سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2012ع

مضمون

صفحو :4

نذير شاڪر بروهي                                                                (قسط-1)

چانڊڪا پرڳڻو

(نالي جي تاريخي قدامت، معنيٰ ۽ ان سان مُتصل پرڳڻن ۽ جاگيرن جو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو)

سنڌ جي مجموعي، هر خطي، شهر، علائقي ۽ قبائلي تاريخي ڪارنامن ۽ ڪردارن جي تاريخ غور طلب ۽ تحقيق طلب آهي. ڇو ته، جڏهن اسان سنڌ جي مجموعي تاريخ جي برعڪس شهرن ۽ ان ۾ بودوباش رکندڙ قبيلن جي تاريخ تي نظر وجهون ٿا ته اسان کي سنڌ جي مجموعي تاريخ ۾ ڪي اوڻايون ۽ تضاد به نظر اچن ٿا. مثلاً: 1739ع ۾ نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪري ٿو. هو روهڙيءَ وٽان درياهه اُڪري نوشهرو ابڙو (لڳ ڳڙهي ياسين) ۾ پڙاءُ وجهي ٿو پر سنڌ جي مؤرخن نوشهرو ابڙي جي بدران نوشهرو فيروز لکي ڇڏيو آهي. اهڙي طرح سورهين صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ شڪارپور لڳ لکيءَ ۾ مهرن جي سرداري هئي، جتي اڃان به مهر سردارن جا پونئر موجود آهن، پر هاڻي مهر قبيلي جي سرداري خان ڳڙهه ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڇو منتقل ٿي؟ هي ۽ اهڙا ٻيا انيڪ سنڌ جي مجموعي تاريخ ۾ حل طلب سوال آهن، جن جا مقامي ۽ قبائلي تواريخ ۾ جواب موجود آهن، پر مجموعي طور سنڌ جي تاريخ ۾ انهن جا جواب ۽ جواز اڻ لڀ آهن. اهو ڇو، ۽ ڇا لاءِ؟ ان جو واحد حل ۽ جواب اهو آهي ته جيستائين اسان سنڌ جي هر خطي، علائقي ۽ شهرن ۾ بودوباش رکندڙ قبيلن ۽ ذاتين جي تاريخي ڪارنامن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو نه وٺنداسين، تيستائين سنڌ جي مجموعي تاريخ کي پنهنجي اصل روپ ۽ سچائيءَ سان لکي نه سگهنداسين. جي ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ ڪيترائي اهم ۽ حقيقي تاريخي گوشا ۽ واقعا پردي پويان ڍڪجي ۽ اسان جي اکين کان اوجهل رهي، هميشه لاءِ گم ٿي ويندا ۽ اسان هميشه تضادي واقعن ۽ انومانن ۽ غلط روايتن جي آڌار تي غلط تاريخي واقعن کي وَر-وَر لکڻ تي مجبور هونداسين. اشپينسگلر صحيح چيو آهي ته:

”دنيا جي تاريخ، شهرن جي تاريخ آهي شهرن جي ثقافت، ڪنهن به عُهد جي نمائنده ثقافت هوندي آهي. شهرن ۾ ئي سياست جا سمورا ڊراما کيڏيا ويندا آهن ۽ شهرن ۾ ئي تجارت ۽ صنعت ۽ ڏيڻ وٺڻ جا ذريعا معاشري جي معاشي زندگي کي ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي. ان لاءِ مؤرخ جي نظر صرف شهرن تي هوندي آهي..........(1).“

اهڙي طرح سنڌ جي مجموعي تاريخ ۾ چانڊڪا، چانڊڪو، چانڊوڪي (جنهن کي سنڌ جي مؤرخن موجوده لاڙڪاڻو تصور ڪيو آهي) ۾ چانڊيا قبيلي جي آمد، ڪردار ۽ سندن نالي پٺيان ”چانڊڪو، چانڊڪا، چانڊوڪي ۽ چانڊڪي“ نالا/ نالو مشهور ٿيڻ واري روايت وارا متضاد علمي ۽ تاريخي مونجهارا حل طلب ۽ تحقيق طلب موضوع آهن. ڇو ته، ڇا واقعي چانڊڪو، چانڊوڪي يا چانڊڪا نالا يا نالو ”چانڊيا“ قبيلي جي نالي جي وجهه کان (يا لفظ چانڊيا جي تبديل ٿيل صورت آهي) مشهور ٿيو، يا اها قبائلي روايت تاريخي حقائق ۽ شاهدين جي روءِ سان بي بنياد آهي ڇو ته تاريخي طور اها ڳالهه تسليم ڪئي وڃي ٿي ته زباني روايتون تاريخ نه آهن ۽ نه ئي اُهي تاريخ جي زُمري ۾ اچن ٿيون، جيئن ڊاڪٽر مبارڪ علي تحرير ڪري ٿو ته:

”شروعاتي تاريخي سرمايو زباني روايتن تي ٻڌل هوندو. ماڻهو اهم واقعن ۽ حادثن کي ياد ڪندا هئا ۽ انهن واقعن ۽ حادثن مان دور جو تعين ڪندا هئا. زباني روايتن،  قصن ۽ ڪهاڻين ۾ اها خرابي هئي ته نسل بعد نسل  انهن ۾ صداقت گهٽ ۽ مبالغو ۽ تخيل وڌيڪ هوندو هو ۽ هر نسل ان ۾ پنهنجي خواهشن، جذبن ۽ اُمنگن جو آزادانه استعمال ڪري انهن جي حقيقي شڪل کي تبديل ڪندا هئا. ان لاءِ چيو ويندو آهي ٽن نسلن کان پوءِ زباني روايت ۾ سچائي گهٽ ۽ اضافا (يعني ڪوڙ) گهڻا هوندا آهن. صرف زباني روايتن سان تاريخ کي مڪمل طور محفوظ نه ٿو رکيو وڃي. ڇو ته وقت سان گڏوگڏ واقعن کي وساري ڇڏي سگهجي ٿو، اڪثر واقعن کي اڳتي پوئتي ڪيو ويندو آهي. زباني روايتن ۾ جيئن ته واقعن  کي سنه وار ۽ تاريخ سان پيش نه ٿو ڪيو وڃي، ان لاءِ هي تاريخ جي زُمري ۾ نه ٿا اچن. صرف اهي واقعا جيڪي تاريخ ۽ سَنَ سان بيان ٿيل هجن، اهڙا واقعا تاريخ جي دائري ۾ اچي وڃن ٿا............(2).“

هن مقالي ۾ چانڊيا قبيلي جي نسلي بنياد، چانڊڪا ۾ سندن آمد ۽ کين جاگير ملڻ وارن واقعن جو مستند تاريخي ماخذن جي بنياد تي تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو وٺي، اصل تاريخي حقائق کي سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي

چانڊڪا، چانڊڪو، چانڊوڪي نالن جي مختلف صورتن جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس:

چانڊڪا، چانڊڪو، چانڊوڪي علائقي يا پرڳڻي تي نالو ڪڏهن، ڇو ۽ ڪنهن وڌو يا پيو؟ ان باري ۾ ڪا حتمي ۽ ٺوس تاريخي شاهدي ۽ ثبوت مُيسر نه آهن، پر تاريخي قدامت ۽ محتاط مطالعي جي حوالي سان چانڊڪا نالي جي پهرين صورت ”چندوڪه“ نالي 1560ع ڌاري ملي ٿي (3).

ان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته: ”چندوڪه“ نالو 1560ع کان اڳ مروج ۽ مستعمل هو، جو سيد مير محمد اِن جو نالو تحرير ڪيو آهي.  1560ع کان اڳ ”چندوڪه“ نالي جي باري ۾ ڪا تاريخي شاهدي دستياب نه ٿي سگهي آهي. ان کان بعد ابوالفضل 1579ع ۾ ان جي صورت ”جاندوله“ لکيو آهي (4). مير محمد معصوم بکري 1600ع ۾ مٿين ٻنهي مؤرخن جي پيش ڪيل صورتن کان بلڪل مختلف ۽ سنڌي صورت ”چانڊوڪي“ ڪتب آندو آهي (5). يوسف ميرڪ 1634ع ۾ ”چانڊڪا“ لفظ لکيو آهي (6). محمد ڪاظم ”عالمگيرنامه“ ۾ ”ولايت چاند خان“ ۽ ”چانديان“ ٻه صورتون تحرير ڪيون آهن (7). ميين شاهه عنايت تقريباً 1657ع ۾ ”چانڊُڪِي“ لفظ پنهنجي شعر ۾ ڪتب آندو آهي (8). ميان نور محمد ڪلهوڙي 1750ع ۾ ”چانڊڪو“ لفظ لکيو آهي (9).”باقيات از احوال ڪلهوڙه“ جيڪو 1757ع ۾ لکيو ويو، تنهن ۾ ”چاندوڪه“ نالو درج آهي (10). مير علي شير قانع 1767ع ۾ مير محمد معصوم بکريءَ جي ڏنل صورت ”چانڊوڪي“ نقل ڪئي آهي (11). ”ماثر الامراءَ“ 1780ع ۾ ”چاندو“ لفظ ڪتب آندو آهي (12). هينري پاٽنجر 1816ع ۾ ”چانڊڪا“ لفظ تحرير ڪيو آهي (13). اليگزنڊر برنس 1831ع ۾ ”چانڊوڪي“ لفظ لکيو آهي (14). ٽي. پوسٽنس 1843ع ۾ ”چانڊڪا“ نالو تحرير ڪيو آهي (15). ٿارنٽن 1844ع ۾ ”چاندڪوه“ (Chandkoh) ۽ چانڊوڪي/چنڊوڪي (Chandookee) لفظ ڪتب آندا آهن (16)، جنهن کي ڊاڪٽر ايس. پي ڇٻلاڻي غلطيءَ وچان ”چندوڪا“ تحرير ڪيو آهي (17). منشي عطا محمد 1854ع ۾ ”چانڊڪا“ لفظ تحرير ڪيو آهي (18). هيوگزٿامس 1855ع ۾ چندوڪوه (Chandookoh)  لفظ استعمال ڪيو آهي(19).  اي. ڊبليو هيوگز 1876ع ۾ ”چانڊوڪا“ ۽ ”چانڊڪو“ صورتون ڪتب آنديون آهي (20). خداداد خان 1900ع ۾ ”چانڊڪا“ لفظ استعمال ڪيو آهي (21). اي. ايڇ ايٽڪن 1907ع ۾ ”چانڊڪا“ لفظ تحرير ڪيو آهي(22). ڊبليو سمٿ 1919ع ۾ ”چانڊڪا“ صورت تحرير ڪئي آهيآهي (23). مرزا قليچ بيگ 1925ع ۾ ”چانڊڪو“ لفظ ڪتب آندو آهي (24)

مٿي چانڊڪا نالي جي تاريخي اڀياس بعد هيٺيون تيرنهن صورتون سامهون اچن ٿيون:

چندوڪه، جاندوله، چانڊوڪي، چانڊڪا، ولايت چاند خان، چانديان، چانڊڪو، چاندوڪه، چاندو، چاند ڪوهه، چندوڪي، چندوڪا ۽ چندوڪوهه

چانڊڪا نالي کي چانڊيا قبيلي ڏانهن منسوب ڪرڻ جي روايت جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو:

تاريخي شاهدين ۽ ٺوس ثبوتن جي آڌار تي ”نصرت نامه ترخان“ يعني 1560ع کان وٺي هينري پاٽنجر جو 1816ع ۾ سنڌ جي سياحت ڪرڻ تائين ٽوٽل ٻه سؤ ڇاونجاهه سالن جي سموري عرصي ۾ سنڌ ۽ هند جي ڪنهن به مؤرخ چانڊڪا، چانڊوڪي نالي يا نالن کي چانڊيا قبيلي ڏانهن منسوب نه ڪيو آهي، ۽ نه ئي ڪنهن اهڙو اشارو ڪيو آهي ته ڪو اهي نالا /نالو چانڊيا قبيلي جي نالي تان پيا آهن/آهي يا اهي چانڊيا لفظ جي تبديل ٿيل صورتون آهن. مير علي شير قانع سنه 1767ع ۾ ”چانڊڪي“ جي متعلق لکي ٿو ته:

 ”چانڊين جي لڏي وڃڻ کان پوءِ چانڊوڪي جي زمين جي زمينداري کيس (آدم شاهه ڪلهوڙي کي) وٺي (خان خانان وٺي) ڏني..... (25).“

مير قانع جي بيان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته چانڊوڪي ۾ چانڊيا بودوباش رکندڙ هئا. پر ان ڳالهه جي طرف ڪوبه اشارو ڪونه ڏنو اٿس ته ”چانڊوڪي“ علائقو/ پرڳڻو چانڊين جي نالي تان مشهور ٿيو

چانڊڪا، چانڊوڪي نالي/نالن کي پهريون دفعو چانڊيا قبيلي جي نالي منسوب ڪرڻ جو بيان انگريز سياح اليگزنڊر برنس 1831ع ۾ پيش ڪيو آهي، هو لکي ٿو ته:

”سنڌوءَ جي اولهه پاسي وارو علائقو...... چانڊڪي نالي سان مشهور آهي جيڪو بلوچ قبيلي جي پٺيان سڏيو وڃي ٿو....... (26).“

اليگزنڊر برنس هيءُ مٿيون بيان ڪنهن کان ٻڌو ۽ ڪٿان نقل ڪيو آهي، ان متعلق خود سياح ئي ٻڌائي نه سگهيو آهي. حالانڪ موصوف کان پندرنهن سال اڳ هينري پاٽنجر پنهنجو سفرنامو لکيو هو، جنهن جي به کيس پوري خبر هئي. هينري پاٽنجر اهڙو ڪوبه اشارو ڪونه ڏنو آهي ته ڪو چانڊڪا، چانڊين جي نالي تان مشهور ٿيو. برنس کي ان کان علاوه سنڌ جي روايتي تاريخي ماخذن جي پڻ پوري ڄاڻ هئي، جيئن هو پاڻ ان متعلق لکي ٿو ته:

”ٺٽي شهر ۾، اسان سان مُلن جو ججهو انگ اچي مليو. اسان جي تقاضا ڪرڻ تي وڪري لاءِ ڪتاب کڻي پهتا هئا. انهن ڪتابن ۾ مون کي ”چچ نامو“ ۽ ”تحفة الڪرام“ ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي سنڌ جي تاريخ جا مشهور ڪتاب  هئا............. (27).

انهن مٿين ڪتابن ۾ پڻ اهڙو ڪوبه واضح اشارو ڏنل نه آهي ته چانڊڪا، چانڊيا نالي جي تبديل ٿيل صورت آهي

ان کان بعد ٿارنٽن سنه 1844ع ۾ پهريون انگريز هو، جنهن برنس جي تحرير تي انڌو اعتماد ڪري چانڊڪا کي چانڊين جي نالي ڏانهن منسوب ڪرڻ واري روايت يا بيان کي پنهنجي ڪتاب ۾ لکي، اڻ سڌيءَ طرح ان کي تسليم ڪرڻ جو جواز پيدا ڪيو. حالانڪ هيءُ به برنس وانگر ”نصرت نامه ترخان“ کان وٺي هينري پاٽنجر جي سفرنامي تائين ڪتابن کي نظر مان ڪڍڻ جي تڪليف نه ڪئي (28). هيوگز ٿامس 1855ع ”چانڊڪا پرڳڻي“ تي هڪ اهم رپورٽ ترتيب ڏني. ان ۾ به هن اليگزنڊر برنس ۽ ٿارنٽن جي بيانن کي بغير تحقيقي ۽ سَنَدَ جي پرکڻ کان سواءِ ئيقبول ڪري، تحرير ڪيائين ته:

“The Chandookah purguna so called

from the tribe of Chandias who

formerly occupied the greater

part of it…….. (29).

هيوگز ٿامس اڳتي لکي ٿو ته:

The Chandias, from when the

district is called……… (30)

اي. ڊبليو هيوگز 1876ع ۾ ”سنڌ صوبي جو گزيٽيئر“ مرتب ڪيو، جنهن ۾ هن پڻ بغير تحقيق ۽ سَند جي، صرف برنس، ٿارنٽن ۽ ٿامس جي بيانن کي اکيون پوري نقل ڪيائين ۽ لکيائين ته:

“The Chandias have long been established in this part of the division, formerly known as Chandko…… (31)

هو اڳتي لکي ٿو ته:

“The Chandias…… are still numerous and it is from them that this part of the country obtained the name of Chanduka or chandko………….. (32)

ان کان بعد خداداد خان (33)، اي. ايڇ ايٽڪن (34)، ڊبليو سمٿ (35)، مرزا قليچ بيگ (36) ۽ پوءِ جي ٻين سڀني مؤرخن سنڌ جي روايتي تاريخ جي ماخذن جي برعڪس صرف انگريز سياحن ۽ ڪامورن جي بيانن کي ترجيح ڏيئي، بغير ثبوت ۽ سندن جي چانڊڪا، چانڊڪو نالن کي چانڊيا قبيلي جي نالي منسوب ڪري، مُهر ثبت ڪرڻ جو غلط جواز پيدا ڪري ڇڏيو

مير رحيمداد خان مولائي شيدائي، جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخن تي گهري نظر رکندڙ مؤرخ هو، تنهن به بغير ثبوتن جي چانڊين جي رياست هجڻ جي دعويٰ ڪندي لکي ٿو ته:

”(چانڊيا) پهريان ناڙيءَ تي سندن رياست هئي، پوءِ سنڌ جي اتر- الهندي ۾ چانڊڪا رياست قائم ڪيائون....... (37).“

مولائي شيدائي تاريخ ۾ هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ٺاهڻ ۽ پيش ڪرڻ جو ماهر رهيو آهي. جيئن هن پنهنجي مٿئين تحرير ۾ چانڊين جي سرداريءَ کي رياست ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. سرداري ۽ رياست ٻه عليحده ۽ مختلف شيون آهن. رياست هڪ مڪمل انتظام هيٺ هلندي آهي، جنهن لاءِ دارالحڪومت، صوبا، ضلعا، جهنڊو، سِڪو، فوج ۽ ٻين شين جي ضرورت هوندي آهي. جڏهن ته سرداري صرف هڪ عام ماڻهوءَ/خاندان جو پنهنجي هم نسل ۽ هم قبيلي تي انفرادي ڪنٽرول رکڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو آهي. تاريخي شاهدين جي مطابق چانڊين جي ناڙي ۽ اتر- الهندي ڪاڇي ۾ ڪڏهن به ڪا ”رياست“ نه رهي آهي جڏهن ته سترهين صدي عيسويءَ ۾ سندن سرداريءَ جا اهڃاڻ ملن ٿا، جنهن تي اڳتي بحث ڪبو.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، چانڊين جي ذاتي يعني قبائلي قصن ۽ داستانن کي بغير پرکڻ جي پنهنجي بيان ۾ هڪ ئي وقت ٽي روايتون ۽ قصا پيش ڪندي رقمطراز آهي ته:

”ڄام نندو پنهنجي قابل سپهه سالار دريا خان جي هٿ هيٺ شاهه بيگ ارغون کي شڪست ڏيڻ لاءِ هڪ وڏو لشڪر چاڙهي موڪليو. انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي واري پرڳڻي ۾ چانڊين جي سرداري هئي. چانڊين جي سردار سريمڻ خان دريا خان جي فوجي مدد ڪئي. انهيءَ ڪري شاهه بيگ ارغون کي شڪست آئي. هن ويڙهه ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ سلطان محمود مارجي ويو. انهيءَ ڪري دريا خان، سريمڻ خان چانڊيي تي تمام گهڻو راضي ٿيو ۽ کيس وڏي جاگير انعام طور ڏنائين اهڙي طرح لاڙڪاڻي واري علائقي تي ”چانڊڪا پرڳڻو“ نالو پئجي ويو....... (38).“

پروفيسر منظور علي قريشي، صرف ڊاڪٽر ميمڻ سنڌيءَ جي بيان کي حتمي سمجهي، نقل ڪندي لکي ٿو ته:

”جيستائين چانڊڪي پرڳڻي ۽ نالي جو تعلق آهي ته، چانڊين جي رهڻ وارن هنڌن کي سڏجي ٿو. هتي جي چانڊين، ارغونن خلاف دريا خان جي  مدد ڪرڻ جي عيوض، ڄام نظام الدين عرف  ڄام نندي طرفان مليل وڏي پرڳڻي/جاگير  کي چانڊڪو پرڳڻو سڏيو ويو..... (39).“

نوجوان محقق امام راشدي پڻ مٿين محققن جي غلط ۽ بوگس بيانن جو شڪار ٿي، لکيو آهي ته:

”تاريخ جي واضح اشارن مان معلوم ٿئي ٿو ته:  (1) تاريخ جي واضح اشارن مان معلوم ٿئي ٿو ته چانڊڪو پرڳڻو......... جيڪو شروع کان ئي چانڊين جو ڳڙهه رهيو آهي ۽ مٿس اهو نالو به چانڊين جي گهڻائيءَ سبب پيل آهي....... (40).“

هن مٿئين سموري بحث مان اهو واضح ٿئي ٿو ته چانڊڪا، چانڊوڪي، يا چانڊڪي نالن کي پهريون دفعو سر اليگزنڊر برنس 1831ع ۾ بغير تاريخي شاهدين ۽ سَنَدَن جي چانڊيا قبيلي جي نالي منسوب ڪيو. ان کان پوءِ سڀني انگريز سياحن ۽ سرڪاري رڪارڊ مرتب ڪندڙن ۽ اسان جي مقامي مؤرخن ۽ محققن پڻ برنس جي ئي بيان کي مقامي روايتي ماخذن جي آڌار تي پرکڻ کان سواءِ حرف آخر سمجهي نقل ڪري، چانڊڪا نالي کي چانڊين جي نالي منسوب ڪري ڇڏيو ۽ اها سوچ اڃا جاري آهي.

چانڊيا قبيلي جو نسلي تعين، دورُ ۽ سنڌ ۾ سندن آمد:

چانڊيا قبيلو، پاڻ کي ”بلوچ“ سڏرائي ٿو. بلوچ تاريخي روايتن ۽ خود چانڊين جي قبائلي روايتن مطابق ”چانڊيو خان“ نالي هڪ شخص، جلال خان بلوچ جي ستين پيڙهيءَ ۾ هو، جنهن جي نالي تان ”چانڊيو“ ذات يا قبيلو مشهور ٿيو (41). شيخ صادق علي انصاري، چانڊيو نالي شخص متعلق وڌيڪ معلومات ڏيڻ کان معذرت ڪئي آهي (42). ڏسو هيٺيون شجرو.

يوسف ميرڪ، ”چانڊيو“ نالي شخص کي ٻه پٽ هڪ ڳؤرو ۽ ٻيو ڪارو نالي قرار ڏنا آهن (45). هن مٿئين شجري ۽ بلوچ تاريخي روايات ۽ تذڪرن مطابق چانڊيو خان کي 1470ع ۾ ٻن پُٽن جو اولاد هو، انهن ٻن پُٽن جو اولاد 1560ع تائين ڏهن کان ويهن ماڻهن تائين مشڪل سان هوندو. هتي هيءُ سوال اڀري ٿو ته ڏهن کان ويهن ماڻهن واري تعداد جي ڪري چانڊڪا علائقو، چانڊين جي نالي سان ڪيئن مشهور ٿيو، اها ڳالهه بعيد از عقل ۽ بوگس لڳي ٿي

ٻئي بلوچي روايتن، افسانن، قصن ۽ ڪهاڻين جي مطابق ته چانڊيو نالي شخص، جلال خان جو پوٽو يعني هوت جو پٽ هو. ڏسو هيٺيون شجرو:

جلال خان

(دور 1180ع – 1100ع)

هوت

(دور ختم- 1230ع)

چانڊيو

(دور ختم 1285ع) (46)

بقول هيتورام جي ته جڏهن چاڪر رند ۽ گهرام لاشاري 1485ع ڌاري ڪڇيءَ ۾ داخل ٿيا ته مگسي ۽ چانڊيا، لاشاري قبيلي جا ساٿاري هئا. چاڪر رند، سيوي، ڍاڍر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ رهائش اختيار ڪئي. تڏهن لاشاري گنداواهه، مگسي جهل ۽ چانڊيا ديره ملڪ ۾ جيڪو جهل جي ڏکڻ ۾ سنڌ ۾ واقع هو، رهائش اختيار ڪيائون (47). يعني بلوچي روايتن جي مطابق چانڊيا 1485ع کان پوءِ اتر سنڌ يعني ڪاڇي ۾ پير رکيائون(48). ان وقت چانڊين جو تعداد گهڻو هو؟ ان متعلق بلوچ روايتون ۽ قصا ۽ ڪهاڻيون ماٺ ۾ آهن پر منطقي ۽ تحقيقي حوالي سان جيڪڏهن غور ڪريون ۽ بلوچي روايتن، قصن ۽ افسانن کي پرکيون ته چانڊيو، جيڪو هوت جو پٽ هو، تنهن جو دور 1285ع ڌاري ختم ٿيو، ته کيس (يوسف ميرڪ مطابق) ٻه نرينه اولاد هو: هڪ ڳؤرو ۽ ٻيو ڪارو. تحقيقي حوالي سان انهن جو دور 1300ع بيهي ٿو يا بيهندو. 1300ع کان 1485ع تائين، جڏهن چاڪر رند ڪڇيءَ تي حملو ڪري ٿو ۽ چانڊيا اتر سنڌ موجوده ڪاڇي ۾ پير رکن ٿا، ان 185 سالن جي عرصي ۾ چانڊئي جون چار پشتون گذريون هونديون، ۽ انهن چئن پشتن جو تعداد سٺ يا اسي مس هوندو. سٺ يا اسي ماڻهن جو پوري علائقي تي قبضو ڪرڻ، سندن نالي پٺيان ”چانڊڪا، چانڊڪو، چانڊوڪي“ علائقو مشهور ٿيڻ ۽ دولهه دريا خان کي سبيءَ تي ارغونن مٿان حملي وقت فوجي مدد ڏيڻ جا واقعا ۽ ڳالهيون بعيد از عقل ۽ غير حقيقي لڳن ٿيون.

چانڊڪا (چانڊوڪي) علائقو ۽ نالو چانڊين جي سنڌ ۾ آمد کان اڳ موجود ۽ مروج هو:

ٺوس تاريخي شاهدين، ثبوتن ۽ حقائق جي مطابق چانڊين جي سنڌ ۾ آمد کان گهڻو اڳ چانڊڪا (چانڊوڪي) علائقو ۽ نالو موجود ۽ مستعمل هو

ڄام نظام الدين (نندو) (1508ع- 1461ع) جي دور ۾ سبي، لس ٻيلو، ڪڇي ۽ ڪاڇو سنڌ حڪومت جي جاگرافيائي حدن ۾ واقع هئا (49). سندس دور ۾ ڪنهن کي جرات نه هئي جو سنڌ جي ڪنهن جاگرافيائي حدن سان هٿ چراند ڪري سگهي

هڪ دفعو امير ذوالنون ارغون 890هه/1485ع ڌاري سبيءَ تي حملو ڪيو ۽ اتي ڄام نندي جي مقرر ڪيل گورنر مبارڪ خان کي قتل ڪري، پنهنجي ننڍي پٽُ ابو محمد مرزا (سلطان محمد) کي پنهنجي طرفان گورنر مقرر ڪيائين (50). ارغونن جو سبيءَ تي قبضو ڪرڻ بعد سندن توسيع پسندانه سوچ کي هٿي ملي. وري هنن يعني سلطان محمد تقريباً 1490ع ڌاري سنڌ جي جاگرافيائي حدن اندر ٽپي اڪڙي، چانڊوڪي، سنديچه ۽ ڪوٽ ماڇيءَ جي ڳوٺن کي ڦريو. سندن پويان، دريا خان سيويءَ تائين ويو ۽ سخت لڙائي ڪري شاهه بيگ جي ڀاءُ کي قتل ڪري، وري سبيءَ کي سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ شامل ڪري سوڀارو ٿيو (51). جيئن سيد مير محمد بن بايزيد پوراني لکي ٿو ته:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com