ اهڙو سهڻو ڪيو آهي جيئن مُنڊيءَ تي ٽِڪ!

هن شعر جي مصرع اوليٰ ۾ صفت مبالغو جي به چمڪ دمڪ آهي. مبالغو، شاعر جو شاعرانه حق آهي. انهيءَ کي ”ڪوڙ“ سان شمار ڪرڻ ناسمجهه ۽ بي ذوق ماڻهن جو ڪم آهي. شاعر پنهنجي مقصد ۽ مفهوم کي مبالغي جي آميزش سان دلڪش ۽ دلپذير بنائي ٿو ته اهو هن جو شاعرانه اختيار ۽ تخيل جو پرواز آهي.

جيڪڏهن پنهنجو فسانو لکڻ وقت اوچتو هٿ مان قلم صاحبِ تحرير کان ڪري پيو ته شاعر صاحبِ تحرير جو قصور نه سمجهندو،  پر اهوئي تصور ڪندو ته منهنجي پُردرد حالِ دل لکڻ وقت قلم افسوس کان بيهوش ٿي پٽ تي ڪِري پيو ۽ سندس نوڪ ڀڄي پئي.

سياقت الاعداد جي ٻين نمونن جو به لطف وٺو:

سنڀالي رازِ دل ڪر مون ساڻ اي  ساقي! تون   محفل ۾،

جــو ديــوانــن ســان گــڏ هت چــار پــنج دانــا لــڀي پــونـدا.

ڪجـي آدم شماري چار سُـو جـي دورِ حاضر ۾،

تـــه ســﺆ مـيـخوار ۽ ٽـــي چـار مولانا لڀي پوندا.

 

تنهنجي هڪ ياد چار اشڪِ غم،

بـــي ثـــمـــر جـــو اهـــو ثمر آهي

صنعت موقوف:

شعر ۾ ٻه مصرعون ٿين ٿيون. مصرع اوليٰ جو مفهوم تيسيتائين واضح نه ٿئي جيسين مصرع ثاني پڙهي پوري ڪجي. پهرين مصرع جو ٻيءَ مصرع تي دارومدار هجي. اهڙي صنعت کي صنعت موقوف چئجي ٿو:

ســڄــڻ تنــهنجي اهائي مهرباني آهه ڪافي؛ جو،

تون خود ماري سگهين ٿو ڪنهن کان مارائڻ نٿو ڄاڻين!

هن شعر ۾ صنعت ”حُسن التعليل“ به سمايل آهي، جنهنڪري هي ”ذوالنوعين شعر “ آهي.

صنعت موقوف جا ٻيا مثال ڏجن ٿا:

ڀلي جو جئن به چاهي پيو چوي، طعنا هڻي ليڪن،

درِ دلــــدار تـــان ڀـــيـــرو ڀـــڃـــڻ ڏاڍو ڏکـيــو آهـــــــي.

 

وٺيو پيو جادهء منزل وڃان اميد تي ليڪن،

پتو ناهي ته هن جو پورو پيچ و خم ڪڏهن ٿيندو.

متان دلگير ٿين هرگز جدائيءَ ۾ فهيم! آخر،

ڪرم فرمائي رشڪِ مهوشان همدم ڪڏهن ٿيندو.

ڪمندِ زلف دوتايُ دلبر وڪوڙي ورتو هو پنهنجي ور ۾.

صنعت توشيح:

شاعر پنهنجي شعر جي مصرع جي لفظن مان ڪن جا منڍ وارا لفظ ملائي يا هر مصرع جي منڍ وارن اکرن کي ملائڻ سان ڪو نالو ڪري ٺاهي ٿو ته اهڙي صنعت کي ”صنعت توشيح“ چئجي ٿو- مثلاً:

الف، ميم، يي، نون جي سڻ صدا،

مٺا جان جندڙي جلائي چڪس.

الف

ميم

يي

نون

ملائڻ سان ”امين“ نالو ٺهي ٿو.

ا

م

ي

ن

 

هن شعر ۾ شاعر ڪوشش ڪري پنهنجو نالو ڳجهو رکيو آهي. پنهنجي تخلص کي معمو بنايو آهي. انهيءَ لحاظ کان هن شعر ۾ ”صنعت معمه“ به جهاتيون پائي رهي آهي. ٻن صنعتن جو هڪ ئي وقت هڪ شعر ۾ هئڻ سبب هي پڻ ”ذوالنوعين شعر آهي.

صنعت ايهام:

ايهام جو مطلب آهي وهم ۾ وجهڻ هر معياري شاعر پنهنجي ٻوليءَ جي لغت جي حجت يا سند ۽ لفظن جو مالڪ ۽ بادشاهه هوندو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن شعر ۾ اهڙا لفظ ڪم آڻيندو آهي جو ذهن تي فوري طور ڪو هڪ مفهوم ايندو آهي، مگر ٿوري وڌيڪ غور ڪرڻ سان ٻيو مفهوم به نظر ايندو آهي، انهيءَ ڪري پڙهندڙ يا ٻڌندڙ وهم ۾ پئجي ويندو آهي ته شاعر جو پنهنجو اصل مفهوم ۽ مقصد ڇا آهي. شاعريءَ جي اهڙي صنعت کي ”صنعت ايهام“ چئبو آهي. اچو ته امين ’فهيم‘ جي انهيءَ صنعت جي استعمال مان محظوظ ٿيون:

(1)     هـــو ته مڙنــي کان مٿاهون آسندءِ رهبر، امين،

خود خدا جنهن جو ٿيو آهي ثنا خوان، غم نه ڪر.

هن شعر ۾ قريب الذهن“ اها ئي معنيٰ اُڀري اچي ٿي ته ”اي امين! تنهنجو رهبر مڙني کان مٿاهون آهي جنهن جو خود خدا ثنا خوان آهي، تنهنڪري تون پنهنجي رهبر ڪامل جي رهبريءَ تي مطمئن رهه ۽ فڪر نه ڪر.

هن شعر ۾ ”بعيد الذهن“ معنيٰ اها آهي ته تنهنجو رهبر امين صلي الله عليہ وآلہ وسلم (”امين“ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جو لقب آهي) مڙني کان مٿاهون آهي. مصرع اوليٰ ۾ ”امين“ لفظ اچڻ سان صنعت ايهام جو استعمال ٿيو آهي. جيڪو شاعر جو نالو ۽ تخلص به رهيو آهي. حضو سائينءَ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جو لقب به امين آهي.

(2)      تون امين آهين ’فهيم‘،

فيـــصـــلو ڪـــج لاجواب.

هن شعر ۾ ”قريب الذهن“ مفهوم آهي ته شاعر پاڻ کي چوي ٿو ته ”اي ’فهيم‘ تون منهنجي قرب جي ڪهاڻيءَ جو امين آهين، تون ئي فيصلو ڪري ٻڌاءِ، جنهنجي ٻڌڻ سان هر ڪو واهواه ڪري، ساڳئي شعر ۾ ”بعيد الذهن“ مفهوم آهي  ته ”اي امين صلي الله عليہ وآلہ وسلم تون ئي امانتدار ۽ سمجهدار آهين، تون ئي منهنجي سڪ ۽ صداقت جو لاجواب فيصلو ڪر. انهيءَ مفهوم سان هيءُ شعر نعتيه نظر اچي ٿو. تاهم شعر ٻڌندڙ کي اها پڪ ئي نه هوندي ته شاعر اهو شعر ڪهڙي مفهوم سان چيو آهي!

”صنعت ايهام“ جا ٻيا به ٻه شعر پيش ڪجن ٿا:

(1)     ”محمّد امين“ کي نه اڄ پر ڪـڏهن کان،

زبـــان تـــي رڳـــو تــنــهنجو ئي نام آيو.

(2)    دائــــمــــا اي ”امـــيـــن مــــحـــــمّـــــد“ جــــــو،

عــــشــــق جـــهــــولِــــي ۾ پـــائــي جهلڻو آ.

صنعت تضاد:

شاعر، پنهنجي شعر ۾ ڪنهن ڳالهه تي زور ڀرڻ لاءِ ڪڏهن پنهنجي شعر ۾ اهڙا لفظ ڪم آڻي ٿو جيڪي هڪٻئي جا ”ضد“ (هڪٻئي جي اُبتڙ) هوندا آهن. شاعريءَ جي انهيءَ کي صنعت تضاد“ چئجي ٿو:

(1)      وساري تون به ويـٺين دلربـا! دنيا ته مٽجي وئي.

”جفا“ سڀ ڪنهن ڪئي ڪنهن کان ”وفا“ ٿئي ها ته بهتر هو.

هن شعر ۾ هڪ ئي مصرع ۾ ”جفا“ ۽ ”وفا“ جا ٻه لفظ هڪٻئي جا ضد آهن، انهي صنعت کي صنعت تضاد چئجي ٿو. ساڳئي شعر ۾ صنعت ”حسن طلب“ به ڪم آيل آهي. تنهنڪري هن شعر کي ”ذوالنوعين شعر“ چئبو. ازان سواءِ هن شعر ۾ ”صنعت تجنيس تام ناقص“ به لياڪا پائي رهي آهي.

(2) نيٺ قسمت وانگي اڄ پڻ تون وئين هلندي ڇڏي!

”باوفا“ اڄ تون به ٿي وئين ”بيوفا!“ شابس اٿئي!.

هن شعر ۾ صنعت تضاد سان گڏ ”ڏوراپو“ به ڏنو ويو آهي، تنهنڪري هيءُ شعر به ”ذوالنوعين شعر“ آهي.

(3)    عجب قانون الفت جا ڏسي مون کي لڳي حيرت،

نه آهي ڪا به ”آساني“ وري ”مشڪل“ به ڪجهه ناهي!

هن شعر ۾ به صنعت تضاد سان گڏ صنعت تعجب استعمال ٿيل آهي، انهيءَ لحاظ کان هيءُ شعر به ”ذوالنوعين شعر“ آهي. ”صنعت تضاد“ جا ٻيا چند شعر:

(4)    فڪر ڪهـڙو حال جـــي ڪنهن جا ”فقيرانا“ هـجن.

دل هجي زنده انهيءَ سـان شوق ”شاهانا“ هجن.

 

(5)     تون پــاڻ نڀائيندو اچجان، هو پنهنجي رضا جو مالڪ آ.

تون”هار“۽”جيت“ جو ان سان ڪڏهن وهنوار نه ڪر واپار نه ڪر.

 

(6)    سڄڻ سائين مان هر ڪنهن حال ۾ خوش آهـِيان هـر دم، 

ٻي ”آزادي“ کان هن تـنهنجي پـياري ”قيدخاني ۾.

 

(7)    مـڪيـن مـون وٽ به جـيـڪر دلربا ٿـئي هـا تـه بهتر هو،

هـي ”بـخــت نـــارســا،“ بـخت رسا ٿــئــي هـا ته بهتر هو.

 

مراعات النظير:

شاعر، پنهنجي شعر ۾ ڪڏهن هڪ لفظ بيان ڪري پوءِ انهيءَ سان واسطيدار ٻيا لفظ به لڳاتار استعمال ڪري نفس مضمون کي مؤثر ۽ زوردار بنائيندو آهي. اهڙي صنعت کي ”صنعت مراعات النظير“ چئجي ٿو. اسان جي شاعر امين ’فهيم‘ مراعات النظير جي صنعت جو به گهڻو استعمال ڪيو آهي، نموني طور چند شعر هيٺ ڏجن ٿا:

(1)     امين جو ”سائين“ تون، ”رهبر“ به تون ۽ ”آسرو“ پڻ تون

قدم  پنهنجا  ڪڏهن اُن وٽ گهمائج يا رسول الله ﷺ!

 

هيءُ هڪ نعتيه شعر آهي، انهيءَ ۾ ”رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم“ جو لفظ آڻي انهيءَ سان پنهنجي تعلق کي موثر بنائڻ لاءِ واسطيدار لفظ لڳاتار استعمال ڪيا اٿس: سائين، رهبر، آسرو.

(2)  هي حڪومت، بادشاهي، مال و دولت ڪجهه نه آه،

عاشقن    جي    لاءِ    آهي    وصــــــل     جو    واپار بس.

هن شعر ۾ نفس مضمون اهو آهي ته عاشق پنهنجي محبوب جي وصل کي هر چيز کان وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو. عاشق جي نظر ۾ ظاهري رعب تاب، جاه و جلال ڪجهه نه آهي. انهيءَ سان تعلقدار يا واسطيدار شيون بيان ڪري مضمون کي پُراثر ۽ جاندار بنايو اٿس: -حڪومت، بادشاهي، مال، دولت.

مراعات النظير جا ٻيا چند شعر:

(3)    صراحي، ساغر و مـيـنا، ڏٺــــــــــم ميخوار ويـڳاڻـــــــا،

       سوا تنهنجي اي ساقي رونقِ محفل به ڪجهه ناهي.

 

(4)    جـــدائـــي، دردوالـــم مــنهــنجــي حصّــي ۾ آهــــن،

ڇــڏي ڏي حـال تـي مـون کــي، قــمــر اداس نـه ٿــي.

 

(5)     هر شجر ۾، صبا ۾ ۽ گل ۾،

جســتـجو جابجا ڪري ڏسبي.

 

حسن التّعليل

شاعر پنهنجي ڪلام ۾ ڪابه بي تُڪي ۽ بي سبب ڳالهه نه ڪندو آهي. ڪنهن به ڳالهه بيان ڪرڻ سان انهيءَ جي وضاحت لاءِ ڪو نه ڪو ”سبب“ يا ”دليل“ بيان ڪندو آهي. مثال:

(1)     مورک مور نه ٻجهڻا هيڏانهن هوڏانهن ڪن،

”ڪٽر“ جنين اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن.

(شاهه ڪريم)

هن بيت ۾ پرين کي نه ڏسي سگهڻ جو سبب بيان ڪيو ويو آهي ته جن جي اکين ۾ ”ڪٽر“ (ٻيائي يا غير) آهي، سي پنهنجي دوست جو ديدار ڪيئن ڪري سگهندا؟

(2)  دلِ بینا بھی کر خدا سے طلب،

        آنکھ کا نور، دل کا نور نہیں۔

(اقبال)

ھن شعر ۾ خدا کان ”دلِ بينا“ گهرڻ سبب بيان ڪيو ويو آهي ڇو ته ظاهري اکين جي روشني، روشن ضمير جو دليل نه آهي.

”پيغام“ جي شاعر امين ’فهيم‘ ”حسن التعليل“ کي به گهڻو ڪم آندو آهي:

جت خرد جو ٿيو ڪمال ات عشق ۾ رکيم قدم،

ٿــي جــڏهــن هــڪ انــتـها، ٻي ابتدا حاصل ڪيم.

جت خرد جي حڪومت جون حدون ختم ٿين ٿيون، اُتان عشق جي ملڪ جي شروعات ٿئي ٿي. اهڙي طرح هڪڙي شيءِ جي انتها ٿيڻ سان ئي ٻيءِ شيءِ جي ابتدا حاصل ٿي.

هن شعر جي ٻنهي مصرعن ۾ ”صنعت تضاد“ به غالب آهي. لهٰذا هي شعر ”ذوالنوعين شعر“ آهي، ازان سواءِ هي ”سهل ممتنع“ شعر آهي، هن شعر ۾ ”صنعت متلائم“ ”صنعت سليس“ ۽ ”صنعت لف و نشر“  جون به جهلڪيون نمايان آهن:

(2) اهائي خـــوش ادا ساقي جي برڪت جي نشاني آ،

جو هِرِکي نيٺ مولانا کي پڻ ميخوار ٿيڻو پيو.

هڪ پارسا مولانا ميخوار ٿي پيو؟! امين ’فهيم‘ ڪنهن قادر الڪلام شاعر وانگر بي سبب ۽ غير ذميدارانه ڳالهه ڪو نه ٿو ڪري. هو انهي واقعي جو معقول سبب ٻڌائي ٿو ته ؛ خوش ادا ساقيءَ جي هوش ربا حسن ۽ دلربا ادا جي اها برڪت سمجهڻ گهرجي، جو خشڪ زاهد پارسا به سندس هٿ موٽائي نه سگهيو ۽ پرت جو پيالو پي سرشار ٿي ۽ ميخوارن جي صف ۾ شمار ٿيو!

صنعت حسن التّعليل جا ٻيا چند شعر :

(3)    ساري دنيا کان گذاريــان ٿو جدا، پرمست و خوش،

هـي سبب آهي جــــــــو دل درد آشـنــــــــا حاصل ڪيم.

 

(4)      مون کان نه ڪڏهن ڪو ڏوهه ٿيو پر مست نظر مجبور ڪيو،

صهبا کان ڪڏهن ڪو ڪيف نه ٿيو، ساقيءَ جي نظر مخمور ڪــــيو.

 

(5)   هوا اهڙي لڳي جنهن ڪو نه ڇڏيـو گُل زمانـي ۾،

رهـيا باقــي وڃــي اڄ خار منــهنجي آشياني ۾.

 

(6)   گُلن سان گڏ رهڻ جي لاءِ مون کي خار ٿيڻو پـيو.

تڏهن اُن جو ٿيس، جڏهين ٻين تي بار ٿيڻو پــيو.

 

 (7)   فلڪ کي رشڪ ٿيو اهڙو زمين جي باريـابي تي،

جو آخرڪار ان کي خاڪ پـايءِ يار ٿيڻو پيو.

 

(8)   هوا اهڙي ته گلشن کي لڳي ناسازگـــــار آهي،

جو خوشبو کي به گلڙن کان جــدا لاچــار ٿيڻو پيو.

 

 (9)   پهريـــــن  ســـــــاقــــــي  پـــــيـــــار واعـــــظ  کـــــي،

ســرِ تــــان آفـــــــت کــــــــي ٽــــــارڻــــــو آهـــــــي.

 

شاعر، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي طور تي ڪنهن سان نه ڪنهن سان همڪلام ٿيندو آهي. اهي مڪالما شعر ۾ بيان ڪندو آهي. پنهنجي سوال سان انهيءَ جو مليل جواب گڏوگڏ پاڻ ٻڌائيندو آهي. انهيءَ کي ”صنعت سوال و جواب“ چئجي ٿو.

(1)   اچي ٿيو تنگ منهنجي ”شاعرانه عرض“ کان سـهڻو؛

چيائين: ”وڃ هتان فوراً“ ! چيم ”دلـــبر خدا حــافظ“!

 

(2)   پڇيم ”تنــهنجي چــمڻ لئه ڇــو هزارين منتظـــر آهن؟“

چيئين ”ان لاءِ جو پــيــارن ســنـــدو پــيزار آهــيــان مان.“

 

(3)   جڏهـــن مـون روئــي ڪــئي پنهــنجي يار کي پارت!

چيئين:- ”مون بس ڪئي تو سان جفا وري نه ڪبي.“

 

مبالغه

صنعت مبالغه، شاعريءَ لاءِ مباح آهي. مبالغو (وڌاءُ) بظاهر ته هڪ ڪوڙ يا ٻٽاڪ نظر ايندي پر انهي جي معرفت ئي صحيح طريقي سان بيان جي موقف يا مقصد جي اهميت جي خبر پوي ٿي:

چوڏهينءَ چنڊَ تون اُڀرين، سهســين ڪـــرئين سينگارَ،

پلڪ پريان جي نه پَرِين، جي حيلن ڪرئين هزارَ،

جـــهـــڙو تــون ســـــــڀ ڄــمارَ، تــهڙو دمُ دوست جو.

(شاههرحه)

شاهه صاحب به مبالغي کان گهڻو ڪم ورتو آهي. ڪيترن ئي بيتن ۾ مبالغه آرائي آهي. مبالغه شاعر جو شاعرانه حق آهي. عام ماڻهو سندس تخيل جي پرواز کي پهچي ۽ سمجهي نه سگهندا جسين هو مبالغه سان انهن کي نه سمجهائي. مندرجه بالا بيت ۾ جيڪڏهن صرف ايترو بيان ٿيل هجي ها ته منهنجو محبوب بيحد سهڻو آهي ته عام ماڻهو سونهن جي ڪمال سمجهڻ کان قاصر رهجي وڃي ها، تنهنڪري ئي شاهه صاحب فرمايو ته چوڏهين جو چنڊ جيڪڏهن سراپا سينگارجي ظاهر ٿئي ته به يار جي برابر ٿي نٿو سگهي. چوڏهين جي چنڊ جي سموري حياتيءَ جو حسن يڪجا ڪجي ته به منهنجي محبوب جي هڪ جهلڪ برابر به پهچي نه سگهندو

امين ’فهيم‘ به پنهنجي شاعريءَ ۾ مبالغه آرائي ڪافي ڪئي آهي. چند شعر نموني طور پيش ڪجن ٿا:

(1)     گـــردشِ ايّـــام کــي روڪــي ڇــڏيــــو اي دوســتــو،

فڪرِ فردا ۾ جڏهن مصروف مــســتـــانـــا هـــــجــن.

 

(2)    وفـــا پئي واٽ تان ويئي جهلي دامن وٺي آيــس،

جو اُن کي واٽ ويندي ئي وفادارن ڏســـي ورتـو.

 

(3)    ســال ســيــنــگارينـــدي گذري ويا درو ديوار کــي،

ڪنهن چيو هو آءٌ ٿيندس تنهنجو مهمان عنقريـب.

 

(4)    سڄڻ منهنجي لئي هڪڙو نئون جهان دل ۾ بنايو ٿم،

جتي شاخ و شجر ناهي، جتي شام و سحر ناهي.

 

(5)     جي حياتي وفا ڪئي ته فهيم!

عــــــــشــق ۾ انــــــــــــــــتــــــهــــــــــا ڪــــــــــري ڏســـبـــــــــي!

صنعت تعجّب!

راهِه محبت ۾ شاعر کي ڪڏهين اهڙيون عجيب واردات، محسوسات ۽ ڪيفيات معلوم ٿينديون آهن جو پاڻ به حيران ٿي ويندو آهي ۽ تعجّب جو اظهار پنهنجي شعر ۾ ڪندو آهي. اهڙي صنعت کي ”صنعت تعجّب“ چئجي ٿو:

(1) ”فهيم“ آهــــــــــــي تــعــجّــب هن جــــــــو مون کي!

اهو ٿي ويو نه هو جيڪـــي گمان ۾!!

 

(2)    ڏس امين! سيني ۾ ڪيئن سانڍيو هلين ٿو درد و غم،

ڪــنــهن نـــه پـــر توکــي ســڃــاتـو! نيٺ مشڪل ٿي ويو.

 

(3)    ڪـــــــــو نه موٽئين سڄڻ! وڃڻ کــــــــــان وئين!

تـــو بــــه وَهه جا وفــــا ڪــــئي آهـــــــي!!

 

(4)    ڪـــيـــم جـــنــهن ســــــــــان به اظهارِ محبّت؛

خـــدا جــو شـــان! ســـو مــغـــرور ٿـــي ويو. 

تجاهل عارفانه:

ڪڏهن ڪڏهن شاعر پنهنجي شعر ۾ اهڙي صنعت استعمال ڪندو آهي جو  سڀ ڪجهه سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ جي باوجود پاڻ کي نهايت معصوميت سان ناسمجهه يا اڻ ڄاڻ ظاهر ڪندو آهي. ڄاڻي ٻُجهي به اڻ ڄاڻائيءَ جي اظهار ڪرڻ کي ”صنعت تجاهل عارفانه“ چئجي ٿو:

تُنهنجي هوندي به دل جي ڦٿڪڻ کي،

بـــيــقـــراري، قــرار؟ ڇـــا چـــئـــــــجـــــي!

 

اوچتو من پسند محبوب اڱڻ تي پير ڀري ته بي پناهه خوشي ۽ بي انتها پيار باعث دل جي رفتار تيز ٿي ويندي آهي؛ شاعر اهڙي ڪيفيت کان باخبر هوندي به پاڻ کي بلڪل بي خبر محسوس ڪرايو آهي. امين ’فهيم‘ مذڪوره بالا شعر ۾ ”تجاهلِ عارفانه“ کان ڪم ورتو آهي.

هر ڪَلي اشڪِ غم سان سينگاريم،

مالهـــي ســمـــجهيو ته ماڪ پئي آهي.

هن شعر ۾ شاعر جو بظاهر مقصد آهي ته چمن جي هر مکڙيءَ کي اشڪِ غم سان مون سينگاريو آهي. حالانڪه هن کي اهو بخوبي معلوم آهي ته مکڙين تي ماڪ جا ڦڙا آهن، تنهن هوندي به اڻڄاڻ بڻجي چوي ٿو ته: اِهي منهنجي وڇوڙيل اکين جا لڙڪ آهن. ”صنعت تجاهل عارفانه“ سان گڏ هن شعر ۾ شاعر ”صنعت مبالغه“ کان به ڪم ورتو آهي ڇاڪاڻ ته چمن ۾ هر ڪليءَ کي اشڪ غم سان سينگارڻ مشڪل ڪم آهي. ٻن صفتن جي ڪم آڻڻ ڪري هي ”ذوالنوعين“ شعر آهي. ازان سواءِ هن شعر ۾ تشبيهه“ به آيل آهي. اشڪ غم کي ماڪ جي ڦڙن سان تشبيهه ڏني وئي آهي. هن جاءِ تي به اسان جي شاعر تجاهلِ عارفانه جي صنعت کان ڪم ورتو آهي. حالانڪه انهيءَ کي بخوبي علم آهي ته اهي ماڪ جا ڦڙا آهن نه ڪي غم جا لڙڪ! پر اتي اڻ ڄاڻ هئڻ جي ذميواري وڏي هوشياريءَ سان مالهي تي اڇلي ٿو!

هن شعر ۾ امين ’فهيم‘ پنهنجي باشريعت بزرگ حضرت مخدوم نوح سروررحه جي بيت جي چڱي طرح چٽي ترجماني ڪئي آهي:

پـــيـــئــي جا پرڀــــات،      سا ماڪ مَ ڀانئيو، ماڻهئا!

روئي چڙهي   رات،      ڏســــي ڏکـــــــــويــــن کـــــــــــي.

(حضرت مخدوم نوحرح)

تجاهلِ عارفانه جا چند مثال :-

(1)     توکي ماڻهن جي روبرو جاني!

دوست، محبوب، يار؟ ڇا چئجي.

(2)    بــيـــوفــائي وفــا جـــي بدلي ۾، 

شــرم، ڪــاوڙ يا آر ڇا چئجي.

اي ’فهيم‘ تـــون مـــون کـــي  ٻڌاءِ  کڻــي تـــه حقيقت ڪيئن آغاز ۾ هئي،

مون کنيو يا نٿي کنيو پنهنجو قدم، ڪجهه ياد اٿم ڪجهه وسري ويو.

 

محبّت، خلوص، وفا، قرباني، صبر و تحمّل وغيره جي باوجود راهِه محبت ۾ جڏهن مسلسل سور، سختيون، نفرتون، ظلمتون، بيوفايون، ارڏايون، ذهني زخم، عزّت نفس ۽ خلوص نيت تي شبهات ۽ شڪ حملا ۽ ڌڪ نصيب ٿين ٿا ته عاشق صادق، اندر جو اندر ۾ پيو ڪڙهندو آهي. لبڪشائي نه ڪندو آهي مگر پنهنجي بيزاري، ناراضگي، مذمت ۽ بوريت جي احساس جو اظهار زيبِ نظم ڪندو آهي. اهڙي ڪلام کي ”واسوخت“ چئبو آهي.

محبّت، خلوص، وفا، قرباني، صبر و تحمّل وغيره جي باوجود راهِه محبت ۾ جڏهن مسلسل سور، سختيون، نفرتون، ظلمتون، بيوفايون، ارڏايون، ذهني زخم، عزّت نفس ۽ خلوص نيت تي شبهات ۽ شڪ حملا ۽ ڌڪ نصيب ٿين ٿا ته عاشق صادق، اندر جو اندر ۾ پيو ڪڙهندو آهي. لبڪشائي نه ڪندو آهي مگر پنهنجي بيزاري، ناراضگي، مذمت ۽ بوريت جي احساس جو اظهار زيبِ نظم ڪندو آهي. اهڙي ڪلام کي ”واسوخت“ چئبو آهي.

امين ’فهيم‘ تي به اهي اوقات آيا جن کيس جهنجهوڙي ڇڏيو. واردات قلبي جو اظهار پنهنجي ڪلام ۾ هن طرح ڪري ٿو:

(1)         حسن وارن کي محبّت جو صفا احساس ناهه،

کوٽ ۾ هي آهي کاتو، نيٺ مشڪل ٿي ويو.

 

(2)  محبوب بنا هي روشن راتيون چنڊ ۽ تارا ڪين کپن،

جي پيار ڏئي پو ڌار ڪندا سي سهڻا سهارا ڪين کپن.

 

(3)      مان پنهنجي ۾ ئي پورو آهيان ڇو ڇيڙين ٿي تون بادِ صبا،

ڇو ساهه سڌارڻ ٿي چاهين تنهنجا ته سڌارا ڪين کـپن.

 

(4)       سحر هڪڙي طرح گذري، بدلجي شـــام آئـــي آ،

جهان جي هن دورنگي دور کان بيزار آهيان مان.

 

(5)     انــــتقـــامـــاً ڇــڏيــم محــبــت کـــــي،

پيـــار کـــي درد ســر ڪري ورتـــم.

 

(6)      ’فهيم‘ آه و فغان مان ته ڪجهه به ڪونه وريو.

حــضــورِ يــار ۾ هــاڻي صدا وري نه ڪبي.

 

(7)    پنهنجي ماه لقا کان دور ٿبو،

زيست درد آشنا ڪري ڏسبي

 

(8)    رکو گلشن جي هر ڪا شيءِ سنڀالي،

اسان جو ڇا اوهان جي گلستان ۾!؟

 

(9)    هٿن سان قرب جي ڪشتيءَ کي ٻوڙيم،

پــوڻ چـاهيم نـٿي ڪـنهـن امـتحان ۾.

 

شهر آشوب

شاعر، پنهنجي وقت ۽ حالات جو بهترين عڪاس هوندو آهي، محبت جي لوازمات ۾ مگن رهڻ جي باوجود هو گردونواح جي حالات کان بي خبر هرگز نه هوندو آهي. پنهنجي شهر جي تباهي، زوال، ابتر حالت، ويراني يا گردشِ دوران، زماني جي بي ثباتي بي اعتدالي، مصائب و مشڪلات جي روئداد پنهنجي ڪلام ۾ هوبهو آڻيندو آهي، اهڙي نظم کي شهر آشوب چئبو آهي.

1955ع ۾ هالا پراڻا کان مست مهراڻ پائڻ شروع ڪيو. ڪيترا ڳوٺ غرقاب ٿي ويا. هالا پراڻا، هالا نوان جا ٻئي شهر مڪمل طور خالي ٿي ويا، بلڪل نظر ٿي آيو ته هالا نوان به مڪمل طور غرقاب ٿيندو. دريا جو زور کنڊوءَ وٽ زبردست هو. اتان ڪلياڻ جو بچاءُ بند ڀڄي پيو ۽ مهراڻ، مست گهوڙي وانگر کيبر، کنڊو، سيکاٽ، مٽياري، هٽڙي ۽ حيدرآباد جي مشرق طرف تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳو. هالا نوان وٽان پاڻيءَ جو رخ بدلجي ويو.

قومي شاهراهه ڪيترا مهينا بند رهي. پاڪستان جي ”پورالي ندي“ (سنڌو ندي) جو اهو پُر خوف ”پُور“ هو. ڪيترن شاعرن انهيءَ واقعي تي ”شهر آشوب“ نظم لکيا.

امين ’فهيم‘ جي انهيءَ وقت عمر تقريباً 18 سال هئي، پر حساس شاعر پنهنجي ابتدائي دور ۾ به انهيءَ واقعي کي هيئن بيان ڪيو آهي:

اسان جي شهر هالا کي بچائج يا رسول الله،

سڀئي مشڪل غريبن تان هٽائج يار رسول الله.

 

ريختي:

ايراني شاعريءَ جو اثر، سنڌي شاعري تي نمايان آهي. عروضي شاعريءَ جي ڪم وبيش سڀني صنفن ۾ ”مرداني زبان“ استعمال ڪئي ويندي آهي.

سنڌي شاعريءَ جي مزاج ۾ انڪساري، عاجزي  ۽ هيڻائيءَ جو اظهار ڪيو ويندو آهي جيڪو

 

”ريختي“ (زالاڻي زبان) ۾ استعمال ٿيندو آهي:

”هيڻي ڏسي ذات جيڪس جت ڇڏي ويا.“

 

سنڌي شاعري جون اڪثر و بيشتر صنفون ”عورت جي زبان“ ۾ چيون وڃن ٿيون.

بيت، وائي، ڪافي، سي حرفي  وغيره صنفن ۾ ”زالاڻي ٻولي“ استعمال ڪئي ويندي آهي. ڄڻڪ ڪا عورت ڳالهائي رهي آهي.

شاهه جي شاعري به ريختي جو اعليٰ ۽ معياري نمونو آهي، امين ’فهيم‘ جي ڪافين ۾ به ريختي استعمال ڪيل آهي. اهڙي طرح مضمون جي طوالت جي خوف کان پيغام جي شاعر امين ’فهيم‘ سائينءَ جي ڪلام جي ”فني جائزي“ جو انهن چند صنعتن جي نشاندهي تي اڪتفا ڪرڻي پوي ٿي. شاعريءَ جو فن بحرِ عميق آهي. انهي جي پاتار مان چند سپون(صنعتون) سوجهي ڪڍي انهن جي موتين جو نمونو پيش ڪيو ويو آهي. انهن صنعتن کان علاوه امين ’فهيم‘ جي ڪلام ۾، صنعت ڪلام جامع، صنعت موقوف، صنعت تضاد، صنعت لف و نشر، ايجاز، اطناب، ڏوراپو وغيره جون جهلڪيون به واضح نظر اچن ٿيون.

پنهنجي ناقص علم مطابق جن به صنعتن جو جائزو ورتو ويو آهي انهن جو عام فهم انداز ۾ تعارف پڻ ڪرايو ويو آهي. جنهن مان مبتدي شعراء ڪرام جي معلومات ۾ اضافو ٿيندو. هن جائزي ۾ صرف غزل جي زمين جو جائزو ورتو ويو آهي. اسان جي شاعر امين ’فهيم‘ شاعري جي ٻين صنفن جهڙوڪ قطعات، مثنوي، بيت، ڪافي، وائي، مدح، مناجات، سلام ۽ سهرو وغيره جي صنفن تي به طبع آزمائي ڪئي آهي.

قارئين ڪرام کي دست بسته گذارش آهي ته هن جائزي ۾ صرف شاعرانه فني خوبين جو ذڪر ٿيل آهي. امين ’فهيم‘ جي هر ڪاوش تي تاريخون لڳل آهن، انهن کي ڏسي علم، عصر ۽ شاعرانه مشق کي مدنظر رکي قارئين ڪرام فني اوڻايون پاڻ ڏسن، امين ۽ منصف بنجن. هي انساني ڪلام  آهي، ڪنهن به انسان جو ڪلام اوڻاين کان آجو ٿي نٿو سگهي ڇو ته ڪامل مطلق صرف الله جي ذات آهي ۽ اوڻاين کان آجو صرف الله جو ڪلام آهي.

ڪتاب ”پيغام“ تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org