ڊاڪٽر ناهيد پروين
اياز حسين قادري هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾
اياز حسين قادري کي سنڌي جديد افساني جي بانيڪارن
۾ ليکيو وڃي ٿو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ آيل
ماٺار جي انت ۾ جن ليکڪن بنيادي ڪردار ادا ڪيو،
انهن ۾ اياز قادري جو نالو شامل آهي. قادري صاحب
جو تعلق هڪ علمي ۽ ادبي ڪٽنب سان هو، سندن نانو ۽
مامو ادبي دنيا جي اهم شخصيتن مان هئا، ۽ سندن
علمي توڙي ادبي تربيت ۾ سندن مامي ميان غلام عباس
قادري جو بنيادي ڪردار رهيو آهي. قادري صاحب،
بنيادي طور تي شاعر هو، پر پاڻ وقت به وقت ڪهاڻيون
به لکندو رهيو، جيتوڻيڪ سندس ڪهاڻين جو انگ ڪو
تمام گهڻو ڪونهي، پر سندس هر ڪهاڻي بهترين شاهڪار
ڪهاڻي آهي. ”بلو دادا“ سندس ڪهاڻين جو پهريون
مجموعو آهي، جيڪو 1957ع ڌاري شايع ٿيو. جنهن کان
پوءِ ان جا ڪيترائي ڇاپا آيا. سندن لاڏاڻي کان
پوءِ قادري قلم قبيلي پاران سندن ڪهاڻين جو مجموعو
”ڪهاڻي هر دور جي“ جي نالي سان شايع ٿيو، جنهن ۾
بلو دادا مجموعي کان سواءِ بعد ۾ مختلف رسالن ۾
ڇپيل سندن ڪهاڻيون ۽ ڪجهه اڻڇپيل ڪهاڻيون پڻ شامل
آهن. اياز قادري صاحب جنهن دور ۾ ڪهاڻين لکڻ جي
شروعات ڪئي، ان دور ۾ ”ٽماهي مهراڻ“ ۽ ”نئين
زندگي“ سنڌي ادب جا اهم ۽ معياري رسالا ليکبا هئا،
۽ قادري صاحب جا افسانا انهن ٻنهي رسالن ۾
باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندا هئا.
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو. ”پنجاهه واري ڏهاڪي
جي شروع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٽماهي ’مهراڻ‘
جاري ٿيو، جنهن جو هڪ حصو افسانن لاءِ مخصوص ٿيو.
ان ۾ نهايت بهترين افسانا شايع ٿيندا هئا، جيڪي
سنڌي جديد افساني جو بنياد بڻيا. هن ئي رسالي ۾
ڊاڪٽر اياز حسين قادري، جمال ابڙو ۽ غلام رباني جا
شاهڪار افسانا ڇپيا، جيڪي فن توڙي مقصديت جي لحاظ
کان اعليٰ درجي جا افسانا آهن. انهن افسانن ۾ سنڌ
جي ماحول جي عڪاسي ٿيل آهي، سنڌ جي ماڻهن کي
سجاڳيءَ جو سڏ ڏنل آهي، غريبن، مسيڪنن، هارين ۽
پورهيتن جي پيڙا جي اپٽار ٿيل آهي. ڪي افسانا
ڪرداري افسانا آهن، جن ۾ خاص ڪردارن جي مزاج،
فطرت، ڪارنامن ۽ ڪارگذارين جي نکيڙ ڪيل آهي. هن
دور ۾ شيخ راز، شيخ اياز، اياز حسين قادري، جمال
ابڙو ۽ غلام رباني جهڙا باڪمال افسانا نويس، جن
جديد سنڌي ڪهاڻي لاءِ نئين راهه کولي، پر پوءِ
انهن مان ڪن لکڻ ڇڏي ڏنو.“ (1)
اياز قادري کي ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ جو شوق هو، پاڻ
نون ورهين جي ڄمار ۾ قصن ۽ داستانن جو اڀياس ڪرڻ
شروع ڪيائون. ڪاليج واري دور ۾، ان دور جا ننڍي
کنڊ جا مشهور نثر نويس سندس اڀياس هيٺ آيا، جن ۾
ٽئگور، شرت، چندر جا ڪتاب عبدالحليم شرر، راشد
الخيري، نسيم حجازي، ڪرشن چندر، سعادت حسين منٽو،
خواجه احمد عباس، منشي پريم چند، مئڪسم گورڪي،
ٽالسٽاءِ اوهينري، موپاسان، چيخوف ۽ ٻين عظيم ناول
نگارن جو اڀياس ڪيائين.
اياز حسين قادري، شاعريءَ سان گڏوگڏ افساني
نگاريءَ ڏانهن به وک وڌائي. ان جو هڪ سبب اهو به
هو ته اياز قادري صاحب، سنڌي ادبي سنگت جي باني
ميمبرن مان هو ۽ سنگت جون هفتيوار ادبي گڏجاڻيون
آرام باغ واري ايراضي ۾ واقع ڏنيرام بلڊنگ جي سندن
فليٽ ۾ ٿينديون هيون، جتي وڏا وڏا اديب شريڪ ٿي
پنهنجيون تخليقون پيش ڪندا هئا، ان ماحول مٿس وڏو
اثر ڇڏيو. هڪ ته سندس تعلق ادبي ڪٽنب سان، ويتر
ادبي گڏجاڻين جي ميزبانيءَ کين ادب جي مختلف صنفن
تي طبع آزمائي جو بهترين موقعو فراهم ڪيو ۽ ان
ماحول مان متاثر ٿي پاڻ ڪهاڻين لکڻ ڏانهن وڌيڪ
ڌيان ڏنائون ۽ شاهڪار سنڌي ڪهاڻيون تخليق ڪيائون.
ان دور ۾ سندن لکيل ڪهاڻين ”بلو دادا“ ۽ ”مان
انسان آهيان“ کي پڙهندڙن ۾ تمام گهڻي مڃتا ملي.
(2)
اياز حسين قادري افسانا نويسي جي دنيا ۾ جيئن پير
پاتو، تيئن ئي مقبول ٿي ويو. محترم غلام علي
الانا، اياز قادري جي افسانا نويسيءَ بابت ’چونڊ
سنڌي افسانا‘ ۾ لکي ٿو، ”اياز حسين قادري به هن
دؤر جي افسانا نگارن مان هڪ آهي. هن جا افسانا هن
ملڪ جي معاشري جي سماجي بدحاليءَ جون اگهاڙيون
تصويرون آهن. هو زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جو پردو
هٽائي ٿو ۽ سماج جي خرابين، پراڻين رسمن ۽
جاگيرداري نظام خلاف احتجاج ڪري ٿو.“ (3)
اياز حسين قادري فن، فڪر ۽ شخصيت تي شمس الدين
عرساڻي پنهنجي تحقيقي مقالي ”آزاديءَ کانپوءِ سنڌي
افسانوي ادب جي اوسر“ ۾ لکي ٿو سندس ڪهاڻين جا
پلاٽ، اردو ڪهاڻيڪارن سعادت حسين منٽو ۽ احمد عباس
جي ڪهاڻين تان ورتل معلوم ٿين ٿا، پر اياز حسين
قادري هوبهو انهن جو ترجمو نه ڪيو آهي بلڪه تخليقي
قوت کان ڪم وٺندي انهن ۾ اصليت جو جلوو پسايو
اٿس.“(4)
اياز حسين قادري جي افسانن جو مجموعو ’بلو دادا‘
پهريون ڀيرو 1957ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن مجموعي ۾
جيڪي افسانا شامل هئا سي هي آهن: بلو دادا، مان
انسان آهيان، هي ليڊر، ڪتي جي موت، فرشتو، ڪفن چور
قانون، امڙ مان نه ڪندس، علوءَ جا عشق، بي شرم،
ٻهروپي ۽ هاجران وغيره.
اياز حسين قادري پنهنجن افسانن جي باري ۾ لکي ٿو،
”منهنجي افسانن جا پلاٽ نه ڌاريا آهن، نه خيالي،
هي اهي تلخ حقيقتون آهن جن کي اسين پنهنجي زندگيءَ
۾ هر روز ڏسون ٿا، مون فقط ايترو ڪيو آهي جو انهن
کي افسانوي رنگ ڏيئي پيش ڪيو آهي.“(5)
اياز حسين قادري جا افسانا ڀرپور تاثر ڇڏين ٿا.
اياز قادري جو مشهور ۽ مقبول افسانو ’بلو دادا‘
آهي. هن ڪرداري افساني جي شروعات ڪردار جي تعارف
سان ڪري ٿو، ”هو سڄي پاڙي ۾ بدنام هو. هرڪو هن کان
ڪُو کائيندو هو. جهڙو تهڙو ته هن جو نالو به ڇرڪي
وٺندو هو. پئسي وارا، هن کي بنهه گنڊو سمجهندا
هئا. پاڙي جو داداگير ليکيو ويندو هو. سندس نالو
بلاول هو، مگر کيس ڪوٺيندا هئا ’بلو دادا‘.(6)
’بلودادا‘ جهڙو ڪردار تخليق ڪرڻ تي اياز حسين
قادري کي تمام گهڻي مڃتا ملي. ان دور ۾ سندس همعصر
ڪهاڻيڪارن کي به ڪردار تخليق ڪرڻ جو موقعو مليو،
پر جيڪا مڃتا اياز قادري کي ملي، سندس ٻين همعصرن
کي حاصل نه ٿي.
محترم ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ لکي ٿو ته، ”سندس
افسانن مان ’بلو دادا‘ شاهڪار افسانو آهي. هي شهري
معاشري جي بدنام طبقي جي ڪردار تي ڪرداري افسانو
آهي. جنهن ۾ هن ان ڪرادر جي زندگي جا واقعا جيئن
جو تيئن بيان ڪندي، ان جي براين سان گڏ شخصي
زندگيءَ جون خوبيون ۽ خصوصيتون به نروار ڪيون
آهن.“(7)
ڀارت جو ڪهاڻي نويس ۽ جڳ مشهور سنڌي نقاد موهن
ڪلپنا پنهنجي مضمون سنڌ جي سنڌي ڪهاڻي ۾ اياز حسين
قادري جي ’بلودادا‘ جي وڏي تعريف ڪئي آهي ۽ ان کي
ورهاڱي کان پوءِ لکيل اهم ۽ بنيادي ڪهاڻي ڪوٺيو
آهي. لکي ٿو ته، ”منهنجي اڀياس موجب ورهاڱي
کانپوءِ سنڌ ۾ نئين ڪهاڻي جو باني اياز حسين قادري
آهي، ان کان پوءِ هن سان غلام رباني آگرو ۽ جمال
ابڙو آهن.“(8)
سنڌي ٻولي جي مشهور ۽ مقبول ڪهاڻي نويس جمال ابڙي
پنهنجو شاهڪار افسانو ’پشو پاشا‘ اياز حسين قادري
جي افساني ’بلو دادا‘ کان متاثر ٿي لکيو. جمال
ابڙي پاڻ انهيءَ ڳالهه جو اعتراف هڪ خط ۾ ڪيو جيڪو
ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپيو.
ڏٺو وڃي ته ادب ۾ ڪردارنگاري جي ايتري اهميت آهي
جو ڪڏهن ڪڏهن ڪو فن پارو صرف ڪردارنگاريءَ جو مثال
لڳندو آهي. اهڙن ئي ڪردارنگارن اديبن مان اياز
حسين قادري صاحب به هڪ آهي. سندس ڪردارنگاريءَ جو
شاهڪار آهي ’بلودادا‘.
قاضي خادم ’بلو دادا‘ جو جائزو وٺندي آخر ۾ لکي
ٿو، ”بلو دادا جو ڪردار شهري زندگيءَ جي انهيءَ
پهلوءَ جي نمائندگي ڪري ٿو جيڪو ڪڏهن به نه سڌريو
آهي. چمڪندڙ وسيع ويڪرن رستن، وڏين وڏين روشن
عمارتن، رنگين سائن بورڊ چلڪندڙ ڪارن ۽ پُرهجوم
هوٽلن جي پريان اونداهين گهٽين، بنا ڍڪ جي گٽرن ۽
بدبودار ڪچرن جي ڍير جي وچ ۾ هڪ اهڙي دنيا جيڪا
ڪڏهن ختم ٿيڻ جي ناهي ۽ اتي پيدا ٿيندڙ ٻار جيڪي
گند ۽ گُهٽ جا عادي هوندا آهن، جيڪي پڙهڻ بدران
ٻالپڻي ۾ ئي بوٽ پالش ڪندا يا کيسا ڪتريندا آهن،
جن کي ڪڏهن ڪو پلي گرائونڊ نه مليو ۽ نه وقت تي
ماني. بلو دادا انهن ئي ڪردارن جو نمائيندو آهي.
جي هو سماج جي غلط رسمن، غلط ڪارين تي احتجاج نه
ڪري ها ته هو به هڪ گمنام شخص هجي ها. ڪروڙين
گمنام انسانن وانگر. ليڪن نه. هن انهن ناانصافين
تي عملي احتجاج ڪيو ۽ ردعمل جو ڀرپور اظهار ڪيو.
تنهنڪري ئي بلو دادا ۽ اڄ سنڌي ادب جو هڪ نه
وسرندڙ ڪردار آهي.“ (9)
تاج بلوچ ايازحسين قادري جي افساني ’بلو دادا‘
بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو، ”اياز حسين قادري،
مرزا نادر بيگ کان پوءِ سنڌي افساني ۾ اهو پهريون
ڪهاڻيڪار جنهن روشن خيال ۽ ترقي پسند معاشري جي
اڏاوت لاءِ فڪري جنگ ڪئي ۽ سامراجي دلالن جي مضبوط
قلعن ۾ بلو دادا جهڙو افسانو لکي ڏار وجهي ڇڏيا ۽
سامراجي ماحول خلاف مهاڏو اٽڪايو. جمال جو ’پشو
پاشا‘ ۽ ربانيءَ جو ’شيدوءَ ڌاڙيل‘ بلو دادا جي
Extention
آهن، جنهن لاءِ جمال ڪيترائي ڀيرا پاڻ اعتراف ڪري
چڪو آهي. ’بلو دادا‘ کي خاص طرح سان سنڌي افساني
جي ڪائنات ۾، منشي پريمچند جي افساني، ’ڪفن‘ واري
حيثيت حاصل آهي، حالانڪه ٻنهي افسانن ۾ ترقي پسند
خيال ۽ احساس کانسواءِ متن ۽ هيئت ۾ ڪا هڪجهڙائي
ناهي.“ (10)
ڊاڪٽر غفور ميمڻ پنهنجي تحقيقي مقالي، ’سنڌي ادب
جو فڪري پس منظر‘ ۾ اياز قادري صاحب جي فڪر تي
روشني وجهندي سندس ڪهاڻي بلو دادا جو تجزيو ڪندي
لکي ٿو ته، ”سندس ڪهاڻين جو فڪري محور انسانيت
آهي. اهو انسان جيڪو ڪٿي سرمائيداريءَ طبقاتي گهٽ
وڌائي ۾ پيڙهيل آهي، ڪٿي مذهب جي نالي ۾ ساڻس
غيرانساني سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ته ڪٿي غربت ۽ پريشاني
۾ غيرانساني فعل سان واسطو پوي ٿو. سندس ڪهاڻي
’بلوداد‘ جيڪا سندس سڀني ڪهاڻين مان جاندار چئي
وڃي ٿي، هڪ اهڙي سماج جي حقيقي عڪاسي تي ٻڌل آهي،
جيڪو طبقاتي سماج تي اونچ نيچ جي ڪري مختلف مسئلن
جو شڪار آهي. ڪهاڻيڪار جو ذهن طبقاتي گهٽ وڌائي کي
قبول نٿو ڪري. سندس ڪهاڻي جو ڪردار نٿو چاهي هڪ
ماڻهو وٽ لکين روپيا ڀريا پيا هجن ۽ ٻيا فٽپاٿ تي
سُڏڪي سُڏڪي مري رهيا هجن. هو عورت جي عظمت جو
قائل آهي. نٿو چاهي ته ڪي اوباش غنڊا نياڻين کي ڪا
تڪليف پهچائين. سندس ڪهاڻي جو ڪردار بلو دادا سماج
جي زيادتين خلاف بغاوت ڪندڙ ڪردار آهي.“(11)
محترم عبدالحليم جوش پنهنجي راءِ ڏيندي ڪتاب بلو
دادا جي ديباچي ۾ لکي ٿو ته، ”سنڌ جي موجوده
افساني نگارن ۾ اوهان کي اهڙا ڪي ٿورا ملندا جن جي
افسانن کي فن، ٻولي ۽ افاديت جي لحاظ کان معياري
سڏي سگهجي ٿو. انهن ڪن ٿورن بلند پايه افساني
نگارن مان اياز حسين قادري پنهنجي علمي سنجيدگي جي
لحاظ کان منفرد، موضوع ۽ مواد جي اعتبار کان يگانو
۽ ادبي معياري جي نقطئه نگاهه کان ممتاز نظر اچي
ٿو. اياز جي افسانن جي ٻولي ابدي هئڻ سان گڏ نهايت
سليس، پر سوادي آهي، جنهنڪري سندس افسانن جي
افاديت فقط ’عالمن‘
تائين محدود ڪانه ٿي رهي، پر عوام جي هر طبقي
تائين پهچي سگهي ٿي. سندس انداز بيان ايڏو ته دلڪش
آهي جو معمولي واقعي يا تجربي کي نهايت مؤثر انداز
۾ پيش ڪيو ويو آهي. فني خوبين افسانن جو معيار
ايڏو ته بلند ڪيو آهي جو اهو بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي
سگهجي ٿو ته اياز جو فلسفو ٽيڪنيڪ خواهه پلاٽ جي
لحاظ کان اردو جي چونڊ افسانن جي مقابلي ۾ پيش ڪري
سگهجي ٿو.“(12)
مٿين راين ۽ حوالن جي روشني ۾ اياز حسين قادري جي
افسانا نويسي جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو. ڪتاب
’بلو دادا‘ ۾ اٽڪل سڀني افسانن جا پلاٽ انسان جي
عظمت ۽ انسانيت تي ٻڌل آهن ۽ اياز قادري جي ترقي
پسند سوچ جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. بلو دادا افساني ۾
ڪردار بلو دادا کي جيڪا سيٺ ۽ شاهوڪار طبقي سان
طبقاتي ننڍوڏائي جي ڪري نفرت آهي ان جو اظهار اياز
حسين قادري ان ڪردار کان ڪجهه هن ريت ڪرائي ٿو،
”سالا حرامي جيڪڏهن توکي ڪار نٿو هلائڻ اچي ته ڪار
ڇو هلائي ٿو! سيٺ ڪُرڙي وانگر پئي ڦٿڪيو. ڇا توهان
سيٺيا دنيا جي نشي ۾ ايترو ته انڌا ٿي ويا آهيو جو
غريبن جي مٿان اکيون ٻوٽي ڪارون ٿا چاڙهيو! هيءَ
حرامخور ڪهڙو نه بيپرواهيءَ سان ڪار ٿا هلائين.
غريب ڇوڪري مٿان ڪار چاڙهيو اٿس. ان کي اسپتال ڇڏڻ
بدران ڪار ڀڄائي ٿو وڃي. ايئن چئي هڪڙو زور سان
چنبو وهائي ڪڍيائين.“ (13)
ڇاڪاڻ جو امير ماڻهن جي نظر ۾ غريب جي جان جي ڪابه
قيمت ناهي ۽ هو غريبن جي رت کي پاڻيءَ کان به سستو
ڀانئين ٿا. اهڙن ماڻهن جي ڏاڍ خلاف بلو دادا جي
ڪردار جي صورت ۾ اياز حسين قادري انهن سان ڄڻ پاڻ
مهاڏو اٽڪائي ٿو. افساني ’مان انسان آهيان‘ ۾ وري
اياز حسين قادري ورهاڱي جي وقت جيڪا ٻن قومن ۽ ٻن
مذهبن وچ ۾ تعصب پسنديءَ جي انتها ٿي وئي هئي ۽
انسانيت کي پشيمان ڪيو ويو. انهن حالتن جي ڀرپور
جذباتي عڪاسي ڪري ٿو ۽ پنهنجي پڙهندڙن کي اهو
احساس ڏياري ٿو ته مذهبي متڀيد کان تمام مٿي
انسانيت آهي. اياز قادري هن افساني جي ابتدا سوال
سان ڪري ٿو ۽ پڇاڙي ۾ ان سوال جو جواب پنهنجي
ڪردار درويش بابا کان ڏياري ٿو، ”تون ڪير آهين؟
تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ڊاڪٽر جي جواب ۾ صرف زخمي
مرڪي ڏنو. تنهنجو مذهب ڪهڙو آهي؟ زخميل وڏو ٽهڪ
ڏنو. نيٺ ڊاڪٽر ۽ نرس ٻئي ڏڪي ويا. شايد ديوانو
آهي، نرس چيو. ڊاڪٽر صاحب مان هندو..... نه نه....
مسلم.... نه نه نه ڊاڪٽر صاحب مان انسان آهيان.
منهنجو مذهب انسانيت آهي. ڊاڪٽر صاحب مون کي زخم
ٻنهي هندو ۽ مسلمانن کان رسيا آهن. منهنجا زخم
انسانيت جا زخم آهن.“ (14)
اڄ جتي هڪ مذهب ٻئي مذهب سان جنگ نٿو جوٽي، پر
مسلمان ڀاءُ به ٻئي مسلمان ڀاءُ تي وار ڪندو نظر
اچي ٿو. انسان جي عظمت ختم ٿي رهي آهي. انسانيت
ڪٿي نظر نٿي اچي بلڪه دنيا ۾ جهنگ جو قانون لاڳو
ٿي ويو آهي، ”جيڪو ڏاڍو سو گابو.“
اياز حسين قادري جي افسانن مان صرف سچائي ظاهر ٿي
رهي آهي. ڄڻ اياز حسين قادري روزمره جي واقعن کي
کڻي پنهنجي ڪهاڻين ۾ پيش ڪيو آهي. معاشري ۽ سماج
جا جيئرا جاڳندا ڪردار سندس ڪهاڻين جا ڪردار آهن.
جيئن درويش بابا جو ڪردار، بلودادا، فرشتي جو
ڪردار، مولوي ڪرم الله جو ڪردار، اهي سڀ ڪردار
اسان کي پنهنجي سماج ۾ ملن ٿا. اياز حسين قادري
پنهنجي افسانن جي ڪردارنگاري بابت لکي ٿو ته،
”منهنجي افسانن جا ڪردار نه فرشتا آهن نه شيطان هو
فقط سادا سودا انسان آهن، جن ۾ ڪيترين خوبين سان
گڏ خاميون به آهن. ڪيترين خامين هوندي به خوبيون
آهن. هو پنهنجي ماحول جي پيداوار آهن جن کي اسين
گناهه يا ثواب سڏيون ٿا، جنهنڪري انهن کي فرشتو يا
شيطان جو لقب ملي ٿو.“(15)
ڏٺو وڃي ته اياز حسين قادري جي افسانن جا ڪردار
جيئرا جاڳندا انساني ڪردار آهن، جن ۾ برائي ۽
چڱائي ٻئي موجود آهن. ڪهاڻي فرشتي ۾ پٽ جو ڪردار
به هن معاشري جو جيئرو جاڳندو ڪردار آهي. اڄ ته
سڄا سڄا ڪٽنب آپگهات ڪن ٿا. بک، غربت، افلاس ۽
بيروزگاري غريب ماڻهن جا اهي گناهه آهن جن جي سزا
کيس آپگهات جي صورت ۾ ملي ٿي.
افساني، ’ڪتي جو موت‘ ۾ دراصل هڪ انسان زمينداري
ظلم ۽ وڏيرڪي سماج جي ور چڙهي ڪتي جي موت مري ٿو،
پر ساڳئي وقت وڏيري جو ڪتو زندگيءَ جا اهي مزا
ماڻي ٿو، جنهن جو ڪو غريب تصور به نٿو ڪري سگهي.
هن افساني جو ڪردار گلو سماج ۽ جاگيرداري نظام جي
بي حسي جو شڪار ٿي سيءَ وگهي مري وڃي ٿو.
اياز حسين قادري جو تعلق هڪ صوفي مسلڪ سان آهي.
قادري سلسلي جا درويش، فقير صفت آهن، جيڪي انسانيت
جي عظمت جا قائل آهن. جن جي نظر ۾ انسان کي رنج
ڏيڻ ڄڻ خدا کي ناراض ڪرڻ جي برابر آهي، انهيءَ ڪري
اياز حسين قادري جي نظر ۾ سڀ انسان برابر آهن.
هيڻي ۽ ڏاڍي جو ويڇو ختم ٿيڻ گهرجي. ننڍي وڏي جو
ذات پات، هندو مسلم، سني ۽ شيعي جو فرق ميٽجي وڃڻ
گهرجي. انسان کي قدرت اشرف المخلوقات ڪري پيدا ڪيو
آهي انهيءَ ڪري ان جي عظمت برقرار رهڻ گهرجي.
اياز حسين قادري جي افسانن ۾ سندس شخصيت پڻ ليئا
پائي ٿي. چوندا آهن ته لکڻيون شخصيت جو آئينو
هونديون آهن ۽ اياز حسين قادري جي شخصيت ۽ فڪري
لاڙو سندس ڪهاڻين مان ظاهر ٿئي ٿو.
اياز حسين قادري پاڻ ننڍپڻ ۾ يتيم ٿي ويو ۽ اها
محرومي ساڻس آخري وقت تائين رهي، جنهن جو احساس
پراڻي ۽ نئين ڪهاڻين ٻنهي ۾ ٿئي ٿو. اڪثر ڪهاڻين
جا ڪردار يتيم ڏيکاريا آهن. ’فرشتو‘، ’امڙ مان نه
ڪندس‘ جو ڪردار ننڍڙو رمون، ڪهاڻي ’ڪلاچي جي ڪن ۾‘
جو ڪردار موريو، ’ڪهاڻي هر دور جو ڪردار‘ عبدو ۽
ڪهاڻي ’ههڙا هاڃا ٿين‘ جا ڪردار موسو ۽ عيسو.
اياز حسين قادري پاڻ يتيم ٿي گهاريو هو انهيءَ ڪري
کيس ان محروميءَ جو شدت سان احساس رهيو. ان احساس
سندس اندر ۾ اهو ٻار هميشه زندهه رکيو جيڪو ٻين
ٻارن کي پنهنجن پيئرن سان انگل ڪندو ڏسندو هو ته
سندس دل پنهنجي والد کي ياد ڪري ڀرجي ويندي هئي ۽
هو اندر ۾ روئي ويهندو هو.
اياز حسين قادري جي ڪجهه افسانن تي اها تنقيد ڪئي
وئي آهي ته اهي غير معياري آهن جنهن معيار جا بلو
دادا، مان انسان آهيان، امڙ مان نه ڪندس، فرشتو،
ڪفن چور ۽ هي ليڊر وغيره. پر ڏٺو وڃي ته اهي ڪردار
۽ افسانا به اياز قادري کي هن جيئري جاڳندي سماج
مان مليا آهن. ضروري ته نه آهي ته زندگيءَ جي هر
مسئلي ۽ مونجهاري کي درد واري نوع ۾ ئي لکجي. ڪجهه
مسئلا هلڪا ڦلڪا هوندا آهن، جن کي ان انداز ۾ ئي
بيان ڪري سگهجي ٿو. مثال طور ڀوڪ، بي شرم، قانون
وغيره. ڪاليج ۽ يونيورسٽي واري عرصي دوران اياز
حسين قادري سان اهڙا ڪيترائي ڪردار لهه وچڙ ۾ آيا
هوندا ۽ بعد ۾ پوءِ اهي ڪردار اياز قادري جي
افسانن جا ڪردار بنجي امر ٿي ويا.
اياز حسين قادري جي افسانا نويسي بابت ڪجهه نقادن
اها راءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اياز حسين قادري،
سعادت حسين منٽو ۽ خواجه احمد عباس جي افسانن جي
نقل يا پيروي ڪئي آهي، پر ان لاءِ ايترو چوڻ ڪافي
آهي ته جڏهن ڪنهن ماڻهو جو مطالعو تمام گهڻو ۽
گهرو ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ان تي ان ليکڪ جو اثر به
پوي ٿو، جنهن کي هو گهڻي چاهه مان پڙهي ٿو، پر
اياز قادري جا افسانا ٺيٺ سنڌي سماج جي عڪاسي ڪن
ٿا.
افساني بلودادا بابت چيو وڃي ٿو ته اهو افسانو
منشي پريم چند جي افساني ’ڪفن‘ جي ڪاپي آهي. ان
بابت عبدالحليم جوش هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته، ”اياز
حسين قادري جي افساني ’بلودادا‘ جو ڪردار منهنجو
به ڏٺل وائٺل هو. مان ۽ اياز جڏهن به اسڪول کان
موٽندا هئاسين يا ڪاڏي به ويندا هئاسين جهانگيان
هوٽل ۾ ’بلاول بلوچ‘ ملندو هو ۽ هميشه اسان کي
چوندو هو. سائين اچو منهنجي چانهه پيو. اياز قادري
۽ مان کيس چوندا هئاسين ته ها تنهنجي چانهه ضرور
پيئنداسين. اياز قادري مون کي چوندو هو ته هي شخص
مونکي تمام انسپائر ٿو ڪري ۽ نيٺ ان ڪردار کي اياز
قادري پنهنجي افساني ’بلودادا‘ ۾ امر ڪري
ڇڏيو.(16)
اياز حسين قادري جي افسانا نويسي تي محمد علي پٺاڻ
راءِ ڏيندي چوي ٿو ته، ”1956ع ۾ هن ڪهاڻيون لکي
جڏهن سنڌ جي مختلف ادبي رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپائي
پڌرو ڪيو ۽ انهن جي پڙهندڙن وٽان کيس ڀرپور موٽ
ملي ۽ ويجهن دوستن جي چوڻ تي اهي ’بلودادا‘ جي سري
سان ڪتابي صورت ۾ سهيڙي ڇپائي ظاهر ڪيائين. جن کي
ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ٿي ۽
جتي ڪٿي هڪ وڏي ڪهاڻيڪار جي روپ ۾ هن جي نالي جي
هاڪ ڦهلجي وئي.
’بلودادا‘ ۾ شامل ڪهاڻين جي تخليق کانپوءِ هن جي
جيتوڻيڪ ٻن ڏهاڪن تائين ڪهاڻي جي ميدان ۾ گهڻو ڪري
غير حاضري ۾ هن ڪهاڻي جي ميدان هڪ ڀيرو وري سگهاري
انداز سان پير پاتو ۽ ’آئينو‘، ’ٻه دوست‘، ’اڻ
پوري خواهش‘، ’ڪهاڻي هر دور جي‘، ’ڪلاچي جي ڪن ۾‘،
’ويڄن وڍي آهيان‘، ’ههڙا هاڃا ٿين‘ ’سوڍا تو
ڳرساهه‘، ’قصو هڪ عشق باز جو‘، قبرن جي وچ ۾‘،
’ڪاري‘ جي عنوان سان ڪهاڻيون لکي هن پنهنجي
ڪهاڻيءَ جي اڌ ۾ ڇڏيل سفر کي عروج تائين پهچائڻ
جي ڪوشش ڪئي.“(17)
اياز حسين قادري جي فن ۽ فڪر تي نظر وجهڻ سان اها
چڱي ريت پروڙ پوي ٿي ته اياز قادري سنڌي ادب ۾
روشن خيال ۽ ترقي پسند فڪر جو نمائيندو اديب/ ليکڪ
هو. جيڪو پنهنجي سماج جي فرسوده نظام کان بغاوت
ڪندو نظر اچي ٿو. ڪهاڻيڪار پنهنجي ڪهاڻين ذريعي
سماج کي آئينو ڏيکاري ٿو ۽ سماج جي نالي ماتر
ٺيڪيدارن کي ٻڌائي ٿو ته ڏسو اسان جي سماج ۽
معاشري ۾ ڪيترو گند پکڙجي ويو آهي. ڪٿي هو ”علوءَ
جا عشق“ ڪهاڻي ۾ هڪ اوباش نوجوان جي عشقيه داستانن
کي بظاهر پيش ڪري ٿو، پر اندروني طرح هو معاشري جي
انهن ناسورن کي بي نقاب ڪري پيو جيڪي چادر ۽
چارديواري ۾ دفن آهن.
ڪهاڻي ’هي ليڊر‘ ۾ سياستدانن جي اصل چهري تان نقاب
هٽائي ٿو، جيڪي پنهنجي سياسي ڪاميابي ماڻڻ لاءِ
قول ۽ فعل ۾ بلڪل ابتڙ هجن ٿا. جيڪي نعرا هڻن ٿا
ته، ’چادر ۽ چارديواري‘ جو احترام ڪيو وڃي. عصمت
فروشي جا اڏا ختم ڪيا وڃن، پر پاڻ عصمت فروشي جي
اڏن کي جنم ڏين ٿا. هن افساني ۾ اياز حسين قادري
سياستدانن جي منافقاڻي رويي کي ظاهر ڪري ٿو ٻيو
سنڌ جي عورت کي اهو سبق ڏيڻ گهري ٿو ته کوکلن وعدن
۽ ٺلهين ڳالهين تي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي عزت
۽ عصمت داؤ تي نه لڳائن. جي ائين ڪندؤ ته پنهنجا
ٻئي جهان وڃائي ڇڏيندؤ. آخر ۾ وڃي ڪنهن عصمت فروشي
جي اڏي جي زينت بڻجي ويندؤ.
هي اهي تلخ حقيقتون هيون جن تان اياز حسين قادريءَ
ڪوڙ ۽ ڪٽ جا پردا لاٿا ۽ معاشري ۾ انهن ڪردارن کي
بي نقاب ڪري بيهاريو ته جيئن سماج ۾ غلاظت ۽ گند
نه وڌي. سندس ڪهاڻين مان سندس سوچ ۽ فڪر ظاهر ٿئي
ٿو ته هو فرسوده فڪر جو حامي نه آهي، پر تمام
پُرزور طريقي سان ان کي رد ڪري ٿو. اهڙي هر خيال
جو سخت مخالف آهي جيڪو انسانيت جي پائمالي ڪري
انسان جي تذليل ڪندو هجي. تنهنجي معنيٰ اياز حسين
قادري هڪ روشن خيال، ترقي پسند ليکڪ ۽ انسان هو.
اياز حسين قادري ٻن ڏهاڪن جي ماٺار کانپوءِ جڏهن
نوي واري ڏهاڪي ۾ وري ڪهاڻي جي دنيا ۾ پير پاتو ته
ان وقت به سندس همدرديون سنڌي سماج جي ڏتڙيل طبقي
سان ئي رهيون. هن دؤر ۾ بک، بيروزگاري، بدحالي
غربت ۽ افلاس سنڌ جا اهم مسئلا هئا ۽ انهن پراڻن
مسئلن سان گڏ هڪ نئين مسئلي جنم ورتو اهو مسئلو
امن امان جو مسئلو هو. سنڌ ۾ دهشتگري عام ٿي وئي.
ڪراچي جو شهر سنڌ واسين لاءِ بيروت بنجي ويو. اياز
حسين قادري سهڻي رسالي لاءِ ڪهاڻي، ’ڪلاچي جي ڪن‘
لکي. هن ڪهاڻي ۾ اياز قادري ان دؤر جي حالتن جو
ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن حالتن جو ڪيئن هڪ سنڌ جو
نوجوان شڪار بڻجي ٿو.
ڪهاڻي، ’ڪلاچي جي ڪن ۾‘ جو ڪردار موريو هڪ اهڙو
غريب ۽ يتيم نوجوان آهي، جيڪو روزگار سانگي
لاڙڪاڻي کان اچي ڪراچي ۾ اسڪول ماستر ٿئي ٿو. اياز
حسين قادري سندس ڪراچي ۾ رهڻ تي کيس خوش به ڏيکاري
ٿو ته غمزده به ٻڌائي ٿو، ”ڪراچي ۾ نوڪري ڪرڻ تي
هو ارهو به هو سرهو به هو. ارهو انڪري، جو هو
پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي امڙ، پنهنجي زال ۽ پنهنجي ڌيءَ
کان پري هو. هن کي جڏهن پنهنجي ڌيءَ جا ٻاتڙا ٻول
ياد ايندا هئا، هن کي جڏهن پنهنجي زال جون پيار
ڀريون ڳالهيون ياد اينديون هيون، هن کي جڏهن
پنهنجي امڙ جو شفقت ڀريو چهرو ياد ايندو هو، تڏهن
چوندو هو، ’کوهه وڇوڙو، ٻن جدائي گرنهه گهٽ ڀر
پرين وٽ‘ جڏهن چوندو هو ته هن کي ياد ايندو هو ته
هن جي گهر جي گنديءَ ۾ گرنهه جيترا ان جا ڪڻا به
ڪين هوندا.“(18)
ڪراچي ۾ تن ڏينهن ۾ دهشتگردي بابت لکي ٿو ته،
”بسون، وئگنون، ڪارون هر روز وانگر ڊوڙنديون ٿي
ويون ۽ ماڻهو به پنهنجي هل هلان ۾ هئا، مگر ماڻهن
جي منهن ۾ اها سرهائي نه هئي، جيڪا هر روز ڏسڻ ۾
ايندي هئي. ايتري ۾ هڪ اخبار وڪڻندڙ ڇوڪري رڙ ڪئي،
’ڪراچي ۾ دهشتگردن جو ڪاروايون، ڏهه ماڻهو موت جو
شڪار‘ هن اخبار واري کان اخبار ورتي ۽ تڪڙو تڪڙو
دهشتگردي جي خبر پڙهڻ لڳو. هڪ ڪاري رنگ جي ڪار بس
اسٽاپ کان ٿورو پري اچي بيٺي. ڪار ۾ ڪجهه نوجوان
ويٺا هئا. هنن مورئي کي مٿي کان وٺي پيرن تائين
ڏٺو. هن جي مٿي تي سنڌي ٽوپي ڏسڻ سان پاڻ ۾ ڪجهه
ڀڻڪيا. پوءِ هڪ مورئي جي اخبار ڏانهن اشارو ڪيو.
ڪار ۾ ويٺل نوجوانن مان هڪ ڪار جو در کوليو. مورئي
ڏانهن ڪلاشنڪوف سڌي ڪئي، برسٽ جو آواز آيو. هڪ
گولي مورئي جي ڇاتي ۾ اچي لڳي. مورئي رڙ ڪئي،
’امان‘.“(19)
اياز حسين قادري جي ڪهاڻين ۾ جيڪو ڏک ۽ پيڙا سٺ
واري ڏهاڪي ۾ موجود هئا، اها ئي پيڙا ۽ اهوئي درد
جو احساس نوي واري ڏهاڪي جي ڪهاڻي ۾ به رهيو ڇاڪاڻ
جو هر دور ۾ تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائي ٿي. غريب
هر دور ۾ غريب ترين ٿيندو ويو آهي. امير هر دور ۾
امير ترين ٿيندو رهيو آهي. اها طبقاتي اڻبرابري
صدين کان هلندي اچي ٿي. اياز حسين قادري غربت جو
اڀياس ۽ مشاهدو تمام ويجهڙائي کان ڪيو. اياز حسين
قادري شروعاتي دور ۾ لياريءَ واري علائقي ۾ رهيو،
جيڪو ڪراچي شهر جو هڪ اهڙو علائقو آهي، جيڪو هميشه
هر دور ۾ نظرنداز ٿيندو رهيو آهي. هن علائقي جو
گهڻو حصو پٺتي پيل آهي، جتي بک بدحالي، غربت، تنگي
جهڙيون حالتون گهر ڪري ويون آهن. هن علائقي جا
ماڻهو گهڻو ڪري بنيادي شهري سهولتن کان وانجهيل
آهن. پاڻي، بجلي هتان جا ٻه اهم مسئلا آهن. ان تي
وري مزدور طبقو جڏهن مزدوري کان محروم ٿئي ٿو ته
پوءِ ان لاءِ دنيا اوندهه ٿي وڃي ٿي.
اياز حسين قادري انهن حالتن جي ڀرپور ۽ مڪمل عڪاسي
پنهنجي افساني، ’ڪهاڻي هر دور جي‘ ۾ ڪري ٿو. هن
افساني جي ابتدا ۾ اياز قادري لکي ٿو ته، ”هيءَ
ڪهاڻي هن دور جي آهي، نه هيءَ ڪهاڻي اڳئين دور جي
آهي، نه نه هي ڪهاڻي ان کان اڳئين دور جي آهي. ها!
هيءَ ڪهاڻي هر دور جي آهي پر ڪهاڻي آهي سچي.“(20)
اياز حسين قادري جا افسانا منظرنگاري جا پڻ بهترين
نمونا آهن. جن ۾ هر منظر واضح ۽ چٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ قادري اهي چِٽ برش سان
چِٽيا هجن. اياز حسين قادري جي ڪهاڻين ۾ سماجي،
ثقافتي، ڪرداري ۽ فطري منظرنگاري موجود آهي.
”سانوڻ جا ڏينهن جولاءِ جو مهينو ڪراچي ۾ مينهوڳي
جي موسم هئي. وڏي گاج ٿي، کنوڻ چمڪي ۽ هڪڙي وڏي
ڦُڙي هن جي لوهي ڇت جا ٽين جي چادر سان بڻيل هئي
اتي اچي ڪري. ڇت مان ائين آواز آيو ڄڻ چوندي هجي
مون ۾ اهڙن ڌڪن برداشت ڪرڻ جي سگهه نه آهي.“(21)
’ڪهاڻي هر دور جي‘ به لياري جي پس منظر ۾ لکيل
آهي. هيءَ ڪهاڻي هڪڙي مزدور جي آهي، جنهن غربت، بک
۽ بدحاليءَ ۾ اک کولي، جيڪو بندر تي مزدوري ڪندو
هو، ڇاڪاڻ جو سندس پيءُ ۽ ڏاڏو اتي ئي مزدوري ڪندا
هئا. عبدو اوچتو ڪجهه ڏينهن کان بيمار ٿي پيو پوءِ
جيڪو پئسو ڏوڪڙ هئس اهو دوا درمل تي خرچ ٿي ويو،
هيڻائپ ۽ ڪمزوري کيس ورائي وئي. بک تي بيماري ۾
ڪمزوري نه ورائيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو. بقول اياز
حسين قادري جي ته ”اڄ صبح کان هو لنگهڻ تي هو ۽ هن
جو پيٽ هاڻي ڪنهن رشوتي آفيسر وانگر ڪجهه نه ڪجهه
ملڻ جي تقاضا ڪري رهيو هو.“(22)
مٿين لفظن ۾ معاشري ۽ سماج جي رشوت وٺندڙ عملدارن
تي گهري طنز ڪيل آهي. ڇاڪاڻ جو انهن جو ڀِڀُ ڀرجڻ
جوئي نه هوندو آهي. اياز حسين قادري هن افساني ۾
سماجي اڻ برابري جو اهڙو مثال پيش ڪيو آهي جيڪو
پڙهندڙن کي ڇرڪائي وجهي ٿو. اياز حسين قادري ڪراچي
جي شهر تي راءِ ڏيندي چئي ٿو ته، ”هي ڪارن جو شهر
آهي يا بيڪارن جو. ڪيڏو نه پيسو آهي هن شهر ۾. شهر
جو هڪ حصو ڪاروارن جو آهي. شهر جو ٻيو حصو بيڪارن
جو آهي. هڪڙن کي زندگي جون سڀ نعمتون آهن ۽ ٻين کي
زندگي جون سڀ زحمتون. هي شهر سچ پچ ته ملڪ جي وڏي
منڊي آهي، جتي هر قسم جي خريد ۽ فروخت ٿئي ٿي. سڀ
کان وڏي خريد ۽ فروخت پئسي ۽ بک جي آهي.“(23)
اياز حسين قادري جي خيال ۾ ملڪ جا والي ۽ اقتدار
ڌڻي ٺلهيون تقريرون ڪن ٿا ته غربت جي بدحالي ۽ بک
جو ملڪ مان خاتمو ٿي ويو آهي، پر حقيقت ۾ ائين نه
آهي. بک پنهنجي خوفناڪ ۽ ڀوائتي شڪل ۾ اڄ تائين
موجود آهي. اياز قادري انساني حقن جي ڀڃڪڙي
ڏيکاريندي لکي ٿو ته، ”هن ڏٺو ته هوٽل جا بيرا
گراهڪن جو بچيل کاڌو هوٽل جي پوئين پاسي ۾ رکيل
لوهه جي وڏي ڊرم ۾ اڇلائيندا ٿي ويا، تڪڙ ۾ اڇلايل
ڪجهه کاڌو ڊرمن کان ٻاهر ڪري پيو.
کاڌو ڏسي هن جي پيٽ واڪو ڪيو ۽ هن جو هردو هرکڻ
لڳو. هن جي دل ۾ خواهش جو اهڙو جذبو پيدا ٿيو،
جنهن هن جي جسم جي نستي رڳن ۾ جوش آڻي ڇڏيو ۽ هن
جو هٿ کاڌي ڏانهن وڌڻ لڳو ته هن کي ڊرم مان کٽي
بانس آئي ۽ هن کي ڪراهت محسوس ٿيڻ لڳي. هن جو
وڌيل هٿ پوئتي موٽي ويو ۽ پير پٺتي کڄي ويو ۽ هو
کاڌي کان هڪ ٻه وک پري ويهي رهيو. هن جي اندر ۾
اها جنگ جاري هئي هت هن ڏٺو ته (هڪ بيري تازو بچيل
کاڌو اڇلايو) جو ڊرم کان ٻاهر ڪري پيو. کاڌي ۾ اڌ
پليٽ برياني، اڌ نان، ٿورو ٻوڙ ۽ ٿورو سلاد هو.
هاڻي هن جي بک جنگ کٽي ورتي. هن پنهنجي ڀرسان پيل
اخبار جو ٽڪر کنيو ۽ اڇلايل کاڌي مان نان، برياني،
سلاد ۽ ڪجهه هڏا کڻي اخبار تي رکيا. بک جي شدت کان
هن جو هٿ اخبار جي پني کان هن جي وات ڏانهن تڪڙو
کڄڻ لڳا ۽ هن جون ڄاڙيون تڪڙيون تڪڙيون هلڻ لڳيون.
هو پني تي پيل سمورو کاڌو کائي ويو. هاڻي هن اخبار
جي ٽڪر ڏي نهاريو. اخبار تي هڪ تصوير ڇپيل هئي. هن
غور سان ڏٺو. هن سڃاتو ته اها صدر جي تصوير هئي.
بچيل پني جي خبر جو ٿلهن اکرن م سرو هو، ”ڪو به
بکيو نه رهندو“ صدر.
ڊنر تي صدر تقرير ڪندي فرمايو ته، ”مان حڪومت
طرفان خوشيءَ سان اعلان ٿو ڪريان ته اسان جي ملڪ ۾
نه بکيو رهندو ۽ نه بکيو سمهندو.“ عبدوءَ کان رڙ
نڪري ويئي، ”ڪوڙو ڪوڙي جو پٽ.“(24)
جنهن ملڪ ۾ ماڻهن کي بنيادي حقن کان وانجهيل رکيو
وڃي انهن کي زندگيءَ جون بنيادي سهولتون ميسر نه
هجن ته پوءِ اهي يا ته باغي ٿي وڃن ٿا يا وري
اٻوجهن جيان زندگي گهارين ٿا.
برک ڏاهو ۽ اديب مسلم شميم، اياز حسين قادري جي فن
تي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته،
"ان کے
افسانون مین
ماورائیت
اور تجریدیت
کی
بجا انسان، سماج شاعر زندگی
کی
تصویر
کشی
اور ترجمانی
ملتی
ہے-
اس کے
ساتہہ فن کی
معیار
اجمال کو ان کی
یہان
خصوصی
اہمیت
حاصل ہے
جو فن پارے
کو ادبی
معیارات
سے
وابستہ رکہتا ہے۔
وہ دل درد مند اور دیدہ
بیدار
رکہنے
والی
تخلیقکار
تہے۔
ان کی
تخلیقات
مین
اندرونی
معاشرے
میں
موجودنا ہمواری
انسان کے
درپیش
مسائل ومصائب کا جمالیاتی
اظہار بڑے
توانا انداز میں
ملتا ہے-"(25)
مجموعي
طورتي
اياز حسين قادري پنهنجي ڪهاڻين ۾ سماج جي گندي ۽
غليظ شڪل کي ظاهر ڪيو آهي، جتي انسان ۽ انسانيت جو
قدر ڪونهي. انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿين ٿيون.
اياز قادري جي اها ڪوشش رهي ته ماڻهن ۾ اهو احساس
پيدا ڪري ته، ”انسان اشرف المخلوقات آهي. انسان جي
عظمت پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. انهيءَ ڪري ظلم
سهڻ به ايڏو ئي وڏو جرم آهي جيڏو ظلم ڪرڻ. اياز
قادري پنهنجي پڙهندڙن کي اهو پيغام ڏيئي ٿو ته
ڏاڍ، جبر، ڏهڪاءُ ۽ سماجي اڻبرابري خلاف گڏيل
جاکوڙ ڪئي وڃي ۽ غريبن جا حق بحال ٿين.
حوالا
1.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادب جي تاريخ،
ڪاٺياواڙ اسٽور لاڙڪاڻو، 1993ع،ص 406 ۽ 407.
2.
انور ابڙو، 20 صدي جا اديب، عالم ۽ شاعر (ڪالم)،
ڊاڪٽر اياز حسين قادري، عوامي آواز، 20 ڊسمبر
1997ع.
3.
خواجه غلام علي الانا، چونڊ سنڌي افسانا،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، 1974ع، ص ’ط‘.
4.
شمس الدين عرساڻي، آزادي کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب
جي اوسر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي،
ڄامشورو، 1982ع، ص 238 .
5.
ڊاڪٽر اياز حسين قادري، بلودادا (پيش لفظ) اسحاقيه
پرنٽنگ پريس، 1957ع، ص 20 .
6.
ڊاڪٽر اياز حسين قادري، بلودادا (پيش لفظ) اسحاقيه
پرنٽنگ پريس، 1957ع، ص 20.
7.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادب جي تاريخ،
ڪاٺياواڙ اسٽور لاڙڪاڻو، 1993ع، ص 411.
8.
ولي رام ولڀ ۽ ظفر حسن، آرسي نمبر 5، 1986ع، ص
276.
9.
قاضي خادم، بلودادا (هڪ جائزو)، ماهوار نئين
زندگي، جون 1987ع، ص 12.
10.
تاج بلوچ، مرڪندڙ چهري وارو شخص، (خاڪو) ماهوار
سوجهرو، سيپٽمبر 1999ع، ص 48.
11.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ، سنڌي ادب جو فڪري پس منظر، لطيف
چيئر ڪراچي يونيورسٽي، 2002ع، ص 362 ۽ 363.
12.
ڊاڪٽر اياز حسين قادري، بلودادا، ديباچو:
عبدالحليم جوش، مڪتبه اسحاقيه پرنٽنگ پريس، جون
1957ع، ص 12، 13 ۽ 15.
13.
عبدالحليم جوش (ديباچو) ڊاڪٽر اياز حسين قادري،
بلودادا، مڪتبه اسحاقيه پرنٽنگ پريس، جون 1957ع، ص
25 ۽ 26.
14.
ڊاڪٽر اياز حسين قادري، بلودادا، افسانو: مان
انسان آهيان، مڪتبه اسحاقيه پرنٽنگ پريس، جون
1957ع، ص 42.
15.
ڊاڪٽر اياز حسين قادري، بلودادا. مڪتبه اسحاقيه
پرنٽنگ پريس، 1957ع، ص 20.
16.
عبدالحيلم جوش کان هڪ انٽرويو، انٽرويو وٺندڙ:
ناهيد نواز، تاريخ: 29 سيپٽمبر 2002ع.
17.
محمد علي پٺاڻ، موت کي مات، قادري خاندان جي 200
سالا خدمتن کي ڀيٽا، سوونيئر: ايڊيٽر: ذوالفقار
قادري، لاڙڪاڻو، 2001ع.
18.
ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪهاڻي هر دور جي، ماهوار
سهڻي، آڪٽوبر 1990ع، ص 46.
19.
ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪهاڻي هر دور جي، ماهوار
سهڻي، آڪٽوبر 1990ع، ص 46.
20.
ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪهاڻي هر دور جي، ماهوار
سهڻي، ڊسمبر 1991ع، ص 46.
21.
ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪهاڻي هر دور جي، ماهوار
سهڻي، ڊسمبر 1991ع، ص 46.
22.
ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪهاڻي هر دور جي، ماهوار
سهڻي، ڊسمبر 1991ع، ص 46.
23.
ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪهاڻي هر دور جي، ماهوار
سهڻي، ڊسمبر 1991ع، ص 46.
24.
ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪهاڻي هر دور جي، ماهوار
سهڻي، ڊسمبر 1991ع، ص 46.
25.
مسلم شميم، جن سي ملکر زندگي عشق
ہوجائے
وه لوگ (ايک تاثر)
قادري خاندان جي 200 سالا خدمتن کي ڀيٽا، ايڊيٽر:
ذوالفقار قادري، 2001ع، لاڙڪاڻو،
ص 39. |