سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-3\2016ع

باب:

صفحو:7 

سڄڻن جا ساريو سانگ

(سائين امين ’فهيم‘ جي ياد ۾)

 

 

 

 

سوز هالائي

ريڊيو جو سئچ آن ڪيو اٿم ته سائين محمد امين (پکن ڌڻي) جي سدا ملوڪ ڪافي محمد يوسف جي آواز ۾ گونجندي ٻڌي ورتم، ته نيڻن جا بند ڀڄي پيا اٿم ۽ سائين امين ’فهيم‘ جون کوڙ ساريون ساروڻيون هانءَ تي هُري چپن تي چڙهي آيون آهن ۽ مان سارو ڏينهن اها ڪافي جهونگاريندو رهيس.

سڄڻن جا ساريو سانگ،

مارن جا ساريو سانگ،

آءٌ ويٺي روز رڙان پئي الا…

انهن ساروڻين مان ڪجهه هانءَ تي هري آيون آهن سائين امين ’فهيم‘ جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن، پاڻ سراپا سونهن ۽ سچ جا سرواڻ آهن. سندن ڳائڻ جهڙا ڳڻ سوين نه پر هزارين آهن. پاڻ هڪ ئي وقت خوبصورت، خوب سيرت، خوشنما، خوش اخلاق، خوش لباس، ملنسار، خوش گفتار جا مالڪ هئا. ساڻن هڪ دفعو جو به مليو سو سدائين لاءِ کين وساري نه سگهيو. پاڻ هڪ بهترين اصول پسند ۽ جمهوريت پسند سياستدان طور مشهور آهن، کين ٻه دفعا وزيراعظم ٿيڻ جي آڇ ٿي مگر پاڻ اصول پسنديءَ سبب اها آڇ ٺڪرائي ڇڏيائون. صرف اهو نه، پر سائين امين ’فهيم‘ اعليٰ شاعر به هئا.

سائين امين ’فهيم‘ عمر ۾ جيتوڻيڪ منهنجا لڳ ڀڳ سن هئا. پر، منهنجون ساڻن گهڻيون ملاقاتون نه رهيون. سبب اهو هو جو پاڻ سدائين هالا کان ٻاهر رهيا، البته بزم طالب الموليٰ جي مشاعرن ۾ هُو شامل رهيا ته مون به کين ڏسي ورتو ۽ سندن هن غزل جي مطلع وانگر ”لڪئين دلبر گهڻو ليڪن ڏسڻ وارن ڏسي ورتو.“

مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته سائين طالب الموليٰ جن مون کي بزم طالب الموليٰ جي مرڪزي ميمبر طور چونڊيو هو. بزم جي مشاعرن ۾ نالي وارا شاعر شريڪ ٿيندا هئا. مان جيتوڻيڪ جونيئر شاعر هوس، پوءِ به مون کي صفِ اول جي شاعرن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. هڪ مشاعري ۾ سائين امين ’فهيم‘ جي صدارت ۾ مون کي به غزل پڙهڻ جو موقعو مليو هو.

بزم طالب الموليٰ جو مرڪزي ميمبر ٿيس ته امين سائينءَ جن سان ملڻ جو موقعو مليو ۽ شعر پڙهڻ جو به موقعو مليو. ياد اٿم ته اٺاس بنگلي ۾ امين سائينءَ جي موجودگيءَ ۾ هڪ شعر پڙهيو هوم جنهن جو شاهه مصرع هو:

اوهان جي دل گهري جڏهن، بنا دستڪ هليا اچجو،

اسان جي دل جا دروازا، کليل آهن کليل رهندا.

اهو شعر سائين وڏن سميت امين سائينءَ کي به پسند آيو سو سائين مخدوم حبيب الله اهو شعر ڊائريءَ ۾ لکي ڇڏيو. ان شعر امين سائينءَ سان واقفيت جو دائرو وڌائي ڇڏيو.

هالا پراڻا ۾ سائين جن اليڪشن جي حوالي سان آيا هئا سو مون کي ڏسي سڏ ڪري پنهنجي ڀرسان وهاريائون ۽ حڪم ڪيائون ته اهو شعر پڙهو جيڪو اٺاس تي پڙهيو ويو هو. مون حُجتاڻي انداز ۾ عرض ڪيو ته قبلا ان شعر جو ايڊيشن به تيار آهي. فرمايائون ته اهو شعر ايڊيشن سميت ٻڌائجي. مون اهو شعر ايڊيشن سميت پڙهيو.

اوهان جي دل گهري جڏهن، بنا دستڪ هليا اچجو،

اسان جي دل جا دروازا کليل آهن کليل رهندا.

ايڊيشن:

اوهان پڻ پنهنجي ديوارن مٿان ائين لکي ڇڏجو،

اسان جي دل جا دروازا کليل آهن کليل رهندا.

ان شعر تي مشڪيا ۽ مشڪندا ئي رهيا.

پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي مرڪز تي نعتيه مشاعرو هو، ان لاءِ پروڊيوسر نواب مهديءَ امين فهيم صاحب جن کي به ياد ڪيو هو، آءٌ ۽ نصير مرزا موجود هئاسين. ڪمپيئرنگ جا فرائض نصير جي بلي هئا سو پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ نصير مون کي سائينءَ جو ڪو نعتيه شعر ٻڌائڻ لاءِ چيو، مون کي سندن هيءُ شعر ياد آيو سو نصير لکي ورتو. نصير، سائين جن جو اهو شعر پڙهي کين اسٽيج تي سڏيو.

فهيم آهن اميدون ته هزارين بخششون ٿينديون،

محمد مصطفيٰ کي اڄ گنهگارن ڏسي ورتو.

سائين امين فهيم، سائين وڏن جي مشاعري وارو هيءُ شعر پڙهيو هو:

گلشن کي حڪم ٿيو ته سڀئي گل ٽڙي پون،

مولا ڏٺو ته طالب الموليٰ اچي پيو.

امين سائين جن بلند پايه شاعر ته هئا، پر مشاعري ۾ اختصار سان پڙهندا هئا ۽ ڳالهائيندا به نهايت مختصر هئا. هڪ ٽي.وي انٽرويو ۾ کانئن پڇيو ويو ته اوهان مختصر گفتگو ڪندا آهيو، ان جو ڪو سبب؟ فرمايائون ته مان گفتگوءَ کي مختصر ڪرڻ جو قائل آهيان ۽ ايترو ڳالهائيندو آهيان جيتري موضوع جي ضرورت هوندي آهي. پوءِ سنڌيءَ جي اها چوڻي ٻڌايائون.

واءُ کري ته ڪري جهڪ، ٻني کري ته ڪري اڪ،

گهوڙو کري ته ڪري ڊڪ، ماڻهو کري ته ڪري بڪ.

سو مان مختصر ڳالهائڻ جو قائل آهيان.

سائين امين فهيم جن هالا ۾ گهٽ رهندا هئا، عيد براد يا ڏينهن وار تي ئي هالا ۾ ايندا هئا. سو مون پنهنجي عرضداشت جناب انورهالائيءَ جي معرفت موڪلي، جنهن ۾ لکيو هوم ته هالا پراڻا واري بزم جي شاخ ڪنهن ٻئي کي ڏجي. ان جي جواب ۾ انور صاحب سندن هڪ چٺي کڻي آيو جنهن ۾ لکيو هئائون ته: ”سوز جهڙي روشن خيال شاعر ۽ اديب کي اهڙي اجازت ڏيئي نه ٿي سگهجي.“ سائين جن جا اهڙا الفاظ پڙهي حيران ٿي ويس ته سائين جن مون ناچيز لاءِ ڪهڙا نه جذبا رکن ٿا.

منهنجو ڪتاب ”ڪارون وس ڪيام“جيڪو استاد محمد جمن جي فن ۽ شخصيت بابت لکيل قبلا سائين طالب الموليٰ جن کي منسوب ڪيل آهي. مخدوم شفيق الزمان آڊيٽوريم ۾ کڻي ويس، پاڻ وڃي رهيا هئا، آءٌ به وڃي پهتس، پاڻ ڪي گهڙيون رڪجي، اهو ڪتاب وصول ڪيائون ۽ گڏ فوٽو به ڪڍرايائون ۽ ”سنڌ جا شاعر“ چئي مصافحه ڪيائون. سائين جڏهن به ملندا هئا ته ”سنڌ جا شاعر“ چئي مخاطب ٿيندا هئا.

هڪ عيدالفطر تي سائين جن ڳوٺ آيل هئا سو آءٌ به ڪي گذارشات کڻي حاضر ٿيس. حال احوال پڇيائون ته هيءُ شعر پڙهي ٻڌايم.

پنهنجون خواهشون ننڍڙيون ٿي ويون،

هاڻي ٻار وڏا ٿي ويا آهن.

مشڪيا چيائون ته درخواست ڏيو. مون تنوير حسين جي ڪلارڪي لاءِ درخواست ڏني ۽ CV به پيش ڪئي، ويندي چيائون ته خدا مڙئي چڱي ڪندو. ٻن ڏينهن بعد اسلام آباد کان سائين سڪندر شاهه اطلاع ڏنو ته سائينءَ جن فرمايو آهي ته سوز جي ڊبل ايم-اي ۽ لا گريجوئيٽ فرزند لاءِ ڪلريڪل پوسٽ مناسب ڪونهي سو ان لاءِ اسٽيٽ لائيف انشورنس ۾ 16 گريڊ جي اسسٽنٽ مينئجر جي پوسٽ لاءِ Recommend ڪيو ويو آهي، سو پنهنجي فرزند تنوير حسين کي چئو ته ڪراچي وڃي جنرل مئنيجر مغل بيگ صاحب سان ملي. تنوير حسين ڪراچي وڃي مغل صاحب سان مليو. ضروري ڪاغذات به پيش ڪيائين، کيس چيو ويو ته ٻن ڏينهن بعد انٽرويوز ٿيندا سو تيار ٿي اچجو. مقرر ڏينهن تي تنوير حسين تيار ٿي انٽرويو لاءِ ڪراچي ويو ته کيس معلوم ٿيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر مقررين تي اليڪشن تائين بندش وجهي ڇڏي آهي، اهو نادري حڪم ٻڌي تنوير حسين سميت سڀ اميدوار هيسجي ويا ۽ مقررين جو هيءُ دروازو بند ٿي ويو ۽ پوءِ ٽن مهينن بعد اليڪشن ٿي. اليڪشن جهڙي ٿي اسان سڀني اکين سان ڏٺي ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر به ٽپڙ ٻڌي پرڏيهه هليو ويو ۽ سائينءَ خلاف طرح طرح جا الزام هنيا ويا، پر هن بهادر والد جي بهادر فرزند، تن کي مڙسيءَ سان منهن ڏنو.

منهنجي آخري ملاقات ساڻن اليڪشن 2013ع واري ڏينهن اٺاس بنگلي تي ٿي هئي. پاڻ ڏاڍا مايوس هئا. خير اليڪشن ته کٽي ويا هئا، پر دوستن جي سلوڪ کين حيرت زده ڪري ڇڏيو هو. ان افراتفريءَ جي عالم ۾ پاڻ 2 سال کن گذاريائون ۽ سندن طبعيت خراب ٿي ويئي ۽ پوءِ اوچتو سائين رحلت فرمائي ويو. (اِنا لله واِنا اِليہ راجعون)

سندن رحلت تي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان تعزيت آئي. هُو دنيا جو مشهور ۽ معروف شخصيت جو مالڪ هو. اڄ وري ريڊيو تان ساڳيو ڪلام هلي رهيو آهي:

سڄڻن جا ساريو سانگ، آءٌ ويٺي روز رڙان.

منهنجي نيڻن جا بند ڀڄي پيا ۽ بي اختيار هيءُ نوحو لکجي ويو:

نرمل نوح فقير جو ارڙهون شهزادو،

ڏاڍو ڏور هليو ويو.

ايڪهين نومبر، پندرهن تي سڄڻ سفر هليو.

ڏاڍو ڏور هليو ويو.

سنڌڙي تنهن جي سوڳ ۾ آهي رت رنو،

ڏاڍو ڏور هليو ويو.

جهڙو سندس نانءُ هو اهڙو پاڻ هو،

ڏاڍو ڏور هليو ويو.

هئه هئه هالا شهر جو شاعر گهٽجي ويو،

ڏاڍو ڏور هليو ويو.

”سوز“ انهيءَ جي سوڳ ۾ جڳ افسوس ڪيو،

ڏاڍو ڏور هليو ويو.

ڏاڍو ڏور هليو ويو.

هيءُ نوحو في البديهه لکندي منهنجو قلم رڪجي ويو ۽ سائين امين فهيم کي خدا حافظ چئي رخصت ٿيان ٿو.

غزل

تو ته ڪنهن سان وفا نه ڪئي آهي،

مون ۾ دلبر وفا گهڻئي آهي.

 

قيمتي شيءِ فقط محبّت آ،

ٻي ته هر چيز ڄڻ ڪ رئي آهي.

 

ڪو نه موٽئين سڄڻ وڃڻ کي وئين،

تو به وَهه جي وفا ڪئي آهي.

 

ڇو ٿو وعدا وفا جا مون کان وٺين،

تو سان الفت سڄڻ اڳئي آهي.

 

هر ڪلي اشڪِ غم سان سينگاريم،

مالهيءَ سمجهو ته ماڪ پئي آهي.

 

جان جي وئي ته ڇا ٿي پيو اي ”فهيم“،

دل به پنهنجي هٿن مان وئي آهي.

(مخدوم محمد امين ’فهيم‘)

12، اپريل 1959ع

 

سنڌي غزل جي اڌ ۾ رهجي ويل ڪٿا

(مخدوم امين ’فهيم‘ جي ياد ۾)

 

 

 

 

 

 

رکيل مورائي

 

        سنڌي غزل جو هڪ نرالو  ۽ روايتن جو امين نانءُ مخدوم امين ’فهيم‘ 4- آگسٽ 1939ع تي هڪ اهڙي علمي، ادبي، ۽ روحاني بزرگ گهراڻي ۾ ڄائو، جنهن جا سنڌ تي الڳ حوالن سان لکين احسان آهن. هن خاندان جو سلسلو، حضرت مخدوم سرور نوح عليه سان ملي ٿو. هن خاندان جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي آهي، اها وسارڻ جهڙي ناهي. هيءُ اهڙو خاندان آهي جنهن وٽ  خدمت ڪرڻ عبادت آهي، تڏهن ئي ته قبله سائين طالب الموليٰ پنهنجي خاندان منصب کان خدمت واري منصب کي مٿانهون رکيو هو. 21- نومبر 2015ع تي ان ديس ڏانهن روانو ٿيو، جتان هو آيو هو. دراصل هيءُ  اهو ديس آهي، جتان هر ساهوارو آيو آهي ۽ هر ساھ وارو واپس وڃڻو آهي، دنيا جي سڀني مذهبن ايئن ٻڌايو آهي ۽ سڀني مذهبن جا مڃيندڙ ايئن قبول ڪن ٿا، اسان به ايئن قبول ڪريون ٿا.

4- آگسٽ 1939ع کان 21- نومبر 2015ع تائين عمر جا ڇاهتر سال مخدوم صاحب هن جهان ۾ گذاريا ۽ انهن ڇاهتر سالن ۾، هن نصابي تعليم پرائي، سياستڪار بڻيو، چار شاديون ڪيائين، اڻ ڳڻيا عشق ڪيائين، يارنهن ٻار، ست پٽ ۽ چار نياڻيون اولاد ۾ ٿيس. اٺ ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو، ڪيترائي ڀيرا وزير ٿيو. چون ٿا ته هڪ کان وڌيڪ ڀيرا وزيراعظميءَ کي ٺڪرايائين، سنڌي اساسي شاعريءَ جي اهم شاعر مخدوم سرور نوح جي گاديءَ جو اڙهون سجاده نشين ٿيو، لکين مريدن جي مرشد هجڻ جو مرتبو ماڻيائين ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه پنهنجي هڪ زندگيءَ ۾ حاصل ڪيائين، پر سچ اهو آهي ته هڪ زندگيءَ ۾ هن جيتريون محبتون ماڻيون، انهن جو اظهار  21- نومبر تي ظاهر ٿيو، جو هن ملڪ جا  لکين ماڻهو سندس جدا ٿيڻ تي اوڇنگارون ڏئي رنا، هزارين ماڻهو سندس جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيا ۽ لکين آلين آکين الڳ الڳ هنڌن تي ڳوڙها ڳاڙيا ۽ کيس ياد ڪيو.

          سندس وفات تي  زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن تعزيتي بيان ڏنا، ڪيترن سياستدانن سياسي بيان ڏنا. اڄ جي سياست جي نالي ۾ ڏنل بيان جيڪي هر طرح ڪوڙ تي ٻڌل هئا، اُهي به جاري ٿيا، جن کيس اندران اندران ڏنڀ ڏنا. هڪ عمر ۾  ايتريون حاصلاتون جن شخصن جي کاتي ۾ وينديون آهن، پڪ سان اُهي اهم انسان هوندا آهن جن مان هڪ سائين مخدوم امين ’فهيم‘ به هو.

سمجهڻ گهرجي ته مٿي ڄاڻايل سڀ حوالا هڪ شخص جا سنساري حوالا آهن. منهنجي هنن سٽن لکڻ جو مقصد ڪو به سنساري حوالو کڻڻ نه آهي، مان مخدوم صاحب جي سنسار کي ڪجهه ڄاڻان ٿو ۽ ٻيا به ڪيترائي سندس هن سنسار کان واقف آهن، پر سندس هڪ اهڙو سنسار به آهي، جيڪو هِن سنسار کان الڳ آهي جيڪو هڪ تخليقي سنسار آهي، آدرشي سنسار آهي، رومانوي سنسار آهي جيڪو سندس شاعراڻي دفتر
”پيغام“ ۾ محفوظ آهي.

مخدوم امين ’فهيم‘ صاحب جي حوالي ۾ اهو سنسار مون جيان، جيڪي روحاني دنيا ۾ يقين رکن ٿا، انهن کي هيءُ به يقين هجڻ گهرجي ته اسان جيڪي شاعر آهيون، اهي شاعري ڪريون ٿا پر مخدوم خاندان اهڙن شاعرن جو خاندان آهي جن تي شاعري نازل ٿيندي آهي، جن کي يقين نه اچي، انهن کي هي ننڍڙا تفصيل ضرور پڙهڻ کپن.

        سنڌي اساسي شاعريءَ جو هڪ اهم شاعر جيڪو سندس جدِ امجد آهي، مخدوم سرور نوح رحمت الله عليہ جنهن جو  هڪ هڪ بيت، سون کان وڌيڪ قيمتي، ڌاتوءَ ۾ مڙهائڻ جهڙو آهي.

پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ ڀانيو ماڻهئا،

روئي ڇڙي رات، ڏسي ڏکوين کي.

۽

ماڙيون ڀانيان ٿي ماتام،

ماروئڙن لئه هيءَ دل ماندي،

ورهيه وهايم راتڙي.

 

        هن ڪافيءَ جو خالق، مخدوم امين محمد
”پکن ڌڻي“ جنهن خاندان جو تڙ ڏاڏو، جنهن شاعر جو والد قبله مخدوم طالب الموليٰ، سنڌي شاعريءَ جو هڪ فڪري اسڪول، جنهن جي علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتن جي داستان لکڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب گهرجن جيڪو مخدوم نوح سروررحه جي گاديءَ جو سترهون سجاده نشين ۽ اهو هن ٻاهرئين سنسار کي ٺڪرائڻ وارو فقير منش طبعيت رکڻ وارو سنساري اميري کي پيرن هيٺان رکڻ وارو مخدوميءَ تي خادميءَ کي فوقيت ڏيڻ وارو ۽ هيءُ اظهار ڪرڻ وارو ته:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ،

ته پو مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

 

        مخدوم امين فهيم صاحب ان شخص جو اولاد ۽ گهر ۾ سندس سڀ ڀائر شاعر، اديب، ادب دوست، علم دوست، موسيقيءَ جا دوست ۽ ڄاڻو جيستائين سياست عبادت هئي، ڪندا رهيا، جڏهن سياست واپار بڻي ته سڀن لڳ ڀڳ سياست ڇڏي ڏني ۽ اهڙي وقت مخدوم امين ’فهيم‘ فرمايو:

هن سان ٻيهر وفا ڪري ڏسبي،

پاڻ سان هڪ دغا ڪري ڏسبي.

اهڙو خاندان، جنهن تي لطيف سائينءَ جي هيءَ سٽ بلڪل پوري اچي ٿي ته:

جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي.

اهڙي خاندان جو هڪ حسين شاعر مخدوم امين فهيم اسان کان جدا ٿي ويو. جنهن پنهنجي جوانيءَ ۾ فرمايو  هو ته:

تعلق آهي اهڙو ئي، نظر جو ناز وارن سان،

رهي ٿو ربط جهڙي طرح، لهرن جو ڪنارن سان.

 

ڪڏهن ايئن ڪونه ٿيو آهي، ته گل دامن ۾ اٽڪي پئي،

مگر اٽڪيو پوي دامن، گلن هوندي به خارن سان.

 

پڪ سندس زندگيءَ ۾ ڪيترائي خار رهيا هوندا، ڇاڪاڻ ته سندس زندگيءَ ۾ گلن جو مقدار به ايترو آهي جنهن جو ڳاڻيٽو نه آهي، جنهن جو اظهار سندس شاعريءَ ۾ گهڻن ئي هنڌن تي آيو آهي. ڪي تڪڙا مثال هي آهن:

آ، سندءِ  انتظار ڪافي آ

دل تي بيدرد بار ڪافي آ.

 

راز ڪنهن کان لڪائيندي تون ”امين“

ٿي ويو آشڪار ڪافي آ.

 

جو دست چاڪ ٿو ڪري، دامن کي اي ” امين“

سوئي بچائي ٿو وٺي، دامن ڪڏهن ڪڏهن.

 

آئون تنهنجي تار ۾ ڦاسي پيس،

عشق جي آزار ۾ ڦاسي پيس.

 

گل پٽيندي خار ۾ ڦاسي پيس،

ڄڻڪ دامِ يار ۾ ڦاسي پيس.

 

ڪنهن جي قيدي ٿي رهڻ لئه اي ”امين“

ڄاڻي واڻي ڄار ۾ ڦاسي پيس.

        ۽ انهن کان سواءِ ڪيترن ئي گلن ۽ خارن جو ذڪر ڪندڙ هڪ حسين غزل لکندڙ شاعر هاڻ سنڌ وٽ نه رهيو آهي. سنڌي غزل جي تاريخ هن کي ڪيئن وساري سگهندي؟ البت اها تاريخ سندس ذڪر کان اڻ پوري ليکي ويندي.

        اهو سچ آهي ته کيس سياست جي سنسار تخليقي سنسار کان پري ڪري ڇڏيو هو، پر پوءِ به هن جي ڳالهائڻ مان، اٿڻ ويهڻ مان ۽ مرڪڻ مان هڪ شاعر جو درشن ٿيندو هو. هُو سراپا شاعر محسوس ٿيندو هو. کيس ڏسڻ سان محسوس ٿيندو هو ته هُو نه رڳو پاڻ شاعر آهي، پر شاعري ڪرڻ جهڙو شخص به آهي، هن سياست جي خاردار رستي تي هلي جتي سک پرايا، اتي اذيتون به سٺيون ۽ ڏک به ڏٺا. ان موڙ تي قبول ڪرڻو ٿو پوي ته کيس سياستدان جو دماغ ته ضرور هو، پر هن وٽ دل فقط ۽ فقط شاعراڻي هئي، اڄ سنڌي شاعري پنهنجي هڪ محبوب شاعر کان محروم ٿي ويئي. اها دل بيهي وئي جيڪا ڪنهن حسين چهري کي ڏسي بار بار ڌڙڪندي هئي.

        اهو ڏک رڳو شاعريءَ جو نه آهي، پر اسان سڀني سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جو به آهي، جيڪو شايد اسان کان گهڻو وقت وسري نه سگهي. ٻيءَ طرح سندس سڪيلڌي شاعراڻي ڪتاب ”پيغام“ کي سنڌي شاعراڻو ادب ڪيئن وساري سگهندو؟

        مخدوم سرور نوح رحمت الله عليہ  جي خانداني گاديءَ کي اڻويهون سجاده نشين مليو. هڪ محبوب شخص ۽ هڪ محبت جو پرچار ڪندڙ خوبصورت غزل جو شاعر،  ٻن درجن ڪتابن جو ليکڪ ۽ مرتب، جميل سائين! پر سنڌي غزل جي ڪٿا اڌ ۾ رهجي وئي جيڪا شايد ڪڏهن به مڪمل نه ٿي سگهي. جميل سائينءَ سان نه فقط سندن
سجاده نشينيءَ جو سلسلو قائم ٿيو، پر سنڌي شاعريءَ سان به سندن سلسلو قائم رهيو. سنڌ لاءِ اهو سڀاڳ جو ڏينهن آهي. جميل سائينءَ جي سجاده نشيني جي خوشي ۽ ڏاڏا سائين مخدوم امين ’فهيم‘ جي وڇوڙي جي غم ۾ ورتل سنڌ کي سندن شاعري ته آٿت ڏيندي ئي سهي، پر سندن دعائن جي گهرج به آهي، جيڪي پڪ سان ڪڏهن به سنڌ کان جدا ٿيڻيون ئي نه آهن، آمين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org