سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2012ع

مضمون

صفحو :6

هت اهو سوال اڀري ٿو ته ڇا ڏيڍ سؤ سال جي عمر جو هڪ جُهور پوڙهو ماڻهو مغلن سان ترار هلائي وڙهي ۽ جنگ جي ميدان ۾ قتل ٿي سگهي ٿو؟ هيءُ جواب خود چانڊيو ليکڪ ڏيئي سگهي ٿو.

دراصل تاريخي حقائق جي مطابق مؤندر چانڊيو 1550ع جي ڌاري پيدا ٿيو ۽ تقريباً 1620ع ڌاري پنهنجي طبعي موت فوت ٿي ويو. يوسف ميرڪ خود ان دور جو اکين ڏٺو شاهد آهي، جنهن مؤندر چانڊيو جي مغلن سان ڪنهن به ويڙهاند ۾ قتل ٿيڻ جي وارتا پيش نه ڪئي آهي. مؤندر چانڊيو جو ميان نصير محمد ڪلهوڙي پاران مغلن سان ويڙهاند ۽ ان ۾ قتل ٿيڻ جو واقعو، چانڊيو ليکڪ جي پنهنجي هٿ جي من گهڙت وارتا آهي، جنهن جو حقيقت سان ڪوبه واسطو نه آهي.

ڄام نندي پاران چانڊين کي جاگير ڏيڻ واري سَندَ جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو:

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، چانڊين جي سردار سريمڻ (جيڪو اصل سرمن < سريمڻ لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ ڌرمي فقير ۽ سنياسي) جنهن جو لاڳاپو ٻڌ ڌرم سان هجي (81)، کي ڄام نظام الدين سمي پاران، دولهه دريا خان سان گڏ سبيءَ ۾ شاهه بيگ ارغون خلاف وڙهڻ جي عيوض هڪ وڏي جاگير عنايت ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آهي، اها جاگير پوءِ چانڊين جي نالي جي وجهه کان ”چانڊڪا“ يا ”چانڊوڪي“ مشهور ٿِي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته:

”ڄام نندو پنهنجي قابل سپهه سالار دريا خان جي هٿ هيٺ شاهه بيگ ارغون کي شڪست ڏيڻ لاءِ هڪ وڏو لشڪر چاڙهي موڪليو. انهن  ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي واري پرڳڻي ۾ چانڊين جي سرداري هئي. چانڊين جي سردار سريمڻ خان، دريا خان جي فوجي مدد ڪئي، انهيءَ ڪري شاهه بيگ ارغون کي شڪست آئي. هن ويڙهه ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ سلطان محمود مارجي ويو. انهي ڪري دريا خان، سريمڻ خان چانڊئي تي تمام گهڻو راضي ٿيو ۽ کيس وڏي جاگير انعام طور ڏنائينس. اهڙي طرح لاڙڪاڻي واري علائقي تي  ”چانڊڪا پرڳڻو“ نالو پئجي ويو....... (82).“

ان کان بعد چانڊيو ليکڪ نه صرف ان جاگير کي يقيني بنائڻ لاءِ سمي حاڪم پاران جاگير سان گڏ سَندَ ڏيڻ جو به اعتراف ڪيو آهي ۽ ان جون يعني جاگير جون جاگرافيائي حدون به ٻڌايون آهن. هو لکي ٿو ته:

”12 ربيع الاول سن 907هه بروز جمعة مطابق سن 1501عيسوي................. جاگير (ملي).. ...... عظيم جاگير جو انتظام ۽ ان جو احوال، جاگير جون حدون هن طرح آهن

1. شمال (اتر) سردار سڄڻ خان مهر و سردار گهرام خان

2. مغرب (اولهه) ڪوهه دريارو/ڏاڙهاڙيو گورسگ

3. جنوب (ڏکڻ) مغرب ڪاهان (ڳاهان)

اسان هن عظيم جاگير کي چوڏهن حصن ۾ تقسيم ڪيون ٿا، يعني چوڏهن پرڳڻن ۾، جنهن جو تفصيل هن طرح آهي:

1. پرڳڻو پنج ڦير پنج کڙ، 2. پرڳڻو تشوخ بشام فقير. 3. پرڳڻو ڪوهه هالار، 4. پرڳڻو ڪوهه کڙ ڪوهه.

5. پرڳڻو مزاراڻي،  6. پرڳڻو پنرو، 7. پرڳڻو بڊاماڻي، 8. پرڳڻو ليلان و چنيسر، 9. پرڳڻو ٻانڀيڻون،

. پرڳڻو مخي، 11. پرڳڻو کارا، 12. پرڳڻو مغربي باغبان، 13. پرڳڻو جمود....... (83).“

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي وري 2001ع ۾ پڻ ساڳئي پنهنجي مٿي پيش ڪيل تحرير کي ورجايو آهي(84

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، چانڊيو ليکڪ جي حوالي سان نه صرف ان سَندَ جو ذڪر ڪيو آهي، بلڪه ان جو فارسي تحريري نمونو پڻ پيش ڪيو اٿائين. ڊاڪٽر بلوچ، سَندَ جو متن ڏيندي لکي ٿو ته:

”سلطان ڄام نظام الدين........ پنهنجي وزير دريا خان کي وڏو مان مرتبو ڏيئي فوج جو مهندار ۽ سپهه سالار ڪيو ۽ سڄي لاشاري قبيلي کي پنهنجو ڪري ڇڏيو..... سنڌ جي انهيءَ قوت ۽ طاقت سان ارغونن کي شڪست آئي ۽ سبيءَ تي سنڌ جو قبضو قائم رهيو. سبيءَ جو قلعو خاص طرح چانڊين جي فوجي سپهه سالار سريمڻ خان ۽ سندس  فوجي دستي جي بهادريءَ ۽ حڪمت عمليءَ سان فتح ٿيو. انهي ڪري سلطان ڄام نظام الدين، سريمڻ خان کي غيبي خان جو خطاب ڏنو ۽ پڻ مهيني ربيع الاول 907هه ۾ جاگير جي سَنَدَ ڏني

دوازده ماه ربيع الاول بروز جمعة المبارک هجري مقدسه نهُه صد و هفت جاگير عنايت شده بادشاهه عادل سلطان نظام الدين شاهه بن سلطان صدر الدين شاهه بن سلطان صلاح الدين شاهه بن سلطان رکن الدين شاهه منصوبه بوده انواء ايجاہ (؟) مرتبه سريمڻ خان چانديه سردار قوم خويش به اولاد و اهل جان ايشان بقراره به پشت به پشت چنانچه در مستقبل زمان تاحيات دنياي جهان متصرفي ايشان راهيچ دخل نه خواهد شد لهٰذا انعام مرقوم مسبوق مقدم دانسته سند هذا داده ميشود و اگر مستقبل وقت کسي که حکومت اين خطه کند و اين جاگير رابه ايشان ضرر رساند بر او انس و جن  لعنت کند. فهرست حدون جاگير مشرقا: باغبانه پرگنه و جاگير مخدوم بلاول و لالولارک ومتصل شمالاً شکار گاه سردار سجن خان مهر. شمالاً: حدود سردار گهرام خان لاشاري و متصل شکار گاهه سردار سجن خان مهر مغرباً: کوه کير تر ميان گن و گورغ و دارهاريو  و هرباب و متصل گاج و جمودو. جنوباً: گاها پرگنه و جاگير خان الاعظم مبارک خان دريا خان و متصل جاگير مخدوم بلاول و باغبان پرگنه.

مُهر

بادشاهه عادل

سلطان، نظام الدين شاهه

بن سلطان صدر الدين شاهه (85

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ حڪيم عبدالمجيد چانڊيو جن جيڪا نالي ۾ سَندَ پيش ڪئي آهي، اها صرف فارسي تحرير جا نمونا آهن، باقي ذڪر ڪيل اصل سَندَ ثبوت طور پيش نه ڪئي آهي. جنهن لاءِ سواءِ انومانن ۽ شڪي ڳالهين جي ڪا حتمي ۽ حقيقي ڳالهه نه ٿي سمجهي سگهجي. ڇو ته اصل شيءِ سامهون نه آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب دريا خان (دولهه دريا خان) کي لاشاري بلوچ قرار ڏنو هو (86). وري 2005ع ۾ پنهنجي ساڳيءَ راءِ کي دهرائيندي لکي ٿو ته:

”لاشاري قبيلي مان خان دريا خان، سلطان ڄام  نظام الدين جو وڏي اعتماد وارو وزير ۽ سپهه سالار هو، جنهن کي سلطان پنهنجو پٽيلو ڪيو ۽ خان الاعظم جو خطاب ڏنو........... (87).“

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، چانگ قبيلي کي به ٻروچ قرار ڏيندي، انهن کي چانڊين ۽ دولهه دريا خان جو ساٿاري قرار ڏيئي ٿو، هو لکي ٿو ته:

”بلوچ قبيلن مان چانگ هڪ آڳاٽو قبيلو آهي، ........ چانگ وڏي بلوچ قبيلي هوت جي شاخ آهن..... جڏهن چانڊيا ۽ چانگ ذوالنون سان وڙهيا (يعني ارغونن سان سبيءَ ۾ وڙهيا). اهو سلطان ڄام نظام الدين جو دور هو. جڏهن دريا خان سپهه سالار هو....... (88).“

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، چانڊيو ليکڪ ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مٿين تحريرن جو محتاط مطالعو ڪرڻ بعد، اسان جي سامهون هيٺيان ٽي نڪتا نتيجي طور سامهون اچن ٿا:

1. ڇا دولهه دريا خان، لاشاري بلوچ هو؟

2.  ڇا چانگ قبيلو به بلوچ آهي؟ بلوچ هجڻ جي ناتي چانڊين سان گڏجي دريا خان جو ارغونن خلاف ويڙهه ۾ ساٿ ڏنو هو. ان جنگ/جنگين ۾ دريا خان، چانڊين جي سردار سريمڻ خان کي سَمه حاڪم پاران هڪ وڏي جاگير وٺرائي ڏني.

هن نُڪتي ۾ هيٺيان  نتيجا سامهون اچن ٿا:

الف:

سَندَ ۾ چانڊيا جاگير جون حدون ۽ متصل علائقن ۽ جاگيرن جي وچور مطابق مشرق (اوڀر) ۾ باغبان پرڳڻو ۽ مخدوم بلاول جي جاگير ۽ لالو لاڙڪ ۽ اتر ۾ دنگئي سردار سڄڻ خان مهر جو شڪار گاهه.

ب:

شمال (اتر) ۾ سردار گهرام خان لاشاري جي جاگير ۽ دنگئي سردار سڄڻ خان مهر جو شڪارگاهه

ج:

شمال (اتر) ۽ مشرق (اوڀر) ڪنڊ تي/ ۾ سردار سڄڻ خان مهر جو شڪارگاهه ڄاڻايل آهي.

د:

ڇا چانڊين کي جاگير ملڻ کان پوءِ ”چانڊڪا“ يا ”چانڊوڪي“ نالا مشهور ٿيا؟ يا ان کان اڳ اهي نالا/نالو مستعمل هو؟

هه:

چانڊين 1490ع ۾ جنگي معرڪا ڪيا ۽ ڄام نندي کين يارنهن سال پوءِ دير سان ڇو جاگير ڏني؟ اها ڪهڙي وجهه هئي؟

اسان هيٺ ترتيب ۽ تسلسل سان مٿين پنجن نُڪتن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو وٺي، اصل حقيقتن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

1. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، دولهه دريا خان کي لاشاري بلوچ قرار ڏنو آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي ان ذاتي راءِ سان تقريباً سموري سنڌ جي مؤرخن ۽ محققن نه صرف اختلاف رکيو، بلڪه ان کي تاريخي حقائق ۽ شاهدين جي روءِ سان غلط قرار ڏنو. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ کي رد ڪندي لکي ٿو ته:

”همعصر دور جي نامور اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان، دريا خان کي لاشاري بلوچ سڏيو آهي. ڊاڪٽر صاحب مختلف روايتن، رند- لاشار جنگ جي پس منظر، نالي ۾ ”خان“ لفظ ۽ ڪجهه ٻين گمانن جي آڌار تي هيءَ راءِ قائم ڪئي آهي. جيڪڏهن سنڌ جو هيءُ وطن دوست سپاهي لاشاري (بلوچ) هو ته، پوءِ آڳاٽا مصنف به پڪ سان ائين لکندي نه ڪيٻائين ها. مير معصوم جو ڪتاب ”تاريخ معصومي“ هن دور تي پهريون دستاويزي ماخذ آهي. ان موجب دريا خان سمن جي قبيلي يا سماٽ گروهن سان لاڳاپو رکندڙ هو....... هن سپهه سالار جو نالو دريا خان ۽ لقب مبارڪ خان هو. قبوليو (قبوله) اصل ۾ سندس قبيلو هو. هيءُ قبيلو سماٽ ۾ اچي ٿو ۽ اڄ سوڌو دادو ضلعي ۾ آباد آهي. خود دريا خان جي جاگير (ڳاها) به هن ضلعي ۾ هئي. هن ضلعي جي معتبر راوين جي روايت به اها ئي آهي ته، دريا خان، ذات جو قبوليو هو. هن قبيلي جا اڪثر ڳوٺ اڄ به دادو ضلعي ۾ موجود آهن........ (89)“.

سنڌي مؤرخن ۽ محققن پاران ڊاڪٽر بلوچ جي ان راءِ کي رد ڪرڻ بعد، هن ڪڏهن به انهن جو جواب نه ڏنو. ان جي معنيٰ ته هو پنهنجي ان راءِ کي غلط تصور ڪيو.

2. ڊاڪٽر بلوچ، چانگ ذات يا قبيلي کي بلوچ قرار ڏنو آهي ۽ سندس راءِ جي مطابق ته هيءُ قبيلو دريا خان جي چوڻ تي چانڊين سان گڏجي سبيءَ ۾ ارغونن سان سندس ۽ ڄام نظام الدين پاران وڙهيا هئا.

تاريخي ۽ نسلي حقائق جي مطابق چانگ قبيلو، بلوچ نه بلڪ هندي (سنڌي) آهي. چانگ قبيلي وارا چنگ، گراٿ ۽ باهتي جي به نالن سان مشهور آهن. هن قبيلي ۾ ڪُنڊل، ياردواج، پٿاري، ڇابرو، ريڙو، بڊيال، ڇورا ۽ بَٽو ذاتيون آهن. هنن جا هوشيارپور ضلعي جي دسموئيه تعلقي ۾ ڳوٺ ۽ وسنديون موجود آهن، جتي تقريباً سڀئي چانگ هاري آهن (90).

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هن قبيلي جا احمداڻي (اجوداڻي)، باداڻي، پانڌياڻي، چاڪراڻي، دوستلياڻي، ريحاني، فتحاڻي، فتحياڻي، لڏياڻي، مانجهياڻي، ميراڻي، غازياڻي، گاهياڻي، نوڪراڻي، ڪنگاڻي، ڪوهو ناناڻي (ڪوهوداڻي) ۽ ميواڻي ذاتيون مشهور آهن. جتن ۾ به هڪ ذات جو نالو چانگ آهي، ۽ چانگ لفظ جي معنيٰ اوٺار يعني اٺ پالڻ، ڌارڻ وارو(91). اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي اهم آهي، ته ”جت“ سنڌي ۽ سنڌ جا قديم رهاڪو آهن (92).

چانگ قبيلو، چانڊين، دريا خان ۽ ڄام نظام الدين جو ساٿاري نه هو ۽ نه ئي ارغونن جي خلاف جنگ ۾ حصو ورتو هو. بلڪ ان جي برعڪس چانگ، سمي حاڪم ۽ دريا خان جو وڏو مخالف هو. ان سلسلي ۾ محترم جي. ايم. سيد لکي ٿو ته:

”نواب دريا خان، مخدوم بلاول عليہ الرحمة ۽ سيد حيدر جو ڏاڏو (مدفن نزديه خانوٺ) ڄام نظام الدين سمي جي مقربن مان هو، جنهن ڪري نواب دريا خان کي ساڻس عقيدت ٿي ويئي. ان سندس ڀر ۾ اڳوڻيءَ گوپانگ اسٽيشن جي ڀرسان هڪ قبائين جاءِ پنهنجي رهڻ لاءِ ٺهرائي هئي، جتي هو رهي، سخي صاحب (سخي ابراهيم شاهه) سان اڪثر ملاقاتون ڪندو هو ۽ چانگ قبيلي کي شاهه صاحب جي مريدن جي مدد سان هڪالي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو.... (93).“

ان مان صاف ظاهر آهي ته موجوده ڪوٽڙي تعلقي ۾ چانگ قبيلي فساد ڪيو. ان وقت هن علائقي ۾ سخي ابراهيم شاهه جو وڏو اثر هو جيڪو ڄام نندي جو دوست هو. سخي صاحب هن تعلق سبب فساد کي ڪچلڻ ۾ دريا خان جي وڏي مدد ڪئي. سخي ابراهيم شاهه انهن معرڪن ۾ شهيد ٿي ويو. سندس مزار خانوٺ ۾ آهي. سخي ابراهيم شاهه جو پوٽو سيد حيدر سن وارو، دريا خان جو دوست هو. هن لاڳاپي سبب پوءِ دريا خان گوپانگ اسٽيشن جي ڀرسان هڪ قُبائين جاءِ ٺهرائي جتي اڪثر اچي رهندو هو (94). محترم جي. ايم. سيد جي ان مٿئين تحرير جي آڌار ۽ بنياد تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا هي لفظ:

”چانڊيا ۽ چانگ، ذوالنون سان وڙهيا (يعني ارغونن سان سبيءَ ۾ وڙهيا). اهو سلطان ڄام نظام الدين جو دور هو....... (95).“ ڊَهي پَٽَ پون ٿا ته سندس چانگن جو، چانڊين ۽ دولهه دريا خان سان گڏجي ارغونن خلاف وڙهڻ، تاريخي حقائق جي برعڪس صرف افسانو آهي.

الف: چانڊيا جاگير واري سَندَ ۾ جاگير جون جاگرافيائي حدن جي سلسلي ۾ مشرق (اوڀر) ۾ باغبان پرڳڻو، مخدوم بلاول جي جاگير، لالو لاڙڪ واقع آهن ۽ اتر ۾ سردار سڄڻ خان مهر جو شڪار گاهه دنگئي آهي.

جڏهن اسان سند ۾ پيش ڪيل/ٻڌايل/ڄاڻايل پرڳڻن جي جاگرافيائي بيهڪ جو مطالعو ڪريون ٿا ته ڄاڻايل طرفن ۾ پرڳڻا ۽ جاگيرن جي جاگرافيائي بيهڪ غلط ثابت ٿئي ٿي، ڇو ته سنڌ جو نامور جاگرافيدان، محقق ۽ مؤرخ ايم. ايڇ. پنهور طرفان تيار ڪيل نقشي (96) ۾ شاهه بيگ ارغون جي ابتدائي دور ۾ باغبان پرڳڻو، مخدوم بلاول جي جاگير، لالو لاڙڪ مشرق (اوڀر) جي برعڪس اتر- اولهه ۾ ڏيکاريل آهن. جڏهن ته سردار سڄڻ خان مهر جو شڪار گاهه (جتوئي پرڳڻو) اتر بدران اوڀر ۾ واقع هو.

ان مان صاف ظاهر آهي ته سند جون جيڪي جاگرافيائي حدون ڄاڻايون ويون آهن، اهي تحقيقي ۽ جاگرافيائي حوالي سان صحيح نه آهن.

ب:

چانڊيا جاگير واري سَنَدَ ۾ اترائين پاسي ۾ صرف سردار گهرام لاشاريءَ جي جاگير کي سڄڻ خان مهر جي شڪارگاهه دنگئي ڏيکاريو ويو آهي.

اسان اڳتي ان جاگير تي بحث ڪنداسون ته ان نالي شخص کي جاگير هئي يا هيءُ به هڪ غير حقيقي ۽ افسانوي ڪردار آهي.

مليل تاريخي ثبوتن ۽ شاهدين جي مطابق سنڌ جي اترين ڀاڱي ۾ سبي پرڳڻو واقع هو، جيڪو هڪ طرف جتوئي پرڳڻي (جنهن ۾ سڄڻ خان مهر جو شڪارگاهه به اچي ٿي ويو) ۽ ٻئي طرف چانڊڪا پرڳڻي سان دنگئي هو. سبي پرڳڻو قديم زماني کان سنڌ جو حصو رهيو آهي. سبي پرڳڻي سان دنگئي حدون سامهون واري نقشي ۾ واضح طور ڏسڻ ۾ اچن ٿا. (ڏسو نقشو نمبر1) (97).

ايم. ايڇ پنهور صاحب، شاهه بيگ ارغون جو سنڌ تي فوجي حملن وارو جيڪو جاگرافيائي نقشو تيار ڪيو آهي، تنهن ۾ پڻ جتوئي پرڳڻو (سڄڻ خان مهر جو شڪارگاهه يا شڪارپور واري ايراضي جو اتريون پاسو، هاڻي جيڪب آباد ضلعي سان دنگئي آهي.) سبي پرڳڻي سان متصل هو. چانڊڪا پرڳڻي جو پڻ اتريون پاسو هڪ طرف سبي پرڳڻي سان ٻئي طرف اتريون ۽ اولاهون طرف هالار جبل سان متصل هئا. مؤرخ هيوگز، چانڊڪا پرڳڻي جي اتريون ۽ اولاهين حدن جي پوزيشن جي لاءِ لکي ٿو ته:

“It extends to the Desert of Kuchee…… to the north, and the Hala Range of the hills for its western… (98)

باقي سنڌ ۽ بلوچستان جي اصلي (بلوچ مؤرخن جا لکيل ڪتاب نه) تاريخن ۾ ڪٿي به ڄام نظام الدين جي دور (1508-1461ع) ۾ سنڌ جي اترين پاسي يعني سبي پرڳڻي ۾ سنڌ سان متصل سرحد تي ”سردار گهرام لاشاري“ نالي ڪوئي شخص ۽ نه ئي سندس نالي ڪا جاگير هئي ۽ نه وري ڪو اهڙو تاريخي ۽ سَندِي اهڃاڻ ملي ٿو.

چانڊيا جاگير واري سنڌ ۾ اها پهرين تحرير آهي. جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي اصلي تاريخي ماخذن ۽ دستاويزي ثبوتن جي برعڪس گهرام لاشاري جي جاگير طرف اشارو ڪيل آهي. جڏهن ته اتر طرف سبيءَ جو پرڳڻو، جنهن ۾ ڪڇي، گنجابا وارا علائقا اچي ٿي ويا، جيڪي سبي جاگيردار جي هٿ هيٺ هئا ۽ سبي قديم دور کان سنڌ جو حصو رهيو آهي.

سڀ کان پهرين تاريخي حقائق ۽ دستاويزي ثبوتن جي مطابق ڄام فتح خان (1428ع- 1413ع) تقريباً 1445ع دوران بکر جي علائقي تي قبضو ڪيو ۽ ان کان پوءِ سبي، ڪڇي ۽ گنداواهه (گنجابه) تي به قبضو ڪيائين(99). ان کان بعد ڄام نظام الدين (1508ع-1461ع) تائين پڻ قبضو بحال هو. هن جي دور ۾ ذوالنون ارغون، سبيءَ تي حملو ڪري، ڄام نظام الدين جي مقرر گورنر بهادر خان کي قتل ڪري، علائقي تي قبضو ڪيائين ۽ اتي پنهنجي طرفان پنهنجي وٽ سلطان محمدکي گورنر مقرر ڪيائين. ارغونن جي ان حملي بعد 1490ع ڌاري دولهه دريا خان سبيءَ تي ٻيهر قبضو ڄمايو ۽ ارغونن پاران سلطان محمد مارجي ويو. اهڙي طرح سبي پرڳڻو ارغونن، ترخانن ۽ پوءِ اڪبر بادشاهه جو 1575ع ۾ سنڌ کي مغل سلطنت سان ملائڻ تائين سنڌ جو حصو ۽ مغل جاگيردارن جي جاگيرداري ۾ هو، نه ڪ گهرام لاشاري جي جاگيرداري ۾ شامل هو. ان هڪ سؤ سٺ سالن يعني 1415ع کان 1575ع تائين جي عرصي ۾ گنجابه تي ڪنهن سردار گهرام لاشاري جي حڪومت، جاگير يا جاگيرداري جو ڪو ثبوت نه ٿو ملي. تاريخي حوالي سان سردار گهرام لاشاري جي شخصيت ۽ سندس نالي منسوب ڪيل جاگير ائين غير حقيقي، تاريخي، يعني افسانوي آهي، جيئن ”چاڪر رند“ جنهن کي بلوچ تاريخ ۾ ”بلوچن جو عظيم هيرو“ ڄاڻائڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي ٿي، جو ڪردار ۽ ڪارناما غير تاريخي آهن. جيئن محترم عزيز لوڻي رقمطراز آهي ته:

“A Careful reading of the relevant Persian text suggests that Chakar rind was not `Mir Chakar Rind`

Besides, far form being a hero of Baloches, Chakar is shown both by legend as well as history… (100)

(هلندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com