غير
تڪراري سياستدان ۽ روحاني رهبر
پروفيسر مهرالنساء لاڙڪ
هَنجَنِ سين هيڪارَ، جي ڳَڻ ڪري نِهارِئين،
ٻَگهَن ساڻ ٻيهارَ، ٻيلهه نه ٻَڌِين ڪَڏَهين.
(شاهه)
سنڌ جي سرزمين تمام گهڻي خوشنصيب آهي. هن سرزمين
تي هزارين عالم، اولياء، قطب، غوث ۽ بزرگ ٿي گذريا
آهن. هيءَ ڌرتي جتي، قلندر لال شهبازرحه،
شاهه عبداللطيفرحه، سچل سرمسترحه
آهن، اتي هالا جو مشهور مخدوم خاندان جي پڻ آهي.
الله تعاليٰ، هيءَ ڪائنات ڏاڍي حسين ۽ خوبصورت
ٺاهي آهي. قدرت جي تخليق مان خوبصورت ترين تخليق
انسان آهي. انسان، پنهنجي عقل جي آڌار تي ٻين
ساهوارين مخلوقن کان وڌيڪ فضيلت وارو سڏيو ويو آهي
ڇو ته انسان سوچيندڙ آهي. فطرت ۾ موجود هر شيء ۽
هر موقعي جي باري ۾ هو سوچي سمجهي ڪم ڪري ٿو. سندس
مکيه ڪارنامن ۾ هزارن سالن جون تهذيبون، علم و
هنر، صنعت، ڪاريگري ۽ هلندڙ وقت جون ايجادون ۽
کوجنائون ليکجن ٿيون، ان ۾ خود سندس تخليق به اچي
وڃي ٿي، جا سڄي خلقت ۾ سڀني کان وڌيڪ سهڻي آهي.
ملڪي سطح تي سنڌ جا ڪيترائي شهر مقدس مٽي، پويتر
پاڻي، عظيم ثقافت، مقناطيسي محبت ۽ قديم تهذيب سبب
مشهور آهن. هالا شهر، علم و ادب کان علاوه سياست
جي ميدان ۾ اهم مقام رکي ٿو. هي شهر علم، هنر ۽
وڻج واپار جي لحاظ کان به خاص اهميت رکي ٿو. ننڍي
کنڊ ۾ قرآن شريف جو سڀ کان پهريون فارسي ٻوليءَ ۾
ترجمو مخدوم نوح سروررحه ڪيو هو جيڪو
شاهه ولي الله دهلويءَ کان گهڻو اڳ جو آهي. ان
سروري خاندان هر دؤر ۾ عام ماڻهن جي رهبري ۽ ڀلائي
دين جي فروغ لاءِ، معاشرتي اصلاح، تعليم جي
فراواني، سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب جي ڦهلاءَ لاءِ
نمايان ڪوششون ڪيون آهن. هتي جي اهم سياسي شخصيتن
۾ مخدوم غلام حيدر صديقي، مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ، مخدوم محمد امين ’فهيم‘، مخدوم خليق
الزمان، مخدوم جميل الزمان، ڊاڪٽر مخدوم رفيق
الزمان، قاضي حفيظ قريشي، عرفان مهدي، سيد شاهه
محمد شاهه سينيٽر، ايڊوڪيٽ عبداللطيف انصاري،
الطاف شيخ، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ ٻيا شامل آهن.
مخدوم امين ’فهيم‘ پنهنجي همعصر دور ۾ غير متنازعه
سياستدان ۽ روحاني رهبر رهيو آهي. ان کان سواءِ
پاڻ عظيم شاعر پڻ رهيا آهن. پاڻ اهڙا شاعر آهن
جيڪي ڌرتي ۽ قوم جي درد کي چڱي طرح محسوس ڪري سگهن
ٿا.
سندن والد قبلا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ،
سروري خاندان ۽ سروري جماعت جو 17 سجاده نشين هو.
هُو پنهنجي وقت جو اعليٰ پائي جو نه فقط اديب،
عالم ۽ شاعر هو، پر هن سنڌ جي ادب، تاريخ، ٻولي ۽
ثقافت جي فروغ لاءِ جٽادار ڪوششون ڪيون هيون.
مخدوم خاندان جون، سنڌ ڌرتيءَ ۽ پنهنجي مريدن لاءِ
ڪيل روحاني، علمي ۽ سياسي خدمتون، تاريخي حيثيت
رکن ٿيون.
انسان جي هر ڪاوش يا هر تصور ارتقا پذير آهي،
انهيءَ ارتقا جي نتيجي ۾ ئي هي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي
جو دؤر سڏجي ٿو. اڄڪلهه جتي هر فن بي انتها ترقي
ڪئي آهي، اُتي انساني ذهن به تيزيءَ سان تبديل ٿي
رهيو آهي، پر ڪي پختا ذهن اهڙا به آهن جيڪي زماني
جي انقلابن کي ڏسندي به پنهنجون وفاداريون نه
بدلائي سگهيا آهن. انهن ۾ مخدوم خاندان، خاص اهميت
رکي ٿو. هن گهراڻي جون سموريون صلاحيتون، محبتون،
وفاداريون صرف سنڌ واسين ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ
سان آهن.
پيپلزپارٽيءَ سان پيار جا پيچ ڪيئن لڳا، ان لاءِ
هٽڙيءَ جي پاسي محبوب سروري وڏا داستان بيان ڪري
ٿو ته:
”وڏي مخدوم صاحب وٽ جماعت اسلاميءَ جو هڪ وفد آيو،
جنهن ۾ شڪارپور وارو پروفيسر محمد سليم، مولانا
جان محمد عباسي، ڪريم بخش نظاماڻي ۽ ٻيا پهتا هئا.
مخدوم وڏا، جهڙوڪر پارٽي
Join
ڪرڻ وارا هئا ته لنڊن مان صاحبزادو امين ’فهيم‘
آيو ۽ والد صاحب سان گڏجي جيڪو سياسي فيصلو
ڪيائين، آخري دم تائين، ان تي قائم رهيو. پاڻ
پنهنجي والد سان تمام گهڻو ويجهو رهندا هئا. پهرين
موڀي پٽ هئڻ جي ناتي، پوري خاندان جو لاڏلو فرد
هو. والد جي تربيت جو مٿن گهرو اثر هو. اهوئي سبب
هو جو پيپلزپارٽيءَ تي ڪيترو به ڏکيو وقت آيو، پر
سندن وفاداريءَ ۾ ذرو به فرق نه آيو، سندن زندگيءَ
جو هر پهلو قابلِ رشڪ رهيو، کيس حسين موسم، حسين
منظر ۽ حسين ماڻهو ڏاڍا وڻندا هئا. مخدوم صاحب،
شاهيءَ کان گدائيءَ کي وڌيڪ پسند ڪندو هو.“
قبلا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پاڪستان
پيپلزپارٽيءَ جو بنياد وجهندڙ محترم ذوالفقار علي
ڀٽي جو بااعتماد ۽ وفادار ساٿي جهڙو ڀُٽي صاحب
ذهانت، شخصيت ۽ جادوئي ڪردار جي اثر کان پاڪستان
جو هر ماڻهو متاثر هو، ائين ئي مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰ ۽ مخدوم امين فهيم جي ڪردار کان به
هر ماڻهو متاثر هو.
مخدوم محمد امين ’فهيم‘، جتي هالا ۾ تعليم، صحت ۽
ٻين زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن جي پورائي لاءِ وڌ
کان وڌ ڪم ڪيا، اتي صاف سٿري سياست ۾ پڻ شاندار
ڪردار ادا ڪيائون. سڄي عمر، اصولن تي ڪابه
سوديبازي نه ڪيائون. قوم جي ترقيءَ لاءِ جدوجهد
جاري رکيائون.
مون کي چڱي طرح ياد آهي ته پيپلزپارٽيءَ جو بنياد
1970ع ۾ هالا ۾ رکيو ويو. 1 ۽ 2- جولاءِ 1970ع ۾
جڏهن هالا ۾، پارٽي جي پاران، ”هالا ڪانفرنس“ جو
پروگرام رکيو ويو هو ته ان ڪانفرنس کي ڪامياب
ڪرائڻ جون سڀ ذميداريون مخدوم امين ’فهيم‘ تي
رکيون ويون هيون. ان ڪانفرنس ۾ اولهه ۽ اوڀر
پاڪستان جي پارٽي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
مخدوم سائين ان ڪانفرنس کي اهڙو ته شاندار طريقي
سان ڪامياب ڪيو ڇو ته اها پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي
وائيس چيئرمن مخدوم محمد زمان جي سڏ تي هالا ۾ رکي
وئي هئي. ڪانفرنس جي خاص ايجنڊا هي هئي ”روٹی،
کپڑا
اور مکان، لے
کے
رہے
گا انسان“
۽ ٻيو ته جمهوري ادارن کي مضبوط بنائڻ ۽ عوام کي
انصاف، تعليم، صحت ۽ روزگار ڏيڻ لاءِ ڪهڙو رستو
اختيار ڪجي، انقلاب يا انتخاب!؟
1- جولاءِ 1970ع تي وفاقي حڪومت ون يونٽ ختم ڪرڻ
جو اعلان ڪيو. اهڙي طرح اولهه پاڪستان جا چار ئي
صوبا، سنڌ، پنجاب، اتر اولهه سرحدي صوبو ۽
بلوچستان بحال ٿيا. ان ڪانفرنس ۾ پهرين چونڊن ۾
حصو وٺي انقلاب جي راهه هموار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو
ويو. ان ڪانفرنس ۾ مخدوم امين ’فهيم‘ هر ڳالهه جو
جائزو وٺي سياست ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجي
والد سائينءَ جي زير نگرانيءَ وڏا وڏا فيصلا
ڪيائين. پاڻ مدبرانه طريقي سان هر فيصلو ڪندا هئا.
بردبار طبعيت جا مالڪ هئا. پاڻ هڪ ڀيرو ايم.پي.اي
۽ ست ڀيرا ايم.اين.اي چونڊجي آيا.
پيپلزپارٽيءَ لاءِ سندن وفاداري ڪنهن کان به ڳُجهي
ناهي. وڏن وڏن آسرن باوجود، وزارت عظميٰ جي عهدي
تائين کين دلاسو ڏنو ويو، پر هن مانجهي مڻيادار
ماڻهو، ڪنهن به لالچ کي نه قبوليو، هر لالچ کي
ٿُڏي ڇڏيو، نه پارٽي ڇڏيائون ۽ نه ئي پارٽي خلاف
ڪو قدم کنيائون، کيس صاف شفاف سياست ورثي ۾ ملي
هئي. هو انتهائي ساڃاهه وند ۽ داناء ماڻهو هو.
سندس جهڙو سياسي ڪردار آئيني وانگر صاف ۽ شفاف هو،
تهڙو روحاني ڪردار به اڇو اجرو هو. سروري جماعت جا
روحاني پيشوا هئا ۽ درگاهه حضرت مخدوم نوح سروررحه
جا 18 سجاده نشين پڻ، سروري جماعت جي بهتري ڀلائي،
تعليم، صحت ۽ سماجي مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي
اُپاءَ ورتا هئائين. پاڻ، هالا شهر کي ترقي وٺرائڻ
۾ به سڀ کان اڳڀرا هوندا هئا. هر ماڻهو پنهنجو
مسئلو بنا هٻڪ جي وٽن کڻي ويندو هو ۽ حل وٺي
موٽندو هو.
مخدوم امين ’فهيم‘ تقريباً 22 سالن واري پنهنجي
سجاده نشيني واري دؤر ۾ شاندار علمي، ادبي ڪمن جي
سرپرستيءَ ۽ ترقيءَ ۾ گذاريا. پاڻ خوش لباس، خوش
گفتار، اعليٰ پائي جو سياستدان، بهترين شاعر،
اعليٰ فهم وادراڪ جو مالڪ هو. هالا جي علمي، ادبي،
تاريخي، تعليمي ۽ تحقيقي ڪمن جو جائزو وٺجي ته
معلوم ٿيندو ته سائين وڏي فراخدليءَ سان اهڙا علمي
۽ ادبي ڪم ڪرايا جو انهن کي ڏسي سائينءَ جي شخصيت
جا روشن پهلو سامهون اچن ٿا. سائينءَ جي 76 سالن
جي زندگي هڪ روشن مشعل وانگر اسان جي سامهون آهي.
شاعريءَ جي ميدان ۾ وري ڏسنداسين ته سائين،
شاعريءَ جي ميدان ۾ به وڏي مڃتا ماڻي. پاڻ احساسن
۽ جذبن وارو شاعر هو. شعور سان ٽمٽار شاعري، سندن
اعليٰ ذهن جو ثبوت آهي. تخليقي سگهه ته منجهس بي
انتها موجود هئي، سندس شاعري ۾ عظيم ڌرتيءَ جو
عظيم شاعر، دانا ۽ دورانديش هو.
سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي اعليٰ ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ
جهلڪندي نظر اچي ٿي. شاعري پڙهندي ائين لڳندو هو
ڄڻ ڪائنات جا سڀ راز خودبخود کُلندا ٿا وڃن.
پڙهندڙ ائين گم ٿي وڃي ڄڻ ته ڪو سندس وجود ئي نه
آهي. هر طرف شاعريءَ جي گلن جي مهڪار ۽ هٻڪار
محسوس ٿيندي هئي. ٻولي به اهڙي معيار جي، جن جي
سائين سان ملاقات نه به ٿي هوندي، اهي سندن اعليٰ
شخصيت سان خيالن ۾ ملاقات ڪري وٺندا هئا.
سائينءَ جي شاعريءَ ۾ لفظ، چنڊ وانگر چمڪندڙ ۽
گلاب وانگر مهڪندي نظر ايندا هئا.
شاهه لطيفرحه، سچلرحه وانگر
سائين جي شاعري، پڙهندڙن کي شعور ڏئي، بيوسيءَ جي
حالت مان ڪڍي ٿي. شاعريءَ جي سڀني اصولن، قاعدن
مطابق هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائون. سندن والد
صاحب وانگر وائي، ڪافي ۽ غزل ته لاجواب لکيا. سندن
شاعري، سنڌ جي مشهور گلوڪارن ڳائي به آهي ۽ تمام
گهڻي پسند ڪئي وئي. هر پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي ان
شاعريءَ ۾ پنهنجي زندگيءَ جو ئي عڪس نظر ايندو.
ڪافي
تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس،
انهي رمز سان روح ريجهائينديس.
جيڪي چار گهڙيون توسان گهاريون اٿم،
تو وساري ڇڏيون، نه وساريون اٿم.
تنهنجو مرڪي ملڻ منهنجو عرض ڪرڻ،
تنهنجي لاءِ جيئڻ تنهنجي لاءِ مرڻ،
تون اچين به نه ٿو، مان وڃان به نه ٿي،
جيڪا تو آ ڪئي، ڪنهن سان به نه ٿي.
منهنجو تون ئي سڄڻ، تو لئي ٻيون به گهڻيون،
نه ٿي توکي وڻان، پر تون ته وڻيون.
وڃي ويهي رهين مون کان ڏاڍو پري،
تون ”امين“ ٿي اچ انصاف ڪري.
ساري عمر کان وڌ سي پياريون اٿم،
مان ته پنهنجي پريت پڄائينديس،
تو ڇڏي به ڏنو مان ڇڏيان به نه ٿي،
اهو سڀ ڪجهه ڀاڳ کان ڀائينديس.
ڇا جا هار سينگار، ڇا جا تيل ڦڻيون،
ڪيئن زوري پاڻ وڻائينديس.
*
جمهوري دور هجي يا غير جمهوري ڊگر هجي، سائين جي
شاعري اسان کي همٿ ڏياريندڙ ۽ دلين کي موهيندڙ
ملندي. سنڌ جو ڪو مسئلو هجي، ان تي به گهري نظر
هوندي هُين. پوري زندگي، سنڌ ڌرتيءَ جي ترقيءَ
لاءِ آواز بلند ڪيائون. حڪومت جي اعليٰ ايوانن ۾
سنڌ جي مسئلن تي وڏي بهادريءَ سان ڳالهايائون. سنڌ
جي تعليمي ترقي، صحت ۽ روزگار بابت سندن مضبوط
گواهيون تاريخي حيثيت رکن ٿيون.
سروري خاندان، اسان جي ڌرتيءَ جو اهڙو ته باوقار،
بااصول ۽ باشعور خاندان آهي، جنهن جي هر فرد، سنڌ
لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. موت ته برحق آهي سو ته اچڻو
آهي، هر نفس کي ان جو ذائقو چکڻو آهي. ڌرتيءَ کي
ته اڃان سائين جهڙي بهادر ۽ باشعور فرد جي ضرورت
هئي پر قدرت کي شايد ائين منظور نه هو ۽ سائين جو
۽ اسان جو 76 سالن جو ساٿ هڪ پل ۾ ٽُٽي پيو.
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
(شاهه)
غزل
جدائي گهڻو آهي جيءَ کي جلايو،
خدارا وطن ڏانهن واڳون ورايو.
ڪڏهن منهنجا ايوان آباد ٿيندا،
۽ چئبو ته اڄ محب مولا ملايو.
سندم دل ٿي واجهائي جنهن لاءِ هر دم،
نه تنهن کان سوا اڄ به آرام آيو.
وساري نه تنهن کي تون ڇڏجان اي سهڻا!
جو ويٺو آ تو لاءِ سڀ ڪجهه لُٽايو.
عجب آهي، افسوس ڇو ڪونه ٿيندو،
جو ڪاري ڪڪر آ قمر کي لڪايو.
بدلجي وري نيٺ اُن ڏي ئي وربو،
اٿئون عشق جنهن سان ازل کان اڙايو.
اچي اوچتو نيٺ صيّاد ٻيهر،
اڳي وانگي هي آشيانو جلايو.
محمّدصه،
امين کي نه اڄ، پر ڪڏهن کان
زبان تي رڳو تنهنجو ئي نام آيو.
(مخدوم محمد امين ’فهيم‘)
8سيپٽمبر 1956ع
1:12 رات- هالا
پيغامِ ’فهيم‘
ميرزا فياض علي بيگ
سنڌ ۾ سنڌيءَ جي مشهور مرثيه گو شاعر ميرزا ٻڍل
بيگ جو سندس پيڙهي بَه پيڙهي شاعر هئڻ بابت شعر
آهي:
پيءُ ڏاڏي کان هيءُ پيشو اسان جو هليو اچي،
پيڙهي بَه پيڙهي سخن جو سودو لڳو اچي.
انهيءَ شعر کي پڙهڻ کان پوءِ
جڏهن
سنڌ جي ايوانِ شاعريءَ ڏانهن نظر ڪجي ٿي، ته اسان
کي سنڌ جي ڪن خاندانن ۾ پيڙهي بَه پيڙهي شاعرَ ڏسڻ
۾ اچن ٿا. اهڙن ئي پيڙهي بَه پيڙهي خانداني شاعرن
جي سلسلي ۾ هالا جو مخدوم خاندان به صدين کان
ايوان شاعريءَ ۾ نمايان نظر اچي ٿو، جن جو سلسلو
مخدوم نوح عليہ الرحمة کان شروع ٿي، اڄ مخدوم جميل
الزمان ارڙهين سجاده نشين تائين پهتو آهي. هن
خاندان ۾ پشت بَه پشت شاعريءَ جو سلسلو هلندو اچي
۽ هر شاعر پنهنجي پنهنجي دؤر جو بهترين شاعر ٿي
گذريو آهي. انهيءَ سلسلي جي لڙهيءَ جو جناب مخدوم
طالب الموليٰ بي بها گوهر هو، جنهن شاعريءَ جي
ڪيترن صنفن تي طبع آزمائي ڪندي ايوان شاعري ۽ ادبي
ميدان ۾ وڏي مڃتا ماڻي ورتي ۽ اِهوئي سلسلو هلندي
اچي مخدوم
محمد امين ’فهيم‘ تائين پهتو، جنهن پڻ سياست سان
گڏوگڏ ايوانِ شاعريءَ ۾ سٺو نالو ڪڍيو.
مخدوم محمد امين، مخدوم طالب الموليٰ جو وڏو پُٽ
هو، جنهن هالا جهڙي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ مردم خيز
شهر ۾ 4- آگسٽ 1939ع تي جنم ورتو. پاڻ مخدوم طالب
الموليٰ جهڙي شفيق پيءُ ۽ يڪتاء زمانه شاعر جي گود
۾ پليو، سندس ڪَنن ۾ اذان کان پوءِ شاعري گونجڻ
لڳي ۽ سندس ڪنن تي شاعريءَ جا پڙلاءَ پوندا رهيا.
پوءِ جڏهن اڳتي هلي هيءُ ڪجهه وڏيرڙو ۽ سمجهه ڀريو
ٿيو، ته هيءُ به مشاعرن جي سايه ۾ اُسرڻ لڳو. هيءُ
اُهو زمانو هو، جنهن ۾ هالا کان علاوه سنڌ جي
ڪيترن ماڳن، مڪانن، ڳوٺن، واهڻن، وستين ۾ مخدوم
طالب الموليٰ جي زيرِ صدارت ڪيترين علمي ۽ ادبي
بزمن طرفان مشاعرا ٿيڻ لڳا. انهن ئي مشاعرن ۾
مخدوم محمد امين ننڍپڻ کان ئي پنهنجي والد سان گڏ
شريڪ ٿيندو هو، جتي هر شاعر جو شعر غور سان ٻڌندو
۽ هينئين سان هنڊائيندو رهيو.
مخدوم طالب الموليٰ وٽ سندن حيدرآباد ۽ هالن وارن
بنگلن ۾ هر وقت شاعرانه محفلون متل هونديون هيون،
جن ۾ اعليٰ پايه جا ڪُهنه مشق شاعر شريڪ ٿيندا
هئا. هر شاعر جو اندازِ بيان ۽ فڪر بي پرواز
پنهنجي هوندو آهي. مخدوم محمد امين جيڪو هميشه
انهن مشاعرن ۾ موجود هوندو هو ۽ اتي موجود شاعرن
جا شعر ٻڌندو ذهن نشين ڪندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾
ڪيترن شاعرن جي شعر هن کي متاثر ڪندي هن کي
شاعريءَ ڏي راغب ڪيو ۽ هن مخدوم طالب الموليٰ جو
هيءُ شعر پڙهي ميدان شاعري ۾ قدم رکيو:
شاعر ذهن جي احساس جو نالو آهي،
مون وڃي آهي ڏٺو حُسن بشر جي ويجهو.
مخدوم محمد امين سال 1953ع ۾ 14-15 سالن جي عمر
قريب جي هو، جو هن باقاعدگيءَ سان شعر چوڻ شروع
ڪيو ۽ ’امين‘ تخلص سان شعر چوڻ جي ابتدا ڪئي، پر
جيئن ته هن خاندان ۾ اڳ ٻه امين نالي ۽ تخلص سان
شاعر ٿي گذريا هئا، جنهنڪري مخدوم طالب الموليٰ
سندس تخلص ’فهيم‘ تجويز فرمايو. ان بعد هيءُ
ايوانِ شاعري ۾ مخدوم امين ’فهيم‘ سڏجڻ لڳو. محمد
امين نالي جي نسبت سان ’فهيم‘ تخلص موزون ۽ مناسب
ٿو لڳي. ڇاڪاڻ ته امين هميشه ’فهيم‘ هوندو آهي،
جيڪو پنهنجي صحيح حقيقي فهم مطابق امانتدار هوندو
آهي ۽ کيس سونپيل امانتون انهن جي حقدارن تائين
پهچائڻ جو فهم هوندو آهي. بلڪل انهيءَ طرح مخدوم
امين ’فهيم‘ پنهنجي اَبي، ڏاڏي کان وٺي، حضرت
مخدوم نوحرحه تائين جي بهتر روايات جو
پاسدار ۽ انهن جي علم و ادب، شعر و شاعري ۽ رشد و
هدايت جو حقيقي وارث ۽ امانتدار بڻجي انهن جي بي
بها علمي، ادبي اثاثي کي پنهنجي فهم و فراست سان
امين بڻجي سنڀاليندو ۽ ايوانِ ادب ۾ مشتهر ڪندو
رهيو.
مخدوم امين ’فهيم‘ جو فنٖ شاعريءَ ۾ استاد ڪامل
سندس والد محترم هو، جنهن کيس مڪمل طور فنٖ شاعري
۽ شعر چوڻ جي سِکيا ڏني ۽ پاڻ پنهنجي ذهانت ۽ محنت
سان فنٖ شاعري ۽ شعر چوڻ تي مڪمل دسترس حاصل ڪري
ورتي.
مخدوم امين ’فهيم‘ پنجاهه سالن کان به مٿي مخدوم
طالب الموليٰ جهڙي بهترين شاعر جي سايه ۾ گذاريا.
هتي پڙهندڙ خود اندازو لڳائين، ته جنهن شاعر
پنجاهه سال ’طالب الموليٰ‘ جهڙي اعليٰ پايه شاعر
جي سايه ۾ گذاريا هوندا ۽ ستٽيهه سال ان جي زير
نگراني شاعري ڪئي هوندي، ته پوءِ انهيءَ شاعر جي
شاعريءَ جي منزل ڪيڏي نه اعليٰ ۽ بلند و بالا
هوندي.
مخدوم امين ’فهيم‘ جو جيڪو مجموعو ڪلام ”پيغام“
نالي سال 1990ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي منظرِ
عام تي آيو، اُن ۾ ”تحرير خاص“ جي عنوان سان مخدوم
طالب الموليٰ جن لکن ٿا ته:
مخدوم امين ’فهيم‘ منهنجو وڏو فرزند، جنهن تي
منهنجي پڙڏاڏي مرحوم مخدوم امين محمد جو نالو رکيل
آهي، تنهنڪري اسين ۽ سروري جماعت توڙي اسان جو راڄ
کيس ”ڏاڏا سائين“ ڪري چوندا آهيون، مگر ٻاهرين
دنيا ۾ پاڻ مخدوم امين ’فهيم‘ جي نالي سان سڏبو
آهي، کيس به پنهنجي خانداني ورثي ۾ شاعري ملي آهي،
يعني مخدوم نوح سرور عليہ الرحمة شاعر هئا، سندن
پوٽو لاکو لطف الله به شاعر هو، ۽ ان کان پوءِ به
سروري خاندان ۾ ڪيترائي شاعر ٿي گذريا، جن مان ڪن
جو احوال مون پنهنجي تصنيف ’يادِ رفتگان‘ ۾ ڏنو
آهي.
مخدوم امين ’فهيم‘ صاحب امين 12 سجاده نشين پنهنجي
همعصرن ۾ سٺو شاعر هو، وري مخدوم غلام محمد 15
سجاده نشين به شاعر هئا ۽ تخلص مغموم هونِ، اهڙي
طرح آءٌ (طالب الموليٰ 16 سجاده نشين به پنهنجي
وقت جي سٺن شاعرن مان هڪ شاعر آهيان، امين ’فهيم‘
به پنهنجي هڪ جيڏن شاعرن ۾ سٺو شاعر آهي، سندس
ڪلام ۾ جديد ۽ قديم شاعري جو رنگ موجود آهي، جو
پڙهندڙ کي نهايت محظوظ ڪندو. پاڻ اڪثر غزل ئي لکيو
اٿس ۽ بهترين لکيو اٿس. مون کي هن ڳالهه تي خوشي
سان گڏ فخر به حاصل آهي ته پنهنجي وڏي فرزند امين
’فهيم‘ جي ڪلام جي مجموعي ’پيغام‘ تي ڪجهه لکيو
اٿم، دعائون ٿو ڪريان ته ”الله ڪري زور قلم خوب و
زياده“.
هاڻي جڏهن مخدوم طالب الموليٰ، مخدوم امين ’فهيم‘
کي بهترين غزل چوندڙ جي سَنَدَ عطا ڪري ڇڏي، ته
پوءِ هاڻي کيس ٻي ڪنهن شاعر يا اديب کان سٺي غزل
لکندڙ جي سَنَدَ وٺڻ جي ضرورت ئي نه آهي.
اُهو پُٽ ڪيڏو نه خوش نصيب هوندو، جنهن جي مجموعهء
ڪلام تي سندس والد پنهنجي نيڪ خيالات جو دعائن سان
اظهار ڪري. اُهو خوش نصيب پُٽ آهي مخدوم امين
’فهيم‘ ۽ دعاگو پيءُ آهي مخدوم طالب الموليٰ صاحب.
سال 1946ع ۾ مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي رباعين جو
ڪتاب ”رباعياتِ طالب“ نالي ڇپايو، جنهن ڪتاب کي
شايع ٿيندي اڄ 70 سال ٿيا آهن ۽ اُن جو ٻيو ڇاپو
سال 1990ع ۾ شايع ٿيو هو. سال 1946ع وارو ڇپيل
ڪتاب، مون کي پنهنجي انتهائي پياري بزرگ دوست
محبوب سروري عنايت فرمايو هو؛ سو تڏهن جڏهن آءٌ
رباعي تي ڪتاب لکي رهيو هئس ۽ پاڻ مون کي اهو ڪتاب
ڏنائون، جنهن ڪتاب تي سندس هٿ اکر هي دلچسپ شعر
لکيل آهي:
جڏهن منهنجي جنون ڳولي لڌو محب مِٺي
کي،
ناصح جا چپن ساڻ اتي ڏند
لڳي ويا. |
|
محبوب
10- جنوري 1953ع |
|
مخدوم صاحب ”رباعياتِ طالب“ پنهنجي فرزند مخدوم
امين ’فهيم‘ جي نالي منسوب ڪندي، هيٺ ڏنل دعائيه
اشعار ڏنا آهن:
منسوب هي اشعار آءٌ توسان ڪريان ٿو |
تون تن تي محمّد امين شل هوندي ڪمربند |
الله عطا توکي ڪري علم و ولايت |
پيغام عمل ساڻ وڃي تنهنجو ٿي پيوند |
هر چيز ۾ تون حُسن ازل جو ڏسين جلوو |
هر تلخئ دوران ۾ اچي توکي نظر قند |
تون پنهنجي خيالات تي هردم رهين قادر |
۽ عشق حقيقي جو هميشه هجين پابند |
تنهنجي نه نظر ارض و سما جي رهي محتاج |
اسبابِ جهان توڙي اچن تو اڳيان هر چند |
دل تنهنجي هجي دائما سرچشمهء اُلفت |
تسليم و رضا تي تون هميشه هجين خورسند |
جو ’طالب الموليٰ‘ کي آهي علم عطا ٿيو
الله ڪري تنهنجي به سيني ۾ اوهو بند. |
پيءُ جي دعا پُٽ لاءِ بارگاهه الاهي ۾ بيشڪ
مقبوليت جو درجو رکي ٿي. مٿيون شعر ان جو بَيّن
ثبوت آهي. ان شعر جو حرف بحرف وقت ايندي سچ ثابت
ٿيو، جو الله پاڪ مخدوم امين ’فهيم‘ کي علم و
ولايت عطا ڪيو، جيڪو پيغامٖ عمل سان پيوند ٿي چڪو
هو ته کيس هر چيز ۾ حُسن ازل جو جلوو ڏسڻ ۾ اچڻ
لڳو، پوءِ ته تلخئ دوران به کيس قند جو ذائقو
محسوس ٿيڻ لڳو. تڏهن ئي هي پنهنجي خيالات تي قادر
رهندي هميشه لاءِ حقيقي عشق جو پابند ٿي ويو، ته
پوءِ سندس نظر ارض و سما جي محتاج نه رهي، پوءِ
سندس آڏو ڪهڙا به سبب هجن تڏهن به پنهنجي دل دائما
سرچشمهء اُلفت ٿيندي هميشه تسليم و رضا تي خورسند
رهي ٿو. هاڻي آخر ۾ مخدوم صاحب دعا ٿو ڪري ته جيڪو
علم طالب الموليٰ کي عطا ٿيو آهي، الله ڪري ته اهو
تنهنجي سيني ۾ بند ٿئي. مخدوم صاحب جي اها دعا
بارگاهه الاهي ۾ اگهاڻي، جو سندس وارو علم الله
پاڪ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي سيني ۾ بند ڪيو،
جنهن علم جا فواره جڏهن ايوان شاعريءَ ۾ جاري ٿيا،
تڏهن انهيءَ علم جي فوارن حمد، نعت، غزل، ڪافي،
بيت وغيره جي صورت ۾ جيڪو پيغام ڏنو، سو ”پيغام“
جي صورت ۾ پڙهندڙن جي آڏو آهي.
مخدوم امين ’فهيم‘ جي ڪلام ۾ اهي سڀ شاعرانه
خوبيون نمايان آهن، جيڪي هڪ استاد شاعر جي ڪلام ۾
هئڻ گهرجن. سندس هر صنف وارو شعر متاثر ڪندڙ آهي.
هيءُ جڏهن حمد ٿو لکي، تڏهن حامد بڻجي پنهنجي
ممدوح جي شايانِ شان حمد ٿو لکي. وري جڏهن نعت ٿو
لکي، تڏهن اعليٰ نائت بڻجي حضور پاڪ جي اعليٰ شان
جهڙا اعليٰ اشعار رقم ٿو ڪري. وري جڏهن غزل ٿو
لکي، تڏهن جنهن طور طريقي سان غزل ايجاد ٿيو، جيڪو
عشقيه مضمون سان لاڳاپيل آهي، ان تحت بهترين انداز
۾ غزل ٿو لکي. غزل توڙي جو ايرانين جي ايجاد آهي،
جيڪا اڳئين دؤر ۾ فارسي جي ترڪيبن، استعارن، ڪناين
۽ الفاظن سان مُزين هوندي هئي، پر وقت آئي غزل نج
سنڌي شاعريءَ جي صنف بڻجي ايوانِ شاعريءَ ۾ پيهي
ويو. امين ’فهيم‘ جو غزل، ان سلسلي جي نمايان اهم
ڪڙي آهي، سندس غزل ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ کي متاثر ڪندڙ
آهي.
مخدوم امين ’فهيم‘ کي مون فقط هڪ ڀيرو روبرو ڏٺو ۽
غزل پڙهندي ٻُڌو؛ سو تڏهن جڏهن 27- جولاءِ 1974ع ۾
اسان جي امام بارگاهه علي آباد ٽنڊي آغا حيدرآباد
۾ مخدوم طالب الموليٰ جي ڏنل مصرع طرح: ”لڦون پئجي
ويون منهنجي زبان ۾“ تي سندن ئي صدارت ۾ مشاعرو
ٿيو، جنهن ۾ مخدوم صاحب پاڻ پنهنجي فرزندن سان گڏ
شريڪ ٿيا ۽ مشاعري ۾ پنهنجا پنهنجا طرحي غزل
پڙهيا. مخدوم امين ’فهيم‘ پنهنجو غزل پڙهيو:
نه بخشيو نيٺ دنيا جي رواجن |
وڃون پيا غرق ٿيو رسم جهان ۾ |
هٿن سان قرب جي ڪشتيءَ کي ٻوڙيم |
چوڻ چاهيم نٿي ڪنهن امتحان ۾ |
طريقو آهي ٿيندو پنهنجو پنهنجو |
سو فرق ايندو نظر هر مهربان ۾ |
رکو گلشن جي هر ڪا شيءِ سنڀالي |
اسان جو ڇا؟ اوهان جي گلستان ۾ |
محبت کي ڇڏيوسون فرق خاطر |
اهوئي عيب ظاهر ٿيو اسان ۾ |
ڇڏيو جهڙا سڄڻ تهڙائي آهيون |
ڪو فرق آيو نه ڪو ايندو اسان ۾ |
اسان جي پيار جون ڳالهيون ڪندو جڳ |
اسان جو تذڪرو ڪون و مڪان ۾ |
اسان جي پيار جي اڄ رسم قل آ |
ڪيون ٿم بجليون گڏ آشيان ۾ |
’فهيم‘ آهي تعجب هن جو مون کي |
اهو ٿي ويو نه هو جيڪي گمان ۾. |
مخدوم امين ’فهيم‘، مخدوم نوح عليہ الرحمة جي
گاديءَ جو سترهون گادي نشين هو ۽ هن وقت انهي
گاديءَ جو ارڙهون گادي نشين جناب مخدوم جميل
الزمان آهي، جيڪو پنهنجي والد ۽ ڏاڏي وانگر اعليٰ
پايهء جو شاعر ۽ اديب آهي. مخدوم خاندان، مخدوم
سرور نوح کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سڄي سنڌ ۽ هند ۾
مشهور، قابلِ عزت و احترام، وڏي مان ۽ مرتبي ۽ وڏي
مڃوتي وارو رهندو اچي. هن خاندان جي مريدن ۽ خادمن
جو تعداد نون لکن کان به وڌيڪ آهي. نون لکن مريدن
هئڻ سبب هي نَوَ لکي گودڙ سڏبي آهي. ايڏي وڏي گادي
۽ ايڏي تعداد ۾ مريدن ۽ خادمن جي مرشد ۽ گادي نشين
کي هر وقت پنهنجي مريدن جي مشڪلن ۽ مسئلن کي حل
ڪرڻ اَڪ جي ماکي لاهڻي ناهي. جڏهن ته مريدي خادمي
جي سلسلي ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ راڄن جا راڄ سندن مريد
آهن، جن وٽ شادين، غمين جي موقعن تي شريڪ ٿيڻ ۽
انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ هيءُ خاندان هميشه پيش
پيش رهندو آيو.
مخدوم نوح عليہ الرحمة کان مخدوم غلام محمد تائين
هن خاندان جو گهڻو ڌيان ۽ توجه رشد و هدايت مرشد ۽
مريدن جي وچ ۾ هلندو آيو. پوءِ وقت ڦريو، تڏهن
مخدوم غلام حيدر سياسي ميدان ۾ نڪري آيو ۽ قومي ۽
سماجي ڀلي خاطر ڪائونسل جو ميمبر به چونڊيو ويو.
هن هالا ۾ پرائمري ۽ هاءِ اسڪول کولايا. پوءِ اڳتي
هلي هالا ۾ ڪاليج پڻ کُليو. حيدرآباد جا ميمڻ
مخدوم خاندان جا مريد آهن، انهن ميمڻن مان
خانبهادر محمد صديق ميمڻ ۽ ٻين سنڌي مسلمانن مخدوم
غلام حيدر جي ڀرپور ساٿ سان ميمڻ محلي حيدرآباد ۾
زناني تعليم خاطر مدرسة البنات نالي اسڪول کوليو،
جنهن ۾ سنڌي مسلمانن جون نياڻيون تعليم حاصل ڪري
وڏي منزل ۽ وڏن عهدن تي پهتيون.
مخدوم خاندان جا اڳوڻا بزرگ وقت جي حساب سان صاحبٖ
علم و عمل هئڻ سان گڏوگڏ سياسي سوچ رکندڙ هئا.
جيڪي وڏا زمانه شناس هئا، پر سياسي چڪرن ۾ ڪونه
آيا. مخدوم غلام حيدر جي خواهش ۽ چوڻ تي مخدوم
طالب الموليٰ پاڪستان بڻجڻ کان اڳ عملي طور
باقاعده سياست ۾ حصو وٺڻ لڳو ۽ اليڪشن ۾ اميدوار
ٿي نامينيشن پيپر ڀري اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي سنڌ
اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو. پاڻ صفِ اول جو
بهترين عالي صفت، خوددار ۽ باهمت سياستدان جي
حيثيت ۾ سياسي ميدان ۾ ڪامياب ٿيو. سندس سياسي سوچ
هميشه اعليٰ ۽ بلند و بالا رهي.
اسڪندر مرزا ۽ جنرل ايوب خان هميشه مخدوم صاحب جي
حُسنِ اخلاق، بهتر سياسي بصيرت جا معترف هوندا
هئا، هنن جي ڏينهن کان ئي ذوالفقار علي ڀٽي جا
مخدوم صاحب سان دوستاڻا تعلقات هوندا هئا.
ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن پنهنجي الڳ پارٽي ”پيپلز
پارٽي“ نالي ٺاهي، تڏهن اُن ۾ مخدوم طالب الموليٰ
جهڙي اعليٰ شخصيت، بهترين سياستدان ۽ وڏي هلندي
پڄندي ۽ اٿي ويٺي جي مدِنظر ان جي پي پي ۾ شموليت
ضروري ڄاڻي، کيس ان پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش
ظاهر ڪئي. جيئن ته مخدوم صاحب سياسي ساڃاهه رکندڙ،
وڏو زمانه شناس ۽ ايندڙ وقت جي پرک رکندڙ هو، جنهن
ڀٽي صاحب جي ان آڇ کي قبول ڪندي پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. سال 1970ع ۾ ملڪ ۾
چونڊون ٿيون، پاڻ قومي سيٽ تان اميدوار بيٺو ۽
ڪامياب ٿيو ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ ميمبر منتخب ٿيو.
گڏوگڏ سڄي پاڪستان ۾ پي پي جو نائب صدر چونڊيو
ويو، جنهن عهدي تي پي پي جي حڪومت تائين رهندو
آيو.
سال 1977ع ۾ ڀٽي صاحب جي حڪومت پنهنجي پڄاڻي تي
پهتي ۽ ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ٿي فوجي راڄ قائم ٿيو.
سڄي ملڪ ۾ ٽاڪوڙا پئجي ويا، ڪيئي سياسي سهاسيسون
سسائيندا لڪندا وتيا. 1977ع کان 2016ع تائين هڪٻئي
پويان ڪيئي حڪمران آيا ۽ پنهنجو وارو وڄائيندا
ويا، انهن سڀني حڪمرانن جي هر دؤر ۾ اِهائي منشا
هئي ته مخدوم خاندان وارا سندن حڪومت ۾ شامل ٿين.
جنهنڪري هنن جي فردن کي وڏن وڏن عهدن ۽ اعليٰ
منصبن جون لالچون ڏنيون ويون ۽ وزارتن ۽ وڏ وزارت
(وزيراعليٰ) تائين جا ڏٽا ۽ دم دلاسا به ڏنا ويا،
ته جيئن هُو پيپلز پارٽي کي ڇڏي سندن ساٿ ڏيئي
سندن حڪومت ۾ شامل ٿين. پر هنن انهن عهدن، منصبن ۽
ڪرسين ڏي کاٻي اک به کڻي نه ڏٺو ۽ انهن کي ٺوڪرون
هڻندي انڪاري جواب ڏنو. ڄڻ نَوَ لک گودڙي جي مالڪن
جي نه کي، نَوَ ڪوٽ اچي ويا.
وقت آئي ڪيئي وڏا وڏا نامور پي پي تان جان قربان
ڪرڻ جا دعويدار وزير، سفير، مير، پير، سيد بلڪ
ڏهيسر پي پي کي ڇڏيندا، پي پي جي سربراهه ڀٽي
خاندان کان منهن موڙيندا ويا، پر مخدوم خاندان
جيئن پيپلز پارٽيءَ جي پليٽ فارم تي پير رکيو،
تيئن آخري دم تائين ان تي ثابت قدم رهي قدم ڄمائي
بيٺا رهيا ۽ هڪ قدم به پٺتي نه هٽيا. حڪام وقت
جڏهن ڏٺو ته هيءُ خاندان وڏين لالچن ڏيڻ جي باوجود
به پنهنجي قول ۽ فعل تي قائم رهندو اچي ۽ هي نه پي
پي کي ٿا ڇڏين ۽ نه ئي ان جي سربراهن جو ساٿ ٿا
ڇڏين، تڏهن حڪمران وقت ڪنهن حد تائين جبر ۽ ڏاڍ
واري راهه اختيار ڪرڻ چاهي، پر جيئن ته هن خاندان
جي هر فرد جو دامن داغدار نه هو ۽ هٿ به بلڪل صاف
سٿرا هئا، جنهنڪري حڪمران ٻي واهه نه ڏسي وقتي سور
پي ماٺ ڪري ويندا هئا.
جيئن مخدوم خاندان پي پي کان علحدگي اختيار نه
ڪئي، تيئن پي پي جا ٻيا به ڪيترائي ڪارڪن پيپلز
پارٽيءَ جي پليٽ فارم تي پي پي جا پلاند مضبوط
جهلي بيٺا. اهڙن پي پي جي جانبازن ڪارڪنن ۾ سيد
قائم علي شاهه، پير مظهرالحق، مولا بخش چانڊيو ۽
ٻيا اڄ به پي پي جي پلاند کي مضبوط جهليو اچن ۽
هميشه پي پي جو جهنڊو هٿ ۾ کڻي پاڪستان پيپلز
پارٽي زنده باد، ذوالفقار علي ڀٽو زنده باد،
بينظير ڀٽو زنده باد جا فلڪ شگاف نعرا هڻندا، پي
پي کي پاڪستان جي پاڪ سرزمين تي تادير قائم رکڻ
خاطر جان جي بازي لڳائي ڪوششون ڪندا اچن.
محترم امين ’فهيم‘ سال 1970ع واري اليڪشن ۾ صوبائي
ٽڪيٽ تي اميدوار هو ۽ اليڪشن ۾ کيس ڪاميابي حاصل
ٿي. پاڻ اليڪشن کٽي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبر منتخب
ٿي آيو ۽ ان بعد مخدوم صاحب مڪمل طور سياسي ميدان
۾ گامزن ٿي ويو.
مخدوم امين ’فهيم‘ اڳيان، سڪندر مرزا، جنرل ايوب
خان، جنرل يحييٰ جي حڪومت وارا دؤر سامهون هئا،
وري ذوالفقار علي ڀٽي واري دورِ حڪومت جا ڏينهن به
نظر ۾ هيس. انهيءَ سڄي دؤر ۾ هن ڪيئي سياسي لاها
چاڙها ڏٺا، وري جنرل ضياءُالحق جو يارهن ساله دؤر
جيڪو جبر ۽ ڏاڍ وارو دؤر هو. وري بينظير جو دؤرِ
حڪومت آيو، ان جي حڪومت کي ختم ڪري نيون چونڊيون
ڪرايون ويون، هاڻي دؤر آيو نواز شريف جو، جلدي ان
جي حڪومت جو به خاتمو باالخير ٿيو ته وري حڪومت
بينظير جي قائم ٿي، جيڪا دائم رهي نه سگهي، ترت
اُها پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي ته وري نواز شريف جي
حڪومت آئي، جنهن جي حڪومت کي ان وقت جي جنرل مشرف
پڄاڻي تي پهچائي پاڻ ملڪ جو صدر بڻجي، صدارت جي
ڪرسيءَ تي براجمان ٿي، ڏهن سالن کان به مٿي حڪومت
ڪندو رهيو، هن جي ئي دؤرِ حڪومت ۾ محترمه بينظير
ڀٽو جامِ شهادت نوش ڪري وڃي جنت الفردوس ۾ جائگير
ٿي: آسمان هن جي لحد تي شبنم افشاني ڪئي... انهيءَ
سڄي عرصي ۾ مخدوم امين ’فهيم‘ اڳيان ڪيئي تلخ و
شيرين ڪڙا مٺا موقعا ايندا رهيا، جيئن ته کيس اڳ
ئي اهڙن ڪڙن مٺن موقعن جا تجربا هئا، جنهنڪري هي
اهڙن موقعن تي، نه مايوس ٿيو ۽ نه دل شڪسته ٿي همت
هاري سياست کان ڪناره ڪش ٿيو.
مخدوم امين ’فهيم‘ تمام انتهائي گهري سوچ رکندڙ
سياستدان هو، جنهنڪري هن جو محترمه بينظير ڀٽو جي
ٻنهي حڪومت واري دؤر ۾ ان سان مڪمل ساٿ رهيو،
ايستائين جو محترمه جي شهادت ويل به ان سان گڏ ئي
گڏ رهيو.
مخدوم امين ’فهيم‘ ٻئي اليڪشنون صوبائي ۽ قومي
ڪاميابيءَ سان کٽيون، پاڪستان ۾ 2008ع ۾ چونڊون
ٿيون. چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي ۽
ملڪ جو صدر آصف علي زرداري ٿيو، تڏهن عام خيال
اِهو ڪيو ويو ته زرداري صاحب، مخدوم امين ’فهيم‘
کي مرڪز ۾ وزيراعظم ڪندو، پر جڏهن يوسف رضا گيلاني
پاڪستان جو وزيراعظم مقرر ٿيو، تڏهن ماڻهن ۾ اهو
تاثر ۽ سندن خيال هو ته هاڻي مخدوم امين ’فهيم‘ پي
پي کي خيرآباد چئي، پي پي کان علحدگي اختيار ڪندو.
پر ماڻهن ڏٺو ته مخدوم صاحب تي ان جو ذرو به اثر
ڪونه پيو، ۽ هن نه صبر جو دامن هٿان ڇڏيو ۽ نه ئي
شڪوه شڪايت ڪئي. ڇاڪاڻ جو هن ڄاتو پي، ته سندس
خاندان جي حيثيت، عزت و عظمت ۽ ناموري اڳيان وزارت
عظميٰ ڪابه حيثيت نٿي رکي، ڇاڪاڻ جو پاڻ جنهن
گاديءَ جو ارڙهون گادي نشين آهي، ان کي پاڪستان ته
ڇا، پر پوري دنيا جي بادشاهي ملي، ته اها به ان
گاديءَ جي اڳيان ڪابه حيثيت نٿي رکي. جنهنڪري پاڻ
پنهنجي موقف تي قائم رهيو ۽ ڪنهن به موڙ تي مصلحت
پسندي مفاهمت پاليسي اختيار نه ڪئي ۽ نه ئي پي پي
جي پلاند مان هٿ ڪڍيا ۽ نه وري محترم آصف علي
زرداري جو ساٿ ڇڏيو.
سياسي ميدان هميشه خاردار رهيو آهي ۽ سياست کي
ڪنڊن ڀري سيج تصور ڪيو ويندو آهي. سياسي ميدان
جنهن ۾ چؤطرف ڪنڊا پنهنجون نوڪدار نوڪون ڪڍيو بيٺا
هوندا آهن، پوءِ جيڪو سياستدان ان واديءَ ۾ آيو،
ته ان کي انهن ڪنڊن جون نوڪدار نوڪون رهڙون ڏيئي
رتو ڇاڻ ڪري ڇڏينديون، پوءِ اهڙي خاردار واديءَ
مان پنهنجي دامن ۽ هٿن کي بچائي صحيح سلامت نڪرڻ
لاءِ وڏي باهمت پُرعزم دلير ماڻهو جو ڪم آهي.
هتي بيشڪ مڃڻو پوندو ته انهيءَ خاردار وادي مان
مخدوم امين ’فهيم‘ پنهنجي دامن ۽ هٿن کي انهن ڪنڊن
کان بچائي ڪاميابي و ڪامراني سان نڪري پار پيو.
جيئن ته سياستدانن جي مٿان هميشه سورن جو سج سايه
فگن هوندو آهي، جيڪو سياستدان کي پنهنجي تپش جي
سيڪ سان ساڙيندو رهندو آهي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مخدوم
امين ’فهيم‘ کي وقت جا وڏا وڏا لات و منات و عزا
ته جهڪائي نه سگهيا، جو هر وقت سندس زبان تي
”سرداد نه داد دست در دست يزيد“ جي صدا هوندي هئي،
پر افسوس جو پنهنجي پارٽي وارن ئي سورن جي سج جي
روپ ۾ هن کي وقت به وقت اهڙا ته سيڪ ڏنا، جي هن جي
همت، دليري ۽ خودداريءَ کي ته پست نه ڪري سگهيا،
پر اهي جان ليوا ضرور ثابت ٿيا ۽ هيءُ سونهاري سنڌ
جو سپوت هميشه جي لاءِ سنڌ جي مردم خيز زمين ۾
سمائجي هميشه هميشه لاءِ امر ٿي ويو: خدا رحمت ڪند
اين عاشقان پاڪ طنيت را...
آسمان ان جي قبر تي شبنم افشاني ڪري، جنهن
جي دم ئي موج هئي آڻي ڇڏي مهراڻ ۾.
پيغامِ فهيم
خدا جي بارگاهه ۾ سندس ناچيز بندي جي التجا:
ياخدا! او مهربان!! منهنجا خدا!!!
منهنجا خدا!!!!
پنهنجي هڪ ناچيز بندي جي به سڻ اڄ
التجا |
مان پريشان حال آهيان ڪر کڻي منهنجي
مدد |
تو سوا ڪنهن ڏي مان ڪاهيان ڪر کڻي
منهنجي مدد |
ڇا ڪجي ٻي واٽ ڪانهي ڪا رهي توکان سوا |
مان نه پنهنجي وس رهيس مون تي ئي
پنهنجو وس هلاءِ |
ڪين تون پنهنجي ڪِنن ڪوجهن تان ٻيو
ڪوئي کلاءِ |
مهر سان مالڪ مٺا! پنهنجي ’امين‘ جي
سڻ سدا. |
صدائي فهم بارگاهه رسالت ۾:
محمّد تنهنجي مي جو مان ٿيس ميخوار
بسم الله |
ڀري ساقي پيالي تي پيالو پيار بسم
الله |
شرابِ عشق عربي اڄ پياري مست ڪر اهڙو |
هجي جنهن جو مون کي هردم نشو نروار
بسم الله |
هئو مشڪل مگر تنهنجي اچڻ کان پوءِ
آسان ٿيو |
ڏسي توکي لهي ويڙا غمن جا بار بسم
الله |
سڳوري رات سونهاري ۽ هئي ڪا مهل
موچاري |
ڪيم جنهن رات تنهنجو خواب ۾ ديدار بسم
الله |
’امين‘ مشڪل اچي ڪوئي ته پڙهه صلوات
سيد تي |
غم و اندوه مان ٿي ويندا ٻيڙا پار بسم
الله |
--*-- |
دلاسو دردمندن لئي ’امين‘ عربي جو
ڪافي آ |
اڳيان محبوب مرسل جي سندم مشڪل به
ڪجهه ناهي |
--*-- |
خدا جو قسم مصطفيٰ ياد آيو |
جڏهن مون کي شانِ بشر ياد آيو |
--*-- |
مون کي دنيا جا سهارا ڪين ٿا گهرجن
’امين‘ |
پنهنجي ڪارڻ آهي هڪڙو احمد مختار بس |
--*-- |
جلدي گهراءِ مون کي مديني ڏي يا نبي |
مون کي ڪراءِ پنهنجي زيارت وري وري |
تنهنجي ئي نام جو آ سدا طالبو ”فهيم“ |
توکي آ تنهن غريب جي پارت وري وري |
گلشنٖ غزل ۾ ’فهيم‘ جو پيغام:
آهيان اي يار دست بَه دامان ڪڏهن ڪڏهن |
آخر وڃو وَسايان بيابان ڪڏهن ڪڏهن |
هن لئي سدائين آءٌ پريشان ٿو رهان |
مون لئي به هو ٿئي ٿو پريشان ڪڏهن
ڪڏهن |
جو دست چاڪ ٿو ڪري دامن کي اي ’فهيم‘ |
سوئي بچائي ٿو وٺي دامان ڪڏهن ڪڏهن. |
--*-- |
اڄ ڪجن سي جرم جن تي خوب جرمانه هجن |
۽ سڀاڻي هر زبان تي جن جا افسانه هجن |
فڪر ڪهڙو حال جي ڪنهن جا فقيرانه هجن |
دل هجي زنده انهيءَ سان شوق شاهانه
هجن |
شل وري اهڙو اچي ڪو انقلابِ خوشگوار |
ڇوٽ ميڪش پيا گهمن ۽ قيد مولانه هجن. |
--*-- |
اڃا ان جي اڳيان اي يار ليلائڻ نٿو
ڄاڻين |
رُٺل کي رمزن سان ريبي تون ريجهائڻ
نٿو ڄاڻين |
نه آهي جاءِ حجت جي مان ڪيئن گستاخ ٿي
چوندس |
رسائڻ خوب ڄاڻين ٿو ۽ پرچائڻ نٿو
ڄاڻين |
’فهيم‘ آهين ڏکويل ڇو انهيءَ جي ڪنهن
کي ڪل ڪانهي |
۽ تون پڻ پنهنجي حالت ڪنهن کي سمجهائڻ
نٿو ڄاڻين. |
--*-- |
اي دوست! حياتي ڪو ڳجهو راز نه آهي |
هي آهي اهو دم، جو سدا ساز نه آهي |
اڄ هر ڪو پکي عرش تي پهچڻ جي ڪري ٿو |
افسوس جو ميدان ۾ شهباز نه آهي |
جو سنگ در يار تي سجدي ۾ ڪِري پيو |
سو ڪيئن ٿا چئو واعظو! حق باز نه آهي. |
’بزمٖ خليل‘ طرفان مصرع طرح ”هي سرمد و منصور جو
آواز نه آهي“ ڏنل هئي، جنهن طرح تي مخدوم امين
’فهيم‘ مٿيون غزل چيو آهي. پر مصرع طرح تي نه گره
لڳايل آهي، نه ئي غزل جو مقطع ڏنل آهي ۽ نه وري
مخدوم صاحب اِهو غزل ’بزمٖ خليل‘ جي مشاعري ۾
پڙهيو هو.
چڱو جو واعظ بي پير نڪتو |
هي منهنجي آهه جو تاثير نڪتو |
هزارين ٿي ويا بسمل گهڙي ۾ |
نگاهِ ناز ٿي هڪ تير نڪتو |
اڃا خط مس پڙهي پورو ڪيو مون |
اچي خود صاحبِ تحرير نڪتو |
’فهيم‘ آخر محبت راهبر ٿي |
وڃي منزل تي اڄ ره گير نڪتو. |
--*-- |
رڳو ساقي! تون هل مون سان ميخانا لڀي
پوندا |
کڻي ڏس هڪ نظر ڪَيئن تنهنجا مستانا
لڀي پوندا |
جي دربارِ صنم ۾ گهرج ٿي نذرِ عقيدت
جي |
ته مون جهڙن جا سر سهڻي جا نذرانا لڀي
پوندا |
ڪجي آدم شماري چار سُو جي دور حاضر ۾ |
ته سَوَ ميخوار ۽ ڪي چار مولانا لڀي
پوندا. |
--*-- |
گهڻو دلبر لڪئين ليڪن ڏسڻ وارن ڏسي
ورتو |
رخِ انور اي سهڻا نيٺ مون پارن ڏسي
ورتو |
لڪي شبنم کان بلبل کان ۽ ڀنؤرن جي
نگاهن کان |
سنگيهم خوشبو گلِ تر جي مگر خارن ڏسي
ورتو |
نمازِ عشق ۾ هڪڙي جي بدران سَوَ ڪيم
سجدا |
پراهن ڪونه تاڙيو مون کي ڀر وارن ڏسي
ورتو. |
--*-- |
محفل جو مير مرتبت اعليٰ اچي پيو |
اڄ باادب ٿي بيهو معليٰ اچي پيو |
گلشن کي حڪم ٿيو ته سڀئي گل ٽِڙي پون |
مولا ڏٺو ته طالبِ موليٰ اچي پيو |
جنت منجهان شرابِ طهورا کڻي اچو |
اڄ ميڪده ۾ طالبِ الموليٰ اچي پيو |
گهر منهنجو رشڪِ جنتٖ فردوس ٿو لڳي |
مون وٽ رهڻ لئي طالب المولي اچي پيو. |
شان وطن:
وطن پرست آهيون وطن اسان جو شان آه |
وطن اسان جي زندگي وطن اسان جي جان آه |
وطن جو ذرو ذرو ڄڻ اسان لئي آسمان آه |
وطن تان سر ڪريون فدا اهو اسان لئي
مان آه |
--*-- |
اسين مٿس ٿيون فدا اسان کي ٿو وطن وڻي |
مجال ڪنهن کي آهي جو انهيءَ ڏي بدنظر
کڻي |
عدؤ جو سر وڍي وجهون اسان سان جي ڪلهو
هڻي |
اسان کان جو کٽي هلي نه ڪنهن ڄڻيو نه
ڪا ڄڻي |
--*-- |
خاڪ تنهنجي کي چمڻ لئي آسمان جهڪندو
رهي |
شمس پڻ هر روز سڪ ۾ بي گمان جهڪندو
رهي |
مهربان جهڪندو رهي نامهربان جهڪندو
رهي |
تنهنجي هستي جي اڳيان سارو جهان
جهڪندو رهي |
اي وطن اي جان من اي غيرت هفت آسمان
توتان صدقي مال دولت توتان قربان جسم
جان. |
مخدوم امين ’فهيم‘ جو ڪلام پهرين پهرين محبوب
سروري جي مرتب ڪيل ڪتاب ”يار خاطر“ ۾ ڇپيو. وري
جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ”مهراڻ“ رسالي جو ’شاعر نمبر‘
شايع ڪيو، ته ان ۾ مخدوم صاحب جو ڪلام ڇپيو هو، سو
پڙهي سندس غزل گوئيءَ جو دل ئي دل ۾ داد ڏنم، ته
واقعي هن غزل، غزل جي پوري لوازمات تحت لکيو آهي،
نه فارسي جي فرحي تي ويهي اِنڊا ڀريا آهن. امين
’فهيم‘ جو هر غزل قابلِ داد آهي. هتي هڪ ڳالهه
لکي، آءٌ پنهنجي ليک جي پڄاڻي ڪريان.
مون جناب مخدوم طالب الموليٰ جي غزلن جو ديوان
مڪمل طور حرف به حرف پڙهيو آهي، وري سندن فرزند
جناب مخدوم امين ’فهيم‘ جا ”پيغام“ ۾ غزل پڙهيا
آهن، ته وري ان جي فرزند محترم مخدوم جميل الزمان
’جميل‘ جا غزل به ”اُتر لڳا آءُ پرين“ ۾ پڙهيا
آهن، اهڙي ريت ٽن پيڙهين جا غزل منهنجي مطالع ۾
آيا آهن، ٽنهي جي غزلن جي رواني اسلوبِ بيان ڏاڍو
متاثر ڪندڙ آهي. |