سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-3\2016ع

باب:

صفحو:4 

مخدوم امين ’فهيم‘ هڪ بااصول ۽

بيمثال جمهوريت پسند سياستدان

 

 

 

 

سيد خورشيد احمد شاهه

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي وفات، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ جمهوريت پسند عوام جي لاءِ انتهائي ڏک وارو لمحو آهي، مخدوم  امين فهيم پنهنجي اصول پسندي، وفاداري ۽ جرئت ذريعي جمهوريت، عوام ۽ پارٽيءَ لاءِ ڪيترائي بيمثال داستان جوڙيا آهن، هن پيپلز پارٽيءَ کي ڇڏڻ جي قيمت تي کيس وزارتون به آڇيون ويون، ايتري تائين جو ڪيترا ڀيرا وزير اعظم جي به آڇ ٿي، مگر هن اصول پسندي ۽ وفاداريءَ جو جهنڊو بلند ڪندي وڏن وڏن عهدن کي ٺڪرائي ڇڏيو.

مخدوم امين ’فهيم‘ آمرن ۽ ابن الوقت جي طرفان آرام و آسائش ۽ طاقت جي وڏن وڏن عهدن کي ٺڪرائي عوام سان گڏ جدوجهد جي مشڪل رستن کي اپنايو ۽ هر دور ۾ پوري طاقت ۽ جرئت سان پيپلز پارٽيءَ سان گڏ رهيو. مونکي ياد آهي ته 2002ع ۾ کيس پرويز مشرف جي طرفان وزيراعظم جي پيشڪش ٿي ته محترمه بينظير ڀُٽو آزاد فيصلي ڪرڻ جي کيس اجازت ڏيندي چيو ته هُو چيئرمين پيپلز پارٽي پارليامينٽ جي حيثيت ۾ فيصلو ڪري سگهي ٿو. مخدوم صاحب منهنجي ۽ رضا ربانيءَ جي موجودگيءَ ۾ پرويز مشرف سان ملڻ ويو، ملاقات کان پوءِ واپسيءَ تي هن ٻڌايو ته هن سندس وزير اعظم ٿيڻ جي آڇ ڪئي، پر مون ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته وزير اعظم جي آڇ پيپلزپارٽي ڇڏڻ سان مشروط آهي ۽ هُو پيپلزپارٽيءَ سان غداري ۽ پنهنجي ضمير جي قيمت تي ڪابه آڇ قبول نٿو ڪري سگهي. ان جي باوجود اسان ڏٺو ته انهيءَ دور ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽن تي چونڊجي ايندڙ ڪجهه ميمبرن، پارٽيءَ جي اصولن تي سودو ڪري ننڍيون ننڍيون وزارتون ۽ حڪومتي عهدا قبول ڪيا، پر مخدوم صاحب جي اصول پسندي، جمهوري فڪر و عمل نه صرف اهو، پر هن عوام جي هر طبقي ۾ قابلِ احترام ٿي ويو ۽ ان عوام کي ئي عزت بخشي ۽ هو پنهنجي ڊگهي سياسي سفر ۾ هميشه ناقابل شڪست رهيو ۽ اهڙي طرح پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ منفرد رڪارڊ قائم ڪيو آهي.

جهڙي طرح مخدوم امين ’فهيم‘ صاحب جي والد مخدوم محمد زمان طالب المولى به ضياءالحق جي طرفان وزارتن   جي پيشڪش کي ٺڪرائي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ڀٽو شهيد ۽ بينظير شهيد سان عهد وفاداري نڀايو  هو.

مخدوم امين ’فهيم‘ پيپلز پارٽيءَ جو قيمتي سرمايو هو، پيپلز پارٽيءَ جي تاريخ جي هر مشڪل موڙ تي ان جو سهارو بڻجندو رهيو ۽ اهڙي عظيم اڳواڻ جي مدبرانه ۽ سياسي بصيرت سبب پيپلز پارٽي هر آزمائش ۾ هميشه سرخرو ٿي نڪتي. مخدوم صاحب دنيا کان ڪاميابي، عزت ۽ وفاداري جو احساس کڻي رخصت ٿيو آهي، هُو زندگيءَ ۾ به پنهنجي پارٽيءَ ۾ وڏي مرتبي سان رهيو ۽ پنهنجي فوت ٿيڻ کان پوءِ به ان جون اعلى خدمتون ماڻهن جي دلين ۾ هميشه زنده رهنديون. هُو نه صرف پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پر پاڪستاني عوام جي دلين ۾ به سياسي بصيرت جي ڪري کيس احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. مان دعاڳو آهيان ته الله تعالى کيس جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي ۽ ان جا درجات بلند ڪري.

سنڌ جو سُلڇڻو پِيرُ:

مخدوم محمد امين ’فهيم‘

 

 

 

 

 

 

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

 

اچ پرين تنهنجي رهي ٿي ياد دل ۾ هر گهڙي،
مون کي تون منهنجا ”امين“ هڪڙو به پل وسرين نٿو.

(فهيم)

درگاهه مخدوم سرور نوحرحه جو 18- هون سجاده نشين مخدوم محمد امين ’فهيم‘ (4- آگسٽ 1939ع- 21- نومبر 2015ع) هڪ مثالي شخصيت جو مالڪ هو. سندس ئي هڪ غزل سان هن مقالي جي ابتدا ڪجي:

”تون رُسي وئين، اي رشڪِ لالہ و گُل،

اڄ خزان کي بهارُ ڪير ڪري.

تون سڀاڻي چوين ٿو ملندس پر،

ايترو انتظار ڪير ڪري.

عمر چشم زدن مثل آهي،

ساهه تي اعتبار ڪير ڪري.

ڪوبه هت رازدان ناهي فهيم،

حالِ دل آشڪار ڪير ڪري.“

شاعري سندس خانداني ورثو هو، جنهن جو پاڻ هڪ لائق وارث ثابت ٿيو. شخصي طور تي هڪ حيرت انگيز وڏو ماڻهو هو. سندس گهڻ رخي شخصيت جي هر رخ ۾ هڪ ڪامل شخص موجود هو. سياست، سچائي، جٽاداري، بهادري ۽ برد باري جي هڪ سرواڻ ۾ سموئجڻ جو هڪ انوکو مثال هو. سڄي زندگي هڪ ئي سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان وابسته رهيو ۽ وقت جي لڳندڙ طوفانن ۾ ڪڏهن سياسي مصلحت کان ڪم نه ورتائين. وقت جي آمر حڪمران کيس وزيراعظم ٿيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا مُرڪي موٽائي ڇڏيائين. پنهنجي مثالي والد محترم مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ (5- آڪٽوبر 1919ع- 11- جنوري 1992ع) جي نقش قدم ۽ تربيت تي قائم رهيو، جنهن سنڌ جي گورنري جي آڇ ائين چئي موٽائي ته ”اسان لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمني موزون آهي.“

مخدوم محمد امين فهيمرح تمام اعليٰ انساني خوبين سان سينگاريل هو. همدردي، خوش اخلاقي، برداشت ۽ بردباري، نيڪي ۽ نيڪ نيتي سندس خاص اوصاف هئا. وفا جي بدلي جفا کي خنده پيشانيءَ سان قبول ڪرڻ ۽ شڪايت نه ڪرڻ جو شايد واحد مثال هو. شان شوڪت ۽ وضعداري سندس خانداني روايت هئي جنهن ۾ هن نهٺائي ۽ خوش مزاجيءَ جو اضافو ڪيو. سندس نسب جو سلسلو هن ريت آهي:

مخدوم محمد امين فهيم ولد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ولد مخدوم غلام محمد گُل سائين ولد مخدوم ظهير الدين پريل ڄام ولد مخدوم امين ولد مخدوم محمد زمان سرڪار ولد مخدوم امين محمد ولد مخدوم محمد زمان رابع ولد مخدوم امين محمد ولد مخدوم پنيلڌو ولد ميان مٺڻ ولد مخدوم محمد زمان 11هون سجاده نشين، مخدوم ميرل معصوم بن مخدوم محمد زمان حافظ 10 سجاده نشين هو، ولد مخدوم مير محمد ولد مخدوم محمد زمان (ثاني) ولد مخدوم مير محمد ولد مخدوم محمد زمان (اول) ولد مخدوم عبدالخالق ولد مخدوم ابو محمد ولد امين محمد ابوالخير ولد مخدوم سرور نوح لطف الله ولد مخدوم نعمت الله ولد مخدوم اسحاق ڀاڻوٺي ولد مخدوم شهاب الدين ولد مخدوم سرور ولد شيخ فخر الدين صغير ولد شيخ عزالدين ولد شيخ فخر الدين ڪبير ولد شيخ ابوبڪر ڪتاني ولد شيخ اسماعيل ولد شيخ عبدالله ولد شيخ نصيرالدين ولد شيخ سراج الدين ولد شيخ ابو نجيب القاهر ولد شيخ عبدالله ولد شيخ محمد ولد شيخ عمويه ولد سعد ولد الحسين ولد القاسم ولد النضر ولد القاسم ولد النضر ولد عبدالرحمٰن ولد القاسم ولد محمد ولد حضرت ابوبڪر صديقرضه.

(تاريخ باب الاسلام، ص 138-139)

سوانح: ولادت 4- آگسٽ 1939ع

گل خوش رنگ نمودار شد بگلشن نوح

هزار بار مبارڪ زرسيد شام و صبوح

(سينڌو خان، صيد)

شادي: 21- جون 1957ع، عمر 19 سال

شاعرن قطعه تاريخ لکيا:

چڱي تاريخ 20 جون ۽ ذوالقعد 21 هين..

(محبوب سروري)

اولاد:

 7 فرزند: مخدوم جميل الزمان جميل، مخدوم شڪيل الزمان، مخدوم عقيل الزمان، مخدوم نجيب الزمان، مخدوم خليل الزمان، مخدوم جليل الزمان ۽ مخدوم ابو محمد سنڌيار.

مسند:

سندن مسند تي وڏو فرزند مخدوم جميل الزمان جميل فائز آهي. هُو علم و ادب جي ميدان ۾ هڪ محقق، شاعر ۽ مصنف جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ صاحبِ ديوان آهن ۽ سندن ڪلام جا 3 مجموعا شايع ٿي چڪا آهن: 1. ملاقات
2. اُتر لڳا آءُ پرين ۽ 3. محبت پائي من ۾. ازان سواءِ متعدد ڪتاب ڇپرايا اٿن جيڪي تمام تر علمي ۽ ادبي دنيا ۾ قابلِ قدر آهن. انهن ۾ جديد شاعريءَ جو انتخاب بعنوان ”صبوحي“، ديوان طالب الموليٰ انتخاب بنام ”دلربا دلربا“ شاهه جي رسالي مان انتخاب ”سامي سج وڙاءُ“، مخدوم سعيد الزمان عاطف جي شاعري: ”پاڻ مراديون ڳالهڙيون“ ۽ ”انت محبوبي“
نعتيه شاعري خاص آهن.

سروري جماعت:

”سرور“ خطاب هو حضرت مخدوم نوحرح جو، جيڪو 22- فيبروري 1506ع کان 17- سيپٽمبر 1590ع تائين هڪ درخشان ستاره طور تاريخ ۾ نمودار ٿي گذريو. سندن مريدن پاڻ کي ”سروري جماعت“ ۾ گڏايو ۽ ۽ اُها نَوَ لک گودڙي سڏجڻ ۾ آئي يعني اُن وقت نوَ لک مريد انهي هدايت جي حلقي ۾ شامل هئا. زماني جي ستم ظرفي سنڌي قوم کي ڏتيڙي ڇڏيو ليڪن سروري جماعت جي فقيرن تي ڪنهن هٿ نه کنيو. اها هڪ عبرت انگيز تاريخي حقيقت آهي. اڄ به اها سروري جماعت قائم ۽ دائم آهي، سندس استحڪام، مرشد ۾ مڪمل اعتقاد ۽ پاڻ ۾ ٻڌيءَ تي منحصر آهي.

شاعري:

سندن تخلص ’فهيم‘ حضرت مخدوم طالب الموليٰ سندن والد محترم جو ڏنل هو. اڳ پاڻ ’امين‘ تخلص ڪندا هئا. هڪ مداح کين مخاطب ٿي چيو ته: ”اوهان ’امين‘ به آهيو ته ’فهيم‘ به آهيو“. هڪ ”بزم امين“ قائم ڪئي وئي. اهو سال 1955ع هو ۽ شريڪ شاعر حضرات ۾ خود پاڻ امين ’فهيم‘ کان علاوه جناب علي بهادر عڪس، علي احمد شاهه ساقي، امير علي شاهه امير، خورشيد شاهه ساغر، مهر علي تابع سروري ۽ ٻيا همعصر شاعر حضرات شامل هئا. انهن مان ڪجهه حضرات بعد ۾ شاعري ڇڏي ڏني. ليڪن مخدوم امين ’فهيم‘ مسلسل شعر چوندو رهيو. سندن ذهن ۾ رواني هئي: ”اي وطن اي جانِ من.....“ هڪ قومي نظم، جڏهن 1965ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪوٺايل آل سنڌ قومي ترانن جي مشاعره ۾ پڙهيائون ته کين پهريون انعام ڏنو ويو. مٿس تنقيد ۽ الزام تراشي ٿي، تنهنڪري بعد ۾ قومي ترانا لکڻ ڇڏي ڏنائون.

سندن مشهور ڪافي ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس“ مصري فقير محفل ۾ ڳائي ۽ سائين طالب الموليٰ کين فرمايو: ”...اسان جو سڄو ڪلام وٺ ۽ اها ڪافي اسان کي ڏئي ڇڏ!“

سندن شاعري غزل، قطعه، نظم، ڪافي ۽ ڏوهيڙن تي مشتمل آهي. اردو شاعري شايد اڃا شايع ٿيندي. سندن ڪلام جو مجموعو ’پيغام‘ جي عنوان سان، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جي طرفان پهريون ڀيرو ڊسمبر 1990ع ۾ شايع ٿيو جيڪو ڪل 305 صفحن تي مشتمل آهي. ڪلام پڙهندڙن جي ذوق وٽان آهي:

”ساهه ٿڌا ها بادِ صبا جيئن

اشڪِ هجر ڪئين ڪنول سجايا.“

 

”دل صراحي ڪئي اٿم

خون ٿيو آهي شراب.“

ماٺ جي ميدان ۾ اهڙو ڪو هنگامو ڪجي.

برهه جي باهين اڳيان پرجوش پروانا هجن.

ظلم ۽ زوريءَ جا هٿ ڪاٽي ڇڏڻ لاءِ دوستو!

ڪونه ڪو اڳتي هلي ايندو اسان مان عنقريب!!

جت خرد جو ٿيو ڪمال، ات عشق ۾ رکيم قدم.

ٿي جڏهن هڪ انتها، ٻي ابتدا حاصل ڪيم.

ساري دنيا کان گذاريان ٿو جدا، پرمست و خوش،

هي سبب آهي جو دل درد آشنا حاصل ڪيم.

اچي ٿيو تنگ منهنجي شاعرانه عرض کان سهڻو،

چيائين وڃ هتان فوراً چيم ”دلبر خدا حافظ!“

”جي حياتي وفا ڪئي ته فهيم،

عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي“.

”ڪئرزمئٽڪ“، انگريزي زبان جو لفظ آهي. اسين چونداسين، ”جاذبِ نظر“ يا دلربا جنهن کي ڏسڻ سان ماڻهو ازخود انهيءَ ڏانهن ڇڪجي وڃي. مخدوم امين ’فهيم‘ مرحوم لاشڪ هڪ دلربا جاذب نظر ۽ دلنشين انسان هو. 21هين نومبر 2015ع جو سج غمزده ٿي طلوع ٿيو.

”هر ڪلي اشڪِ غم سان سينگاريم،

مالهيءَ سمجهو ته ماڪ پئي آهي.“

محمّد تنهنجي ميءِ جو مان ٿيس ميخوار بسم الله

ڀري ساقي پيالي تي پيالو پيار بسم الله.

اطاعت الٰهي:

سڄڻ آهيان سندءِ نوڪر انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي،

تون سائين ۽ سخي سرور انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي.

تنهنجو ڪو ناهي رفيق

تون مڙن جو يار ٿي

يار جي در تي فهيم

رهڻو اٿئي پينار ٿي.

انڪساري:

درخت ۾ جيترو ميوو زياده، اوترو اهو نميل ٿو رهي: فهيم، انڪساريءَ جو پُتلو هو: جيڪو هڪ دفعو مليو سو ڄڻ ڦاٿو، دل چوندس ته وري ملان، وري ڏسان! مٺو ۽ جهيڻو انداز گفتگو!

عظمت/ (شائستگي):

عظيم اهو آهي جيڪو قائم آ، اهو قادر مطلق آهي.

ذاتي تاثرات قلمبند ڪرڻ مشڪل آهن. بس انهيءَ ۾ سڀ ڪجهه اچي ويو ته هُو هڪ عظيم انسان هو.

ARY چئنل تي 26- جنوري 2016ع تي رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف جو انٽرويو شايع ٿيو، جنهن ۾ هن تسليم ڪيو ته مخدوم امين ’فهيم‘ هڪ عظيم انسان هو ۽ تصديق ڪئي ته هن کي وزيراعظم ٿيڻ جي آڇ ڪئي وئي ليڪن هن پنهنجي سياسي پارٽيءَ سان وابستگي کي ترجيح ڏني.

هن اعليٰ انسان ۽ محبوب شخصيت کي سندس والد محترم ”ڏاڏا سائين“ جي نالي سان سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته ”امين محمد“ جي اسم شريف سان ئي وڏا ڏاڏا اڳ ٿي گذريا هئا.

هن نامڪمل مقالي جو اختتام لاکيڻي لطيف جي هنن ٻن بيتن سان ڪجي:

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،

آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مُون مارِين

جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

(سُر رامڪلي)

اوري هُئا ته آئيا، جيڪس ويا پري،

ساٿي سَڏَ ڪري، ماڳ نهاري موٽيا.

(سُر گهاتو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org