نورمحمد شاهه
زندگي ۽ عمل جو وحدت وارو عالمي
نصب العين
شاهه
عبداللطيف ڀٽائي ۽ جديد سنڌي ادب
زندگي انساني وجود جي اُن مقصد جو نالو آهي، جنهن
مقصد لاءِ فرد جيئي ۽ عمل ڪري ٿو. گهر، اولاد ۽
مال متاع جيئڻ جو مقصد نه آهي، جيئڻ جو مقصد مالڪ
جو پيار حاصل ڪرڻ آهي، جيڪو فڪر ۽ عمل جي اخلاص
سان حاصل ٿئي ٿو.
دنيا جي مال ۽ اسباب جو پيار انسان کي حرص،
هوس ۽ خودغرضيءَ ذريعي بديءَ جي طرف ڌڪي وٺي وڃي
ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ اندر ۾ مستقل بي آرامي رهي ٿي
۽ ماڻهن سان شر، فساد ۽ عداوتن سبب زندگي رسوا ٿي
وڃي ٿي. حياتيءَ جي اهڙي بي معنيٰ ۽ حقير حالت تي
غور ڪرڻ کان پوءِ انسان سمجهي وٺي ٿو ته دنيا جي
مال ۽ اسباب سان پيار ڪرڻ ۽ اُن کي زندگيءَ جو
مقصد بنائڻ، حقيقت ۾ زندگيءَ کي بي مقصد ۽ بي وقار
بڻائڻ آهي.
زندگيءَ جي اعليٰ مقصد ۽ وقار جو هيءُ
سوال، انساني تاريخ جي هر دؤر ۾ تحقيق طلب رهيو
آهي، پر دنيا جي هر قوم جي ادب، شاعري، مذهب ۽
فلسفي جي تاريخ هر دؤر ۾ هن سوال جو جواب، هڪ ئي
صورت ۾ ورجايو آهي، رڳو تاويلن ۽ تشريحن جا اختلاف
آهن، حاصل نتيجو سڀني وٽ هميشه هڪڙو ئي رهيو آهي.
اُهو هڪڙو نتيجو جيڪو زندگيءَ جي مقصد ۽ وقار واري
سوال جو جواب بڻجي ٿو، سو آهي: ”خالق جي پيار جي
حاصلات.“
دنيا جي سڀني قومن ۽ مذهبن منجهان سچا ۽ معتبر
ماڻهو، تاريخ جي هر دور ۾ الک جي زندهه پيار جون
شاهديون ۽ ثابتيون پيش ڪندا رهيا آهن. حقيقت جي هن
مشاهدي ۾ منجهائن ڪنهن کي به ڪنهن سان اختلاف نٿو
رهي. سڀئي اختلاف ظاهردارين، رواجن ۽ رسمن منجهه
هيٺ رهجي وڃن ٿا. هي سڀني حدبندين کان اوچو پيار
بني نوع آدم کي هڪ عالم گير ڪلاسيڪل وحدت ۽
برادريءَ ۾ پوئي ڇڏي ٿو.
فرد، جڏهن خالق جي پيار کي زندگيءَ جو نصب العين
بڻائي ٿو ته هو خلق جي خدمت کي الاهي پيار جي
حاصلات جو ذريعو ڄاڻي، سادگي، اخلاص ۽ ايثار سان
عمل جي راهه اختيار ڪري، نيڪيءَ جي طرف سفر شروع
ڪري ٿو. جڏهن هو اخلاص جي اعليٰ درجي تي پهچي
الاهي پيار حاصل ڪري ٿو ته کيس زندگيءَ جي سچي
خوشيءَ سان گڏ دل جو دائمي اطمينان حاصل ٿئي ٿو.
هو انساني تاريخ تي نظر ڪري ٿو ته کيس دنيا جي
سڀني قومن جي ادب، شاعريءَ ۽ مذهبن منجهه اُهو
الاهي پيار هڪ ئي زندهه جاويد مسڪراهٽ ۾ مجسم نظر
اچي ٿو. تنهنڪري هو ادبي ۽ مذهبي انتها پسندين کان
آزاد ٿي، سڀني ۾ مشترڪ الاهي پيار جي سچائيءَ جو
معترف بڻجي
ٿو. هي پيار خالق کي زندگيءَ سان ۽ زندگيءَ کي
خالق سان ڳنڍي ٿو، ساڳي وقت ماڻهن ۽ قومن کي- سندن
ادب، فلسفي ۽ مذهبن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. تنهنڪري هي
پيار زندگيءَ جو بنياد، زندگي جو وقار ۽ زندگيءَ
جو اعليٰ عالمي مقصد بڻجي ٿو.
اڄ جي دنيا جو بنيادي الميو هيءُ
آهي ته انساني زندگي بي نانءُ ٿي رهجي وئي آهي،
جنهن سبب تمدن ۽ معشيت کي ئي زندگيءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. تنهنڪري انفرادي
توڙي اجتماعي طور زندگيءَ جي عملي جدوجهد جو مقصد
به فقط تمدن ۽ معيشت جي ترقي بڻجي رهجي ويو آهي.
نتيجي ۾ فرد، قومن ۽ ملڪن جي حرصَ ۽ هوسَ جا پکي
آسمان تي اُڏري رهيا آهن ۽ ڌرتي سڄي گولين، ۽ بم
ڌماڪن ۾ ڌڏي رهي آهي. دنيا ۾ محبت، امن، اتحاد ۽
ڀائيچاري جو نالو نه رهيو آهي، نفرت، فساد، انتشار
۽ زوال ڏانهن زور آهي. هن حقيقت مان پڌرو ٿئي ٿو
ته اڄ جي دنيا جو بنيادي مسئلو انساني زندگيءَ ۽
عمل جي مقصد جي شناخت ۽ اُن جي اعليٰ نصب العين جي
تعين جو مسئلو آهي. جيڪڏهن دنيا جون سڀئي قومون،
بني نوع آدم جي زندگي ۽ عمل جو اُهو عالمگير وحدت
وارو فطري نصب العين متعين ڪن، جنهن جي فطري صداقت
جي تصديق، هر قوم جي ادب، تاريخ جي هر دور ۾ پئي
ڪئي آهي ته سڄي عالم جي ڌرتي انساني پيار ۽
ڀائيچاري جو مرڪز بڻجي پوي ۽ زندگي به وصل جو گيت
ڳائيندي مالڪ جي هيڪڙائيءَ کي ڏسي ۽ اُن جو پيار
ماڻي سگهي.
سنڌ وٽ انساني زندگيءَ ۽ عمل جو اُهو وحدت وارو
عالمگير نصب العين شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي
شاعريءَ ۾ ڪامل صورت ۾ موجود آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي سنڌ جي شاعرن جو سرتاج مڃيو
وڃي ٿو. محققن جي متفق راءِ آهي ته شاهه صاحب دنيا
جي چند وڏن شاعرن منجهان هڪ آهي. شاعر جي عظمت نه
فقط ڏات جي فطري سگهه تي آڌار رکي ٿي، پر ڏات وسيلي شاعر شعوري ارادي سان جيڪو
حيات جو نصب العين متعين ڪري ٿو ۽ اُن لاءِ
انساني سيرت جو جيڪو باڪمال نمونو
واضح
ڪري ٿو، سو هڪ باڪمال عالمي ثقافت کي وجود ۾ آڻي
ٿو، جنهن سان شاعر جي عظمت بنا ڪنهن وقت ۽
جاگرافيائي قيد جي پوري روءِ زمين تي ڦهلجي وڃي
ٿي.
شاعريءَ جو بنيادي مقصد انسان کي زندگيءَ ۽ عمل
لاءِ رهنمائي ميسر ڪرڻ آهي، يعني هڪ ته اُها حيات
جو نصب العين واضح ڪري ٿي ۽ ٻيو ته ماڻهن کي
مقافات عمل جو فطري دڳ ڏيکاري ٿي. شاعري انسان جي
روح کي اُجرو ڪري، اُن ۾ زندگيءَ جي مسرت پيدا ڪرڻ
سان گڏ عمل جي سندرتا جو عشق جاڳائي ٿي. اِهوئي
سبب آهي جو شاعرن کي ”تلا ميذالله“ ۽ شاعريءَ کي
”جزوايست از پيغمبري“ چيو ويو آهي. شاعريءَ جي
اهڙي ڪارج کي، فلپ سڊنيءَ جا هيٺ ڄاڻايل خيال وڌيڪ
واضح ڪن ٿا:
جيڪڏهن ٻيا سڀ فن انساني ذهن کي جسم جي گندگين کان
مٿانهون ڪري ان قابل بنائين ٿا جو اُهو خدائي جوهر
(Divine Essence) کي محسوس ڪري سگهي، ته شاعري اُهو ڪم سڀني کان بهتر نموني
ڪري سگهي ٿي. ڪوبه علم صرف نيڪيءَ جو اطلاع فراهم
ڪرڻ جو نالو ڪونهي بلڪه انسان جي ذهن کي اعليٰ سطح
تي وٺي وڃڻ جو نالو آهي... سو شاعري انسان کي
نيڪيءَ جي باري ۾ محض عام تصور نٿي ڏئي بلڪ نيڪي ۽
بديءَ کي مثالن ذريعي واضح به ڪري ٿي ته نيڪيءَ جو
محرڪ به بڻجي ٿي. اُها صرف رستو نٿي ڏيکاري بلڪ
بهتر رستو اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي ڪري.(1)
شاعريءَ ۾ اُهو مثالي علم موجود آهي جيڪو ٻين علمن
۽ فنن ۾ ڪونه هوندو آهي.
شاعري تاريخ ۽ فسلسفي جي مقابلي ۾ عمل
لاءِ وڌيڪ وڏو محرڪ ٿيندي آهي. شاعريءَ کان وڌيڪ
ٻيو ڪهڙو علم ڪارائتو چئبو جيڪو انسان کي خوبين ۽
نيڪين جو درس ڏئي ۽ ترغيب ڏئي.(2)
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي شاعريءَ وسيلي ٽيهه
سُر تخليق ڪيا آهن، جن ۾ انساني زندگيءَ ۽ عمل جي
حُسن کي نمايان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. هرهڪ سُر پنهنجي حسن ۽ ڪمال ۾ اهڙيءَ طرح مڪمل آهي جو منجهس زندگي ۽
عمل جي بنيادي رهنمائي مڪمل طور موجود آهي. شاهه
صاحب جي پيغام جو جسم ته واحد آهي، پر اُن جو لباس
مختلف رنگن ۾ ٽيهن جوڙن ۾ تيار ڪيو اٿس. جسم جي هڪ
رنگت تي، ٽيهن رنگن جو ڪنٽراس، هڪ حسن جون ٽيهه
تجليون نروار ڪري ٿو، جنهن جي هرهڪ جلوي جو حُسن
هڪ ئي وقت منفرد به آهي ته واحد ۽ مڪمل به آهي.
ٻيءَ طرح ائين به چئي سگهجي ته شاهه سائين پنهنجي
سُرندي
جي وحدت واري هڪ ئي اندروني سڳي منجهان ٽيهه مختلف
سُر تخليق ڪيا آهن، جن جا آلاپ ته مختلف آهن، پر
سڀئي آلاپ مختلف ڪيفيتن ۾ ساڳي راحت روح کي ڏين
ٿا، ڇو ته هيءَ سِر ۽ سُر جي وحدت آهي.
زندگي ۽ عمل جو سوال بنيادي طور انسان جي تهذيب جو
سوال آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي تهذيب جو
نمائنده شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ وسيلي مهذب
ڪردار تشڪيل ڏنا آهن، جيڪي سنڌ جي تهذيب جي
نمائندگي ڪن ٿا. شاهه صاحب زندگي ۽ عمل بابت ڪنهن
فلسفيءَ يا ناصح وانگر ويهي نظريا گهڙڻ يا حڪم ۽
نصيحتون نافذ ڪرڻ جو ڪم نه ڪيو آهي، پر هُن ڪردارن
وسيلي حقيقي صورت ۾ زندگيءَ جي اعليٰ آدرش ۽ عمل
کي فطري صورت ۾ گڏ ڏيکاريو آهي. شاهه
سائينءَ
انساني زندگيءَ جو جيڪو عالمي نصب العين متعين ڪيو
آهي، تنهن کي خاص طور پنهنجي سورمين جي زندگي ۽
عمل وسيلي عملي نوعيت ۾ پيش ڪيو اٿس. پر جيئن ته
شاعر پنهنجي پيغام کي شاعريءَ جي علامتي نظام
وسيلي پيش ڪن ٿا، تنهنڪري عام
طور سندن مقصد کي سمجهڻ محال ٿئي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي
ته تحقيق ۽ تشريح وسيلي شاهه صاحب جي سورمين جي
زندگي ۽ عمل جي حسن کي نروار ڪجي ته جيئن سنڌ جي
شاهه جو پيغام عالم ۾ نروار ٿئي ۽ سموري انسان ذات
لاءِ شاهه جي سورمين جي زندگي ۽ عمل آدرشي صورت
اختيار ڪري سگهي.
جديد سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز جو چوڻ آهي ته:
”ڀٽائي جي شاعريءَ سان ناتو نڀائڻ ئي منهنجي
شاعريءَ کي بقا بخشي سگهي ٿو“.(3) هن راءِ مان
واضح ٿئي ٿو ته ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي هڪ بنيادي ۽
مستقل حيثيت حاصل آهي. يعني شاهه جيڪو حياتيءَ جو
نصب العين قائم ڪيو آهي ۽ عمل جو جيڪو سليقو
سيکاريو آهي، سو نهايت شاندار ۽ ڪمال وارو آهي.
سنڌ ۾ انگريزن جي آخري دؤر کان وٺي ويهين صديءَ جي
پڄاڻيءَ تائين جيڪو عرصو گذريو آهي، تنهن کي سنڌي
ادب جو جديد دؤر سڏجي ٿو. جديد سنڌي ادب پنهنجي
اساسي ادبي روايت کانسواءِ سڄي دنيا جي ادبي
رجحانن جا اثر قبول ڪيا. ستر سالن جي عرصي تي
مشتمل هن دؤر ۾ اسان کي ڪشنچند بيوس، مخدوم طالب
الموليٰ، شيخ اياز، استاد بخاري، امداد حسيني ۽
حسن درس کانسواءِ ڪيترائي ٻيا اهم شاعر ۽ اعليٰ
نثرنگار ملن ٿا، جن جي شاعري ۽ فڪر ۾ روايت ۽ جدت
فطري طور موجود آهي. پر جڏهن هڪ دؤر جي لحاظ کان
ڏسجي ٿو ته جديد سنڌي ادب جو پنهنجي دؤر تي جيڪو
معروضي اثر نمايان طور نظر اچي ٿو، تنهن مان پڌرو
ٿئي ٿو ته هن دؤر جي ادب جو اساس قومپرستي ۽ سياست
آهي. يعني قديم سنڌي شاعريءَ جي اُها اساسي روايت
جنهن جو سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي، جنهن جو
بنياد عشق ۽ خدمت جو عمل آهي، سا هن دؤر ۾ شاهه جي
رسالي تائين محدود رهجي وئي آهي. قومپرست ادب جي
اساسي روايت مان جيڪو روايتي شعر ۽ نثر وڏي تعداد
۾ (نوانوي سيڪڙو) اسريو ۽ نَسريو بيٺو آهي، سو
پنهنجي مزاج ذريعي ثابت ڪري رهيو آهي ته اُن جو
تخليقي مُحرڪ فقط شهرت ۽ ذاتي مفاد ئي رهيو آهي.
ٻئي طرف سنڌ جي اساسي شاعريءَ سان لاڳاپيل روايتي
دؤر جي تاريخ کي ڏسجي ٿو ته اُن جي حيات جي مقصد ۽
خدمت جي عمل سان گهري وابستگي نظر اچي ٿي، ڇو ته
ذميواري ۽ فرض ادائگي اُن جو بي بدل محرڪ رهيو
آهي، جنهن کي زمانو بدلائي نه سگهيو آهي.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته ائين آخر ڇو آهي ته هڪ طرف
جديد سنڌي ادب جي دعوا آهي ته هن پنهنجي ماضيءَ
سان تعلق نه ٽوڙيو آهي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ
کي ماضي ۽ حال جي شاعرن جو سرتاج مڃيو وڃي ٿو، ٻئي
طرف اُن جي بنياد ۽ روايت ۾ زوال موجود آهي؟!
لانجائينس (Longinus) ادب جي اهڙي زوال واري حالت بابت مرض جي تشخيص مختصر لفظن
۾ نهايت جامع صورت ۾ ڪئي آهي، چوي ٿو:
ادب جو زوال اديبن جي اخلاقي پستيءَ سبب ٿيندو
آهي، ڇو جو اظهار جي عظمت روح جي عظمت مان پيدا
ٿيندي آهي ۽ اديبن جي اخلاقي زوال سان روحاني زوال
ٿيڻ ڪري، ادب ۾ زوال لازمي آهي. تخيل جي پستي ۽
عاميانه خيال سان نه پر پاڪيزه فڪر ۽ بلند خياليءَ
سان عظيم ادب تخليق ٿيندو آهي.(3)
هيءَ حقيقت سوال ٿي پيدا ڪري ته آخر سبب ڪهڙو آهي
جو ڪو ماڻهو پاڻ کي اديب به سڏائي ٿو ۽ خود اخلاقي
پستيءَ جو شڪار رهي ٿو! يا ڪو سڏائجي ته ادبي
ترقيءَ جو دؤر ٿو، پر آهي ادبي پستيءَ جو شڪار!
جيستائين اديب جي انفرادي شخصيت جي ڳالهه آهي ته
جيئن فارسيءَ ۾ چوندا آهن:
هرکه سرمي تراشد، قلندر نه باشد
(مٿو ڪوڙائڻ سان ڪير به قلندر ڪونه ٿو ٿي پوي)(4)
ساڳي طرح، ڪير به ڪتابن لکڻ سان اديب بڻجي نٿو
سگهي. اديب بڻجڻ لاءِ اُها بصيرت گهرجي جنهن سان
زندگيءَ جي فاني حقيقت جو مشاهدو ممڪن ٿئي، ۽ عشق
۽ عمل جي
صراط
مستقيم روشن ٿي سگهي. ان ڳالهه ۾ قدرت جي ڪا حڪمت
آهي جو ڪتاب لکندڙ سؤ ماڻهن منجهان زندگيءَ جي
بصيرت جي سُهائي ڪنهن هڪڙي کي ئي عطا ٿئي ٿي، جنهن
جو تعلق عاجزيءَ سان رهي ٿو، باقي نوانوي سيڪڙو جو
وصل ته پنهنجي ذات جي وڏائيءَ سان ٿئي ٿو، اُهي
ڪتابن تي ڪتاب لکي، پاڻ کي وڏي کان وڏو ڪرڻ جي چڪر
۾ سڄي حياتي سرگرم رهن ٿا. هو پاڻ کي ادبي اسڪالر
سڏائي علم ادب جا سمونڊ سوجهڻ جي نالي ۾ ڇاڇر ۾
ڇيرون ڪري، ڪنارن تان ڪوڏ کڻي، ماهر ۽ محقق بڻجن
ٿا. سڀ عهدا رتبا هٿ ڪري، حرص سان مال متاع ميڙي
فاني ذات کي ڦونڊارڻ ۾ حد ڪري ڇڏين ٿا. جيترو هو
ٻاهران ڦونڊارجن ٿا تيترو اندر ۾ پستيءَ جو شڪار
ٿين ٿا. هيءُ لقاءُ خاص طور اُنهن جو آهي جن جو
تعلق قومپرست ادب جي روايت سان آهي، ڇو ته عشق ۽
خدمت واري سنڌ جي اساسي ادبي روايت سان سندن تعلق
ٽٽو پيو آهي.
ڪنهن دؤر جي اجتماعي اخلاقي پستيءَ تي غور ڪرڻ سان
معلوم ٿئي ٿو ته اديبن جي روح مان جڏهن عشق جو
شعلو وسامي وڃي ٿو ته سندن قول ۽ فعل تي اوندهه
ڇائنجي وڃي ٿي. جديد سنڌي ادب جي دؤر جي روح کي
ڏسجي ٿو ته اُتي به عشق جو شعلو اُجهاڻل نظر اچي
ٿو، تنهنڪري اُن جي بنياد ۽ روايت ۾ اوندهه آهي.
اِها اوندهه شاهد ٿي ٿئي ته سنڌ جي اساسي شاعريءَ
جي عشق جي امانت جيڪا ڀٽائيءَ وٽ شمع جي صورت ۾
موجود آهي، تنهن کي جديد سنڌي ادب اڳتي آڻي نه
سگهيو آهي،
پر هُن رڳو بيتن جو بار ڍويو آهي، تنهنڪري هن دؤر
وٽ ڀٽائي به آهي، اياز به آهي، پر زندگي ۽ عمل نه آهي.
جديد سنڌي ادب جو الميو زندگي ۽ عمل جو الميو آهي.
هن دؤر جي معمارن منجهان ڪيترائي اڃا حال حيات
آهن، کانئن سوال پڇي سگهجي ٿو ته وٽن زندگيءَ جو
نصب العين ڇا آهي؟ ڇا کائڻ، پيئڻ ۽ خوشحال قوم جي
حيثيت ۾ جيئن ئي بذات خود زندگيءَ جو نصب العين
آهي؟ يا زندگي اُن عشق جو نالو آهي جيڪو ڀٽائيءَ
جي اکين ۾ هو؟ اڄ جي هن سائنس ۽ تحقيق واري دؤر ۾
جيستائين ڪنهن دؤر جو ادب زندگيءَ جو نصب العين
واضح نٿو ڪري ۽ نصب العين تي عمل جو پروگرام پڌرو
نٿو ڪري، تيستائين اُن کي زندگيءَ جو ادب چئي نٿو
سگهجي.
حوالا
1.
فهميده حسين، ڊاڪٽر۔
ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ، ڪراچي: نئون نياپو
اڪيڊمي، ڇاپو ٻيو، 2002ع، ص 59.
2.
ايضاً. ص 58، 59.
3.
شيخ اياز، تقرير:
ڀٽائيءَ جي شاعريءَ سان ناتو نڀائڻ ئي منھنجي
شاعريءَ کي بقا بخشي سگهي ٿو. ڪتاب اگهيا سُٽ سندا
۾ شامل. مرتب: خواجه نور افروز، ڊاڪٽر. ڄام شورو،
شاهه لطيف ريسرچ سيل، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي. ص
51.
4.
فهميده حسين، ڊاڪٽر۔
ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ، ڪراچي: نئون نياپو
اڪيڊمي، ڇاپو ٻيو، 2002ع، ص 52.
مينهن وسڻ کان پوءِ
هر شيءِ ڌوپي ويندي آهي
وَڻ ٽِڻ ٻُوٽا گل ڦل
مهڪي ٻهڪي جهومي جهومي اُٿندا آهن
اُٺي کان پوءِ سمورا پَٽَ
سنهور گاهه سان ڍڪجي ويندا آهن
ڌرتي سرتي
سائي شال ڍڪي
ڪجهه سرس ئي سهڻي لڳندي آهي.
سحر امداد |