بغداد جي ماڻهن ڏٺو ته جلاد ابوالحارث جي تلوار
چمڪي ۽ سڀ کان اڳ منصور جا ٻئي هٿ ڪاٽجي ويا.
منصور ٽهڪ ڏنو ۽ پڇيائونس ”اِن حال ۾ به خوش پيو
ڏسجين؟“
جواب ڏنائين:
”ٻڌل انسان جا هٿ ڪپڻ سولو ڪم آهي. مرد اُهو آهي،
جو منهنجو هٿ (دستِ صفات) وڍي ڏيکاري، جنهن سان
مون عرشَ تان همت جو ’ڪلاه‘ لاهي پنهنجي مٿي تي
رکيو آهي.“
’هٿ ڪرايون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانهن!‘
(شاهه لطيف)
ٻيو دفعو تلوارَ چمڪي ۽ منصور جا ٻئي پيرَ ڪپجي
پري وڃي ڪريا. هڪ دفعو وري مُرڪيائين. پڇيائونس:
”اڃا به خوش آهين؟“
مُرڪي چيائين:
”انهن پيرن سان آءٌ زمين تي هلندو هئس، پر مون کي
قدرت ٻيا اهڙا پير (باطني پير) ڏنا آهن، جن سان
جيڪڏهن آءٌ چاهيان ته ٻنهي جهانن جو سير ڪري سگهان
ٿو. همٿ اٿوَ ته اُهي پيرَ ڪاٽي ڏيکاريو.“
اُن کان پوءِ منصور پنهنجي (ڪپيل/ رت هاڻن هٿن)
وڍيل ٻانهن مان وهندڙ رت کي پنهنجي مُنهن کي ملي
سُرخ ڪري ڇڏيو.
هُجوم مان ڪنهن پڇيس ته:
”ائين ڇو ٿو ڪرين؟“
منصور وراڻيو:
”رت وَهڻ ڪري منهنجو چهرو پِيلو ٿي ويو آهي، ڪٿي
اَوهين نه سمجهو ته اها پيلاڻ خوف ۽ ڊپ جي ڪري
آهي، مون پنهنجي مُنهن تي رت انڪري مليو آهي ته
جيئن توهان جي آڏو سُرخرو (سُرخ روءِ) رهان، ڇاڪاڻ
ته مردن جي سُرخي سندن خون سان ٿيندي آهي.“
اُن تي هڪ ماڻهوءَ پڇيس ته: ”چهري کي ته لهوءَ سان
لال ڪيو اٿئي،
پر سَڄيون ٻانهون ڇو رت هاڻيون ڪيون اٿئي؟“
جواب ڏنائين:
”رَڪَعتانِ فِي العِشق لا يَصّحُ وُضوئھما اِلا
بالّدمِ.“
]عشق
جي نمازَ جون ٻه رڪعتون پڙهڻ لاءِ رَت سان وضو ڪرڻ
ضروري آهي.[
شاهه لطيفَ منصور جي انگن ڪٽجڻ جو احوال سُر ڪلياڻ
۾ تفصيلي طرح ڪيو آهي ۽ هڪ عاشق جون وصفون بيان
ڪندي چوي ٿو:
پهرين ڪاتي پاءِ، پُڇج پوءِ پريتڻو،
ڏک پريان جو ڏيل ۾، واڄٽ جيئن وڄاءِ.....
(داستان 2، بيت 10)
ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهه، ڳن ويندڙ هٿَ ۾،
پسيو پر عجيب جي، لِچئو وڃي لوهه،
عاشقن اندوهه، سدا معشوقن جو!
(داستان 2، بيت 11)
ڪاتي تکي مَ ٿئي، مَر مُنيائي هوءِ،
مانَ وِرمن توءِ، مون پريان جا هٿڙا!
(داستان 2، بيت 12)
جي تون سڪڻ سکئو، ڪاتي پئيءَ مَ ڪِنجهه،
سپيريان جي سور جو، ماڻهن ڏجي نه منجهه،
اندر ايءَ اهنج، سانڍج سُکائون ڪري.
(داستان 2، بيت 14)
جان وڍئين تان ويهه، نا ته وٺيو واٽ ونءُ تون،
هي تنين جو ڏيهه، ڪاتِي جنين هٿَ ۾!
(داستان 2، بيت 15)
اُن کانپوءِ جلاد، منصور جون اکيون پڻ ڪڍي ڇڏيون،
جنهن تي منصور چيو:
”منهنجون باطني اکيون هاڻي به اُن کي ڏسي رهيون
آهن، جيڪو منهنجي طلب ۽ گهرج آهي.“
شاهه لطيف اُن ڪيفيت جو اظهار هن ريت ڪيو آهي:
ڏسڻ جي ڏسين، ته همھ کي حق چئين!
(سر بروو سنڌي، داستان 4، بيت 16)
اکيون سيئي ڌار، جيڪي پسن پرينءَ کي!
ــــ
سُرمو سُرخيءَ جو، جڏهن پاتو جن،
تڏهن ڏٺي تن، رونق ريٽي جهڙي!
(سر بروو سنڌي، داستان 4، بيت 35)
منصور جي اُن گفتگوءَ تي سمورو هجوم تڙپي اُٿيو.
ڪجهه ماڻهو ڳوڙها وهائي رهيا هئا ته ڪي سرڪاري
دلال اڃا به کيس پٿر هڻي رهيا هئا.
اڃا منصور ۾ ساهُه ۽ سمجَهه باقي هئي ته کيس ڇِڪي
صليب تي پهچايو ويو. منصور حلاج صليب کي چُمي ڏني.
اُن وقت به ڪن ماڻهن هن سان ڪلام ڪيو. هڪ شخص
پُڇيس:
”منصور جا فرزند! ڇا حال آهي؟“
چيائين: ”مردن جو معراج ڦاسيءَ جي تختي تي ٿيندو
آهي.“
اهو مفهوم شاهه لطيف هن ريت ادا ڪيو آهي:
انڌا اونڌا ويڄ، کَل ڪڄاڙيا کانئيين،
’سُوري جنين سيج، مرڻ تن مشاهدو‘.
(سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 2)
سُوري سينگاري، اصل عاشقن کي،
لُڏيا ڪين لطيف چئي، ٿيا نيزي نظاري،
ڪوٺيو ڪناري، آڻيو چاڙهي اُن کي.
(سر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 6)
’سُوري سَڏُ ڪري، اُڀي عاشقن کي‘،
جي اٿئي سڌ سِڪڻ جي ته ڪر مَ پير پري،
سِسي دارِ ڌري، پڇج پوءِ پريتڻو!
(سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 4)
سُوري آ سينگار، اڳهين عاشقن جو،
مڙڻ موٽڻ ميهڻو، ٿيا نظاري نروار،
ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن کي!
(سر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 5)
شاهه جا هي بيت، منصور جي ڪلام: ”مردن جو معراج
ڦاسيءَ جي تختي تي ٿيندو آهي“، جي چٽي تشريح آهن.
اُن موقعي تي منصور جي دوست ۽ مشهور صوفيءَ،
ابوبڪر شبليءَ زور سان قرآن مجيد جي هيٺين آيت
پڙهي:
”اَولم نَنهَڪ عن العالمين“
(اسان توکي دنيا جي ماڻهن کان جهليو نه هو؟)
اُن آواز تي حلاجَ، شبليءَ ڏانهن رُخ ڪيو ته
شبليءَ سوال پڇيس:
”ما التّصوفُ يا حلاج؟“
ترجمو: ”اي حلاج! ٻڌاءِ، تصوف ڇا آهي؟“
جواب ڏنائين:
”جيڪي ڏسي رهيو آهين، سا تصوف جي سڀ کان ادنيٰ
صورت آهي.“
اِن تي شبلي پڇيس: ”پوءِ ٻُڌاءِ ته اُن جي اعليٰ
صورت ڪهڙي آهي؟“
جواب ڏنائين: ”تنهنجي اوستائين پهچ نه آهي.“
شاهه لطيف، ڇا خوب چيو آهي:
اڃا تو منجهاء، ڪَکَ ڇُتي رت نڪري،
مُنهن ۾ محبوبن جا، ڪيئن جهليندي گهاء،
سو تون ڪڄاڙياء، سڪڻ جون سڌون ڪرين!
(سُر يمن ڪلياڻ، داستان 7، بيت 7)
چون ٿا ته صليب/ سوريءَ جي ڪاٺ کي جڏهن منصور حلاج
ويجهو پهتو ته کانئس هيءَ مناجات ٻڌي وئي:
نظري بدءُ عِلّتي ويح قلبي وَماجنا،
يا مُعين الفناءِ عليٰ اغني علي الفناءِ
ترجمو:
]منهنجي
نگاهه منهنجي بيماري آندي، منهنجيءَ دل مون کي
ڪيئن نه مصيبت ۾ اَڙايو.[
”فنا جي مقام تي پهچائڻ وارا!
(بيماري مسلط ڪندڙ) مون کي اُن مقام تي رسڻ ۾ مدد
ڪر! (يعني: بيماري برداشت ڪرڻ جي قوت عطا
فرماءِ!)“
صليب تي ٽنگجڻ مهل هيءَ مناجات ڪيائين:
الاهي! اصُحبت في الدار غائب
اَ اَنظرک الي العجائب!
الاهي! اِنڪ توّدد اليٰ من يُود
ڪيف لاتودد اليٰ من يُوءِ ذي افيڪ.
(ترجمو: ”يا خدا! دلپسند ۽ من موهيندڙ دنيا ۾
پنهنجو وقت گذاري ورتم.
منهنجي نگاهه عجائبات تي آهي.
منهنجا مالڪ! تون ته اُنهن سان به محبت ٿو ڪرين،
جيڪي توکي ايذاءَ رسائين ٿا.
پوءِ تون انهن سان ڇو محبت نه ڪندين، جن کي تنهنجي
ڪري ڏکويو وڃي ٿو؟“
سُور سختيون سالڪن ڏي، محب مهمانيون مُڪيون!
(صاحبڏنو فاروقي)
جن عالمن ۽ درويشن حلاج جو مٿيون ڪلام ٻُڌو، تن
تي رِقت طاري ٿي وئي.
چون ٿا ته پڇاڙيءَ تائين حسين بن منصور هوش ۾
رهيو. هجوم مان ڪي ڏانهس پوءِ به پٿر اُڇلي رهيا
هئا ته ڪي زارو قطار روئي رهيا هئا. جلاد هڪ دفعو
وري اڳتي وڌيو. هن وقت جي حڪمران/ حامد جي چوڻ تي
سندس زبان ڪپڻ گُهري ته منصور چيو:
”ڪجهه ترسو ته مان آخري ڳالهه چوان.“
پوءِ منصور آسمان ڏانهن مُنهن ڪري چيو:
”يا الله! انهيءَ تڪليف کان، جيڪا هي ماڻهو منهنجي
لاءِ ڪري رهيا آهن، کين محروم نه ڪر ۽ اُن دولت
کان کين نه سِڪاءِ، جيڪا منهنجي قتل جي انعامَ ۾
کين ملڻي آهي.“
جڏهن منصور حلاج جي زبان ڪپي وئي ته سج لٿي جي
ٻانگ اچي وئي. سر ڪپڻ جي آخري رسم باقي هئي ۽ اُن
جو حڪم خليفي طرفان حامد بن عباس کي ملڻو هو، پر
خليفي سان سڄي رات حامد جي ملاقات نه ٿي سگهي، ان
ڪري حلاج جي منڍي ڪَپڻ جو ڪم ٻئي ڏينهن لاءِ ملتوي
ڪيو ويو ۽ سڄي رات منصور دار تي ٽنگيل رهيو.
کامان پچان پڄران، سڙان ساري رات،
ٻن ٻيائيءَ کي ڪري، ڪر پريان جي تات،
شيخون سنديون سڄڻين، اُڀريون آڌيءَ رات،
’نڪي هٿ نه ساٿ، ڏِهاڙئو چنگ چڙهان!‘
(سهڻي: داستان ڇهون: ٻانهون خان شيخ)
چون ٿا ته حسين بن منصور جي دوست شبليءَ اها سڄي
رات سوريءَ جي تختي هيٺيان گذاري:
ٻئي ڏينهن صبح جو آخرڪار جلاد هڪ دفعو وري اڳتي
وڌيو. هٿ پير ۽ زبان ڪٽيل، اکيون نِڪتل، سوريءَ تي
ٽنگيل ابن منصور جي
چهري تي تبسم
اڃا به برقرار هو: جيڪا ڳالهه وقت جي حڪمران ۽
جلاد کي نه وڻي: هڪ دفعو تلوار هوا ۾ بلند ٿي ۽
پوءِ بغداد وارن ڏٺو ته ’اناالحق‘
جو نعرو هڻندڙ صوفين جي شهنشاهه جو سِرُ ڌڙ کان
ڌار ٿي ويو.
لطيف سائينءَ اهو سمورو
’نينهن جو
نظارو‘ هن ريت چٽيو آهي:
سِر ڍونڍيان، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر ناهه،
هَٿ ڪَرايون، آڱريون، ويا ڪپجي ڪانهن،
وحدت جي وهانءَ، جي ويا سي وڍيا!
(سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 16)
محبت جي ميدان، اچي پيرَ پيانِ،
سِرُ وڍڻ، ڌڙ ڌار ڌرڻ، اي سينگارُ سندانِ،
ڏيندا مُون ڏِٺانِ، مٿا محبوبن لئه!
(سُر يمن ڪلياڻ، داستان 6، بيت 14)
وحدهٗ جي وڍيا، اِلاالله سين اورينِ،
هينئون حقيقت گڏيو، طريقت تورينِ،
معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندر ڏورينِ،
سُک نه سُتا ڪڏهين، ويهي نه ووڙينِ،
’ڪُلهنئون
ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي.‘
(سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 10)
وحدهٗ جي وڍيا، اِلاالله اڌ ڪِئا،
مـحـمـد الرســـول چئــي، مـسـلـمـانَ ٿـيا،
عاشق عبداللطيف چئي، اِنهيءَ پـہِ پيا،
تيلان ڌڻيءَ ڌُئا، جيلان ويا وحدت گڏجي.
(سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 11)
وحدهٗ جي وڍيا، الا الله ڪيا اڌ،
’سي ڌڙ پسي سَڌ، ڪنهن اڀاڳيءَ نه ٿئي!‘
(سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 12)
ٻئي ڏينهن منصور جو ڪپيل سرُ، سوريءَ کان هيٺ ڪريو
۽ سوني ٿالهه ۾ رکي، مٿان ريشمي رومال ڏيئي، خليفي
جي خيمي ۾ موڪليو ويو. منصور جي ڌڙ کي سوريءَ تان
لاهي ديڳ ۾ ڪاڙهيو ويو، ۽ پوءِ تيل ۾ ٻوڙي اُن کي
باهه ڏني وئي:
لطيف ڇا ته چيو آهي:
صوفي چائين، سڌ ڪرين، صوفين ايءَ نه صلاح،
’ڪاٽي رک ڪلاه، وجهه اُڇلي آڳ ۾.‘
(سُر ڪلياڻ، داستان 2)
سرُ جدا، ڌڙ ڌار، دوڳ جنين جا ديڳِ ۾،
سي مَر ڪن پچار، هڪيا جن جي هٿَ ۾.
(داستان 2، بيت 26)
ديڳين دوڳ ڪڙهن، جت ڪڙيين ڪڙڪو نه لهي،
تـتِــي طـبـيـبـن، چـاڪ چِـڪـنــدا ڇـڏئــا.
(داستان 2، بيت 27)
اصل عاشقن جو، سِرُ نه سانڍڻ ڪم،
سؤ سِسنئان اڳرو، سندو دوسن دم،
’هي هڏو ۽ چم، پِڪ پريان جي نه پڙي‘.
(داستان 2، بيت 30)
جڏهن منصور جو جسم خاڪ ٿي ويو ته هڪ مٿانهين مناري
تان سندس رَک کي دجلي جي لهرن حوالي ڪيو ويو.
شاهه لطيف چيو آهي:
نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جهان ۾،
’ٻري جن ٻارِي، آءٌ نه جيئندي اُن ري‘.
(رامڪلي: داستان 1، بيت 1)
جُز وڃائيو جوڳئين، ڪُل سين آهين ڪم،
آسڻ جن عدم، آءٌ نه جيئندي اُن ري.
(رامڪلي: داستان 1، بيت 28)
منجهه محبت مچُ، ٻهر ڌُوڌا ڌوڙ سين،
ڇڏيائون ڇُر لهي، ڪوڙ، ڪُلکڻ، ڪچ،
اوگڻ اوڏا نه ٿيا، ڳُڻ ڪيائون ڳچ،
’جئن سڙن تئن سچُ، جئن سَڙن تِئن سَنرا‘.
(رامڪلي: داستان 2، بيت 8)
لال ڪي لال ٿيا، لالُ لنگهيو جن،
عدم جي اوڙاهه تي، ڪيا آسڻ آڌوتين،
گردانيون گُنگن، گرداب کي گيانَ سين.
(رامڪلي: داستان 5، بيت 20)
منصور حلاج جي ظاهري ڪهاڻيءَ جي ته اُتي پڄاڻي ٿي،
پر سندس تاريخ ختم نه ٿي.
بيان ڪيو ٿو وڃي ته جنهن ڏينهن منصور کي دار تي
پهچايو ويو هو، اُن کان اڳ قيد واري راتِ جي آخري
پهر ۾ جنهن شخص منصور سان آخري ملاقات ڪئي هئي، سو
ابراهيم فاتڪ، سندس خادم هو، جنهن ٻاهر اچي بيان
ڏنو هو ته منصور گذريل رات بلڪل مطمئن ۽ پُرسڪون
هو، سندس چهري تي جلال بکي رهيو هو؛ دعا مان واندو
ٿي، هُو ساڻس هيٺين لفظن ۾ مخاطب ٿيو هو:
”شهادت منهنجو مقدر آهي.
آخرت جي ڏينهن جڏهن آءٌ اُٿي کڙو ٿيندس،
ته ڪاميابيون منهنجي دامن ۾ هونديون!“
ابراهيم فاتڪ اهو به بيان ڏنو ته دار ڏانهن اچڻ
کان اڳ صبح جو ساجهر حلاج ملاقاتين سان ڳالهيون
ڪرڻ بعد قيد ۾ نماز پڙهي هئي ۽ گوڏن ڀر ويهي رهيو
۽ جيئن ئي قيد ۾ صبح جو سوجهرو پهتو ته چيائين:
”منهنجي رک دجله ۾ وهائيندا ته دجله ۾ طوفان اچي
ويندو ۽ آءٌ نه ٿو چاهيان ته بغداد غرق ٿئي ۽
انڪري تون ان وقت منهنجي گودڙي درياهه ۾ اڇلي
وجهجانءِ ته طوفان ٿمجي ويندو.“
روايت آهي ته جڏهن منصور جو جسم ساڙي، هڪ بلند
مينار تان سندس رک دجله ۾ اڇلائي وئي ته اُن مان
بدستور صدا ايندي رهي: ”اناالحق- اناالحق!“ گڏوگڏ
دجله جو پاڻي ڪنارن کان ٻاهر اچي ويو ۽ اُن مان به
’اناالحق‘ جي صدا ايندي رهي. عين انهيءَ وقت منصور
جي خادم ابراهيم فاتڪ پاڻيءَ ۾ منصور جي ڏنل گودڙي
اڇلائي وڌي هئي ته درياهه ماٺو ٿي ويو هو.
شاهه لطيف جو هيٺيون بيت ان ڳالهه جي گواهي ڏئي
ٿو:
’جر ٿر تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي‘،
سڀيئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزاوار،
’همـہ منصور هزار، ڪهڙا چاڙهئو چاڙهئين!‘
(سر سهڻي، داستان 9، بيت1)
حڪومت عباسيه کي اهو خطرو ۽ انديشو هو ته حلاج جي
حامين ۽ مريدن کي هن جو لاش مليو ته ڪو فتنو برپا
ڪندا، انڪري سندس لاش جلائي، رک دجلي درياهه ۾ ڦٽي
ڪئي وئي هئي. منصور جي سِسي ٻن ڏينهن لاءِ بغداد
جي پُل تي ٽنگي ويئي ته جيئن باغي ماڻهو عبرت حاصل
ڪن. اُن کان پوءِ اُن کي ٻين علائقن ۾ به موڪليو
ويو.
منصور جي شهادت کانپوءِ بغداد جي شهر کي ماڻهن
اٿلائي پٿلائي ڇڏيو. ملڪ جو امن امان تباهه ٿي
ويو. حامد جا حامي ۽ منصور جا قاتل بغداد ڇڏي ڀڄي
ويا. خليفي جي حرم تي ماٺ طاري ٿي وئي. خليفي جي
ماءُ حلاج جي قتل کانپوءِ ويڳاڻي ٿي، حرم جي وڻن
هيٺان ويٺي هوندي هئي. هن پنهنجي پُٽ کان به منهن
موڙي ڇڏيو هو. منصور جي سرَ کي هڪ سال تائين
پنهنجي حفاظت ۾، خزاني ۾ رکيائين، ان کان پوءِ
خراسان ۾ پنهنجي ڀاءُ جي حوالي ڪيائين، جنهن سندس
قتل گاهه جي ويجهو زمين جي هڪ ٽُڪري ۾ منصور جي
سِسي ۽ رک دفن ڪرائي، منصور جي زيارت گاهه ٺهرائي
ڇڏي.
حڪمرانن، منصور کي عوام جي نظرن کان ڪيرائڻ لاءِ
تقريرن ۽ تحريرن جا سلسلا جاري رکيا، ۽ هر
طرح سندس ڪردارڪشيءَ جو طوفان برپا ڪيو ويو، پر
منصور حلاج جي سچائي ۽ مقبوليت جي مشعل بردارن جو
قافلو جيئن پوءِ تيئن روان دوان رهيو. ڏيئي مان
ڏيئو ٻرندو رهيو. رياستي مشينريءَ تي قابض
وزيراعظم ’نصر‘ هڪ ضابطو جاري ڪيو، جنهن موجب
منصور جي پٽن، ڌيئن ۽ پوئلڳن کي ڪافر قرار ڏنو ويو
۽ مشهور ڪيو ويو ته منصور کي ’قانون شريعت‘ موجب
سزا ڏني وئي آهي، پر عوام ان ضابطي کي مڃڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيو، نتيجي طور عوامي دٻاءَ کان مجبور
ٿي، حڪومت کي اهو ضابطو واپس وٺڻو پيو. منصور جي
ساٿين ۽ حامين رياستي ڏاڍاين جو بهادريءَ سان
مقابلو ڪيو ۽ سندس فڪر ۽ شخصيت جو زبردست دفاع
ڪيو. اهڙيءَ ريت دنيا ۾ منصور پنهنجي سرمدي ۽
لافاني وجود سان پوريءَ طرح اُڀري آيو:
سڀت پچار پرينءَ جي، سڀت هوت حضور،
ملڪ مڙيئي منصور، ڪُهي ڪهندين ڪيترا!
(سُر سُهڻي: داستان ستون، بيت 1 ۽ 2)
منصور جي شهادت ۽ سندس سر جي تدفين کان پوءِ،
عباسي حڪومت جي رياستي اقتدار ۾ به ڇڪتاڻ شروع ٿي
وئي. ڪمانڊر انچيف مونس، حنبلين کي چِٿي ڇڏيو ۽
منصور جي حامين تي مڪمل پابنديون مڙهيون ويون.
خليفو بيوس ٿي ويو ۽ اها ڇڪتاڻ اڳتي هلي هڪ سياسي
انقلاب ۾ بدلجي وئي. حڪومتي باغين مڪي کي تباهه
ڪري ڇڏيو. مونس جي لالچ ۽ اقتداري خواهش جي ڪري
سرڪاري خزانو پالهو ٿي ويو. حلاج جي دشمنن حڪومت
جي اٿاهه دولت لٽي ورتي، کين يقين ٿي ويو هو ته
حلاج پنهنجي فڪر سميت دفن ٿي ويو، پر منصور جي سچن
پيروڪارن ۽ مڃيندڙن جو قافلو روان دوان رهيو.
منصور جي قاتلن سان نفرت وڌي وئي ۽ خراسان ۾ منصور
جي زيارت گاهه عقيدت ۽ احترام جو مرڪز بنجي وئي:
ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪئو،
اُن جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، اچيو آڳــھ اُن جي.
(سُر سريراڳ، داستان 2، بيت 2)
اُٿيو ۽ اُٿياڪ، ڪالهوڪر ڪاڏي گيو!
ويو جاڳائي جيڏيون، برهه هي بيباڪ،
چرڦر چائي چاڪ، سُور سمهاري ڪينڪي!
(سُر سسئي، ابيات متفرقه 1، ڏيپلائي)
ابراهيم فاتڪ، منصور جون لکڻيون ۽ زباني ارشادات
ڪنهن نموني ابن حداد تائين پهچايا. اهڙيءَ ريت
منصور جي دوستن ۽ نظرياتي ساٿين رياستي ڏاڍ جو
بيحد بهادريءَ سان مقابلو ڪري، منصور جي شخصيت ۽
فڪر جي حُرمت جي حفاظت ڪئي، سندس پيغام کي ڳجهي
نموني هرهنڌ پهچايو ۽ منصور حلاج پنهنجي
انقلابي وجود
سان اڳ کان به اڳرو اُڀري آيو. عالمن ۽ صوفين جي
هڪ گروهه جنم ورتو، جنهن ’منصوري
پيغام‘ کي دنيا ۾ عام ڪيو. منصور کي صوفين جو مرشد
۽ امام مڃيو ويو. عشق جي فلسفي جون نيون نيون
تعبيرون ٿيڻ لڳيون ۽ منصور ايندڙ نسلن لاءِ
’عشق جو
استعارو‘ بڻجي ويو. عرب جي سرزمين کان ايران
تائين، ترڪيءَ کان وٺي چين تائين ۽ هند کان وٺي
سنڌ تائين منصور جون ’فڪري
سرحدون‘
وسيع ٿينديون ويون.
ويهين صديءَ ۾ مشهور فرينچ اسڪالر ۽ منصور حلاج تي
اڌ صدي تحقيق ڪندڙ لوئي ماسونين منصور حلاج بابت
پکڙيل اُنهن افسانوي ۽ ڪراماتي ڳالهين بابت هڪ
خوبصورت عبارت لکي آهي:
”هي ڳالهيون جيتوڻيڪ افسانو لڳن ٿيون، پر ان جي
باوجود حقيقت حقيقت آهي، جنهن کي ٻين افسانو بنائي
ڇڏيو، ۽ اها حقيقت اها آهي ته شهيد جو رتُ ٻج
وانگر ٿيندو آهي ۽ هميشه ڦل ڏيندو آهي. ان جو ڦل
اهڙن جانبازن جي تربيت ڪندو آهي، جيڪي لاڳيتو جنگ
جي حالت ۾ هوندا ته جيئن شهادت جو جام پي سگهن.“
شاهه لطيف به ڇا ته خُوب چيو آهي:
اڳيان اڏين وٽ، پونين سِرَ سنباهيا،
ڪاٽ ته پوين قبول ۾، مڇڻ ڀائين گهٽ،
مٿا مُهاين جا، پيا نه ڏسئين پٽ؟
ڪلاڙڪي هٽ، ڪسڻ جو ڪوپ وهي!
(ڪلياڻ، داستان 2، بيت 17)
تاريخن لکيو آهي ته حلاج جي شهادت کان پوءِ شبليءَ
بيان ڪيو آهي ته:
”مون ابن منصور جي قبر تي هڪ رات صبح تائين عبادت
ڪئي. ان کانپوءِ مون دعا گهري: ”يا خدا! هو مومن،
عارف ۽ موحد هو، تو هن کي اهڙي مصيبت ۾ ڪيئن وڌو؟“
ان دعا بعد مون کي ننڊ اچي وئي، خواب ۾ پاڻ کي
قيامت جي ميدان ۾ ڏٺم ۽ حق تعاليٰ جو اهو فرمان
ٻڌم: ”هن اسان جو راز غيرن کي ٻڌايو، تنهنڪري سندس
اهو حال ڪيوسون.“
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي شبلي پنهنجي وقت جو وڏو صوفي
هو، پر اها به حقيقت آهي ته عباسي حڪمرانن جي
دهمانن ۽ سزائن جي ڊپ کان سندس ايمان لُڏيل هو.
اهو خواب، هن هيڏي وڏي سانحي تي پنهنجي خاموشيءَ
واري جرم جي بچاءَ ۾ هن هٿراڌو طور گهڙي ورتو هو؛
ڇو ته کيس سندس ضميرُ پڇتاءَ تي مجبور ڪندو رهيو
هو. اُنڪري هُن اڃا به هڪ ٻيو خواب گهڙي ورتو ته:
”خواب ۾ منهنجي ابن منصور سان ملاقات ٿي. مون پڇيس
ته الله تعاليٰ انهن ماڻهن بابت ڇا فيصلو ڪيو؟
حلاج جواب ڏنو ته منهنجي حامين توڙي مخالفن تي حق
تعاليٰ رحمت ڪئي (کين معاف ڪيو) جنهن گروهه مون
سان محبت ڪئي، تن منهنجي ڳالهه کي سمجهي ورتو، جن
مون سان عداوت ڪئي، انهن مون کي نه سڃاتو، ۽ فقط
حق ۽ شريعت خاطر منهنجي مخالفت ڪيائون، ان ڪري
ٻنهي گروهن کي رحمت جو حقدار ٺهرايو ويو.“
شيخ اياز، شبليءَ کي مخاطب ٿي ڪهڙو نه اثرائتو ۽
وقتائتو نظم لکيو آهي:
سُوريءَ تي منصور ڏسي جي روئيندين به ته ڇا!
هاڻي سچ جو ساٿ نه ڏيندين،
پڇتائيندين، پاڻ پيو لوئيندين به ته ڇا!
جي گوندر ۾ گل ڪوماڻا، اوءِ اياڻا!
سار اُنهن جي سوئيندين به ته ڇا!
ويل اها آهي واهَر جي، بادل ڀرجي روز نه ايندا،
پوءِ ايندين به ته ڇا؟
روئيندين به ته ڇا؟
خواجه فريدالدين عطار جهڙي بزرگ، منصور جي وڏي ۾
وڏي حاميءَ، سندس شهادت ۽ مرتبي کي مڃيندي به
استعارتاً ڳالهيون ڪيون آهن. مثال طور هن هڪ درويش
جو قول نقل ڪيو آهي ته:
”مون خواب ۾ ڏٺو ته قيامت جي ميدان ۾ حسين بن
منصور جي هٿ ۾ هڪ پيالو آهي، پر سندس ڌڙ تي سِر نه
آهي، پڇيم ته ڇا ماجرا آهي؟“ حلاج جواب ڏنو: ”حق
تعاليٰ عشق جي شراب جو جام، انهن کي عطا ڪندو آهي،
جن جا سر ڌڙ کان ڌار هجن.“
سيد علي مير شاهه، اُن واقعي جي حمايت ۽ تصديق ۾
شاهه لطيف جو هيٺيون بيت پيش ڪيو آهي:
جي اٿيئي سڌ سُرڪ جي، ونءُ ڪلاڙڪي هٽ،
لاهي رکُ لطيفُ چئي، مٿو ماٽي وٽ،
سِرُ ڏيئي ۾ سٽ، پيئج ڪي پياليون!
(ڪلياڻ، داستان 2، بيت 18)
منهنجيءَ نظر ۾ صوفين [توڙي علي مير شاهه جهڙن
شريعت جي پاسدارن] جو اهو خواب وارو بيان به منصور
حلاج کي سهڻي ۽ سيبتي نموني نظرانداز ڪرڻ جو هڪ
مفروضو آهي، جنهن جي پٺيان ’رياستي ڏاڍ جي ڊپ‘ جو
اولڙو موجود آهي ته متان ڪو ظاهردار عالم، سندن
علم ۽ شخصيت تي هٿ کڻي، اُن ڪري استعاراتي ٻوليءَ
۾ ڳالهائجي، پر منهنجي نظر ۾ لطيف سائينءَ جو
مٿيون بيت، تشريحي، وضاحتي ۽ استعاراتي نه آهي، پر
سڌو سنئون ’واقعاتي ۽ حقيقت جو آئينه دار‘ بيتُ
آهي ۽ حسين بن منصور حلاج جي قربانيءَ جي ساک ۽
اهميت جو چٽو بيان آهي، جنهن موجب ’سِڪڻ وارن کي
سر جو سانگو ڪرڻو ئي نه آهي، پر ميدان تي سر ڏيڻو
آهي، ۽ پوءِ ئي کين عشق جي دعويٰ (عشق جي شراب
پيئڻ جي ڳالهه) ڪرڻي آهي.‘
هيٺ آءٌ منصور جي اُها شاعري ڏيان ٿو، جنهن جو
شاهه لطيف نه رڳو اثر ورتو آهي، پر ڪيترن شعرن جو
پنهنجي تخليقي ٻوليءَ ۾ ترجمو يا اُلٿو
(adoption)
به ڪيو آهي:
(1) عَجَبَت مِنکِ وَ مِني،
افنيتني بِک عِني،
ادنيتني منک حتيٰ
ظننت اِنکَ اِني.
[مون کي توتي ۽ پاڻ تي تعجب آهي، تو پاڻ سان مشغول
ڪري مون کي پاڻ ۾ فنا ڪري ڇڏيو آهي. تو مون کي پاڻ
سان ايترو ويجهو ڪيو آهي، جو مون کي گمان ٿيڻ لڳو
آهي ته ’تون‘ مان آهيان!]
(2) رَاَيِتَ رَبِي بعين قلب
فقُلت من انت؟ قال انت!
[مون رب کي دل جي اک سان ڏٺو،
مون چيو تون ڪير آهين؟ هن چيو ’تون‘.]
(3) وَ فِي فنا ئي فَنا فنائي،
و في فنائي وجدت انت!
[منهنجي فنا منهنجي فنا آهي،
۽ منهنجي فنا ۾ تنهنجو وجود آهي.]
I am that whom I love and when I love I am that
we are two souls, one body.
(4) اقتلو ني يا ثقاتي،
اِنَّ في قتلي حياتي،
و مماتي، في حياتي،
و حياتي في مماتي،
[ مون کي قتل ڪريو، منهنجا ساٿيو،
جو منهنجو قتل ئي منهنجي حياتي آهي،
منهنجو موت، منهنجي حيات ۾ آهي،
منهنجي حيات منهنجي موت ۾ آهي.]
(5) القاة في اليم، مکتوفاً و قال لـہ
ايّاڪَ ايّاڪ ان تبتل بالماءِ!
[منهنجا هٿ پير ٻڌي مون کي درياه ۾ اڇلي ڇڏيائون
۽ پوءِ چوڻ لڳو ته پاڻ نه پُسائج.]
(6) ذاک العليم، بما لاقيت من دنف
وفـــي مشيئةٖ موتي و اَحيائي.
[الله ڄاڻي ٿو ته منهنجي دل محبت ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڏک
ڏاکڙا ڏٺا آهن، ٻيءَ طرح منهنجي زندگي ۽ موت سندس
هٿ ۾ آهي]
(7) نظــري بـدءُ علتي، ويـــح قلبي
ومـا جنـا
يا معين الفنا علي اعِني علي الفنا.
[منهنجي نگاهه منهنجي بيماري آندي، منهنجي دل مون
کي ڪيئن نه مصيبت ۾ اڙايو.
اي بيماريءَ کي مسلط ڪندڙ! هاڻي مون کي بيماري
برداشت ڪرڻ جي قوت عطا ڪر]
(8) ڪل بلاءِ عليٰ مني،
فليتني قد اخذت عني،
اردت مني اختيار سِري،
وقد علمت المراد مني،
وليس لي في سواڪ حظ،
فکيف ما شئت فا ختبر ني.
[سڀ مصيبتون مون پنهنجي پاڻ تي آنديون آهن،
ڪاش جي آءٌ پنهنجي پاڻ کان جدا هجان ها.
-
اي محبوب تون منهنجي رازن کي آزمائڻ ٿو گهرين،
توکي ته منهنجي من جي مراد معلوم آهي.
-
توکان سواءِ مون کي ٻيو ڪجهه نه گهرجي،
توکي جيئن وڻي تيئن آزمائي ڏس.]
(9) ما وجدت لقلبني راحةً ابدا
و کيف ذالڪ وقد هيئت للکدر،
لقدر کبت علي التغرير و اعجبا
ممن يريد النجافي المسلک الخطر
کانني بين امواج تقلبني
مقلب بين اصعادِ و منحدر
الحزن في مهجتي والنار في کبدي
والدمع يشهد لي فا ستشهد وابصري.
[منهنجي دل کي ڪڏهن به راحت نصيب نه ٿي آهي
راحت ملي به ڪيئن؟ آءٌ ته بڻايو ئي ويو آهيان
سُورن لاءِ
مون کي پنهنجي پاڻ تي عجب آهي، جو انهيءَ ڌوڪي ۾
هئس
ته ڏکئي رستي تي هلڻ جي باوجود ڏکن کان آجو رهندس
ڄڻ ته درياءَ جي لهرن تي سوار آهيان،
ڪڏهن مون کي مٿي ٿيون اُڇلين ته ڪڏهن هيٺ.]
هاڻي اچو ته ڀٽائيءَ جي هيٺين بيتن جو مطالعو
ڪريون:
چئه تون الله هيڪڙو، وائي ٻي وسار،
تن ۾ تند تنوار، سدا سپرين جي.
(ڪلياڻ، داستان 1، بيت 20)
ڪشي ڪان ڪمان ۾، ميان مار مَ مون،
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.
(ڪلياڻ، داستان 6، بيت 10)
اُونچو اُتانهون گهڻو، جيئڻ کي جبل،
مرڻ مون سين هل ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪريان!
(معذوري، داستان 4، بيت 9)
مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا!
(سُر معذوري، داستان 4، بيت 7)
جيئڻا اڳي جي جيا، جُڳ جُڳ سي جين،
موٽي ڪين مرن، مرڻا اڳي جي مئا!
(سُر معذوري، داستان 4، بيت 8)
مون کي مُون پرين، ٻڌي وڌو ٻارِ ۾،
اُڀا ائين چون، متان پاند پُسائين!
(سُر آسا، داستان 4، بيت 32)
ڪُهن تان ڪر لهن، ڪر لهن تان ڪُهن،
سيئي ماءِ! مُهن، سيئي راحت رُوح جي!
(ڪلياڻ: داستان ٽيون، بيت 19)
تون حبيب تون طبيب، تون درد جي دوا،
جانب منهنجي جيءُ ۾ آزار جا انواع،
صاحب ڏيج شفا، ميان مريضن کي.
(يمن ڪلياڻ، داستان 1، بيت 1)
ڪي جو ڪهين پار، اکيون پسي آئيون،
هڪ ديوانيون دل ۾، ٻي اپر لڳين آر،
تهان پوءِ قرار، سُتيون ڪين سيد چئي.
(سُر آسا، داستان 2، بيت 9)
ويڄ مَ ٻڪي ڏي، اَلا چڱي مَ ٿيان،
سڄڻ مانَ اچي، ڪَرلاهو ٿي ڪڏهين.
(يمن ڪلياڻ، داستان 2، بيت 13)
سنڌيون سُورَ ڪرينِ، هڏ به ڪڙهن هوت لئه،
پرين جي پاڻ ڏنا، سي سُتي سک نه ڏين،
جي ماڻهن کي مارين، تن سورن کي سڏ ڪريان.
(سسئي آبري، ابيات متفرقه 2)
پريٽڻ پالياس، ٻانڀڻ ٻيٽي آهيان،
سُکن جي سيد چئي، پُکي آءٌ نه پياس،
جيڪس آءٌ هياس، گُري گوندر ولِ جي.
(سُر ديسي، داستان 4، بيت 13)
حسين بن منصور حلاج لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن 47 ڪتاب
لکيا هئا، جن جو وڏو تعداد ساڙيو ويو هو. انهن
ڪتابن مان سڀ کان مشهور ڪتاب ’طواسين‘ هن 916ع کان
920ع ڌاري لکيو هو، جنهن جو مشهور فرينچ عالم،
موسيو ماسينون 1993ع ۾ ترجمو ڪيو هو. هيءَ ڪتاب
عربي ٻوليءَ ۾ نثري نظم جي فارميٽ ۾ آهي، جنهن جي
هڪ باب ۾ ’شيطان‘ جي هيٺينءَ ريت ساراهه موجود
آهي:
”ابليس منهنجو دوست ۽ فرعون سندم اُستاد،
ابليس کي دوزخ جو دڙڪو ڏنو ويو،
پر هو پوئتي نه هٽيو.
”الله شيطان کي چيو: اي خبيث! تون سجدو نه ٿو
ڪرين؟
شيطان وراڻيو: نه ته! مون کي عاشق ڪوٺ!
عاشقن سان نفرت ڪئي ويندي آهي، انڪري
تُون به مون کي ڌڪارين ٿو؟“
شاهه لطيف جو ’شيطان‘ بابت هيٺيون بيت مطالعي ڪرڻ
سان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه لطيف ’منصوري فڪر‘ کي
ڪيترو نه ڳُوڙهو قبول ڪيو آهي:
عاشق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا،
منجهان سڪ سبيل، لعنتي لعل ٿيو!
(يمن ڪلياڻ، داستان 5، بيت 24)
شاهه جو هيءُ بيت، جيتوڻيڪ ڪيترن قلمي نسخن ۽ ڇاپي
رسالن ۾ موجود آهي، پر ان کي ’اعليٰ معيار جو نه
سمجهندي‘، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’شاهه جي
رسالي/ ڪلام‘
مان ئي خارج ڪري ڇڏيو آهي، ان لاءِ هن بنهه ڪمزور
دليل ڏنو آهي ته بيت جا قافيا ’عزازيل‘ ۽ ’سبيل‘
اعليٰ معيار جا نه آهن، (ان ڪري) هيءُ بيت ڪنهن
پڙهيل (شخص) شاهه کان پوءِ چيو. (رسالي جو ڪلام:
جلد ڏهون: ص 274)
منهنجيءَ نظر ۾ هيءَ بيت نه رڳو شاهه لطيف جو آهي،
پر اُن جا قافيا به معقول ۽ مناسب آهن، وڏي ڳالهه
ته منصور حلاج جي شعر جو تفسير ’ڪُوزي ۾ بند‘ ڪري
ٻه سٽي بيت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
اهڙي طرح ڊاڪٽر صاحب شاهه جا سُر ڪلياڻ (داستان
پهرئين، ٻئي، ٽئين، چوٿين)، سُر آسا (داستان 4 ۽
7)، سُر سهڻي (داستان نائين) ۽ سُر رامڪليءَ جا
ڪجهه بيت به ’رسالي جو ڪلام‘ ڄاڻائي رسالي مان ڪڍي
ڇڏيا آهن، جيڪي بيت، ٻوليءَ، ڊڪشن، قدامت، مفهوم ۽
فڪري اعتبار کان شاهه صاحب جا ئي آهن. منهنجو هتي
مقصد، ’رسالي جي ڪلام/ ڌارئين ڪلام‘ جي حوالي سان،
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق تي ڪا تنقيد ڪرڻ
نه آهي، بلڪ آءٌ هتي صرف اُهي بيت پيش ڪريان ٿو،
جيڪي مون منصور حلاجَ جي داستان ۾، متن ۾ پيش ڪيا
آهن، جن بيتن جو فڪري پسمنظر ’منصوري مام‘ ۽
’منصوري مقام‘ سان آهي ۽ جن جي صحت ڪنهن به صورت ۾
ڪمزور نه آهي، ۽ اُهي بيت هر صورت ۾ شاهه جا آهن.
مثال طور:
جان جان سي نه لتاءِ، جي لياڪا لوڪَ جا،
تان تان ٿئي نه ماءِ، پُورو پسڻ پرينءَ جو!
(سُر ڪلياڻ)
هيءُ بيت آءٌ مٿي، شبليءَ جي منصور کي گل هڻڻ ۽
منصور کان سوال پڇڻ واري موقعي تي ڏئي آيو آهيان.
مَڌُ پيئندي مون، ساجن سهي سڃاتو!
(وائي: سُر يمن ڪلياڻ، داستان ٽئون)
هيءُ وائي به ٻولي، اسلوب توڙي مفهوم ۾ منصوري فڪر
۽ مقام جي حوالي سان، شاهه صاحب جي هڪ شاهڪار وائي
آهي، ۽ آءٌ ڪنهن به صورت ۾ اُن کي رسالي مان خارج
نه ٿو سمجهان.
مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻارِ ۾،
اُڀا ائين چون، مڇڻ پاند پُسائين!
(سُر آسا، داستان 4، بيت 38)
هيءُ بيت به ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق موجب تمام گهڻن
رسالن ۾ موجود آهي، پر اُن کي رسالي مان خارج ڪرڻ
جا ڊاڪٽر صاحب جا دليل منهنجي نظر ۾ بنهه ڪمزور
آهن، جي هن ريت آهن:
(i)
معنيٰ جي لحاظ کان هي بيت هيٺئين فارسي فرد جو ڄڻ
سنڌي ترجمو آهي:
تـــو مــرا قعرِدر يـا تـخـتـه بنــده کــرده اي
باز مي گوئي که دامن ترمکن، هوشيار باش!
[اصل ۾ ’درميانِ قعر دريا‘.....آهي، نه ’تو مرا
قعرِ دريا‘]
(ii)
مرحوم ’کمون ڪوريءَ‘ جي روايت موجب وڏا فقير چوندا
هئا ته ڪنهن فقيرَ، هي بيت شاهه صاحب جي آڏو
پڙهيو، جنهن جي جواب ۾ شاهه صاحب هيٺيون بيت چيو:
پيو جو پاتارِ، سو پَسڻان ئي پالهو رهي،
سالڪ مون سيکار، ڪو پهه اُنهيءَ پاند جو.
(سُر آسا، داستان 4، بيت 39)
(iii)
سُلوڪ جي رهاڻ ۾ اهڙن آمهون سامهون چيل بيتن بابت
خاطريءَ سان چئي نه ٿو سگهجي ته شاهه صاحب ۽ ڪنهن
ٻئي فقير جي وچ ۾ اهي بيت هليا.
(رسالي جو ڪلام، جلد ڏهون: ص 909)
هن بيت کي اُنڪري رد ڪرڻ ته ’اُهو فارسيءَ جي فرد
جو ڄڻ سنڌي ترجمو آهي‘، ۽ ’کمون فقير جي روايت
موجب ڪنهن فقير شاهه جي آڏو اهو بيت پڙهيو هو،
جنهن جي جواب ۾ شاهه صاحب ٻيو بيت پڙهيو هو‘،
انڪري اهڙا آمهون سامهون چيل بيت شاهه جا نه ٿا ٿي
سگهن، ڪو وزندار علمي دليل نه آهي. هي بيت نه رڳو
ٻوليءَ، مفهوم ۽ اسلوب جي لحاظ کان شاهه لطيف جو
آهي، پر منهنجي ۽ سيد علي مير شاهه جي راءِ موجب
سؤ سيڪڙو شاهه صاحب جو ته آهي، پر هي بيت منصور
حلاج جي هيٺئين بيت جو تُز تخليقي ترجمو پڻ آهي:
القاة في اليم، مکتوفاً و قال لہ
ايّاڪَ ايّاڪَ ان تبتل بالماءِ!
[منهنجا هٿ پير ٻڌي مون کي درياهه ۾ اڇلي ڇڏيائون
۽ پوءِ چوڻ لڳو ته پاڻ نه پُسائج.]
دراصل ڪنهن پيشرو صوفي شاعر جي شعر جو ترجمو ڪرڻ
ڪو ڏوهه ناهي، جڏهن ته شاهه صاحب جو ترجمو، ترجمو
گهٽ، پر تخليقي شعر وڌيڪ لڳي ٿو.
آءٌ هيٺ شاهه لطيف جا مختلف سُرن مان ڪجهه بيت
ڏيان ٿو، جيڪي منصوري فڪر جو پڙاڏو، تفسير آهن، ۽
منصوري مام ۽ مقام جو ڏس ۽ گسُ ڏين ٿا ۽ واضح ڪن
ٿا ته شاهه لطيف روميءَ وانگر ئي منصور جو وڏو
مداح ۽ سندس فڪري رستي جو پيروڪار هو. هن منصوري
فڪر جي گهري ساگر ۾ ٽُٻيون هڻي، اسان کي ڪيترا
املهه ماڻڪ ۽ موتي آڇيا آهن، ڇو ته شاهه لطيف، هڪ
’مفڪر‘ شاعر هو. سنڌي عالم سيد علي مير شاهه وڏو
عالم شخص هو، پر هُو شريعت جو صاحب هو، انڪري هو
منصور حلاج جي ڪيتري ڪلام کي ’شطحيات‘
۾ شامل ڪري ٿو، پر جڏهن هو شاهه ۽ منصور جي ڪلام
جي ڀيٽ ڪري ٿو ته کيس به حق جو اظهار هنن لفظن ۾
ڪرڻو پوي ٿو ته:
”هُن (شاهه) جي سُر ڪلياڻ جي پڙهڻ سان محسوس ٿو
ٿئي ته هن جي حقيقت بين نگاه ابن منصور جي توحيد،
عشق، اذيت ۽ فنا وارن نظرين کان آگاهه آهي.“
اچو ته آخر ۾ شاهه لطيف جي منصوري فڪر جي پڙاڏي،
تفسير ۽ تشريح وارن بيتن جو مطالعو ڪريون:
اگهي اگهيائي، رنج پريان کي رسيو!
چکيم چڱائي، سورانگهي سُوريءَ تان!
(ڪلياڻ، داستان 2، بيت 1)
ڪاتي جن ڳري، مان لنؤ لڳي تن سين،
محبت جي ميدان ۾، وڃان پير ڀري،
اڏيءَ سِرُ ڌري، مان ڪُهنئون سپرين!
(داستان 2، بيت 15)
جي اٿئي سَڌ سُرڪَ جي، ته ونءُ ڪلاڙڪي ڪاٽي،
لاهي رک لطيف چئي، مٿو وٽ ماٽي،
تِڪَ ڏئي پِڪ پيءُ تون، منجهان گهوٽَ! گهاٽي،
جو وَرنھ وهاٽي، سو سِر وٽ سَرو ساهنگو!
(سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 18)
جي اٿئي سڌ سُرڪ جي، ته ونءُ ڪلاڙڪي هٽِ،
لاهي رکُ لطيف چئي، مٿو ماٽي وٽ،
سرُ ڏئي منجهه سٽ، پيئج ڪي پياليون!
(سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 19)
جي اٿئي سڌ سُرڪ جي، ته ونءُ ڪلاڙڪيءَ ڪُوءِ،
مهيسر جي منڌَ جي، هُتِ هڏهين هُوءِ،
جان رمز پروڙيم رُوءِ، تان سِروٽ سُرڪي سُڳڻي!
(سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 20)
جي اٿئي سَڌ سُرڪ جي، ته ونءُ ڪلاڙڪي گهِر،
وڍڻ، چيرڻ، چچرڻ، پهتِ اُنينءَ جي پَرِ،
جي وَٽي پويئي وَرِ، ته سهنگي آهه ’سيد‘ چئي!
(سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 21)
ناڻي ناهه ڪڪوهه ڪي، ملهه مهانگو منڌُ،
سنباهج سيد چئي، ڪاٽڻ ڪارڻ ڪنڌ،
هي تنين جو هنڌ، مَٽنِ پاس مَرن جي!
(سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 22)
نه ڪر سَڌ شراب جي، جي تون ٽاريين ٽُوههَ،
پيتي جهين پاسي ٿئي، منجهان رڳن رُوح،
ڪاٽي چک ڪڪوهه، لاهي سِرُ لطيف چئي!
(سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 24)
ڪُهن ۽ ڪوٺينِ، ايءَ پر سندي سڄڻين،
سُوريءَ چڙهيو سُپرين، ڏنڀَ ڏهاڻي ڏينِ،
ويٺا وِرههُ وَٽين، آءُ، واڍوڙيا! وهاءِ تون.
(سُر ڪلياڻ، داستان 3، بيت 21)
سوريءَ سڏ ڪئو، ڪا هلندي جيڏيون!
وڃڻ تِن پيو، نالو نينهن ڳنهن جي.
(ڪلياڻ: داستان 2، بيت 3)
اکيون اوڏاهين کڻي، جيڏانهن قاتل ڪُل،
مٿون ڪن نه مُل، پِڪ برابر پانهنجو!
(يمن ڪلياڻ، داستان 4، بيت 6)
قاتل ڪمائي ڪري، وِهه ماکي جي ڪن،
وٽان ويهي تن، پيئج ڪي پياليون.
(يمن ڪلياڻ، داستان 4، بيت 7)
سر ڏيئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلالن سين،
ڪاتي ڪرٽ ڪپارَ ۾، خنجر آڻي کوڙ،
مرڻا منهن نه موڙ، وٽي ٿي وڌ لهي!
(سُر يمن ڪلياڻ، داستان
4، بيت 38)
وَٽ وٽ وٽيءَ ۾، مِٽ مِٽ مڌُ ٻيو،
قدرُ ڪيف ڪلال جو، پياڪن پيو،
اچن دُرس دڪان تي، ڪنڌ قبول ڪيو،
سرها سِر ڏيو، چکن سُرڪ سيد چئي!
(سُر يمن ڪلياڻ، داستان 4، بيت 39)
جي ڪُلاهه، رکين ڪنڌ تي، ته صوفي سالم ٿيءُ،
وِههَ وٽي هٿ ڪري، پُر پيالو پيءُ،
هنڌ تنين جو هيءُ، جن حاصل ڪيو حال کي!
(سُر يمن ڪلياڻ، داستان 5، بيت 8)
جي هون پائين ڪانُ ڪمان ۾، ته سينو سپر رک،
منهن ۾ معشوقن جا، چاڪ چَٽڪا چک،
سوريءَ ڀانءِ م شڪ، عاشق ٿي ته اُبهين!
(سُر يمن ڪلياڻ، داستان 6، بيت 7)
جي هو پائين ڪان ڪمان ۾، ته سينو سپر ڏيج،
منهن ۾ معشوقن جا، جهالُو ٿي جهليج،
پاهان پڳ م ڏيج، عاشق ٿي ته اُبهين!
(سُر يمن ڪلياڻ، داستان 6، بيت 8)
جي هو پائين ڪان ڪمانَ ۾، ته نيئي ڏج سينو،
ڪجي نه ڪينو، وڃي در دوستن جي!
(سُر يمن ڪلياڻ، داستان 6، بيت 9)
محبت جي ميدان ۾، ڪر پڙاڏو پٽ،
سِر سُوري، ڌڙ ڪونگرين، متان ڪُڇين ڪَٽ،
عشق نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي پوي!
(سُر يمن ڪلياڻ، داستان 6، بيت 15)
عشق نه آهي راند، جيئن ڪي ڪنس ڳڀرو،
جيءَ، جُسي ۽ جان جي، ڀڃي جو هيڪاند،
سِسي نيزي پاند، اُڇل ته اڌ ٿئي!
(سُر يمن ڪلياڻ، داستان 6، بيت 19)
مُلهه مهانگو قطرو، سِڪڻ شهادت!
اسان عبادت، نظر ناز پرينءَ جا!
(سُر
ڪلياڻ، داستان 2، بيت 32)
محبت جن جي من ۾، تن تشنگي تار،
پيءُ پيالو اُڃّ جو، اُڃ سين اُڃ اُٿيار،
پنهون پاڻ پيار، ته اُڃ سين اُڃ اُجهائيان!
(سسئي آبري، داستان 1، بيت 5)
موٽي مران مَ ماءِ، موٽڻ کان اڳي مران،
لُڇي لالڻ لاءِ، شال پونديس پيرَ تي!
(سسئي آبري، داستان 4، بيت 26)
پنهون ٿيس پاڻهين، وئي سسئيءَ جي سُونهن،
خلق آدم عليٰ صورتہ، ائن وڻن منجهه ورونهن.
(سسئي آبري، داستان 5، بيت 4)
ڪٽارو ۽ ڪوسُ، اڱڻ آريءَ ڄام جي،
ديت آهي دوسُ، مارڳ ۾ مُين جي!
(سسئي آبري، داستان 11، بيت 6)
اَجلان اڳي سسئي، مُنڌَ جيئريائي مَرُ،
ٽوليان تنهن مَ ٽَرُ، جنهن روح رِجايو راهه ۾.
(معذوري، داستان 4، بيت 6)
پر ۾ پچي پرينءَ لئه، مري نه ڄاتوءِ،
’موتو‘ مُنڌ نه سوءِ، ڪنڌ ڪڄاڙيا ڪاٽئين!
(سُر معذوري، داستان 1، بيت 4)
محبت جي ميدان ۾، کامي خاڪِ ٿيا،
تمام ٿي طلب جي، وحدت منجهه ويا،
جنم موچارو جوڳئين، ڏکيا مهند ڏيا،
ساريان ڪونه سياء، سندن هِن سنسار ۾!
(سُر رامڪلي، داستان 9، بيت 55)
مون بيتن جي چونڊ جي سلسلي ۾ اڃا به اختصار کان ڪم
ورتو آهي، نه ته شاهه جي سُر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ ۽
ٻين سُرن ۾ ڪافي بيت اهڙا موجود آهن، جيڪي منصوري
تعليمات ۽ فڪر جا عڪاس ۽ ترجمان آهن. بهرحال،
منهنجي نظر ۾، شاهه لطيف، حسين بن منصور حلاج جو
وڏي ۾ وڏو شارح هو، ۽ ان حوالي سان اڃا وڌيڪ تحقيق
جي ضرورت آهي، مون ته شاهه صاحب جي ان هدايت تي
عمل ڪيو آهي ته:
’جي ماسو جُڙئي مال، ته پُوڄارا پُر ٿئين!‘
مددي ڪتاب
1.
’شاهه جو رسالو‘: (پاڪيٽ سائيز)، محمد عثمان
ڏيپلائي، ڇاپو ٻيو، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2009.
2.
’شاهه جو رسالو‘: (جلد 8-9)، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،
علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت، حيدرآباد،
سنڌ، 1999.
3.
’شــاهه جـــو رسـالـــو‘/’رسالي
جو ڪلام‘ (جلد 10)، ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ، علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت، 1996.
4.
’شاهه جو رسالو‘، ڪلياڻ آڏواڻي، سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪراچي، 2006.
5.
’مقدمه لطيفي‘، ڊاڪٽر هه. م. گربخشاڻي، 1933.
6.
رسالو سچل
سرمست، سنڌي ڪلام، مولانا محمد صادق راڻيپوري،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1959.
7.
’حسين بن منصور حلاج‘: علي مير شاهه، يادگار
پبليڪيشن، حيدرآباد، نومبر 1990.
8.
’سيرت منصور‘: خانصاحب آغا تاج محمد، آر.ايڇ. احمد
ائنڊ برادرس، شاهي بازار، حيدرآباد، 1964.
9.
’منصور حلاج‘: يونس اديب، مترجم خالد چانڊيو، موهن
جو دڙو پبلشنگ ايجنسي، لاڙڪاڻو، 2001.
10.
’داستانِ حلاج‘: الطاف ملڪاڻي، سنڌ بڪ ڪلب،
حيدرآباد، 2002.
11.
’عشق جو آواز‘: حسين بن منصور حلاج- سُرود: جميله هاشمي، مترجم، لطيف
اياز ’ابن حيات‘ پنهور، سنڌ دوست پبلشرز، ڪراچي،
2006.
12.
'شہید
اناالحق: حسین
بن منصور حلاج'، غفار بھٹو،
علی
مرتضیٰ
پبلیکیشن،
کراچی،
۲۰۰۵.
13.
'امام انقلاب- منصور حلاج':
یونس
ادیب،
ادبستان لاہور، ستمبر ۱۹۷۹.
14.
'حیات
وکلام حسین
بن منصور حلاج': مرتبیں:
شیما
مجید،
علامہ جاوید،
علم و عرفان
پبلشرز لاہور، جولاء، ۲۰۰۶.
15.
'تذکرہ حسین
بن منصور حلاجرح:
ڈاکٹر
شاہد مختار، شاہد پبلیکیشنز،
ملتان روڈ،
لاہور.
16.
'دشتے
سُوس': جمیلہ
ہاشمی،
سنگ میل
پبلیکیشنز،
لاہور، ۲۰۰۲.
17.
“Dewan of Great Mystic Saint Martyr of Islam,
Nur-e-Jahan Hussain Bin Mansoor Halaj, Baghdadi
Rendering in English; Nazir A. Channa.
|