نياز پنهور
نظم
ڪي گيتَ هئا جي سَرجن ها،
ڪي خُوابَ هئا جي نِکرن ها،
ڪي لفظ هئا جي چَهڪن ها،
ڪي ٽهڪَ هئا جي مَهڪن ها،
بس ڇا چئجي، سڀ ڇا ٿي ويو.
هيءَ رات ڀلا ائين سُڏڪي ها،
هيءَ ڏات ڀلا ائين تڙپي ها،
هي چنڊ ڀلا اِئين سوچي ها،
يا شاعر هيئن پيو لوچَي ها،
بس ڇا چئجي، سڀ ڇا ٿي ويو.
هي دردَ جو ڪهڙو واءُ وريو،
هر ٽهڪ پٺيان ڇو سُڏڪو هو،
جو گيت لکيم، ڄڻ ائين لڳو،
سو گيت نه هو، ڪو مرثيو هو،
بس ڇا چئجي، سڀ ڇا ٿي ويو.
جا شام اڳي، سا شام ڪٿي،
جا جهُولي هئي تو لام ڪٿي،
هي جيون ڪهڙو جيون آ،
هي ڪنهن نه پروڙي مام ڪٿي،
بس ڇا چئجي، سڀ ڇا ٿي ويو.
نظم
ڪنهن پڇيو ڪونه مون کان ته
هُن کان پري
حياتي گذاري به سگهندين يا نه؟
اگر لُڙڪ آيئي اکين ۾ لهي
ته ڳوڙها لڪائي به سگهندين يا نه؟
ڪنهن پڇيو ڪونه مون کان ته
هُن کان پري
تنهنجي شعرن جا عنوانَ هوندا ڪهڙا
اگر شعر رچي نه سگهئين ته پوءِ
تنهنجي جيئڻ جا امڪانَ هوندا ڪهڙا.
ڪنهن پڇيو ڪونه مون کان ته
تون اوچتو
ڪندي ڳالهه چپ ڇو ٿي ويندو آهين؟
اکيون تنهنجون آليون ڇو ٿينديون آهن،
خلائن ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آ،
يڪوئي پيو اوڏي تون ڏسندو آهين.
ڪنهن پڇيو ڪونه مون کان ته
هوءَ اوچتو
اگر تنهنجي سامهون اچي ڀي وڃي
ته تون پنهنجي دل جي سڄي ڪرب کي
پيارا لڪائي به سگهندين يا نه
۽ پنهنجي پاڻ کي ڪوئي دوکو ڏئي
هُن سان اکيون
ملائي به سگهندين يا نه
ڪنهن پڇيو ڪونه مون کان……
ڪنهن پڇيو ڪونه مون کان……
ذوالفقار سيال
غزل
گم ٿي ويا هن سڀ جا پيرا،
ماڻهو اُجرا، رستا ميرا.
سنڌي ماڻهو سهڻا سڀ کان،
شال جيئن سي مرد مٿيرا.
تو لئه هر دم آ تا آهن،
منهنجي ٻانهن جا هي گهيرا.
هيءَ حياتي پوءِ به ٿوري،
پيار ڪيان مان سؤ سؤ ڀيرا.
ساري سنڌڙي پيار آ منهنجو،
جنهن جي چوڌر منهنجا ڦيرا.
ذلف هتان جي مِٽي سوني،
سرها سارا گهاٽ هي گهيرا.
غزل
تنهنجي نيڻن ۾ نُور جيان آهيان،
۽ گلن ۾ ڪنهن ٻُور جيان آهيان.
هي زمانو ڇڏي وساري سڀ،
توسان تنهنجي غرور جيان آهيان.
مون کي ڪيئن تون الڳ ڪري سگهندين؟
تو ۾ خوشبو ۽ پُور جيان آهيان.
آئينه سڀ ٽٽي ڀري پوندا،
تنهنجي مرڪن ۾ گهور جيان آهيان.
تنهنجو هي ذلف سادڙو آهي،
ساز ۾ ڪنهن سُرور جيان آهيان.
غزل
ڪي پنهنجا ڳوڙها به پي ويا هن،
۽ جج سياسي ڪي ٿي ويا هن.
سمورا احساس زخمي ٿيا هن،
ڪي ماڻهو مرڪي به جي ويا هن.
کليل اکين کي ڪري ڪو خنجر،
ڪي چپ پنهنجا سبي ويا هن.
سڄا هي رستا، ڪنڊا ۽ شيشا،
غمن جا گولا به ڳهي ويا هن.
انڌيرو اهڙو، جو ماري-
روئي،
تڏي تي قاتل اچي ويا هن.
غزل
نه احساس، جذبا، پٿر دوستو،
ڪي ماڻهو ائين جيئن ٺڪر دوستو.
انهيءَ ويل سرهاڻ محسوس ٿئي،
اوهان جو ٿيو جو ذڪر دوستو.
سڄي سنڌ صحرا ۽ رُڃ ٿي وئي،
جڏهن کان ڇڏي ويو هو گهر دوستو.
اهي نير، بي پير، بس ئي رُڪن،
جدائيءَ جو آهي اثر دوستو.
اسان پنهنجي ڌن ۾ ڪٽيون وقت ٿا،
اوهان جو رهيو پر فڪر دوستو.
ڀلي ”ذلف“ در تون ڪري بند ڇڏ،
سڄي دنيا آ با خبر دوستو.
وسيم سومرو
نظم/ دير
هو ڪنهن تي مرڪي رهيو آهي.
پٽ تي!
جو پنهنجي ڪنهن دوست جيترو
وقت به کيس نه ڏئي سگهيو،
ڌيءُ تي!
جا سندس مرضيءَ کي
پنهنجي آزاديءَ جو دشمن سمجهڻ لڳي،
زال تي!
جا شڪايت ڪُنان هئي
ته هن گهڻو وقت پئسن ڪمائڻ بجاءِ
گهر ۾ ئي گهاريو،
يا پنهنجي پاڻ تي؟
ته هن رشتن جي سک جا
خواب اُڻي اُڻي
مرڻ ۾ ايتري دير ڇو ڪري ڇڏي.
هو مرڪي رهيو آهي
پر سندس قلم اُداس آهي
هاڻ هو پنهنجي ڪتابن جي ڪمري مان
هڪ تختي تي لهي چڪو آهي.
ٻه بيت/ عيد
(1)
ڪڏهن هي جڳ ڪربلا، ڪڏهن هي جڳ عيد.
مون تي تنهنجي ديد، شال سدا ساڳي رهي.
(2)
مهڪن تنهنجا واسطا، مرڪي تنهنجي ديد،
لمحو لمحو عيد، گذري تنهنجي زندگي.
غزل
اڳيان ٻيلو پريان درياهه هوندو هو،
هوائن جو مڇين ۾ ساهه هوندو هو.
انهيءَ هيٺان دلين جو پيار پلبو هو،
اهو وڻ جو! وڻن ۾ شاهه هوندو هو.
منجهس سڀ ٻار گڏجي کيڏندا هئاسين،
اسان جي ڳوٺ پاسي واهه هوندو هو.
دڳن تي پاڻ ۾ ملنديون هيون اڏري!
ڀنڀورين جيئن اکين جو چاهه هوندو هو.
اتي ڪارن وڳن سان ڪير هي آهن؟
جتي نيرين ڦلين سان ساهه هوندو هو.
جو ساڳي شڪل سان مون ساڻ هلندو هو،
الائي ڪير سو همراهه هوندو هو.
سرن جو جيترو پڙلاءُ هوندو هو.
اندر ۾ ايترو اتساهه هوندو هو.
سپِاري جي سڀن جي تانگهه ۾ شامل،
نه اُجهندڙ سڪ جو آڙاهه هوندو هو.
مقصود گل
گوتم ٻڌ.....!!
ڀڳوان هيو،
يا ڀڪشو هو،
هڪ رات اسان وٽ آيو هو،
۽ گوتم وارو روپ کڻي.
هو سوچن منجهه
سمايو هو...!!!
بي چينُ ويو هو چين کسي،
دن رين جنهين تڙپايو هو.
هُيون بند اکيون
درويش سنديون،
پر پوءِ به ويون ڪو
مَنڊُ پڙهي،
ويا کيپ چڙهي....!!
دل ڪيف ڪڙي...!!
من مست ٿيو مُسڪايو هو...!!
بيتاب ويو، بيتاب ڪري
سيماب مثل دل تڙپائي....!!
ويو ڪانُ ڪلا جو
ڪڙپائي....!
سڀ درد کسي....
هڪ درد ڏئي ويو
دان ڪري.....
انسانَ سندو....
احسانُ ڪري.
ان ڏينهن کان پوءِ
هن دل ۾ آ.....
هڪ درد رڳو......
انسان سندو...!!
هڪ درد رڳو......
انسان سندو.....!!
غزل
تون آن منهنجي مَن جو مَن،
تون آن ديد ۽ تون درشن.
سنڌ سدا آباد رهي،
شهر وسن ۽ برسي بن.
سونهن بنا سنسار سُڃو،
بِرهه بنا جيئن برف بدن.
سارنگ جا سڀ رنگ عجب،
ٻوڏ منجهايو، هر هڪ منُ.
سنڌو مُنهنجي ساهه سمان،
ڌرتي، دريا، مُنهنجو ڌن.
ٿر ۾ ٿوهر مُرڪي پيا،
مينهن ورهايو، واسُ ورن.
چانڊوڪيءَ ۾ جرڪيو چنڊُ،
ڀُوري تُنهنجو باک بدن.
روز ازل جو آ سنجوڳ،
سنڌوءَ ساگر ۽ مان، سنُ.
آءٌ ”رَتي“ ۾ رهُه تون رات،
هت ئي سيوهڻ، هت ئي آ سَنُ.
رمتو جوڳي لهندڙ سِج،
گيڙو ساگر، باهه گگنُ.
جيسين سُرڪي ساهُه سَڳو،
ڌرتي دل، ويساهه وطن.
گل گل منهنجا گيت امرُ،
چهڪِي، ٻهڪي چاهه چمن.
بشير سيتائي
غزل
وَر وَرَ تون مون ڏانهن نِهاري مُرڪين ٿي ائين ڇو،
مون کي مَهانگو پوندو آهي، نيڻن جو سودو.
ڪير آهين، تون ڪاڏي ويندينءَ، ڪهڙو تنهنجو ڳوٺ،
منهنجو نالو ”دُکُ ڀوڳيندڙ“، تنهنجو ڇا نالو.
منهنجي پيرن هيٺان ڌرتي ٽامي جيئن تَتَل،
مون کي راس نه ايندو تنهنجي زلفن جو سايو.
هول هِنئين ۾ پاءِ ٿيس مان رولُ، ٻُڌي ڇڏ تون،
مِيت به ناهي، ماڳ به ڪونهي، ڪجهُه به نه مون
پاتو.
سانجهه ڏُکن جي آئي جڏهين، سانت پکيڙيا پَرَ،
سيني ۾ سوداءَ ۽ من ۾ مُونجهه ڪيو واسو.
ماڻهپ کي سَڀُ تياڳ ڏئي ۽ وحشي ٿيا ماڻهو،
منهنجو شهر به شهر نه آهي، جهنگل آ گهاٽو.
ڏاهو آهيان، پَرَ ڏاهپ جا ڏنڀَ سَهان ٿو مان،
هتڙي ڏاهَپَ ڪهڙي ڪم جي، ڏاڍو سو گابو.
سانت انڌيري راتِ، رَڳُن جو رَتُ به ماٺو جِتِ،
ڪيئي ڏِيل ڌَڪائي ٿو، اُتِ درد ڀَريو دوهو.
مون تي پنهنجي مهر نه ڪَر تون، منهن ڦيري ڇڏ تون،
ساري جڳ ۾ آءٌ ته ناهيان ڪنهن کي ئي وڻندو.
پَلپلَ جي پيڙا ۾ پَڄري، جيئندو آهيان مان،
بِرهه ”بشير“ ڪو ڀوڳُ نه آهي، چاهه نه آ چَرچو.
غزل
ڪَڪَر، هوائون، بَرکا، ٿَرَ بر ٿاڪَ لڳن سپنا،
پوپٽ جا پَرَ، گُل ڦل، مُکڙيون ماڪَ لڳن سپنا.
ماڻهوءَ جي نيڻن ۾ سپنا، ماڻهو ڀي سپنا،
سوچون، لوچون، احساس ۽ ادراڪَ لڳن سپنا.
کَٽڙن مِٺڙن سُورن جو آ جن ۾ ساءُ سواد،
چاهُه چَکي ٿو جِن کي، ڏاڙهونءَ ڦاڪَ لڳن سپنا.
مون سان گڏ ڳوليندا رهيا رُٺلَ ساڀيائون،
منهنجي دِلِ! مون جَهڙائي رولاڪَ لڳن سپنا.
آيا سونهن نگر جي ٻيهر خُوشبو ساڻُ کڻي،
هِي به هوائن وانگي ٿا هيراڪَ لڳن سپنا.
ڪنهنجي بدن جو واس انهن ۾ رهجي ويو آهي،
رنگ برنگي ريشم جي پوشاڪَ لڳن سپنا.
اونهيون تِن جون تاويلون، تشريحون، معنائون،
ڀِٽَ ڌڻي جي بيتن جهڙا پاڪَ لڳن سپنا.
منهنجي سُندر سپنن لاءِ ڪنهن ڏاهي راءِ ڏِني،
يار ”بشير“ تو وانگر ٿا بيباڪَ لڳن سپنا.
خليل عارف سومرو
غزل
تُنهنجو مون ڏي جو ڌيان پيو ٽُٽي،
مُنهنجي سپنن جو جهان پيو ٽُٽي.
تُنهنجي محفل رات هئي رقيب سان،
مُون مٿان هو آسمان پيو ٽُٽي.
جنهن کپايو ڏات ۽ ضمير کي،
تِنهن جو آهي مانُ شان پيو ٽُٽي.
سنڌ ڌرتي جو قسم کنيو اٿئي،
هاڻ مُنهنجو ڀي گمان پيو ٽُٽي.
دِل صفا نازڪ ۽ چوٽُ زَبري هُئي،
شيشي جو عارف مڪان پيو ٽُٽي.
غزل
سونهن تُنهنجون اسير اکڙيُون،
پيار جون راهگير اکڙيُون.
چاهِتن جي گُلاب جهڙيون،
سوجهري جُون سفير اکڙيُون.
روز ڏاڍا سوال ڪَن ٿيون،
ڄڻ ته مُنڪر نڪير اکڙيُون.
مُفت ۾ مَئي ونڊن وِرهائن،
ڪيتريون هِي امير اکڙيُون.
ڇو ڏِسن تو سِوا ٻين ڏي،
هي رکن ٿيون ضمير اکڙيُون.
جسم تنهنجو بدن ٿو ٺاري،
ساهه ڪَن ٿيون سُڌير اکڙيُون.
دانُ ديدار جو گُهرن ٿيُون،
هيءُ ”عارف“ فقير اکڙيُون.
غزل
روڪ مون کي روڪ وکري رهيو هان،
ڏِس پنن جي ڍير تان اُڏري رهيو هان.
تنهنجي نيڻن ۾ سڄي دنيا ٻُڏي وئي،
توکي ڏسندي هوش کان نڪري رهيو هان.
روح گاڏيءَ مان ٽپو ڏئي پيو لهي آ،
شهر تنهنجي کان مٺي گُذري رهيو هان.
جيترو ٿا زور پُورڻ لاءِ لائن،
اوترو ئي زور سان اُڀري رهيو هان.
هن جڏهن کان بي سبب مون کي وساريو،
ائين لڳي ٿو پاڻ کان وسري رهيو هان.
شاعريءَ ۾ نانءُ ”عارف“ جو وڌي پيو،
عشق تنهن جي، جي ڪري نِکري رهيو هان.
غزل
ڊائري ميز تي رکي آهي،
شاعري ميز تي رکي آهي.
تنهنجو فوٽو فريم ۾ مَهڪي،
ڄڻ خوشي ميز تي رکي آهي.
پين، ڪاغذ، ڪتاب پيا آهن،
روشني ميز تي رکي آهي.
ڊاڪ کي پاسي تي کڻي رکندس،
عارضي ميز تي رکي آهي.
ڦُول گُلدان ۾ سجائي وئي،
تازگِي ميز تي رکي آهي.
هن ۾ ڏسجي خليل عارف ٿو،
آرسي ميز تي رکي آهي.
گلبدن جاويد
مُجاور
تنهنجي شهر مان گذرندي
بي خودي مان قدم
تنهنجي نگريءَ ۾ وٺي آيا:
پُرفضا گهٽي ۾،
تنهنجي گهر جي
سُرمئي در تي،
لڳل تختي تي:
لکيل تنهنجو نالو
الاءِ! ڇو؟
مون کي،
منهنجي قبر تي
لڳل ڪتبي تي،
اُڪريل
منهنجي وياڪل ۽ اڻپوري
نالي وانگر
محسوس ٿيو
پر مون اُن کي
مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو:
ڇو جو مان ته
ڪروڙين جنمن کان
عورت هجڻ جي ناتي
جيئري دفنائي وئي هُيس
جلائي وئي هيس،
بلي چڙهائي وئي هُيس
۽ هن صدي ۾:
پيار ڪرڻ جي ڏوهه ۾
ماري وئي آهيان:
انڪري:
ايندڙ زمانن جي
تاريخ ۾:
منهنجي قبر درد جي علامت
۽ ڪتبي تي
اُڪريل
منهنجو نالو
عشق جي علامت
بڻجي رهجي ويندا!
پر توکي
جيئڻو پوندو
منهنجي روح
جي تسڪين لاءِ!
ڇو ته
توکي زندهه رکڻ لاءِ
مون مرڻ قبوليو آهي!
منهنجي زندگي
تو وٽ امانت
رکيل آهي
مان ڄاڻان
ٿي ته تون ’امين‘ آهين
تڏهن به منهنجي زندگيءَ
جي پارت اٿئي!
ڏس، تنهنجي خاطر،
تنهنجي گهر وٽان
سُرمئي در وٽان
مان خالي هٿين موٽان پئي
جڏهن ته منهنجي دل
گذريل ڪيترن جُڳن کان
انهيءَ گهر اندر
گروي رکيل آهي
جيڪا جيون ڏيئي به
آزاد ڪرائي نه سگهيس
۽
هر دفعي هتان موٽندي
دل جي سرزمين تي
هڪ نئون سُور
ڦُٽندو آهي:
مون سان گڏ تنهنجو سپنن ۾
سڏڪڻ جو سُور
خوابن ۾ تنهنجي
تڙپڻ جو سُور
مون کي ٻيهر ماري وجهندو آهي:
۽ وري وري مرن
جي درد جي اذيت
مون کان وڌيڪ
ڪير ٿو ڄاڻي سگهي!
اهوئي سبب آهي جو
چاهڻ جي باوجود به
مان کن پل اُتي ترسي
تختيءَ تي لکيل
تنهنجي نالي کي
ڇُهي نه سگهندي آهيان
ڪنڌ نمائي تنهنجي در جي چائنٺ
چُمي نه سگهندي آهيان
ان خوف کان ته
جيڪڏهن
تو منهنجي
ديوانگيءَ وارو
اهو روپ ڏسي
ورتو ته
ٽرنڪولائيزر ڏيئي
سمهاريل تنهنجي دل جي تڙپ
ديوانگيءَ جو روپ ڌاري
توکي مون وٽ وٺي ايندي
۽ تون
درد ۽ عشق جي علامت بڻيل
ڪتبي واري منهنجي
قبر جو ”مجاور“ بڻجي ويندين
شگفته شاهه
هي ماڻهو……
هر هڪ آهي دل وارو ماڻهو،
ڳورو، ڀورو، توڙي ڪارو ماڻهو.
اَجهي، لَٽي ۽ اٽي لئه
حيران،
ايڏو ته هي آ ويچارو ماڻهو.
روز ڪراچيءَ ۾ ٿو ڪُسجي،
ڪيڏو آ ٿيو بي-مانو
ماڻهو.
ڌرتيءَ تي قبضو آ ڌارئين جو،
سنڌي بڻيو آ ويڳاڻو ماڻهو.
ڪرسيءَ ڪاڻ وِڪامي ٿو هي،
جو ڏسجي موتيءَ- داڻو ماڻهو.
رونق جنهن جي دم سان هئي،
سو مئي پڄاڻان فسانو ماڻهو.
جت مون کي ڪنهن تنها ڇڏيو،
ملي ويو ات ڪو پيارو ماڻهو.
نجمه
پنهور
غزل
دل ٿي چاهي اوهان جي نظر ۾ رهان،
سونهن جي، سچ جي مان اثر ۾ رهان.
مون کي ڪين گهر ڪوئي ٻيو ٿو کپي.
سدا تنهنجي دل جي ئي گهر ۾ رهان.
اهوئي منهنجي ڀاڳ لاءِ ڪافي آهي،
اوهان جي نظر جي سحر ۾ رهان.
مون کي منهنجون خاموشيون ڏاڍيون وڻيون،
اکيون وجهي گهر جي مان در ۾ رهان.
اها ڪهڙي سڏبي حياتي وري،
سڄو وقت پنهنجي اندر ۾ رهان.
”نجمه“ تنهنجون خوبيون کوڙ کوڙ،
انهيءَ جي ڳولا لاءِ سفر ۾ رهان
غزل
سارا ڏوهه بخشائڻ ايندس،
يارن کي پرچائڻ ايندس.
بسنت رُت ۾ تڙپي پوندس،
پوءِ به ٽهڪ لڳائڻ ايندس.
خوشيون ڏک جو ڪجهه هوندو،
پيارن ۾ ورهائڻ، ايندس.
گيت لکي مان گهوٽن تي،
جذبن کي جاڳائڻ ايندس.
ڪوبه نه هوندو واٽن تي،
واٽن کي سجائڻ ايندس.
سچ ڇا آهي مورک ماڻهو،
توکي سو سمجهائڻ ايندس.
تنهنجي ڪلهي مٿو لاڙي،
سارا لڙڪ وهائڻ ايندس.
گل گيت کڻي مان نڪري،
دَر دَر سڀ ورهائڻ ايندس.
غزل
ڏاڍا سدا ڪين ڪي رهندو،
ظلمُ هڪ ڏينهن نيٺ ته کُٽندو.
ڪاريءَ رات جي ڪُک مان ساجهر،
سج سُهائي بنجي اُٿندو.
جيڪو ديوار پويان آ،
هڪ ڏينهن نيٺ ته سامهون ايندو.
مون کي خوشبو مَهڪائي وئي،
خوشبو لهر کي ڪير جهليندو؟
دريا دريا منهنجون سوچون،
ڪير ڪنارو بنجي سُرندو.
تارا، چنڊ ۽ رات نماڻي،
مون سان ساٿ انهن جو هوندو.
محبوب
ڀٽي
غزل
نه ڪا هتي خوشي ملي، هلو ته پنهنجي گهر هلون،
تمام شهر اجنبي، هلو ته پنهنجي گهر هلون.
گداگريءَ جي روپ ۾ صدا هنيم گلي گلي،
نه در کُليو، نه ڪا دري، هلو ته پنهنجي گهر
هلون.
اکين ۾ لُڙڪ جون لڙيون، هِيءَ ٺاهه ٺوڪ مُرڪه، ۾
نمائشي ۽ مجلسي، هلو ته پنهنجي گهر هلون.
نگر نگر ۾ نفرتن جي آگ جو جشن ڏسو،
گلي گلي ۾ رهزني، هلو ته پنهنجي گهر هلون.
نه ڀاءُ ۾ آهي ڀائپي، نه دوستن ۾ دلبري،
عجب هتي هوا هلي، هلو ته پنهنجي گهر هلون.
ٻُڌي
نه تنهنجي ڳالهه ڪو، اُگهي نه تنهنجا چشم تر،
تون بند ڪر هي شاعري، هلو ته پنهنجي گهر هلون.
نه گفتگو مٺاس سان، نه خامشي خلوص سان،
زبان آهي ڪا ڇُري، هلو ته پنهنجي گهر هلون.
نه ڪنهن سان ڪرڪا گفتگو نه ڪنهن کي حال تون
ٻُڌاءِ،
مٿي تي غم جي هڙ کڻي، هلو ته پنهنجي گهر هلون.
چمن جو زيب ڌوپچي ويو خزان جي ماڪه ۾،
گُلن جو رنگ ڪاغذي، هلو ته پنهنجي گهر هلون.
خزان هتي بهار جي لباس ۾ چمن لُٽبو،
نه گُل رهيو نه ڪا ڪلي، هلو ته پنهنجي گهر هلون.
غزل
تون پُڇين ٿو ته زندگي ڇاهي،
مان پڇان ٿو بندگي ڇاهي.
تون پڇين ٿو ته شاعري ڇاهي،
مان پڇان ٿو پيغمبري ڇاهي.
تون پڇين ٿو ته فقيري ڇاهي،
مان پڇان ٿو تونگري ڇاهي.
تون پڇين ٿو ته حياتي ڇاهي،
مان پڇان ٿو بس بچي ڇاهي.
تون پڇين ٿو ته سادگي ڇاهي،
مان پڇان ٿو شهنشهي ڇاهي.
تون پڇين ٿو پرهه ڦُٽي ڇاهي،
مان پڇان ٿو روشني ڇاهي.
تون پڇين ٿو ته آگهي ڇاهي،
مان پڇان ٿو ته آرسي ڇاهي.
تون پڇين ٿو ته خودڪشي ڇاهي،
مان پڇان ٿو بزدلي ڇاهي.
تون پڇين ٿو مَ مئڪشي ڇاهي،
مان پڇان ٿو ته بيخودي ڇاهي.
تون پڇين ٿو هڪ صدي ڇاهي،
مان پڇان ٿو ته هڪ گهڙي ڇاهي.
تون پڇين ٿو ته بُزرگي ڇاهي،
مان پڇان ٿو خستگي ڇاهي.
ابرار ابڙو
غزل
زماني کي ڇڏيوسين ۽ خُدا جي ويجهڙو ٿياسين،
محبت کي مڃيوسين ۽ خُدا جي ويجهڙو ٿياسين.
نه پٿرن لئه پٿر ٿياسين، نه ڪنڊن لئه ڪنڊا
ٿياسين،
گُلن سان مَنُ گڏيوسين ۽ خُدا جي ويجهڙو ٿياسين.
ٿڙياسين، ٿاٻڙياسين پر وري دڳ تي اچي وياسين،
نئون رستو لڌوسين ۽ خُدا جي ويجهڙو ٿياسين.
اکين اندر عبادت جي سهيڙي جُستجُو هر دم،
پرين دل سان پڙهيوسين ۽ خُدا جي ويجهڙو ٿياسين.
مَڪان جا پنڌ پهچي ويا اچانڪ لامَڪان تائين،
عجب ڪو عشق ڪيوسين ۽ خُدا جي ويجهڙو ٿياسين.
غزل
پاڻ نه ملنداسين، جو ملڻائي ناهيون،
واريءَ جون ديوارون ڇا جي لئه ٺاهيون؟
ڄڻ ته حياتي رستن جي آکاڻي آ،
گهر کان نڪري جاڏي ڪاڏي ٿا ڪاهيون.
جاڳياسين ته فضا ۾ شور نظر آيو،
جاڳڻ کانپوءِ ڪڏهين ڪونه سُتا آهيون.
روشن آئيندي جو خواب اکين ۾ آ،
چنڊ اکين ۾ آ ۽ سج کي ٿا چاهيون.
ڪيئن سُڃاڻينداسين رب جي رمزن کي،
پاڻُ سُڃاتو ئي ناهي ته اسان ڇاهيون!
ياسين چانڊيو
غزل
کڻي نظرون نهاري ٿي، ڪئي منظر ڪُسجن ٿين ٿا،
پرينءَ جي سونهن جا جلوا، فضائن کي چريو ڪن ٿا.
ڍڪيل زلفن سان چهرو آ ڪيون ديدار ڪئن جانان،
پري ڪر زلف چهري تان، اسان جا نيڻ تڙپن ٿا.
ڇڏين ٿي ٽهڪ تون ڇوڙي نه ٿئي احساس ڪو توکي،
ته تنهنجا ٽهڪ هي ڪيڏو اثر ماحول تي ڪن ٿا!
ٻَڌين ٿي پير ۾ پايل ڪرين ٿي مست موسم کي،
اهي آواز ڇم ڇم جا، بهارن کي نچائن ٿا!
لٿي وهنجڻ لئه پاڻيءَ ۾، لڳي وئي باهه لهرن کي؟
پکي ويٺل جي پاڻيءَ ۾، ڏئي ڀڙڪا اڏامن ٿا.
غزل ”ياسين“ جو آهي پئي تنهن کي ٿي جهونگاري،
پيا گلڙا به ڪن وَهه، واهه ۽ پوپٽ گنگنائن ٿا.
غزل
تون نه آهين اداس ٿي ويوهان!
سچ ته ڏاڍو نراس ٿي ويوهان!
عشق ٻاريو بٺيءَ جي باهه جيان،
مان پچي هاڻ راس ٿي ويوهان.
عشق جي امتحان ۾ ويٺس،
هن ٻڌايو ته پاس ٿي ويوهان.
مخمور بخاري
پوهه جهڙي ڇوڪري!!
او اتر جي واءُ جهڙي ڇوڪري
ڇو نه ٿي مون تي گُهلين
او ڪڪر جي ڪڙڪاٽ جهڙي ڇوڪري
ڇو نه ٿي مون تي وسين
مان اڃايل
مان سڪايل
تاس، تاساريل من منهنجو
ڇو نه ٿي برف جيان مون تي ڳرين
او وڄ جهڙي ڇوڪري
ڇو نه ٿي مون تي ڪرين
مان مسافر
ٿاڪ ٿو چاهيان هاڻي
پير منهنجا سڀ لڦون
روح منهنجو سڀ چيرون چيرون
سسئي جو ڏونگر سمورو اورتي
مان ته آهيان الائي ڪٿان موٽيو
ڇو نه ٿي ڀرت جيان مون کي ڀرين
گج تي ٽِڪ
جهڙي ڇوڪري
او باک جهڙي اُجري
ڪا اڌ کڙيل جهڙي مکڙي
ڇو نه ٿي مون تي ٽڙين
ٽانڊا ٽانڊا من منهنجو
ڇو نه ٿي پوهه جيان مون تي پوين
او رُٺل ڇوڪري
ڇو نه ٿي مون سان کلين
ڇو نه ٿي مون ڏي اچين
او اتر جي واءُ جهڙي ڇوڪري!!!
توکي چاهي وٺون
خواب ٿي وينداسين
مگر ان کان پهرئين
توکي چاهي وٺان
تنهنجي سونهن کي
ماڻي وٺان
توکي چاهي وٺان
حسن تنهنجي کي
پوڄي وٺان
سونهن نکري پوي
۽
پوءِ وکري وڃي
ان کان اڳي
تنهنجي چپڙن تي
پنهنجي نالي جي
سرگم نچندي ڏسان
۽ خود کي مهڪندي ڏسان
مکڙي ڏسان
گل ڏسان
گل جي سڳنڌ ماڻي وٺان
توکي چاهي وٺان!
تو کي چاهي وٺان!!!
ثمينه ميمڻ
آزاد نظم
چاندوڪي رات ۽ اولڙو
ٻه دليون ريتن ۽ رسمن
نفرتن ۽ قدورتن کان بي نياز
پنهنجي پريم ڪهاڻيءَ کي
ابتدا کان انتها تائين
پهچائڻ جا وچن پيون ڪن
پر افسوس...... صد افسوس
جو کين اها سُڌ ئي ڪانهي
ته ڪي اهي وچن ۽ واعدا
سندن ئي راهه ۾
ايندڙ رڪاوٽن جي هڪ ڪڙي آهن.
غزل
جو نه چاهيم لکڻ سو به لکجي ويو،
جي لڪائڻ چاهيم نه لڪجي سگهيو.
هو به ڏور ئي ٿيو منهنجي ڀر ۾ هوندي،
نه وسارڻ چاهيم ته به وسري ويو.
ڪا ياد آئي لڙڪ نه رُڪجي سگهيو،
ڪنهن کي ياد ڪيم نه ياد اچي سگهيو.
هُو به پنهنجو هئو آئون سمجهي ويٺس،
ڪرڻ پنهنجو چاهيم، ٿي نه پنهنجو سگهيو.
هُو به روئي ويٺو ياد شايد ڪري،
رات جي اُماس ۾ اونداهيءَ رات ۾.
خوشبوءَ جو احساس
اي بهارن جي دلفريب هوا
نيڻن، حواسن ۾ محسوس
ڪرڻ کان سواءِ
پکڙيل پَنا ۽ ٽُٽل خواب
موسم خزان جي
پيرن هيٺان ڇَڻيل پَنَ
ڪيترائي يادن جا پَلَ
۽ سُڪل گُل سانڍيم
ائين ڄڻ
ڪي تو، ها ڏنا
چانڊوڪيءَ ۾ خوبصورت گُل
ٽِڙيا، مُرڪيا ۽ مُرجهائجي ويا.
رسم جو صليب
هُوءَ اڄ پاڻ
هِن سماج جو
هُئي حصو بڻي
جيڪا ڪڏهن
عورت جي ڏاڍ خلاف
هُئي آواز بڻي
”تون اِها رسم نه ٿي ڪري سگهين!“
ڪٿان آواز هو آيو
”تون زال نه پر رَن زال آهين!“
مِٺائيءَ ڏانهن وڌيل هٿُ
هُن جو هو رُڪجي ويو
اَزخود هو رَئي ۾ لِڪجي ويو!
|