مرزا ڪاظم رضا بيگ
سنڌ
جي ڪلاسيڪي شاعري ۾ نعت جو عنصر
نعتيه شاعري، عربي، فارسي ۽ اردو ۾ به آهي ته
سنڌيءَ ۾ به ان جو وڏو ذخيرو موجود آهي. نعتيه
ڪلام، ان کي چئبو آهي، جنهن ۾ ٻنهي جهانن جي
سردار، ڪائنات جي ڪارڻي، اڙين جي آڌار حضرت محمد
مصطفيٰ ﷺ جي ساراهه ۽ ثنا هجي. سندن فراق ۽ ڦوڙائي
۾ ڳوڙها ڳاڙيندي، هنجون هاريندي، سڪ ۽ سوز مان بي
اختيار سڏڙا ڪجن. حضور اڪرم ﷺ جن جي روضي مبارڪ جي
زيارت لاءِ سڪ ڏيکاريل هجي ۽ حضور اڪرم ﷺ جن جي
سيرت ۽ اخلاق جي تعريف ڪيل هجي. ان قسم جو مضمون
سنڌي شاعريءَ جي صنفن مثلاً مداحن، معجزن، قصيدن،
ٽيهه اکرين ۽ مولودن ۾ ملي ٿو.
مولود، جي صنف ته آهي ئي خالص ”سنڌي نعتيه شاعري“
انهن قديم شاعريءَ جي صنفن کانسواءِ سنڌي عروضيءَ
شاعريءَ ۾ به نعتيه ڪلام جو وڏو ذخيرو ملي ٿو.
گهڻو ڪري سڀني عروضي شاعرن، جهڙوڪ، خليفي گل محمد
گل هالائي، مرزا فتح علي بيگ فتح، آخوند محمد
قاسم، حافظ حامد ٽکڙائي، سيد فاضل شاهه، سيد غلام
محمد شاهه گدا، مرزا قاسم علي بيگ قاسم، مير
عبدالحسين خان سانگي ۽ مرزا قربان علي بيگ قربان
وغيره جي ڪلام ۾ به نعتون تمام گهڻي تعداد ۾ ملن
ٿيون. هن هيٺ سنڌي نعتيه ۽ مدحيه ڪلام جو مختصر
نموني، فني ۽ فڪري جائزو پيش ڪجي ٿو، ۽ انهن جي
تاريخي اوسر تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.
(1) ڏوهيڙو:
سنڌي شاعريءَ جو سڀ کان قديم نمونو ”بيت“ آهي،
جنهن کي ڏوهيڙو يا دوهيڙو به چيو ويندو آهي. انهن
بيتن ۾ حضرت ميين شاهه عنايت کان، حضور اڪرم ﷺ جن
جي ثنا ملي ٿي. شاهه عنايت جو هڪ بيت نموني طور هن
هيٺ ڏجي ٿو.
پار پهتا پهيڙا، شفيع سنڀاريو ڏجن،
آگي اڳاهون ڪئو، مگر مٿان تن،
ذوق ۾ جنتن، محمدين موڪ ڪريين. (1)
شاهه عنايت کانپوءِ، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي
ڪلام ۾ اهڙي قسم جا شعر ملن ٿا. سندس رسالي جي سر
ڏهر جو هڪ بيت هن هيٺ درج ڪجي ٿو.
وانئن مديني مڱڻا، اکيون پير ڪري،
جتي ماڻڪي ﷴ مير جي، جهرڪيون جوت ڪري،
پسي جوت جمال جي، جت ننهن سئين نيڻ ٺري،
پريتون پير ڀري، ڪج زيارت ذوق سين.
هن کانپوءِ ٻين ڪيترن ئي شاعرن، بيتن ۾ حضور اڪرم
ﷺ جن جي ساراهه ڪئي آهي.
(2) مداح:
”مداح“ سنڌي قديم شاعريءَ جي هڪ الڳ ۽ جداگانه صنف
آهي. مداحن جو تمام وڏو ذخيرو اسان وٽ وڏي مقبوليت
ماڻي چڪو آهي. مداحون نه فقط عام مجلسن ۽ مذهبي
شغلن تي پڙهيون وڃن ٿيون، پر انفرادي طرح به ماڻهو
پڙهندا آهن. مداحن جو مضمون ڌڻي تعاليٰ جي ساراهه،
نبي ڪريم ﷺ جي ثنا، اصحابن سڳورن، ولين ۽
اوليائن جي تعريف ۽ مدح تي مشتمل هوندو آهي. ڪن
هندو شاعرن، سک گرن ۽ ٻين ڌرمي اڳواڻن لاءِ به
مداحون چيون ويون آهن، نه فقط ايترو،
پر سنڌ ۾ صوفي بزرگن جي تعليم سبب، صوفي منش هندن
پڻ نبي ڪريم ﷺ جي ثنا ۾، مداحون چيون آهن. ڀائي
آسورام جي حضور اڪرم ﷺ جن جي شان ۾ چيل مدح اسان
وٽ موجود آهي. مداحون سنڌ جي شاعرن نهايت سوز، درد
۽ دلي محبت وچان چيون آهن، جنهن ڪري انهن ۾ اثر
آهي، رواني آهي ۽ خلوص آهي. سندن سادا خيال نهايت
گهاءُ ڪندڙ اثر رکن ٿا. مداحن ۽ مناجاتن جا
ڪيترائي مجموعا شايع ٿيا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ جي ايڊٽ ڪيل ”مداحون ۽ مناجاتون“ ڪتاب ۾ سنڌ
جي انيڪ شاعرن جون مداحون سلسليوار ڏنل آهن. مدح
لفظ جو اصل بيان ڪندي ڊاڪٽرن نبي بخش خان بلوچ
مذڪوره ڪتاب جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته:
”اصلي عربي لفظ مدح آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ساراهه
يا تعريف، مدح ڪندڙ (اسم فاعل) کي عربيءَ ۾ ”مادح“
يا ”مداح“ چئبو سنڌيءَ ۾ پڻ ”مدح“ (ساراهه يا
تعريف) توڙي ”مدح ڪرڻ“ (ساراهه ڪرڻ، تعريف ڪرڻ)
ٻئي رائج آهن، پر انهن جو استعمال خاص طرح ادبي
آهي ۽ پڙهيلن تائين محدود آهي. ان جي برعڪس ”مداح“
۽ مداحي“ عام مشهور الفاظ آهن. لغت جي لحاظ سان
لفظ ”مداح“ خاص معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. ”مداح“
سنڌي نظم جي هڪ خاص جنس آهي، بلڪه ”صنفِ شاعري“
آهي. عربي لفظ ”مدح“ جي معنيٰ آهي، تعريف پوءِ ڀل
ته اُها ڪنهن جي به هجي. سنڌي ۾ ”مداح“ جو مفهوم
خاص آهي. يعني ته اُها منظوم ساراهه يا تعريف جا
نبي ﷺ ۽ اصحابن سڳورن يا ڪنهن ولي درويشن جي شان ۾
ڪيل هجي، جا ڪنهن نفساني خواهش يا دنيا ئي طمع
سببان نه، پر خالص دلي محبت ۽ عقيدت جي نتيجي طور
پوءِ ڀل ڪو نيڪ مقصد سري يا ذاتي هدايت نصيب ٿئي،
”مداح“ چوندڙ شاعر کي لفظ ۾ ”مادح“ يا مداح“ جي
بجائي سنڌي ۾ مداحي چئبو“. (2)
تاريخي طرح ”مدح“ عربي شاعرن ڪعب بن زهير کان شروع
ٿي، جنهن حضور اڪرم ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي پنهنجو
مشهور ”قصيده برده“ پڙهيو، جنهن ۾ حضور اڪرم ﷺ جن
جي ثنا ۽ صفت بيان ڪيل هئي. حضور اڪرم ﷺ جن خوش ٿي
پنهنجي کٿي مبارڪ لاهي سندن ڪلهن تي وڌي.
”کٿي“ کي عربيءَ ۾ ”بردة“ چيو ويندو آهي. انهيءَ
ڪري اهو قصيدو، ”قصيده برده“ جي نالي سان مشهور
ٿيو. ڪعب بن زهير سن 24 هجري ۾ وفات ڪئي. ان
کانپوءِ عربي زبان ۾ اهڙي قسم جي قصيدن چوڻ جو
رواج پيو.
سنڌي زبان ۾ ”مدح“ جو رواج انهن عربي قصيدن جي
تاثر جو نتيجو آهي. سنڌي قوم جي اها خصوصيت رهي
آهي ته، هنن ڪنهن جي ساراهه انهيءَ لاءِ نه ڪئي
آهي ته ڪنهن حاڪم، سردار يا بادشاهه کان انعام
حاصل ڪيو وڃي، پر هِنن بزرگن ۽ ڀلارن جي مدح ڳائي
آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ انهيءَ متعلق لکيو
آهي ته:
”مخصوص ماحول سببان سنڌي اخلاق ۽ معاشري جي اُها
هڪ خاص خصوصيت رهي آهي ته محض لالچ ۽ طمع خاطر
تعريف کي وڏو عيب سمجهيو ويو آهي، انهيءَ ڪري ئي
سنڌي شاعريءَ ۾ قصيده گوئي ترقي ڪانه ڪئي. تاريخي
طور معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌي شاعرن جيڪڏهن ڪنهن شخص
کي ساراهيو آهي ته صرف ان جي چڱاين ۽ نيڪين کان
متاثر ٿي ساراهيو آهي. ابو عطا سنڌيءَ جي عربي
اشعار ۽ انهن ۾ ظاهر ڪيل جذبات ۾ پڻ اِها خصوصيت
بکي ٿي. ان بعد جڏهن هڪ سنڌي شاعر بغداد ۾ برمڪي
وزير جي ساراهه ۾ پنهنجو شعر پڙهيو ته به چيائين
ته، اسان جي پاسي جڏهن چڱاين جو ذڪر چُرندو آهي ته
ماڻهو تنهنجو مثال ڏيندا آهن. ان کانپوءِ سومرن ۽
سمن جي دؤر ۾ پڻ سنڌي شاعرن جيڪڏهن ڪنهن کي ڳايو
ته محض عقيدت ۽ محبت جي جذبي هيٺ ڌڻي تعالي، نبي
ﷺ، اصحابن، ولين ۽ ٻين ڀلارن درويشن جي ساراهه ۽
تعريف ڪئي وڃي ٿي.“
آڳاٽي زماني ۾ سنڌ جا ڀٽ، ڀان ۽ چارڻ، سنڌ جي
سورهين ۽ سخي سردارن جاڳڻ ڳائيندا هئا. مداحن ۽
مناجاتن جو مضمون به جيئن ته، ان قسم جو آهي،
تنهنڪري مداحون ۽ مناجاتون به ڀان، ڀٽ ۽ چارڻن
چڱيون چيون آهن. صدرالدين چارڻ جي مداح مان معلوم
ٿئي ٿو ته، هو ڪعب بن زهير جي قصيدي جي مقبوليت
کان ڏاڍو متاثر هو، انهيءَ قصيدي جي مقبوليت ڏانهن
اشارو ڪندي چوي ٿو ته:
ڪر قبوليت ”ڪعب“ جيئن ڪو قصيده ڪمذات جو. اڳتي هلي
وري هڪ ٻئي عربي قصيدي لکندڙ ”لبيد“ جو نالو کڻي
چوي ٿو ته:
تنهن لنگهي لاڳ ”لبيد“ جيان ڏي خزاني دلخواهه مان.
هن مان معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌي مداحي، عربي مدحيه
قصيدن کان گهڻو متاثر هئا. فني لحاظ کان ڪيتريون
مداحون ”الف اشباع“ جي قافيي واريون آهن. ڊاڪٽرن
نبي بخش خان بلوچ ان بابت لکي ٿو ته:
”عربي شعر ۾ قافيي واري لفظ جي آخري حرف جي زبر کي
”الف“ ڪري پڙهڻ وارو اصول جو نتيجو آهن.“ (4)
ڪي مداحون صحيح قافيي سان آهن ۽ شروع کان آخر
تائين سڀ مصرعون هڪ قافيي واريون آهن. ڪن مدحن ۾
جدا جدا صحيح قافيي وارا بند آهن. ڪي مداحون عام
سنڌي بيتن تي مشتمل آهن، ۽ ڪي وري ٽيهه اکرين ۾
آهن. ڪن سنڌي مداحين پنهنجي مداحن جا بند علم عروض
جي وزن تي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيتوڻيڪ هو انهيءَ
۾ پوري طرح ڪامياب نه ويا آهن. تڏهن به انهن ۾
رواني آهي ۽ موزونيت آهي.
ڪن مداحين بحر وزن جي ڄاڻ کانسواءِ فقط پنهنجي ذوق
۽ طبعي موزونيت سبيان مداحون چيون آهن.
انهيءَ ڪري انهن جي ڪلام جي تقطيح جو سوال ئي پيدا
نٿو ٿئي. ڪن عروضي شاعرن پڻ سنڌي ۾ باقاعده عروضي
شاعريءَ موجب مداحون چيون آهن. ان قسم جي شاعريءَ
جو اڳواڻ ميان سرفراز خان ڪلهوڙو آهي. ان کانسواءِ
ملا صاحبڏنو، آخوند محمد بچل انور (مير نصير خان
ٽالپر جو استاد) ۽ نواب الهداد صوفي جون مداحون
علم عروض موجب آهن. مداحن ۽ مناجاتن جي لاءِ تڪن ۽
لفظن جو ورجاءُ ۽ تڪرار لازمي اَمُرُ آهي، يعني هر
مداح ۾ ڪي لفظ يا مصرعون هر بند کانپوءِ وري وري
پيون دهرائبيون آهن.
سنڌي شاعريءَ ۾ ”مداح“ چوڻ جو رواج قديم زماني کان
معلوم ٿئي ٿو، پر پهرين اوائلي مداح جمن چارڻ جي
ملي آهي، جنهن جي وفات سن 1151هه ۾ ٿي. (5) سندس
مداح حضرت پيران پير دستگير حضرت سيد عبدالقادر
جيلاني رحمت الله عليہ جي شان ۾ چيل آهي، ۽ سنڌ جي
ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مقبول ۽ مشهور آهي. هن مداح لاءِ ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته:
”سندس هيءَ مدح آڳاٽي ۾ آڳاٽي مدح آهي جا دستياب
ٿي آهي، ۽ انهيءَ لحاظ سان اها سنڌيءَ ۾ چيل مداحن
جو منڍ آهي.“ (6)
جمن چارڻ جي چيل مداح مان پهريون بند نموني طور هن
هيٺ ڏجي ٿو:
نامِ خدا يا مصطفيٰ، يا پير پيران بادشاهه،
تو هئون مڱان صحت وشفا، صحت وشفا، شرم وحيا،
تنهنجي مريدن سان وفا، تنهنجي مڱئي سڀ ڪنهن نفعا.
يا پير پيران بادشاهه. (7)
مٿين بيت مان معلوم ٿيندو ته، سندس شعر ۾ رواني ۽
اثر انگيزيءَ کانسواءِ لفظن جي سٽاءَ ترتيب ۽ چونڊ
به سهڻي آهي.
قدامت جي لحاظ کان، هن کانپوءِ ميان سرفراز خان
ڪلهوڙي جي مداح ملي ٿي. ميان سرفراز خان، ميان
غلام شاهه ڪلهوڙي جو پٽ هو، ۽ ان جي وفات کانپوءِ
تخت تي ويٺو. ميرن سان سندس ٽڪر ٿيو، ۽ قيد ۾ ويو،
هيءَ مداح قيد جي حالت ۾ سن 1774ع ۾ نهايت سوز ۽
درد سان چيائين. سنڌ ۾ باقاعده مداح جي شروعات، هن
مدح سان ٿئي ٿي. مداح اندروني قافيي جو بي مثال
نمونو آهي، ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور آهي. هڪ بند
نموني طور هن هيٺ ڏجي ٿو:
صغير ۽ ڪبير، ڪيم ڪرت، ڪچايون،
محمد مير، من حقير، سنديون ميٽ مٺايون،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون. (8)
ان کانپوءِ مشهور مداحين ۾ صدرالدين چارڻ جو نالو
ملي ٿو، جيڪو ميرن جي دور ۾ ٿي گذريو آهي. سندس
استاد سهراب چارڻ ۽ همعصر جانو چارڻ پڻ مداح جا
سٺا شاعر هئا. سندس مداح مان معلوم ٿيندو ته هن
عربي، فارسي ۽ سنڌي لفظن جو سهڻو امتزاج پيش ڪيو
آهي. سندس مداح مان هڪ بند نموني طور هن هيٺ ڏجي
ٿو:
ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان ڪنهن کان پڇان ڏيرن جو ڏس؟
”تَحَيرَتّ الُعُقول فِي ذاِتہ“ اهڙو فڪر آهي عبث،
وصفون ڏسي وهسي هنيون، جيءُ کي رسي ٿو جو جس،
ويري وجهي وسواس ٿو، ناقص عقل، ناهل، نجس،
”تعوّذ“ سندي تلوار جو تر جو نه ٿيو تنهن کي ترس،
واهر وري، ويري ويو، دشمن نه دسيو دئوس دس،
آلاپ ذاتي اسم جي جهونگار جيءَ ۾ جيئن جرس،
ريءَ دير ڪر درگاه مان، مقصد سگهو محتاج جو،
رک يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو. (9)
مداح جي مشهور ۽ بلند پايه شاعرن ۾ ملا صاحبڏني جو
نالو به ملي ٿو. هي سنڌي ۽ فارسيءَ جو اعليٰ پايه
جو شاعر، شڪارپور جو ويٺل هو. سن 1843ع ۾ وفات
ڪيائين. سندس مداح ”اغثتي جي مداح“ کي سنڌ ۾ ايڏي
ته مقبوليت حاصل ٿي، جو گهر گهر ۾ اِها جهونگارجڻ
لڳي. مدح ڏاڍي درد سان لکيل آهي، انهيءَ ڪري منجهس
سوز ۽ گداز آهي. سه حرفيءَ ۾ لکيل آهي، نموني طور
هڪ بند هن هيٺ ڏجي ٿو:
الف- اول اي سچا لهه سار سونهان سيّدا،
مجتبيٰ مختار مرسل، ماڙ ڪر يا محمّدا،
تو بنانا هي تڳڻ، عاجز اٻوجهن احمّدا،
نور نرمل ڪر نظر، مان تي نبي نورالهدُا،
اغشنيٰ يا سيّد، رس يا نبي خيرالبشر،
غور ڪر مون غمگين جو، اي نور نافع نامور، (10)
ان کانسواءِ سندس ٻيون به مداحون ملن ٿيون.
ملاصاحبڏني کانسواءِ مخدوم عبدالرحيم گروهڙي، سيد
ثابت علي شاهه، فتح فقير، آخوند محمد بچل انور،
حمل فقير لغاري، شاهه محمد ديدڙ، مينگهو فقير شر،
حاجي محمد ڪاتب سمون، الله بخش لغاري، هزهائينس
مير محمد حسن علي خان ٽالپر، حاجي عبدالله ڊکڻ،
علي بخش شر، ڪمال فقير، محمد مداحي، مولوي محمد
صلاح، خير شاهه، نواب جان محمد خان لغاري، نواب
الهداد خان لغاري، قائم فقير شر، ميان احمد
خانڳڙهي، اسد الله شاهه فدا وغيره جون مداحون ملن
ٿيون.
(3) مناجات:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”مناجات“ جي وصف هن طرح
بيان ڪئي آهي ته:
مناجات جو خاص مقصد پنهنجو حال اورڻ ۽ مدد لاءِ
سوال ڪرڻ آهي، حالانڪه ساراهه ۽ تعريف به ان جو
لازم ملزوم جز آهي. مجموعي طور سان، مداح ۾ ساراهه
۽ مناجات ۾ سوال جو جز غالب آهي. ٻيو ته ڌڻي
تعاليٰ جي تعريف ۽ ساراهه ۽ سندس مدد لاءِ ڪيل
سوال واري نظم کي مناجات چئبو ۽ نه مداح، مداح فقط
نبي ﷺ ۽ اصحابن سڳورن، يا ڪنهن ولي درويش يا مرشد
جي شان ۾ چيل نظم کي چئبو آهي.“ (11)
فني لحاظ کان مناجات جي ترتيب به ساڳي مدح واري
آهي. قدامت جي خيال کان پهرين مناجات مخدوم
عبدالله عرف ميان موريو جي ملي آهي. هو مشهور سنڌي
عالم ميان ابوالحسن جو ڀاڻيجو ۽ شاگرد هو. مخدوم
محمد هاشم ٺٽويءَ جو همعصر هو، ۽ ان جي وفات کان
هڪ سال پوءِ سن 1761ع ۾ ”ڪنزالعبرت“ نالي ڪتاب
لکيائين. ان کانسواءِ هن بزرگ عالم ٻيا به ڪيترائي
ڪتاب لکيا آهن، جهڙوڪ بدرالمنير، غزوات،
نورالابصار، هفت بهشت، قمرالمنير، سڱ نامون ۽
تفسيرو غيره. سندس مناجات مان هڪ بند نموني طور هن
هيٺ ڏجي ٿو:
انڌن ڏيون ائين اکيون مَيرن ڏِيو مان،
بُکين برادين بيڪسن ڏاتيون ڏيو ڏانُ،
جوڙي ناهه جهان ۾ ڪو شريڪ انهن جي شان،
موليٰ معراج انهنجو، ساراهيو سبحان،
مون کي مهربان، فرياد رس يا مصطفيٰ (12)
مداحن جي مشهور ڪتاب ”مجموعة المدحيات“ بمبئي
ڇاپو، ۾ هڪ ٻي پراڻي مناجات شيخ محمد حسن جي ملي
ٿي، پر ان جي حياتيءَ جو احوال ڪٿان به ڪونه ٿو
ملي. سندس مناجات جو هڪ بند نموني طور هن هيٺ ڏجي
ٿو:
ڪَم ڪچايون ڪيو، اوڳڻ اَپارا،
هادي ناهِم هَنڌُ ڪو دوست تو ڌارا،
اجهي تنهنجي آهيان، اي سرور سچار،
رسهم يا رسول الله ﷺ! (13)
هن کانسواءِ مذڪور مداحن جي مجموعي ۾ حاجي طاهر
محمّد جي مناجات به ملي ٿي، پر ان جي حياتي جو
احوال به ڪونه ٿو ملي. هڪ بند نموني طور هن هيٺ
ڏجي ٿو:
عزيب کي تون غفلت لاهه، خيال خطرا حرص هواءِ،
انهُون مون کي تون موٽاءِ، رسج يا رسول الله. (14)
لاڙڪاڻي ضلعي جي حسين فقير ديدڙ جون به مناجاتون
ملن ٿيون. حسين فقير ڳوٺ ديدڙ ضلعي قمبر جو ويٺل
هو. ۽ سن 1870ع ڌاري وفات ڪيائين. تمام سٺو شاعر
هو. سندس ڪلام ۾ شاعريءَ جون ڪيتريون خوبيون ملن
ٿيون. سندس هڪ مناجات مان هڪ بند هن هيٺ ڏجي ٿو:
سنڌيان سرور ٽيجهيءَ رات، پائي پاند ڳچيءَ پرڀات،
ور وسيلا وائي وات، ڏاتر ڏيار اسان کي ڏات،!
سيّد! سڻ فرياد فقير،
ماڙ سگهو ڪر محمّد مير (15)
لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻئي شاعر ميان حامد الله عرف حامد
حضوريءَ جي به هڪ مناجات ملي ٿي، هي بزرگ ميرو خان
تعلقي جو ويٺل هو. سن 1789ع ۾ سندس ولادت ٿي ۽ سن
1843ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس زيارت گاه خاص و عام
آهي. سلاست ۽ رواني سندس مداح جون خاص خوبيون آهن.
نموني طور هڪ بند هن هيٺ ڏجي ٿو:
حَمد ثنا آءُ هر هر، پرتئون پڙهان ٿو پرور!
قادر! قبول تون ڪر، رس يا سخي سرور!
پهچ اچي پيغمبر! (16)
ان کانسواءِ همت علي شاهه رضوي، غلام حيدر شر،
حاجي احمد سمون، حاجي خان محمد چڻجڻي، مصري شاهه،
حاجي عبدالله ڊکڻ، علي بخش شر،
محمد يوسف ميمڻ، صوفي آسورام، حاجي ڄام چانڊيو،
حافظ علي اڪبر مجروح، خليفو غلام الله ڪلهوڙو، پير
محمد اشرف ڪامرائي، اميد علي شاهه، دريا خان فقير،
نواب الهداد خان لغاري صوفي ۽ لعلڻ خان لغاري
وغيره جون مناجاتون ملن ٿيون.
(4) مُناقبا:
سنڌي شاعريءَ جي صنف ”مَناقبو“ مدحيه شاعريءَ جو
هڪ قسم آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”مناقبا“ جي
وصف هن طرح بيان ڪئي آهي:
”سنڌي مناقبو هڪ خاص معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو، يعني
ته اهو نظم جنهن ۾ نبين، اصحابن سڳورن يا ولين مان
ڪنهن جي ڳڻن کي ڳايو وڃي. معنوي توڙي فني لحاظ سان
مناقبو فقط سنڌي نظم جي ئي هڪ خاص صنف آهي، ڇاڪاڻ
ته عربي توڙي فارسيءَ ۾ ”منقبة“ يا ”مناقب“ جي
مخصوص عنوان سان شعر جي ڪا به جنس موجود نه آهي.
سنڌيءَ ۾ مداح جو دارو مدار محض وصف، بيانيءَ تي
آهي، مگر ”مناقبي“ ۾ صفت ۽ ثنا لاءِ ڪنهن ڳالهه يا
مثال جو قالب ضروري آهي، يعني ته جنهن به نبي يا
ولي جي تعريف ڪئي وڃي، ان جي زندگي جي ڪنهن نه
ڪنهن ڳالهه يا مقال کي بياڻ ڪرڻ ضروري آهي. مطلب
ته ڳالهه يا حڪايت مناقبي جو روح آهي. البته اِها
حڪايت اهڙي هجي، جنهن ۾ ڪنهن به ناممڪن واقعي جو
ذڪر نه هجي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ان ۾ ڪنهن به اڻ ٿيڻي
واقعي جي ٿيڻ جو ذڪر هوندو ته پوءِ ان کي معجزو
چئبو“. (17)
انهيءَ وصف جي لحاظ کان مناقبن کي چئن حصن ۾
ورهائي سگهجي تو. (1) حضور ﷺ جن جي شان ۾ چيل (2)
ٻين نبين جي شان ۾ چيل
(3) اصحابن سڳورن جي شان ۾ چيل ۽ (4) ولين جي شان
۾ چيل.
سنڌي مناقبا، صنف جي حيثيت سان ابوالحسن جي سنڌي ۽
ان قسم جي ٻين ديني ڪتابن جي اثر هيٺ اُسريا،
جنهنڪري نظم جي سٽاء توڙي اسلوب بيان ۾ مناقبن تي
انهيءَ اوائلي سنڌي نظم جو رنگ چڙهيل آهي (18).
الف اشباع جي قاقيي کانسواءِ ڪجهه اهڙا مناقبا به
مليا آهن، جن ۾ صحيح قافيو استعمال ٿيل آهي. ان
کانسواءِ ڪي مناقبا علم عروض موجب مخمس يا مسوس جي
صورت ۾ به ملن ٿا. مناقبن جون روايتون گهڻي قدر
”ٻُڌ“ تي دارو مدار رکن ٿيون، جنهنڪري ڪن مناقبن
جي روايتن لاءِ تاريخي سَندَ ڪانه ٿي ملي. ان
کانسواءِ صنف جي حيثيت سان مناقبن کي مناجاتن ۽
مداحن جي مقابلي ۾ ايڏي وسعت ۽ رنگيني به ڪانهي
ڇاڪاڻ جو مداحن ۽ مناجاتن ۾ مرڪزي نڪتو ”مداح ۽
تعريف“ آهي، جنهن جي ادا ڪرڻ لاءِ شاعر کي ڪشادو
ميدان آهي، پر مناقبن ۾ مرڪزي محور هڪ خاص ڳالهه
يا روايت آهي، انهيءَ ڪري انجو دائرو محدود ٿي پوي
ٿو. انهيءَ حد بنديءَ هوندي به گهڻن شاعرن پنهنجي
مٺي بيان ۽ موثر بيان سان مناقبن جي نظم ۾ لطف،
ميٺاج، اثر ۽ رواني پيدا ڪئي آهي. مناقبا نج سنڌي
ٻوليءَ ۾ نظم گوئيءَ جو هڪ سٺو مثال آهي. جيتوڻيڪ
مناقبن جا چوندڙ عربي ۽ فارسيءَ جا وڏا عالم هئا،
ته به هنن مناقبا نج سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيا آهن، انهن
جو بهترين مثال مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جا چيل
مناقبا آهن، جن ۾ نهايت سهڻي، سلوڻي، سپڪ ۽ سوادي
ٻولي ڪم آندل آهي. (19)
قدامت جي لحاظ کان پهرين پهرين مخدوم محمد هاشم
ٺٽويءَ جا مناقبا ملن ٿا، جيڪي سندس ڪتاب ”قوت
العاشقين“ ۾ آيل آهن. مخدوم صاحب سنڌ جو جڳ مشهور
عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي. سن 1104هه ۾ سندس ولادت
ٿي ۽ سن 1174هه ۾ وفات ڪيائين. سنڌي، عربي ۽
فارسيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيائين. سندس سنڌي ڪتابن
۾ اسلامي تعليم سمجهايل آهي، ۽ اسلامي تاريخ جا
واقعا بيان ٿيل آهن. سمورا ڪتاب نظم ۾ آهن، جن مان
ڪي ”الف اشباع“ جي قافيي تي آهن ته ڪي صحيح قافيي
سان ڊگهن بيتن جي صورت ۾ به آهن. ڪتاب ”قوت
العاشقين“ ۾ معجزا ۽ مناقبا آهن. مناقبن جو مضمون
حضور ﷺ جن جي نور مبارڪ جي پيدائش، سندن ڄمڻ وارو
واقعو ۽ حضور هڪ معجزي ۾ حضور ﷺ جن جي ڄمڻ
تي، سندن تعريف هن طرح ڪيل آهي:
ٿا چمڪن منجهان پارچن، پاڻيءَ جا ڦڙا،
ڏنا هئائون پرينءَ کي غسل ساڻ صفا،
گهڻو سونهارا سڀين پرين، ڪامل جا ڪپڙا،
جان پڻ نهاريان نراڙ ڏونهن، تان ڪر چنڊ چوڏهين
ماه،
اَپرانهائي اُجرو، سندس پوي شعاع،
مڪّو سڄو ئي پُر ٿيو، نرمل جي نورا،
مشرق مغرب وچ ۾، ڪيائون گهڻو اوهاءِ (20)
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ٻئي ڪتاب ”بناءِ الا
سلام“ ۾ حضور اڪرم ﷺ جن جي ساراهه هن طرح بيان ڪيل
آهي:
رحمت تنهن رحمان جي ڪوڙين لک سلام،
وسن دير سوير مٿي مير ﷴ ڄام،
جو رحمت ڪارڻ عالم ۾ موڪلئو علام،
ملڪ مڙوئي جنهن کي آگي ڪئوَ انعام
دين جنهن جو ڌڻي ڪيو قائم سئَسين قيام،
فضل تنهن فائق جا عالم مٿي عام،
۽ پڻ آلِ رسولؐ تي ۽ مٿي مڙن صحابن،
شال رحمت رب جي راتو ڏينهن وسن (21)
هن قسم جي مدحيه ڪلام جي ٻي ڪڙي آهي، ڪتاب
”قمرالمنير“ جنهن جو جوڙيندڙ مخدوم عبدالله عرف
ميان موريو آهي. حضور ﷺ جن جي اوصافن ۽ اقوالن سان
گڏ سوانح، حيات کي سهڻي سنڌي نظم ۾ ۾ منظوم ڪيو
آهي. نمونيءَ طور منجهائنس هڪ ٽڪرو هت هيٺ ڏجي ٿو:
ملڪ، جن، پکڻ، پري سڀ سيّد سڃاڻن،
شفيع سرور سپرين ڄام سندو ڄامن،
واحد واکاڻيو واحد کي منجهه ڪتاب ڪريمن،
شريڪ ناه ڪو شاهه جو منجهه ماڙن ۽ ملڪن،
الاهي احسان سين مالڪ سندا ملڪن،
سڻ عرض عبدالله جو، قادر سين ڪرمن،
حرمت حضرت رسول جي عزت اصحابن،
ڪرڪو تدارڪ تنهنجو مالڪ مهرن،
جنهن کي ڏکن جا ڏيل ۾ پيا ٿا چاڪ چڪن
ٻهر ٻاڦ نه نڪري، منجهه مچ ٻرن. (22)
ان کانپوءِ مشهور مولودن جي شاعر مخدوم عبدالرؤف
ڀٽيءَ جو مناقبو ملي ٿي ٿو. سندس مناقبو ”الف
اشباع“ واري نظم ۾ چيل آهي، ۽ ان ۾ حضور ﷺ جن جي
فرزند ارجمند حضرت ابراهيم جو واقعو بيان ٿيل آهي،
ان ۾ شاعر حضور ﷺ ۽ سندن فرزند جي ثنا ۽ صفت هن
طرح بيان ڪري ٿو:
ڪريان قصي جي گالهڙي، ڪڍي ڪتابا،
جي هئا فرزند رسول ڪريم جا، سي پڻ سڻيجاه،
”طيب“ هڪ ”قاسم“ ٻيو، ٽيون حضرت ”ابراهيما“
عمر حضرت ابراهيم جي هئي ستن ورهن شمارا،
ٻيا ننڍي ئي فوت ٿيا هئا، هاديءَ جي حڪما،
جڏهن حضرت ابراهيم ٿي پڙهيو، ڪامل قرآنا،
وٽ استاد پانهنجي، حضرت عثمانا،
صورت ۾ سهڻو هو، حضرت يوسف کا،
۽ آواز حضرت دائود جهڙو، سندس صحيحا،
خلق ۾ حضرت محمد جهڙو، هو ڪامل منجهه قلبا (23)
نالي ڏيو تنهن جي، خيراتا،
جنهن پرينءَ پنهنجو پُٽ ڪيو، صدقي امت تا،
ضامن ضعيفن جو، ڏنو رسولِ خدا،
اهڙو ڀَلو ڀروسو، مڙني ﷴا،
جڙي ڪونه جهان ۾، ساڻس منجهه سخا،
حامي حضرت هاشمي“ هيڻن همراها،
مون جهڙي معذور تي، ماڙ ڪندو مددا،
عاصي ”عبدالرؤف“ تي، رسج رسولِ خدا،
بخشين سڀ برايون، خاميون خون خطا،
ويندا سڀ ايمان سين، جي ڪلموچون مها،
لااِلٰہ الا الله محمد رسول الله (24)
مخدوم غلام محمد بگائي مناقبن جو وڏو شاعر ٿي
گذريو آهي. هو پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ عاشق رسول
ﷺ هو. ڳوٺ بگا تعلقي موري جو ويٺل هو. ۽ ميان نور
محمد ڪلهوڙي (سن 1719ع- 1753ع) جي زماني ۾ زندهه
هو. جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙي کهڙن جي مشهور بزرگ
۽ عالم مخدوم عبدالرحمان کي سن 1732ع ۾ شهيد
ڪرايو، تڏهن عالمن ۾ مخدوم صاحب ئي هو، جنهن ميان
نور محمد ڪلهوڙي کي سخت ننديو ۽ مخدوم صاحب جي
شهادت جو واقعو منظوم ڪيو. (25) سندس مناقبا ”الف
اشباع“ جي نظم ۾ به آهن ته ڪن ۾ وري ”ن“ جو قافيو
سڀني مصرعن ۾ استعمال ٿيل آهي. نموني طور هڪ ٽڪرو
هيٺ ڏجي ٿو:
صلوات توتي سيّدا جاراتو ڏينهن پڙهن،
آهي اندازي اڳري، ڪنا ڳاڻيٽن،
توتي رسول ربّ جا، احمد اڳ اڙين،
سؤ سؤ صلواتن جا، سؤ سؤ سلامن،
روزمره رحمت جا واهيرا به اچن،
مٿي مير محمّد جي، ويران وير وسن،
ناهي شرح شمار ڪو، بات نه بيانن،
نڪا حد حساب جي، اندازي عددن. (26)
مشهور شاعر پير محمد اشرف شاهه ڪامارائي به مناقبا
چيا آهن. هن بزرگ شاعر جي ولادت باسعادت سن 1799ع
۾ ڳوٺ ڪرم خان جمالي تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ٿي. سندس
ڪيترو ڪلام رسالي جي صورت ۾ به چيل آهي. ۽ مداحن،
مولودن، مناقبن ۽ ڪافين جي صورت ۾ موجود آهي. سندس
مناقبا ”الف اشباع“ جي قافيي ۾ آهن. هڪ مناقبي ۾
حضور ﷺ جن جي ساراهه هن طرح ڪري ٿو:
مرتبي محبوب جي، ڪنهين جوڙ نه ڪا،
سڀني مرسلن ۾، سندس نانءُ ضياءُ (27)
هن مان معلوم ٿيندو ته، مدحيه شاعريءَ جي هيءَ صنف
ٻه صديون اڳ وجود ۾ آئي ۽ هن وقت تائين انجو ذوق
باقي آهي.
مٿين شاعرن کانسواءِ آخوند عبدالرحمان، پانڌي
آريسر، مولودي محمد صلاح، فيض محمد ماڇي، محمد
حسن، حاجي عبدالله ڊکڻ ۽ رمضان واڍو وغيره جا
مناقبا به ملن ٿا.
معجزا:
مدحيه شاعريءَ جو ٻيو قسم ”معجزو“ آهي. هي لفظ اصل
عربي ”معجزة“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”اهڙي اڻ
ٿيڻي ڳالهه، جيڪا حضور ﷺ جن جي طرفان ٿي هجي.“
انهيءَ ڪري ”معجزو“ اُهو ٿيو، جنهن ۾ حضور ﷺ جن جي
معجزن مان ڪو معجزو منظوم ٿيل هجي، پر ڪن شاعرن
امامن، اصحابن ۽ ولين جون ڪرامتون بيان ڪيون آهن،
انهن کي به معجزو سڏيو اٿن. (28)
هن نظم جي فني سٽاءِ به مناقبن جهڙي آهي. ڪجهه
معجزا ”الف اشياع“ کانسواءِ بيتن ۾ به چيل آهن.
قدامت جي لحاظ کان پهريون معجزو مخدوم محمد هاشم
ٺٽويءَ جو ملي ٿو. مخدوم صاحب جا معجزا سندس ڪتاب
”قوت العاشقين“ ۾ آيل آهن. منجهائن نموني طور هڪ
بيت هن هيٺ ڏجي ٿو:
ساراهيا سچو ڌڻي، رازق رحيما،
جنهن پيغمبر پيدا ڪيو، وسيلو ورياءُ،
ڪجي تان ڪَس لهي، تنهن جي صفت ثنا،
هڪڙي ڏينهن حبيب کي، ڪنهن رکيو ايذا،
درد مٿي جي دوڙ ڪٿي، ضرب رکي زوارا،
پوءِ احمد ڄام اُتاءَ، سمجهيو هنج صديق جي (29)
ان کانپوءِ معجزن جي سلسلي ۾ سيد خير شاهه جو نالو
ملي ٿو. هو ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ وڏو عالم ۽
مشهور شاعر ٿي گذريو آهي، حيدرآباد شهر ۾ رهندو
هو. سيد ثابت علي شاهه سان سندس ٿيل چٽا ڀيٽي
مشهور آهي. سندس معجزي مان هڪ بند نموني طور هن
هيٺ ڏجي ٿو:
پوءِ منجهئون شهر شتاب، ناميا هليس نڪري،
ناميا، هليس نڪري، ٻئي ڪنهن ديس داناهه،
ڏکيا جاليم ڏينهڙا، سپرين ريءَ ساهه،
اٺئي پهر عجيب جي، آهه اڻ تڻ کي ارواح،
اکيون انهيءَ پار ڏي، ٿيون روز نهارن راهه،
هڪ نڪتو اچي ناگاهه قاصد قريبن جو (30)
ان کانپوءِ معجزي جا ٻيا به ڪيترا ئي شاعر ملن ٿا،
جهڙوڪ، مل محمد پلي، پانڌي آريسر، رمضان واڍو ۽
رمضان ڪنڀر وغيره وغيره.
(6) مولود:
مولود، نعتيه ڪلام جي هڪ مخصوص صنف جو نالو آهي،
جنهن کي خالص سنڌي شاعريءَ جي وصف چيو وڃي ٿو.
هيءَ صنف شاعري سنڌ ۾ تمام قديم زماني کان مروج
آهي. هي هڪ مخصوص نالو آهي، جيڪو سنڌي شاعرن ئي
کنيو ۽ رواج ۾ آندو، ڇاڪاڻ جو ٻئي ڪنهن به ٻوليءَ
جي شاعريءَ ۾ نعتيه ڪلام لاءِ اهو نالو نٿو ملي.
اهو چئي نٿو سگهجي ته اهو نالو ڪنهن تجويز ڪيو ۽
ڪنهن رواج ۾ آندو. لفظ ”مولود“ نئين ڄاول ٻار يا
طفل کي. مولود جي اها معنيٰ قرآن شريف ۾ سورة بقر
جي هِن آيت مان پوريءَ طرح واضح ٿئي: ”وعليٰ
المولودلہ رزقهن و ڪَسوتهن با المعروف.“
ترجمو ”والد کي نون ڄاول ٻار جي مائرن جي کاڌي ۽
اَوڇڻ جو انتظار سهڻي طريقي موجب ڪرڻ لازمي آهي.“
(31)
فني لحاظ کان مولود جي سٽاءِ وائي ۽ ڪافيءَ جهڙي
آهي، يعني اُصولي طور مولود، وائي يا ڪافيءَ جو هڪ
خاص قسم آهي، جنهن جو موضوع ۽ موسيقي آهستي آهستي
مستقل ۽ مخصوص بڻجي ويا. شروع جي مولودن، واين ۽
ڪافين ۾ هيئت جي لحاظ کان ڪو فرق ڪونهي، پر مولود،
تاريخي ارتقا بعد جيڪا صورت اختيار ڪئي آهي، اُها
وائيءَ کان هڪ نرالي حيثيت رکي ٿي. مولود جي ليءَ
وائيءَ ۽ ڪافي جي لئَي کان بلڪل الڳ آهي. ڪافي ۽
وائيءَ جي مضمون جو دائرو وسيع ٿيندو ويو، پر
مولود جو موضوع محض هڪڙوئي رهيو، يعني حضور ﷺ جن
جي ذات اقدس، جنهن جو تعلق عقيدتمندي ۽ روحاني
خوشيءَ سان هو.
انهيءَ ڪري مولود کي راڳ وانگر سازن سرودن سان نه
ڳايو ويو، پر ان کي خاص الحان سان آلا پيو ويو.
انهيءَ ڪري مولود ڳائڻ جي بدران مولود پڙهڻ يا
مولود چوڻ جي رسم
رائج ٿي، ۽ مولود کي بنا سازن جي ديني محفلن ۽
شغلن ۾ پڙهيو ويو ۽ اچ تائين پڻ پڙهيو وڃي ٿو.
(32)
مولودن جو موضوع، جيڪي مولود چيا آهن، انهن
۾ حضور ﷺ جن جي ساراهه، صفت ۽ ثنا ۾ جدا جدا اسلوب
اختيار ڪيا اٿن. انهيءَ ڪري اندروني طور مولودن ۾
جدا جدا مضمون پيدا ٿي پيا آهن. مثلاً حضور ﷺ،
ڌڻي تعاليٰ جو سندن اعليٰ شان ۽ رتبو، سندن سوانح
جا جدا جدا پهلو، سندن ساٿين سڳورن جي ساراهه،
سندن علم فيض ۽ ڪرم، سندن شفاعت ۾ آسرو، کائڻ دعا
۽ مهر جي طلب، ساڻن محبت ۽ عقيدت جو اظهار، مٿن
صلوات ۽ سلام، ۽ سندن روضي مبارڪ جي زيارت ۽ حج
پڙهڻ جي تمنا وغيره (33)
مولودن جي ادائگيءَ جو بنياد خوش الحانيءَ سان صاف
سهڻي نموني پڙهڻ تي آهي. انهيءَ ڪري مولودن کي هڪ
خاص الحان ۽ لهجي ۾ ادا ڪرڻ جو طريقو خاص سنڌ سان
ئي واسطو رکي ٿو، ڄڻ اِها هڪ قسم جي خاص موسيقي
آهي، جيڪا بنا ساز سرود جي آهي. اِها سنڌ وارن ئي
ايجاد ڪئي ۽ ان کي عجب انداز ۾ وڌايو ۽ ويجهايو.
(34)
شروع واري دؤر ۾ مولودن کي سهڻي آواز سان آلاپڻ جو
سلسلو جاري ٿيو ۽ اوج تي پهتو. اهو لسي، مگر مٺي ۽
وڻندڙ آواز ۽ مولودن پڙهڻ جو طريقو اڄ تائين اتر
سنڌ ۾ رائج آهي. انهيءَ لسي نموني، مٺي آواز ۽
مولود پڙهڻ جو رواج لاڙ ۾ تمام ٿورو آهي، جنهن کي
”لاتيون“ چيو وڃي ٿو. قوت گذرڻ ساڻ مولودن پڙهڻ
واري ابتدائي سٽاءَ ۾ ٻه خاص اضافا ٿيا، هڪ
اندروني ترنم پيدا ٿيو، ۽ ٻيو مولودن پڙهڻ جي ساٿ
سنگت، يعني هڪ کان وڌيڪ شخصن جي مولودن پڙهڻ جو
رواج پيو. مولودن جي پڙهڻي جو اهو ٻيو دؤر اندازاً
مخدوم عبدالرؤف ڀٽي جي زماني کان شروع ٿيو. (35)
محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو خيال آهي ته، اهو
رواج ”سمنهن“ هئڻ جي رواج تان آيو.
ساٿين سان گڏجي مولودن ڳائڻ جو اهو اضافو وچين دؤر
۾ ٿيو، جو اندازاً تيرهين صديءَ جي آخر تائين
هليو. چوڏهين صديءَ جي شروعات کان مولودن جي
پڙهڻيءَ جو نئون دؤر شروع ٿيو، جنهن ۾ ٻه ڳالهيون
ٿيون. پهريون مولودن کي فن طور پڙڻ وارا ماهر
مولودي پيدا ٿيا، جن جون خاص مشهور ٽوليون ٺهيون.
ٻيو مولودن جي پڙهڻ تي سنگيت جو اثر پيو. (36)
انهيءَ ڪري
مولود پڙهڻ، ڄڻ هڪ اعليٰ فن بڻجي ويو، ۽ ان فن کي
ماهر مولودن پيچيرو ۽ پُر اثر بنايو.
لاڙ ۾ ٻارين سنگت سان مولود پڙهڻ جو جيڪو طريقو هن
وقت رائج آهي، اهو محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
پنهنجي مولود واري ڪتاب ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي:
”مولودين جي ٻاري ۾ هڪ اڳواڻ ۽ ٻيا ان جا جهيلي
هوندا آهن. گهٽ ۾ گهٽ چار ۽ وڌ ۾ وڌ پنج يا ڇهه
جهيلي هوندا آهن. ٻه ٻاريون ساڳيءَ وقت ويهي مولود
پڙهنديون، هن طرح جو ساڳيو مولود هڪ ٻاري اڳواڻ
ٿي، اڳيان پڙهندي، ته ٻي ٻاري بلڪل ساڳئي لحن ۽
لهجي ۾ پُٺ پڙهندي، يعني اڳواڻ ٻاري جي پويان ٿلهه
به ٿلهه ۽ مصرع پڙهندي. اهڙيءَ طرح ٻه مولود (جنهن
کي وارو چئجي) ۽ هڪ مداح، هڪ ٻاري اڳواڻ ٿي پڙهندي
۽ ٻه مولود ۽ هڪ مداح ٻي ٻاري اڳواڻ ٿي پڙهندي.
پڙهڻيءَ جي لحاظ سان مداح ٻن قسمن جي هوندي آهي.
هڪ ڌار واري مداح جا هر هڪ ٻاري مان هڪ ڄڻو
پڙهندو: يعني ته اڳواڻ ٻاريءَ مان هڪ ڄڻو مداحي جي
منڍ واريون مصراعون يا بند پڙهندو، ان بعد ٻي
ٻاريءَ مان هڪ ڄڻو ساڳيءَ مداح جون ڪجهه مصراعون
اڳتي پڙهندو. اهڙيءَ طرح ٻئي ڄڻا واري سان سڄي
مداح پڙهي پوري ڪندا. گڏو گڏ مداح ۾ ٻئي ٻاريون
واري سان گڏجي پڙهنديون. شغل ۾ شامل ٻئي ٻاريون
جيڪڏهن هڪ جهڙيون ڪاريگر هونديون ته پوءِ واري
واري سان هڪ ٻاري اڳواڻ ٿي پڙهندي ۽ ٻي ٻاري پٺ
پڙهندي، پر جيڪڏهن هڪ ٻاري ڪاريگريءَ ۾ گهٽ هوندي
ته اها هميشه پٺ پڙهندي ۽ ان کي وارو نه ملندو،
فقط ڪاريگر ٻاريءَ کي اڳواڻ ٿي واري پڙهڻ جو حق
حاصل آهي، يعني ته وارو فقط عوام ۾ تسليم ٿيل
ڪاريگر مولودي کي ئي ملندو. وڌيڪ قابل مولودي،
کانئس گهٽ ڄاڻ واري کي وارو نه ڏيندو، ڇاڪاڻ ته
شغل توڙي فن جي لحاظ سان وارو پڙهڻ آسان نه آهي،
شغل جي دستور موجب جيئن جيئن رات گذرندي ويندي،
تيئن تيئن شڪل سلسليوار مٿي چڙهندو ويندو (يعني
سُر مٿي چڙهندا ويندا) تان جو پوئين رات جو چوٽيءَ
تي ڳائبو. وڏي مولودي جي ڀيٽ ۾ ننڍي مولودي کي
سلسليوار شغل چاڙهڻ جي ايتري خبر نه هوندي آهي، ۽
پڻ مداح جي شان ۽ سر مطابق مولود کڻڻ (جا ڳالهه
شغل بيهارڻ لاءِ لازمي آهي) تي ايتري دسترس نه
هوندي اٿس. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته وڏو مولودي
وارو پڙهي. اڳ جوڙو جوڙو مولودن جو، يعني ته
هيٺيون (هيٺين سر وارو) توڙي مٿيون (مٿي چڙهيل سر
وارو) مولود، ساڳئي ڌُن سان پڙهندا هئا، ۽ هيٺين
توڙي مٿئين مولود جو وزن ساڳئي نموني جو هوندو هو.
هن وقت هيٺيون مولود هڪ ڌُن مان ته مٿيون مولود
ٻيءَ ڌن مان پڙهن ٿا، مگر لازمي طور اهو خيال
رکندا ته ٻنهي مولودن جو مضمون هڪٻئي سان ملي
(يعني جيڪڏهن هڪ مولود ولادت جو هجي ته ٻيو به
ولادت يا ساراهه جو هجي، پر ولادت جو مضمون بلڪل
ضد، مثلاً لاڏاڻي جو نه هجي ۽ مٿيون مولود هيٺئين
مولود کان ڪنهن به صورت ۾ نه لهي. (يعني ان جو سر
هيٺ نه لهي) اهو رواج مشهور مولودي اڳواڻ محمد
هاشم مڱڻهار پنجاهه سال کن اڳ وڌو جو هن وقت تائين
هلندو اچي. (37) جيتوڻيڪ سنڌ جي هر ڀاڱي ۽ ننڍن
ڳوٺن توڙي شهرن ۾ مولودي ساماڻا، پر ڪي ڳوٺ ۽ شهر
مولودن جي شغل جا خاص مرڪز بڻيا، جهڙوڪ، اتر سنڌ ۾
کهڙا، درگاهه حضرت پير صاحب پاڳارو، راڻيپور،
گنبٽ، مخدوم بلاول، درگاهه شاهه خيرالدين (سکر)
درگاهه محمد اسماعيل پريالو، روهڙي شريف، اروڙ،
لونگ فقير جو لوڙهو، گهوٽڪي، درگاهه ڀرچُونڊي
شريف، هالاڻي شريف، نوشهروفيروز، ڪنڊيارو،
شڪارپور، نئون ديرو، ميهڙ ۽ ٻيا.
لاڙ ۾ هيٺيون درگاهون مولودن جي مرڪز جا مکيه مرڪز
پئي رهيون آهن، ضلعي ٺٽي ۾ شاهه ڪمال، شاهه مسڪين
۽ شاهه ابراهيم جي درگاهن تي ساليا نه ميلا،
نصرپور ۾ شاهه محمود جي درگاهه، بدين ۾ يارهين
شريف، درگاهه شيخ ڀرڪيو، حيدرآباد ضلعي ۾ شاهه
محمد مڪي، تعلقي هالا ۾ درگاهه مخدوم نوح سرورؒ،
ضلعي ٽنڊوالهيار ۾ ڪامارو شريف، بڪيرن ۾ درگاهه
قائم الدين، درگاهه ڇٽو پير ضلعو حيدرآباد، درگاهه
شيخ ريحان ضلعو حيدرآباد، مڪان شريف تعلقو ماتلي،
خانقاه منگواڻو فقير تعلقو حيدرآباد وغيره. (38)
جيئن ته مولود جي فني ساخته وائي يا ڪافي جهڙي
آهي، انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته، مولود انوقت کان
وٺي رائج ٿيو، جڏهن وائي وجود ۾ آئي. وائي جو
نمونو پهريائين پهريائين اسان کي ميين شاهه عنايت
رضوي جي ڪلام ۾ ملي ٿو، ۽ ان کانپوءِ حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام ۾ ملي ٿو. انهن ٻنهي
شاعرن جي ڪلام ۾ مولود جي مضمون واريون وايون ملن
ٿيون. ٻنهي شاعرن جي واين مان نموني طور هڪ هڪ
وائي هن هيٺ درج ڪجي ٿي:
ميين شاهه عنايت رضويؒ
ٿلهه:
دوس قريشي عرب ديسي! توکي رب سنڀالي، ميان سائين!
اول نور نبيءَ جو تاري ۾ رکيائين،
ڏسي ڏيهه ڌڻين کي التحّيات، اتائين،
منجهان بهشت براق سينگاري ٻيا ملائڪ مڪائين،
آءُ موجن سين محمدا! ايءَ توکي ڏات ڏنائين،
آدم، عالم، عارف سڀ، مرسل! خاطر توخلقيائين،
جت مَپُ نه ملائڪن جو، ات ڳجهاندر ڳرهيائين،
جنبي جبرئيل سين، پاونگ پير ڌريائين،
گس غربت خاص خلوت اوڀر چڙهه اتائين،
عرض ڪري عنات چئي، امت انعام لڌائين (39)
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ:
ٿلهه:
وٽان وڃ مَ مون، منهنجو تونهين تون،
ڪو نه سڻي تان ڪو ٻيو، وٽان وَڃ مَ مون،
مون تڏها نڪر منجهئين، جڏهن ڪن فيڪون،
اَهکي رسج احمدا! اڳيان سوڙهي ڀُون،
آڳهه هن امت جو، آهين تونهين تون،
ڏج ڪالپ لطيف چئي، طهورا مان تون. (40)
هي ٻئي شاعر ڪلهوڙن جي دور جا آهن. شاهه عنايت
رضويءَ جي نه فقط واين ۾ مولودن وارو مضمون آهي،
پر شاعر پنهنجي هڪ وائي کي صاف مولود سڏيو آهي.
چوي ٿو ته:
چئو صلوات صدق سين، اي مولود مدام.
انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته، لفظ مولود پنهنجي خاص
مفهوم الحان ۽ ليءَ سان يارهينءَ صديءَ جي آخر ۾
رائج هو. ٿي سگهي ٿو ته، اڃا به ڪنهن آڳاٽي شاعر
جو ڪلام هجي، جنهن ۾ مولود جو مفهوم آيل هجي. ان
کانسواءِ سنڌ جي ٻين انيڪ شاعرن پڻ مولود چيا آهن.
جن جو ذڪر محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي
ڪتاب ”مولود“ ۾ ڪيو آهي.
حوالا
(1)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”ميين شاهه عنايت جو ڪلام“
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال- 1963ع- متن- ص 3 جو
بيت نمبر 8.
(2)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مداحون ۽ مناجاتون، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1959ع- مقدمو، ص 4-5.
(3)
ايضاً، مقدمو، ص 7-8.
(4)
ايضاً، مقدمو، ص 9.
(5)
ايضاً، متن، ص 1
(6)
ايضاً، متن، ص 2
(7)
ايضاً، متن، ص 2
(8)
ايضاً، متن، ص 13
(9)
ايضاً، متن، ص 23-24.
(10)
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي تذڪرة الشڪراءِ سکر“، ص
48-49.
(11)ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ ”مداحون ۽ مناجاتون“ متن، ص 4-5.
(12)
ايضاً، متن، ص 59-60.
(13)
ايضاً، متن، ص 83.
(14)
ايضاً، متن، ص 93.
(15)
ايضاً، متن، ص 104.
(16)
ايضاً، متن، ص 108.
(17)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مناقبا، مقدمو، ص 1.
(18)
ايضاً، مقدمو، ص 4.
(19)
ايضاً، مقدمو ص 5.
(20)
ايضاً، متن، ص 34.
(21)
مضمون ”سنڌي ادب ۾ نعتيه ڪلام ۽ مولود شريف“ از-
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي- نئين زندگي، ڪراچي، ماه
سيٽمبر 1955ع، ص 12.
(22)
ايضاً، ص 13.
(23)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مناقبا، متن، ص، 68.
(24)
ايضاً، متن، ص 73.
(25)
ايضاً، متن (حاشيه)، ص 152.
(26)
ايضاً، متن، ص 201.
(27)
ايضاً، متن، ص 21.
(28)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، معجزا، مقدمو،
ص 2.
(29)
ايضاً، متن، ص 26 .
(30)
ايضاً، متن،ص 28-29.
(31)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مولود، (حاشيه)
ص 2.
(32)
ايضاً، مقدمو، ص 3.
(33)
ايضاً، مقدمو، ص 3.
(34)
ايضاً، مقدمو، ص 13.
(35)
ايضاً، مقدمو، ص 14.
(36)
ايضاً، مقدمو، ص 15.
(37)
ايضاً، مقدمو، ص 16-17.
(38)
ايضاً، مقدمو، ص 20.
(39)
ايضاً، متن، ص 1.
(40)
ايضاً، متن، ص 3. |