اڄ پڻ
اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا
نذير ناز
اڄ سنڌ جي معزز مخدوم خاندان جي انهيءَ قابل
احترام گادي نشين شخصيت تي لکان ويٺي، جيڪي نه رڳو
سڄي سنڌ ۾ مقبول ترين هئا، بلڪه پاڻ سڄي پاڪستان ۽
پڻ هند سنڌ جا نيڪ سيرت، ۽ روشنيءَ جي سفر جا راهي
هئا. محترم مخدوم امين فهيم جي شخصيت تي ڪجهه
لکان، ڇا لکان! مان ڪيئن لکان ۽ منهنجي قلم ۾ ايڏي
سگهه آهي، جو آءٌ سنڌ جي اهڙي مهان شخصيت جي باري
۾ ڪجهه اظهار ڪري سگهان!؟
ان مهان شخص، پاڪستان پيپلزپارٽيءَ کي جيئاريو،
جيڪو شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو ٻانهن ٻيلي
هو، جيڪو هو وک تي محترمه جو ساٿي هو، همدرد هو،
همراز هو.
مطلب جيئن شهيد راڻي پارٽيءَ جي پنهنجي خون سان
آبياري ڪئي، ان سان گڏوگڏ محترم مخدوم امين ’فهيم‘
پڻ پنهنجي محنت، وفاداري، فهم فراست ۽ خلوص سان
پيپلزپارٽيءَ کي پروان چاڙهيو. مخدوم خاندان
پيپلزپارٽيءَ جو بنيادي طور کان ساٿ ڏٺو ۽ اڃا
تائين ساٿ نڀائي رهيو آهي.
جڏهن محترم ذوالفقار علي ڀُٽي کي شهيد ڪيو ويو،
انهيءَ شهادت کان پوءِ ڊپ ۽ خوف کان پيپلزپارٽيءَ
جا اڪثر ميمبر پارٽي جو ساٿ ڇڏي ويا، پر قبله
سائين مخدوم طالب الموليٰ شهيد
محترمه جو
ساٿ نه ڇڏيو، حالانڪه قبله سائين مخدوم طالب
الموليٰ کي وفاداريءَ مٽائڻ لاءِ آفر ڪئي وئي، پر
قبله سائين شهيد
محترمه
جو ساٿ نه ڇڏيو، بلڪه قبله مخدوم طالب الموليٰ ۽
مخدوم امين ’فهيم‘
پيپلزپارٽيءَ جا وفادار ساٿي رهيا.
جڏهن محترمه بينظير کي شهيد ڪيو ويو، تڏهن به
مخدوم امين فهيم محترمه سان گڏ هئا، محترمه جي
شهادت کان پوءِ به پيپلزپارٽيءَ کي سنڀاليو ۽ شهيد
محترمه جي پارٽيءَ ماڻهن کي حوصلو ڏنو.
مخالف ڌر چاهيو پئي ته مخدوم صاحب پيپلز پارٽي کي
ڇڏي ڏين، کيس هر طرح جي لالچ ڏني وئي. سبز باغ
ڏيکاريا ويا، پر جس هجي مخدوم امين ’فهيم‘ کي جنهن
انهن جي هر آفر کي ٺڪرائي ڇڏيو. پوءِ طرح طرح جا
الزام پڻ لڳايا ويا، ڪوڙا ڪيس ڪيا ويا، پر وفاداري
انهيءَ کي چئبو آهي، ساٿ ۽ توڙ نڀائڻ انهيءَ کي
چئبو آهي. پاڻ مخدوم طالب جهڙو نالو آهي ”امين“!
آخري گهڙيءَ تائين پارٽيءَ جا ”امين“ ئي رهيا.
مخدوم صاحب شهيد محترمه جي شهادت کان پوءِ خاموش
رهيا. هر الزام جو وار پنهنجي دل ۾ سانڍيو. کيس
ڪوڙن ڪيسن جي ذريعي پريشان ڪيو ويو، پر مخالفتون
جا سڀ وار سهندا رهيا. پاڻ ڪنهن به الزام جو جواب
نه ڏنائون، بلڪه جواب طور، پاڻ جلد ئي رحلت فرمائي
ويا ۽ ائين پاڻ قبله سائين شهيد ڀٽو ۽ شهيد محترمه
وٽ پهچي ويا.
مخدوم صاحب جو موت هڪ اڻ وسرندڙ واقعو آهي، موت
انسان کي ماريندو آهي، پر مخدوم امين ’فهيم‘ مرڻ
کي ماري، پاڻ زنده جاويد ٿي ويا آهن.
اسان جي دلين ۾، پيپلزپارٽيءَ جي ورڪرن جي دلين ۾،
هالا جي شهرين ۾، مريدن ۽ خاندان ۾ ڇاڪاڻ ته پاڻ
هر دل عزيز انسان هئا، سندن شخصيت ۾ هڪ دٻدٻو هو.
پاڻ پارٽيءَ کي جيئاريو سنواريو، پاڻ هڪ ئي نظر
سان سڀ ڪنهن جا مسئلا حل ڪندا هئا. جيڪا اڄ پارٽي
سنڌ تي ڇانيل آهي، ان پارٽيءَ جي ترقي ۽ واڌ ويجهه
۾ مخدوم صاحب جو وڏو هٿ آهي. پاڻ پارٽيءَ کي منتشر
ٿيڻ نه ڏنائون ۽ پ پ اڄ به زنده آهي. پاڻ برجسته
سياستدان، پارٽيءَ جي نشيب و فراز کان چڱيءَ طرح
واقف هئا. اهو ئي سبب هو جو محترمه بينظير ڀٽو،
هميشه مخدوم صاحب سان گڏگڏ هوندي هئي. شهيد محترمه
کي مخدوم صاحب تي بي پناهه اعتماد هو، محترمه جي
هر فيصلي ۾ سندن راءِ ضرور شامل هوندي هئي. پاڻ هڪ
ذهين ۽ نيڪ شخص هئا. پاڻ تمام سٺا شاعر پڻ هئا.
شاعريءَ جي ڏات کين ورثي ۾ مليل هئي، شاعر جي دل ۾
جيڪا بيقراري هوندي آهي، اُها محبت جي، امن ۽
ڀائيچاري جي هوندي آهي.
پاڻ شاعريءَ جي ذريعي پيار جو پيغام ڏنو اٿن. جيئن
فرمائين ٿا ته منهنجو شعر فقط محبت آهي:
ٻي ته هر شيءِ ويئي آ،
تون به وئين ته وفا به وئي!
پاڻ جهڙا بردبار ليڊر هئا، تهڙا ئي رک رکاءُ وارا
بهترين شاعر پڻ هئا. سندن شاعريءَ جو موضوع محبت
آهي. انهي ڪري سندن شاعريءَ جو پيغام به محبت آهي.
سندن شاعري، سماجي، علمي ۽ ادبي شعور جو اهو روشن
چنڊ آهي، جنهن جي روشنيءَ سنڌ ته ڇا، پر سڄي
پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ کي منور ڪيو آهي.
اها ڳالهه ته مڃيل آهي، ته شاعر جي شاعريءَ جو
مرڪز، محبت ۽ صرف محبت جو جذبو ئي هوندو آهي. اها
محبت ئي آهي، جيڪا انسان کي، ٻي انسان سان انسانيت
جا لاڳاپا نڀائڻ جو سبق ڏئي ٿي. دنيا محبت جي ڪري
ئي وجود ۾ آئي آهي.
هر شاعر شاعريءَ جي ذريعي محبت جو پيغام ڏنو آهي.
مخدوم صاحب جي هر شعر ۾ پيغام محبت ملندو. سندن
شعري مجموعي ”پيغامِ محبت“ سان گڏ وفاداريءَ کي به
اجاگر ڪيو ويو آهي. مخدوم صاحب شاعريءَ جي ذريعي
محبت کي امرتا ڏئي ڇڏي آهي، پاڻ فرمائين ٿا:
”جي حياتي وفا ڪئي ته ”فهيم“،
عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.
واقعي پاڻ وفا ۾ ڀٽو خاندان سان انتها ڪري
ڇڏيائون، بلاول ڀٽو زرداريءَ جي جوان ٿيڻ تائين،
جڏهن بلاول ڀٽو زرداري صاحب پارٽيءَ جون واڳون
سنڀالڻ جهڙو ٿيو ته پاڻ هن فاني دنيا مان رخصت
ٿيا.
دل کي اها تسلي هوندي ته پارٽي هاڻي اصلي حقدار جي
هٿن ۾ هوندي، ڇاڪاڻ ته پارٽيءَ جو حقدار بلاول ڀٽو
زرداري آهي.
مخدوم صاحب کي پيپلزپارٽيءَ سان تمام گهڻو پيار
هو، هن پيپلزپارٽيءَ کي پروان چاڙهڻ لاءِ ڏينهن
رات هڪ ڪيو هو، پر منهنجي نظر ۾ اهو عشق هو، پاڻ
ته فطرت جا شاعر هئا، شاعريءَ جي شروعات ئي عشق
آهي، انتها وفا آهي، وفا کان پوءِ فنا آهي، جيئن
ته سندن نظريو ئي وفا آهي سو پاڻ تاحيات پنهنجي
اصولن سان وفا ڪيائون، جيئن شعر ۾ فرمايو اٿن ته
”عشق ۾ انتها ڪبي“ واقعي انتها ڪري ويا.
عوام سان ناانصافي، شور شرابو، سنڌ جي اٻوجهه عوام
سان ارڏايون ۽ سندن ئي ڪردار تي الزام تراشي، ڪوڙا
ڪيس، انهن مڙني ڳالهين سندن ڪردار ۽ معصوميت تي
ايترو ته اثر ڇڏيو، جو پاڻ، محترمه جي شهادت کان
پوءِ واريون حالتون برداشت نه ڪري سگهيا، ۽ جلد ئي
هيءَ فاني دنيا ڇڏي، ابدي دنيا ۾ سک جو ساهه
کنيائون، جيئن پاڻ فرمائين ٿا:
بي قدر انسان کان پاسو ڪرڻ آ چڱو،
قرب وارن جي اڳيان سرڙو سٽڻ آهي چڱو،
دل ڏيڻ، توڙي وٺڻ مان ڇا ٿو حاصل ٿئي ”امين“!؟
هن جهان فانيءَ جو لاڳاپو ڇنڻ آهي چڱو.
هن قطع تي غور ڪريو! ان ۾ ڪيتري نه روحانيت سمايل
آهي! پاڻ اهو سمجهي ويا ته دنيا رڳو ٺڳيءَ جو ٺاهه
آهي، ماڻهن جي جذبن جو ڪوبه قدر ڪونهي، ان ڪري پاڻ
دنيا کان پاسو ڪرڻ ئي بهتر سمجهيائون.
دنيا ۾ انسان جي عظمت ۽ جذبن جو ۽ اعليٰ مقام جو،
هن شعر ذريعي ذڪر ڪيو اٿن:
تنهنجي قدمن جي خاڪ جو عاشق،
آسمانن تي برتري ٿو رکي،
تنهنجي آڏو ڀلي هو ڪجهه نه هجي،
پر فرشتن سان همسري ٿو رکي
اسان جهڙا ذهن انهيءَ شعر جي بلندين کي نٿا سمجهي
سگهن. هر انسان پاڻ کي اعليٰ ٿو سمجهي، ٻين کي
حقير سمجهي ٿو، بلڪ سمجهي ٿو ته اهو هن جو پيار
آهي، ۽ کيس پنهنجي قدمن ۾ جهڪائڻ لاءِ مجبور ٿو
ڪري. اها هڪ پيار واري جي غلطي آهي، هو پيار جو
ناجائز فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
مگر هيءُ شعر ٻي معنيٰ ۾ جمهوري نظام جي عڪاسي ٿو
ڪري، اهي انسان جا برابر حق آهن، ٻين انسانن کي
ڪمتر سمجهڻ ناداني آهي، جڏهن سڀ انسان هڪجهڙا آهن،
ته پوءِ پاڻ کي وڏو سمجهڻ ۽ ٻين جي تذليل ڪرڻ اِها
سنگين غلطي آهي. انسان جي عزت ته فرشتا به ڪن ٿا،
پوءِ انسان کي ڪمتر سمجهڻ، حقارت سان پيش اچڻ، اهو
عمل بلڪل ئي غلط آهي، هاڻ ٻيو شعر پڙهي ڏسو:
چڱو جو مون کي درد مليو پنهنجي دلبر جو،
انهيءَ سبب گهڻو، گهٽيو انتظار محشر جو،
کڻي ڪٿي به هجان، مون سان تون ملين نه ملين،
تڏهن به ورد زبان هوندو نام همسر جو.
هي جيڪي بند شعرن جا آهن، انهن ۾ ڪيڏي گهرائي ۽
وسعت سمايل آهي! محبت جي جذبي جي، پاڻ محبت جي سوز
و فراق کي پاڻ لاءِ نعمت سمجهن ٿا. فرمائين ٿا
محبت جو مون کي درد مليو، انهي سبب جيڪو محبوب جي
جدائي ۽ انتظار رهندو هو ۽ اُهو گهٽجي ويو آهي.
ٻيو جيڪو انسان کي محشر قيامت جو خوف رهندو آهي،
محبت ۾ ايڏو ته سرور، مزو آهي، جو هاڻي اهو خوف به
ختم ٿي ويو آهي. بس عجيب درد آهي، اهو درد ڄڻ مون
لاءِ دوا آهي، مان انهي درد جي ڪيفيت ۾ مست رهان
ٿو، ٻي ڪنهن به ڳالهه جو هاڻي خوف رهيو ناهي.
انهن شعرن جو ٻيو مطلب اُهو پڻ آهي، ته جيئن ته
انسان کي محشر جي عذاب جو خوف پريشان ڪندو رهندو
آهي، پر انهيءَ خوف کي عوام جي خدمت ڪري ۽ انهيءَ
خدمت جي جذبي ۾ ايڏو ته سرور آهي، جو هر خوف وسري
ويندو آهي، ۽ ٻين جا غم ڏسي، انسان پنهنجا غم
وساري ڇڏيندو آهي.
ٻين سان همدردي ڪندي پريشاني دور ڪندي، دل کي تمام
گهڻو سڪون ملندو آهي، انهي سڪون سان سڀ خوف،
پريشاني ۽ درد دور ٿي ويندا آهن. الله تعاليٰ
انسان کي پيدا انهي ڪري ڪيو آهي، ته هو ٻين جي
خدمت ڪري، اها ئي ته انسان جي آزمائش آهي، ته هو
دنيا ۾ ڇا ٿو ڪري؟
مخدوم صاحب پنهنجي اولاد سان، پنهنجي عزيزن سان ۽
مريدن جي خدمت ۾ ايترا ته مصروف رهندا هئا، ۽ ٻيون
ڳالهيون وسري وينديون هين. اهو به سبب آهي جو جڏهن
سچي محبت دل ۾ ديرو ڄمائيندي آهي، تڏهن پوءِ اها
محبت ئي آهي جو انسان پنهنجا سڀ غم وساري، رڳو
هڪڙي غم ۾ مست رهندو آهي. هن شعر ۾ پنهنجي دل جي
ترجماني ڪئي اٿن:
خزان کي ڪنهن جي، خوشين سان ڇا؟ ۽ غمن سان ڇا؟
فغان بلبل جي پرَسان ڇا؟ گلن سان ڇا؟
هي هڪڙي موسم آهي، جا ايندي رهندي آ،
انهي کي حسن يا ويرانيءَ چمن سان ڇا؟
محبت جو جذبو آهي دل ۾، انهيءَ جي لهر دل ۾ ايندي
رهندي آهي.
لهر ويندي ڪانهي، اها موسم آهي پيار جي، جيڪا
انسان کي هر غم کان آجو ڪري، پنهنجي وس ۾ ڪندي
آهي.
مخدوم صاحب جو سنڌ جي سرزمين سان ڪيڏو پيار آهي، ۽
سنڌ تي فخر اٿن. سنڌ لاءِ فرمائين ٿا:
سنڌ جي خاڪ جو جواب نه آ،
هن جي خوبين جو ڪو حساب نه آ،
ذرو ذرو سندس گران قيمت،
جنهن جو مٽ ماهه و آفتاب نه آ.
اهو پنهنجي ڌرتيءَ سان اظهار محبت اٿن، رڳو اهو
ناهي ته پاڻ رڳو صنم جي محبت جو ذڪر ڪيو اٿن، يا
محبوب جي جدائيءَ ۾ شاعري ڪٿي اٿن، ڏسو، ڇا ٿا
فرمائين:
صنم ته پهلوءَ ۾ آهي، تڏهن به اي همدم!
الائي ڇا جي ڪري اڄ به اشڪبار آهيان،
نه اکيون نم ۽ نه آهه و بڪا نه جوش و جنون،
جهان ڇا سمجهي ته اڄ پڻ مان بيقرار آهيان.
يعني سڀ ڪجهه هوندي به غمگين آهيان ڇو ۽ ڇا جي
ڪري!؟ اهو سڀ دنيا جي ماڻهن جي سلوڪ، ماڻهن جا
رويا، حالانڪه کين الله تعاليٰ سڀني نعمتن سان
نوازيو هو، پر ڇو جو پاڻ هڪ حساس دل شاعر هئا،
لاغرض مزاج نه هئا، هنن سنڌ جي ماڻهن جي حالت زار
۽ ٻين جي ڏکن کي محسوس ڪندي پريشان هئا، اندر ۾
اها اُن تُڻ هين ته، ڇا ڪريان!؟ ڪيئن ڪريان؟
انهيءَ دلي جذبي جو اظهار هن طرح ڪيو اٿن:
ڪير ڪنهن جو نه ڪير ڪنهن جو آهه
فڪر هر ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو آهه
ٻي جي مشڪل کي حل ڪرڻ گهرجي،
سُور پنهنجو سلڻ ته سهنجو آ.
پنهنجي غمن جي اپٽار ته هرڪو ڪري ٿو، پر ٻين جي
تڪليف دور ڪرڻ ته ٺهيو، پر ٻُڌڻ لاءِ به تيار ڪونه
آهي! پاڻ سوچين ٿا، ائين نه هُئڻ گهرجي. مخدوم
صاحب جن کي اسلام سان محبت آهي، تڏهن ته ائين غور
فڪر ڪن ٿا، پر پاڻ رسول پاڪ سان محبت ۽ دلي عقيدت
جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪن ٿا:
مديني ڏي جيڪر وڃان مان اُڏامي،
محمّد جي دَرَ جي چڱي آ غلامي،
ٿيان هوند نوڪر، سندن درجو دربان،
شب و روز اُن جي ڀريان مان سلامي،
ٿيو ان جي هڪ ئي نظر سان سارو،
مدينو ”امين“ آهي، نامي گرامي.
ٻي شعر ۾ رسول پال جو هن ريت ذڪر ڪيو اٿن:
مون کي تنهنجو غلام ٿيڻو هو،
منهنجو اعليٰ مقام ٿيڻو هو،
نيٺ تنهنجي نگاهه ٿي حاصل،
ڪنهن جو پورو ڪلام ٿيڻو هو.
پاڻ مخدوم صاحب هڪ باڪمال، باشعور شاعر هئا،
انساني محبت ۽ اُنهيءَ جذبن جو پورو پورو ادراڪ
رکندا هئا، پر پاڻ انهيءَ ڳالهه تي يقين رکندا
هئا، ته وفا، وفا ڪبي، اگر ڪير رُٺل به آهي،
انهيءَ کي راضي ڪبو، حالانڪه هنن تصور ۾ مومل آهي.
مومل کان راڻو ناراض ٿي هليو ويو آهي، انهيءَ
ڳالهه کي ائين فرمايو اٿن:
رندن تي روزو شب روئي، اڙي، وَر کي ورائينديس،
خدا گهريو ته ناتو، نينهن جو، نيئي نڀائينديس.
انهيءَ جو مطلب ائين ٿي سگهي ٿو، ته رستن وٽ، ورن
تي، روڄ راڙو ڪري، رب پاڪ چاهيندو، ته ناتو، يعني
توڙ نڀائينديس.
وري انهيءَ ڪافيءَ جو ٻيو بند فرمائين ٿا:
جدائيءَ ۾ جلڻ لاءِ، ڇڏي مئيءَ کي ويا آهن،
امر جيڪو، عجيبن جو، مان ويٺي جيءَ جلائينديس،
جدائيءَ ۾ جلي جلي مٽي ٿي ويا آهيون.
جيئن شمع جلي جلي رک ٿي ويندي آهي. وري رب پاڪ مان
آسرو نٿا لاهين، اُهو درد قدرت طرفان سمجهي، جدائي
۾ پاڻ کي ويٺو ساڙيو.
هاڻي مومل سرتين کي چوي ٿي، پنهنجي هن هيڻي حال جي
ڪنهن کي ٻڌايان، سواءِ هن سر جي، ساٿين کان سواءِ،
حال ڪنهن ڪين ٻڌائبو، ڪافيءَ جو ٽيون بند پيش آهي:
وطن، مولا، مٺيءَ جي حال جو حامي ڪڏهن موٽي،
ورائي ڪاڪ ته ڪرهو ته مان گهورون گهمائينديس،
مومل چوي ٿي سرتين کي ته هو پرديس ۾ آ، مولا هن کي
واپس وطن ۾ آڻيندو ته ڪاڪ تي خوشيءَ مان گهورون
گهمائينديس، يعني پئسا مٿان گهورينديس.
خطا بخشائينديس پنهنجي، ڳچيءَ ڳل پانڌڙو پائي،
اميد آهي رٺل راڻي کي منٿن سان مڃائينديس.
پيار جي انتها چئجي يا بيوسي، مومل چوي ٿي:
مومل کي پنهنجي پيار تي اعتماد آهي. چئي ٿي مون
کان جيڪا خطا ٿي انهيءَ لاءِ ڳچيءَ ڳل پانڌڙو يعني
رئو وجهنديس، اميد اٿم ته رٺل کي روئي پرچائينديس،
هو يقيناً مڃي ويندو. يعني ناراضگي ڇڏيندو.
هي بند ڪافيءَ جو ڪيڏو درد وارو آهي، مومل رب کي
التجا ڪري ٿي:
يا رب العالمين! وَر پنهنجو مون کي ڏي وطن واري!
راڻو موٽي وطن اچي، يعني ڪاڪ تي اچي، مان
مهربانيون مڃينديس، سمجهنديس.
آخري بند ۾ فرمائين ٿا:
انهيءَ جي آهيان، توڙي وساري ويو سڄڻ مون کي،
”فهيم“ آئون ته ساري عمر سهڻل جي سڏائينديس.
انهيءَ بند ۾ ترجماني مومل جي دل جي ڪئي وئي آهي.
مان اهوئي آهيان، حالانڪه هو مون کي وساري ويٺو
آهي، پر فهيم! مان ته هن جي ئي آهيان، اُهو ئي
سڏائينديس،
سڄي ڄمار انهيءَ جو انتظار ڪنديس. عشق جي جذبن جو
اظهار آهي، قافين ۽ لفظن جي ذريعي حسن، تاثر ۽
موسيقيت پيدا ٿي وئي آهي، جنهن ڪري اُهي شعرَ
شاهڪار بنجي ويا آهن.
مخدوم صاحب جي شاعريءَ ۾ روحانيت ۽ تصّوف جو رنگ
جابجا نظر اچي ٿو. هر جاءِ هڪ نئون موڙ نظر اچي
ٿو. ڪٿي پاڻ پيار ۽ محبت جون ڳالهيون ڪن ٿا، ڪٿي
سونهن سان لبريز لفظن ذريعي محبت ۾ لاچارگيءَ جو
اظهار پڻ ڪن ٿا. اهو ئي ته سچي دل جي بيان جو
طريقو آهي.
هن شعر ۾ ڇا ته لاجواب محبت جي باري ۾ خيال جو
اظهار ڪيو اٿن:
ڏاڍو ثواب ٿيندو محبت جي راهه ۾،
هڪ تشنه لب کي جام محبت پيار جي.
محبت جي اڃايل دل کي جامِ محبت پيار جي، ڇا ته
انداز آهي، محبت جي اڪير جو! هنن جي نظر ۾ محبت هڪ
ثواب آهي، سڪون آهي، دل جو قرار آهي.
فاني دنيا جو احساس اٿن، فرمائين ٿا ته:
دنيا ته فاني آهي مٿس ڪهڙو ڀروسو،
ڏاڍو چڱي ٿئي جي گهڙي گڏ گذارجي.
ڇا ته انداز آهي! مختصر زندگيءَ جو احساس بخوبي
اٿن، چون ٿا دنيا فاني آهي، وقت جو ڪهڙو ڀروسو!؟
اچو ڪجهه وقت گڏ گذاريون! ڪيڏو نه سوز آهي، انهن
لفظن ۾! ڪجهه وقت به گڏ گذارڻ بهتر سمجهن ٿا، پر
سمجهڻ وارا نٿا سمجهن.
پر جن وڇوڙو ڏٺو آهي، پيار ۾ بي پرواهي ڏٺي آهي،
اُهي هڪ گهڙي پيار جي پنهنجي لاءِ وڏي نعمت سمجهن
ٿا. آخر ۾ چون ٿا:
پنهنجي ”فهيم“ عاشق مهجور کي پرين!
جي دل جاءِ ناهِه ته ڀر ۾ ويهارجي.
انهيءَ جو مطلب آسان آهي فهيم ته تنهنجو آهي، اگر
انهيءَ لاءِ دل ۾ جاءِ ناهي ته پوءِ ڇا! بس پاسي ۾
ورهايو ته به دل کي تسڪين ملي ويندي، ڪيڏي گهرائي
۽ وسعت آهي، انهن لفظن ۾! انهيءَ ۾ روحانيت سمايل
آهي، رب پاڪ کي التجا ڪئي اٿن مان ته توهان جو ئي
بندو آهيان، جهڙو به آهيان، تنهنجو ئي آهيان، بس
مون کي پنهنجو سمجهو، انهيءَ ۾ تسڪين ٿي ويندي،
وطن پاڪستان سان عقيدت جو اظهار ائين ڪن ٿا:
اي وطن اي جان من اي غيرت هفت آسمان،
توهان صدقي مال و دولت توتان قربان جسم و جان،
تنهنجي خدمت ۾ رهن ٿيون، عظمتون ئي عظمتون،
تنهنجي ديوانن ۾ آهن جرئتون ئي جرئتون،
طاقتون ئي طاقتون ۽ همتون ئي همتون،
آزمائي ڪو ڀلي پنهنجون انهن سان قسمتون،
اي وطن اي جان من اي غيرت هفت آسمان.
وطن سان محبت، ۾ انتها ڪري ڇڏي اٿن! جان مال جسم و
جان سڀ قربان اها هتي مخدوم صاحب جي وطن سان محبت،
آخري گهڙيءَ تائين قائم دائم رهي، اها محبت سندن
خاندان جي هر فرد جي دل ۾ موجزن آهي، ۽ رهندي
(انشاالله)!
مون کي مخدوم صاحب سان ٻه ٽي دفعا ملاقات نصيب ٿي،
اهي جهڙا ته حسين ۽ نفيس ڏسڻ ۾ ايندا هئا، اهڙو ئي
ڳالهائڻ انداز ۽ لهجي ۾ مٺاس، پر غرور نه! هڪ
پراعتماد لهجو، انداز ڳالهائڻ جو نهايت پيارو، پر
انداز ۾ اهڙو جادو، جو ٻڌڻ وارو انهي سحر ۾ وٺجي
ويندو هو.
مخدوم صاحب جو هر فرد سان ڳالهائڻ جو انداز ائين
رس ڀريو ۽ محبت وارو ۽ هڪ نماڻائيءَ وارو هو، اهو
انداز، مخدوم خاندان جو ته آهي، پر هالا شهر جي هر
شهريءَ جو اهو ئي نماڻائي وارو لهجو، نه ڪي تڪبر،
نڪي غرور! هالن جي شهري اهو انداز پنهنجي مرشد
مخدوم خاندان کان ورثي ۾ مليل آهي.
مخدوم صاحب هڪ تاريخ ساز شخصيت هو. سدا بهار، سندن
ساروڻيون ۽ اڻ ڳڻت يادگيريون، آءٌ هڪ عقيدتمند جي
حيثيت ۾ سندن ملاقات ياد ڪندي ٻڌايان، ته جڏهن
محترم قبله سائينءَ جي وفات کان پوءِ، مان ۽ ادي
زرينه بلوچ ٻه ٻيون خواتين تعزيت تي گڏ وياسين، ته
پاڻ غاليچن سان سينگاريل پٽ تي ويهي، اُڪير مان
روايتي کِل کيڪار کان پوءِ حال احوال وٺي، پنهنجي
موهيندڙ انداز ۾ گفتگو ڪندا رهيا، پوءِ ٻيا مهمان
آيا. اسين سڀني سان گڏجي محترم مخدوم صاحب
مانجهاندو ڪيو هو.
مون کي ڪاليج جي دعوت تي ٻين ٻن ٽيچرس سان ۽ 6 عدد
ڇوڪرين سان اسلام آباد جي ڪاليج جي طرفان دعوت
مليل هئي. مان جڏهن اسلام آباد ويس ته پاڻ سان گڏ
آيل ٽيچرز کي ٻڌائي، ٽيڪسي ڪري، منسٽر ڪالوني پهچي
ويس. ملازم کي ٻڌايم ته حيدرآباد سنڌ کان آئي
آهيان، مخدوم صاحب سان ملاقات ڪرڻي آهي.
ڪجهه دير ۾ پاڻ آيا، ماشا الله! ڇا ته سحر انگيز
شخصيت هئي! سڄو ڪمرو خوشبوءَ سان مهڪجي ويو،
روايتي انداز ۾ کيڪار کان پوءِ پڇيائون ته ڪيئن
اچڻ ٿيو آهي؟
مون ٻڌايو ته مان ڪاليج گروپ سان آئي آهيان، توهان
سان ملاقات ڪرڻ ضروري هئي، منهنجي پٽ عرفان علي
پوليس ۾ ڊي.ايس.پي جي امتحان ۾ ويٺو ۽ فرسٽ پوزيشن
آئي. اهڙيءَ ريت انڪم ٽيڪس جي امتحان ۾ پوزيشن آئي
اٿس، پر عرفان عليءَ کي سيٽ نٿي ملي، مخدوم سائين
وٽ انهي ڪري آئي آهيان. پاڻ غور سان منهنجي ڳالهه
ٻڌي پوءِ چيائين توهان دير ڪئي آهي، محترمه بينظير
هڪ، هڪ سيٽ منسٽرز کي ڏني آهي، هاڻي ڪجهه نٿو ٿي
سگهي. انهن سيٽن کي ماڻهن جوائن ڪري ڇڏيو آهي. مون
لاءِ چانهه وغيره ته آئي هئي، مان پي چڪي هيس، لنچ
لاءِ چيو ويو پر انهيءَ ۾ ڪجهه دير هئي ۽ مون کي
جلدي سيمينار ۾ وڃڻو هو. منهنجي وڃڻ مهل مخدوم
سائين پڇيو ڪيئن آيا آهيو؟ چيم ٽيڪسيءَ ۾ آئي
آهيان. مخدوم سائين پاڻ اتي حڪم ڪيائون ته گاڏيءَ
۾ آپا کي جتي چوي، اُتي ڇڏي اچو. مان مخدوم صاحب
کان موڪلائي ڪانفرنس ۾ پهچي ويس.
منهنجي ٻي ملاقات مخدوم صاحب سان ڊاڪٽر قادر
مگسيءَ جي پروگرام تي ٿي هئي، پاڻ مخدوم صاحب
اسٽيج تي تشريف فرما هئا. مون پنهنجي شاعريءَ جو
ڪتاب ”غزل ڇو نه چوان“ ٻار جي هٿان اسٽيج تي ڏياري
موڪليو، پاڻ اتي ڪتاب کولي ڏٺو ۽ مُرڪيا، منهنجي
دل خوش ٿي وئي هئي، ته مخدوم صاحب کي ڪتاب وڻيو
هو. پروگرام ختم ٿيو، پاڻ وڃڻ لڳا، جڏهن ويجهو آيا
ته مان اُٿي بيهي رهيس. پاڻ فرمايو، ڪتاب لاءِ
مهرباني! بس اها آخري ملاقات هئي.
پوءِ خبر پئي ته مخدوم صاحب عليل آهن ۽ علاج لاءِ
لندن ۽ دبئي ويا آهن. نيٺ خبر پئي ته پاڻ پاڪستان
اچي ويا آهن ۽ اسپتال ۾ داخل آهن. مان حيدرآباد
کان ڪراچي پهتيس، اتي مون کي ڪشمير سومرو وٺڻ آئي
هئي، مان انهيءَ سان گڏجي سِڌو اسپتال پهتيس، پڇا
ڪري وڃڻ لڳيس ته منع ڪئي وئي، ته ڪنهن کي ملاقات
ڪرڻ جي اجازت ناهي. اسان ٻيا به ڪيترا ماڻهو طبيعت
۽ مزاجي پرسي لاءِ آيل هئا. سڄي اسپتال ماڻهن سان
ڀريل هئي، انهن سان مخدوم رفيق الزمان ڳالهائيندو
رهيو، پر مخدوم فخر الزمان اسان جي ويجهو آيا، هڪ
پاسي ويهاري حال احوال ورتو. ٻڌايو مانِ ته مون کي
سائين سان ملڻو آهي. اندر ۾ ڏاڍي تڙپ اٿم، ارمان
اٿم، مخدوم صاحب سان ملاقات ڪريان. يا پري کان
ڏيکاريو، تڏهن مخدوم فخر الزمان چيو ته ڊاڪٽرن
سختيءَ سان منع ڪيو آهي، توهان دعا ڪريو. مخدوم
فخرالزمان نهايت عزت ۽ احترام سان ڳالهايو، اسان
پوءِ واپس آياسين. ڪشمير گهڻو اصرار ڪيو ته مان هن
جي گهر هلان، منهنجي دل ۾ ڏک هو، مون ڪشمير کي چيو
نڪي کائڻو اٿم، نڪي آرام ڪرڻو آهي، مون کي بس ۾
وهاريو، مان حيدرآباد وڃان. بس روئيندي دعائون
گهريندي حيدرآباد پهچي ويس. پوءِ پاڻ جلدي ئي وڃي
قبله سائين وڏي وٽ پهتا! ڇا ته مخدوم صاحب جي
شخصيت هئي! گادي نشين، پاڻ هالن جي ماڻهن جو وڏو
مرشد هو.
بس ائين مخدوم جهٽ پٽ هليا ويا، جيئن شهيد
ذوالفقار ڀٽي سان جهٽ پٽ ٿي! محترمه شهيد بينظير
ڀٽو هلي وئي. مان اڄ به سوچيندي آهيان جڏهن سندن
ڪتاب کڻندي آهيان ته ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم. بس انسان
جيڪو وڃي ٿو سو ته هليو ٿو وڃي، پر جيڪي رهجي ٿا
وڃن، تن جي دل ۾ تڙپ ۽ ارمان رهجي وڃي ٿو. انهن
ماڻهن جا هو مرشد هئا پر مرشد کان وڌيڪ هو احترام
جوڳا هئا. مان ايترو ته متاثر ٿي آهيان جو مان
سمجهندي آهيان ته ڄڻ منهنجي هٿن مان ڪا اهڙي شيءِ
وڃائجي ويئي آهي، جا آءٌ بچائي نه سگهيس. منهنجي
وس ۾ هجي ها ته آءٌ پنهنجي جان ڏئي به سائين جن کي
بچايان ها، پر اها منهنجي وس جي ڳالهه نه هئي. وڃڻ
وارا وڃن ٿا هليا پر اسان جي دل ۾ ڏک رهجي وڃن ٿا.
پر ڇا ڪجي! الله ڪري پاڻ جنت فردوس ۾ قبله سائين ۽
ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير ڀٽي سان گڏ هوندا، پر
اها خبر نه اٿن ته اسان جي هت ڪيئن ٿي گذري!؟ الله
ڪري پاڻ الله جي رحمت جي سائي ۾ هجن، (آمين).
سائين پاڻ شاعريءَ ۾ فرمايو:
هر دم روئان هيڪاندو، هڪ ويل ناهيان واندو،
تو لاءِ مران ٿو ماندو منٺار سهڻا سائين!
مون کان نه پل پري ٿي، دل درد ۾ ڳري ٿي،
ساعت نه ڪا سري ٿي تو ڌار سهڻا سائين!
هر دم هڻان صدائون، ڪر بخش سڀ خطائون!
آهيان ”اَمين“ آءٌ، نيڪ ڪار سهڻا سائين! |