سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2012ع

مضمون

صفحو :9

پروفيسر شمشاد احمد سومرو

 

ميان مخدوم عبدالرؤف مورائيؒ

(جيدعالم، عارف، اديب ۽ صحافي )

قاضي ميان عبدالرئوف مورائي، موري جي مشهور قديم علمي ۽ ادبي گهراڻي جي گوهر، جيد عالم، صاحبِ روحانيت برزگ ۽ ولي ڪامل مخدوم قاضي خليفي عبدالواحد مورائيءَ جو وڏو فرزند هو. پاڻ 1220 هجري/ 1805ع کان 1223 هجري/ 1808ع اندر موري ۾ قاضين جي محلي ۾ تولد ٿيو(1).

خانداني پس منظر:

موري شهر ۾ قاضي خاندان جي وسڻ جي ڏس ۾ ڪيتريون ئي روايتون ملن ٿيون جن مطابق ملتان مان ٻه ڀائر (ڪن روايتن مطابق ٽي بزرگ) مخدوم محمد طاهر ۽ مخدوم محمد هاشم شاهي سڙڪ وٺيو، ملتان مان آيا پئي، جڏهن موري ڀرسان پهتا ته موري واسين کي سندن اچڻ جي خبر پئجي وئي، انهن هنن بزرگن جي ڏاڍي خدمت ڪئي. سندن تقويٰ، علمي تشخص، ۽ ظاهري توڙي باطني فيض ۽ ڪمالات کي ڏسي مٿن زور ڀريائون ته پاڻ موري ۾ ئي رهائش اختيار ڪن. گهڻي زور بار ڪرڻ تي ۽ شهر واسين جي محبت کي ڏسي بزرگن، موري ۾ ترسڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اتي ئي مستقل رهائش اختيار ڪئي. هنن بزرگن جا ملتان جي بزرگن سان گهاٽا واسطا هئا. قاضي خاندان جي ڪن علمي شخصيتن کان ورتل انٽرويوئن مان معلوم ٿيو ته انهن پنهنجن وڏن کان سيني به سيني اهو ٻڌو ته ڪيترائي ڀيرا ملتان جا بزرگ جڏهن به سنڌ آيا ته هن خاندان جي بزرگن وٽ آيا ۽ هتي هنن جون پاڻ ۾ رهاڻيون ۽ روحاني ڪچهريون به ٿينديون رهيون. هن خاندان جي بزرگن جي طريقت جو سلسلو پڻ سهروردي هو. خليفي عبدالواحد کان پوءِ نقشبندي طريقو اختيار ڪيائون.

قاضي خاندان جي وڏي ڏاڏي مخدوم محمد طاهر (جيڪو نوشهري فيروز ۾ مخدوم عبدالرحمان عرف ’عدر پير‘سان گڏ سندس نالي واري قبرستان ۾ مدفون آهي)، ڏهين صديءَ جي آخر ڌاري موري جي قاضي محلا (موجوده ميمڻ محلا) ۾ پنهنجي حويلي اڏي، اُتي هڪ جامع مسجد ۽ مدرسو قائم ڪيو، جتي پاڻ به ديني علم جي تدريس شروع ڪيائين، ۽ ان بعد ٻين بزرگن پڻ انهيءَ درسگاهه ۾ درس تدريس جاري رکي. هن خاندان جي بزرگانه ۽ عالمانه محبت موري شهر جي تاريخ کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا. سندن زهد، عبادت، تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ کي ڏسي ۽ سندن تعليمات جي اثر هيٺ ڪيترائي هندو مسلمان ٿيا. موري جي رهاڪو اڪثر مسلمانن جي ديني تعليم جو سهرو پڻ هن خاندان جي سر تي رکيل آهي، جنهن ڪري موري جي رهواسين ۾ دينداري ۽ خدا ترسي پيدا ٿي. هي خاندان اسلامي فقهه ۾ سند يافته ۽ علم طب ۽ حڪمت ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو. سندن علم جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اڄ کان اٽڪل ٻه اڍائي سؤ سال اڳ تائين ديني علوم ۽ طب حڪمت تي هن خاندان جي بزرگن جون ڪيتريون ئي نادر تصنيفون قلمي نسخن جي صورت ۾ عربي ۽ فارسيءَ ۾ موجود آهن. اهي ڪتاب ڪلڪ ۽ ڪاري مس سان لکيا ويا هئا، ڪٿي ڪٿي صفحن جي ٻاهران ڳاڙهي مس سان لکيل حاشياپڻ نظر آيا.

تعليم و تربيت:

قاضي ميان عبدالرئوف مورائيءَ جي والد مخدوم قاضي خليفي عبدالواحد (1180هه/ 1766- 1255هه/ 1839ع) بن قاضي عبدالخالق مورائي جو موري شهر ۾ قاضين جي محلي ۾ ديني مدرسو هو، جنهن ۾ پاڻ ظاهري خواهه باطني علمن جو درس ڏيندو هو. کين روحاني فيض ۽ خلافت جو خرقو حضرت مجدد
الف ثاني جي پڙپوٽي جي فرزند خواجه شاهه صفي الله ’صفي‘ کان حاصل ٿيو ۽ بعد ۾ خليفو سڏجڻ لڳو.

ميان عبدالرئوف مورائي شروعاتي تعليم پنهنجي والد صاحب کان حاصل ڪئي، ان بعد وڌيڪ علمن جي تحصيل، مٽيارين جي مشهور عالم قاضي عبدالڪريم بن قاضي محمد عثمان متعلوي (متوفي 1261هه/ 1845ع) ۽ ميان عبدالرحيم ٺٽويءَ کان حاصل ڪيائين، جتي فقهه، عربي، فارسي ۽ ٻيا علوم حاصل ڪيائين (2). قاضي صاحب هڪ عالم باعمل ۽ مبلغ هو، دولتپور ڀرسان ڳوٺ شاهه حسن پيرزادي (ڪچي اندر) ۾ مدرسو قائم ڪري درس تدريس شروع ڪيائين. سندن علمي فضيلت جي هاڪ پري پري تائين پکڙيل هئي. قاضي صاحب پنهنجي دور جو علامه هو.

شاگردَ:

قاضي ميان عبدالرئوف مورائيءَ جي شاگردن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جن ۾ وقت جا نامور عالمِ دين، مجذوب ۽ بزرگ اچي وڃن ٿا، جن مان ڪجهه هي آهن:

1- مولوي قاضي عبدالڪريم ولد قاضي نعمت الله ڏاهري (سن ساوڙي تعلقو دولتپور). پاڻ سن ساوڙي جي مشهور ۽ معروف حڪيم قاضي عبدالغني ڏاهري (متوفي: 1320هه/ 1902ع) جو ڀاءُ هو. سندن والد پڻ مڃيل عالم ۽ صاحبِ بياض هو.

2- حافظ محمد ابراهيم لاکو، عالم هو ۽ پاڻ درس وتدريس سان لاڳاپيل هو جيڪو دولتپور ڀرسان ڪُور نور محمد جو ويٺل هو، بعد ۾ لڏي اچي ’دودي ڀاڻپو ٽي‘ جي ڳوٺ ۾ ويٺو (پاڻ پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو وڏو نانو ۽ حڪيم پروفيسر غلام الرسول لاکي جو پڙ ڏاڏو هو).

3- قاضي خدا بخش (3)،  چنيجن وارو، عالم هو پر بعد ۾ مجذوب ٿي ويو.

(4) سيد حيدر علي شاهه، مير حسن علي  ٽنڊي وارو (4).

(5) ميان عطا الله شاهه فيروز شاهي (متوفي 1325هه/ 1907ع) جيڪو شرح ملا جامي تائين ٻه سال پڙهيو ۽ بعد ۾ استاد جي اجازت سان شهداد ڪوٽي بزرگن وٽ وڃي پڙهيو (5).

6- مولوي حڪيم فضل محمد نوشهرائي(6). صابوگر ميمڻ

7- ميان فقير محمد ويهڙائي (ويهڙ شريف نزد دادو، ڪجهه وقت پڙهيو بعد ۾ مخدوم غلام محمد ملڪاڻيءَ وٽ وڃي پڙهيو.)

8- ملا عبدالصمد سومرو (مورو).

9- قاضي مولوي نبي بخش مورائي (متوفي 1938ع).

ان کان علاوه کين مخدوم محمد يوسف کنياروي جن پنهنجن فرزندن: مخدوم عبدالله، مخدوم عبدالحق، عبدالحئي ۽ عبدالڪريم لاءِ استاد مقرر ڪيو، جيڪي چارئي وڏا عالم ۽ فاضل ٿي گذريا آهن (7). مخدوم عبدالله (متوفي 1282هه) ۽ مخدوم عبدالحق (متوفي 1325هه) درگاهه کنياروي شريف (نوابشاهه) جا سجاده نشين ٿي گذريا آهن.

هم عصر عالم ۽ بزرگ:

قاضي ميان عبدالرئوف مورائي جي همعصر عالمن ۾ مخدوم محمد عارف سيوهاڻي (متوفي 1258هه). مخدوم محمد يوسف کنياروي (متوفي 1277هه)، مخدوم حاجي فضل الله پاٽائي (متوفي 1290هه)، مولانا نور محمد شهدادڪوٽي (متوفي1296هه)، مخدوم محمد صادق گچيرائي، خواجه محمد حسن لواريءَ وارو (متوفي 1298هه)، مولانا عبدالغني ڪِيريو کڏهري ( متوفي 1298هه)، قاضي مولانا عبدالغني هالائي، سيد علي محمد شاهه دائرائي(1226هه- 1287هه)، پير ميان محمد حسن ڪٽنباري،(1783ع- 1858ع) مخدوم محمد مسعود چوٽياروي، مخدوم حڪيم ميان غلام محي الدين سيوهاڻي، خواجه محمد سعيد لواروي (متوفي 1223هه) مخدوم محمد شفيع صديقي پاٽائي (متوفي 1312هه)، مولوي عبدالله ٽپٽائي (متوفي 1325هه)، مخدوم عبدالله ولهاري (متوفي 1306هه)، حافظ محمد اسماعيل بوبڪائي، سيد رشد الله شاهه، پير حزب الله شاهه راشدي (متوفي 1308هه) ۽ مولانا غلام صديق شهدادڪوٽي (م 1323هه) اچي وڃن ٿا.

تصنيفات:

مخدوم عبدالرئوف مورائي تحرير جو وڏو قابل هو، سندن ڪيترا ڪتاب/ مخطوطا عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل آهن. قاضي صاحب فارسي ٻوليءَ جو وڏو انشاءپرداز هو. هيٺ سندس ڪجهه ڪتابن/ مخطوطن جو ذڪر ڪجي ٿو:

(1) تنزيه از تشبيه:

هيءُ فارسي نظم جو مخطوطو آهي، جيڪو قاضي صاحب جن ”خدائي تشبيه“ واري عقيدي جي رد ۾ لکيو. هن مخطوطي جو ڪاتب خود مخدوم صاحب پاڻ آهي ۽ عمدي خط نستعليق ۾ لکيل آهي. هن مخطوطي جي سائيز 16x21س.م آهي، هن ۾ ڪل 20 صفحا آهن ۽ هرهڪ صفحي ۾ 15 سٽون آهن.

مولوي محمد عيسيٰ ساندائي (متوفي 1294هه/ 1877ع)، (مولوي فيض الڪريم جو والد) سان موري ۾ قاضي صاحب جو مناظرو ٿيو جيڪو قاضي صاحب جن کٽيو. مولوي محمد عسيٰ ”مشبه“ هو. قاضي محمد عثمان نوشهرائي (متوفي 1294هه) کان متاثر ٿيو. قاضي ميان عبدالرئوف انهيءَ مناظري کي سنڌيءَ ۾ ”ردالوهابيه“، فارسي نظم ۾ ”تنزيه از تشبيه“ ۽ عربيءَ ۾ ”الاستد لال القوي لاذلال الحشوي“ نالي سان قلمبند ڪيو آهي.

”تنزيه از تشبيه“ مخطوطي جي شروعات هيئنن ٿئي ٿي:

هر ثنائي که در وجود آيد

از ورا مرورا همي شايد

ذات خود راکه او ستايش کرد

گشت از عجز ما سوايش گرد

بي نياز است با غنا از غير

ليس ينسب اليه الا الخير

هرچه از کائنات تا ابد است

با نيازي بدر که صمد است (8).

ان بعد مخطوطي ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جي تعريف ٿيل آهي ۽ بعد ۾ ”تنزيه از تشبيه“ جي ٺهڻ متعلق چيل آهي:

عرض ”عبدالرئوف“ ميدارد

غرض از نظم نسخه مي آرد

که همين صنعت ارچه ڪارم نيست

لائق روزگارز ارم نيست.

ليک وهابيه چو نوع فساد

در نهادي ز جنس خويش نهاد.

خاصه”عيسيٰ“ که از فصول فتن

که دمر عامه را اسير محسن.

هر زباني گه داشتم معلوم

همدران نسخه کرده ام مرقوم.

سندي و پارسي دگر عربي

بهتر است از همه زبان نبي.

تاشود انتفاع عام بدان

شهره گر دد بملک نام بدان.

تا ازين قوم احتراز کنند

باب بغضا بروئي باز کنند

پارسي نثر هست گرچه بس

فهم آن سهل گشت بر هر کس

ليک چون نظم هست شيرين خوش

بس لذيذ است و بيشتر دلکش.

گشت منظوم نسخهءَ تنزيه

نام تنزيه دارد از تشبيه (9).

ترجمو:

• عبدالرئوف عرض ڪري ٿو، هن نسخي کي منظوم ٺاهي مقصد حاصل ڪري ٿو.

• هيءُ فن جيتوڻيڪ منهنجو ڪم نه آهي ۽ منهنجي زماني سان مناسب ناهي.

• پر جڏهن وهابين (پنهنجي جنس مان) فساد جو بنياد وڌو آهي.

• خاص ڪري مولوي عيسيٰ جنهن عام ماڻهن کي مختلف فتنن ۾ ڦاسايو آهي.

• جنهن به ٻوليءَ جي مون کي ڄاڻ آهي، ان ۾ نسخو (مخطوطو) لکيو اٿم.

• سنڌي پارسي ۽ عربي، اها نبي پاڪ جي ٻولي، ٻين ٻولين کان بهتر آهي.

• جيئن ته عام ماڻهو فائدو وٺن ۽ ان جو ملڪ ۾ نالو مشهور ٿئي.

• جيئن ماڻهو انهيءَ (وهابين) قوم کان بچن ۽ انهن سان بغض رکن.

• پارسي نثر جيتوڻيڪ گهڻو آهي پر ان جو سمجهڻ هر ڪنهن لاءِ آسان آهي.

• پر جڏهن ته نظم مٺڙو آهي، گهڻو مزيدار ۽ دل کي وڻندڙ آهي.

• منظوم نسخو (ڪتاب) تنزيه ٿيو، نالو ”تنزيه از تشبيه“ رکيل اٿس.

اڳتي هن نسخي/ مخطوطي جو خاتمو هيٺئين ريت ڪري ٿو:

خاتمه در نسخه تنزيه از تشبيه:

هر دوام است عام انعامش

نوع بشر است خاص اکرامش

گرچه انعام غير محصور است

عدو احصاءُ غير مقدور است.

ليکه برقدر حمد شايد کرد

عذر تقصيران ببايد کرد

حمد حق را بود برين انعام

که موفق شدم برائي تمام

روز سه شنبه از مه شعبان

هزدهم بود نظم شد پايان

دوصد و يک هزار ديگر هشت

بعد هفتاد سال هجرت گشت (10).

ترجمو:

• ان جو انعام عام ۽ هميشه آهي، انساني نوع ان جي نعمتن سان خاصو آهي.

• جيتوڻيڪ انعام اڻ کٽ آهي.....

• پر طاقت اَهر حمد ڪرڻ گهرجي، ان جي ڪوتاهيءَ جو عذر ڪرڻ گهرجي.

• خدا جو حمد انعام آهي، جو هن (ڪتاب) جي پوري ڪرڻ جي توفيق ٿيم.

• شعبان مهيني جي اڱاري ڏينهن، 18 تاريخ هئي.

• جو هيءُ نظم پورو ٿيو، 1278 هجريءَ تي.

نسخي/ مخطوطي جي پڇاڙيءَ ۾ هيٺئين فارسي نثر ۾ عبارت لکيل آهي:

”تسويد اين نسخه در سنه 1278 در قريه پيرزادگان که بشاه حسين شهرت دارد به ثبوت رسيد و تبيض آن بعد زمان مديد وعهد بيعد روز شنبه بيست و يڪم شهر صفر سنه 1301 در بلده موره واقع کرديد(11).

ترجمو: هيءُ نسخو تسويد (رف) ڪيو ويو 1278 هجريءَ ۾، شاهه حسين پيرزادي جي ڳوٺ ۾ ۽ ان جي تبيض (فيئر) ٿي گهڻي وقت کان پوءِ، ڇنڇر ڏينهن 21 تاريخ صفر جي، 1301 هجريءَ تي، شهر موري ۾.

رد الوهابيته:

(2) رد الوهابيته:

هيءُ مخطوطو/نسخو سنڌي نظم”الف اشباع“ ۾ چيل آهي، هن جو مصنف ۽ ڪاتب مخدوم عبدالرئوف صاحب آهي. هن ۾ ڪل 14 صفحا ۽ هر صفحي ۾ ڏهه سٽون اٿس، نسخي جي سائيز 16.5x21 س.م آهي. تصنيف جو سن 1278 هجري /1861ع اٿس.

نسخي جي شروعات هيٺئين ريت ٿئي ٿي:

ساراهه سبحان کي جو باري بي مثلا

ناهي نظير ان کي منجهه ذات ۽ صفتا

”ليس ڪمثله شيءِ“ آگي وصف اها

عرش اپايل ان جو ۽ پڻ ڪرسيا

خالق خلقيو خلق کي ڪامل قدرتا

ناهس نياز ڪنهن سندو باري بي پروا

مڙئي محتاج ان جا ڪڻس نه حاجت ڪا

”الله الصمد“ ان ۾ آهي اشارتا

صلوات سرور ڄام تي ۽ پڻ سلاما

جنهن واکاڻيو واحد کي وڏائي وصفا

۽ اتي آل ان جي پڻ اتي اصحابا

جن متابعت مرسل ڪئي واحد

واکاڻا بعد حمد صلوات جي سڻو سٻوجها

عاصي”عبدالرئوف“ڪنا جو موري منسويا (12).

هن مخطوطي/ نسخي جو خاتمو هينئن ٿئي ٿو:

ختم ٿيو خيرسين سنڌي زبانا

رسالو ”ردِ وهابين“ جو فضل ساڻ خدا

”رد الوهابيته“ ان جو نالو رکون ٿا

هزار حمد حڪيم کي اتي اتماما

سو صلوات سيد اتي سهسين سلاما

نازل هئن نبيءَ تي خاص خير وريٰ

۽ اتي آل ان جي سائين سڳورا

ڪيا ڪرم پنهنجي فائق سين فضلا

پڻ اتي يارن ان جي نوري نجوما

اقتداءُ انن سندو هادي هدايتا (13).

نسخي جي پڇاڙيءَ ۾ عربيءَ جي هيٺئين عبارت لکيل آهي:

”وقع الفراغ من تصنيف هذه الرسالة المسماة برد الوهابيه ليلة احد وقت العشاءُ الثامن من رجب المنتظم في سلڪ شهور سنة الف و مائيتن و ثمان وسبعين(14).“

ترجمو: هن رسالي نالي ”رد الوهابيه“ جي تصنيف آچر رات سمهڻيءَ مهل رجب مهيني جي 18 تاريخ 1278 هجريءَ ۾ ٿي.

(3) الاستدلال القوي لا ذلال الحشوي:

هيءُ عربي مناظرو آهي جيڪو مخدوم صاحب مولوي عيسيٰ سان ڪيو هو. هن مخطوطي/ نسخي جو ڪاتب خود مخدوم عبدالرئوف پاڻ آهن. هن نسخي جي سائيز  16x22س.م آهي ۽ هن ۾ ڪل صفحا 54 آهن، هر صفحي ۾ 13 سٽون اٿس، خط نسخ معمولي اٿس.

مخطوطي جي شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي:

”اما بعد- فهذه رسالته مسماة ”بالاستدلال القوي لاذلال الحشوي“ مشتملة عليٰ فصول ثلثته. الفصل الاول في صورة المناظرة وما يتعلق بها اعلم ان المولوي عيسيٰ الوهابي لما نزل في منزل القاضي محمد لائق الهالائي مختيار الامر من قبل الانجريز في هذه البلذة اعني ”موره“ کتبت في الاستواءِ تحرير اقبل وقوع المناظرة وارسلته اليه هذا لفظ قال الله تعاليٰ ليس کمثله شيءِ ..... الخ (15)“.

ترجمو: اما بعد- هيءُ رسالو نالي ”استدلال القوي لاذلال الحشوي“ ٽن بابن تي ٻڌل آهي. پهريون باب مناظري جي صورت ۾، ۽ ان سان تعلق رکندڙ شين متعلق آهي. جيئن ته مولوي عيسيٰ وهابي جڏهن قاضي محمد لائق هالائي جي گهر ۾ آيو جيڪو ان وقت موري ۾ انگريزن جي طرفان مختيارڪار مقرر ٿيل هو. مون مناظري کان اڳ ”الاستواءُ“ بابت تحرير لکي ان ڏي موڪلي هئي جيڪا هن ريت هئي:

قال الله تعاليٰ ليس کمثله شيءِ.... الخ.

مخطوطي/ نسخي جي پنجين صفحي تي لکيل آهي ته:

فلما وصل اليه هذالتحرير عجز من لجواب لا نحراف عن الصواب ووقعت المناظره في ذلٰک المنزل عندالقاضي المذکور و کتبت صورتها في وريقات و بقيت علي التسويد ايامل بل اعوام ماثم بيضتها بعد ها و ادرجتها في هذه الرسالته..... هذالفظه بسم الله الرحمان الرحيم...... الحمدلله وسلام عليٰ عباده الذين اِصطفاه درشبي از شبها درميان فقير و درميان حاجي عيسيٰ وهابي درسکونت گاه ميان قاضي محمد لائق متوطن هالا کهنه که مختيارکار بلده موره بود مناظره واقع گشت وفقير بيش از قدوم وهابي مذکور درانجا نشته بودو يقي از اتباع وهابي مسطور هم در انجا بود وقتي که وهابي من بود در انجا رسيد تابع وهابي گفت ”جاءَ وفد الله“ فقير گفت ”اولائک حزب الشيطان الا ان حزب الشيطان هم الخاسرون“.

ترجمو:  جڏهن منهنجي هيءَ تحرير ان وٽ پهتي ته جواب کان عاجز ٿيو ۽ سڌي رستي کان ڦريو ۽ مذڪوره قاضيءَ جي جاءِ تي مناظرو ٿيو ۽ مون ان مناظري جي صورت چند ورقن ۾ لکي ۽ باقي رف طور لکيو ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ مون ان کي فيئر ڪيو ۽ هن رسالي ۾ هنن لفظن سان لکيو:

 هڪ رات هن فقير ۽ حاجي عيسيٰ وهابي جي وچ ۾ قاضي محمد لائق رهندڙ هالا پراڻا مختيارڪار مورو جي رهائشگاهه تي مناظرو ٿيو ۽ هيءُ فقير، وهابي جي اچڻ کان اڳ ۾ اُتي ويٺو هو ۽ هڪڙو وهابيءَ جو پوئلڳ به اتي موجود هو، پوءِ جڏهن مذڪوره وهابي اتي پهتو ته چيائين ته ”جاءَ وفد الله“ يعني ”الله جي جماعت“ پهچي وئي. فقير (عبدالرئوف) چيو ”اولائک حزب الشيطان الا ان حزب الشيطان هم الخاسرون“ يعني: ”اها شيطان جي جماعت آهي ۽ خبردار! شيطان جي جماعت وارا خساري ۾ آهن.“

هن مخطوطي/ نسخي جي پڇاڙي هڪ خواب تي ٿئي ٿي، جنهن جو ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:

هي پڇاڙي آهي رسالي ”الاستدلال القوي لاذلال الحشوي“ جي، جنهن کي خواب تي ختم ڪجي ٿو جيڪو مون رسالي ٺاهڻ دوران ڏٺو. اهو هيءُ آهي ته مون خواب ۾ مولوي عيسيٰ وهابي ۽ هڪ ٻئي شخصيت کي ڏٺو. مون ان شخص کي چيو ته مولوي عيسيٰ وهابي مناظري کان ٿورو اڳ هڪ ننڍي گهر ۾ لڪي ملول ٿي ويهي رهيو، جنهن ڪري ڪن موجود ماڻهن ان تي چٿرون ڪيون. جيڪڏهن توکي ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ هجي ته هن مولويءَ کان پڇ، پوءِ مون پنهنجو منهن ان مولويءَ ڏانهن ڪيو ته چپ کڻي ڪيائين ۽ ڪجهه به نه ڳالهايائين ۽ حقيقت ۾ ايئن ئي هو سڀ تعريفون الله تعاليٰ لاءِ آهن، جنهن اسان کي ان جي هدايت ڏني ۽ اسان هدايت يافته نه بڻجون ها جيڪڏهن الله تعاليٰ هدايت نه ڪري ها. بيشڪ الله تعاليٰ جا رسول حق سان آيا (16).

تمت هذه الرسالة يوم الجمعة العاشر من شهر ربيع الآخر سنة واحد وثلثمائة بعد الالف اللَّهم اغفر لمؤلفه ولا سلاقه ولاخلافه ولمن طالعه وبلغه في الاطواف والاقطار بجاه نبيک المصطفيٰ المختار عليہ وعليٰ آلہ وصحبه الصلوات والسلام ما تعاقب اليل والنهار (17).

ترجمو:

”هيءُ رسالو جمعي جي ڏينهن، ڏهين تاريخ ماه ربيع ال آخر 1301 هجريءَ 1883ع ۾ پورو ٿيو. اي منهنجا الله! رسالي جي ٺاهيندڙ ۽ ان جي ابن ڏاڏن ۽ پونئرن کي ۽ جنهن پڙهيو ۽ جنهن ملڪ جي پاسن ۾ پهچايو، ان کي نبي ڪريم ﷺ جن جي طفيلي جهنم جي عذاب کان پناهه ۾ رکڻ فرماءِ.“

(4) ازالة الغين من العين الاثبات الانتقاض بالخارج من غير السجيلين:

هيءُ مخطوطو/ نسخو عربي زبان ۾ آهي، هن جو مصنف ۽ ڪاتب خود مخدوم مورائي آهي. ”غير سبيلين مان نڪرندڙ شيءِ (پونءِ يا رت) تي وضوع ڀڄندو يا نه“ تي قاضي عبدالغني ۽ سيد رشد الله شاهه جي وچ ۾ مناظرو ٿيو. قاضي عبدالغني هالائي ”عدم انتقاض وضوع“ جو قائل هو جڏهن ته سيد رشد الله ان جي برعڪس هو.

قاضي عبدالغني جي تحرير پڙهي، مخدوم صاحب ان تي تعليقات لکيو آهي جنهن ۾ قرآن شريف، حديث، فقهه، مڪتوبات امام مجدد الف ثاني ۽ مختلف فقيهن ۽ عالمن جون عبارتون درج ڪيون آهن. پاڻ سيد رشد الله سان متفق آهن ۽ ان کي دليلن سان ثابت ڪيو اٿن. هن مخطوطي ۾ ڪل 64 صفحا آهن، هر صفحي ۾ تيرنهن سٽون ۽ ان جي سائيز 16x22 س.م آهي. ڪاغذ سنهو حنائي ۽ خط نسخ اٿس.

مخطوطي/ نسخي جي شروعات هيٺئين ريت ٿئي ٿي:

”اما بعد- فاني لما اطلعت عليٰ تحرير الفاضل القاضي عبدالغني عليہ رحمة في عدم انتقاض الوضوع باالخارج من غير سبيلين اردت ان اعلق عليہ شيئا ليرتفع الغين من البين وسميته ”بازالة الغين من العين الاثبات الانتقاض بالخارج من غيرالسبيلين“ وها انا اصدر ذالک التحرير وازيل ليتيسر الفهم التعليق ولي التوفيق وبيده ازمة التحقيق (18)“.

ترجمو:

”آءٌ جڏهن قاضي عبدالغني عليہ رحمة جي تحرير کان واقف ٿيس جيڪا غير سبيلين مان نڪرندڙ شيءِ جي وضوع جي نه ڀڄڻ بابت هئي. مون ارادو ڪيو ته آءٌ ان تي ڪجهه تعليقات (فوٽ نوٽ) لکان ته جيئن ڪاراڻ دور ٿي وڃي ۽ مون ان تعليقات تي ازالة الغين من العين الاثبات الانتقاض بالخارج من غير سبيلين“ رکيو. هاڻي آءٌ ان تحرير جي شروعات ڪيان ٿو ۽ شڪ شبها دور ڪيان ٿو ته جيئن تعليق سمجهڻ آسان ٿي پوي. الله تعاليٰ توفيق جو صاحب آهي ۽ سندس قدرت جي هٿ ۾ تحقيق جي واڳ آهي.“

ان کان پوءِ مخطوطي ۾ قاضي عبدالغني جي تحرير شروع ٿئي ٿي جيڪا صفحا چوٿين تائين هلي ختم ٿئي ٿي، هن بعد مخدوم عبدالرئوف جن جي تعليق شروع ٿئي ٿي.

مخطوطي جي 32 صفحي تي لکيل آهي، ته:

”انتقلت هذه الرسالته من السواد الي البياض يوم الاحد بعد الزوال التاسع من جمادي الثاني سنته احد و ثلثمائته و الف من الهجرة النبويته (19).“

ترجمو:

”آءٌ هن رسالي کي رف کان فيئر ڪرڻ ڏي موٽيس بروز آچر زوال کان پوءِ، نائين تاريخ جمادي الثاني سن 1301 هجريءَ 1883ع تي.“ ان کان پوءِ لکيل آهي:

’هذا آخر الکلام و مقام الاتمام و اوان تمام التبيض بعد العوام فيقول المؤلف الفقير الي الله الغني عبدالرئوف السندي المورائي عفي عنه ما کان منه وعن اسلافه واخلاقه.‘

ترجمو:

’هيءُ آخري ڪلام آهي ۽ پوري ڪرڻ جي جاءِ آهي ۽ فيئر ڪرڻ جي پوري ڪرڻ جو وقت آهي. پوءِ چوي ٿو مؤلف فقير، الله بي پرواهه جو عبدالرئوف سنڌي مورائي شال الله تعاليٰ کيس سندس اڳين ۽ پوين کي معاف ڪري.‘

هن مخطوطي جي 34 صفحي تي سنڌ جي برک عالم ۽ حڪيم مخدوم ميان غلام محي الدين سيوستانيءَ (متوفي 1274هه/ 1857) جو هڪ خط مخدوم صاحب جي تعليقات جي تائيد ۾ لکيل آهي، جنهن جو ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:

محقق مخدوم مورائي دام بقائه حنفي مذهب جي تائيد ۾ ڪهڙي نه سهڻي تحقيق ڪئي جڏهن ته اهو قوي دليلن سان ثابت ڪيل آهي ۽ مذهب واري (مقلد) جو طريقو اهو هوندو آهي ته قوي دليل کي وٺجي نڪي گهڻا دليل جيئن ان بابت اصول جي ڪتابن ۾ تصريح ٿيل آهي. ڪيئن نه جڏهن غياثيه واري فتني دوران ان امت جو اجماع منعقد ٿيو ته جيئن مذهبن مان ڪنهن به مذهب تي عمل ڪيو وڃي. ان ڳالهه جي اطلاع خاطر ته ان ۾ ڪثرت صحت آهي ۽ موضوع آهي. ايتري قدر جو انهن حديثن ۾ ڪيترائي موضوعي ڪتاب ڏٺا، جيئن اسان ان ڳالهه کي پنهنجي رسالي ”التعليق الانيق“ ۾ تفصيلي طور ثابت ڪيو آهي ته پوءِ مذهب جي خلاف چوڻ اگرچه ان عذر سان هجي ته قوي دليل تي واقفيت نٿي سو اهو اجماع جي خلاف آهي تانڪ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته جيڪو ماڻهو هدايت ظاهر ٿيڻ کان پوءِ رسول جي مخالفت ڪندو ۽ مومنن جي طريقي کان سواءِ ٻين جي طريقي جي تابعداري ڪندو (اسان ان کي جهنم ۾ داخل ڪنداسين) ال آية (اڳتي پوري آيت پڙهي وڃي). ان کان سواءِ تاتارين واري فتني ۾ اهم ڪتاب ضايع ٿي ويا، جيڪڏهن نه ته حديث جا ڪتاب ته بيشمار آهن. اها ڳالهه نقصان نه پهچائيندي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو معتمد عليه روايتن جي حڪم ثابت ٿيڻ کان پوءِ صحيح حديثن تي واقف نه ٿيو ۽ اهو سڀ ڪجهه التعليق النيق ۾ لکيل آهي الله تعاليٰ وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي (20).

مخطوطي جي پڇاڙي هيٺين لفظن سان ٿئي ٿي:

”قال العائذ بالله السيد رشد الله وفق للاعتصام بحبل الله. هذا آخر ما ارادت في تحقيقة و رغبت في تمنيقه ولم آل جهدا في ابتغاءَ الحق فان کنت اصبت فيما اجبت شکرالله جهدي عليٰ مطابقة الصدق وان اخطاعت في ما سعيت فما ابري نفسي ان النفس لکثيره الخطاءُ و امل من الله ان يغفرلي ويلقي الحق ولسداد في نفسي بکشف الخطاءُ (21).“

ترجمو:

”الله کان پناهه وٺندڙ سيد رشدالله چيو، جنهن کي الله تعاليٰ جي رسيءَ کي مضبوط وٺڻ جي توفيق حاصل هئي. هيءَ ان شيءِ جي پڇاڙي آهي، جنهن جي تحقيق جو مون ارادو ڪيو ۽ ان جي صفائيءَ ۾ رغبت ڪيم ۽ مون حق جي طلب ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪابه گهٽتائي نه ڪئي. پوءِ جيڪڏهن آءٌ جواب ڏيڻ ۾ حق کي پهتس ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي جنهن منهنجي ڪوشش کي سچ جي مطابق بنايو ۽ جيڪڏهن مون پنهنجي ڪوشش ۾ خطا ڪئي ته پوءِ آءٌ پنهنجي نفس کي پاڪ نٿو سمجهان ڇو ته نفس گهڻا گناهه ڪندڙ آهي ۽ آءٌ الله تعاليٰ ۾ اميد رکان ٿو ته مون کي بخش ڪري، حق ۽ سڌي رستي کي منهنجي نفس ۾ پردن کولڻ سان پلٽائي ڇڏي.“

(5) بياض:

مخدوم ميان عبدالرئوف مورائي هڪ وڏي عالم، ليکڪ سان گڏوگڏ هڪ بهترين ڪاتب پڻ هو. سندس ڪيترائي ڪتاب پنهنجن هٿن اکرن سان لکيل آهن. سندس لکيل ڪتابن ۾ ٻه ٽي بياض پڻ آهن، جن ۾ سندن دؤر ۽ ان کان اڳ جي مختلف عالمن جون تحريرون جهڙوڪ: مخدوم عبدالواحد سيوستاني، مخدوم محمد عارف سيوستاني، مخدوم محمد صادق گچيرائي، مخدوم محمد عثمان متعلوي، سيد محمد عاقل الحسيني، مخدوم محمد سيوهاڻي، مولانا حامد اگهمي، مولانا عبدالغني، مخدوم جنيد، مخدوم محمد دائود ۽ ٻين وڏن وڏن عالمن جون فتوائون درج ٿيل آهن. سندن پڻ ڪيتريون ئي فتوائون انهيءَ بياض ۾ شامل آهن جن تي سندس همعصر عالمن جهڙوڪ: مخدوم محمد مسعود چوٽياروي، مخدوم محمد ٽپٽائي ۽ ٻين جون تصحيحون ۽ مهرون لڳل آهن. هڪ بياض ۾ مختلف باب آهن جن ۾ سنڌ جي مختلف عالمن جون فتوائون مختلف بابن هيٺ گڏ ڪيل آهن جن مان ڪجهه بابن جا نالا باب اولياءُ والانعام، باب الصريح، باب الڪنايات ۽ باب التعليق آهن. بياض ۾ تقريباً 250 کان مٿي صفحا آهن.

مخدوم صاحب جي هڪ بياض ۾ گهڻي ڪوشش سان تقريباً سڄي سنڌ جي اڳين ۽ سندس همعصر مشهور ۽ معروف عالمن جون جامع ۽ مانع فتوائون نقل ڪري وڏي محنت ۽ احتياط سان هڪ مفيد ديني، فقهي ۽ علمي ذخيرو ڪٺي ڪيو آهي. مسئلا بابت فتوا جي آخر ۾ ان بزرگ جو نالو، تعارف ۽ سندس مهر جو نقل پڻ ڏنل آهي. انهيءَ صفحي جي سامهون ان بزرگ جي هٿن اکر لکيل فتويٰ ۽ مهر لڳل پنا پڻ لئيءَ سان چنبڙيل آهن. ڪاغذ ديسي ۽ ٿلهو حنائي آهي. اهڙو ساڳيو ئي نموني وارو بياض مخدوم صاحب جن جي هٿ اکرن ۽ ساڳي ترتيب ڏنل ”سنڌالاجي جي ريسرچ لائبريري“ ۾ ”فتوائي علماءِ سنڌ“ جي نالي سان رکيل آهي، جنهن ۾ مؤلف ۽ ڪاتب جو نالو نه آهي.

”انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ۾ موجود پراڻن قلمي نسخي جي تشريحي ڪئٽالاگ“ ۾ مرحوم مولوي محمد صديق ”مائر“ سنڌي ”تحريرات المسائل عليٰ حسب النوازل“ جي عنوان هيٺ لکي ٿوته:

”هيءُ مخطوطي بياض آهي ۽ شايد بياض واحدي هجي، بياض واحدي اڳ ۾ به اچي چڪو آهي، هن ۾ فقهي مسئلا آهن. اڳ حاصل ٿيل بياض جو به اهوئي نالو آهي يعني تحريرات المسائل عليٰ حسب النوازل جيڪو علامه مخدوم عبدالواحد سيوستاني جي خاص شاگرد محمد صادق جي گڏ ڪيل مواد تي مشتمل بياض آهي ۽ هيءُ مخطوطو گويا ثاني نسخو آهي (22).“

انهيءَ ساڳئي ڪئٽالاگ ۾ اڳتي هلي مولوي
”مائر“ سنڌي ”فتواء علماء سنڌ“ جي سري هيٺ لکي ٿو ته:

”هيءُ مخطوطو بياض آهي ۽ فقهي مسائل تي مشتمل گويا هڪ شاهڪار آهي، شايد ”بياض واحدي“ هجي! جيئن اڳ حاصل ٿيل ٻن بياضن جي تحرير جي نوعيت به اهڙي ئي آهي يعني ته صاحبِ فتويٰ جو نالو ۽ سندس مهر جي نوعيت ۽ مخدوم عبدالواحد سيوستاني جو بار بار ڪثرت سان نالو ۽ ان جي مهر جو نقل وغيره. جيئن ته اول ۽ آخر نا مڪمل آهي، تنهنڪري مؤلف، ڪاتب ۽ سن ڪتابت معلوم نه آهي. ان ۾ ڪي ئي باب ۽ فصل آهن، هر مسئلو ان جي مناسبت سان رکندڙ باب يا فصل ۾ ڏنل آهي(23).“

ٽماهي ”الرحيم“ ۾ سنڌ جو برک عالم علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ”مجموعه الفتاوي العلماء سنڌ“ جي سري هيٺ رقمطراز آهي ته:

جهڙي طرح فتاوي عالمگيري کي ڪن عالمن گڏجي لکيو ۽ عهد عالمگيريءَ جو اهو قانون شريعت جو وڏو ڪتاب هو، اهڙي طرح سنڌ ۾ اهڙو ڪتاب لکيو ويو، جنهن جو نالو آهي ”سنڌي عالمن جو فتوائن جو مجموعو“. فتويٰ عالمگيري جي لکڻ تي ته سلطان عالمگير اورنگزيب هزارين روپيا خرچ ڪيا، باقي ”مجموعه الفتاوي“ هن طرح لکي ويئي جو هن تي سواءِ لئيءَ جي ٻيو ڪجهه به خرچ نه آيو. جنهن جي صورت هيءَ هئي جو ”موري“ جي هڪ عالم وٽ سنڌي عالمن جون فتوائون، تقريظن، تصحيحن ۽ مهرن سميت موجود هيون. اهو بزرگ ڇا ڪندو ويو جو اصلي تحريرن کي هر باب ۾ ان جي مناسب رکي لئيءَ سان صفحو بنائيندو، ملائيندو ويو ايستائين جو اهو ڪتاب ٻن ضخيم جلدن ۾ تيار ٿيو جنهن ۾ سون عالمن جون اصلي شڪل ۾ تحريرون ۽ سندن مهرون موجود آهن (24).

مولوي محمد صديق تشريحي ڪئٽالاگ ۾ جنهن پهرئين بياض جو ذڪر ڪيو آهي، ان ۾ ڪيترن اهڙن عالمن جا نالا ۽ صحيحون ڄاڻايون آهن، سي هڪ ته مخدوم سيوستانيءَ جي دور سان تعلق نٿا رکن ٻيو ته ان ۾ ”عبدالرئوف مورائي“ جو نالو پڻ آيل آهي. مخدوم عبدالرئوف مورائي، مخدوم سيوستانيءَ کان پوءِ جي دور جو آهي. ٻيو بياض يعني ”فتاوائي علماء سنڌ“ پڻ مخدوم عبدالرئوف مورائي جن جو آهي، ان جو هڪ ثبوت اهو آهي جو انهيءَ بياض ۾ هڪ هنڌ فتويٰ/ تحرير تي ”اللاستاذنا العلامته المخدوم عبدالڪريم المتعلوي قدس سره“ لکيل آهي جڏهن ته مخدوم سيوستاني مخدوم عبدالڪريم متعلوي وٽ ڪونه پڙهيو هو ۽ مخدوم عبدالڪريم سندن کان پوئين دؤر جو آهي. ٻيو ثبوت ته ان بياض ۾ ڪيتريون تحريرون اهڙن عالمن جون درج ٿيل آهن جيڪي مخدوم سيوستانيءَ جي دؤر کان بعد جا آهن جن مان هڪ فتويٰ/ تحرير تي ”کتبه الفقير
غلام محمد ملڪاڻي عفي عنه“ لکيل آهي جيڪو پڻ مخدوم صاحب کان پوءِ جو آهي. مخدوم عبدالڪريم متعلوي (متوفي 1261هه/ 1845ع مخدوم مورائيءَ جو استاد هو.

 علامه غلام مصطفيٰ قاسمي پڻ جنهن جو ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ واضح اشارو ”موري“ جو هڪ عالم پڻ ڏنو اٿن سو ۽ مٿيان بياض مخدوم عبدالرئوف مورائيءَ جا آهن. راقم مخدوم صاحب جي هٿن اکرن سان لکيل هڪ جلد پروفيسر نذير احمد قاضي جي ذاتي ڪتب خاني ۾ ڏٺو آهي ۽ ان جو نقل کڻي سنڌالاجيءَ ۾ رکيل بياضن کي ڀيٽائي ڏٺو ته اهي پڻ ساڳئي نوعيت جا ۽ ساڳيا ئي هٿ اکر آهن.

سنڌالاجيءَ کي مخدوم عبدالرئوف جن جا ڪيترائي بياض، مخطوطا ۽ قلمي نسخا، جن ۾ حڪمت جا ڪتاب پڻ شامل هئا، سندن پڙپوٽن پروفيسر نذير احمد قاضي (بن قاضي محمد قاسم بن مولوي محمد صادق مورائي) ۽ مرحوم انور احمد قاضي ايڊووڪيٽ (بن محمد هاشم قاضي بن مولوي محمد صادق مورائي) تحفي طور Donate ڪيا هئا. جڏهن مرحوم رشيد ڀٽي، مرحوم الطاف عباسي ۽ حڪيم نياز همايوني، پروفيسر سيد غلام مصطفي شاهه جي اپيل تي سنڌ مان سنڌالاجيءَ لاءِ قلمي نسخا ۽ ٻيو مواد ڪٺي ڪرڻ نڪتا هئا (ياد رهي ته ان وقت سنڌالاجيءَ کي سنڌ دشمنن باهه ڏني هئي جنهن ۾ ڪافي قلمي نسخا ۽ ٻيو مواد سڙي ويو هو) اها ڳالهه راقم کي تحقيق دوران پروفيسر نذير قاضي ٻڌائي جنهن جي تصديق راقم خود وڃي سنڌ جي برک شاعر ۽ حڪيم سائين نياز همايونيءَ کان ڪئي هئي.

مولوي مائر مٿين مخطوطن/ بياضن ۾ مصنف ۽ ڪاتب جو نالو نه ڄاڻايو آهي ۽ ان جڳهه تي سواليه نشان ڏنا اٿس، تن جو هڪ سبب اهو به آهي ته اهي مخطوطا/ بياض مخدوم مورائيءَ جي فرزند ۽ سنڌ جي جيد عالم قاضي مولوي محمد صادق جي وفات بعد ڪاٺ جي پيتين ۾ پيل هئا ۽ ڪيترائي سال پيل رهيا. بعد ۾ پروفيسر نذير قاضيءَ انهن کي پيتين مان ڪڍيو جيڪي گهڻو تڻو اڏوهيءَ جو کاڄ بنيا ۽ ٻيا جيڪي پاڻ سنڌالاجيءَ کي ڏنائون سي به ڪٿان ڪٿان کاڌل هئا پر سٺي صورت ۾ هئا. اڏوهيءَ جي ڪري انهن ڪتابن جا ڪيترائي صفحا ضايع ٿي ويا ۽ تقريباً سڀني مخطوطن جا اڳ وارا صفحا ۽ ڪجهه پٺيان ۽ وچ وارا صفحا پڻ کاڌل هئا، انڪري مولوي ”مائر“ کي انهن مخطوطن جي مؤلف ۽ ڪاتب جي خبر نه پئجي سگهي.

مخدوم محمد مسعود چوٽياروي قاضي ميان عبدالرئوف صاحب جن ڏانهن لکيو ته ”علم باطن فرض نه آهي.“ قاضي ميان عبدالرئوف جن لکيو ته ”فرض آهي.“ اها تحرير ٻن ٽن جزن ۾ هئي ۽ کنياروي ميان عبدالحق بزرگن جي معرفت اها لکپڙهه ٿيندي هئي (25).

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ”قاضي عبدالرئوف مورائي“ واري مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”مخدوم امير احمد صاحب جن ٻڌايو ته وهابين جي رد ۾ سندس فارسيءَ ۾ لکيل ڪي تحريرون ۽ مسئلا مون سندن شاگرد ”مولوي فضل محمد مرحوم“ جي ڪتب خاني ۾ ڏٺا هئا. تحريرن مان موصوف جو علمي تبحر صاف ظاهر هو ۽ کيس تحرير جي فن ۾ قدرت خاص ملڪو عطا ڪيو هو (26).

شاعري

مخدوم عبدالرئوف مورائي هڪ جيد عالم ۽ ليکڪ سان گڏوگڏ سٺو شاعر پڻ هو. پاڻ سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ ۾ پڻ شاعري ڪئي اٿن. سنڌيءَ ۾ سندن ڪيترائي مولود ۽ مدحون چيل آهن (27). تحقيق دوران ڳولا ڪندي سندن صرف هڪ مولود ۽ هڪ مدح هٿ اچي سگهي/ ملي جيڪا هيٺ ڏجي ٿي:

قاضي صاحب جي سنڌي شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

مرضن ماري، آئون سائين ناهيان، ماري آهيان مرض محبت

ماري آهيان، مرض محبت، سڄڻ ريءَ، ريءَ صحبت.

                                  مرضن ماري........

چارئي يار رسول جا، پنجن تنن جي برڪت،

پرين سندي پار جو، سور ڀانيان ٿي به صحت.

                                  مرضن ماري........

ڍڪي ڍاڪون سور جو، ڏاج ڏنو ميان حضرت،

چمي چايم سر تي، سائي امانت،

                                    مرضن ماري........

عاصي ميان ”عبدالرئوف“ چئي جاءِ ڏيو جنت،

دائم ٿو دانهون ڪري، جتي روز وسي ٿي رحمت.

                                      مرضن ماري.....

قاضي صاحب جي هڪ مدح هيٺ ڏجي ٿي:

ٻاهر ٻاڦ نه نڪري، من ۾ متو مچ،

لڪائي سڀ لوڪ کان، پر ۾ پيو پچ،

انهيءَ رنگ سان رچ، نسبت پيرن پڇين.

پير اڪابر بادشاهه، نوري نقشبند،

گردن ۾ گمراهه کي، ڪٺين ٿا ڪمند،

بري وجهن بند، اذن سان الله جي.

نوبت شاهه نقشبند(1) جي، وڄي ڪي وارو،

ميدان ۾ مردن جي، هنيؤن دوريءَ نگارو

هنئيدين هر بارو، عالم فتح انهيءَ جي.

شاهي شوڪت سان، الاهي هزار،

ناصر دين نبيءَ جو، ملڪن ۾ مختيار،

ڏئي ٿو ڏاتار، پاکرون پاڃن کي.

مير مجدد(2) مقتدا، عالم جو آڌار،

آهي نور نبيءَ جو، شافع روز شمار،

حافظ ٿيو همراهه، امت احمد جو.

عروه الوثقيٰ(3) عظيم جو، ڪنهن پرو نه پوءِ،

جو هر سڀ جهانن جو، عالم عرض هوءِ،

جوهر جوڙ نه ڪوءِ، عرض قائم ان سين.

غجدواني(4) غوث جي، ڪير مدح ڪندو،

راس سلسلئه خواجگان، رئيس انهن سندو،

باريءَ جو بندو، مشڪل ڪشا مڙني سندو.

صديق اڪبر اڳرو، ڀلو کان ڀلن،

مريد آ مرسل مير جو، مرشد آهي مڙن،

طعام تجلي تن، جنين مرشد مڃيو.

مولا مالڪ ملڪ جو سائين سٻاجهو،

ٻانهن تي ٻاجهون ڪري، اڙين آهي اجهو،

پڌرو ۽ ڳجهو، عام انعام انهيءَ جو.

عرض هن غريب جو قادر ڪر قبول،

فضل ساڻ فقير کي، تون نسبت ڪرين نصيب،

ٿئي عرض عجيب، برڪت هنن ڀلن جي (28).

عربي شاعريءَ جو نمونو:

نَخص اَلحمدِلله ذوالجلال

عليٰ ماعم فضلا بالنوال.

الله واحدُ فرداً قديم

تَنزه عن مشارکه المثال.

لہ ملک وحمد وهو يُحي

يُميت الخلق من غير المقال.

قدير هُو عليٰ ما کل شيءِ

جديد هُوَ با وصاف الکمال.

تقدس عن صفات الخلق طُرا

وِ عما لا يليق من الخصال.

فذاک المصطفيٰ اختياره الله

وَ فضله با علاءِ الکمال.

صحابتُه نجومُ لاهتداءِ

وجوم هم لا صحاب الضلال.

خصوصاً اربع منهم جميعا

تجلو بالجلا مع الجمال.

تسلطهم عليٰ اعداءِ دين

کضر غام تسلط لاغتيال.

تَرحمهم لاَ هل الدين جمعا

کرحمته ربهم کلَّ المواَل.

هم الصدّيق و الفاروق ايضاً

وذوالنّورين اسدالله عالي.

وسبطي مصطفيٰ وابناء بَتول

بصحبته جَدهّم يلغا المعالي.

لهم فضلّ وراءِ الفضل هذا

لما يحويهما مفهوم آل.

وعَماه مکره کل احدِ

وصِنوَالاب اعمام الرّجال.

صلاه الله کانت مع سلامِ

عَليٰ خير البرايا و الزّلال.

ويتبعه الصحابته بعد آلِ

ومن تَبع لهم في الاعتدال.

فکن في هذه الدنيا غريبا

تسير مُعجلا لِلاِنتقال.

ولا تغترّ مفتخرا بمال

ستبقيٰ مُفلسا من غير مال.

ولا تشعل با ولاد عن الله

ولا تَرکن اليٰ ما فِي الزواَل.

وُتب عَما فعلت من المعاصي

و عما قلت من شرّ المقال.

ولا تنس الجحيم ولا القيام

ولا قبرا ومافي سواءِ حال.

من العبد المضاف اِليٰ رُئوفِ

سَيبقيٰ واعظا بعد ارتحال (29).

انهيءَ خطبي کان علاوه قاضي صاحب جا ٻيا به ڪيترائي مشهور خطبا عربي زبان ۾ جڙيل آهن. ان کان علاوه پاڻ فارسيءَ ۾ پڻ ڪيتري ئي شاعري ڪئي اٿن، جنهن مان ”تنزيه از تشبيه“ سندن مشهور منظوم شاهڪار آهي جنهن جو تذڪرو اڳ ۾ ئي اچي چڪو آهي.

روحاني سلسلو:

مخدوم صاحب نقشبندي طريقي جو صاحبِ حال ۽ قال جو بزرگ هو، سندن سلوڪ ۽ معرفت ۾ خاص مقام هو. قلبي ذڪر جي جوش ۽ گرمائش سبب تهه سياري ۾ ململ جي ڪپڙي کانسواءِ ٻيو ڪوبه اوڇڻ اوڍي نه سگهندو ۽ ذڪر جي آتشِ عشق کان انهيءَ تهه سياري ۾ به نباتن جو شربت پيئندو. قاضي خالد حيات ٻڌايو ته کيس پنهنجي ناني ميان عبدالله مرحوم (جيڪو ميان جون سڳورن جو ڏهٽو هو) ٻڌايو هو ته مخدوم صاحب حافظ سعديءَ جو اهو شعر پڙهندو هو.

درکفي جام شرعيت دکف مسندانِ عشق

هر هر سنا که ندانند جام وسندان باختن

الله تي ڪامل توڪل ۽ دنيا کان بيزاري:

هڪ دفعي موري جو ڊپٽي ڪليڪٽر قادر داد خان پٺاڻ (جيڪو بعد ۾ خيرپور رياست جو وزير ٿيو) مخدوم صاحب جو معتقد ۽ مريد هو سو مخدوم صاحب جن سان ملڻ لاءِ سندن آستاني/ درٻار ۾ آيو، پاڻ ان وقت ذڪر اذڪار ۾ مشغول هو. هن ڪنهن ماڻهوءَ هٿان چوائي موڪليو ته سائين جن کي ٻڌايو ته آءٌ قدم بوسي ڪرڻ آيو آهيان. مخدوم صاحب جڏهن ذڪر فڪر مان فارغ ٿيا ته کين ٻڌايو ويو، پاڻ ٻاهر آيو ۽ اچي هن سان مليو. ملڻ کان پوءِ
مخدوم صاحب قادر داد کي چيو ته: ”دادا! اسين توکي هڪ ڳالهه چئون (پاڻ پيار وچان کيس دادا سڏيندا هئا) ”مهرباني ڪري تون اسان وٽ نه ايندو ڪر.“ اهي لفظ ٻڌي هو ڏاڍو پريشان ٿي ويو ۽ عرض ڪيائين ته سائين آءٌ معافي وٺان ٿو جيڪڏهن مون کان ڪا غلطي يا گستاخي ٿي آهي. مخدوم صاحب کيس وراڻيو ته: بابا! اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي، تون جتي به هوندين اسين تنهنجا دعاگو هونداسين. تنهنجي هتي اچڻ سان، تنهنجو ٺٺ ۽ ٺانگر ڏسي اسان جو نفس تقويت وٺي ٿو ۽ اسان جي ذڪر ۽ فڪر ۾ خلل پوي ٿو.“ (ياد رهي ته انگريزن جي وقت ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جو پنهنجو دٻدٻو هو ۽ هو باقاعدي وڏي سپاهه سان هوندو هو) اها هئي هڪ الله واري جي دنيا داريءَ کان ڪنارا ڪشي(30).

جڏهن داد واه (موري لڳ) جي نئين سِر کوٽائي ٿي رهي هئي، ان دوران اهو ساڳيو قادرداد خان مخدوم صاحب جن وٽ آيو ۽ هڪ ڪاغذ ڪڍي مخدوم صاحب کي عرض ڪيو ته ”سائين! هن تي اوهان صحيح ڪيو.“ پاڻ کانئس پڇا ڪيائون ته هن ۾ ڇا لکيل آهي، ليڪن قادر داد خان ٻه ٽي دفعا کين عرض ڪيو ته اوهان انهيءَ ڪاغذ تي صحيح وجهو. مخدوم صاحب جي گهڻي پڇڻ بعد قادرداد کين عرض ڪيو ته: ”سرڪار! مون اوهان جي نالي تي ٻه سؤ ايڪڙ زمين کڻت کنئي آهي ۽ ان جي سرڪاري في پڻ ادا ڪئي آهي، اوهان صرف انهيءَ ڪاغذ تي صحيح ڪيو ته اها زمين اوهان جي نالي ٿي وڃي.“ مخدوم صاحب کيس وراڻيو ته ”اسان فقير ماڻهو آهيون، اسان کي انهيءَ جي ڪهڙي ضرورت.“ هن جي جواب ۾ قادرداد مخدوم صاحب کي عرض ڪيو ته: ”سائين! اوهان جا ٻچا ننڍا آهن جيڪي اڳتي هلي وڏا ٿيندا ۽ انهن جو اولاد ٿيندو، انهن کي ڪم ايندي.“ مخدوم صاحب اهو جواب ٻڌي فرطِ جوش ۾ اچي (سندن سڄو چهرو لال ٿي ويو) کيس فرمايو ته: ”ڇا؟ تون منهنجي اولاد جو رزاق آهين، جيڪڏهن هو نيڪ عمل ڪندا ته خدا کين حلال رزق عطا فرمائيندو“. مخدوم صاحب جي ڪاوڙ ۽ جواب ٻڌي قادرداد اهو پنو/ ڪاغذ ويڙهي کيسي ۾ وڌو. اها هئي سندن الله تي توڪل ۽ دنيا کان بيزاري (31).

اولاد:

مخدوم عبدالرئوف جن کي چار فرزند هئا، جن ۾ حڪيم مولوي قاضي محمد صديق (و: 1298هه، 1349هه)، حڪيم مولوي قاضي محمد صادق مورائي (و: 1300هه، ۾: 1388هه)، قاضي محمد مصدوق (و: 1303هه) ۽ قاضي محمد يوسف (م: 1944ع) اچي وڃن ٿا.

وفات ۽ مدفن:

اسان جي سنڌ جي ڪيترن عالمن ۽ اسڪالرن قاضي صاحب جي ڄم ۽ وفات جا سن غلط ڏنا آهن. هاڪاري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1299هه ڄم ۽ وفات 1363هه ڄاڻايو آهي (32). پروفيسر ڊاڪٽر حامد علي خاناڻي، ”نوابشاهه ضلعو، تاريخي شهر ۽ شخصيتون“ ۾ وفات جو سن 1363هه ڏنو آهي(33). جڏهن ته ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“ ۾ پڻ ساڳئي غلطي دهرائي آهي ۽ وفات جوسن 1363هه ڄاڻايو آهي (34). جڏهن ته مخدوم عبدالرئوف جن 26 ربيع الاول 1306هه ۾ وفات ڪئي آهي. قاضي محمد عثمان (م: 1310هه) پنهنجي بياض ۾ سندن وفات بابت لکيو آهي ”بتاريخ بيست ششم ماه ربيع الاول روز شنبه وقت صلوه ظهر 1306هه رحلت فرموند (35).“

مخدوم صاحب جي وفات تي سندن شاگردن ۽ قريبي عزيز، موري جي جيد عالم مولوي قاضي نبي بخش مورائي (متوفي 1357هه) هيٺيون، ”قطعه تاريخ“ تحرير ڪيو آهي:

هاءِ موري مان ”ميان جن“ ويا لڏي

خلق ساريءَ کي ويا گوندر گڏي..

اسم اعليٰ هو سندن ”عبدالرئوف“

حق جي رحمت هئي مٿن هر دم الوف.

فيض و برڪت هو سندن جاري سدا

سنڌ ساريءَ جا هئا سي مقتد..

هئا وڏا عالم با علم وعمال

مٽ سندن ڪو ملڪ ۾ ڪونهي اصل.

هئي سندن صحبت مثل اڪسير جي

ٿيا روانا سان حڪم تقدير جي.

ڏينهن ڇنڇر وقت ٻپهري وصال

ڪيو ڪريمن هن دنيا مان انتقال.

هئي ڇويهين عرس تيرهن سؤ ڇهه سال.

داخل الجنت ڪيا رب ذوالجلال (36).

مخدوم صاحب موري ۾ ’خليفي صاحب جي مقام‘ ۾ سندن والد صاحب جي ڀرسان کاٻي پاسي مدفن آهي. مخدوم صاحب جي مزار تي سندن گهري دوست ۽ سنڌ جي هڪ وڏي عالم مخدوم محمد شفيع صديقي پاٽائي (متوفي 1312هه) جو هيٺيون تاريخي ڪتبو لڳل آهي.

تحسر هزار وتاسف الوف

که مخدوم مرحوم عبدالرئوف.

ازين دار فاني روانه شدهه.

گرين زان زد ور زمانه شدهه.

بگفته من هاتف تيز راءِ،

توهم شرط تاريخ آور بجاءِ.

که دو عالم عامل حلم بود،

زهي کامل علم باعمل بود.

چو او گشت دار جنت مقيم،

بگفته که ”قد فار فوزاً عظيم“ (37).

حوالا، حاشيا ۽ واڌارا

(1) مخدوم عبدالرئوف مورائيءَ جن جي ڄم جو سال ڪٿي به ڪونه ٿو ملي. تحقيق دؤران قاضي خاندان جي ڪيترن سڄاڻ فردن سان ملاقات ٿي، جن وٽ پنهنجن وڏڙن جو علمي سرمايو موجود آهي جن ۾ قاضي محمد اڪبر بن قاضي خدا بخش مورائي، قاضي خالد حيات ”سيف“ ۽ پروفيسر نذير احمد قاضي اچي وڃن ٿا، انهن وٽ پڻ ان بابت معلومات/ مواد نه هو. خوشقسمتيءَ سان ڪجهه وقت اڳ راقم کي پنهنجي چاچي فيض محمد سومري (مرحوم) وٽان قاضي محمد عثمان (متوفي: 1310هه) جو هڪ بياض مليو، جنهن ۾ قاضي ميان عبدالرئوف جن جي ٻئي نمبر ڀاءُ ”قاضي محمود“ جن جي ڄم جو سن مليو آهي جيڪو ”1224 هجري“ آهي. ان حساب سان مخدوم صاحب جن جو ڄم ”1220هه کان 1223 هجريءَ“ اندر بيهندو.

(2) ميان عبدالرئوف جن جي هڪ فتويٰ تحرير راقم وٽ موجود آهي، جنهن ۾ مورائي صاحب جن پنهنجي استاد قاضي عبدالڪريم متعلوي جن جي تحرير جو حوالو ڏنو آهي، جنهن ۾ پنهنجي استاد کي ”استاذنا و مرشدنا سلطان علماء المشرق والمغرب مخدوم صاحب هو الکريم المتعلوي اسم الکريم رحمہ ربه في الدارين“ ڪري لکن ٿا.

ميان عبدالرئوف جن جو هڪ خط تحقيق دؤران ڳولا ڪندي هٿ آيو، جيڪو پاڻ قاضي ميان بهاول ڏانهن، ٺٽي مان پنهنجي استاد قاضي عبدالرحيم ٺٽوي جن جي ارشاد تي لکيو اٿن. خط جي شروعات ۾ ”من الفقير الحقير المملوباالخطاءُ والتقصير راقم الحروف عبدالرئوف“ لکيل آهي. خط اندر پنهنجي استاد کي هيٺين لقبن سان نوازيو اٿن:

”عند الاستاذ المولي الاجل الاکمل الارحم الاشفق الافضل قدوت العلماءُ الاکِرام و زبده الفقهاءُ الفخام مولانا و مقتدانا المخدوم التتوي ابقا هم الله تعاليٰ..... الخ“

(3) چنيجا تعلقي موري جو هڪ ڳوٺ آهي. اڳ ۾ چنيجا پرڳڻو هو جيڪو علم ۽ ادب جو مرڪز هو. هتي ڪيترائي عالم پيدا ٿيا جن علم ۽ فقهه ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو جن ۾ قاضي محمد حسين (جنهن جي سجع ۾ 1165هه آهي) ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.

(4) نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر، ”قاضي عبدالرئوف مرحوم مورائي“، ٽماهي ”مهراڻ حيدرآباد، 3/4 سال 1957ع ”سوانح نمبر“.

(5) مولانا دين محمد ”اديب“ فيروزشاهي، ”علامه حاجي عطاءُ الله شاهه فيروزشاهي“ واري مضمون ۾ لکي ٿو ته:

”برخي از عبدالرئوفِ”موره خواند

کرد در شهدادکوت آن ختم کار“

يعني در قصبه موره ضلع نوابشاهه نزد حضرت عارف عالم مولانا عبدالرئوف قدس سره  تا شرح جامي خواند، بعده حسب مشوره و اجازت استاد موصوف در شهدادکوت رفته، نزد عارف کامل مولانا حضرت نور محمد صاحب قدس سره بقيه کتب خوانده فارغ التحصيل شدند............ (ٽماهي مهراڻ حيدرآباد، 3/4، 1957ع سوانح نمبر، صفحو 64)

(6) حڪيم فضل محمد نوشهرائي، وڏو عالم، حڪيم ۽ خلاقت تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ هو. راقم وٽ سندس هڪ خط موجود آهي جيڪو مخدوم عبدالرئوف صاحب جن جي فرزند برک عالم مولوي محمد صادق جن کي لکيو اٿن جنهن ۾ پنهنجي استاد مخدوم عبدالرئوف صاحب جي هڪ تحرير جو حوالو ڏنو اٿن ۽ کين وڏن لقبن سان نوازيو اٿن. سندس ڪيترائي قلمي ڪتاب اٽل ٻوهئي جي هڪ مدرسي ۾ مهتمم احمد خان ٻوهئي وٽ موجود آهن، جن ۾ مخدوم مورائيءَ جي قلمي مخطوطي
”الاستدلال القوي لا ذلال الحشوي“ جو هڪ نسخو موجود آهي. جنهن جو هڪ نسخو راقم وٽ به موجود آهي پر ان ۾ آخري يعني اختتام وارو صفحو نه آهي. خوشقسمتيءَ سان حڪيم صاحب واري نسخي ۾ موجود آهي جتان راقم استفادو حاصل ڪيو آهي.

(7) ٽماهي ”الرحيم“ حيدرآباد، 3/4، 1967ع، ”مشاهير سنڌ نمبر“، صفحو 178، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد.

(8) قاضي، مورائي عبدالرئوف، ”تنزيه از تشبيه“
 (قلمي)، صفحو 1، سچل سرمست لائبريري مورو، سنڌ.

(9) ايضاً، صفحو 2/3.

(10) ايضاً، صفحو 19.

(11) ايضاً، صفحو 20.

(12) قاضي، مورائي عبدالرئوف، ”رد الوهابيته“ (قلمي)، صفحو 1/2، سچل سرمست لائبريري مورو، سنڌ.

(13) ايضاً، صفحو 13.

 (14) ايضاً، صفحو 14.

 (15) قاضي، مورائي عبدالرئوف، ”الاستدلال القوي الحشوي“ (قلمي)، صفحو 1، سچل سرمست لائبريري مورو، سنڌ.

(16) سومرو، شمشاد احمد، ”جوڳيئڙا جهان ۾“ (موري جي قاضي خاندان جي علمي، ادبي، ديني، سماجي ۽ سياسي خدمتن جو تحقيقي جائزو)، صفحو 70 (قلمي).

 (17) قاضي، مورائي عبدالرئوف، ”الاستدلال القوي لاذلال الحشوي“، (قلمي)، سچل سرمست لائبريري مورو سنڌ.

 (18) قاضي، مورائي عبدالرئوف، ”ازالته الغين من العين الاثبات الانتقاض بالخارج من غير السبيلين“، (قلمي) صفحو 1، سچل سرمست لائبريري مورو سنڌ.

(19) ايضاً، صفحو 32. 

 (20) ايضاً، صفحو 34.

(21) ايضاً، صفحو 64.

(22) سنڌي، محمد صديق ”مائر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ موجود پراڻن قلمي نسخن جو تشريحي ڪئٽالاگ“، صفحو 60/61، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو 1980ع.

(23) ايضاً، صفحو 46/47.

(24) ٽماهي ”الرحيم“ حيدرآباد، نمبر 3، سال 1966ع صفحو 79.

 (25) نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر، ”قاضي عبدالرئوف مورائي“، ٽماهي مهراڻ حيدرآباد، 3/4، 1957ع،

 (26) ايضاً.

 (27) راقم 1996ع ۾ تحقيق دؤران ”درگاهه کنياروي“ شريف ويو. درگاهه ڀرسان ڳوٺ کبڙ لکمير ۾ سنڌ جي مشهور شاعر محترم عبدالحڪيم ”ارشد“ سان ملاقات/ رهاڻ ٿي. ڳالهين ۾ جڏهن مخدوم عبدالرئوف جن جو ذڪر نڪتو ته پاڻ ٻڌايائون ته اسان وٽ (پاڪستان ٺهڻ کان اڳ) هتي موري جو هڪ مولوي لغاري صاحب مسجد جو پيش امام هوندو هو، جنهن وٽ اسان قرآن شريف پڙهندا هئاسين. ان وٽ هڪ بوڪ/ ڪاپي مولودن جي هوندي هئي، پاڻ اهي مولود پڙهندو هو. پڇا ڪرڻ تي ٻڌايائين ته اهي مولود مولوي عبدالرئوف قاضي جن جا آهن.

(28) سومرو، شمشاد احمد“، جوڳيئڙا جهان ۾“، صفحو 78 (قلمي).

(29) مخدوم محمد سعيد لواريءَ وارن قاضي صاحب ڏي نياپو موڪليو ته وهابين جي رد ۾ خطبا ٺاهين. هي خطبو ۽ ڪي ٻيا مخدوم صاحب جن پوءِ ٺاهيا (ڏسو مضمون، قاضي عبدالرئوف مورائي، بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، ٽماهي مهراڻ، 3/4، 1957ع.)

(30) هيءُ واقعو اهلسنت جي وڏي عالم، مفتي عبدالرحيم شر صاحب قاضي احمد لڳ تقرير ۾ ٻڌايو. مون کي ڊاڪٽر حافظ غلام محمد ڏاهريءَ ٻڌايو جيڪو اُتي موجود هو.

(31) هن واقعي جو راوي پروفيسر نذير احمد قاضي جن آهن.

(32) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، عبدالرئوف مورائي، ٽماهي مهراڻ، سوانح نمبر، 3/4،1957ع.

(33) خانائي، حامد علي ڊاڪٽر، نوابشاهه ضلعو تاريخي شهر ۽ شخصيتون، صفحو 255، نوابشاهه ڊسٽرڪٽ ڪلچرل سوسائٽي نوابشاهه، سال 1987ع.

(34)  ٽالپور، محمد جمن ڊاڪٽر، سنڌ جا اسلامي درسگاهه، صفحو 499/500.

(35) بياض قاضي محمد عثمان، ملڪيت پروفيسر شمشاد احمد سومرو.

(36) جوڳيئڙا جهان ۾ ”تذڪره قاضي خاندان مورو“، صفحو 159 (قلمي) تحقيق: پروفيسر شمشاد احمد سومرو.

(37) راقم خود وڃي مخدوم صاحب جي مزار تان اهو تاريخي ڪتبو پاڻ اتاريو آهي.


(1)  شاهه نقشبند، حضرت خواجه بهاؤالدين بخاري نقشبند ؒ،

(2)  مجدد،  خواجه مجدد الف ثاني ؒ

(3) عروه الوثقيٰ،  حضرت خواجه محمد معصوم ؒ

(4)  غجدواني،  خواجه عبدالخالق غجدواني ؒ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com