سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-3\2016ع

باب:

صفحو:5 

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جون ساروڻيون

 

 

 

 

مدد علي سنڌي

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ سان منهنجي تفصيلي ملاقات 27- جون 2014ع تي هالا شهر ۾ ٿي هئي، سندن ننڍي ڀاءُ مخدوم نويدالزمان جي وفات تي پاڻ دبئي مان هالا آيل هو، آءٌ به تعزيت لاءِ هالا پهتو هوس. ٻاهر اڱڻ ۾ مخدوم حبيب الله سندن فرزند وڏي هجوم ۾ ويٺو هو، فاتح پڙهي. ڪجهه دير بعد آءٌ هن کان موڪلائي ٻاهر نڪتس ته سامهون مخدوم ڊاڪٽر رفيق الزمان نظر آيو، هن سان وڌي وڃي مليس. پاڻ ٿورو مڃي، چيائين: ”ڇو ”قبلا سائن“ سان ڪونه ملاقات ڪندؤ ڇا؟ هن جو اشارو مخدوم محمد امين ’فهيم‘ ڏانهن هو. مون ها ڪئي ته يڪدم سروري جماعت جي هڪ رڪن کي سڏي چيائين ته: ”بابا! سائين کي مخدوم صاحب وٽ وٺي وڃو“، آءٌ هن سان گڏ سامهون ورانڊي مان ئي هڪ هال جو در کولي اندر ٿيس ته سامهون وڏي هال ۾ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ ويٺل هو، ٻيا به ڪيترا ماڻهو موجود هئا، مون کي ڏسي پاڻ اٿي بيٺو ۽ مون سان ڀاڪر پائي پنهنجي ڀر ۾ هڪ ڪرسيءَ تي ويهاريو.

حسبِ معمول، ڪچهري شروع ٿي. سندس سوال هو ته ڇا پيو ٿئي سياست ۾؟ مون جواب ڏنو، قبلا سياست ۾ اوهان کان وڌيڪ اصلوڪين حالتن جي ٻئي ڪنهن کي خبر هوندي، اسين به ڏسون پيا. ايتري ۾ سيد ذوالفقار شاهه ڄاموٽ جو فرزند سيد علي ڄاموٽ پنهنجن ساٿين سان فاتحه لاءِ آيو. هن دعا لاءِ هٿ کنيا ۽ پوءِ مخدوم صاحب کان مون موڪلائڻ چاهيو ته هن مهرباني ڪري مون کي چيو: اوهان ويهو. علي ڄاموٽ به ڪجهه گهڙيون ويهي هليو ويو ۽ ڪجهه رش به گهٽ ٿي ته پاڻ چيائون، ”اوهين به صحافي آهيو، سياست تي گهري نظر رکو ٿا، ڇا ٿا سمجهو؟“ مون جواب ۾ عرض ڪيو، ”قبلا سائين عرض آهي ته سياست هڪڙي سماجي سائنس آهي، اها ماڻهن جي عام ڀلائين لاءِ هئڻ گهرجي، ماڻهن جون وڏيون اميدون ٿين ٿيون ۽ حڪومتن جي بهتر حڪمراني (Good Governance) جو نه هئڻ، وڌندڙ دهشتگردي ۽ ٻيون اوڻايون ڪو سٺو مستقبل نه پيون ظاهر ڪن.“

پاڻ اهو ٻڌي ماٺ ٿي ويو، پوءِ چيائين، ”اوهين گهڻي قدر صحيح آهيو، يقينن ائين ئي ٿيڻ گهرجي.“

ان وچ ۾ مون کين عرض ڪيو ته، مخدوم صاحب توهين پاڪستان جي سياست ۾ هڪ وڏي عرصي کان اهم رهيا آهيو، اوهان فيلڊ مارشل ايوب خان جو دور ڏٺو، پنهنجي والد سوڌو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان به گڏ رهيا، پوءِ جنرل ضياءُالحق جي مارشل لا ۾ شهيد محترمہ بيظير ڀٽو جا ساٿي رهيا، اوهين مهرباني ڪري پنهنجون يادگيريون Memoirs لکو، ان سان پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ شاندار ڪتاب، ماڻهن آڏو اچي ويندو.

پاڻ ٻه ٽي منٽ چپ رهڻ کان پوءِ چيائين ته: ”ڳالهه اوهان جي تمام سٺي آهي، پر لکڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي!“

مون چيو ته، پوءِ سائين مهرباني ڪري ٽيپ رڪارڊ تي يادگيريون رڪارڊ ڪرايو بعد ۾ انهن کي Transcribe ڪرائي اتاري، پنهنجي نظر مان ڪڍو ۽ آخر ۾ ڪنهن اداري کان اهو ايڊٽ ڪرائي ڇپرائڻ گهرجي. مون کين عرض ڪيو ته مثال طور: فيلڊ مارشل ايوب خان به پنهنجون يادگيريون رڪارڊ ڪرايون هيون، جن کي پوءِ الطاف گوهر Friends Not Masters (فرينڊز ناٽ ماسٽرز) جي نالي سان ڇپرايو هو. پاڻ کلي چيائون ته: ها اهو ڪتاب مون ڏٺو هو، پر ڇا ڪجي، ڪيتريون ڳالهيون ڏاڍيون تلخ آهن. وري به اوهان جي صلاح تي ضرور غور ڪبو!

مون چيو: مثال طور اوهين 27- ڊسمبر 2007ع تي محترمہ شهيد بينظير ڀٽو سان ان گاڏيءَ ۾ گڏ هئا، اهو به انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو اوهان جي روبرو ٿيو. منهنجي ان ڳالهه تي پاڻ ڪوبه جواب نه ڏنائون ۽ خاموش ٿي ويهي رهيا.

ان وچ ۾ سردار ممتاز راهو به آيو. کيس ڏسي مون کان پڇيائون، ”مدد صاحب! اوهان جو دوست سردار مشتاق احمد راهوءَ سان ڪو رابطو ٿئي ٿو يا نه“؟

مون عرض ڪيو: جي سائين، مشتاق صاحب آمريڪا آهي، ساڻس ڪڏهن رات جو دير سان فون تي ڳالهه ٻولهه ضرور ٿيندي آهي. وڌيڪ اوهان کي سندن ڀاءُ ممتاز راهو ٻڌائيندو. پاڻ کلي چيائون، ”برابر ممتاز صاحب ته اسان جو پنهنجو آهي. ان وچ ۾ گهڻي دير ٿي وئي هئي، مون اٿي موڪلايو، چيائون ”اوهان جي وڏي مهرباني توهان سدائين ڏک جي مهل اسان وٽ ضرور ايندا آهيو، ماني کائي ضرور وڃو.“ مون کانئس معذرت ڪئي ۽ ٻڌايم ته گاڏي مقبول راهو کان وٺي آيو آهيان، کيس جمعي جي نماز کان پوءِ واپس ڪرڻي آهي، انڪري اوهان کان موڪلايان ٿو، ائين چئي آءٌ ٻاهر نڪتس.

جمعي جو ڏينهن هو، ٻاهر ڏاڍي رش هئي ۽ گرمي به تمام گهڻي هئي. رستي ۾ ايندي مون کي مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جون ڪيتريون يادگيريون ذهن تي تري آيون هيون.

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ سان منهنجي شروعاتي ملاقات، غالباً سال 1981ع ۾ ٿي هئي. قبلا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سان نيازمندي هئي، ان ڪري جڏهن به پاڻ حيدرآباد پنهنجي لطيف آباد يونٽ نمبر-3 واري بنگلي تي ايندا هئا، تڏهن آءٌ حيدرآباد ۾ روزاني ”سنڌ نيوز“ جو ايڊيٽر هوس، حاجن فون تي ٻڌائيندو هو، قبلا سائين اوهان کي ياد پيا ڪن! ۽ پوءِ آءٌ به سمورا ڪم ڪار ڇڏي وڃي شام جو مخدوم صاحب سان ملاقات لاءِ پهچندو هوس. وٽن ڪچهري گهڻو ڪري فرش تي ٿيندي هئي، اتي ئي ويٺا هئاسين ته مخدوم امين ’فهيم‘ ساڻن ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو، شايد ڪراچي وڃڻو هو. مخدوم صاحب يڪدم منهنجو تعارف ساڻس ڪرايو ۽ پوءِ چيو ته مدد علي اسان جي خانداني لڳ لاڳاپن وارو اَٿوَ، مرحوم ممتاز قريشي جو ننڍو ڀاءُ آهي. مخدوم امين ’فهيم‘ چيو ته: ها هوٽل ”سائينجيز“ ۾ ممتاز صاحب ۽ يوسف ٽالپر وارن سان گهڻيون ڪچهريون ٿينديون هيون. پوءِ مخدوم صاحب کيس ٻڌايو ته مرحوم گل حسن قريشي (مالڪ قيصر سئنيما) جو ماسات به اٿوَ! اوهان کي ضرور ياد هوندو ته اسين سندس وفات تي الهندي ڪچي ۾ سندس گهر فاتحه لاءِ هليا هئاسين. مون کي چڱي طرح ياد آهي اوهين بعد ۾ سندس والده سان ملاقات لاءِ گهرجي اندر هليا هئا! مخدوم امين ’فهيم‘ ياد ڪندي چيو هو.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي يادگيري توڙي سندن ڳالهيون ٻڌي آءٌ به ماضيءَ جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويو هوس. ڪجهه دير کان پوءِ مخدوم امين ’فهيم‘ موڪلائي ڪراچي روانو ٿيو هو. اوچتو قبلا مخدوم صاحب پڇيو هو: ”اوهان کي يادگيري آهي، مرحوم گل حسن بابت؟“

چيو هوم: قبلا سائين! ادا گل حسن اسان جو آئيڊيل ماسات هو، بلڪ اسان جا نالا به هن رکيا هئا. هڪ انتهائي سخي مرد، دل جو ڪشادو نوجوان هو، سندس وفات جو زمانو مون کي ياد آهي. پاڻ ڪراچيءَ ۾ اسان جي وڏي ڀاءُ ممتاز کي انٽرنيشنل فيئر ڏيکارڻ ويو هو، اتي نمائش جي آخري رات هڪ سپاهيءَ خبر ناهي ڪهڙي جنون ۾ اچي ميلي ۾ آيل ماڻهن جي هجوم تي ٿري ناٿ ٿري جي فائرنگ ڪئي هئي. ان سپاهيءَ جي هڪ گولي هن کي ڪلهي مان آرپار لنگهي وئي هئي. هُو ڪراچي جناح اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾ هڪ مهينو حيات هو ۽ هڪ مهيني کان پوءِ اسپتال ۾ رات جو گذاري ويو هو. اها ڳالهه 21- ڊسمبر 1962ع جي آهي، کيس گولي 20- نومبر 1962 تي لڳي هئي.

اسين ننڍا هئاسين، 21- ڊسمبر تي رات جو 12 وڳي هِن جي تدفين ٿي هئي، وفات وقت هن جي ڄمار فقط 33 ورهيه هئي ۽ اوهين غالباً ٻئي ڏينهن هن جي گهر تعزيت لاءِ آيا هئا. ياد ان ڪري به اٿم جو اوهان مرحوم جي والده سان ملاقات جي خواهش ڏيکاري هئي، جنهن جي ڪري اتي ويٺل عورتن کي ٻئي ڪمري ۾ موڪليو ويو هو. اوهان سان ملاقات مهل هن جي والده جا سڏڪا مون کان اڃان به نه وسري سگهيا آهن. مخدوم صاحب اهو ٻڌي چيو هو، اوهان جي طبيعت ۾ تحقيقي عنصر شامل آهي، دراصل، مرحوم گل حسن ۽ منهنجي والده جو گدوبندر حيدرآباد وٽ رهائش کان وٺي پاڻ ۾ ڀينرن جهڙو رستو هو، آءٌ پاڻ ننڍي هوندي حيدرآباد ايندو هوس ته وٽس يا وري احسن الهاشمي وارن جي گهر ۾وڃي رهندو هئس. اوهان کي تعجب لڳندو ته مرحوم گل حسن جي والده جو اهو گهر چند مسلمانن جي گهرن مان هڪ هو، جنهن ۾ بجلي هوندي هئي، تڏهن چڱن چوکن گهرن ۾ لائيٽ ڪونه هوندي هئي.

مون کين ٻڌايو ته سائين! مون کي ياد آهي ته مرحوم گل حسن جي ڇٺيءَ جي قميض به اوهان وٽان آئي هئي، گلابي رنگ جي انتهائي نفيس ڪپڙي جي، وٽن سانڍيل هوندي هئي. مخدوم صاحب ٻڌايو هو ته، ”ها! اهو ته ڪپڙو هالن ۾ ٺهندو هو، هاڻ بلڪل نٿو ٺهي، ان جو نالو ”موتيا“ هوندو هو، ريشمي ڪپڙو به اهڙو، جو مُنڊيءَ مان لنگهي وڃي، اوهان بلڪل صحيح ٿا چئو، مون کي ان ڳالهه جي خبر آهي.“

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ سان ڪيتريون ملاقاتون جولاءِ 1988ع ۾ لنڊن ۾ به ٿيون، تڏهن اڃا ڄام صادق علي لنڊن ۾ 1977ع کان وٺي جلاوطني جي زندگي گهاري رهيو هو. نارٿ لنڊن جي ”بيلسائيزپارڪ“ وارو ڪشادو گهر ڄام صاحب جي دل وانگر سياسي ڪارڪنن جي لاءِ هر وقت کليل هوندو هو. شام جو ڪنهن مهل به اتي پهچو، ماني ۽ ٻه چار قسمن جا مشروب تيار ملندا هئا. پيپلزپارٽي جا گهڻا جلاوطن ڪارڪن اتي شام جو اچي گڏ ٿيندا هئا. اهو گهر، بيلسائيز پارڪ ٽيوب اسٽيشن جي بنهه سامهون هوندو هو. مون ڄام صاحب سان ملاقات ڪرڻ لاءِ کيس پيجر تي ميسج ڪيو هو، پيغام پهچڻ شرط فون ڪري چيو هئائين: ”مدد! آءٌ اچان يا تون اچي رات جي ماني مون وٽ کاءُ ته ڪجهه حال احوال به ڪريون.“

پوءِ ”ارل ڪورٽ“ مان ٽيوب ۾ چڙهي
”چئرينگ ڪراس“  تي ناردرن لائين ريل ۾ چڙهي وڃي شام جو وٽس پهتو هئس. گهر جي گهنٽي وڄائڻ سان پاڻ اچي در کوليو هئائين. پوءِ ڏاڍي پاٻوهه سان ڀاڪر پائي گهر ۾ اندر وٺي آيو هو، ان وچ ۾ ٻڌايائين ته مخدوم امين ’فهيم‘ به آيل آهي، مون ساڻس تنهنجو ذڪر ڪيو آهي، اجهو ٿو اچي.

ڄام صاحب سان ڪيل ڪچهري ڊيگهه سبب هتي درج نٿو ڪريان، بهرحال مخدوم صاحب به ڪجهه دير ۾ اچي پهتو هو، جيڪو ڄام صاحب جي گهر ۾ رهيل هو. حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي: ڪنهن ماڻهو کي پرکڻو اٿوَ ته هن سان گڏ سفر ڪري ڏسو، يا ساڻس ڪاروبار ڪريو، سو مولا علي جي قول مطابق، مخدوم امين ’فهيم‘ سان گڏ اٺن ڏينهن جو سفر ضرور ڪيو اٿم.

آءٌ تڏهن هلال پاڪستان ڪراچي جو چيف ايڊيٽر هوس، سنڌ جو وزيراعليٰ ڄام صادق علي هو، عمرو ڪرڻ لاءِ سعودي عرب وڃڻو هو، نومبر 1990ع کان پروگرام ٺهيا پئي ۽ ڪينسل پئي ٿيا. آخرڪار مارچ 1991ع ۾ ڄام صاحب عُمري لاءِ دبئي روانو ٿيو. وفد ۾ پير صاحب پاڳارو، مخدوم محمد امين فهيم، الاهي بخش سومرو، چوڌري احمد سعيد، علي نواز وفائي، خليفو عاقل، عثمان علي چانهيو ۽ ڄام مدد علي، علي احمد بروهي، سليم ميمڻ، اڳوڻو ڪمشنر ۽ چار صحافي، هر هڪ اظهر سهيل، محمود شام، مجيد عباسي ۽ آءٌ شامل هئاسين.

ايمريٽيس ايئر لائين جي فلائيٽ صبح جو دبئي لاءِ رواني ٿي، رمضان جو مهينو هو، پر ايئر لائين وارين ماين (Air Hostess) هر ڪنهن کان پئي پڇيو ”آر يو فاسٽنگ، آرناٽ“ Are you Fasting Or Not? ۽ ڪيترن ساٿين کي روزو ڪونه هو، پر پوءِ به ”نو“ چئي جند ٿي ڇڏايائون، پر مون کي روزو ڪونه هو، انڪري مون ”نو“ نه چيو. تنهن تي ايئر هوسٽيس مون لاءِ ٽري کڻي آئي، ڀرسان مخدوم محمد امين ’فهيم‘، پير صاحب پاڳارو، ڄام صادق علي ويٺل هئا. مخدوم صاحب اٿي مون وٽ هلي آيو ۽ چوڻ لڳو مدد صاحب اوهان ۾ اخلاقي جرئت آهي، ماڻهوءَ کي سچ ڳالهائڻ گهرجي. اها ئي ماڻهوءَ جي اخلاقي جرئتمندي هئڻ گهرجي! اهو ٻڌي پير صاحب پاڳاري به ارشاد فرمايو هو ته، ”خطرناڪ!ڪٿي ته باز ايندو ڪر!“ آءٌ مرڪي چپ ٿي ويو هوس، جو پير صاحب پاڳارو ۽ سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ اڪثر مون کي انهيءَ نالي سان سڏيندا هئا.

1982ع ۽ 1983ع ۾ گهڻو ڪري پير صاحب پاڳارو حيدرآباد ۾ ڄاموٽ هائوس ۾ اچي ترسندو هو، ان وقت پير صاحب سان رات جو دير دير تائين ڪافيءَ جي ڪيترن ڪوپن تي ڊگهي ڪچهري ٿيندي هئي، پر منهنجي اختلافي ڳالهين جي ڪري هن مون کي اهو لقب ڏنو هو.

خير، جهاز دبئي پهتو ۽ اسين وڃي هوٽل
”حيات ريجنسي“ ۾ ترسياسين، اتي اسان کي ٻه ڏينهن رهڻو هو. دبئيءَ جو اهو هوٽل اڃان به شاندار آهي. وڏا وڏا لائونج، هيٺ اسڪيٽنگ روم هو. ڇت تي ريوالونگ ريسٽورنٽ. لابيءَ ۾ دنيا جي مشهور چينس
Chains جا دڪان. شام جو هيٺ لهندو هوس ته مخدوم صاحب سان ملاقات ٿيندي هئي ۽ مخدوم صاحب مون کي هوٽل جي لابيءَ ۾ وٺي هلندو هو، اتي مشهور گچي شاپ Gucci تي پرفيومز، ٽايون ۽ ٻيو سامان ڏسندو هو. ڪڏهن وري ريوالونگ ريسٽورنٽ وٺي هلندو هو، پر شام جو سج لٿي مهل ريوالونگ ريسٽورنٽ ۾ سموري دبئي شهر جون ڄڳ مڳ ڪندڙ بتيون سمنڊ ۾ ترنديون ڏسڻ ۾ اينديون هيون.

هڪ ڀيرو حسبِ معمول پاڻ مون کي لابيءَ ۾ وٺي هليو، مختلف شاپنگ اسٽورن تان ٿيندو وري وڃي سندس من پسند گچي شاپ تي بيٺاسين، کيس هڪ ٽاءِ پسند آئي پر پوءِ خبر ناهي ڇو اها خريد نه ڪيائين. ايتري ۾ اظهر سهيل اچي شاپ تي نڪتو، اسان سان عليڪ سليڪ ڪري يڪدم سيلزمين کي چيائين ته هوءَ ڪالهه جيڪا ليڊيز شاپنگ بيگ پسند ڪري ويو هوس. اها پيڪ ڪري ڏي، ايتري ۾ سيلزمين هڪ انتهائي سهڻي ليڊيز شاپنگ بيگ ڪڍي هن کي ڏيکاري، مخدوم صاحب ڏسي وري واپس ڪئي، اظهر سهيل بل ادا ڪيو ۽ چيائين پنهنجي زال لاءِ ورتي اٿم، پاڪستاني 75 هزار رپين جي آهي، اسان مرڪي کڻي ماٺ ڪئي ۽ هُو اتان هليو ويو، ايتري ۾ مخدوم صاحب ٻڌايو ته اظهر سهيل صبح جو سويل ڄام صاحب وٽ به آيو هو، پير صاحب کان ڪجهه پئسا گهرڻ لڳو، يڪدم ڄام صاحب کيس هڪ لفافي ۾ درهم ڏئي ڇڏيا.

دبئي مان اسين ٽئين ڏينهن شام جو دبئي جي حڪمران شيخ راشد جي ذاتي فالڪن جهاز ۾ مديني منوره روانا ٿياسين. مديني پهچندي اسان جي منزل ”پاڪستان هائوس“ هو. پاڪستان هائوس پهتاسين ته مون کي چيائين ٽپهري جي نماز جو وقت آهي، پاڻ هتي ويهڻ بدران ڇو نه مسجد نبويءَ هليا هلون. منهنجي لاءِ عمرو پهريون ڀيرو هو، انڪري مان مديني شهر کان لا علم هوس پر کين خبر هئي، هيٺ لٿاسين. اتان ڪار ۾ وڃي پنجن منٽن ۾ مسجد نبويءَ پهتاسين. ان سال 1991ع ۾ اڃا مسجد نبويءَ جي توسيع جو ڪم هلي رهيو هو، ڀرپاسي جون ننڍيون ننڍيون عمارتون ۽ هوٽل ڊهي رهيا هئا ۽ مسجد ۾ ڪم هلي رهيو هو. پاڻ مون کي اندر وٺي هليو ۽ اتي پاڻ سان گڏ عمري جي نماز پڙهائي، بعد ۾ اندر روضي رسول وٽ وٺي وڃي حاضري ڀرايائين، اتي مون کي سختيءَ سان منع ڪيائين ته رسول جي روضي وٽ دعا گهرڻ تي سخت منع آهي ۽ پوءِ مون پهريون ڀيرو مخدوم محمد امين ’فهيم‘ سان گڏ رسول ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي روضي مبارڪ جو ديدار ڪيو ۽ واپس اچي اڱڻ ۾ ويٺاسين. ڪجهه دير کان پوءِ سانجهيءَ جي نماز ٿي هئي، ايتري ۾ مديني جي ماڻهن اسان لاءِ دسترخوان وڇائي ڇڏيا. اتي کجور، قهوو، ڏهي، ڊبل روٽي جا سلائيس آڻي رکيائون. مخدوم صاحب چيو ته جنهن جا مهمان آهيون، هن هتي پاڻ کي خالي هٿين هرگز نه ڇڏيو آهي. هي هتان جو معمول اٿوَ. اهڙي طرح وري مڪي شريف ۾ ڪعبي ۾ عمرو پير صاحب پاڳاري ۽ پاڻ سان ڪرڻ جو شرف عطا ٿيو.

9 ڀيرا ملڪ جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شپ وارو شرف حاصل ڪندڙ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ پيپلزپارٽيءَ جو اهم اڳواڻ هو، ساڳئي وقت هو صاحب سروري جماعت جو 18 هون روحاني پيشوا به هو. پاڪستان جي سياست ۾ ته پاڻ 1966ع کان وٺي پنهنجي والد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي ڪري سرگرم رهندو آيو، جو مخدوم صاحب مارچ ۾ 1962ع ۾ پهريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو هو. 1970ع ۾ عملي طور پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ 1977ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ٻيو ڀيرو پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر پڻ ٿيو، پر 5- جولاءِ 1977ع تي مارشل لا لاڳو ٿيڻ سبب اها اسيمبلي ڪم نه ڪري سگهي.

1977ع کان پوءِ مارشل لا جي هڪ ڊگهي آمريت واري خوفناڪ دور ۾ به مخدوم خاندان کي اهو ڪريڊٽ لازمي طور تي وڃي ٿو، ته هنن ڪڏهن به پيپلزپارٽيءَ جو ساٿ هرگز نه ڇڏيو. خود مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ به هڪ اڏول شخص هو، سندس هڪ مربي پٽ مخدوم خليق الزمان پيپلز پارٽيءَ جي ڪري ڪيترا ڀيرا جيلن جون مشڪلاتون برداشت ڪري آيو، ويندي بلوچستان جي مچ جيل جهڙي سخت جيل ۾ به هن بهادريءَ سان جيل گهاري هڪ مثال قائم ڪري ڇڏيو، اهو ايم.آر.ڊي جي هلچل وارو دور هو. ضياءُالحق جي مارشل لا دوران زندانن جا در سدائين کليل، ڦٽڪن جا ڪڙڪا، قيد با مشقت سزائون ان دور جا ڪڏهن به نه وسرندڙ واقعا آهن.

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي 1970ع وارين چونڊن ۾ ٺٽي مان کٽيل قومي اسيمبلي جي پنهنجي سيٽ بعد ۾ کيس ڏني هئي ۽ پاڻ اتان ڪامياب ٿيو هو. ڇوٽي چونڊ ۾ سيد قادرڏني شاهه سندس مقابلو ڪيو هو.

گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته پاڻ هڪ اهلِ دل، اهلِ ادب شخص هو. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”پيغام“ گهڻو وقت اڳ 1990ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته پاڻ ادبي محفلن ۾ گهٽ شرڪت ڪئي، پر سندن والد قبلا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ادبي محفلن جو روح روان هو.

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ تي نالو به سندس جد امجد جو رکيل هو. شاعريءَ جو ذوق به سندن خاندان ۾ سالن کان هلندو پيو اچي. هت سندس شاعريءَ مان فقط هڪ بند ڏيڻ مناسب ٿو سمجهان.

هن جهان ۾ رنگ و بوءِ ۾، واه جو سودو ٿيو،

پاڻ، قيمت ۾ ڏئي، هڪ باوفا حاصل ڪيم.

يا وري

بي وفا سان وفا ڪڏهن نه ڪجي،

دوستو هيءَ خطا ڪڏهن نه ڪجي.

سور سيني کي نيٺ صاف ڪندا،

درد دل جي دوا ڪڏهن نه ڪجي.

جيڪڏهن آءٌ غلط نٿو چوان ته اها هڪ حقيقت آهي ته 1970ع ۾ ۾ مخدوم امين ’فهيم‘ ئي پنهنجي والد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڪئي هئي. اها ڳالهه پاڻ هڪ ڀيرو مون کي ٻڌائي هئائين. اها ڳالهه ٻڌائيندي مون کي چيائين ته لنڊن ويل هوس، اتي ڪنهن ريسٽورينٽ ۾ شام جو جناب ذوالفقار علي ڀٽي سان ملاقات ٿي، ڀٽي صاحب کي ڊارڪ ڪَلر جو سُوٽ ۽ ڊارڪ ڪَلر جي نهايت ئي سهڻي ٽاءِ ٻڌل هئي ۽ هُو ان وقت ڏاڍو  خوبصورت پئي لڳو. مون ملاقات ۾ سندس انهي سهڻي ٽاءِ جي تعريف ڪئي هئي. هونئن به ڀٽو صاحب انتهائي خوش پوش ۽ بهترين ڊريس اوڍيندو هو. ان ئي ملاقات ۾ مون کي چيو هئائين ته منهنجي خواهش آهي ته مخدوم طالب الموليٰ صاحب اسان جي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿئي. پوءِ مان جڏهن واپس وطن آيو هوس ته هالن ۾ مون مخدوم صاحب کي اهو نياپو عرض ڪيو هو، مخدوم صاحب تڏهن اڃان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو هو، بعد ۾ هن فيصلو ڪيو ۽ نتيجي ۾ هالا ۾ 1970ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جو پهريون ڪنوينشن ٿيو هو.

مون چيو هو: جي سائين، اهو ڪنوينشن پهرين جون 1970ع تي هالن جي ”محفل سئنيما“ ۾ ٿيو هو. مون کي ياد اچي رهيو آهي، مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جو هيءُ شعر:

خطا بارها ڪري ڏسبي،

هن جو لطف ڪرم وري به ٿئي،

گويا ٻيهر خطا ڪري ڏسبي،

هر شجر ۾ حيا ۾ جام ۽ گل ۾،

جستجو جابجا ڪري ڏسبي.

جي حياتيءَ وفا ڪئي ته ’فهيم‘،

عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.

 

 غزل

پڙهيو مون قرب جو جيئن پئي ڪتاب آهسته آهسته،

ويس ٿيندو انهيءَ مان فيضياب آهسته آهسته.

 

گنهگاري جي حد تي مان جڏهن يارو وڃي پهتس،

ٿيو پيدا تڏهن شوقِ ثواب آهسته آهسته.

 

گلن جي بُو، مٺي محفل، صبا جي هِيرَ ٿڌڙيءَ ۾،

”هلايو يار اڄ دورِ شراب آهسته آهسته.“

 

لبن تي مُرڪَ سهڻي جي مون کي، اينهين نظر آئي،

ٽڙي مکڙيءَ منجهان ڄڻ پيو گلاب آهسته آهسته

 

ڪيم اقرار لءِ حيلا هزارين ميڙ ۽ منّت،

مليو انڪار جو آخر جواب آهسته آهسته.

 

رقيبن ٿي وڌا رو لا مگر بيسود سڀ ٿي ويا،

”امين“ جو عشق ٿي ويو ڪامياب آهسته آهسته

(مخدوم محمد امين ’فهيم‘)

19، نومبر 1953ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org