نوشاد پروين گل
هالا
جي مخدوم گهراڻي جي علمي ادبي
خدمتن تي هڪ نظر
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ،
ته پو مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.
انساني جذبن ۽ اُمنگن سميت زندگيءَ جي مڙني مامرن
کي بهتر انداز ۾ اظهارڻ جو وسيلو ’ادب‘ آهي. ادب ۾
وري نثر کان وڌ نظم پُراثر صنف ٿئي ٿي. نظم ۾
شاعري انساني جذبن کي آڀارڻ ۽ اظهارڻ ۾ وڏي مدد
ڏئي ٿي. شاعري، انساني نفيس جذبن جي منظوم تاريخ
ٿئي ٿي. انهيءَ نفيس جذبن جي تاريخ ۾ شاعر نه رڳو
پنهنجي اندر جي ڪائنات جي ڳالهه نهايت حسين ۽
خوبصورت پيرايي ۾ بيان ڪندو آهي، پر ان ۾ ڪائنات
جي ڳُجهن اسرارن ۽ لقاوَن تان به نهايت ئي نفيس ۽
دلربانه انداز ۾ پردو هٽائيندو آهي، شاعر لفظن جو
وينجهر ۽ لغت نويس به ٿئي ٿو. شاعر لفظن جو ڀنڊار
آهي، لفظ شاعر جا محتاج ٿين ٿا. ادب، جيئن ته
زندگيءَ مان ڦُٽي نڪتو آهي، تنهنڪري ادب ئي
زندگيءَ کي بهتر ۽ سڦلائتي بنائڻ ۽ آئينده جي
امڪاني خطرن ۽ خوشخبرين کان عوام الناس کي آگاهه
ڪرڻ ۾ پنهنجو اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪري ٿو.
شاعر ڪائنات جو ترجمان به آهي، سندس جذبات،
احساسات هر اُن نُڪتي کي اهڙي انداز ۾ واضح ڪرڻ جي
قدرت رکن ٿا، جيڪي هوند عام رواجي طرح ماڻهو سمجهي
نه سگهن. فنونِ لطيفه ۾ شاعريءَ جو مقام ايڏو بلند
بالا آهي، جنهن کي جزو پيغمبري ڪوٺيو ويو آهي.
سنڌ ۾ ادبي ميدان تي ڏسبو ته اسان کي هالا جي
مخدوم سروري گهراڻي جون خدمتون سرواڻي ڪندي نظر
اينديون. هالا جو مخدوم سروري گهراڻو ادبي لحاظ
کان سنڌ هند ۾ هڪ ممتاز ۽ يگاني حيثيت رکي ٿو. هن
گهراڻي غوث الحق حضرت مخدوم نوح سرورؒ کان وٺي
قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ ۽ مخدوم جميل
الزمان ’جميل‘ تائين وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون
آهن. هن مضمون جي شروعات هڪ اهڙي ئي ڪافي ۽ غزل جي
باڪمال شاعر، ماهرِ لسانيات ۽ لغت نويس جي تذڪري
سان ڪجي ٿي، جن کي سنڌ جا ماڻهو ”حضرت قبله مخدوم
محمد زمان طالب الموليٰؒ “ جي نالي سان سڃاڻين ٿا.
سندن ڪلام جو چرچو ۽ تعريف سنڌ سميت ولايت تائين
رسيل آهي.
”ديوانِ طالب الموليٰ“ قبله سائين مخدوم محمد زمان
’طالب الموليٰؒ ‘ جي نالي سان قائم ڪيل ”طالب
الموليٰ اڪيڊمي هالا- سنڌ“ ڇاپي پڌرو ڪيو آهي. هن
ديوان جو پهريون ڇاپو 1982ع ۾ ”سروري پبليڪيشن
هالا سنڌ“ ڇاپي پڌرو ڪيو. قبله سائين مخدوم محمد
زمان ’طالب الموليٰؒ ‘ جن جا لکيل غزل اڃا به
اڻڇپيل آهن. هن ديوان جو مهاڳ قبله مخدوم محمد
زمان ’طالب الموليٰ‘ سانئنؒ پاڻ لکيو آهي. تعارف
بعد چيئرمن طالب الموليٰ اڪيڊمي قبله سائين مخدوم
جميل الزمان صاحب منسٽر بين الصوبائي رابطا حڪومتِ
سنڌ جن جو اشاعتي نوٽ آهي، تنهن کانپوءِ ڪلام شروع
ٿئي ٿو. هن ديوان ۾ ڪل 366 غزل آهن، ڪلام کانپوءِ
لفظن جي معنيٰ وار لڙهي- ”فرهنگ ديوانِ طالب
الموليٰ“ ڏني وئي آهي، جا الف- بي وار ترتيب ۾
آهي. اهڙيءَ ريت هيءُ عاليشان ديوان پورو ٿئي ٿو.
ڪتاب پڪي بائينڊنگ ۽ ڊيمي سائيز ۾ 448 صفحن تي
مشتمل آهي، ٽائيٽل ۽ پنو، ڪتاب جي دلڪشي ۽
خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪندا آهن، هن ڪتاب جو ٽائيٽل ۽
پنو ٻئي جاذب ۽ خوبصورت آهن ۽ ڏسندڙ کي هڪدم پاڻ
ڏانهن متوجه ڪن ٿا. هيءُ ديوان پڙهندڙن لاءِ من
موهيندڙ آهي. قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰؒ جن جو هيءُ ديوان سنڌ جي هر ننڍي وڏي بڪ
اسٽال تي موجود آهي. هيءُ ديوان، شاعريءَ سان
لنئون رکندڙ هر اهلِ دل ماڻهو کي پسند ايندو.
سمورا غزل پنهنجي سمورين فني ۽ فڪري خوبين ۽
رعناين سان ملبوس نظر اچن ٿا. خاص طور تي هر غزل ۾
رديف جو استعمال غزل کي جا هيڪاري سونهن ۽ سوڀيا
بخشي آهي، سا ڏسڻ وٽان آهي. قبله سائين مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰؒ جن هونئن به سنڌي شاعري خاص
طور تي ڪافيءَ جا نهايت مڃيل، پختا ۽ باڪمال شاعر
ته آهن ئي، پر غزل تي به کين پڪو پختو ملڪو حاصل
آهي. مصري شاهه کانپوءِ سنڌي ڪافيءَ ۾ جيڪو خال
پيدا ٿيو هو، ان خال کي به قبله سائينؒ جن ئي
بخوبي نموني پُر ڪيو. جديد سنڌي ڪافيءَ کي جنهن
باڪمال شاعر عروج ۽ سونهن ڏني آهي، اهي قبله سائين
مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰؒ ‘ ئي آهن.
هن ديوان ۾ داخل ڪيل غزلن جي پوري اڀياس کانپوءِ
بنا ڪنهن وڌاءَ جي، اهو ضرور چئبو ته قبله سائينؒ
جهڙيءَ ريت ڪافيءَ کي عروج بخشيو آهي، تهڙيءَ ريت
هنن غزلن تي به پورو توجهه ڏنو آهي، ۽ پاڻ غزل جا
به باڪمال شاعر آهن. قبله سائين مخدوم محمد زمان
’طالب الموليٰؒ ‘ جن جي لکڻ جي خاص هڪ خوبي هيءَ
به آهي ته پاڻ جڏهن به شاعري يا ٻيو ڪو اسم لکڻ
فرمائيندا هئا ته آخر ۾ ڏينهن، تاريخ ۽ ماڳ ضرور
لکندا هئا. اها خوبي به چند شاعرن ۾ ڏسجي ٿي. هن
عمل سان ڪنهن به لکڻي جي تاريخي اهميت، پس منظر،
وقت ۽ حالتن جو تعين ڪري سگهجي ٿو. ادب ۾ خاص طور
تي سندن شاعريءَ ۾ اهو رويو هڪ سمجهداريءَ وارو
رويو آهي. جنهن کي قبله سائين مخدوم محمد زمان
’طالب الموليٰؒ ‘ جن هر هنڌ استعمال ڪيو آهي. قبله
سانئنؒ هن ديوان ۾ شاعر سان گڏ ماهرِ لسانيات ۽
ماهر لغت نويس به نظر اچن ٿا. پاڻ پنهنجي مهاڳ ۾
لکن ٿا:
”سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا اکر پختائي وٺي ويا آهن،
جن جي عمر اسان جي ڏاڏن، پڙڏاڏن کان به وڏي آهي،
انهن اکرن کي ننڍو وڏو، پوڙهو پڪو، پڙهيل اڻپڙهيل،
عالم فاضل، پروفيسر ڊاڪٽر، نظم توڙي نثر لکندڙ،
گهر ۾ ۽ گهر کان ٻاهر به هر وقت عام جام ڳالهائي
ٿو. نه رڳو ايترو پر هر مصنف، مؤلف، ايڊيٽر ۽
مترجم به پنهنجي هر ڪتاب ۽ اخبار جي پروفن پڙهندي
انهن اکرن کي قائم رکي ٿو، جيڪڏهن اهي اکر سنڌي
ٻوليءَ مان ڪڍي ڇڏجن ته، نه فقط ٻولي بي زيب ٿيندي
بلڪ معنيٰ ۽ مطلب به سمجهه ۾ نه ايندو. ان هوندي
به انهن اکرن کي الف- بي واري تختيءَ ۾ اڄ تائين
شامل نه ڪيو ويو آهي. اهي اکر هي آهن: ڙـهه، لهه،
مهه، نهه، ڻهه، تنوين ۽ غنه وغيره. انهن اکرن کي
مون هن طرح ترتيب ڏني آهي: ڙ کانپوءِ ڙـهه، ل
کانپوءِ لهه، م کانپوءِ مهه، ن کانپوءِ نهه. ان
کانپوءِ تنوين، ان کانپوءِ غنه ۽ ڻ کانپوءِ ڻهه،
انهن اکرن جا اُچار منهنجي غزلن جي رديفن پڙهڻ مان
معلوم ٿيندا.“ (ص 10، 9 مهاڳ)
قبله سائينؒ جن جي نه فقط پنهنجي مادري ٻولي
سنڌيءَ ڏانهن والهانه محبت، عقيدت سميت فڪر ۽
سنجيدگي نمايان طور نظر اچي ٿي پر پاڻ هر حالت ۾
سنڌي ٻوليءَ جي سوڌ سنوار ۽ صحيح لکاوت ۽ استعمال
طرف به توجهه ڏيندي نظر اچن ٿا. مهاڳ ۾ قبله مخدوم
صاحبؒ جن سنڌي ٻوليءَ جي وسرگ، اوسرگ، تنوين ۽
غنائي (گهُڻن) آوازن تي علمي بحث ڪيو آهي. سنڌي
الف- بي جا اهي مسئلا اڄ به اڻ نبريل آهن. ’هه‘
اکر جي وسرگائي/اوسرگائي حالت واضح نه ٿي آهي.
’هه‘ اکر جي مختلف صورتن کان علاوه ’ن‘، ’ڃ‘، ’ڱ‘
۽ ’ڻ‘ اکرن جي غنائي حالت به ساڳي تضبذب ۾ آهي.
ازان سواءِ تنوين مونجهاري جو شڪار آهي: مثال طور:
ـًــ ، ــٍــ ، ـٖـ ، ــٌــ ، وغيره جو استعمال
ڪٿي ۽ ڪهڙي حالت ۾ ڪرڻ جائز آهي.
قبله سائين مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰؒ ‘ جن
جي شاعرانه حيثيت ۾ سندن شخصيت، مطابق مون جيڪي
سندن ڪتابن ۾ پڙهيو آهي، ته ان ۾ به مخدوم صاحب جن
پنهنجي ذات جي بلندي يا هڪ عظيم اولياء حضرت غوث
الحق مخدوم نوح سرورؒ جي سجاده نشين هوندي به هڪ
بهترين شاعر آهن، احساسات ۽ جذبات کين ان مقام تي
پهچائين ٿا، جتي علم و دانش جا درياء وهن ٿا. سندن
حسين لفظن جي موتين جون املهه کاڻيون آهن. سندن
علم و فڪر ۾ فهم ۽ ادراڪ جي جيڪا قوت سمايل آهي،
اها هر انسان کي نه رڳو پاڻ سڃاڻڻ تي آماده ڪري
ٿي، پر نيڪ عملن جي تلقين پڻ ڪري ٿي.
قبله سائين مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰؒ ‘ جن
جي لکيل غزلن کي انور هالائيءَ چئن دورن ۾ ورهايو
آهي، پهريون دور 1930ع کان 1950ع، ٻيون دور 1951ع
کان 1965ع، ٽيون دور 1966ع کان 1975ع ۽ چوٿون دور
1976ع کان سندن وفات تائين، جنهن لاءِ انور هالائي
لکي ٿو:
”انهن چئني دورن مان ٻئي دور کي مون ارتقائي دور
قرار ڏنو آهي، جنهن کان وٺي طالب الموليٰ ؒ جي
غزلن جي افاديت روز افروز، ترقي ڪندي رهي ٿي. سندن
دور اهو هو، جنهن ۾ ورهاڱي کانپوءِ سنڌي شاعريءَ
تي جيڪا مايوسي ڇانيل هئي، ان کي مخدوم صاحبؒ
پنهنجي خداداد فن سان ٽوڙي نه رڳو هڪ نئين راهه جو
تعين ڪيو، پر پاڻ شاعريءَ جي اصلوڪي صورتحال کي به
من و عن قائم ڪرائڻ ۾ کين وڏي مهارت حاصل هئي. پاڻ
انتهائي ڪاميابيءَ سان سنڌي، اردو، سرائڪي ۽
فارسيءَ ۾ شعر لکيا اٿن. پاڻ نثر جا ليکڪ پڻ آهن.
قبله سائينؒ سنڌي زبان جا لائق ۽ جڳ مشهور شاعر
پنهنجي دور جا سڀ کان وڏا قابلِ تحسين شاعر آهن.
مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰؒ ‘ جي سنڌي ٻوليءَ
جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ ورتل اڻٿڪ ۽ نه ختم ٿيندڙ
ڪوششن تي سنڌ سندن شڪرگذار آهي، پاڻ هر قسم جي
شاعري ڪيائون، جن ۾ غزل، نظم، رباعي ۽ ڪافي شامل
آهن. پاڻ انتهائي ڪاميابيءَ سان سنڌي، اردو،
سرائڪي ۽ فارسيءَ ۾ شعر لکيا اٿن.“ (ص 34) سندن
گاديءَ جو سلسلو حضرت محمد بن ابي بڪرؓ سان وڃي
ملي ٿو. اها ڳالهه پڻ قابلِ ذڪر آهي ته حضرت مخدوم
نوح سرورؒ جن سنڌي ٻوليءَ جا پهريان شاعر ۽ برصغير
۾ قرآن پاڪ جا پهريان فارسي ترجمه نگار پڻ هئا.
”طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا“ جي روح روان ۽ چيئرمن
قبله سائين مخدوم جميل الزمان صاحب جن پنهنجي
اشاعتي نوٽ ۾ ديوان جي ڇپائيءَ بابت هن طرح
فرمائين ٿا:
”ديوان طالب الموليٰ“ جو پهريون ڇاپو حضرت قبله
مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ سانئنؒ جي
نگرانيءَ هيٺ 1402هه/1982ع ۾ مرڪزي بزم طالب
الموليٰ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل محمد شفيع ابڙو
المعروف انور هالائي صاحب جي هٿان سروري پبليڪيشن
هالا، سنڌ ڇپرائي پڌرو ڪيو.“ (ص 87)
قبله سائين مخدوم جميل الزمان صاحب جن وڌيڪ لکن
ٿا:
”قبله سانئنؒ جو ارادو هو ته ’ديوان طالب الموليٰ‘
کي ٻيهر ڇپرائجي. اڄ مون کي بيحد خوشي ٿي آهي ۽
آءٌ الله سائين جو شڪرگذار آهيان جو قبله سانئنؒ
جي ارادي جي تڪميل ۾ سندن شاهڪار ڪلام تي مشتمل
”ديوان طالب الموليٰ“ جو ڇاپو ٻيو پڌرو ٿيو آهي.
پاڻ ٻيا به ڪئين ڪتاب لکيا آهن، جن جا قلمي نسخا
طالب الموليٰ لائبريريءَ ۾ موجود آهن، جن ۾ مختصر
سنڌي لغت کان علاوه ديوان طالب الموليٰ جلد- ٻيون
به شامل آهي، جنهن کي پڻ جلد شايع ڪرايو ويندو،
آءٌ سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن کي گذارش ڪندس ته جڏهن
ديوان طالب الموليٰ کي پڙهن ته ان ۾ قبله سانئن جو
لکيل سنڌي ٻوليءَ متعلق مهاڳ ضرور پڙهن، ۽ پنهنجي
راءِ کان آگاهه ڪن.“ (ص39)
غوث الحق مخدوم نوح سرورؒ جن جي اولاد ۾ قبله
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جو گهراڻو سنڌ ۽
هند ۾ علمي ۽ ادبي حوالي سان هڪ مخصوص ۽ گهڻ رخي
سڃاڻپ جو حامل آهي. قبله سائين مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰؒ جن جا والد مربي ۽ مرشد قبله مخدوم
غلام محمدؒ عرف گل سائين اعليٰ پايي جا شاعر هئا،
”مغموم“ سندن تخلص هو. سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربيءَ
۾ کين مهارت حاصل هئي. ”ديوانِ حافظ“ هميشه پاڻ
سان گڏ رکندا هئا. پاڻ صاحبِ دل، فقير، تارڪ
الدنيا درويش، سخي مرد، سندن اڌ کان گهڻي عمر،
فقيريءَ ۽ گوشه نشينيءَ ۾ گذري. هي بزرگ سروي
گاديءَ جا 16 هون نمبر سجاده نشين هئا.
مخدوم غلام حيدرؒ سنڌ جي سلجهيل سياستدانن ۽ وڏن
عالمن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا، سندن ذڪر کانسواءِ هالا
جي علمي، ادبي، تعليمي، سياسي ۽ سماجي تاريخ اڌوري
رهندي. پاڻ نهايت ’بيدار دماغ‘ مدبر، معامله شناس،
مقبول عام ۽ ذهين شخص هئا. مسجد کان اسيمبليءَ
تائين سندن نگاهه هئي، تسبيح ۽ مصلي کان وٺي سماجي
۽ قومي امور تائين سندن دسترس هئي. مطالعو،
وضعداري، خدمتِ خلق، جود و سخا، سياست ۽ رياست جا
مسئلا، مريدن جي نگهداشت، پنهنجن پراون جي
خبرگيري، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جو انتظام هلائڻ،
ميونسپالٽيءَ جو ڪم سنڀالڻ وغيره اهي سڀ معاملا
سندن ذمي هئا. پاڻ قبله سائين مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰؒ جن جا سڳا چاچا هئا.
غوث الحق حضرت مخدوم نوح سرورؒ جي اولاد ۾ ’مخدوم
محمد زمان‘ جي نالي سان ڇهه بزرگ ٿيا آهن:
(1) مخدوم محمد زمانؒ
]اول[
(1705ع- 1645ع)
(2) مخدوم محمد زمانؒ
]ثاني[
(1770ع- 1707ع)
(3) مخدوم محمد زمانؒ
]ثالث[
(1807ع- 1772ع)
(4) مخدوم محمد زمانؒ
]رابع[
(1852ع- 1818ع)
(5) مخدوم محمد زمانؒ
]خامس[
(1913ع- 1861ع)
(6) مخدوم محمد زمانؒ
]طالب
الموليٰ[
(1993ع- 1919ع)
قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جي خاندان جي
تبليغ جو طريقو سهروردي رهيو آهي. سمن جي دور ۾
سندن ڪيترائي مبلغ ۽ عالم هالڪنڊيءَ ۾ رهندا هئا،
جن ۾ هالا جا مخدوم مکيه آهن، خاص ڪري مخدوم
اسحاقؒ ۽ سندن فرزند مخدوم احمدؒ ۽ مخدوم محمدؒ
ناميارا بزرگ هئا، ڄام نظام الدين سمي جي دور ۾
دين جي تبليغ ڪندا هئا. مخدوم اسحاقؒ، سنڌ جي
نامور غوث حضرت مخدوم لطف الله المعروف مخدوم نوح
سرورؒ بن مخدوم نعمت اللهؒ جن جو ڏاڏو سائين هو.
دراصل سهروردي تصوف جي چئن سلسلن مان هڪ سلسلو
آهي، جنهن جو باني مباني حضرت ابوالنجيب ضياءالدين
عبدالقاهرؒ هو. هيءُ بزرگ، غوث الحق حضرت نوح
مخدوم سرورؒ جي وڏن مان هڪ جليل القدر شخصيت هو.
سندن نسبي تعلق 9 پيڙهيءَ کانپوءِ اسلام جي پهرين
خليفي سيدنا حضرت ابوبڪر صديقؓ سان وڃي ملي ٿو.
قبله مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰؒ‘ پنهنجي
طبيعت ۽ مزاج ۾ نه رڳو پاڻ ادارو هئا، پر هنن ڪئين
ادارا ٺاهيا ۽ هلايا. پاڻ بزم لطيف ڪراچي، بزم
بسمل ٽنڊومحمد خان، ۽ بزم ادب دادوءَ جا سرپرست به
رهيا، پاڻ انجمن علم و ادب هالا، جمعيت الشعراء
سنڌ ۽ ادارهء روح ادب حيدرآباد جا صدر
رهيا، گڏوگڏ بزم طالب الموليٰ سنڌ جا باني پڻ
رهيا. پاڻ انهيءَ تنظيم جا تاحيات چيئرمن پڻ رهيا.
انهن مصروفيتن کان علاوه پاڻ لطيف ڪلچرل سينٽر ڀٽ
شاهه، پاڪستان ڪلچرل سينٽر ڪراچي، ريڊيو پاڪستان،
۽ ٽيليويزن ڪارپوريشن جي بورڊ جا ميمبر پڻ رهيا.
سندن سرپرستيءَ ۾ ٻه هفتيوار اخبارون: پاسبان
حيدرآباد ۽ الزمان هالا مان ڇپبيون هيون. ازان
سواءِ ٽي ماهوار رساله: ’فردوس‘ هالا مان، ’طالب
الموليٰ‘ دادو مان ۽ ’روح ادب‘ حيدرآباد مان پڻ
ڇپبا هئا. پاڻ سروري اسلاميه ڪاليج هالا جي طالب
الموليٰ هاسٽل ۽ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادوءَ
جا باني رهيا. گهڻ رُخي ادبي سرگرمين سبب کين
مختلف مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنسن جي صدارت جو شرف پڻ
حاصل رهيو. پاڻ صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ جا ميمبر
پڻ رهيا.
قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جن جي
لاڏاڻي کانپوءِ حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرورؒ جي
گاديءَ تي سندن وڏا فرزند قبله سائين مخدوم محمد
امين ’فهيم‘ سرفراز آهن. پاڻ تمام نفيس، صابرين،
پاڪستان جا وڏي ۾ وڏا مدبر ۽ سينئر سياستدان آهن.
سنڌ ۾ مشهور آهي ته صبر سکڻو هجي ته
سائين
مخدوم محمد امين ’فهيم‘ کان سکجي. پاڻ اعليٰ پايي
جا شاعر به آهن، سندن شعري مجموعا به ڇپيل اٿن.
شاعري کين ورثي ۾ ملي اٿن. سندن ڪلام تي مشتمل
ڪتاب ”پيغام“ سنڌي ادبي بورڊ سنه 1990ع ۾ ڇاپي
پڌرو ڪيو. مشهور عالم مولانا غلام محمد گرامي جي
راءِ مطابق: ”امين سائين جي فن ۾ ذوقِ جماليات جي
ڀرپور ترجماني آهي. ڪلام ۾ سوز و گداز، محبت ۽ رقت
جا اهي سڀ معيار موجود آهن، جي هڪ پرگو پخته ۽
قادرالڪلام شاعر ۾ ٿين ٿا. سندن تغزل، فني خيال
کان رمزيت، معنويت، اشاريت، ايمائيت تي مشتمل آهي
۽ سندن پيرايه بيان رنگين ۽ دلڪش آهي. ڪافيون
دردانگيز ۽ رقت خيز آهن، قومي شاعريءَ ۾ بهترين
ڪلام چيو اٿنِ. سندن ڪلام ۾ ٻولي پختي، رسيلي،
سُريلي، مٺي ۽ من موهڻي آهي، جا شاعريءَ جي زبان ۾
اچي وڌيڪ رنگين ۽ دلڪش بنجي پئي آهي. سندن تخلص
”امين“ آهي.
قبله
سائين
مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي نالي سان هن خاندان ۾
اڳ ٽي وڏا قادرالڪلام شاعر ٿي گذريا آهن، جن ۾
سائين
مخدوم امين محمدؒ (اول) حضرت مخدوم نوح سرور عليہ
رحمت جو پهريون سجاده نشين هو، سندن وفات 63
ورهين جي ڄمار ۾، 7 شعبان المعظم 1015هه ۾ ٿي.
ٻيو بزرگ،
سائين
مخدوم امين محمد (ثاني) (1837ع- 1795ع) هو ۽ ٽيون
سائين
مخدوم امين محمد (ثالث) عرف پکن ڌڻيؒ جي نالي سان
مشهور هو، 29- جون 1886ع ۾ سندن وفات ٿي.
هو به پنهنجي دور جو سٺو شاعر هو.
قبله
سائين
مخدوم محمد امين ’فهيم‘ نهايت اصول پرست، نهايت
حليم طبع رحمدل، عفو و درگذر ڪندڙ، صابر، شاڪر،
قانع، سخي، ساده لباس، خوش خلق، خوش مزاج، سدابهار
طبيعت، نيڪ نيت، پاڪ طينت، مساوات جا مجسمه ۽
انسان نواز شخص آهن. پاڻ انتقام جي برعڪس احسان ۽
عنايت، خيرخواهي جي جذبي سان مخالفن کي مانوس ۽
مطيع ڪندا آهن.
المختصر، قبله مخدوم محمد امين ’فهيم‘ سائين جن
سروري جماعت جا روحاني پيشوا ۽ گادي نشين آهن. پاڻ
سلجهيل ۽ محبِ وطن سياستدان، باوقار، بااصول،
سنجيده ۽ سنڌ جا مايه ناز اديب ۽ شاعر آهن. هڪ
باشريعت بزرگ جي گادي نشين هئڻ وارا اهي سڀئي گُڻ
منجهن موجود آهن. سندن آواز، گفتار، رفتار، حسنِ
خلق، اندازِ تخاطب پنهنجي والد بزرگوار جي هوبهو
ڪاپي آهن. قبله سائين مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جن
جي شخصيت تي جيترو به لکجي اوترو گهٽ آهي، ڇاڪاڻ
ته مون ناچيز وٽ اهڙا لفظ نه آهن جو هتي بيان ڪري
سگهان، هو پاڻ ئي پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارا آهن.
حضرت مخدوم نوح سرورؒ جن جي گهراڻي جون علم ۽ ادب
۾ وڏيون خدمتون آهن. هن گهراڻي جا ماڻهو هر دور ۾
علم، ادب ۽ شعر و سخن سميت خلق جي خدمت ڪرڻ ۾
هميشه پنهنجي وڏن جي نقشِ قدم تي هلندا اچن ٿا.
هن گهراڻي ۾ شاعريءَ جو رجحان تمام گهڻو رهيو آهي،
قبله
سائين
مخدوم محمد امين ’فهيم‘ کانپوءِ
قبله
سائين
مخدوم خليق الزمان سائين جن به سٺا شاعر آهن، سندن
شعري مجموعو ڇپيل اٿن. ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان
سائين
به سٺا شاعر آهن. مخدوم
سائين
محمد سعيدالزمان ’عاطف‘ به بلندپايي جا شاعر آهن،
سندن ڪافي شعري مجموعا ڇپيا آهن. مخدوم
سائين
محمد سعيدالزمان سٺا پڙهيل لکيل، سنجيده، نيڪ،
پرهيزگار، رحمدل، حيادار، باشريعت، غريبن جا هڏ
ڏوکي، علم پرور ۽ باوقار شخصيت جا مالڪ آهن ۽
پنهنجي وڏن جي ڇڏيل واٽ تي گامزن آهن، خلق جي خدمت
ڪرڻ ۾ سندن وڏو ڪردار رهيو آهي. پاڻ صوبائي
اسيمبليءَ جا ميمبر به رهيا آهن، پاڻ ديني ڪتابن
ڇپائڻ ۾ گهري دلچسپي وٺندا آهن.
”طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا“ سنڌ جو مايه ناز ۽
هاڪارو علمي ۽ ادبي ادارو آهي. هن اداري مخدوم
سروري گهراڻي سان تعلق رکندڙ اهلِ علم، اديبن ۽
ٻين شاعرن جو ڪلام ڇپائڻ جو ڪم بخوبي سرانجام ڏئي
رهيو آهي. هن وقت هيءُ ادارو قبله سائين مخدوم
جميل الزمان صاحب جن جي سرپرستيءَ ۾ هلي رهيو آهي.
قبله سائين مخدوم جميل الزمان صاحب جي هينئر منسٽر
بين الصوبائي رابطا حڪومت سنڌ آهن، پر پاڻ سنڌ جي
نامور علمي ۽ ادبي اداري سنڌي ادبي بورڊ جا لائق
چيئرمين به آهن. سنڌي ادبي بورڊ جو ذڪر نڪرندو ته
سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جن جي بورڊ
لاءِ ورتل ڪوششن ۽ محنتن جو به ذڪر خير ضرور
نڪرندو. حضرت قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ ؒ جن جون بورڊ جي ڀلائي ۽ استحڪام لاءِ
وڏيون قربانيون آهن. پاڻ بورڊ لاءِ وڏيون رٿائون
منظور ڪرايون، بلڊنگون تيار ڪرايائون، ملازمن جي
پينشن ۽ گريجوئٽي منظور ڪيائون. مطلب ته بورڊ ۾
اچڻ سان پاڻ نيون روايتون متعارف ڪرايائون، پاڻ هڪ
ڪروڙ رپين جي خصوصي گرانٽ منظور ڪرائي فوتي اديبن
۽ شاعرن، يتيمن، بيواهن، ملازمن کي امداد
ڏياريائون. ”مهراڻ“ ۾ لکندڙن لاءِ خصوصي معاوضو
منظور پڻ ڪرايائون، سنڌ جي انسائيڪلوپيڊيا تي ڪم
شروع ڪيو هئائون. بورڊ جي ملازمن لاءِ ڪوآپريٽو
هائوسنگ سوسائٽي رجسٽر ٿي چڪي هئي، پر سندن وڃڻ
کانپوءِ ان تي عمل درآمد ٿي نه سگهيو. هاڻي تازو
ئي انهيءَ پراجيڪٽ تي موجوده چيئرمين قبله مخدوم
جميل الزمان صاحب جن خصوصي دلچسپي ۽ ڪوشش وٺي چيف
منسٽر کان 20 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرائي قبله سائين
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ؒ جن جي خواب کي
پورو ڪيو آهي. شروع ۾ بورڊ کي پنهنجي ڪابه بلڊنگ
نه هئي، ان صورتحال کي ڏسندي قبله مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰؒ جن گاڏي کاتي وارو پنهنجو بنگلو
”امين منزل“ ڏنائون، جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي دور
۾ بورڊ کي جديد آفسيٽ مشينري وٺي بورڊ اندر نصب
ڪرايائون ۽ گڏوگڏ عورتن جي لاءِ ”سرتيون“ رسالو به
جاري ڪيائون.
موجوده وقت ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي لائق چيئرمن قبله
سائين مخدوم جميل الزمان صاحب جن پاڻ اعليٰ پايي
جا اديب، صاحب ديوان شاعر، محقق، تاريخ نويس ۽
نوجوان سياستدان آهن. سندن مقبول ڪتابن ۾ ”قافيا
ڪوش“ کي وڏي پذيرائي حاصل ٿي آهي. ”قافيا ڪوش“
شاعريءَ جي قافين تي هڪ لغت آهي، هن نوعيت جو ڪم
هن ڪتاب کان اڳ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي، ٻيو سندن خاندان
تي لکيل ڪتاب ”تذڪرهِ مخدومانِ هالا“ وڏي مقبوليت
ماڻي چڪو آهي. کين شاعريءَ سان گهري دلچسپي آهي.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي پٺيان سنڌي ادبي
بورڊ مان ”بينظير“ نالي تحقيقي رسالي جو اجراء ڪيو
اٿائون.
”قافيا ڪوش“ خالص علمي ڪتاب آهي ۽ خاص طور تي علم
شاعري، علم لغت، علم عروض ۽ علم اشتقاق سان دلچسپي
رکندڙ حضرات لاءِ انتهائي مفيد ۽ ڪارائتو آهي.
”قافيا ڪوش“ ۾ آيل قافين جي ترتيب الف- بي مطابق
رکيل آهي، جن کي سهوليت خاطر گروپن جو نالو ڏنو
ويو آهي. قافيا گهڻو ڪري عربيءَ جي فعل- فاعل-
مفعول جي وزنن تي آڌاريل آهن. عربيءَ سميت فارسي،
هندي- سنسڪرت ۽ سنڌي ٻوليءَ جا اصول به ڪم آيل
آهن.
عربيءَ ۾ علم اشتقاق مطابق، ڪنهن به عربي لفظ جو
اصل (بنياد) معلوم ڪرڻ جو هڪ قاعدو آهي، ان کي: ي
ت س م ن و ا (يتسمنوا) يا ’ناموسيت‘ چئبو آهي. هن
جدول ذريعي ساڳيا اضافي اکر ڪٽ ڪري باقي 3 اکر
ملائبا آهن ته اصل (بنياد) نڪري ايندو آهي.
شاعريءَ يا لغت ۾ قافين/ لفظن جي اصل
(Origin)
جي معلومات رکڻ شاعر ۽ لغت نويس لاءِ تمام اهم
هوندو آهي.
عربيءَ ۾ ڪنهن لفظ جو اصل
(Origin)
ڳولڻ جو قاعدو، هيٺينءَ جدول ذريعي معلوم ڪبو آهي:
اضافي اکر |
ن |
ا |
م |
و |
س |
ي |
ت |
لفظ/قافيو |
ع |
ش |
ا |
ق |
-- |
-- |
-- |
عُشاق |
نوٽ: تيرَ وارا اکر ڪَٽبا ته باقي ٽي اکر: ع ش ق
بچندا، جنهن کي هن طرح ملائبو: ’عشق‘. هتي لفظ
’عشق‘، عُشّاق جو بنياد
(Origin)
نڪري آيو، ۽ لفظ ’عُشّاق‘ عربيءَ جي وزن ’مَفعولُ‘
تي آڌاريل آهي. مف- عو-لُ شِين (ش) تي شَدَ آهي،
تنهنڪري اهو ٻٽو اکرُ آهي، جنهن مطابق لفظ جي ڀڃ
هن طرح ٿيندي: عش- شا- ق (مف- عو- لُ)
ڪتاب ”قافيا ڪوش“ ڊيمي سائيز ۾ 254 صفحن تي مشتمل
آهي. ڪتاب ’طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا‘ 2010ع ۾
سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ وٽان ڇاپي پڌرو ڪيو آهي.
قبله سائين مخدوم جميل الزمان صاحب جن ’پنهنجي
طرفان‘ ۾ هن ڪتاب بابت لکن ٿا:
”منهنجو هيءُ ڪتاب خاص طور تي شاعرن لاءِ ۽ عام
طور تي علم و ادب سان لاڳاپيل سڀني طالب علمن جي
لاءِ مددگار ٿي سگهي ٿو.“
بورڊ جي ملازمن لاءِ قبله سائين مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰؒ وانگر قبله سائين مخدوم جميل الزمان
صاحب جن ساڳئي محبت ۽ ڇپر ڇانوَ آهن، اهو ته سندن
گهڻ رُخو عشق آهي جو منسٽر بين الصوبائي رابطا جي
قلمدان جي مصروفيت هوندي به بورڊ جي ذميواري قبول
ڪيائون. ان کان علاوه سندن ذاتي دلچسپي ۽ تحرڪ وٺڻ
سان ايجوڪيشن کاتي طرفان لکين رپين جي ڪتابن جي
خريداريءَ جو آرڊر ورتو اٿائون. پاڻ هنگامي بنيادن
تي نوان ۽ ريپرنٽ ڪتابن ڇپائڻ جو سلسلو پڻ تيز ڪيو
اٿائون. پاڻ بورڊ جي 10 ملازمن کي پنهنجي ذاتي خرچ
تي ڀلي پار عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ موڪلڻ جو
بندوبست ڪيو اٿائون. اهي نالا قبله مخدوم سانئن
ملازمن کي حيدرآباد جي انڊس هوٽل ۾ دعوت ڏئي، ڪُڻن
ذريعي ڪڍيا.
پاڻ عالمن، اديبن ۽ شاعرن لاءِ مختلف سيمينار
ڪرائين ٿا، سنڌي عورت کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ”عورت
سيمينار“ پڻ ڪرايا. ان کان علاوه ڪتابن جا مهورتي
پروگرام، فنڪشن، تقريبي سلسلا وغيره هلندڙ آهن.
منهنجي ربّ پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا آهي ته سندن ڄمار
وڏي ٿئي ته اڃا به وڌيڪ علم و ادب ذريعي خدا جي
مخلوق جي خدمت ڪري سگهن.
مخدوم گهراڻي جي بزرگن ۽ عالمن جي تصنيفن جو
تفصيل:
مخدوم نوح سرورؒ:
1.
قرآن شريف جو فارسي ترجمو ۽ تفسير
مخدوم فتح محمدؒ
1. رساله فتحيه
مخدوم غلام حيدرؒ:
1.
سفينة النوح عرف سڪينه روح
2.
مختصر سوانح عمري مخدوم نوح سرورؒ
3.
اسوه محمدي صلي الله عليہ وآلہ وسلم
4.
نبوي اخلاق
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ:
1.
بهار طالب
2.
رعابيات طالب
3.
ڪچڪول
4.
مثنوي عقل و عشق
5.
خودشناسي
6.
امام غزاليؒ جا خط
7.
شيطان
8.
سنڌ جو شڪار
9.
مصريءَ جون تڙون
10.
مضامين طالب
11.
اسلامي تصوف
12.
ڪافي
13.
يادِ رفتگان
14.
شانِ سروري
15.
ڇپر ۾ ڇڙيون
16.
ديوان طالب الموليٰ
17.
لغات سنڌي مخففات
18.
بي پير اکيون
19.
منهنجو ننڍپڻ
20.
آبِ حيات
21.
بهارِستان
22.
انتخاب ڪلام
مخدوم محمد امين ’فهيم‘:
1.
پيغام
مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘:
1.
عشق نه چرچو ڀانءِ
2.
ٻولي ڪبي نه ٻِي
مخدوم جميل الزمان ’جميل‘:
1.
صبوحي (تاليف)
2.
سج وڙاءُ (شاههؒ جي بيتن جو انتخاب)
3.
ملاقات (شاعري)
4.
اُتر لڳا آءُ پرين (شاعري)
5.
انت محبوبي (نعتيه ڪلام- تاليف)
6.
ايڊريسون (نعتيه ڪتاب جي شاعريءَ جون)
7.
خيري شيرازي (لغت- تاليف)
8.
سنڌ جي واقعاتي تاريخ (تاريخ)
9.
تذڪره مخدومانِ هالا (تاريخ)
10.
سيد فتح محمد شاهه اجناڻي (سوانح ۽ تاريخ)
11.
انهن سنديون ڳالهڙيون
12.
منهنجو ننڍپڻ
13.
محبت پائي من ۾ (ديوان)
14.
دلربا دلربا (تاليف)
مددي ڪتاب
1.
گلستانِ سروري- پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي،
ڇپائيندڙ: طالب الموليٰ اڪيڊمي، هالا 2010ع
2.
”قافيا ڪوش“- مخدوم جميل الزمان، ڇپائيندڙ: طالب
الموليٰ اڪيڊمي هالا، 2010ع
3.
يادِ رفتگارن- مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ،
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1954ع
4.
لغات سنڌي مخففات- مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ،
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1991ع
5.
رساله فتحيه- مخدوم فتح محمد صديقي قريشي،
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2011ع
6.
”مهراڻ“ شاعر نمبر 1-2/1969ع ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي
بورڊ ڄام شورو
7.
مهراڻ سوانح نمبر-3-4/1957ع ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي
بورڊ ڄام شورو
8.
ڇپر ۾ ڇڙيون- مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1971ع
9.
پيغام، مخدوم محمد امين ’فهيم‘، ڇپائيندڙ: سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو 1990ع
سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل جلد ٽيون، شمارو ٻيو اپريل-
جون 2010ع ايڊيٽر: تاج جويو، ڇپائيندڙ: سنڌي ٻولي
اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ
”مهراڻ“ ٽماهي مهراڻ 3/2011ع
علم، ادب، شاعري، سياست ۽
وفا جو پيڪر مخدوم امين ’فهيم‘
زيڊ.اي پيرزادو
ڪي ماڻهو موتي هوندا آهن ته ڪي وري املهه ماڻڪ
ٿيندا آهن. اهڙن ماڻهن کي انسانيت جو داعي تصور
ڪيو ويندو آهي ۽ اهڙن انسانن جو شمار، قول ۽ فعل
جي پڪن ۽ وفادارن ۾ ٿيندو آهي. حالانڪ ڏسجي ته سنڌ
اندر ٽن گادين جو اثر تمام گهڻو رهيو آهي جن ۾ هڪ
گادي پيران پير دستگير جي، ٻي گادي پڳ ڌڻين پاڳارن
جي ۽ ٽين گادي مخدوم سرور نوحرحه جي،
هن گاديءَ سان 9 لک گودڙيا مريد شامل آهن ۽ انهيءَ
گاديءَ جو سنڌ ڌرتيءَ سان جيڪو تعلق رهيو آهي، اهو
اڻٽٽ آهي.
جيڪڏهن تاريخ تي نظر وجهبي ته هالا جي مخدوم
خاندان ۾ جتي روحاني اثر رهيو آهي ته اتي هن
خاندان ۾ وفا جو جيڪو عنصر رهيو آهي، اهو ڪنهن کان
به وسري نٿو سگهي، بهرحال ڏسجي ته جڏهن شهيد
ذوالفقار علي ڀٽو ايوبي آمريت سان اختلاف ڪري
وزارت کي ٺڪرائي پنهنجي الڳ سياسي پارٽي ٺاهي ته
ان وقت درگاهه غوث الحق مخدوم سرور نوح رحمت الله
عليہ آف هالا شريف جي 17هين گادي نشين حضرت مخدوم
محمد زمان طالب الموليٰ سائينءَ شهيد ڀُٽي کي
پنهنجي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو، ۽ انهيءَ ڏينهن
لاڙڪاڻي جي شهيد ڀُٽي ۽ هالا جي مخدومن جون، محبت
ڀريون اهڙيون ميخون لڳي ويون جو حضرت مخدوم طالب
الموليٰ سائين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنيادي
ڪنوينشن هالا ۾ ڪرايو، جيڪو 3 ڏينهن هليو ۽ آخري
ڏينهن تي شهيد ڀٽو خطاب ڪندي هالا جي انهيءَ مخدوم
خاندان جي جيڪا واکاڻ ڪئي هئي، اها واکاڻ تاريخ جي
ورقن مان ڪو ميساري نٿو سگهي، ۽ ان دوران حضرت
مخدوم طالب الموليٰ سائين جي پڳدار فرزند سميت سڄي
خاندان انهيءَ محبت جي لڳل ميخن کي پڻ ثابت قدم
رهي پختو ڪيو.
سائين طالب الموليٰ جيستائين حيات هئا ته هُو
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا سينيئر وائيس چيئرمين
رهيا. سندن وصال بعد محمد امين ’فهيم‘ سائين کي
انهيءَ عهدي تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرپرسن
محترمہ بينظير ڀٽو صاحبه مقرر ڪيو هو. مخدوم صاحب
هونئن به پيپلز پارٽيءَ سان وفادار هو، ويتر
ذميواري ملڻ بعد مخدوم امين ’فهيم‘ سائين پارٽيءَ
سان اڻٽٽ رشتي ۾ سلهاڙجي ويو ۽ شهيد محترمہ بينظير
ڀٽي جو هِن انسان مٿان جيڪو اعتماد هو، ان مان اهو
ثابت ٿيندو هو ته وفادارن ۽ قول فعل جي پختگي
رکندڙ انسان ئي عظيم هوندا آهن ۽ اهي ئي اعتماد
رکڻ وارا انسان عظيم هوندا آهن. جيڪڏهن ٿورو غور
ڪجي ته ضيائي آمريت ۾ مخدوم صاحب پارٽيءَ سان جهڙي
طرح نڀايو، ان جو مثال گهٽ ملندو، ڇاڪاڻ ته ضيائي
آمريت ۾ سياسي پارٽين جي رجسٽريشن جو مسئلو آيو،
ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي رجسٽريشن نٿي ڏني ويئي.
انهيءَ موقعي تي شهيد محترمہ بينظير ڀُٽي جي حڪم
تي پارٽيءَ جي سينيئر وائيس چيئرمين مخدوم محمد
امين ’فهيم‘ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين
جي نالي سان رجسٽريشن حاصل ڪري ورتي. اهڙيءَ طرح
تحريڪ بحاليءَ جمهوريت (ايم.آر.ڊي) ۾ مخدوم صاحب
جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو پڻ تاريخي مثال رهيو،
جنهن ۾ مخدوم سائين خليق الزمان ۽ مخدوم سائين
رفيق الزمان جن به پنهنجي پڳدار ڀاءُ جي حڪمن تي ۽
پارٽي پاليسين تي اڳ کان اڳڀرا رهيا.
حضرت سائين مخدوم محمد امين ’فهيم‘ لاءِ شهيد
محترمہ بينظير ڀٽو هڪ موقعي تي چيو هو ته اقتدار
جي چمڪ ڏسي گهڻا ماڻهو منهن ڦيرائي ويندا آهن، پر
مخدوم امين ’فهيم‘ آمر پرويز مشرف پاران وزارت
عظميٰ ۽ وڏ وزارت جهڙن منصبن کي ٺوڪر هڻي جهڙي طرح
پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريءَ جو ثبوت ڏنو آهي، ته
انهيءَ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اقتدار مخدوم صاحب
لاءِ ڪا وڏي شيءِ نه آهي، حالانڪ مخدوم سائين 9
ڀيرا پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ايم.اين.اي
رهيو ۽ سندن اڳيان ڪوبه فارم نه ڀريندو هو، پر
جيڪڏهن ڪنهن فارم ڀريو به ته اهو شڪست سان همڪنار
ٿيو.
مخدوم سائين جهڙي طرح عظيم سياستدان هو ته اهڙي
طرح عظيم شاعر به هو، اهو گڻ به کين والد محترم
کان ورثي ۾ مليو. سندن والد به هڪ عظيم سياستدان
سان گڏوگڏ عظيم شاعر به هو، مخدوم محمد امين
’فهيم‘ 1953ع کان باضابطا شاعريءَ جي شروعات ڪئي،
حالانڪه سائين محمد امين ’فهيم‘ پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ سان جهڙي طرح وفا ڪندي وقت گذاريو ته اهڙي
طرح سندس ۽ خاندان جي گذريل دور ۾ پٺڀرائي نه ٿي،
پر جن جي رت ۾ وفا شامل هوندي آهي، اهي بي وفائيءَ
جو ٻج ڪڏهن به نه وجهندا آهن، بنده راقم الحروف
کي هڪ وقت ياد آهي ته جڏهن شهيد ڀُٽي جي هڪ ساٿي
گنبٽ جي اڳوڻي ايم.پي.اي پير سيد حاجي گل شاهه
جيلاني مرحوم سان گڏ حضرت مخدوم سائين محمد امين
’فهيم‘ سان سندن رهائشگاهه تي ڪراچيءَ ۾ ملاقات
لاءِ وياسين ته مخدوم صاحب جن بيحد خوش نظر آيا،
اهو دور ضيائي آمريت وارو هو. ان موقعي تي مخدوم
سائينءَ ڪچهري دوران فرمايو ته پير صاحب پارٽيءَ
تي جيڪو ڏکيو وقت هلي پيو، اهو وقت پارٽيءَ اڳواڻن
کي ڪُندن بنائيندو ۽ ظالم آمر جيڪو ڪجهه ڪري رهيو
آهي، اهو سڀڪجهه پارٽيءَ جي مضبوطيءَ واروعمل آهي
۽ جڏهن به چونڊون ٿينديون ته محترمہ بينظير ڀٽو
صاحبه ملڪ جي وزيراعظم طور منصب ماڻيندي، مخدوم
صاحب جن انتهائي شفيق انسان نظر آيا، انهيءَ
ملاقات ۾ اهو محسوس ٿيو ته هيءُ عظيم انسان، هر هڪ
لاءِ ملنسار شخصيت آهي. هونئن به ڏسجي ته خانداني
ماڻهو همٿ ۽ وقار وارا ٿيندا آهن. 9 ڀيرا
ايم.اين.اي رهندڙ ڪيترائي ڀيرا وفاقي وزارتن جو
منصب ماڻيندڙ ۽ روحاني گاديءَ جو 18هون گادي نشين
هڪ اهڙو انسان، جنهن سان جيڪڏهن ڪو ٻار، هاري،
مزدور، پورهيت يا غريب ڪارڪن وڌي وڃي ڳالهائي ته
هو ساڻس شفقت سان ملي کانئس حال احوال وٺي.
مخدوم سائين جڏهن وفاقي وزير پهريون ڀيرو ٿيو ته
بنا فرق جي ۽ بنا رنگ نسل جي کوڙ سارن ماڻهن کي
ٽيليفون کاتي ۾ بي انت روزگار سان نوازيو. مخدوم
سائين فرمائيندا هئا ته انسان کي قلم جو سخي هجڻ
گهرجي. قلم جي سخاوت انسان کي عظيم کان عظيم تر
بڻائيندي آهي. سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيرو سردار شاهنواز
خان جوڻيجو پڻ چوندو هو ته مخدوم محمد امين ’فهيم‘
قابلِ احترام سان گڏوگڏ قابلِ فخر شخصيت به آهي.
تڏهن ته هن پنهنجي فرزندن کي وصيت ڪئي هئي ته
منهنجي وصال بعد سائين مخدوم محمد امين ’فهيم‘ کي
پنهنجو بزرگ ۽ وڏو سمجهندا ۽ ان جو حد کان وڌيڪ
احترام ڪندا.
اڄ جڏهن سائين مخدوم محمد امين ’فهيم‘هن فاني دنيا
کي ڇڏي درالبقا طرف روانا ٿي چڪا آهن ته سندن سوڳ
۾ شهرن جا شهر، ڳوٺن جا ڳوٺ بند ٿي ويا، هر طرف
سوڳ ڇانيل آهي، سروري جماعت جا ماڻهو ڏک ۾ سوڳوار
آهن. هاڻ اسان 19هين گادي نشين مخدوم جميل الزمان
مان به اها اميد ڪريون ٿا ته هُو پنهنجي والد بزرگ
جيان مڙني ماڻهن جي سهنج رسائيءَ ۾، ۽ پارٽيءَ جي
ڀلائيءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. |