سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-3\2016ع

باب:

صفحو:8 

هڪ تاريخ ساز شخصيت

مخدوم امين ’فهيم‘

 

 

 

ڊاڪٽر ممتاز ِڀٽو

هالا شهر ۾ مخدوم نوحرحه جي خاندان ۾ بزرگ هستيون پيدا ٿيون آهن، جن نه صرف ماڻهن جي ديني خدمت ڪئي، پر ملڪ جي آزاديءَ لاءِ اهڙي سوچ ڏني ۽ درس ڏنو جو اڄ به اهو خاندان ’نَوَ لکي گودڙي‘ وارو سڏجي ٿو، سندن مريدن ۽ معتقدن جي هن خاندان لاءِ محبت ۽ اعتماد ڏسي عقيدت کان اکيون هيٺ ٿي وينديون آهن.

هِن خاندان جو هڪ چشمِ و چراغ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ انگريزن جي دورِ حڪومت يعني British Period in India 4- آگسٽ 1939ع تي مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جيڪو سروري جماعت جو روحاني پيشوا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنيادي ميمبر بڻيو، جي گهر هالا ۾ جنم ورتو. چوندا آهن: ”سدورو ٻار پينگهي ۾ پڌرو“. مخدوم امين ’فهيم‘ سهڻي صورت جو مالڪ پنهنجي سدورائپ کڻي هن دنيا ۾ آيو، سندس شخصيت اعليٰ، ڳالهائڻ ۾ ڌيرج ۽ مُنهن ۾ مڻيا هوندي هئي.

سندن والد صاحب، ڀٽي صاحب جو سچو ساٿي ۽ وعده وفا هو. اهوئي سبب آهي جو ڪيترين لاهين چاڙهين جي باوجود سندن خاندان اڄ به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ٻانهن ٻيلي ۽ سچو ساٿي آهي. جڏهن ته وڏا وڏا گڙنگ پئسي يا سرداريءَ جي زور تي وڃي پنهنجي پنهنجي بيٺڪ جوڙي، اڪيلا ئي رهجي ويا ۽ عوام جي دلين تان ميسارجي ويا پر ذوالفقار علي ڀٽي جي سحر انگيز شخصيت جا ديوانا اڄ به اوچو ڳاٽ کنيو بيٺا آهن.

مخدوم طالب الموليٰ، ڀُٽي صاحب سان گڏ 1967ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌو هو، هڪ اعليٰ تعليم يافته نوجوانن جو ٽولو هو، مخدوم طالب الموليٰ جيستائين زندهه هئا، پنهنجي پارٽيءَ سان ئي محبت ڪيائون. ضياءُالحق جي آمرانه دور ۾ جڏهن کين پيغام مليو ته هُو مخدوم صاحب سان ملڻ ٿو چاهي، ته پاڻ کانئس ملڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته جنرل ضياءُ، شهيد ڀٽي جو قاتل هو، غاصب هو، جنهن ڪروڙين انسانن کي هڪ اهڙو غم ڏيئي ڇڏيو هو، جنهن جو ماتم اڄ تائين پيو هلي.

مخدوم امين ’فهيم‘ 1955ع ۾ ميٽرڪ ۽ 1958ع ۾ انٽرميڊئيٽ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي جهڙي عظيم درسگاهه جي (Political Science) مان 1961ع ۾ بيچلر جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ خاندان ميراث مطابق، سياست ۾ حصو ورتو ۽ 1970ع واري الڪيشن ۾ ميمبر صوبائي اسيمبلي چونڊيا ويا ۽ جيستائين حيات رهيا، تيستائين ملڪ ۾ ٿيندڙ هر اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي طرفان اليڪشن لڙيا. يعني 1977ع، 1988ع، 1993ع، 1997ع، 2002ع ۽ 2008ع ۽ هميشه ڪاميابي حاصل ڪئي. ضياءُالحق جي فوجي دور ۾ ٿيندڙ 1985ع واري اليڪشن ۾ پارٽيءَ جي فيصلي مطابق باءِ ڪاٽ ڪيو، شهيد محترمه بينظير ڀُٽي جي دورِ اقتدار ۾ مخدوم صاحب وفاقي وزير رهيو.

مارچ 1989ع ۾ ڊسمبر 1988ع ۽ مارچ 1989ع ۾ منسٽر ريلوي، نومبر 1996ع، جون 1994ع ۾ منسٽر هائوسنگ ورڪ رهيا، ان سان گڏ مخدوم صاحب پنهنجي والد بزرگوار وانگر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا سينيئر ڪوچيئرمن به رهيا، 2008ع واري اليڪشن ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ هو وزير ڪميونيڪيشن رهيا.

شهيد ڀٽي جي شهادت کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ڀٽي خاندان جي وارثي گهڻو تڻو مخدوم خاندان حوالي ٿي، ڀُٽي خاندان کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ ۾ مخدوم امين ’فهيم‘ ۽ سندن فيملي جو وڏو ڪردار آهي. ضياءُالحق، مخدوم امين ’فهيم‘
جو سياسي ڪردار ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اهم پايو سمجهندي، کيس اُتان هٽائڻ جي ڪوشش ۾ ڪڏهن گورنريءَ ڪڏهن وفاقي وزير جا عهدا آڇيا، پر پاڻ اُهي سڀ آڇون ٺڪرائي پنهنجي پارٽيءَ سان وفادار رهيا.

محترمه بينظير ڀُٽي جي جلاوطنيءَ کان پوءِ مخدوم صاحب جنهن نموني پارٽيءَ کي سنڀاليو ۽ مقبول رکيو، اُن جو مثال تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو. مشرف جي مارشل لا ۾ کين وزيراعظم جو عهدو آڇيو ويو، پر پاڻ انڪار ڪيائون. 2002ع ۾ جنرل پرويز مشرف جي وار کان بچڻ لاءِ ٺهيل پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جا باني چيئرمين مقرر ٿيا ۽ تاحيات رهيا، ڇاڪاڻ ته وفا جو اهو قدم جيڪو سندن والد صاحب کنيو هو، سندن خون ۾ سمايل هو، شهيد محترمه بينظير ڀُٽي کي مخدوم امين ’فهيم‘ تي وڏو اعتبار ۽ اعتماد هوندو هو، ڇاڪاڻ ته هُو وفا جو اهو هيرو هو جو هر حالت ۾ جَرڪندو هو، سندن شخصيت غيرمتنازع هئي. اختلافن کي ڊائلاگ يا ڳالهين ذريعي حل ڪندا هئا. وفا جي هن مجسمي اڳيان ڪيئي تڪليفون، مارشلائون، پريشانيون آيون، پر هن وفاداريءَ جو مانُ رکيو. ليڊر سان محبت به عجيب محبت آهي جيڪا سڀ کان اونچي ۽ مٿي آهي. محترمه سان گڏ هلندي مخدوم صاحب جي چهري تي جيڪا عقيدت ۽ محبت جو نکار هوندو هو، اهو هر باشعور ماڻهو سمجهي سگهي ٿو. محترمه سندس بي انتها عزت ڪندي هئي، هر صلاح مشوري لاءِ کيس دبئي گهرايو ويندو هو.

محترمه بينظير ڀُٽو جڏهن جلاوطني ختم ڪري پاڪستان پهتي هئي، ان جو استقبال جنهن شان ۽ مانَ سان ٿيو، اسين انهن جا اکين ڏٺا شاهد آهيون. سندس جلوس ۾ بمباري، ٻئي ڏينهن تي مزارِ قائد تي سندس حاضري، اسپتال ۾ زخمين جي عيادت، انهيءَ سموري سرگرميءَ دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو، اسان ڏٺو ته هرهنڌ مخدوم صاحب هن سان گڏ رهيو. 27- ڊسمبر 2007ع ۾ جيڪا راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ شامِ غريبان رونما ٿي، تنهن ۾ محترمه جي هر جملي ۾ مخدوم صاحب جي عقيدت ۽ اعتماد پئي ظاهر ٿيو، تقرير کان پوءِ محترمه تي فائرنگ ۽ بمباريءَ دوران ۽ سندس شهادت واري اذيت کي مخدوم صاحب اکين سان ڏٺو. شهادت جي سانحي کان پوءِ مخدوم صاحب تي صبر جو هڪ پردو چڙهي ويو ۽ معمولي واري سڀاءَ ۾ نمايان تبديليون ڏسڻ ۾ آيون، هُو شايد محترمه جي شهادت جو ڏک ۽ پيڙا کي اندر ۾ برداشت ڪندو رهيو.

هُو هڪ پُرخلوص، باوقار، پنهنجي پارٽيءَ سان نيڪ نيت ۽ وفادار شخص هو. هو شهيد ڀُٽي، شهيد محترمه ۽ بلاول ڀُٽي زرداريءَ جو ساٿي رهيو. شهيد محترمه جي ٽيجهي تي بلاول ڀُٽي زرداريءَ جي چيئرمين طور مقرريءَ وقت جڏهن بلاول ڀُٽي هڪ تاريخي جملو (Democracy is the best Revenge) جنهن دنيا کي روئاري ڇڏيو. بلاول ڀٽي زرداريءَ جو ضبط سندس آلين اکين کي مخدوم صاحب ڏسندو رهيو ۽ صبر سان ويٺو رهيو.

مخدوم صاحب فطرتاً شاعر هو. شاعر جو سماج جي نبض تي هٿ رکيل هوندو آهي، سندس چوڻ (Poetry is my first Love) هن ان دور ۾ شاعري شروع ڪئي، جڏهن هالا نوان جو شهر، سنڌي علم و ادب جي آسمان تي چنڊ وانگر پئي چمڪيو. سندن والد محترم سنڌي علم  و ادب جو روح روان هو. سڄيءَ سنڌ جي شاعرن، اديبن ۽ عالمن جو رُخ هالا ڏانهن هوندو هو تڏهن مخدوم امين ’فهيم‘ جي شاعريءَ معراج ماڻي ورتو هو:

بيوفا سان جفا ڪڏهن نه ڪجو،

دوستو هي خطا ڪڏهن نه ڪجو،

 

سورَ سيني کي نيٺ صاف ڪندا،

درد دل جي دوا ڪڏهن نه ڪجو.

هُو چوندو هو ته کيس رومي، شاهه ڀٽائي ۽ سچل جي شاعريءَ متاثر ڪيو، هنن جي شاعري سندس زندگيءَ تي اثرانداز ٿي ڇاڪاڻ ته مٿيان شاعر امن ۽ محبت جو درس ڏيڻ وارا شاعر هئا.

مخدوم صاحب جي شاعريءَ جو مجموعو ”پيغام“ ڪتابي صورت ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1990ع ۾ شايع ڪري پڌرو ڪيو ويو، سندس شاعريءَ جا غزل ۽ گيت، ڪيترن فنڪارن جي آواز ۾ نشر ٿيندا آهن، هُو جيترو سياست ۾ دلچسپي رکندو هو، شاعريءَ ۾ به سندس ايترو حصو هو، پر سياست جو ته هُو وارث هو ۽ شهيد ڀُٽي جي سحرانگيز شخصيت جو مٿس اثر هو، سندس چوڻ هو ته هن جو ان ڳالهه ۾ يقين ناهي ته هُو عوام تي راڄ ڪري، پر کيس اهو يقين آهي ته هُو ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري. اهوئي سبب هو جو نه صرف هن جي حلقي جا ووٽر، پر سڄي سنڌ ۽ پاڪستان جي سڀني صوبن ۾ هُو مقبول شخصيت رهيو. ماڻهو هن کي ڪامياب ڏسڻ چاهيندا هئا. سندس ان حُسنِ سلوڪ، الله طرفان کيس ڏنل ڏات، سندس ڪومل جذبا ۽ شاعراڻي تخليق، پنهنجي پارٽيءَ سان سچائي، وفا شعاري ۽ ڪاميابين جي ڪري سندس ذات ۽ شخصيت تاريخ ۾ هڪ اهم جاءِ والاري آهي. الله تعاليٰ کين جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪندو.

سندس ڪجهه شاعري جا مصرع پيش خدمت آهن:

توسان اڄ همڪلام ٿيڻو هو،

دردِ فرقت تمام ٿيڻو هو،

اوچتو وئين ملي اي ماهِه لقا،

مون تي هي لطف عام ٿيڻو هو.

 

چڱو جو مون کي مليو درد پنهنجي درد جو،

جو ان سبب ئي گهٽيو انتظار محشر جو،

کڻي ڪٿي به هجان مون سان هو ملي نه ملي،

تڏهن به وردِ زبان هوندو نام سرور جو.

 

يا مون کي علمبردار نه ڪر

يا منهنجو ڪو خالي وار نه ڪر،

هي عرض آ توکي منهنجا خدا،

ڪنهن غير اڳيان لاچار نه ڪر.

محبوب مٺا سر پنهنجو تريءَ تي،

پاڻ وڍي ٿو پيش ڪيان،

تون مون کي ڪُهڻ جي ڪوشش ۾،

 

تڪليف نه وٺ ۽ وار نه ڪر.

هت ڇا جو ”فهيم“ اڄ فڪر ڪبو،

لاڳاپا ڇڏي تون ڪاهي پؤ،

هن عشق جي درياهه منجهه گهڙي،

ڪو عار نه ڪر انڪار نه ڪر.

 

گل خوش رنگ

 

 

 

 

 

ڊاڪٽر محمود مغل

 

سرد هوائن ۾، ٿڌي سڀاءَ وارو سائين مخدوم محمد امين فهيم صديقي، جهان مان رخصت ٿيو آهي. اِنالله واِنا اِليہ راجعون. بردباري، متانت تي، سليقي ۽ سڀاءَ جو هڪ باب بند ٿيو ۽ هاڻي وقت ان ڪتاب جي جِلدسازي ڪندو. مخدوم امين فهيم، ڪالهه 21- نومبر 2015ع، بروز ڇنڇر، بمطابق 9- صفر المظفر 1437هه جي، صبح جو سوير فاني جهان مان موڪلايو. هاڻي اسان وٽ ڪي قادرالڪلام شاعر آهن الائي ڪونه، پر بهرحال 6- آگسٽ 1939ع تي، هالا ۾ سندس ڄم تي، مرحوم سينڌي خان صيد قطع تاريخ پيدائش ڪجهه هيئن لکي هئي:

گُلِ خوشرنگ نمودار شُد به گلشنِ نوح،

هزار بار مبارڪ ز صيد شام و صبوح.

اهو گلِ خوشرنگ ڪالهه شام جو، مخدوم نوح سروري رحمة الله عليہ جي مقبري مبارڪ جي ڀاڪر ۾، والدِ گراميءَ مرتبت مخدوم محمد زمانطالب الموليٰ جي پاسي ۾ آرامي ٿيو. خاڪ وڃي خاڪ سان ملي، مٽيءَ جي خوشبوءِ ۾ هڪ دور واسجي ويو.

الائي ڪهڙو حال آهي دل جو! خواب نگر جي حاضري ترتيب سان هوندي آهي. موضوع به هو، شروع به ڪيو هئم جو، اوچتو ٽيڪسٽ اچي ويو، ته مخدوم صاحب جهان ڇڏي چڪو آهي. الائي ڇو، اندر کي ڄڻ ڪنهن مُٺِ ۾ جڪڙي ورتو. ڏک جي شديد ڪيفيت اندر ۾ لهي آئي. هي فقير، سياسي قطعي نه آهي، ان ڪري علم و حڪمت جي انهن خزينن کان پري ڀڄندو آهي. مخدوم صاحب ۾ ٻيو الائي ڇا هو، الائي ڪهڙي ڇِڪ هئي، الائي سندن روح جي ڪهڙي تاثير هئي، جو سڀ ڪجهه الائي ڪيتري دير مهمل رهيو. ٽي چار دفعا مٿن لکڻ جي ڪوشش ڪيم، ڪو ڇيڙو ئي هٿ نه پيو اچي. آخرڪار يارن دوستن کي منٿ ڪئي، ته هڪ ڏينهن اضافي عنايت ڪيو. ذاتي لائبرريءَ ۾ مخدوم صاحب جو هڪ انٽرويو رکيل آهي، ان کي ٽرانسڪرائيب ڪري پيش ڪرڻ ٿو گهُران ۽ قدرت خدا جي، اڍائي ٽي ڪلاڪ ساندهه ڳوليو اٿم، سڀ انٽرويوز پيل آهن، رڳو مخدوم صاحب جو انٽرويو ئي نٿو ملي. نصيب جي ڳالهه هوندي آهي، شايد اهو انٽرويو في الوقت ڪاغذ تي اُتارڻ نصيب ۾ نه هو.

پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام اڄ جو مهمان ۾ مخدوم صاحب، مهمان جي حيثيت ۾ آيا هئا. نواب مهدي لغاري صاحب پروگرام پروڊيوسر هئا، جن جو مخدوم صاحب سان ويجهي نيازمنديءَ جو تعلق هو، ۽ هُن جي ئي اصرار تي مخدوم صاحب وٽان وقت عنايت ٿيو هو. انٽرويو جي هن سلسلي ۾، مون ڪل 83 رڪارڊنگس ڪيون هيون، قدرت خدا جي هڪ هڪ محفوظ ڪئي هئم، پر هنن ساعتن ۾ هٿن مان واريءَ جان ترڪيل محسوس ٿي رهيون آهن.

ذاتي حوالي سان، سندن شخصيت مون کي بيحد دلپذير لڳي هئي. سندن متانت، ملڻ جلڻ جو انداز، ڀاڪر جي گرمي، خنده پيشانيءَ سان سوال جي موٽ، ۽ زيرِ لب مُرڪ جو هٿيار، ڪمال هئا. ائين به ٿيو هو، جو پروگرام جي شروعات ۾، مون سندن خدمتن ۾ سوالن جي فهرست پيش ڪئي هئي. ڪجهه سوالن ٻڌڻ تي هنن خاموشي اختيار ڪئي هئي، ٻين تي ٺيڪ آهي ۽ درست اُچاريا هئا. مطلب خاموشيءَ جو اهو پئي نڪتو، ته جي اهو سوال نه پڇيو وڃي ته بهتر آهي. هنن سنئون سڌو روڪ نه پئي ڪئي، پر اها خاموشي گهڻو ڪجهه ٻڌائَي پئي. منهنجي به جوانيءَ جا ڏينهن هئا. ڪو ڊيوڊ فراسٽ ته ڪونه هئس، پر پنهنجيءَ پَر ۾، ڪجهه سوالَ وچان ڪري ويو هوس، جن جي موٽ ۾ اها زيرِ لب مُرڪ ۽ چشمي پٺيان نگاهن جي تيزي، اهو اشارو ڏئي رهي هئي، ته اِهو سوال، لکت واري حساب ۾ ته ڪونه هو، پر وري به هنن بي انتها خوش دليءَ سان سڀ ورنديون ڏنيون ۽ پروگرام پورو ٿيڻ کان پوءِ اهو قطعي به احساس نه ڏياريائون ته، اهي سوال وچان ڇو ٿيا هئا؟

تقريباً ڏيڍ ڪلاڪ جي ان مختصر گڏجاڻيءَ، منهنجي اندر ۾ عجيب تاثر ڇڏيو هو. صاحبِ مسنَد سان فقير جي ڪهڙي نسبت ۽ سياست ڪارِ زارِ خارزار... سو پريان سفر ئي چڱو آهي، پر الائي ڇو 23- مارچ 2008ع تي خواب نگر ۾، مون هنن کي وزارت عظميٰ نه ملڻ تي چئج صبا سڄڻن کي لکي ڇڏيو. مان سمجهان ٿو ته پنهنجي هن سفر ۾، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه تي، ادي ۽ مخدوم صاحب تي ان ڪالم لکڻ کان علاوه، هي غريب سياستدانن جي ويجهو ئي نه آيو آهي. سياست منهنجي چانهن جو ڪوپ ناهي رهي. الائي ڇو مخدوم صاحب تي اندر کي درد ٿيو هو. اهڙو ئي جهڙو اڄ ڀرجي آيو آهي، اخبارون ڀريون پيون آهن، پيغام نالي ڳٽڪي جو شاعر، امين فهيم...پنهنجي سياست تدبر، وفاداريءَ، پاڻ سان ٿيل ويساهه گهاتين، محبتن، مرڪن، رنجن ۽ ڀاڪرن کي کڻي زمين جي تهه ۾ لهي ويو آهي.

1953ع کان امين جي تخلص سان شروعات ڪندي، قبلا طالب المولى سائينءَ کان اصلاح ڪرائيندي، فهيم تخلص ماڻيائين ۽ ڌڻيءَ مٺي کيس آخر تائين فهيم ئي رکيو. پنهنجي دؤر جو جڳ مشهور ايڊيٽر مولانا غلام محمد گرامي مهراڻ جي 1969ع جي پهرئين ۽ ٻئي شماري شاعر نمبر ۾ صفحي نمبر 396 تي لکي ٿو؛ فهيم سائينءَ جو سارو ڪلام هڪ شڪسته ساز جو آواز آهي. ان ۾ نيازمندانه جذبات موجود آهن. فهيم سائينءَ جي ٻولي، پختي، رسيلي، سُريلي، مٺي ۽ من موهڻي آهي، جا شاعريءَ جي لباس ۾ اچي وڌيڪ دلڪش ۽ رنگين بڻجي پئي آهي. اهو صرف گرامي صاحب جو خيال ئي نه هو. جي مخدوم محمد امين فهيم جي ڪلام تي نگاهه وجهجي ته سڀ ڪجهه پڌرو ٿي وڃي ٿو. 12- جنوري 1959ع تي هالا نوان ۾ مخدوم صاحب طبع آزمائي ڪن ٿا.

گهڻو دلبر لِڪئين ليڪن، ڏسڻ وارن ڏسي ورتو،

رخِ انور اي سهڻا، نيٺ مون پارن ڏسي ورتو،

لِڪي شبنم کان، بلبل کان، ۽ ڀؤنرن جي نگاهن کان،

سُنگهيم خوشبو گلِ تر جي، مگر خارن ڏسي ورتو،

سڄي دنيا جا واعظ، محتسب سڪندا رهيا هردم،

۽ ساقيءَ جي رخِ تابان کي مئخوارن ڏسي ورتو،

نمازِ عشق ۾ هڪڙي جي بدران سَوَ ڪيم سجدا،

پراهن ڪونه تاڙيو، مون کي ڀر وارن ڏسي ورتو،

ويو پئي قيس ليلا ڏي، مگر ڏاڍو ڏکيو رسندو،

جي ويندي واٽ تي ان کي ڪٿي ٻارن ڏسي ورتو.

شبِ فرقت گذاري ڪيئن، ڀلا هڪ عاشقِ مضطر،

نه ڪنهن سمجهيو، نه ڪنهن سوچيو، مگر تارن ڏسي ورتو،

وفا ڀي ملڪ مان وئي پر، جهلي دامن وٺي آيس،

جو ان کي واٽ ويندي ئي، وفادارن ڏسي ورتو.

’فهيم‘ آهي نه ڪا پروا، هزارين بخششون ٿينديون،

زههِ قسمت درِ دلبر خطادارن ڏسي ورتو.

پيار وچان، حضرت پکن ڌڻيءَ جي نسبت سان ڏاڏا سائين سڏجندڙ مخدوم صاحب هاڻي آرامي آهي. هڪ طويل بيماريءَ جي طويل سفر کان موٽي، هن هالا ۾ آخري آرامگاهه وسائي آهي.
30- نومبر 1994ع تي، پنهنجي انٽرويو ۾ منهنجي هڪ سوال تي، سندس ابرُوءَ گردش ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته اهو سوال، ٻڌايل سوالن مان نه هو سائين...اوهان کي زندگيءَ کان ڪا شڪايت آهي؟ ۽ هنن ٺهه پهه وراڻيو هو مغل صاحب...جيڪو ماڻهو مانيءَ جو گرهه پاڻ کائي سگهي ٿو، ۽ پاڻيءَ جو ڍُڪ پاڻ پِي سگهي ٿو، ان کي زندگيءَ کان ڪا شڪايت نه ڪرڻ گهرجي. ايڪيهن سالن گذرڻ کان پوءِ به اهو جملو دِل تي لکيل آهي. سندن مرڪ، سندن لب و لهجو نه ٿو وسري، ۽ وسري به ڇو!..اهڙا وجود، هر هر ڄمندا آهن ڇا؟ بردباريءَ ۽ متانت جو هيءُ مثال وري ڪٿي ملندو! ڌڻي مٺڙو جل شانہ کين بهتر جاءِ عنايت فرمائي، سندن درجات بلند ٿين ۽ پورهيو قبول پوي. آمين:

نظر فريب نظارن وڏو فريب ڏنو،

خزان رسيده بهارن وڏو فريب ڏنو،

رهيا نه مون سان، جدائيءَ ۾ همدم و غمخوار،

سحر ٿي ويئي، ستارن وڏو فريب ڏنو،

وري ته آسري دنيا جي ڪينَ لڳندس مان،

سدائين هن جي سهارن وڏو فريب ڏنو،

مون بي قرار کي خالي ڏنائون دلداري،

وري به پنهنجي ئي يارن وڏو فريب ڏنو،

غمن ۾ کِلندو رهيس، پر خوشين رئاري ڇڏيو،

هميشه آهي بهارن وڏو فريب ڏنو،

سکن جو ساٿ ڇڏڻ، لازمي نظر آيو،

قدم قدم تي قرارن وڏو فريب ڏنو،

پرائي پنهنجي کي سمجهڻ جو وقت ئي نه مليو،

نظر جي شوخ اشارن وڏو فريب ڏنو،

حياتي ساري بتن جي ئي پيار ۾ گذري،

’فهيم‘ نقش و نگارن وڏو فريب ڏنو.

1- جون 1956ع تي، گلِ خوشرنگ، محترم محمد امين فهيم، اهي سٽون سرجيندي، ڇا اهو سوچيو هو ته انهن مان گهڻيون سٽون هو ايندڙ وقت لاءِ لکي رهيو آهي:

بي وفا سان وفا ڪندس آئون،
دل جون ڳالهيون صفا ڪندس آئون.
دشمنِ دِل تي اي امين هر دم،
رسمِ رحمت روا ڪندس آئون.

- - - - -

تنهنجي قدمن جي خاڪ جو عاشق
آسمانن تي برتري ٿو رکي
تنهنجي آڏو ڀلي هو ڪجهه نه هجي
پر فرشتن سان همسري ٿو رکي

- - - - -

توسان اڄ همڪلام ٿيڻو هو،

دردِ فرقت تمام ٿيڻو هو.

اوچتو وئين ملي اي ماههِ لقا،

مون تي هي لطف عام ٿيڻو هو.

(مخدوم امين فهيم)

] ”رساله سروريه“ (اشاعت 6- ڊسمبر 2015ع) مرتب: محمد عظيم ڪنڀار، تان ورتل[

 

تُنهنجون ڳالهيون سڄڻ....!

 

 

 

 

نصير مرزا

 

اسان جا مخدوم محمد امين ’فهيم‘ سائين... تازو ئي هڪڙي پرڏيهي سفر تان، وطن واپس وريا ۽ ايندي ئي سدائين لاءِ، هڪڙي ٻئي ڏورانهين ڏيهه ڏانهن روانا ٿي ويا! مولاءِ ڪائنات فرمايو آهي: ”دنيا سراءِ آهي، مسافرخانو.... جنهن ۾ ماڻهو اڄ آهي، سڀاڻي نه هوندو.“ ڀٽائي بادشاهه به فرمائيندا هئا: ”هي سڀ هلڻ هارا.... ڪو نه رهندو ڪو هڪ جيڏو“ ۽ ائين به چوندا هئا: ”دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس“ ته بس مخدوم امين فهيم سائينءَ جي سڀاءَ، شخصيت، شاعري ۽ سياست جو تصور ٿو ويٺو ڪريان ته ڄڻ موتئي جي خوشبوءِ سان واسجيو ٿو وڃان. ڇا ته وڻندڙ شخصيت، خوبصورت انسان، خوش لباس، خوش خلق، خوش گفتار ۽ فوٽو جينڪ هستي.... سدائين سنجيده ۽ باوقار....

4- آگسٽ 1939ع تي، جنهن صبح سندن ولادت ٿي، گواليار گهراڻي نامي گرامي گائڪ خان صاحب سينڌي خان گلدستي سان گڏ طالب الموليٰ سائينءَ جي خدمت ۾ هي سنيهو به موڪليو هو: ”گل خوش رنگ، نمودار شُد، به گلشن نوحَ“ يعني ”ڇا ته خوش رنگ گل، نوحرحه سروري خاندان جي باغ ۾ ٽڙيو آهي، جنهن لاءِ لک لک دلي واڌايون.“ چوڏهن ورهين جا ٿيا ته جمال پسنديءَ ۽ شاعريءَ امين ’فهيم‘ سائينءَ کي پنهنجي روح ۾ لاٿو. تڏهن بي اختيار چيائون: ”چئج صبا، سڄڻن کي، ڪا منهنجي به لهجو سار“ اجهو اڃا ارڙهن ورهين جا الهڙ نوجوان ئي هئا، جو پرڻيا، پر حُسن، عشق ۽ شاعريءَ ڏانهن سندن لاڙي کي ڏسي مخدوم سائينءَ کين 1960ع ڌاري باقاعده تخلص عطا ڪيو:  فهيم.... حسين بخش ’خادم‘ جي آواز ۾ هيءَ مشهور ڪافي.... ”ڪهڙي سبب مون کي ويٺين وساري“ سندن ان ئي ابتدائي زماني ۾ چيل هڪ مشهور ۽ شاهڪار ڪافي آهي. 1958ع ۾ سندن هن غزل کي ته ان ڪافيءَ کان اڳي ئي شهرت ملي چڪي هئي:

بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي،

هيءَ خطا بارها ڪري ڏسبي،

جي حياتيءَ وفا ڪئي ته فهيم،

عشق جي انتها ڪري ڏسبي.

1970ع ڌاري سياست جي دنيا ۾، پير پائڻ کان اڳ، جڏهن پاڻ بزم طالب الموليٰ جا پريزيڊنٽ هئا، بزم جي مشاعرن ۾ سندن ههڙا غزل ٻڌا ويا:

گهڻو دلبر لڪئين ليڪن، ڏسڻ وارن ڏسي ورتو،

رخ انور، اي سهڻا نيٺ، مون پارن ڏسي ورتو.

يا

نظر فريب نظارن وڏو فريب ڏنو،

خزان رسيده بهارن وڏو فريب ڏنو.

حياتي ساري بُتن جي پيار ۾ ئي گذري،

”فهيم“ نقش نگارن وڏو فريب ڏنو.

1971ع محمد حسين ٽالپر عرف مولانا هپي صاحب، جڏهن سنڌي فلم سوچي پئي، تڏهن ان تي نالي جي ڳولا به ڪئي پئي. تڏهن ايسٽرن فلم اسٽوڊيو ۾ خوبصورت ۽ نوجوان امين ’فهيم‘
صاحب کين پنهنجي هيءَ ڪافي ٻڌائي هئي: ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس“. مولانا هپي صاحب اها ڪافي ٻُڌڻ سان پنهنجي فلم جو اهوئي نالو تجويز ڪيو هو: ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ....“ ۽ گڏوگڏ بلاول بيلجم جي موسيقيءَ ۾ بلبلِ مهراڻ روبينه صاحبه جي آواز ۾ اها ڪافي رڪارڊ پڻ ڪرائي ۽ فلم ۾ ان کي شامل رکيو.

2006ع ڌاري امين ’فهيم‘ سائين جڏهن سياست جي دنيا جا ناميارا شهسوار بڻجي چڪا هئا، ڪنهن ڪنهن محفل ۾ مون ساڻن ادبي حال احوال اوريا هئا، تڏهن پاڻ ڪيڏو نه باوقار انداز ۽ سنجيدگيءَ سان ٻُڌائڻ لڳا: ”ڇا ته سٺو زمانو هو، مشاعرن ۾ وڃبو هو، شيخ اياز ۽ امداد حسيني جهڙن شاعرن سان ملبو هو، پر پوءِ سياسي محفلن ۾ اٿڻ ويهڻ ۽ ڏينهن رات سياسي مصروفيتن سبب ادبي محفلن کان پري ٿيندو ويس...“ پوءِ ڪجهه سوچي ٻڌائڻ لڳا: ”1970ع ڌاري وئڪيشن دوران ٽوڪيو هئس جو، پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سان خاندان جي شموليت سبب ترت ئي اتان موٽي اچڻو پيو ۽ پوءِ ته سياست سان اهڙي جند جڙي، جو ٻيا ذوق شوق سڀ پويان ئي رهجي ويا.“ پوءِ مرڪي ٻڌائڻ لڳا: ”سٺ ستر جي وچ واري عرصي دوران اسان کي سازن سکڻ جو به ايترو ته چاهه ٿيو، جو هارمونيم ۽ پيانو وڄائڻ اسان باقاعده سکي وياسين، خاص ڪري پرڏيهي مهمان ايندا هئا، ته انهن کي پيانو تي دما دم مست قلندر ٻڌائي، جهومائي ڇڏيو هو.“ پوءِ ٻڌائڻ لڳا: ”غالب، فيض، ساحر، جوش، فراز، داغ ۽ ذوق اسان جا پسنديده شاعر رهيا آهن. خاص ڪري ذوق ته ڏاڍي ذوق شوق سان پڙهيو هو. ڪلاسيڪل گائڪن ۾ استاد بڙي غلام علي خان، برڪت علي خان، پوءِ مهدي حسن، نورجهان به وڻيا، پر لتا منگيشڪر جو جوڙ دنيا اڄ تائين پيدا نه ڪري سگهي آهي.“
تڏهن امين سائينءَ جو موڊ خوشگوار ڏسي، ساڻن مون فلمي ڳالهيون ڇيڙيون ته ٻڌائڻ لڳا: ”راج ڪپور، دليپ ڪمار، نرگس، صبيحه خانم، مسرت نذير، صوفيه لارين، ٽوني ڪرٽس، ايلزبيٿ ٽيلر جون فلمون ڏاڍي چاهه سان اسان ڏٺيون.... دليپ جي ’ديوداس‘ ۽ نرگس جي ’جوگن‘ ڏسندي، ايئن به ٿيو ته، انهن جي مختلف منظرن تي اکيون ڀرجيو ڀرجيو پئي آيون....“ ۽ الاس..... اڄ جڏهن حرف جي حرمت ڄاڻندڙ، نَوَ لکي گودڙيءَ جا وارث، مخدوم نوح سرور خاندان جا سجاده نشين ۽ سخن شناس، هي مخدوم محمد امين ’فهيم‘ سائين جن ساريءَ سنڌ کي سوڳوار ڪري پنهنجي بزرگن جي ڀر ۾ وڃي ابدي آرامي ٿيا آهن، تڏهن دنيا بي ثباتيءَ بابت سندن هي شعر ياد اچي ويو اٿم:

”فهيم“ آخر نه ڪجهه وريو، وڏائي ۾ اميريءَ مان،

ڇڏي شاهي، گداءِ ڪوچئه دلدار ٿيڻو پيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org