سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2012ع

مضمون

صفحو :7

تحقيق: بي.ڊي. ميرچنداڻي

ترجمو: غلام محمد لاکو

 

ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ سنڌي قبيلا

بي.ڊي.ميرچنداڻي، انڊين سِول سروس ۾ آفيسر ٿي رهيو. ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي ويو، جتي هن چوهتر سالن جي ڄمار ۾ 1- ڊسمبر 1980ع تي وفات ڪئي. مير چنداڻي، سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي جرنل لاءِ ڪيئي مضمون لکيا. هن هندستان جي اڪثر نامور رسالن ۾ پڻ مقالا لکيا. هن جون اڪثر لکتون سنڌ جي تاريخ سان تعلق رکن ٿيون. سندس وفات کان پوءِ هن جي ڀيڻ مسز سرسوتي گلراجاڻي، مير چنداڻي صاحب جي انگريزي مضمونن جو هڪ ڪتاب: ”گلمپسز آف اينشنٽ سنڌ“ نالي سان ڇپايو. هي مضمون سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي جرنل آڪٽوبر 1945ع (جلد ستون، حصو چوٿون) ۾ ڇپيو هو. مضمون مختصر مگر معلوماتي آهي، ان ڪري ان جو سنڌي ترجمو پيش ڪجي ٿو.

شايد ئي هندستان جي ٻئي ڪنهن به حصي، ذات يا برادري سرشتي کي برجستگيءَ سان محفوظ ڪيو آهي، جيترو ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ ٿيو آهي. گجرات ۾ اهڙين ذاتين جو انگ 300 کان به مٿي آهي، جي يا ته هڪ ٻئي سان کائيندا نه آهن، يا وري پاڻ ۾ شاديون نه ڪندا آهن. پر جي ذاتين جي پاڻ ۾ وڌيڪ تقسيم کي نظر ۾ رکجي، اهي پاڻ ۾ گڏ کائيندا به هجن، پر اهي پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون نه ٿا ڪن ته، پوءِ ته تعداد اڃا به وڌي ويندو. هن صورت حال جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا. نين آبادين جي صورت ۾ نيون ذاتيون وجود ۾ اچي رهيون آهن، ان جو وڏو سبب هڪ غير هندو ٻاهران ايندڙ ۽ ٻيو اصلي قبيلن (اصل رهاڪن) جو برهمڻي تهه ۾ ڇپيل هجڻ آهي. جڏهن هڪ نئين برادري برهمڻ ازم کي قبول ڪري ٿي، تڏهن ان کي اڳ موجود برداري پاڻ ۾ جذب نه ٿي ڪري، پر پاڻ مرادو اها هڪ ذات جي صورت وٺي ٿي ۽ ڪڏهن ته اهي ڪيئي ذاتين ۾ تقسيم ٿي وڃن ٿا. ائين ٿيڻ جو پس منظر يا ته ذات برادري آهي يا وري وڻج واپار. اهي ذاتيون ڪجهه وقت کان پوءِ پاڻ ۾ ميل ملاقات به ختم ڪري ڇڏين ٿيون. لڏپلاڻ به ذاتين جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. اتر هندستان کان گجرات، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ طرف لڳاتار لڏپلاڻ به اهم عنصر آهي. خاص ڪري مارواڙ، سنڌ ۽ هندستان جي ٻين علائقن کان به ماڻهو هن طرف اچن ٿا. هن مضمون ۾ منهنجو مقصد اهڙين ذاتين ۽ قبيلن بابت گفتگو ڪرڻ آهي، جي سنڌ مان اچي هتي آباد ٿيا آهن.

برهمڻن جي ڪيئي ذاتين مان صرف سر سوت (سارسوت) جي سنڌ ۾ به ملن ٿا، ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته پنجاب مان سنڌ کان ٿيندا گجرات پهتا آهن. هن ذات جو نالو وڃايل سرسوتي درياه مان اخذ ڪيل آهي. پنجاب ۾ هنن جي اڪثريت آهي، جتي برهمڻن ۾ انهن جي پهرين حيثيت آهي. سندن خانداني ديوتا سرسوتي آهي، جو پنجاب ۾ انهن جي عبادت جو مکيه مرڪز آهي. ڏسجي ٿو ته انهن جا سرپرست لوهاڻا ۽ کتري پنجاب ڇڏي، ڏکڻ طرف وڌيا تڏهن سرسوت به هن طرف لڏي آيا.

راجپوت، جاڙيجا، چوڙاسمان ۽ پرمار سنڌ مان لڏي آيا. فوربس جي ”راس مالا“ موجب، اٽڪل روءِ 2000 سال اڳ ڏڪر سبب، سوڍا پرمار پارڪر مان لڏي ڪاٺياواڙ ۾ اچي آباد ٿيا. ماهي ڪنٺا وٽ اڄ به پرمارن جون ٻه سرداريون دنت (دانت) ۽ سڌاشڻ (سوداسنا) قائم آهن. اهي 1050ع ڌاري ٺٽي مان مسلمانن جي دَٻاءَ سبب نڪتا هئا. ڪڇ جا پرمار، پرمارن جي ننڍي ذات سوڍا، ڏسجي ٿو ته اهي پڻ سنڌ مان آيا هئا. اهي گهڻو ڪري اتر ڪڇ ۾ آباد آهن ۽ ڪي رڻ ڪڇ جي ٻيٽ ۾ به رهن ٿا. انهن مان ٿورا هاري ۽ اڪثر ڌنار آهن. انهن جو ڪڇ سان وڏو تعلق، مکيه جاڙيجا ۽ مسلمان ذاتين سان، پنهنجين نياڻين جي شاديءَ جي ذريعي جڙيل آهي. سوڍن جون ڇوڪريون ڏاڍيون خوبصورت ۽ گهر ڌڃاڻيون آهن.

سمان راجپوتن ۾ جاڙيجا مکيه هندو جاتي آهن. سمن راجپوتن سنڌ تي راڄ ڪيو، جن ڪيئي ڀيرا سومرن جي ظلمن کان بچڻ لاءِ لڏپلاڻ ڪئي. هن ذات جا حڪمران خاندان ڪڇ، نواننگر، گوندل، ڌرول، راج ڪوٽ، ۽ ڪاٺياواڙ ۾ ماروي ماڳن سان تعلق رکن ٿا. سندن روايتن موجب ڪڇ جي سمن 1350ع ڌاري جاڙيجا لقب ان ڪري اختيار ڪيو، ڇو ته ٺٽي جي ڄام جاڙيجي کي ”لاکو“ نالي سان پٽ هو. چوڙا سمان، اصل ۾ سمان قبيلي جي شاخ آهن. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اهي ڏهين صدي عيسويءَ ڌاري، ڪڇ مان لڏي اچي ڪاٺياواڙ ۾ آباد ٿيا.

کتري وڏي تعداد ۾ ڪپڙي اڻڻ سان وابسته آهن. اهي وڏي پيماني تي سورت ۽ احمد آباد ۾ رهن ٿا ۽ انهن جو تعداد پنجاهه هزار کان مٿي آهي. اهي نسلي طرح برهمڻ کتري هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. انهن سورهين ۽ سترهين صديءَ ۾ سنڌ مان گجرات طرف لڏپلاڻ ڪئي. ڇو ته اتي يورپين پاران انهن جي ٺاهيل ڪپڙي جي گهڻي طلب هئي. ايسٽ انڊيا ڪمپني پاران سنڌ ۽ گجرات مان وڏي مقدار ۾ سوٽي ڪپڙو خريد ڪيو پي ويو. ڪپڙي جي خريداري مستقل جاري رکڻ لاءِ، ايسٽ انڊيا ڪمپني ٺٽي ۾ پنهنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي هئي. کترين جو سنڌ واسي هجڻ جو وڏو ثبوت هي آهي ته، انهن جو ديوي مندر ”هنگلاج“ لس ٻيلي ۾ يعني سنڌ جي اولاهين سرحد تي قائم آهي.

ڪاٺيا، جن جو تعداد 3000 ٿيندو، اهي هڪ اندازي موجب مرڪزي ايشيا جي رولو قبيلن مان هڪ آهن(1). مسلمانن جي لڳاتار حملن سبب اهي، لاڙ واري علائقي ڏي لڏي آيا. انهن جي سنڌ ۾ ڪا مستقل آبادي (بستي) نه رهي. ڪرنل والڪر موجب انهن پاڻ کي سنڌ ۽ ڪڇ جي ٿر واري علائقي ۾ محدود رکيو هو. فوربس جي ”راس مالا“ موجب ڪاٺيا، اصل ۾ سنڌ جي سومرن حاڪمن جا نائب هئا. سومرا جڏهن انهن کان ناراض ٿيا، تڏهن انهن جي نيڪاليءَ جو حڪم ڏنائون. تسليم ڪيو ٿو وڃي ته 1400ع ڌاري اهي اڃا به ڏکڻ ڏي يعني ڪاٺياواڙ ڏي هليا ويا. ڪرنل جي. ڊبليو. واٽسن موجب اشوريا جي ڪتبي موجب کٽي ۽ توريت موجب هٽيز (هٽي) آهن

سنگهار، مسلمان توڙي هندو، 500 جي تعداد ۾ ٿيندا ۽ اهي ڪڇ جي نارجي سامونڊي ڪنارن سان رهن ٿا. اهي نوان ننگر رياست جي ڪجهه ننڍن شهرن ۾ به موجود آهن. اهي سنڌي راجپوت تسليم ڪيا وڃن ٿا. جي جاڙيجن سان ڪڇ ڏي ويا هئا. صدين تائين انهن جو ڌنڌو هندستان جي اتر- اولهه ڪنارن (سامونڊي) ۾ ڦرلٽ هو. اوڻيهين صديءَ جي اچڻ بعد انهن جي ڦرلٽ واري ڌندي کي ڪچليو ويو هو. مون اڳ ۾ ئي هڪ مضمون (جرنل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي) ۾ سنگهارن جي ڦرلٽ جهڙين سرگرمين تي تفصيل سان لکيو آهي.

لوهاڻا، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ آباد آهن. اصل ۾ راٺوڙ راجپوت، جن کي پنجاب جي مسلمانن ڊوڙائي سنڌ طرف ڌڪي ڇڏيو. تيرهين صدي عيسويءَ کان پوءِ انهن ڪڇ طرف رخ ڪيو. انهن جو خانداني ”ديوتا“ سرسوت برهمڻ آهن. هڪ بيان موجب ملتان جي ڀر ۾ لوهن پوريا لوهاڪوٽ جي نسبت سان، اهي لوهاڻا سڏجڻ ۾ آيا. ٻي روايت موجب اهي ”لوهاڻا“ ته سنڌ تي مسلمان حملن کان به اڳ موجود هئا. ڪتاب ”چچ نامه“ موجب چچ جي دور ۾، برهمڻ آباد جو گورنر اگهم لوهاڻو هو. ڪڇ جا ڪجهه لوهاڻا مسلمان ٿي ميمڻ بنجي ويا. عالمن ۾ لوهاڻن جي اصل وطن تي گهڻو بحث هلندڙ آهي. شايد انهن جو اصل وطن افغانستان هجي.

ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ موجود ”ڀنسالي“ به، ڏسجي ٿو ته سنڌ مان آيا هئا. انهن جو خانداني پوڄا مرڪز ”سوسوته“ ۽ لس ٻيلي بلوچستان ۾ سندن خانداني ”ديوتا“ هنگلاج ماتا آهي.

ڀاٽيه، گهڻو ڪري ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ آهن. انهن مان اڪثر بمبئي لڏي ويا آهن، جتي جي ڪاروباري زندگيءَ ۾ انهن جو اهم ڪردار آهي. ڀٽي راجپوت هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. اهي ڀٽي يا ڀاٽيه جيسلمير ۾ حاڪم هجڻ واري ذات سان تعلق رکن ٿا. پر مسلمان ڀٽي: ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا. سنڌ ۾ اهي شڪارپور سان تعلق رکندڙ گهڻو مشهور واپاري آهن. ڀاٽيه اصل ۾ پنجاب جا آهن. محمود غزنويءَ جي ڪاهن وقت، ڀاٽيا يا وري جهلم جي کاٻي ڪناري تي ڀيره وٽ، ڀاٽين جي مضبوط حڪومت هئي. شايد انهن حملن وقت ڀاٽين ڀڄي اچي ڏکڻ ۾ سنڌ، ۽ ٿر ۾ پناهه ورتي. سنڌ مان ئي اهي لڏي اچي ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ آباد ٿيا.

 

بلونت گارگي/ يوسف سنڌي
 

هتي منٽو دفن آهي

 

(نوٽ: سعادت حسين منٽو تي هيءُ خاڪو هندستان جي ناليواري پنجابي ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار بلونت گارگي جي مشهور ڪتاب ”حسين چهري“

تان ترجمو ڪيو ويو آهي- مترجم

 

منٽو جو نالو مون پهريون ڀيرو 1944ع ۾ انهيءَ وقت ٻڌو، جڏهن آئون نوڪري جي ڳولا ۾ پهريون ڀيرو دهلي آيو هئس. جنگ جي ڪري هر گريجويٽ ۽ پوسٽ گريجويٽ کي ڀرتي ڪيو پي ويو. آئون به آل انڊيا ريڊيو ۾ جنگ جون خبرون ٻڌائڻ واري شعبي ۾ ماهوار ٻن سئو رپين تي ڀرتي ٿي ويس. اسين ڇهه ڄڻا هڪ وڏي ڪمري ۾ ويهي، اڌ ڪلاڪ خبرن جي ترجمي ڪرڻ ۽ ڏهه منٽ اهي نشر ڪرڻ ۾ لڳائيندا هئاسين. باقي سڄو وقت ڊاڙون ڊشون هڻندا رهندا هئاسين، پر آرمي جي حڪم موجب اسين ٻاهر نڪري نٿي سگهياسين.

اسين اڪثر ڪري در پُوري هڪٻئي کي لطيفا ٻڌائيندا هئاسين. هري سنگهه ادبي ۽ سياسي دلچسپ واقعا ٻڌائيندو هو ته ڪڏهن وري ميز تي چڙهي نچڻ لڳندو هو. ۽ اسين سڀئي هڪئي وقت رڌم ۾ تاڙيون وڄائيندا هئاسين، پر انهيءَ سڄي خرمستي جو رنگ رنگ ادبي هوندو هئو.

سياري جي مند ۾ ٻاهر هلڪي رمجهم پئجي رهي هئي. دلين تي عجيب ويراني ڇانئيل، چڊو موڪل وٺي شراب، پيئڻ هليو ويو، اسين بي سکائي جو شڪار ٿيا ويٺا هئاسين، ڪنهن به شئي ۾ دِل نٿي لڳيسين، وڃڻ مهل چڊو ادب لطيف جو ”افسانا نمبر“ ڇڏي ويو. آئون کڻي پنا ورائڻ لڳس، انهيءَ ۾ ڪرشن چندر جي مشهور ڪهاڻي ان داتا هئي، جيڪا بنگال جي ڪاري ڏڪار تي لکيل آهي، انهيءَ ڊگهي ڪهاڻي کي ڏهه ٻارنهن صفحا پڙهي ڇڏي ڏنم، پوءِ ٻين اديبن جي ڪهاڻين تي نظر وڌم، پر ڪو اتساهه پيدا نه ٿيو، اوچتو منهنجي نظر سعادت حسين منٽو جي نالي تي پئي. ڏاڍو عجيب نالو هو، منٽو... جيئن لارڊ منٽو يا نيٽو... يا ومٽو... گهڻو نقلي ۽ مزاحيه نالو... پوءِ ڪهاڻي جو نالو پڙهيم ”بوءِ!“

ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪيم ته هڪئي وهڪري ۾ سڄي ڪهاڻي پڙهي پوري ڪيم. ڇا ته ڪهاڻي هئي. لفظ لفظ خوبصورت، ڪهاڻيءَ جي ڪردارن جا روحاني ۽ جسماني رشتا بي حد چٽا ۽ جادو ڀريل هئا. مون کي اڃا تائين انهيءَ ڪهاڻي جا جملا، تشبيهون ۽ ساهن جو بيان ياد آهي. انهيءَ جو ايترو ته اثر ٿيو. جو خبر ئي نه پيم ته پنج ٿي چڪا آهن ۽ منهنجا سنگتي گهر وڃڻ جي لاءِ اٿي کڙا ٿيا آهن.

ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ مون پهريون ڀيرو اردو ادب جي باري ۾ ڍنگ سان سوچيو. اڳ ۾ منهنجون ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون پڙهيل هيون، جن جو پسمنظر ڪشمير هو، جن ۾ پيار ۽ غريبيءَ جي تڙپ هئي. ٻين اديبن جي ڪهاڻين پڙهڻ جو موقعو به مليو هئم، پر سڀني کي پڙهي ايئن محسوس ٿيو ته اهڙي ڪهاڻي ته  آئون به لکي سگهان ٿو، پر جڏهن منٽو کي پڙهيم ته محسوس ٿيو ته آئون اهڙي ڪهاڻي لکي نٿو سگهان. ڪاش! آئون اهڙي انوکي ۽ اعليٰ معيار جي ڪهاڻي لکي سگهان. نه، آئون ايڏي عظيم ڪهاڻي لکي نٿي سگهيس.

منٽو منهنجي لاءِ ڪهاڻيءَ جو آدرش بنجي ويو.

هڪ ڏينهن اوچتو مانجهاندي کانپوءِ آفيس جو پٽيوالو منهنجي ميز تي هڪ لفافو رکي ويو. الائجي ڇو، مون کي انهيءَ لفافي ۾ ڪو خطرو نظر آيو، ڪو سنگين ڏوهه، ڪو پريشان ڪندڙ نياپو. لفافو کولڻ کان اڳ واري بدلي مون کي اڃا سوڌي ياد آهي. لفافو کوليم، مون کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو هو. آئون لفافو کڻي مئنيجر بخشيءَ وٽ ويس. هن چيو ته اسين ڪو سبب ٻڌائڻ جي لاءِ تيار ناهيون. هيءَ وٺ مهيني جي ايڊوانس پگهار ۽ منهنجي نوڪري تان ڪڍڻ جو سبب اهو هو ته حڪومت منهنجي گذريل سرگرمين جي ڇنڊڇاڻ، ڳجهي پوليس جي ذريعي مڪمل ڪري ورتي هئي. هنن کي خبر پئي ته مون کي 1942ع جي آزادي جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو. مون کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ جو اهو سبب ڪافي هو.

مون ڪمري ۾ وڃي سنگتين کي اها خبر ٻڌائي، همدرديءَ جي ڪري هڪ هنڌي ليکڪ روئڻ لڳو. مون پگهار جي پئسن مان هڪ ڪڙڪ نوٽ ڪڍيو ۽ سڀني جي لاءِ چانهه ۽ پيسٽرين جو آرڊر ڏنم.

چڊي انهي ننڍڙي الوداعي تقريب جي صدارت ڪندي پنهنجي خاص انداز ۾ چيو. ”اوءِ الئو جا پٺئو! اوهين سڀ هتي سرڪار جي غلامي ڪندا رهندا ۽ هيءُ پکي آزاد ٿي ويو.“

وڃڻ مهل هن مون کي منٽوءَ جي ڪهاڻي جو ڪتاب سوکڙي طور ڏنو. هو خود دهلي ريڊيو اسٽيشن تي منٽوءَ سان گڏ ڪم ڪري چڪو هو ۽ اڪثر ڪري منٽوءَ جون ڳالهيون ڪندو رهندو هو. هو چوندو هو. منٽو سڀني جو پيءُ هو، هتي ٻه سال نوڪري ڪري دهلي هليو ويو ۽ پنهنجي پويان هڪ سؤ ڊراما ۽ فيچر ڇڏي ويو. اهو اوپندر ناٿ اشڪ سڄي عمر ساڻس سنگت رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پر منٽو کيس ويجهو اچڻ ئي نه ڏنو.

مون کي انهي وقت به انهي ڳالهه جو احساس هو ته منٽو هڪ انوکو ادبي معجزو آهي. مون کي خبر هئي ته ڪجهه وقت کانپوءِ ماڻهو پڇندا ته منٽو ڪهڙي ڪيفي ٽيريا ۾ ويهندو هو، ڪٿي رهندو هو، ڪهڙي قسم جي پين استعمال ڪندو هو. ريڊيو اسٽيشن جي ڪهڙي ڪمري ۾ ويهي لکندو هو.

انهن ڏينهن ۾ آئون منٽو سان گڏ ڪم ڪندڙن سان گڏيس، ۽ هن بابت ننڍي وڏي معلومات گڏ ڪيم. ريڊيو اسٽيشن جي ماڙي صنوبر خان جي ريسٽورنٽ هئي، جتي هو چانهه پيئڻ ويندو هو، منٽو ٿيلهي ۾ اردو جو ننڍو ٽائپ رائٽر کڻي ريڊيو اسٽيشن تي ايندو هو ۽ سڌو ٽائيپ رائٽر تي ئي ڊرامو لکي ڏيندو هو، کيس پنهنجي فن تي وڏو ناز هو، ڪيترائي ڀيرا هو شرط هڻي ڊرامو لکندو هو. هڪ ڀيري هن دوستن جي سامهون اعلان ڪيو ته هو ڪوبه نالو يا عنوان تجويز ڪن، هو انهيءَ تي ڊرامو لکي ڏيندو. شرط ٻه ڊزن بيئر جون بوتلون هيون.

هڪ دوست چيو ”ڪبوتري، لک انهي تي ڊرامو، منٽوءَ ٽائپ رائٽر ۾ ڪاغذ وڌو ۽ ڪبوتري ۽ ڊرامو لکي ورتو، جيڪو گهڻو مشهور ٿيو، هڪ ڀيري هو دوستن سان ڊرامي تي شرط هڻي رهيو هو ته ڪنهن ڪمري ۾ گهڙندي چيو ”ڇا آئون اندر اچي سگهان ٿو؟ ٻي ڄڻي چيو ”منٽو مزو ته تڏهن ايندو، جڏهن تون انهيءَ عنوان تي ئي ڊرامو لکندين ۽ بيئر جي بوتلن جو شرط لڳي ويو. ”منٽو“ ڇا آئون اندر اچي سگهان ٿو“ تي ڊرامو لکي ورتو.

هڪ ڀيري ڪنهن ليکڪ ريڊيو تي پنهنجو پروگرام منسوخ ڪري ڇڏيو. چوڌاري ٻڙڌڪ مچي ويو، انهي پروگرام کي ڪيئن پورو ڪجي. منٽوءَ کي چيو ويو ته هو ڪو فيچر يا ڊرامو لکي ڏي. هن ڪاوڙ ۾ ڦوڪجي چيو، آئون نٿو لکي سگهان. مشين کي به وقت کپي، ۽ کيس گهڻي منٿ ميڙ ڪئي ويئي. هڪ دوست ٽائپ رائٽر کولي انهيءَ ۾ ڪاغذ وڌو ۽ منٽوءَ کي چيو يار لکي ڏي ته اسين ٻاهر ويهي انتظار ٿا ڪريون. منٽو ٿوري دير ٽائپ رائٽر جي سامهون ويٺو رهيو ۽ ڪاغذ کي گهوريندو رهيو ۽ پوءِ هن انتظار تخليق ڪيو.

اهو ڊرامو منٽوءَ جي بهترين ڊرامن مان هڪ آهي.

ريڊيو اسٽيشن جي هڪ ڊئريڪٽر آڏواڻي منٽوءَ جي ڪنهن ڊرامي جي هڪ جملي تي اعتراض ڪيو ۽ اهو بدلائڻ جي لاءِ چيو (انهن ڏينهن اي، ايس، بخاري ڊائريڪٽر جنرل هو ۽ آڏواڻي جو ڪافي اثر رسوخ به هو ۽ ڪافي دلير ڊائريڪٽر به هو) منٽوءَ ڀريل محفل ۾ چيو ”آڏواڻي صاحب کي اردو ڊرامي لکڻ جي ڪهڙي خبر، کيس ته اردو ڊرامو پڙهڻ به ڪونه ٿو اچي! ابتو منهنجي ڊرامي مان غلطيون ڪڍڻ لڳندو آهي.“

آڏواڻي ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو. هن منٽوءَ خلاف ڪارروائي ڪرڻ چاهي. ڳالهه بخاريءَ تائين وڃي پهتي. منٽوءَ بخاري کي چيو ”مون جيڪو چيو اهو صحيح آهي، جنهنجو نالو ئي آڏواڻي آهي، تنهن کي اردوءَ بابت ڪهڙي خبر.“

آئون دهلي هليو آيس، ڪجهه مهينا بيڪار ويهڻ کانپوءِ 1944ع ۾ منهنجو پنجابي ناٽڪ ”لوها ڪٽ“ ڇپيو ته لاهور اسٽيشن مون کي هڪ آرٽسٽ جي حيثيت سان نوڪري ڏني. هتي راجندر سنگهه بيدي ڪم ڪندو هو. دلڪش آواز جو جادو جاڳائيندڙ آپا شيما (موهني داس) هئي. امتياز علي تاج ۽ رفيع احمد پير ڊراما پروڊيوسر ڪندا هئا. ملڪه پکهراج ريڊيو تي ويٺي پان ۽ سوپاريون چٻاڙيندي رهندي هئي. واهه جو تخليقي ماحول هو. انهن محفلن ۾ اڪثر منٽوءَ جو ذڪر پيو ٿيندو هو.

لاهور جي اردو رسالي ادب لطيف جو ايڊيٽر ۽ پبلشر نذير احمد هو. نذير احمد پنجاب جي ڪنهن ڳوٺ جو آرائين هو، جتي کيس نذيرا چوندا هئا، چار درجا پڙهيل، وچولي قد جو ٿلهيرڙو، چمڪندڙ ڏند ۽ هو نج پنجابي ڳالهائيندو هو. هن پنهنجي چاچي برڪت علي سان گڏجي مڪتبه اردوءَ جو بنياد رکيو. جيڪو سڄي هندستان جو سڀني کان وڏو ۽ مشهور پبلشنگ هائوس بنجي ويو. هو نذير مان نذير احمد ۽ پوءِ چوڌري نذير احمد بنجي ويو.

نذير احمد پاڻ ئي هر ڪهاڻي پڙهندو ۽ جانچيندو هو، پر منٽو واحد اديب هو، جنهن جي ڪهاڻيءَ جي لاءِ اڪثر ڪري پنهنجو پرچو شايع ڪرڻ ۾ دير ڪندو هو. هو منٽوءَ کي خط لکندو هو. ٽيليگرام موڪليندو هو ۽ جڏهن بمبئي مان منٽوءَ جي ڪهاڻي ايندي هئي ته خوشيءَ مان ٽهڪ ڏيندو هو ۽ چوندو هو ”هاڻ منهنجو پرچو مڪمل ٿي ويو ۽ جڏهن منٽوءَ جي ڪهاڻي ”بو“ ڇپي ته انهي تي فحاشي جو ڪيس هليو ته کيس ڪيس جي تاريخ تي لاهور اچڻو پيو.

 ضلعي جي سيشن ڪورٽ ۾ ڪيترائي اديب ۽ ليکڪ، هن جي حق ۾ شاهدي ڏيڻ جي لاءِ ويا. مون پهريون ڀيرو کيس اتي ڏٺو. سنهڙو ڊگهو جسم، موڪري پيشاني، ڪشميري تراشيل نڪ ۽ اکين تي چشمو، کيس شيرواني، لٺي جي سلوار ۽ ذريءَ جو جوتو پاتل هئس. ڪنڌ غرور سبب مٿي، هن لاپرواهي سان اسان کي ڏٺو. هو عصمت چغتائي سان گڏ بيٺو هو. اسين سڀ عدالت جي اردليءَ جي آواز جي اوسيئڙي ۾ بيٺا هئاسين، پروفيسر ڪنهيا لال ڪپور اسان سڀني جو تعارف ڪرايو، پر منٽوءَ جي وات مان مهرباني جو ڪو روايتي لفظ به نه نڪتو، نه ئي وري ڪنهن به قسم جي خوشيءَ جو اظهار ڪيائين، ايتري ۾ چوڌري نذير تڪڙو آيو ”لو! سڏ ٿيو آهي“ ليکڪن جو اهو جٿو جج جي ڪمري ۾ گهڙيو ۽ بو جي فني پهلوئن کي اجاگر ڪندي بيان ڏنا ۽ چيو ته انهيءَ ۾ ڪابه اعتراض جوڳي ڳالهه ڪونهي، پر اهو ته ادبي شاهڪار آهي.

پنجابي اديبن مان سڀني کان وڏو سردار گر بخش سنگهه پريت لڙي وارو هو، جنهن خود پيار جون ڪهاڻيون لکيون هيون ۽ سماجي بغاوت جو علم بلند ڪيو هو. جڏهن کيس منٽوءَ جي ڪهاڻي جي حق ۾ شاهدي ڏيڻ جي لاءِ چيو ويو ته هن اهو چئي انڪار ڪيو ته اها فحش ڪهاڻي آهي، جڏهن اها ڳالهه عصمت ۽ منٽوءَ کي معلوم ٿي ته هو ڏاڍا حيران ٿيا. منٽوءَ چيو حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته پنجابيءَ ۾ اهڙا اديب به موجود آهن. انهي زبان ۽ ادب جو الله ئي مالڪ آهي.

شاهديون ٿيون، جج ايندڙ شنوائي جي تاريخ مقرر ڪئي. سيشن ڪورٽ جي ماحول مان منٽوءَ جي طبيعت بيزار ٿي پئي.  ٽٽل ڦٽل بئنچون، لوهه جون ڪرسيون، مٽي، وڪيلن ۽ منشين جي قانوني سوديبازي، عجيب گهٻراهٽ ۽ پريشاني سبب ليکڪ ڄڻ ڏوهاري نظر اچي رهيا هئا.

منٽوءَ چيو نذير، آئون گهر ويندس. ٽانگو گهرائي ڏي. ۽ ٽانگو آيو ته منٽو انهي ۾ چڙهي ويٺو.

”ٻي ڪنهن کي هلڻو آهي؟ فقط هڪ!“

آئون ويجهو بيٺو هئس، اڳيان وڌيس ۽ بيهي رهيس، منٽو ٽنگون پکيڙي پوئين سيٽ تي ويٺو هو، رستي ۾ هڪ اڌ ڳالهه ٿي.

هن چيو: ”هيءُ همراهه مون کي هروڀرو هيرو پيا بنائين. مون کي جيل کان ڊپ ٿو ٿئي. هر ڀيري بمبئي مان هتي اچڻ بي حد ڏکيو ۽ مهانگو آهي. اهو ئي ڏوهه ڪافي آهي. فلم جي ڪهاڻي جو اسڪرين پلي تيار ڪري رهيو هئس. جو چوڌريءَ جي ٽيليگرام اچي پهتي... تون ڇا ڪندو آهين؟

مون کيس پاڻ بابت ٿورو ٻڌايو. هن جو مون تي ڪافي رعب هو، نيري گنبذ وٽ پهچي آئون لهي ويس. هو چوڻ لڳو، آئون سڌو گهر ويندس. صفيه پڻ آيل آهي. مون کي وڃي چوڌري جي لاءِ افسانو پورو ڪرڻو آهي. ۽ پوءِ هڪدم چيائين شام جو تون مون وٽ اچج. تيستائين افسانو ختم ڪري وٺندس. ۽ هو مون کي ڇڏي هليو ويو.

سندس وڃڻ کان پوءِ مون انهيءَ سڄي واقعي جو جائزو ورتو. هن جو آواز سنهو ۽ گرم هو، جنهن ۾ سندس شخصيت جي سڄي ڪوساڻ شامل هئي. اهو آواز نه اڳواڻن جهڙو ۽ نه ئي وري درويشن جهڙو هو، انهي ۾ بي تابي ۽ دعوت هئي. هو مون سان پنجابيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو. شام جو آئون منٽوءَ سان ملڻ ويس... هو فيروز شاهه جي علائقي ۾ ڪنهن مائٽ وٽ ٽڪيل هو، نوڪر اچي ٻڌايو ته آئون ڊرائنگ روم ۾ ويهان، ڇو ته منٽو صاحب ڪهاڻي لکڻ ۾ مصروف آهي. هيءَ اها ئي ڪهاڻي هئي جيڪا ادب لطيف ۾ ”راج بهيا“ جي نالي سان ڇپي. پوءِ ميرا نام رادها هي جي نالي سان ڇپي. انهيءَ ۾ هن پرٿوي راج ڪپور جي نج پڻي جو مذاق اڏايو هو. ڏهن منٽن کان پوءِ منٽو ڀرواري ڪمري مان نڪتو ۽ پرجوش لهجي ۾ پڇيو چانهه پيئندين.

پوءِ هن سڏ ڪيو. ”صفيه! ڇا پئي ڪرين...؟ هيڏانهن اچ! هن جي زال آئي. منٽوءَ تعارف ڪرايو، ايتري ۾ ڪجهه ٻيا اديب آيا، چوڌري نذير به اچي ويو. ڪنهن جي گهر محفل هئي، هو منٽوءَ کي وٺڻ  آيو هو. منٽوءَ مون کي چيو چڱو! سڀاڻي ملاقات ڪنداسين... آئون مڪتبه اردو ۾ هوندس.

منٽوءَ وٽ قلم نه پر تيز نشتر هو، جنهن سماج جي رڳن مان ڪنو رت ڪڍيو هو. هو حڪيم نه پر سرجن هو. هن جي تکي نظر ڊبل لينسز جو ڪم ڪندي هئي. هن جي بيان ۾ چاشني هئي. سڀني کي خبر هئي ته هو کانئن ڪافي سٺو ٿو لکي. سڀئي هن جي فن کي مڃيندا هئا. آئون منٽو سان ٻاهر مليس.

هو ”مڪتبه اردو“ ۾ ويٺو پنهنجي ڪتاب جي اشتهار جي لکت ڏسي رهيو هو، انهيءَ ۾ لکيل هو، منٽو هن دور جو سڀ کان وڏو افسانا نويس آهي. چيخوف جي برابر، جذبن کي اپيل ڪندڙ ۽ سحر انگيز، هن جا افسانا فن جي بلندين کي ڇهي رهيا آهن.

منٽوءَ چيو ”اڙي چوڌري! هيءَ ڪهڙي بڪواس لکي اٿئي، هن سڀ تعريفي جملا ڪٽي ڇڏيا ۽ ڪتاب جو اشتهار خود ئي بڻايو. جنهن ۾ لکيل هو، منٽو بڪواس ٿو لکي. ماڻهو منٽوءَ کي فحش چون ٿا. پر منٽوءَ کي هڪ ڀيرو پڙهڻ شروع ڪجي ٿو ته ڪهاڻي ختم ڪرڻ کان اڳ دل ئي نٿي ٿئي.

اشتهار ۾ بڪواس ۽ فحش جا لفظ وڏن اکرن ۾ هئا. اهي ڳالهيون جيڪي سندس مخالفن ٿي چاهيون، سي خود ئي هن لکي ڇڏيون ته جيئن انهن کي ڌڪ لڳي.

کيس مٺن لفظن، لکڻي ۽ رسمي جملن کان بي حد چڙ هوندي هئي. هڪ ڀيري ڪنهن وڏي هستيءَ سان منٽوءَ جي ملاقات ڪرائي ويئي هئي، ان همراهه چيو ”منٽو صاحب اوهان سان ملي بي حد خوشي ٿي.“

 منٽوءَ وراڻيو اوهان سان ملي مون کي ڪابه خوشي ناهي ٿي، اهو انداز اهو ڪڙو سچ، اهو ڇرڪائيندڙ جادو هن جي مزاج جو حصو هو.

چوڌري نذير ٻڌايو ته منٽو، ڪيلاش هوٽل ۾ آهي، هو چئي ويو آهي ته آئون اتي اچان، ڪيلاش هوٽل انارڪلي بازار ۾ آهي. ٽن منٽن جو سفر هو. آئون هوٽل جون ڏاڪڻيون چڙهي پهرين ماڙ تي پهتس. منٽو ٽن ڄڻن سان ويٺو شراب پي رهيو هو. مون کي ڏسي چيائين بس اجهو ٿا هلئون... تون پيئيندين.! ”نه“ مون وراڻيو.

هڪ اديب چيو: منٽو صاحب! اوهان جون ڪهاڻيون ته ڪمال جون آهن. هتڪ ۽ ڪالي شلوار ته شاهڪار آهن. ڪا به ايتري اعليٰ ڪهاڻي...

منٽو سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو ”بڪواس بند ڪر“، توکي شراب پيئڻو هو، سو پيتئي، هاڻ ٽر هتان.

آئون هٻڪي ويس. هو اٿي هليا ويا. منٽو چيو تنهنجو ئي اوسيئڙو ڪري رهيو هئس. هي ٽيئي حرامزادا پنهنجي ميز تان اٿي هيڏانهن هليا آيا... ٻه ٻه پيگ پي وڦلڻ لڳا... منهنجي واکاڻ ڪري ٽيون پيگ پيئڻ ٿي چاهيو.

اسين گڏجي هلڻ لڳاسين، رستي ۾ مون پڇيس ڪيڏانهن پيو هلجي؟

عبدالباريءَ وٽ.

مون کي ياد ڪونهي ته اسين عبدالباري جي گهر وياسين يا ڪنهن ٻي هنڌ ملاقات ٿي. آئون عبدالباريءَ کي ڪيترين ئي ادبي ۽ سياسي محفلن ۾ ڏسي چڪو هئس. هو سانوري رنگ جو صحافي هو ۽ سڄي دنيا جا حوالا ڏيئي ليڪچر ڏيندو هو. هن جا خشڪ ليڪچر ٻڌي مون کي هن سان ملڻ جي ڪا سڌ نه ٿي. پر منٽو کيس ڳولهيندو پيو وتندو هو. هن مون کي ٻڌايو ته عبدالباري سندس ادبي استاد آهي. اسين ٽيئي هڪ پشاوري ٽانگي ۾ ويٺاسين. آئون ۽ باري اڳيان ڪوچوان مان گڏ ۽ منٽو عادت موجب ذريءَ وارو جوتو پائي، پوئين سيٽ تي ٽنگون پکيڙي ويهي رهيو. ٽانگو مال روڊ تي هلڻ لڳو. جنرل پوسٽ آفيس وٽان لنگهي ٽانگو بيهي رهيو. باري هيٺ لٿو. منٽوءَ کيسي مان پرس ڪڍي هڪ سائو نوٽ ڪڍي کيس ڏنو. باري بولا ناٿ جي دوڪان تي ويو. اسين ٻيئي ٽانگي ۾ ويٺا رهياسين. ڏهه منٽ گذري ويا. منٽو بي تابيءَ مان چيو ”هي ڄٽ منهنجو وقت پيو وڃائي... هيتري دير؟ هيرا پيو خريدي ڇا؟“

 ايتري ۾ باري تکو تکو اچي ٽانگي ۾ ويٺو. هن جي هٿ ۾ جاني واڪر جي بوتل هئي. منٽوءَ پڇيو، ٺيڪ آهي. ”ها“ باري وراڻي ڏني.

ٽانگو ٻيهر ڊوڙڻ لڳو. اسين عجائب گهر ۽ گورنمينٽ ڪاليج کان ٿيندا راوي روڊ تي وڃي رهيا هئاسين. ڇا هي شوٽنگ جي لاءِ وڃي رهيا آهن. شام لڙي چڪي هئي. لائيٽون ٻرڻ لڳيون هيون. هي ڪيڏانهن پيا هلن؟ مون کي بلڪل خبر نه هئي ته ڪو هنن جي منزل هيرا منڊي آهي، جتي طوائف جي بازار آهي. شاهي مسجد جي ويجهو بازار ۾ ٽانگو بيٺو. باريءَ ٽانگي واري کي پئسا ڏنا ته اسين ٽيئي بازار حسن ۾ گهڙي پياسين. آئون اڳ ۾ ڪڏهن به هن پاسي نه آيو هئس. انهي جو سبب ڪو سٺي چال چلت نه هئي. مون کي هونئن به طوائفن ۽ دلالن جي پيشي کان ڊپ لڳندو هو. ننڍپڻ کان ئي منهنجي ذهن ۾ اهو ويٺل هو ته هي همراهه جهيڙاڪ ۽ پئسي جا پٽ هوندا آهن. ڪات ڪهاڙا هلن ٿا، انهي ڊپ جي پويان اڻ ڄاڻ دنيا ۾ پهريون قدم رکڻ جي سنسني ۽ ڏڪڻي لڪل هئي. پر ان وقت منٽو مون سان گڏ هو. تنهنڪري مون کي ڊپ نه پي لڳو، ڄڻ ڪنهن واڳونءَ جي پٺيءَ تي سوار ٿي درياءَ جو سير ڪري رهيو هجان.

بازار ۾ چمڪ ڌمڪ ۽ گهماگهمي هئي. شيخ ڪباب، پانن ۽ گلن جي هارن وارن ۽ تماشائين جو ميڙو متل هو، انهيءَ هل بکيڙي جي عجيب سراسرهٽ، خاموش اشارا ۽ گهوريندڙ نظرون هيون، ماٺ مٺيءَ ۾ سودي بازي ٿي رهي هئي.

مون ڏٺو ته باري هڪ پاسي بيٺو، ڪنهن پٺاڻ سان سُس پُس ڪري رهيو هو، پٺاڻ جي مهندي رڱيل رخسارن تي وڏيون مڇيون نظر اچي رهيون هيون، پوءِ ٻيئي اسان وٽ آيا ۽ باريءَ، طوائف جو اگهه مقرر ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي.

منٽوءَ ڪاوڙ مان وراڻيو ”اهو معاملو تون ئي نبيري وٺ، ڄٽ ڪٿي جا!“

منٽوءَ کي انهيءَ قسم جي سودي بازي خراب لڳندي هئي، ايتري ۾ باري ۽ پٺاڻ اچي ويا، پٺاڻ چيو ”هلو! هن ڪوٺيءَ تي سٺو مال موجود آهي.“

اسين چارئي ڏاڪڻيون چڙهي، بالڪونيءَ مان لنگهي ڪمري ۾ گهڙياسين ته هڪ پٺاڻ وئيشيا ويٺي هئي عمر لڳ ڀڳ 35 سال کن هيس، چهري تي ٿلها نقش ۽ وارن ۾ تيل لڳل هئس ۽ تيل لڳل وارن ۾ چنبيليءَ جا گل بدن تي ريشمي جهومر ڪندڙ قميص، سلڪ جي سلوار ۽ وات ۾ پان پيل هئس.

”اچو ويهو!“

پٺاڻ به گڏ ويهي رهيو، هن جي وڏين مڇين وارو ڳاڙهو چهرو نرم بڻجي ويو هو، هو بنهه چئيڪار ۽ نرم هو. هو ”بازار حسن“ جي انهيءَ اڏي جو چيف دلال هو.

منٽوءَ هڪ نظر سان انهيءَ وئيشيا جو جسم ڏٺو، هڪ نوڪر اچي ٽي گلاس رکي ويو. منٽوءَ چيو ”سوڊا گهرائي ۽ کائڻ جي لاءِ تڪا ڪباب تون ڇا پيئندين؟“

انهن ڏينهن آئون گوشت نه کائيندو هئس، هڪ ٻه ڀيرا کائڻ جي ڪوشش ڪيم پر چٻاڙيم ته رٻڙ جيان محسوس ٿي ٿيو مون وراڻيو ”آئون آمليٽ کائيندس.“

منٽوءَ کيسي مان ڏهين ڏهين جا ڪڙڪ نوٽ ڪڍيا. ڏهن منٽن کانپوءِ هو ۽ سندس نوڪر ڪباب ۽ آمليٽ جون پليٽون کڻي آيا، گڏوگڏ سوڊا جون بوتلون ۽ برف پڻ، هڪ پليٽ ۾ ليمون ۽ بصر به هو، هن باقي پئسا واپس ڪيا، پر منٽوءَ چيو ”اهي پاڻ وٽ رک!“

باريءَ بوتل کولي ۽ ٽن گلاسن ۾ شراب اوتي برف ۽ سوڊا وڌي.

”آئون ناهيان پيئندو!“ مون چيو مون چيو.

باريءَ جي سانوري منهن تي پهريون ڀيرو مرڪ تري آئي ”ڀئي! شراب ته نيڪيءَ جي شيءِ آهي پي پي!“

منٽوءَ وراڻيو ”هيءُ ناهي پيئندو.“

پوءِ هن وئيشيا کي چيو ”تون پي منهنجي جان!“ وئيشيا آڏي اک سان منٽوءَ کي ڏٺو ۽ هڪ مرڪ وکيريندي. گلاس کڻي پيئڻ لڳي.

منٽوءَ ۽ باريءَ هڪدم پنهنجا گلاس خالي ڪري ڇڏيا، پوءِ ڊبل پيگ ٺاهيو، منٽو ڍڪ ڀريندي چيو ”هاڻ مال ڏيکار“ نائڪا پٺاڻ کي اشارو ڪندي ڪجهه چيو ٿوري دير کان پوءِ پٺاڻ هڪ ٺهيل جڙيل وئيشيا اندر وٺي آيو، هو سامهون ويهي رهي منٽو کيس ڌيان سان ڏٺو، مون به کيس تجسس سان ڏٺو، هن مرڪي پڇيو ”اوهين ڪٿان آيا آهيو؟“

”تنهنجي ماءُ جي ڳوٺان“ منٽو وراڻيو ۽ پوءِ پڇيو: ”تون ڪٿي جي آهين“ ۽ منٽوءَ ٻن ٽن سوالن کان پوءِ وئيشيا کي رد ڪري ڇڏيو. پٺاڻ جي اشاري سان هوءَ هلي ويئي، انهي کان پوءِ هو ٻي وٺي آيو، پوءِ ٽئين پر ٽيئي منٽو کي نه وڻيون، پوءِ چوٿين وئيشيا آئي، نقش تکا، منهن تي مسڪراهٽ، اکين تي ڪارو چشمو. هوءَ گوڏن ڀر ويهي رهي، ڄڻ نما جي حالت ۾ هجي. منٽوءَ کي سندس اهو انداز سٺو لڳو، ٻن چئن سوالن جا جواب وئيشيا مخصوص نخري سان جواب ڏنا، منٽوءَ جي دلچسپي ۾ واڌارو ٿيو، پر گڏوگڏ هڪ ٻيو جذبو به ڪم ڪري رهيو هو، هن پڇيو ”هي ڪارو چشمو رات جي وقت ڇو لڳايو اٿئي، منهنجي مٺي!“

هن وراڻيو ”اوهان جي حسن جي ڪري منهنجون اکيون کيريون نه ٿي وڃن.“ منٽوءَ هن جي اکين ۾ اکيون وجهي چيو.“ منهنجي جان توسان ته وقت سٺو گذرندو، پر پهرين توکي ڏسي وٺان ته تون آهين ڇا؟“

اهو چئي منٽوءَ اوچتو هٿ وڌائي هن جو ڪارو چشمو ته لاهي ورتو، وئيشيا اکيون ڇنڀيون، هڪ اک ڪاڻي هيس. اهو ڏسي منٽوءَ چيو ”جيڪڏهن تون چشمي کانسواءِ اچين ها ته آئون توسان ضرور محبت ڪريان ها، تنهنجي هڪ ڪاڻي اک تان به قربان ٿي وڃان ها، پر آئون چوري سهي نه ٿو سگهان.“

اها وئيشيا به رد ڪئي وئي.

رات جا يارهن ٿي چڪا هئا، گوشت، ڪباب ۽ آمليٽ ٽي ڀيرا اچي چڪا هئا، منٽو پنج پيگ پي چڪو هو، پر هن جي ڳالهين ۾ اها ئي چمڪ ۽ رنگيني هئي، هو ڇهون پيگ ٺاهڻ لڳو ته نائڪا چيس ”وڌيڪ نه پي!“ هن جي انداز ۾ همدردي هئي. منٽو بوتل کنئي ته هن سندس هٿ جهلي ورتو. ”توکي منهنجو قسم ته وڌيڪ نه پي“ مون به منٽوءَ کي چيو ”هاڻ وڌيڪ نه پي. هيءَ صحيح پئي چوي. هن کي توسان همدردي آهي“ اهو ٻڌي منٽوءَ چيو ”همدردي آهي؟ حرامڙي پنهنجي دلي جي لاءِ چار پيگ بچائڻ ٿي چاهي، جيڪڏهن صاف چئي ڏي ته آئون هن جي لاءِ نئين بوتل به گهرائي سگهان ٿو. پر هيءَ همدردي جو ڍونگ پئي ڪري.“ اهو چئي هن وڌيڪ پيگ ٺاهيو ۽ ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئڻ لڳو، نائڪا ٻيهر منٽوءَ جو هٿ جهليو ”خدا ٿو ڄاڻي ته تون ڏاڍو سٺو ٿو لڳين؟“

منٽو هن کي چيو ”منهنجي مٺي! تون دنيا جي سڀني عورتن کان وڌيڪ سهڻي آهين. تون قلوپطره آهين، هيلن آهين...

منٽوءَ پٺاڻ کي جيترا ڀيرا به نوٽ ڏنا انهن جو کانئس حساب نه ورتائين. پٺاڻ هر ڀيري بچيل پئسا رکي ٿي ڇڏيا، منٽو نهايت بي درديءَ سان نوان نوان ڪڙڪ نوٽ لٽائي رهيو هو.

مون کي منٽوءَ ۾ سندس ڪهاڻين جو ڪردار گوپي ناٿ نظر آيو، جيڪو بازار حسن وڃي ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندي به دولت ٻنهي هٿن سان لٽائي ٿو. هن کي دلالن ۽ طوائفن جي دنيا پسند آهي، جيئن درگاهن ۽ مقبرن ۾ پيرن فقيرن جي، پر بابو گوپي ناٿ بي نياز آهي، منٽو انهي جو ئي اولڙو هو، هتي اهو چوڻ مناسب رهندو ته بابو گوپي ناٿ ۾ موجود انسانيت منٽوءَ جو ئي روح هئي.

منٽوءَ جي روح ۾ عجيب ويرانگي هئي، هو طوائفن جي دنيا ۾ رهندي به بي تعلق هو، پر هو، انهن هنڌن تي لڪل انسانيت ۽ نائڪا جي دل ۾ وسيل زال کي ڏسندو هو، زال ۾ طوائف ۽ طوائف ۾ زال ڳولهيندو هو.

جسمن جي انهيءَ منڊيءَ ۾ هو روح جو واپاري هو.

ٻي ڏينهن يارهين بجي منٽو ريڊيو اسٽيشن آيو، انهن ڏينهن ”جگل ڪشور مهر“ اسٽيشن ڊائريڪٽر هو، وڏو رعبدار، لچڪندڙ بدن، بگهڙ جهڙيون اکيون، منهن تي ماتا جا داغ ۽ اداڪارا جهڙو آواز ڪوٽ پاتل، وات ۾ سگريٽ، گڏوگڏ ميلسيٽيشن ڪتو پاڻ سان گڏ. هو ريڊيو اسٽيشن ۾ گهڙي ٿو.

آئون پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو ڪم ڪري رهيو هئس جو پٽيوالي اچي چيو ”منٽو صاحب پيو سڏئي!“ مون وٽ منٽوءَ جي نوٽن وارو پرس هو. جيڪو رات هن مون کي سنڀالڻ جي لاءِ ڏنو هو. آئون ٻاهر نڪتس ته منٽوءَ وڏي سڏ چيو ”جگل! آئون وڃان پيو. ايتري ۾ مهرا صاحب ٻاهر آيو ۽ منٽوءَ کي چوڻ لڳو. ”ترس يار! گڏجي ٿا هلئون“ منٽوءَ لاپرواهي مان چيو ”تون ريس کيڏڻ ويندين... مون کي ريس جو ڪوبه شوق ڪونهي... بور... آئون هلان ٿو.“

مون منٽوءَ کي سندس پرس واپس ڪيو، هن پئسا نه ڳڻيا، فقط بمبئي جي ٽڪيٽ ڏٺائين، مون کي چيائين: ”آئون اڄ شام جو واپس وڃان پيو.“

 آئون شام جو ريلوي اسٽيشن تي پهتس فرنٽيئر ميل ۾ هن جون ٻه سيٽون ريزرو هيون، صفيه ساڻس گڏ هئي، هن سوٽ ڪيس ۽ لاهور مان خريد ڪيل شين جا بنڊل سيٽن جي هيٺان رکي ڇڏيا.

اسين ٻيئي پليٽ فارم تي ئي بيٺاسين، منٽُو چوڻ لڳو ”چوڌري اڃا تائين نه آيو آهي، سگنل ڊائون ٿي ويو ۽ خبر ڪونهي ته هو ڪٿي آهي...“

گهڙي کن ترسي وري چيائين ”هن گڏهه کي وقت جو اندازو ڪونهي، ڳوٺان نڪتو... سڌو لاهور پهتو... آرائين جو آرائين ئي رهيو، اڃا تائين ڪونه پهتو آهي، مون وڏي غلطي ڪئي جو سڀئي ڪپڙا ڌئارڻ لاءِ کيس ڏيئي ڇڏيم، ڇهه سلوارون، ڇهه قميصون، هوالوءَ جو پٺو اڃا تائين ڪونه پهتو آهي.“

وارڊن سيٽي وڄائي، منٽو بڙ بڙايو ”هن گڏهه جي ته ڪا خبر ئي ڪونهي“ ايتري ۾ چوڌري نذير ڪپڙن جو بنڊل کڻيو سهڪندو اچي پهتو، ”ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پهتو آهيان مٿان چڙهي بيهي ڪپڙا استري ڪرايا اٿم.

منٽوءَ ڪاوڙ مان گهوريس ”ڇُٽڻ واري آهي ۽ تون هاڻ پهتو آهين؟“

چوڌري جلدي ڪپڙا گاڏيءَ ۾ رکيا، هيٺ لٿو ته گاڏي هلڻ لڳي، جڏهن گاڏي پليٽ فارم تان رواني ٿي ته هن نرڙ کان پگهر اگهندي چيو ”وڏو آيو آهي حڪم هلائڻ وارو، ڄڻ پڻهنس جو نوڪر هجان.“

اسين ٻيئي آهستي آهستي هلڻ لڳاسين.

هن چيو ”پاڻ کي ڪنهن نواب جو پٽ ٿو سمجهي، منهنجن پئسن مان مون تي دئونس ٿو ڄمائي. هتي آيو ته مون کيس ناول لکڻ جي لاءِ ٻه هزار رپيا ايڊوانس ڏنا، پر هن ڏسندي ئي ڏسندي منهنجي سامهون ئي هڪ هزار رپيا دڦ ڪري ڇڏيا، هرهنڌ بل ڏيڻ جي لاءِ سڀني کان اڳتي نيٺ به ته پئسا اسان وٽان ئي ته اچن ٿا.“

هو بڙ بڙائيندو رهيو، جڏهن ڪاوڙ ختم ٿيس ته چيائين ”بلونت! آئون هن شخص جا نخرا سهندو آهيان، مون وٽ وڏا وڏا جج پروفيسر ۽ ڊائريڪٽر ايندا آهن ته انهن جو ڪو ڪتاب ڇپيان، آئون شايع نه ڪندو آهيان، اها ئي شئيءِ ڇپيندو آهيان، جيڪا ڇپڻ جي قابل سمجهندو آهيان، جنهن کي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ ڇپڻ جي قابل سمجهان، پر منٽو ڪهاڻي جو خدا آهي، ڪنهن وقت شايد منهنجو نالو رڳو انهيءَ ڪري جيئرو رهجي وڃي ته آئون منٽو جي ڪپڙن جو بنڊل کڻي کيس ريل ۾ چاڙهڻ آيو هئس، هيءُ انهيءَ قسم جو ليکڪ اٿئي.“

انهيءَ کانپوءِ چوڌري ”مڪتبه اردو“ هليو ويو.

انهيءَ ڀيري منٽو اوچتو لاهور آيو هو. مڪتبه ارودءَ ۾ ٽنگ ٽنگ تي چاڙهيو ويٺو هو، کيس ريشمي ڪڙتو، تنگ پائنچن واري سلوار ۽ کڙيءُ وارو جوتو پاتل هو.

”فڪر تونسوي، مڪتبه اردو“ جي پٺين ڪمري ۾ ويٺو ڪتابن جا پروف پڙهندو هو، هن چيس، منٽو صاحب! هن ڀيري اچڻ جو اطلاع ئي نه ڏنوَ؟“

منٽوءَ پير جي کڙي هڻندي چيو، ”بمبئي ۾ نرگس اسٽوڊيو ۾ آئي ته کيس اڇي ساڙهيءَ جي مٿان کڙيءَ واري جتي پاتل هئي. ڪرسيءَ تي ويٺي هوءَ ايئن ئي کڙي هڻي رهي هئي، کيس ڪهڙي خبر ته ساڙهيءَ سان گڏ کڙيءَ واري جتي ڪونه پائبي آهي، مون هتي اچي ڪڙتو ۽ سلوار سبرائي ۽ جوتو خريد ڪيم، هاڻ وڃي کيس چوندس ته ڏس کڙي واري جتي هيئن پائبي آهي.“

هن جي مزاج ۾ انهي قسم جو شاهاڻو ٺٺ به هو.

منٽو جتي به رهيو اتي هن انهيءَ ماحول ۾ ٻڏي ڪهاڻيون لکيون، بمبئي جي ناگ پارا پوليس اسٽيشن طوائفن جي پارس روڊ ۽ فلم اسٽوڊيو جي خبر چار مون کي لاهور ۾ ويٺي ئي پئجي ويئي هئي، ”ڪاري شلوار“ جي سلطانه، دهلي جي اجمير گيٽ جي ٻاهر جي ٽي روڊ تي هڪ بالا خاني تي رهندي ئي سامهون ريلوي جو يارڊ، جتي اڻ ڳڻيون ريلوي جون پٽڙيون وڇايل هيون اتي هينئر به رنڊي خانن جي قطار آهي ۽ منٽو جو بيان ڪيل سين ۽ طوائف جي من ڀاونائن جو هو هيئن ٿو ڪري... ”اس ۾ لوهه جون اهي پٽڙيون چمڪنديون هيون ته سلطانه پنهنجي هٿن کي ڏسندي هئي، جن جون نيريون نيريون نسون بلڪل انهن پٽڙين جيان اڀريل هيون، انهي ڊگهي ۽ کليل ميدان ۾ هر وقت انجڻ ۽ گاڏي جي ٺڪ ٺڪ ۽ ڇڪ ڇڪ گونجندي رهندي هئي... ڪڏهن ڪڏهن جڏهن هوءَ ڪنهن گاڏي جي ڏٻي کي جنهن کي انجڻ ڌڪي ڇڏي ڏنو هوندو هو، پٽڙين تي اڪيلو هلندي ڏسندي هئي ته کيس پنهنجو خيال ايندو هو، هوءَ به سوچيندي هئي ته کيس به ڪنهن زندگيءَ جي پٽڙيءَ تي ڌڪو ڏيئي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هوءَ پاڻمرادو هلندي پئي وڃي، ڪنهن اڻڄاتل هنڌ ڏانهن پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏهن انهي ڌڪي جو اثر هوريان ختم ٿي ويندو ۽ هوءَ ڪنهن هنڌ بيهي رهندي، ڪنهن اهڙي اڻ ڏٺل هنڌ تي جتي هوءَ اڳ ۾ ڪڏهن به نه بيٺي هئي.

ڪڏهن ڪڏهن هن جي دماغ ۾ اهو خيال ايندو هو ته اهو سامهون جيڪي ريل جي پٽڙين جو ڄار وڇايل آهي، جتي هنڌ هنڌ تي ٻاڦ ۽ دونهون اٿي رهيو آهي، هڪ تمام وڏي بازار حسن آهي، ڪيتريون ئي وڏيون گاڏيون جن کي وڏيون وڏيون انجڻيون ڌڪينديون رهنديون آهن، سلطانه کي ڪيترائي ڀيرا اهي انجڻيون، انهن سيٺين جيان لڳنديون هيون، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن انبالا ۾ هن جي بالا خاني تي ايندا هئا.

منٽوءَ جون مٿيون سٽون، اردو ادب ۾ ڪلائمڪس بنجي ويون، انهيءَ بيان ۾ زندگي جي ناز و انداز جا اشارا، اداسيءَ جي ماحول ۾ هلندڙ گهٽائن جو روحاني قوتن سان ميلاپ آهي.

ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ جڏهن منٽو لاهور هليو ويو ته هن پاڪستان ۽ فسادن جي باري ۾ لکيو. هو ڪڙي سچ جو زهر پيئڻ کان ڪڏهن به نه هٻڪندو هو، هو ڪڏهن به جذباتي رعايت نه ڪندو هو، ڪنهن دوست پڇيس، ”تون ڪيتري حد تائين مسلمان آهين؟“

منٽو وراڻيو ”جڏهن اسلاميه ڪاليج ۽ ڊي اي، ڪاليج جي وچ ۾ فوٽ بال جي مئچ ٿي رهي هئي ته جڏهن به اسلاميه ڪاليج گول ٿي ڪيو ته منهنجي دل ٽپ ڏيڻ ٿي لڳي بس آئون ايترو ئي مسلمان آهيان.“

هن فوٽ بال مئچ جي ڳالهه شايد انهي ڪري هئي جو ڪيترائي هندو اديب ترقي پسند هئڻ جي دعويٰ ڪري رهيا هئا، پر هو اندران ڪٽر هندو هئا، جيڪي اها ڳالهه کليل نموني چئي نه ٿي سگهيا. منٽو انهيءَ جذبي تحت لکيو، جيڪو اسان جي تحت الشعور ۾ ڏڪندو آهي ۽ جنهن تي اسان جو شعور طور تي ڪوبه وس نه ٿو هلي. اسان کي هڪ گهري سچ جي سامهون کڙو ڪري ٿو ڇڏي.

مون بابت هن جو رد عمل عجيب هو، هن چيو ته ”هڪ ماڻهوءَ جو موت الميو آهي، پر هڪ لک انسان مري وڃن ته اهو قدرت جو وڏو مذاق آهي.“

هن پنجاب جي ورهاست، قتل ۽ رتو ڇاڻ، زوري زنا جهڙن دل ڏاريندڙ واقعن تي ڪهاڻيون تخليق ڪيون ”ٽوبه ٽيڪ سنگهه“، ”ٿنڊا گوشت“، ”کول دو“ ڪهاڻين جي عظمت کان سڀ واقف آهن، هن ”سياهه هاشيي“ ۾ فرقيوارانه فسادن جو ذڪر ڪيو آهي.

اهي ڪارا لطيفا، ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون جن ۾ لقمان جون ڪهاڻيون ۽ پنج تنتر جهڙيون تکيون ۽ ابتي ذهانت آهن، هن غنڊه گردي، قتل ۽ انساني بيوقوفين جو مذاق اڏايو آهي، انهي قسم جا ڪارا مذاق هندستاني ادب ۾ پهريون ڀيرو تخليق ٿيا.

انهيءَ جي ڪيترن ئي سالن کان پوءِ، يورپ ۾ هيومريا ڪاري مذاق کي فليني ۽ فاڪر فلمن ۾ پيش ڪيو، پر منٽو انهي کان ڪيترو وقت اڳ
بين الاقوامي ادب جي واٽ تي هلي رهيو هو، ڪيترائي ڀيرا منٽوءَ جي ڪردارن جا نالا اصلي هوندا هئا. اهي ڪردار ايترا ته دلچسپ ۽ نرالا آهن، جو انهن جي حقيقت ۽ افسانوي روپ ۾ ڪوبه فرق نظر نه ٿو اچي.

”بابو گوپي ناٿ“ ۾ عبدالرحيم سينڊو، بي حد مڪار ڪردار آهي ۽ هن جي لفاظي به اوٽ پٽانگ آهي، هو فلمن ۾ ايڪسٽرا ڪردار طور ڪم ڪندو آهي، اڄ به بمبئي جي فلم اسٽوڊيو ۾ اوهين عبدالرحيم سينڊوءَ جي ڪردار کي سڃاڻي سگهو ٿا، هو پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ اهڙا ته بي ايماني وارا ۽ اڍنگا لفظ استعمال ٿو ڪري، جن جو اثر ڌماڪي کان گهٽ ڪونهي، جهڙوڪ بابو گوپي ناٿ منٽوءَ جي سڃاڻپ ڪرائيندي لکي ٿو، ”منٽو صاحب انڊيا جو پهريون نمبر ليکڪ آهي، ڪهاڻين ۾ اهڙو ته تسلسل ٿو رکي جو وڏن وڏن جو ڍينگو ڍيري ٿيو وڃي، ڪيئن منٽو صاحب! آهي نه اينٽي جي يينٽي پو؟“

اهي لفظ ڪنهن به ٻولي جا ڪونهن، جڏهن ته منٽوءَ انهن کي استمعال ڪيو ته اهي نئين ايجاد وانگيان چمڪڻ لڳا ۽ اردو ادب جو حصو بنجي ويا.

”ٽوبه ٽيڪ سنگهه“ ۾ پڻ هو انهي قسم جي جادوءَ کي تحت الشعور ۾ ايئن ئي اجاگر ٿو ڪري، پاڳل خاني ۾ هندو، سک ۽ مسلمان چريا واڙيل آهن، ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ انهن کي به باقي شين جيان ڳولهيو پيو وڃي، هڪ چريو سک عجيب بي ڍنگيون ڳالهيون ٿو ڪري، هو حيران آهي ته هندستان ۾ هو، پر پاڪستان ڪيئن هليو ويو ۽ اهو پاڪستان ڪٿان اچي ويو؟

هن جو ڳوٺ ”ٽوبه ٽيڪ سنگهه“ ڪيڏانهن ويو؟ ۽ هاڻ کيس ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟ هو بار بار مڪالما آلاپي ٿو:

”اوهه گڊ گڊ دي، لالٽين دي، هندستان دي، تيري مان دي... اهي لفظ  هن جي اندروني نفرت جو اظهار آهن. هڪ ڀيري منٽو، بمبئي جي اليڪٽرڪ ٽرين ۾ فلمستان وڃي رهيو هو، جو هن اخبار ۾ هڪ نالو پڙهيو، جنهن جي ابتي سبتي هج هئي، جيڪو شايد برڪت الله يا حنيف الله لکيل هوندو، پر ڇپيو ”هپ ٽلا“ هو. هن ٻه چار ڀيرا اهو لفظ ورجايو، اهو کيس سٺو لڳو، اسٽوڊيو وڃي فلم ڊائريڪٽر سان هن جو ڪنهن ڪهاڻيءَ تي بحث ٿيو ته انهي بابت منٽوءَ جي راءِ ورتي ويئي، منٽو چيو ”ڪهاڻي ٺيڪ آهي، پر اها ڪهاڻي هپ ٽلا ڪونهي!“ اشوڪ ڪمار ها ۾ ها ملائي ۽ چيو ”ڪهاڻي هجي ته هپ ٽلا هجي!“ مڪرجيءَ کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي، انهي کان پوءِ فلمي دنيا ۾ سٺي ڪهاڻيءَ جي لاءِ ”هپ ٽلا“ جو لفظ جاري ٿي ويو.

آگسٽ 1947ع ۾ جڏهن قتل ۽ رتو ڇاڻ جي بازار گرم هئي ۽ فسادن جي باهه پي ٻري ته آئون لاهور مان هڪ قميص ۽ پتلون ۾ ”بٽنڊه“، آيس، خبر پئي ته اها آخري گاڏي هئي جيڪا صحيح سلامت ”مستلج جي پل“ اڪري آئي هئي، ”بٽنڊه“ پهتس ته اتي به فساد شروع ٿي ويا، مون انهيءَ خوني ماحول ۾ رهڻ نه ٿي چاهيو، جتي منهنجي ننڍپڻ جو دوست فصل ميراثي ۽ سندس ڀيڻ قتل ٿي ويا.

دهليءَ پهتس ته هتي به رتو ڇاڻ جاري هئي، اتي هڪ مهينو رهي بيڪاري ۽ بي يقينيءَ واري صورتحال ڏسندي سوچيم ته بمبئي هليو وڃان، ٽڪيٽ ورتم ۽ پنجاب ميل ۾ چڙهي بمبئي هليو ويس، مون کي ملڪ راج آنند جو پتو ياد هو، مون پنهنجو ننڍو بريف ڪيس ۽ هنڌ بسترو وڪٽوريا بگيءَ ۾ رکيو ۽ ڪوچوان کي ڪف پيرڊ هلڻ جي لاءِ چيم، جتي ملڪ راج آنند رهندو هو، هن وڏي خلوص سان مون کي پاڻ وٽ ٽڪايو.

هتي ادبي محفلون ٿينديون رهنديون هيون، جتي ڪرشن چندر، علي سردار جعفري ۽ بمبئي جا پينٽر ۽ ڊانسر ۽ ترقي پسند سوچ جا حامل اديب ۽ شاعر ايندا هئا ۽ امن و امان جون ڳالهيون ڪندا هئا، شام ٿيندي ئي فضا ۾ لڪيل ڊپ ڏڪڻ لڳندو هو، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مسلمان وڃي رهيا هئا، باقي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ وڃي بچيا هئا.

مون منٽوءَ کي فون ڪئي ته هن پڇيو ”تون ڪڏهن آئين؟“ مون کيس پاڻ بابت ٻڌايو ۽ چيو ته آئون ساڻس ملڻ ٿو چاهيان. هن وراڻيو ”اڄ شام جو گهر هليو اچ منهنجي گهر بائيڪلا ۾، ڪلير روڊ تي...“ هن پنهنجي گهر جو نمبر ۽ سڃاڻپ ٻڌائي.

شام جو ڪرشن چندر ۽ ڪجهه ٻيا دوست اچي ويا ۽ ڪچهري شروع ٿي ويئي، اوندهه ٿي ويئي، جڏهن مون چيو ته مون کي منٽوءَ سن ملڻ لاءِ وڃڻو آهي ته سڀني چيو ”تون هتان جي رستن کان اڻ واقف آهين، رات به ٿي ويئي آهي، خطرو آهي، تنهنڪري صبح جو هليو وڃج.“ مون کي ڊپ ٿي ٿيو، تنهنڪري نه ويس، ٻي ڏينهن منٽوءَ کي فون ڪيم ته هن سخت ڪاوڙ مان وڏي سڏ چيو، ”اڙي! ڪلهه شام جو آئون تنهنجو انتظار ڪندو رهيس، تون ڇو نه آئين؟“

مون وراڻيو ”ڪرشن چندر ۽ ٻيا سنگتي اچي ويا هئا، جن ۾ ملڪ راج آنند به هو، ڳالهيون ڪندي دير ٿي ويئي ۽ آئون اچي نه سگهيس.“

هن ان ئي لهجي ۾ چيو ”اڙي ڪير ٿيندا آهن ڪرشن ۽ راج آنند... توکي خبر ڪونهي هت تنهنجو منٽو انتظار ڪري رهيو آهي.“ مون معافي گهري ۽ شام جو اچڻ جو وعدو ڪيم، هن چيو ”ماني مون سان اچي کائج ۽ مون وٽ ئي سمهي رهج، سڄو گهر خالي پيو آهي، صفيه لاهور هلي ويئي آهي، آئون به هليو ويندس.“

شام جو جڏهن ڪلير روڊ پهتس ته بتيون ٻري رهيون هيون، ڏاڪڻيون چڙهي پهرين ماڙ تي هن جي فليٽ جو در کڙڪايم، هن وڏي سڏ گرجندي پڇيو، ”ڪير آهي؟“

مون پنهنجو نالو ٻڌايو، ٿوري دير کان پوءِ بورچيءَ دروازو کوليو ۽ آئون اندر گهڙيس.

منٽو ڪاٺ جي ڪرسيءَ تي ويٺو ڪجهه لکي رهيو هو، شراب جي بوتل ميز تي پيئي هئي، هن چيو ”صفيه کي خط لکي رهيو آهيان... بس ٻه لفظ تون ويهه“!!

هو انهيءَ پوزيشن ۾ گوڏن تي پاٺو رکي لکندو رهيو، خط پورو ڪري چيائين ”چڱو ٿيو، جو تون اچي وئين... آئون اڪيلو هئس ۽ اڪيلائي کان مون کي وحشت ٿيندي آهي. شراب پيئندين؟“

مون نهڪار ڪئي.

هن شراب گلاس ۾ اوتيو، هڪ ڍڪ ڀريائين ۽ چوڻ لڳو ”منهنجي بورچيءَ ڪڪڙ رڌيو آهي، هاڻ تون گوشت کائڻ لڳو آهين نه؟“

”ها“

”خط ٻڌايانءِ! صفيه جي لاهور مان خط آيو هو، لکي ٿي ته هتي لڪشمي نواس ۾ سٺو فليٽ ملي ويو آهي، سٺو فرنيچر... ريفريجريٽر... گهڻو ڪجهه آهي. عورت! اوسالي! تون ڪهڙي ڳالهه تي خوش آهين، منٽو ته هتي ويٺو آهي... مون کان سواءِ اهو فرنيچر ڪهڙي ڪم جو... بڪواس... آئون صفا سڙي پچي ڪباب ٿي ويو آهيان.“

تنهن کانپوءِ هن پنهنجو خط ٻڌايو. انهي خط ۾ هن جي پنهنجي ويرانگي جو ذڪر هو، بورچي جو، بمبئي جي حالتن جو، دوستن جو ۽ پنهنجي هيڪلائپ جو ۽ لڪشمي نواس جي انهي ريفريجريٽر کي گاريون! هو انهي ڳالهه جي شڪايت ڪري رهيو هو ته هو بمبئي جي دنيا ڇڏي. فلم جي هيءَ زندگي ۽ دوستن جي محبت کي پويان ڦٽو ڪري لاهور وڃي رهيو آهي، صفيه ۽ پنهنجي ٻارڙي جي لاءِ... انهي خط ۾ هڪ مڙس ۽ پيءُ جو جذبو ڪارفرما هو ۽ انهيءَ اداسيءَ جو ذڪر هو، جيڪا هڪ اجڙيل گهر ۾ هوندي آهي، هن جو پنهنجو فليٽ انهيءَ ۾ هيڪلائپ جو اکين ڏٺو ثبوت هو، زال ۽ ڌيءَ پاڪستان ۾ ۽ هو بمبئي ۾...

هن هڪ گلاس وڌيڪ ڀريو ۽ هن جون اکيون ۽ دماغ تيز ٿي ويو.

هن چيو، ”منهنجا سنگتي پڇن ٿا ته آئون پاڪستان ڇو پيو وڃان... آئون ڊڄڻو آهيان؟ پاڪستاني آهيان؟ مسلمان آهيان؟ پر هو منهنجي دل جي ڳالهه سمجهي نه ٿا سگهن، آئون پاڪستان وڃي رهيو آهيان، ڇو ته ااتي هڪ منٽو جي گهرج آهي، جيڪو اتي جي سياسي حرامپائين جو پردو چاڪ ڪري سگهي، هندستان ۾ اردو جو آئيندو اونداهو آهي، هينئر کان ئي هندي ڇانئجي رهي آهي، آئون لکڻ ٿو چاهيان، پر فقط اردو ۾ لکي ٿو سگهان، ڇپجڻ ٿو چاهيان ته جيئن هزارن تائين پهچي سگهان، زبان جي پنهنجي منطق هوندي آهي... ڪيترا ڀيرا زبان خيال بخشيندي آهي، انهي جو لاڳاپو رت سان آهي، هڪ منٽو بمبئي ۾ رهيو، ٻيو لاهور ۾ رهندو...“

رات جو دير تائين هو ڳالهائيندو رهيو.

ائون ان ئي ڪمري ۾ ستس ٻيو ڏينهن به آئون وٽس ئي رهيس. هڪ هفتي کان پوءِ وري ويس ته خبر پيم ته منٽو لاهور هليو ويو آهي.

لاهور وڃي هن بي شمار ڪهاڻيون لکيون، هو حڪومت سان وڙهيو، ملن ۽ مولوين جو مذاق اڏايائين، فرقي پرستن جي خلاف لکيائين ۽ آمريڪا جي ”چاچا سام“ جي نالي خط لکيائين، جن ۾ انهي انڌيري نگري تي طنز ڪيائين، هو جري ۽ باغي طبيعت جو مالڪ هو ۽ سماج جي ٻٽن معيارن کي اگهاڙو ڪرڻ جو ماهر هو.

هو دنيا جي للڪار قبول ڪري ٿي سگهيو، پر دولت جو حملو سهي نه ٿي سگهيو.

پاڪستان ۾ 1950ع ڌاري ترقي پسند اديبن کيس پويان ڌڪڻ جي لاءِ مٿس فحاشين جو الزام لڳايو ۽ هڪ سرڪيولر جاري ڪيو ته منٽوءَ جي ڪهاڻي ڪنهن به رسالي ۾ نه ڇپي وڃي، سرڪيولر دهليءَ به پهتو، سڀني کان وڌيڪ ڏک جي ڳالهه اها آهي ته منٽو جو جگري ۽ پيارو دوست احمد نديم قاسمي انهيءَ تنظيم جو جنرل سيڪريٽري هو.

انهي ڳالهه جو منٽوءَ تي تمام گهرو اثر ٿيو، هو پنهنجي دنيا ۾ ويڳاڻو ٿي ويو، ڪهاڻين جو هڪ ڳٽڪو ڇپيس ته انهي تي سلسليوار تاريخون به لکيائين انهيءَ جي پيش لفظ ۾ لکيائين، ”داد انهيءَ ڳالهه جو ملڻ کپيم ته منهنجي دماغ پيٽ ۾ گهڙي ڪهڙي ڪرامت ڏيکاري.“

هو ڳري فنا ٿي ويو، شراب کانسواءِ ڪا به شئي هضم نه ٿيندي هيس، عجيب جنون جي ڪيفيت طاري ٿي ويس، کيس علاج لاءِ پاڳل خاني نيو ويو، پاڳل خاني وارن ڏينهن ۾ به هن جي تخليقي صلاحيتن تي ڪو به فرق نه پيو، هو لڳاتار لکندو رهيو. هن جي ڪهاڻي ”ٽوبه ٽيڪ سنگهه“ پاڳل جي تجربن تي ٻڌل آهي، ادبي دنيا ۾ ورهايل انسانيت بابت هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي، منٽوءَ کي انهي ڳالهه جو احساس هو ته هو هڪ وڏو افسانه نگار آهي، هن پنهنجي قبر جو ڪتبو خود ئي لکي ڇڏيو هو.

”هتي منٽو دفن آهي، ڪهاڻي لکڻ جو فن ساڻس گڏ ئي دفن ٿي ويو!“

اها اڳڪٿي سچ ثابت ٿي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com