فراخ جانوري
غزل
تو جو چهري تي سجائي مُرڪ آ،
ٿي وئي ساري خدائي مُرڪ آ.
رنگ خوشبو روشني هر ڦول کان،
سونهن ۾ تنهنجي سوائي مُرڪ آ.
چوڏهين جو چنڊ اُڀ تي آ کڙيو،
مون کي تنهنجي ياد آئي مُرڪ آ.
هر قدم تي درد هن توڻي مليا،
پوءِ به جڳ ۾ مون ورهائي مُرڪ آ.
ٻن دلين جي پيار جي ڪومل حَسين،
لوڪ جي رسمن جلائي مُرڪ آ.
ياد ناهي هن ڏکن جي دؤر ۾،
ڪيئن ۽ ڪٿ مون وڃائي مُرڪ آ.
تنهنجي صورت کي ڏسي عرصي کان پوءِ،
دل کي پل لئه راس آئي مُرڪ آ.
هوءَ ڏسين ٿو ٻار جي مک تي فراخ،
ها حقيقي بس اِهائي مُرڪ آ!
غزل
ڪو ڏينهن ڌنڌلو آ، ڪا رات دلربا آ،
ڪاڪا خوشي به غم آ، ڪو درد ڀي دوا آ.
دنيا جو رنگ ڪوئي، بي رنگ آهه ڪيڏو،
بي رنگ چيز ڪائي، ڄڻ، اِنڊلٺ نما آ.
ڪا مرڪ ماتمي آ، ڪو لڙڪ آ خوشيءَ جو،
ڪا آس آ جياپو، ڪا آرزو سزا آ.
جيسين گُهري ٿي هيءَ دل گُڏ ٻئي نه تيسين رهندا،
بيقدر آهه جاني، جيون به بي وفا آ.
ڪو سونهن جو ڪٺل آ، ڪو عاشقي جو ماريل،
ڪٿ عشق ويل ۾ آ، ڪٿ سونهن کي سزا آ.
هر ڪنهنجو پنهنجو پنهنجو انداز آ جيئڻ جو،
تونگر آ ڪو گدا ڀي، ڪو شاهه ڀي گدا آ.
ڪا موڪلاڻي گڏجڻ، ڪا آجيان جدائي،
ڪنهن جي جفا وفا آ، ڪنهن جي وفا جفا آ.
آسون نراس آهن، بي رنگ هر خوشي آ،
ساجن سواءِ جيون، ڄڻ درد جي ڪٿا آ.
ڌاريو به پنهنجو آ ڪو، پنهنجو به آ ڪو ڌاريو،
دشمن به ڪو سچو آ، ڪا دوستي دغا آ.
ڪا اُسَ ڇانوَ آ ڄڻ، ڪا ڇانوَ ڌرتتي آ،
ڪنهن سور ۾ سُرور آ، ڪو سک به ڄڻ سزا آ.
تولئه فراخ منهنجي، رڳ رڳ رڙي رهي آ،
دوري ڇڏي هلي آ، دل جي اها صدا آ.
پريم پتافي
غزل
ڪهڙو منصف، ڪهڙو عادل!
جيڪو پنهنجو وير ٿو سوچي.
ڌرتيءَ جو سڏ، سامهون پوءِ،
ڦاهيون، مقتل ڪير ٿو سوچي.
پاڳل ناهي، سمجهي وِيندو،
سِنڌي آهي، دير ٿو سوچي.
هرڪو پنهنجي هوڏ تي قائم،
دِين ڌرم جو ڪير ٿو سوچي.
ڪوڙو پير، وڏيرو، ڀوپو،
جنهن پلَ سوچي، مير ٿو سوچي.
پنهنجي اَنا کي ڇِيهو رسندو،
ان ڏي کڄندڙ پير ٿو سوچي.
ساز ڪاظمي
غزل
سنڌ پنهنجي ته زندگي آ سڄي،
سنڌي ٻولي سٺي مٺي آ سڄي.
سنڌ جيئي هزار سال جيئي،
ڌُرِ ڌرتيءَ سان دل لڳي آ سڄي.
جنهن جون وسنديون بهار جا نقشا،
جنهن جي صورت به سانوڻي آ سڄي.
جنهن جي چهري تي چنڊ ڪئين چمڪن،
جنهن جي چولي به چاندني آ سڄي.
جنهن جي پاڻيءَ تي ڀپڙڇ چانديءَ جا،
جنهن جي مٽي به سون جي آ سڄي.
جنهن جي دل ۾ ڀٽائي جي نگري،
جنهن جي من ۾ قلندري آ سڄي.
پيار جا داستان سانڍي ٿي،
عشق مُحبت ۾ عاشقي آ سڄي.
جنهن جي ڪينجهر جي سونهن ڇا چئجي،
جنهن جي مڪلي به دلڪشي آ سڄي.
جنهن جي جوڌن کي رُڪ جا پاڻي،
جنهن جي عورت بهادري آ سڄي.
جنهن جي گُل-پَن تي گيت ”ساز“ رچن،
زيب زينت تي شاعري آ سڄي.
پٿر ۽ ڪاٺ تي اُڪر ڪرڻ، مختلف ڌاتن ۽ مٽيءَ جون
مورتيون ۽ بوتا يا مجسما ٺاهڻ ۽ انهن تي نفيس
چِٽ ۽ گُل ڪڍڻ، ٺڪر جي ٿانون تي سهڻا ڌاءَ ۽ خال
چِٽڻ ڪينواس يا ڪاغذ تي نهايت خوبصورت مصوري ڪرڻ
جو هُنر انسان صدين کان سکيو آهي ۽ اُن ڏس ۾
پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. اوائلي تحرير جو بنياد
به چترڪاري سان آهي. سنڌ جي قديم آثارن جهڙوڪ
موهن جو دڙو، ڪاهوءَ جو دڙو ۽ آمري جو دڙو جي
کوٽائي مان مورتيون ۽ چِٽن گلن وارا تمام گهڻا
شاهڪار نڪتا آهن. موهن جي دڙي مان پروهت جو ۽
بين دڙن مان گوتم جا ٺڪر ۽ ڌاتو جا مجسما نهايت
وڏي تعداد ۾ هٿ آيا آهن، جن مان سنڌي هنرمندن جي
ڪاريگريءَ جا جوهر جرڪن ٿا. مڪلي، چٽوڙي، چوڪنڊي
۽ سکر ۽ بکر جي قبرستانن ۽ ڳاڙهي ۽ حيدرآباد ۾
ڪلهوڙن جي قبرستان ۾ پٿر تي اُڪر جي عاليشان ڪم
دنيا جي ڪاريگرن ۽ هنرمندن کي مات ڏيئي ڇڏي آهي.
اهڙيءَ ريت شڪارپور، حيدرآباد ۽ نصرپور ۾ پراڻين
جاين ۽ ماڙين تي زيبائتو ۽ شانائتو اُڪر جو ڪم
به حيران ڪندڙ آهي. هن وقت اهو ڪم ۽ ان جا
ڪاريگر ناپيد ۽ ناياب ٿي ويا آهن ۽ سندن عظيم
الشان هنرمنديءَ جا قصا ڪتابن جي زيب ۽ زينت وڃي
رهيا آهن.
- الهرکيو ٻُٽ
ڪتاب ”هٿ جا هُنر“ تان کنيل ٽڪرو
مترجم ٻن ٻولين جي وچ ۾ ثقافتي رابطي ۽ ٻن سماجن
جي وچ ۾ جذباتي ايڪتا قائم ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو.
ترجمي بين الاقوامي طور ادب جي ترقيءَ ۾ سدائين
پنهنجو ڪردار نڀايو آهي ۽ انيڪ ٻولين ۽ ٻولين جي
سماجيات کي نئون جنم ڏنو آهي. اعليٰ ترجمو
تخليقي تحرير جي سطح تائين پهچي ويندو آهي ۽
اصلوڪي تحرير جي عظمت کان پوءِ ٻيو نمبر ترجمي
جو ئي هوندو آهي، ڇو جو ترجمو به اهوئي ڪم ڪندو
آهي جيڪو تخليقي ادب ڪري ٿو. ترجمي جو ميدان
تمام وسيع آهي. علم جون شاخون ۽ تخليقي ادب جو
سڀ صنفون سندس ئي حصي ۾ اچن ٿيون، تنهنڪري مترجم
کي ڪيترن ئي قسمن جي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو
آهي، جنهن جي ڄاڻ عام ماڻهوءَ کي نه آهي. جيئن
ته لفظ پنهنجي ٻوليءَ جي ڪلچرل يادگيريءَ کي
استعمال ڪري ٿو، اِن ڪري ادب جو ترجمو، ڪلچر جي
ترجمي جي برابر هوندو آهي، جيڪو يقينن آسان نه
آهي.
ترجمو ڪندڙ ساهتڪار پنهنجي تجربي مان چون ٿا ته
ترجمي ڪرڻ جو عمل، ٻيهر تخليق ڪرڻ جي برابر آهي،
تنهنڪري مترجم کي ٻي ٻوليءَ جي فطرت، مزاج ۽ ان
جي ادبي سڀاءُ جي واقفيت هئڻ گهرجي.
- ولي رام ولڀ
ڪتاب ”پرڏيهي ڪهاڻيون“ مان کنيل ٽڪرو
ص 7 سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
عبدالحفيظ قريشي
جُهڙُ پَسيُو جهِڄَن!!
ٻپهريءَ کان سڄي پاڙي جا ٻار مِڙي وڏي آڳند ۾
”ڦر ڦر سونٽو، دٻلي ٿي ڇڻڪي“ راند کان شروع ٿيا
هئا. گهر ٻاهران بيٺل وڏي ڄار ۾ مِينِهُڻ اسَرُ
کان ئي ٻولي رهي هئي.... اوچتو ساوڻيءَ واري
ڪڪرن جي ڪري ڄڻ شام ٿي وئي، جُهڙ ڏسي ٻارن وري
نئون ٽيٻڪو شروع ڪيو.
ڀت تي نوڙي!
مينهن آيو ڊوڙي!
* * *
ڀت تي جهرڪي!
مينهن آيو ترڪي!
* * *
ڀت تي واڍو!
مينهن آيو ڏاڍو!
* * *
ڀِت تي نار!
مينهن آيو اَپار!
اوچتو واهوندو وريو ۽ پوءِ زورائتي هوا هلڻ
لڳي...
”ائي مايون واچوڙو لڳو آهي! سامان ته کڻي اندر
ڪيو.“
ڪپڙا نوڙيءَ تان لاهيندي مائي ملوڪان لانڍيءَ ۾
کٽن تي اهليل ڌيئرن کي سڏ ڪيو.
ڪڪڙ ڪُڙ ڪُڙ ڪري پنهنجي چوزن کي سڏي رهي هئي،
چوزا هئا جو کنڀڙاٽيون ڦڙڪائيندا، تيز هوا ۾ سڄي
اڱڻ ۾ ڊوڙي رهيا هئا...
’ائي امان پوپري! کڏڙين جا در ته کول، ته ڪُڪَڙ
پوريون!! ‘ هُن ننڍي ڌيءَ کي پاٻوهه مان
ٻاڪاريو:
ڪُڙ ڪُڙ ڪري ڪڪڙ کڏڙين ۾ پورڻ کان پوءِ، گُندين
۽ پَلين جا مُنهن ٻنجن سان بند ڪري مٿان خرزينون
کڻي ڍڪيائين ته سنهي سنهي ڪڻ ڪڻ وسڻ لڳي. هڪ هوا
جو زور مٿان وري مينهن جي ڪَڻ ڪَڻ ....! اڱڻ تي
بيٺل گيدوڙي ۽ ليار جا وڻَ ته هوا جي زور تي
اوٽي پٽ سان پئي لڳا.
واءُ ٿورو تکو ٿيو...
سَرهن جا ۽ نمن جا وڻ ڄڻ هاڻ ڪي هاڻ ٽٽا!... وڄ
جي ڪڙڪاٽ سان مال ۾ ٻڙڌڪ پئجي ويو... ڪُنڍي ٽاهه
کائي ڪِلو پٽائي ڦر سوڌو وٿاڻ مان ڀڄي ڪري اچي
اڱڻ ۾ بيٺي...
هُو-مان! هُو-مان! هُمان! هُمان! هل ڀٽاري
ڪندي... ميهر وڃي اَلوڙيءَ کي ڇني ۾ آڻي ڪلي سان
ٻڌو. ڇوڪرن سڄو مال هڪ هڪ ڪري آڻي ڇني هيٺ
ٻڌائون...
سڙهه ۽ ڇوهي وسڪارو وسي اوڪاڻو ۽ وري وري ٿي
وسيو...
مينهن هجي جو اڄ وٺو نه ته وٺو ئي ڪونه...
ٻه پهر، چار پهر، ڇهه پهر، ڏينهن رات وسندي
مينهن چوٿين ڏينهن مس وڃي بس ڪئي...
سچ ڪني ڪڍي ڌرتي جي مک ڏانهن نهاريو ته هيڪر وري
ٻڪرياس کان ڪاري ڪڪر ڀڙڪو کائي سڄي اڀ کي ڍڪي
ڇڏيائين، ڄڻ سُرمئي شام ٿي ويئي هجي...
اَڏُون ۽ آواندا سڀ ٽٽي پيا، ريج ڪُريج هڪ ٿي
پيو هو، ڪچا پيچرا ڄڻ ته هئا ئي ڪونه...
جيڏانهن ٿي نظر وئي... چؤطرف پاڻيءَ جي ڇر لڳي
پئي هئي...
مرچ، ٽماٽا، بصر سارو وکر وارو فصل سڙي ويو،
ساريون نسريون پئي، ڦُٽين جو اڃا مس پهريون
چونڊو ٿيو هو جو پاڻي سڄو ملڪ ئي پائي ويو....
ملوڪان ڪريل ٻاهريون وڏو دَر لتاڙي اچي باقي
بچيل ٻاهرين ٻنڄري تي چڙهي جو نهاري.... ”الا!
امان، گونگڙي ڄڻ پالوٽ ڪئي.“
ڀرسان بيٺل ننڍي ۽ وڏي پٽ ميهر ۽ مور چيس: ”نه
ڪي، ريڻ ۽ پُراڻ پلٽيو آهي...“
”ڄڻ سمنڊ جي وير وري وئي آهي،“ سندن ناني مائي
مرادان لٺ جي ٽيڪ تي پويان ايندي هوريان
وراڻيو...
آسمان سڄو ڪاري ڪارونڀار سان ڀريو پيو هو...
اڳ لاڙ سڄو هو ڪلر ۽ مڇر، پوءِ آيل ڏهن سالن جي
سوڪهڙي جر کي کڻي وڃي هيٺ ڪري ڇڏيو، انڪري زمين
مٺي ٿي ته ٻاڙي به پوک کان وانجهيل نه رهي...
ڪيلي، ڪماند ۽ سورج مکي ته ملڪ کي ڍائي ڇڏيو
هو... 15 آڪٽوبر کان 15 مارچ تائين ڪمند جي
پيڙهه واري مُند ۾، ڪمند سان ڀريل ٽرڪ، ٽرالا،
اُٺ گاڏيون ... سارا رستا ڀريا پيا هوندا هئا،
شگرملن کان ڪيترا ميل پري تائين گاڏين جون
قطارون ميلا لايو بيٺيون هيون... ڪِنُو ۽ ڪيلي
وارا ڇوڪرا، هوڪا ڏيندا وتن، چَڻا ڪُهَر، بيهه،
لوڙهه کاڄڻ کان گهڻا... بر ۾ بازار لڳي پئي
هوندي هئي... غريب غُربي جو پيو گذران ٿيندو
هو.
سڄي ٿر، ماڃر ۽ وچولي جا کيت مزدور پورهئي ڪاڻ
نڪريو پون... شيدي، مياڻا، ميربحر، پليمارَ سڀ
پيا واڍيون ڪن، مال به ساڻ آهي... ”جيترو پورهيو
ڪيوسين اوترو کاڌوسين. وروهه ۾ پورا آهيون،
واڍِيءَ مان رڳو پيٽ قوت ڪيوسين“ ڪُمان ڀيلڻ
چيو.
هيلوڪي لاڙ، پر پروڪي ۽ آڳاٽي لاڙ جا رنگ بنهه
مختلف آهن، اڳ ٿيندا هئا رُڳا ساريال فصل،
مينهوڳيءَ ۾ ڍنڍون، ڍورا، تل ترايون ۽ وئريون
تار ٿي ويندا هئا، ڍنڍن ۾ مڇي جام ٿيندي هئي.
کڏن ۾ بيٺل ڏِير، پن عام جام...
ڏير جي سنگن مان جڙيل پيلي مٺي ٻوراڻي...
نُکُون ۽ تونئريون ٺاهڻ وارن لاءِ جام وکر...
پن، پٻڻ، ڪُم، ڪوڻيون لوڙهه، بيهه جام ٿين...
هاڻ ڪمند، ڪپهه، سورج مکي ۽ ڪيلن جا باغ جت ڪٿ
نظر ايندا... ”لاڙي چانورن جو ڍوڍو کير سان...“
”مڇي ۽ گانگٽن جو ٻوڙ، ڳاڙهي چانورن جي ماني...“
مِينهن سٽيل ۽ سِم نالي جي ٻوڙيل مائي ملوڪان
ڪئمپ ۾ سکيا ۽ ڏکيا ڏينهن پئي ساريا...
مينهن ايڏو وُٺو جو سڄو ملڪ پهرين ڇَر، پوءِ
ڇاڇر هاڻ ڍنڍ مان ڦري سمونڊ ٿي پيو ويو، سم نالن
جي کاري پاڻي سڄو ملڪ ئي کارو ڪري ڇڏيو هو...
مال بک مرڻ لڳو، شهرن جي مال وارن واپارين جا
جاوا ٿي ويا... لک جي ڪُنڍي 10 هزار ۾، ٽيهن
هزارن جي ٽيهاڻ 5 هزار رپين ۾، ٻڪريون ۽ ڇيلا ته
ڄڻ مفت ۾ ويا...
ڀلا ڀاڳ تن جا ٿيا جي ٿر ۽ ڪوهستان ڏانهن مال
ڪاهي ويا... جن جا اُتي مِٽَ هئا....
جتي ساين سيمن تي پهرياتن جا ڦر ڪُڏڪا ڀرڻ
لڳا... سئا گاين جو کير چاڏين ۾ ڪير ڏهي....؟
مينهن ته بيهي ويو... پر پاڻي هو سُو جتي ڪٿي
بيٺو هو...
برسات کان پهرين جتي وِک وِک تي وڻراهه هئي...
ڄار ڄار سان ڪُلها ملائي ڳاٽ کنيو بيٺي هوندي
هئي، وڏا شاهوڙ ٻٻرن جا وڻ، انهن تي وڻ ويڙهيءَ
جا پيلا تاندورا ائين ٿي لڳا، ڄڻ ڪنهن لاڙ جي
ناري سئيون ٺاهي اِنگهن تي سڪائڻ لاءِ وڇائي
ڇڏيون هجن... نمن ۽ ٽالهين جا ڇانورا جت ڪٿ...
ڌنارن جو ويڻا ۽ بانسريءَ تي ماروي ڳائڻ، چنگن
تي ڳائجندڙ مورا.... ۽ ساوڻ فقير جا بيت، ماحول
کي منڊي ڇڏيندا هئا.
ڇاڇر ۾ ڪائنرن جي ڪينڪرڻ جا آواز...
ٿوري به وَسُ ٿي ته ڦوڳ ڦولاربا، ٿوهر نسري
ڳاڙها ڳڀ ڪندا، گُرڙ، گولون، پپون، ڪونڍير،
چِڀڙ، گدرا ۽ ڇاهان ايترا ٿيندا، جو بازارن ۾
ايندڙ ويندڙ جي پيرن ۾ لتڙبا پيا هئا...
ڄاگريون، ڳاڙهن پيرن سان جهنجهجي وينديون
هيون.... ڇا پٽي، ڇا کائجي؟ ڇا چونڊي ڇا کڻجي؟
لاڙ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڍنڍ، مڇيءَ جا تلاءَ، تريل
مڇي، سيئل مڇي، مڇيءَ جو پلاءُ، ۽ گلفام، گراس،
هائبرڊ، موراکي، ڪُرڙو ۽ پُوپري مڇيءَ جو ٻوڙ ڇا
ڇا کيڻ ٿيندا هئا.
جوڙن تي کيڙون ٿينديون، ٻنا ٺهندا، رونبا
ٿيندا.... اڄ هِن دنگائي جي ڇيڙ جي ڪوٺ، صُباح
هُن دَنگائي جي ڇيڙ....
ڀَت ۽ ڏڌ، کائبو ۽ پيئبو! ٻپڙي اجرڪ.
اوڍي مانجهاندي جي نينڍ ڪبي!
ٻاجهرين ۾ سنَگَ نسرندا ته پيهون جڙنديون،
کانڀاڻين سان جوان جهار هڪليندا، کانڀاڻين جو
ڳوڙهو زوزاٽ ڪندو وڃي ٻوڙيءَ کي ڌَڪي اُڏائيندو
ويندو.... وڏي سُر ۾ مڱڻهارن جي دهل جي ٽيڪي تي
همرچا، ليالا، جمالا ۽ مولوي احمد ملاح جون
مداحون ڳائبيون هيون....
ڇاڇر ۾ ٽوواين جي ٽَر- ٽَر- ٽَران- ٽَران وارا
سيٽن جهڙا آواز... ڪانيئل پيرن ۾ بُربلن جو
ٻولڻ…
برساتي ٻوڏ کان پوءِ جهنگلي ڪڪڙيون پنهنجي ٻچن
سان گڏ، بُٺيءَ تي ڪُڙ ڪُڙ ڪري رهيون هيون...
سرڻيون آسمان مان تاڪائن جيان لامارا ڏئي رهيون
هيون...
انسان ته ڇا پکي پکڻ پريشان... ڳوٺ ڊَهي پيا...
هُڙين وارا ڪانگ، ڳوٺن جي ٻاهرين وڻن تي ڪيترائي
ڏينهن ڪانگيرا ڪندا رهيا...
لڀي ماڻهوءَ لاءِ مانيءَ ڀور ڪونه... ڪانگن ۽
ڪَٻرِين جي سار ڪير لهي...
ڪانگن جا ولر هوريان هوريان جبلن ڏانهن هليا
ويا، ليلن جا لُڙ، جهرڪين جي چڙ- چڙ، چَڙان-
چَڙان، ڪٻرين جو ٽيچ- ٽيچ، ٽيچڪ- ٽيچڪ وارا آواز
ڪڏهوڻڪا بند ٿي ويا هيا. ههڙن ۽ وهين چر- چر ۽
ٽران- ٽران به بند ٿي وئي، ڪٿي ڪٿي ڪا ڳيرن جي
گهُو-گهُو-گهُو... جا آواز ٿي ٻڌا....
رات جي پوئين پهر ۾ بکن ۾ پاهه ڪتا پاڻيءَ ۾
شپڪ، شپڪ... شپڪڙا ڪندا، ڍنڍن جا بند ٽُٽڻ ڪري
نڪري ويل مڇيءَ جي ڳولا ۾ هيڏانهن هُوڏانهن رُلي
رهيا هئا... دڙن ۽ بُٺين تي ويٺل ڪتا کين ڏسي
ڀونڪون ڪري رهيا هئا...
رات جي وڳڙي ۾ هڪڙي اوندهه ٻي بادلن جي لڏ پلاڻ
ڪڏهن ڪڏهن بادلن وچ مان ڪو تارو ٿي ٽمڪيو... ۽
چٻن جي چرڙاٽ ڪري اُڏرڻ تي کڻي اکيون ٿي ٻوٽي
ڇڏيائين...
ٻئي وسڪاري ۾ اوڏڪا مٽيءَ جا گهر ته ڊهي پٽ پئجي
ويا، ڏار پئجي ويل پڪسرا گهر، سڄي ڳوٺ کي اداس
نظرن سان بيٺي ڏسي رهيا هئا...
وڏن آڳندن ۾ گندين، پلين ۽ ٻاهر آهرن مان گهڻا
ڊهي پيا هئا. پاڻي پوڻ جي ڪري ان خراب ٿي
ويو...، بکن ۾ پاهه ڪڪڙن ۽ چوزن جي چُون چُون ۽
ڪڪڙن جي ڪَڙ ڪڙ، ڪڙان ڪڙان جا آواز کڏڙين منجهان
اچي رهيا هئا... ڪي ڪڪڙ ڊٺل کُڏين مان آزاد ٿي
ٻٻرن جي لامن تي وڃي ويٺا هئا...
ڍنڍن، ڍورن مان پن وڍيندڙ ڇوڪرا، ڪُڪڙ جهلي رهيا
هئا... مالڪ لڀن ئي ڪونه... ماڻهن تي ويلا پئجي
ويا... جهونجهڪڙي ۾ کير ڏُهڻ جا… ڇهو! ڇهو! شو!
شو! ڇَران ڇَران… وارا آواز ڪٿي پولار ۾ وڃائجي
ويا هئا. گابن، گابين، پاڏن، پاڏين جي رنڀ، ليلن
۽ ليلين ميهه ميهه… ۽ ميڪاٽ وارا آواز ٻڌائي ڪين
ٿي.
جن گهرن مان مهمير مهل، چاڏين ۽ ماٽين ۾ ڏڌ
ولوڙڻ ۽ جهيرڻي جا آواز ايندا هئا، جتي ماکي،
مکڻ، کير، ڏڌ، ساڳ ۽ پليءَ مڇي ۽ گانگٽن جا ٻوڙ
وارا کيڻ روز کائبا هئا... اتي مقام جهڙي ماٺ
لڳي پئي هئي... رکي رکي ٿي ڪنهن چٻ چرڙاٽ ڪيو...
نه ته ماٺ....
مينهن سبب مال ۾ بيماري پئجي وئي...
گهُوگهي واري لُوس ۾ ئي ڪيترو مال مري ويو...
اگها انسان ئي هاڃي ۾ پئجي ويا... ماڻهن ۽ مال
جي دوا درمل، ڪيئن ۽ ڪٿان ڪجي...؟
ملڪ جو ڄڻ ڪو مالڪ ئي ڪونه هئو...
ڇا زميندار...؟ ڇا ڪڙمي...؟
جن جا گهر پراڻن واهن جي ڀَڏن ۽ ڪَڙين کان مٿي
هئا، تن جو به حال ڪين رهيو هو...
همون مياڻو... تَري تُڳڙي وڃي ٻه ڍونڍيون ۽ هڪ
ٻيڙي ڪٿان ڪاهي آيو... هيڏا سارا ڳوٺ، هيترو
سامان... ڇا کڻي... ڇا کڻجي...؟
ڏنگو قاضي پير محمد، جيڪو سڄي ڳوٺ ۾ ڪنهن سان
ٺهندو ئي ڪونه هو... سو بُٺيءَ تي چڙهي ٻاڪاري
رهيو هو... ”منهنجي گهر جي اُترين ڀت ڪري پئي
آهي، منهنجي ڌيءُ ڪلثوم، اِنَ اَولي هيٺان اچي
ويئي آهي. مونکي منهنجي ڪلثوم ڪڍي ڏيو...! آءٌ
هٿ ٿو ٻڌان...!“
لڏپلاڻ ۾ رُڌل... ڳوٺاڻن هڪٻئي ڏانهن نهاريو...
۽ پوءِ ڪوڏرون ۽ کهيئڙا ۽ ٽيڪم کڻي اچي ڀت کوٽڻ
لڳا... ”هتي... هتي آ... ڇوڪري...!“
پهرين چُنيءَ جو پاند ظاهر ٿيو، رنبين سان ٻه
فوٽ اوڏڪي ڀت مان ڇوڪري ڪڍڻ ڪا سولي ڳالهه ڪانه
هئي... جمعي شيديءَ جو پهلوان پٽ شاهَن اچي جا
همراهي ڪَئي ته ڇوڪري لڀي پئي...
”سنڀالي سنڀالي کڻو، کٽ تي رکو...!“
ٽم ٽم ڪندڙ ڇني هيٺ کٽ تي پٿراڻي وڇائي...
ڇوڪريءَ کي رکيو ويو... پڻس ٻئي پاسي منهن ڪري
زور زور سان اوڇنگارون ڏيڻ لڳو.
مائي ملوڪان وڌي اچي ڇوڪريءَ کي ڏٺو... ۽ رڙ ڪري
چيائين... ”ساهه اٿس...!“
ڇوڪريءَ جي نڪ اڳيان تري جهلي ساهه جي اچ وڃ
ظاهر ڪيائين پئي... اها ڳالهه ٻڌي پڻس دانهن ڪئي
”هان! منهنجي ڪلثوم جيئري آهي.“ اٿي اچي ڌيءَ کي
ڏسڻ ۽ چمڻ لڳو...
”امان! منهنجي امان! اک ته کول...! آءٌ ته مري
ويو آهيان.“
هُو سڄي ڳوٺ وارن ڏانهن هٿ ٻڌي بيهي رهيو...
”اوهان سڀني جا ٿورا...! نه لاهي سگهندس...!“
پوءِ اچي روئڻ ۾ ڇُٽڪيو... ماڻهن ۾ چوٻول ته
”اسپتال رسايوڇوڪريءَ کي...“
نه گس نه واٽ ڪجي ته ڇا ڪجي...؟
رات لنگهي وئي ڀنڀرڪي مهل... واهر لاءِ ڪجهه
ٻيڙيون اچي پهتيون... ميگافون تي اعلان
ڪيائيون... ”ڪو ماڻهو هتي آهي...؟“
”ها! ها! ڀائو اسان هتي آهيون!“ سڀ اُٿي ڊوڙيا!
”اسان هتي آهيون، ڊاڪٽر به گڏ هوئن... سڄو ڳوٺ
اڌ ڊٺل جڳهين جي اوٽ مان نڪري سامهون آيو...
ٻيڙيءَ ۾ آيل هڪڙي نوجوان اڳتي وڌي پڇيو ”هتي
ڪيترا ڳوٺ ٿيندا...؟“
جمعو شيدي... بيٺو ڳوٺ ڳڻائڻ ”هيڏانهن اولهه
ڏانهن گونگڙي ۽ رپڻ جي ڀر ۾، ٽي ڳوٺ سٺين جا هڪ
لغارين جو، ٻه عالماڻين جا، هڪ بخاري پيرن جو
آهي، وڪن جا چار ڳوٺ برابر ۽ لاڳيتا آهن...“
نوجوان ”اتاولي ٿي پڇيو چاچا! ڪيترا ڳوٺ ٿيندا ۽
ڪيترا راڄ ۽ ماڻهو...؟“
جمعي شيديءَ چيو، ”راڄ ته جام آهن، بديڻن جي سڄي
ڀريل بازار جيترا ماڻهو ٿيندا.“
اڳتي وڌي جمعي جي سوٽ ماستر صفر ڀرپاسي جي ڳوٺن
جي سڄي ماجرا، ٻيڙي تي واهرو ٿي آيلن سان
پيرائتي نموني بيان ڪئي....
پندرنهين ڏينهن وڃي مس ڪا واهر ٿي، اڌ مال ته
مينهن ماري ڇڏيو، ننڍڙا ٻار ۽ ڪيترائي اگها
پوڙها مري ويا... نه ڪفن جو ڪپڙو نه دفنائڻ جي
جڳهه قبر کوٽجي ته جر جو پاڻي جتي ڪٿي... جيئن
تيئن ڪري ماڻهن پنهنجن پيارن کي گپ ۽ چِڪ وارين
قبرن ۾ کڻي پوريو...
لاڙ جا سڄا اسڪول، ڪاليج ڪئمپون بڻجي ويا... جتي
نه ڪا سهولت نه ڪا هاج جي جڳهه... اچي جو
بيمارين منهن ڪڍيو... دست الٽين ۽ پيٽ جي سور ۾
پندرهن ڏينهن ۾ ايترا ماڻهو مري ويا جيترا مينهن
به نه ماري سگهيو...
پويان سارسنڀال لاءِ رهجي ويل ڳوٺاڻن واهه جي
ڪَڙَ سان ماڻهن پنهنجو مال: ٻڪريون، ڳئون ۽
مينهون ٻڌي ڇڏيون هيون... ننڍا ڇوڪرا پاڻيءَ ۾
تڙڳي تڙڳي، ڪمند جون چوٽيون ڪپي، ڀريون ٻڌي مٿي
تي مال لاءِ کنيو پئي آيا...
سم نالي جو پاڻي ڦرموٽريءَ جا ڦري ڦري وري وري
ٿي ٻنين ۾ پئي آيو... سم نالي مٿان ٺهيل، پاڻيءَ
واري ناليءَ جي پڪيءَ ڪناريءَ تان وهندڙ پاڻيءَ
مان بُکن ۾ پاهه ٿيل ڪُتي هوريان هوريان پير پير
ڪندي، لنگهي پڪي روڊ تي نوس نوس ڪري رهي
هئي.... پويان سندس هڪ پونگڙو ته هلي آيو ٻيو
ڊڄي ڪري پوئتي رهجي ويو. ۽ ڪانئون! ڪانئون! ڪري
ماءُ کي سڏي رهيو هو... ڪتي ساڳيءَ ريت روڊ تي
کاڌي جي ڳولا ۾ نوس ڪندي واهه جي پڪي ڪپر سان
اڏيل پل تائين وڃي، وري موٽي آئي ۽ سم نالو ٻيهر
اُڪري، واپس وڃي دڙي تي ڦٽل جڳهه جي اڌو گابري
بچي ويل ڇِتَ تي چڙهي شهر ڏانهن نهاري رهي هئي،
جيڏانهن لوڪ لڏي ويو هو.
سم نالي مٿان ٽوٻو پکي ڪڏهن کنڀڙاٽيون کِٽيرِي ۽
ڪڏهن مهل پرڙا سُوءِ، تاڪائون جيان پاڻيءَ ۾
نهاري رهيو هو. اوچتو ٽوٻي جيٽ جهاز جيان غوطو
هنيو ۽ ڊينڊ کڻي اُڏري وڃي، نم جي ٽاريءَ تي
ويٺو ۽ سڄو ڊينڊ ڳڙڪائي ڇڏيائين...
ڪُتي سم نالي پويان دڙيءَ تان بيهي پنهنجي ٻنهي
گلرن سان شهر ڏانهن نهاري رهي هئي...
”اباڻا لڏي ويا، بُکي ڪتي ڇڏي ويا.“
سرڪار ڪيترائي ڳوٺ لڏائي کڻي وڃي ڪراچي
پهچايا... ڪٿي واهر، ڪٿي اڻ- واهر...
”اسان پنهنجي ئي ملڪ ۾ پرديسي بڻجي وياسين، اسان
کي ڄاڻي واڻي ٻوڙيو ويو، اسان کي مسافر ڪيو
ويو“، شيخ ڳوٺ جي پوڙهي مائي مِرکِي پڪي لاڙي
ٻوليءَ ۾ اخبار وارن سان ڳالهائيندي چيو ”ابا!
اسان جا پنهنجا ڀريا ڀُڪليا گهر هئا، کير مکڻ
هئا، اوتارا ۽ اوطاقون هيون... ٻنيون ٻارا
هئا... اسان کي وڏن ٻوڙائي ڇڏيو نه ته اسين ٻڏڻ
وارا نه هئاسين.“
سجاول جي هڪ ٻيءَ پوڙهيءَ چيو ”ڇا نه هوندو آهي
هڪ گهر ۾؟ غريب غربي وٽ به مال متاع لکن جو
هوندو...؟ هتي اسين لپ اٽي لاءِ پيا ڌڪا
کائون... اسان پنهنجي ديس ۾ پرديسي ٿي
وياسين...“
ساڪري جي پوڙهيءَ ڦاپان هڪ ننڍڙي ڏهن ورهين جي
ڇوڪريءَ کي ڪئمرا جي سامهون آڻيندي چيو ”هيءُ
ڏس! هتي هن کي بيماريءَ ڪيئن نه ڀيلي وئي آهي...
اها هت ٿي آهي، ڪارو ڪامڻ آهي... ڪاري ڪامڻ جو
علاج ملڪ ۾ ناهي ڇا...؟ ”پوڙهي ڳالهائيندي رهي
ڄڻ سڄو لاڙ ڳالهائي رهيو هجي... ڄڻ مرکان شيخڻ
ڳائي رهي آهي... پنهنجي پير قرهيل ڀانڊاريءَ جي
وچوڙي جا ورلاپ پئي ڪري....
نماڻيون اکڙيون، آنئين سُتيون ڪوهه ڪريو؟
مون ولهيءَ جو وارث جاڳائي ڏيو!
نماڻيون اکڙيون، آنئين سُتيون ڪوهه ڪريو!
چشمن سان چمان، قرهيل چوڙ جهليو!
* * *
تلهار پاسي کان آيل دنگ جي وسيءَ جي سگهڙ
اسماعيل سروري پهاڪي وارو بيت ڏيندي ٻڌايو ته:
”ڏکڻا مينهن نه وسڻا، جي وسي ته ٻوڙي،
ڀاڙيا ماڻهو نه وڙهڻا، جي وڙهي ته جهوري.
ابا! هي ڏاکڻو مينهن هو، جيڪو هونئين ته ڏکڻ
گجرات کان سوراشٽر کي ڀِڄائيندو، وڃي سڄو
راجسٿان وسائيندو آهي، ڪجهه ڪڪر ڪارونجهر کي اچي
وهنجاريندا آهن. هن ڀيري اچي لاڙ تي وسڪارو
ڪيائين.“
هڪ ساڱاهو، سوني نظاماڻيءَ وڌيڪ ٻڌايو ته:
”وسڪارا ته اڳي به ٿيندا هئا، واڌو پاڻيءَ کي
پراڻ جا ڍورا ۽ ڍنڍون کڻي ويندا هئا، رڳو اولهه
پاسي وارين اوٺاري، ٻاريجي، ڀنڀرلو، کنڀرو،
هميت، سانڊوهه واريون ڍنڍون ئي اهو سڄو پاڻي کڻي
وينديون هيون، باقي پاڻي وڃي ريڻ ۽ پراڻ ۾
پوندو، ۽ سارو ملڪ ئي ٺري پوندو هو.
اهي لاڙ جا سگهڙ ڄڻ درياهه ۽ درياهي ڦاٽن جا سچا
ساٿي ۽ سُونهان هجن، هڪٻئي سگهڙ ناٿي سوناري
چيو، ”اَبا! سانگهڙ پاسي وارين ڀِٽن مان پاڻيءَ
کي گس نه مليو، جتي هاڪڙي درياهه جا سوين گس هنن
آبادگارن بند ڪري ڇڏيا، اهو پاڻي به واپس وري
لاڙ کي لوڙهي ويو.
جهوني مائي مرادان جا چُپڙي ڪري ڪئمپ جي ڪنڊ ۾
پنهنجي ڌيءَ ملوڪان ۽ ان جي ٻارن سان ويٺي هئي،
سا ڄڻ ڦاٽي پئي.
”اسان جي ته ڪنهن واهر نه ڪئي، باقي ’ڄاڙيون
ڄاموٽن جون، کاڌي لاءِ پيون کامن‘ هتي
ماڻهو پيٽ قوت لاءِ پريشان...“
ساڱريو عبدالله ملاح اُٿي اڳتي آيو ۽ ٻڌائڻ لڳو:
”درياهه بادشاهه جا ڦاٽ، مينهوڳي ۽ ٻوڏ جو سارو
پاڻي کڻي وڃي سمنڊ سان ٻکين پوندا هئا، ڪڏهن
ڦليلي نه پلٽي، ڪڏهن پراڻ ۽ ريڻ ايئن نه ڪيو هيل
هن هيترڙي سم نالي کڻي سڄو ملڪ ٻوڙي ڇڏيو...
مينهن ڪيڏا به پون، پاڻي ڪيڏو به گهڻو اچي، پر
اهو پاڻي اوٺن جي دڙي کان ٿيندو، مخدوم نوح
سرورؒ جي ڪُني کي چوڦير چمي، سانوري ڍنڍ ۾ پئي،
ڳوٺ ڦتن پرهياڙ جو پاسو ڏئي، تاجن جي ڪوٽ کان
ٿيندو، پير ڦرهيل ڀانڍاري کان ڦري، پراڻ، ريڻ ۽
پٽهيل ساڻ ملي وڃي ڪڇ جي ڪوريءَ نار ۾ پوندو هو،
ڪوري نار سڄي پاڻيءَ کي سيني سان لائي وڃي سمنڊ
۾ ڇڏيندي هئي.“
جهوني مرادان وري ڳالهائڻ لڳي:
امان! مِيرن ۽ پِيرن پاڻيءَ جا گس بند ڪري ڇڏيا،
انڪري پاڻي مڇرجي پيو ۽ ڪاهي پيو واهڻن ۾، نه
ڇڏيائين ڪا وانڍ سڄي...“
هُوءَ وري مال ۽ پهروئن تي ڳالهائي رهي هئي:
”گهڻو مال، ڳئون، ٻڪريون، مينهون، ٽهاڻيون،
پهرياتون، پن چريون، ڇيليون ۽ ڇيلا مينهن ۾
پنهنجي ڪلن تي ٻڌل رهجي ويا ۽ اُتي ئي بُک ۽
گهوگهي واري لوس ۾ ڪنڌ لاڙي سدائين لاءِ سمهي
رهيا...“
هن ساهي پٽي وري چيو: ”ڍورا پراڻ، راڄ واهه،
امام واهه، گوني، پنياري، پتڻ واهه سڀ ڄڻ ڪاوڙيل
هجن، پراڻ جي پڊن کان علي بندر تائين سڄو ملڪ ڇر
مان ڦري ڇاڇر ٿي ويو آهي.... پِنگرئي، بدين
بٺوري دڙي کان ويندي سجاول تائين، سنڌو درياهه
جي وشال پيٽ- دمدمي تائين پاڻيءَ کي گس ته ملي
ته پوءِ درياهه شاهه پاڻي کڻي شاهه بندر تائين
وڃي ڇوڙ ڪري.
واهه! روپاهه ماڙيءَ جا دودل گهوٽ، واهه! ڀاون
شاهه! تنهنجي لاڙ جا ڀاڳ، واهه! ٻاگهل ٻائي،
واهه! سنڌ راڻي سونيتي تنهنجي سُرهي سيمن ۾
وسندڙ راڄن جو احوال! نه ڪو مددگار! نه ڪا
سرڪار!....“
ڄڻ مولوي احمد ملاح دانهين پيو...
اي اميرو! عام آهون رنگ لائينديون ضرور!
نت نماڻن جون نگاهون، رنگ لائينديون ضرور!
زار کي زاريون ڪيائون، روس جو هُو رئيس،
تون نه تنهن کان پنڌ پراهون، رنگ لائينديون
ضرور...
شاهه ڪريم جي پاڻيهاري ڪراچي جي ڪئمپ ۾ هٿ
ڊگهيري، اٽي لپ لاءِ بيٺي آهي... ” امداد تي
ماڻهن جي پيهه، لٺين جو زيپٽ، اڄ هڪڙي پُوڙهي
لتاڙجي مري وئي... ڪير هئي؟ ”پنگرئي جي کارائي
هئي.“ ملوڪان وراڻيو... ”هن جا ڪَلها تنبوءَ ۾
پيا روڄ راڙو ڪن، مُڙس گونيءَ ۾ ٻڏي ويو، هن جي
ابهم ٻارن کي ڪير نپائيندو...؟؟ هتي ڪير به ڪنهن
جو ناهي.“
هُو اڇي مٿي وارو چاچو پريل، پوليس جي لٺين ۾
مري ويو... ڪنهن ڏک گاڏڙ آواز ۾ ڄاڻ ڏني، هُو
ساڱا هو سڄڻ. سڄي ڪئمپ جي لاوارثن کي ڪم پيو
ايندو هو، ٻه ڏينهن اڳ ته ڪوهستان وڃي پنهنجي
مال جي سارسنڀار لهي آيو هو، ڪالهه ئي ته هتي
ڪنهن کي ٻڌايائين پئي ته ”سندس چارئي پهرو هن کي
ڏسي، رنڀڻ ۽ رڙڻ لڳا، ڄڻ چوندا هجن ته ”ڪٿي
هوئين؟ اسان جي ڪا سار به نه لڌي تو“ هُن ٻڌايو
پئي ته: ”هڪ چال ته ويجهي هلي آئي، ڪنڌ لاڙي،
ڳوڙها پئي ڳاڙيائين چال کي ڳراٽڙي پائي چيومانس:
’ڀٽاري! دعا ڪر ته ڏيهه مان پاڻي وارو ڏرُت لهي
وڃي ته توهان سڀني سونهرين کي ڳوٺ وٺي هلان!‘
آءُ ته پاڻ مجبور آهيان. هِن مينهن ۽ پاڻيءَ ته:
ٻچا ٻٻرن ۾ ۽ آنا انبن ۾ ڪري ڇڏيا آهن.“
اهو قصو ٻڌائي پريل ڳچ پهر ويهي رنو هو. ”اڄ اڇي
مٿي وارو پريل اسان جي هن ڪئمپ ۾ آهي ئي ڪونه...
ڄڻ ڄائو ئي نه هو...
اُنهيءَ رات هُنَ ڪئمپ جي ڪنڊ ۾ ويهي ڪنهن
پنهنجي ڀاءُ جي وڇوڙي جا پئي ورلاپ ڪيا:
تو ڪَتيءَ جا قول ڪيا،
لاڀُون لابارا وَيا لهي،
* * *
اسوءَ، نهاري، مون نهاريو،
پُوهه نه تو پوءِ واري ڪئي،
* * *
سيارو ويو، اونهارو ويو،
برسات جا اڄ بادل وٺا،
ڌڻ ونڌو جي ويا مال ڪاهي،
سي ماڻهو به موٽي آيا وري،
* * *
آ مل محمد چئي،
جاني جدايون تون ڪر،
آ ڪريون ڪي ڳالهيون،
ڏکن سورن جي ويهي.
* * *
”ڪيڏو نه چڱو ماڙهو هو... پاڻ به هت مري
وينديونسين. ڪو ڌڻي سائين ڪونهي...“ مائي ملوڪان
ڀريل نڙيءَ سان سُڏڪندي چيو.
ڳوٺن مان پاڻي نڪتو ئي ڪونه، ماڻهو نڪري ويا،
ننڍا وڏا شهر، ڄام شوري جا رستا، تنبوئن جي
ڪئمپن سان ڀرجي ويا... رستي هلندي ڳورهاريون غش
کائي ڪري پيون...
”الا! وطن ۾ بي وطن ٿياسين“
”مولا مهر ڪر! مولا! ٻاجهه ڪر!“
ڪاسن ۽ ٽوئن ۾ فقيرن ۽ جوڳين کي خيراتون ڏيڻ
وارا پاڻ ڪِشتائي فقير ۽ پينو ٿي پيا، نياڻين جا
ڏاج ڪٿي رهيا، پُٽن جا پينگها ئي ٽٽي پيا...
رات جي وڳڙي ۾ ميران پنهنجي ڌيءَ کي ساري ’هيلو‘
ڳائي رهي آهي ۽ پوءِ اوچتو هُنَ دانهوڙ ڪئي...
جنهن سڄي ڪئمپ کي روئاڙي ۽ ڏڪائي ڇڏيو.
* * *
سوني! سوني! امان سوني! ڪٿي آهين...؟؟
* * *
سونيءَ کي سم نالي جو پاڻي ڳڙڪائي ويو...
”او ميڏي سوني امان! ڪٿي ڳئي آن!“
* * *
امان ڪون آواز تي مار! جي امان ته آک!“
سڄو ڪئمپ سڏڪن ۾ پئجي ويو!
* * *
سوني امان آؤ، تيڪون واليان گِهن ڏيوان!
* * *
سوني امان آؤ! تيڪون چوڙيان گِهن ڏيوان!“
ميران، جا ڳوٺ جي مڱڻهاري هئي... جواني ۾ هئي جو
مولوي احمد ملاح ڳوٺ آيو هو... ته هن پنهنجي گهر
جي ٻنجري تي چڙهي... وڏي سَرَ ڳايو هو...
هُو منارا! هو منارا! هو منارا مير جا!
اڄ ڪيا اوٺين اشارا! هو منارا مير جا!
انهيءَ وير مولوي احمد ملاح ڳوٺ جي وڏي مسيت ۾
ڪنڌ نمائي سندس ڪلام پئي ٻڌو ته ڪنهن اچي چيوس:
سائين! ميران! اوهان سان ملڻ گهري ٿي؟
مولوي پڇيو ڪير ميران؟
اسان جي ست راڄي مڱڻهاري آهي، اوهان جا ڪلام دل
سان ڳائيندي آهي...
تڏهن مولويءَ سندس مٿي تي هٿ ڏئي دعا ڏنس ”مائي!
سدائين سکي هونديئنءَ.“
ميران
روز رات جو ڪئمپ ۾ احمد ملاح جو هيءُ ڪلام، ’ته‘
کي ’نه‘ ۾ بدلائي چوندي ۽ روئندي رهندي هئي...
اڄ نه ملڪن ۾ ملهارون،
* * *
واهه ڙي قدرت رب ڪريم!
اڄ نه باغن منجهه بهارون،
واهه ڙي قدرت رب ڪريم!
”سهڻيءَ کي ميهار ٻوڙيو، منهنجي سونيءَ کي مينهن
واري کاري پاڻي ٻوڙي ڇڏيو...
ڀنڀرڪي مهل هو ڪئمپ ۾ اٿي، پرڀات ڦيري ڳائيندي
هئي...
داتا تون ديا ڪر! رحمي تون رحم ڪر!
رحم ڪر! ٻاجهه ڪر! رحم ڪر!
پاڻي جهڙو لٿو تهڙو نه لٿو... ماڻهو پنهنجي ماڳن
ڏانهن موٽڻ لڳا، زمين ڪلراٺجي وئي، کهئيڙو هڻ
ته پاڻي پيو نڪري... هر، اوڙو، ٻنا ڏئي ٻج پوکيو
ويو ته سارو ٻج، ڪارو ٿي ويو سلو به مورجي نه
سگهيو...
ڳوٺ ڏانهن ورندي سڀ ماٺڪا ٿي هلي رهيا هئا رڳو
ملوڪان جي ننڍي ڌيءَ پوپريءَ هئي، جنهن رکي رکي
ٿي ڪا ڳالهه ڪئي، پريان کان ايندڙ چَڙن جي
گهنڊڻي لار جا آواز ٻڌي پوپري بيهي رهي، ”امان!
او امان! پاڻ وارا پهرو پيا اچن.“
”هُڙڪ هل! ته شام کان پهرين ڳوٺ رسون.“ ماڻهنس
ڪڪ ٿيندي ڌيءَ جي پٺي ٺپريندي چيو.
پر پوپري هئي جا اڳتي هلڻ کان نابري واري بيهي
رهي، ايسيتائين بيٺي هئي، جو رستي جي وڪڙ مان
ٻٻرن ۽ بيد مشڪ جي ڇانوري مان پهرين مليريون
ظاهر ٿيون، پويان، ڪامورين، بَرين ۽ ٽاپرين،
ڇيلن ۽ پن چرين ساڻ ولر ٻيڪاٽ ڪندو پئي آيو....
سڄو هيڙ ڍڳن جو گڏ هوئن، جن جي ڳچين ۾ چَڙا،
موتين ۽ مڻڪن سان مڙهيل ڪنٺيون ۽ پيرن ۾ ڇمڪيون
هوئن، آخر ۾ ڪُنڍيون ۽ ڀوريون پئي آيون.
بدين کان مٿي ٿر جي ڪَسَ کان واپس ايندڙ انهيءَ
مال جون هيڙهون ڏسي ملوڪان جي ننڍي ڌي پوپريءَ
چيو ”امان هيءَ ته جهڙي پنهنجي چال هجي، امان!
اِها ڀوري ته ڏس ساڳي پاڻ واري تاجور آهي.“
ملوڪان ڦاٽل چنيءَ جي پاند سان ڳوڙها اگهندي
رهي... ۽ ڌيءَ کي چيائين ”گهر ڀيڙا ٿيون ته
اهڙيون ڀوريون کوڙ...“ پوءِ دل ۾ سوچيائين:
”ڪٿي ٿيون ڀوريون واپس ورن اهي ته ڪراچيءَ ۾
ڪنهن ناگوريءَ جي وٿاڻ ۾ سُوئين تي پيون کير
ڏينديون هونديون يا ڪنهن ڪوس گهر ۾ ڪُسجي ويون
هونديون...“ ملوڪان سوچيندي رهي...
ماءُ ۽ ڌيءُ پنهنجي راڄ سان ڳوٺ ڏانهن ويندڙ ڏکڻ
وارو ڪچو پيچرو کڻي ورتو....
ڳچ پنڌ تائين، چڙن، گهنڊڻين ۽ ڇمڪين جا آواز ڇڻ
ڇڻ ڪندا، سندن پوئتان پئي آيا... آواز نه هجن ڄڻ
گسُ سُونهان پيري هجن، جي پڪي کان ڪچن پيچرن
تائين سندن پيرا کڻندا پئي آيا.... ماڻهس نٿي
گهريو ته اهي آواز ٻُڌان... جن جي ٻڌڻ سان ڏک
واڄو ڪري ٿي ڏيل ۾ وڄيا.... پوپري انهيءَ ڇمڪار
تي ڪن ڪيٽا ڪيو، مُرڪي مُرڪي ماءُ ۽ ناني،
ڀائرن، ڀينرن ساڻ گڏ هلي رهي هئي....
ملوڪان جو سڄو اونهارو ڪئمپن ۾ گذري ويو، سيارو
آيو، سَرَ نسريا، ڏياري ٿي، تڏهن وڃي مائي
ملوڪان جو پنهنجي ڪهول سان گڏ مس موٽڻ ٿيو....
گهر پهچي سڀيئي ڪاٺ ڪاجر ميڙي، جهُڳي پئي
ٺاهيائون ته مُنيءَ تي ڪاڻ ڪڻڇي ڦيرا ڏيڻ لڳي،
ڪٿان ڪانگن جا ولر به اچي ويا... مائي ملوڪان ٻه
مانيون ڀوري ڏنائين ته ڏٺائين ته ڪٻرون به اڱڻ
تي ٻولڻ لڳيون...پريان پپر جي شاهوڙ وڻ تي هيڪلي
مور به ڪنڌ مٿي ڪري، ”ڪي آئون! ڪي آئون!“ جا
آواز ڪڍي ڄڻ آجيان پئي ڪئي، پوءِ اُڏامي اچي اڱڻ
تي لٿو ته ڌيڻس چيو ”امان! مور اڪيلو آهي، ڊيل
هڪڙي به ساڻ نه آهي....“
ترائي واري پاسي ڇاڇر ۾ بيٺل پَنَ ۽ ڏِير ۾ کوما
هيڏانهن هوڏانهن ٿوٿيندي سرڙاٽ ڪري رهيا هئا،
وڻن تي هيڪاندا ڳيرا به اچي لٿا، اهي گهُو!
گهُو! ڪرڻ لڳا...
ڪاٺ ڪُٺو، ٻٻر جي ٿُڙ کي ٽڪي پنهنجو نئون گهر
ٺاهي رهيو هو. ابابيلن ۽ پاريلن جو وڏو ولر به
ڊٺل ڳوٺ کي ٻه ڦيرا ڏيئي شاهه ديواني جي درگاهه
ڏانهن واپسي هليو ويو. پاڻيءَ ۾ اڌ ٻڏل کٻڙن ۾
ڍانڍي ۽ لونگي هيڙها به هوريان ٻولڻ ۽ هُل ڪرڻ
لڳا، لئي جو وڻن ۾ نِسريل گلابي ڪَنگُو ٽاري جي
چوٽيءَ تي ويٺل ملهاري ڪو انوکو گيت ڳائي رهي
هئي....!
بهادر ٽالپر
حَسن حجم
هُن حسن حجم جي واتان پهريون ڀيرو ”بدلاءُ“
لفظ ٻڌو. حسن اهو لفظ اچاريندي ان تي ايترو ته
زور ڏنو جو هُن کي محسوس ٿيو ته حسن ان لفظ ۾
ضرور ڪنهن نه ڪنهن قسم جي دلچسپي رکي پيو....!!
نه ته اڳ سندءِ زبان تي اهڙي قسم جو غيرمعمولي
لفظ هوندو ڪڏهن به نه آيو. ”بدلاءُ“ هن لفظ لاءِ
به هڪ وسيع پسمنظر رکندڙ لفظ هو…!! اها ٻي ڳالهه
هئي ته مَن جي کوٽَ، کوٽان ڪندي هُن جي لاشعور
مان تحت الشعور ۽ پوءِ شعور جي سطح تي ڪيترائي
اهم ۽ غير اهم لفظ آيا ٿي.... ۽ ويا ٿي...!!
پوءِ ته ڪيترائي ڏينهن بلڪه هفتا، مهينا ۽ سال
هُو حسن حجم جي واتان ئي اهو ”لفظ“ هر هر ٻڌندو
رهيو!! هُو ان ورجاءَ کان ڪڏهن به خفا نه ٿيو!
خفا نه ٿيڻ واري منطق تي غور جي فرصت به ڪڏهن
هُن کي نه ملي، هُن کي فقط اها فرصت ميسر ٿيندي
رهي ته هُو جاچي ته واقعي ”بدلاءَ“ ڪٿي آهي به
يا نه....؟!!
حسن حجم هُن جو حجائتو يار هو. ٻنهي غربت ۽
ڪسمپرسيءَ جو بار ڍوئي ڍوئي پنهنجين جوانين جون
جوڳون ڏئي ڇڏيون! حسن جي حال جي هن کي سُڌ هئي ۽
حسن به ته سندءِ سماچار کان پوريءَ ريت واقف
هئو.....!! هنن ٻنهي وچ ۾ فقط اهوئي رشتو هئو ۽
ان رشتي جي راهه ۾ ڪي به ڪنڊا حائل نه هئا ۽
اهوئي رشتو هئو، جيڪو کين ائين ڳنڍيو بيٺو هئو،
جيئن ”ڳنڍيون منجهه ڳنڍير“. هنن ٻنهي فضول
ڳالهين جا فصل نه ڪڏهن پوکيا.... ۽ نه ئي ڪڏهن
لُڻيا...!! انڪري هن کي پڪ هئي ته حسن ”بدلاءُ“
لفظ ضرور سنجيدگيءَ مان وٺي رهيو آهي....!!
حسن جڏهن اڃا حجم نه بڻيو هئو، تڏهن پهاڙن جي
چوٽين کي تصور ئي تصور ۾ وتو تراشيندو هئو....!
هن کي سُڌ هئي ته پهاڙن جي چوٽين تي ڪيتريون ئي
غير اهم ٻوٽيون ڄمي پونديون آهن. هُو اهو عمل
تصور ئي تصور ۾ ڪندي ڄڻ ماڻهن جي مٿن تان فضول
وار ڪتريندو وتندو هئو.....!! هن ڌنارن کي
ڌرتيءَ جا حجم سمجهي پاڻ به ڪهاڙي کڻي وڻن ۾ وڌي
ويل فضول ٽارين کي ڪٽي ڇڏيو هئو.....!! پوءِ
ماڻهن هن کي هروڀرو به ڌنار ڪوٺڻ شروع ڪيو هئو.
جيڪو پنهنجين رڍن ۽ ٻڪرين لاءِ ڄڻ ٽاريون ڪٽيندو
ٿي وتيو....!! حالانڪ هن جي هانوَ ۾ ته هڪ
هوشيار حجم بڻجڻ واري حسرت هئي!!!
حسن پنهنجي يار کي نئون نئون هيئر ڪٽنگ سيلون
(دڪان) کوليندي مايوسي مان ٻڌايو هئو ته هُن جو
”مقدر“ زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي مري چڪو آهي!
شايد هن ڌنڌي سان اهو وري زنده ٿي سگهي! هُن حسن
جو اهو جملو ٻڌي کيس معصوميت مان ڏٺو هئو.... ۽
ڪجهه چوڻ گهرندي به نه چئي سگهيو هئو، پر پنهنجي
مٿي جي وارن تي ضرور هٿ ڦيرايو هئائين..... ڄڻ
چوندو هجي هاڻ هنن وارن سان ويڙهاند ڪر ته ڪو
مئل مقدر جيئرو ٿيئنئي....!!
پنهنجو مئل ”مقدر“ جيئرو ڪرڻ لاءِ هونئن هُن
زندگيءَ ۾ ان کان اڳ به ته ڪيترين ئي قبرن جا
ڪتبا پڙهيا هئا..... پر ڪنهن به قبر ۾ اهو مُڙدو
ئي نه ملي سگهيس، جيڪو هوند هُو پنهنجو مقدر مڃي
سگهي ها...!! حسن جڏهن کان پنهنجو ”مقدر“ مئل
سمجهڻ شروع ڪيو هئو... تڏهن کان ئي سندءِ گهر
واريءَ مرثين جي موه ۾ مرڻ لڳي هئي ۽ پنهنجو
رواجي زنانو لباس لاهي ڪارو پائڻ لڳي هئي...!!
سندن گهر ۾ ڄڻ ڪائي موت جي موسم هئي.....؟!!
هونئن به انهن ڪارن لٽن مان ڪيترا اهڃاڻ ۽
معنائون پيون معلوم ڪري سگهجن...!! پاڙي پتيءَ
وارن جو پل پل ڏڪڻ لڳو ته هيءُ ڇا.....؟!! هرڪو
اندر ئي اندر ۾ اِنا لاالله.... جو وِرد وظيفو
پيو پڙهي!!
هُن پنهنجي گهرواريءَ کي ته گهڻو ئي سمجهايو ته
اڃا ته آءٌ جيئرو آهيان...!! مُنهنجي مُئي
پڄاڻان ئي مرثيا پڙهجانءِ..... ڪارو ويس
ڪجانءِ.....! ته هن ڪابه ورندي ڪانه ڏني هئس.
البت ڏانهس ڏسندي آلا نيڻ ئي آڇيا هئس....!!
انهن نيڻن مان حسن ڄڻ پنهنجي ئي ڪهاڻي پيئي
پڙهي....!! اها ڪهاڻي جنهن ۾ ڪيترائي ڪاما، اڌ
ڪاما، پنڪچيوئيشن، مارڪس ۽ فُل اسٽاپون
هيون.....!! اُن ڪهاڻيءَ جو ڪئنواس ايترو ته
ڪشادو هئو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي انفرادي توڙي
اجتماعي ٽرئجڊيون سمايل پيون محسوس ڪري سگهجن.
حسن تڏهن ”بدلاءُ“ لفظ جي ”ب“ سان به آشنا نه
هئو... ۽ نه ئي هن کي اها سُڌ هئي ته هو پنهنجي
مئل ”مقدر“ جي جيڪا مٽي تلاشي رهيو آهي. ان
اسرار ۾ به ”بدلاءُ“ جي تمنا تڙپي رهي آهي...!!!
حسن حجم جي ننڍڙي دڪان واري ڪائنات ۾ ڪيترائي
ماڻهو آيا ٿي ۽ ويا ٿي....!! حسن جي هانَو واري
حسرت ته حجم ٿيان.... پڪ سان پوري ٿي هئي....!!
حجم به اهڙو جنهن جي ذمي صحيح معنيٰ ۽ مفهوم ۾
سنوار سڌار جو ڪم هئو....!! ۽ اها سنوار سڌار ۽
ٺاهه جوڙ هُو بخوبي پنهنجي بِلي سمجهي بيٺو
هو....! هُو رکي رکي ڪنهن ڪنهن پل وار ٺاهيندي
ماضيءَ ڏانهن موٽ کائي پيو تصور ئي تصور ۾ پهاڙن
جا مٿا ڇليندو هئو.... ۽ اندر ئي اندر ۾ پيو
پَهه پچائيندو هئو ته انهن پهاڙن جي چوٽين تي
ڪيتريون فضول قسم جون ٻوٽيون اڀري آيون آهن....
آءٌ به ته هن ڌرتي جو حجم آهيان...! ڇو نه انهن
پهاڙن تي ”بدلاءُ“ اچي.....!! ڌرتيءَ تي اڀريل
وڻن ۾ وڌيل ۽ فضول ٽاريون ڪپڻ به ته منهنجو ئي
ڪم آهي...!! ماڻهن جي سنوار سڌار ۽ حجامت به ته
منهنجو ئي ڪم آهي...!! بحيثيت بورچيءَ جي مون کي
کاڌا به ته اهڙائي رڌڻ کپن. جن ۾ ڌرتي جو درد،
دک ۽ سورن جي سماءَ وارو سواد هجي.....!!
هُو هاڻ پنهنجي يار حسن ۾ عملي طور ”بدلاءُ“ جي
بُوءَ محسوس ڪرڻ لڳو.....!! نه رڳو حسن ۾ پر حسن
جا گراهڪ به ته بدليل بدليل ئي محسوسجڻ لڳا
هئا.....!! پوڙها جڏهن حسن جي هيئر ڪٽنگ سيلون
مان واپس ويا ٿي ته نئين معنيٰ ۽ مفهوم ۾ جوان
ٿي ويا ٿي.....! ۽ جڏهن جوان سندءِ سنوار سڌار
مان گذري واپس ويا ٿي ته ڄڻ آڪاس ۾ اڏامندا ٿي
ويا...! ڪيترن ماڻهن کي ڏس ٿي ڏنائون ته جيڪر
وار ٺهرائڻ ۽ سنوار سڌار جو ارادو هجيو ته وڃو
حسن حجم جي دڪان تي! ائين هر طرف حسن حجم....
حسن حجم.... جو هوڪو پوندو ويو. حسن حجم جي
حوالي سان آيل ان ”بدلاءُ“ ته ڪيترن حَجمن جون
ننڊون ئي ڦٽائي ڇڏيون...!! ڇاڪاڻ ته هو بنهه
روايتي حَجم هئا.....!!
حسن حجم جا اوزار ته خوشيءَ ۾ ڄڻ روئي رهيا
هئا....! ”خوشيءَ وارو روئڻ ڪنهن ڏک ۾ روئڻ کان
هزار ڀيرا بهتر آهي....“ البت انهن جي روئڻ جي
سُڌ ڪنهن کي به نه هئي؟! نه ئي حسن حجم جي هن
يار کي، جيڪو ”بدلاءُ“ جي حوالي سان پنهنجي يار
حسن حجم جي شخصيت جو مطالعو ڪندو پئي
هليو....!!!
حسن جي اوزارن جو پنهنجي ئي پر ۾ خوشي ۾ روئڻ هڪ
عجيب ڳالهه هئي.. ان کان وڌيڪ عجيب ڳالهه اها به
هئي ته هڪ پاسي حسن جي دڪان ۾ بظاهر خوشي ئي
خوشي هئي ته ٻئي پاسي اتي جو اتي سندءِ اوزارن ۾
ڄڻ ماتم هئو....!!
”ايبنارملٽي“ شايد هر شيءَ کي ائين في الحال
ڊيڄاري وجهندي آهي. جيئن حسن جي اوزارن
کي.....!! انهيءَ وچ ۾ حسن حجم جي يار توڙي
پاڙي، پتي وارن کي اها سُڌ به نه پئجي سگهي ته
حسن حجم جي گهرواريءَ جي اکين مان لڙڪن جو سيلاب
سُڪي چڪو آهي...! ۽ هو هڪ اهڙي مسرت ۾ مامور ٿي
چڪيون آهن،
جن کي حسن حجم جي خود گهرواريءَ جي تن تي پيل
ڪارو لباس به رنگين ئي محسوس ٿي رهيو آهي....
ڇاڪاڻ ته انهن اکين کي معلوم ٿي چڪو آهي ته حسن
ته زندگيءَ جو شهيد آهي....!! هُن پنهنجي زندگي
پنهنجي ئي ڌنڌي ۾ انتهائي ايمانداريءَ سان فنا
ڪري حيات جاودان ماڻي آهي...!! نه رڳو پاڻ
جاودان ماڻي اٿس... پر ٻين ڪيترن کي هُن حيات
جاودان وارو فلسفو به ته سمجهايو آهي...!!! انهن
اکين کي اهو به ته معلوم آهي ته حسن جون اکيون
جڏهن جڏهن به مرڪن ٿيون، تڏهن تڏهن ڪانه ڪا
ٽرئجڊي کين پس منظر ۾ اتي ئي اتي رُئاري به
ٿي....!! ڇاڪاڻ ته حسن جون اکيون مرڪندي مرڪندي
به ڄڻ زندگيءَ جي فلسفي ۾ پيون ٻڏنديون ترنديون
آهن...!! ان ڪري حسن حجم جي يار کي پڪ هئڻ کپي
ته هن حسن جي واتان جيڪو ”بدلاءُ“ لفظ ٻڌو
هئو..... يا اڳتي هلي هُو ڪي ٻيا غير معمولي
”لفظ“ هن جي واتان ٻڌندو ته ضرور انهن ۾ به ڪونه
ڪو فلسفو ۽ ڏاهپ هوندي.....!
پريم چند/شگفته شاهه
روپ ٻهروپ
زال:
آءٌ حقيقت ۾ بدنصيب آهيان نه ته مون کي روز ايڏا
نفرت ڏياريندڙ منظر ڇو ڏسڻا پون؟ افسوس ته ان
ڳالهه جو آهي ته مون کي رڳو ڏسڻا ئي نٿا پون، پر
بدنصيبيءَ انهن کي منهنجي زندگيءَ جو خاص جزو
بنائي ڇڏيو آهي. آءٌ ان اعليٰ ظرف برهمڻ جي ڌيءَ
آهيان جنهن جو احترام هندن جي وڏن وڏن سوسائٽين
۾ ڪيو ٿو وڃي. جنهن کي اڄ مذهب جو ٿنڀو سمجهيو
ٿو وڃي. مون کي ياد نٿو اچي ته مون گهر ۾ وهنجڻ
۽ پوڄا ڪرڻ بنا وات ۾ پاڻيءَ جو هڪ ڍُڪ به وڌو
هجي. مون کي هڪ ڀيرو بخار سبب وهنجڻ بنا
مجبوريءَ ۾ دوا پيئڻي پئي هئي. جنهن جو رنج مون
کي ڪيترن مهينن تائين رهيو. اسان جي گهر ۾ ڌوٻي
قدم رکي نه سگهندو هو. ڀنگياڻيون ته دالان ۾ به
ويهي نٿي سگهيون ۽ موچين جي ٻارن سان ته راند
ڪرڻ کان به مون کي سخت نفرت پئي ٿيندي هئي، پر
هتي اچي آءٌ ته ڄڻ ظلمت ڪدي ۾ اچي وئي آهيان.
منهنجو مڙس تمام گهڻو رحم دل، خوش اخلاق ۽ قابل
انسان آهي. سندن اهي گُڻ ڏسي ئي منهنجو پيءُ مٿس
موهت ٿيو هو، پر افسوس! کين ڪهڙي خبر هئي ته
هيءُ ماڻهو ايڏا لا مذهب آهن. عبادت ڪرڻ ته
ٺهيو، پر هتي ته ڪوبه روز وهنجندو به ڪونهي.
ڪمري ۾ سدائين مسلمان ۽ عيسائي اچن ٿا ۽ هو اتي
ويٺي ويٺي ئي پاڻي، چانهه ۽ کير پيئندا وتندا
آهن ۽ ايترو ئي نه، پر اتي ويٺي ويٺي مٺايون به
کائيندا آهن. اڃان ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته مون کين
ليمنڊ پيئندي به ڏٺو هو. سائيس جيڪو بيمار آهي
سو بنا روڪ ٽوڪ گهر ۾ اچي ٿو ۽ ٻوريءَ مان چڻا
کڻي هليو ويندو آهي. اهي بدعنوانيون مون کان
سَٺيون نٿيون ٿين ۽ منهنجي طبيعت بگڙجي ٿي وڃي.
جڏهن هو مرڪندا مون ڏانهن ايندا آهن ۽ منهنجو هٿ
پڪڙي مون کي پنهنجي ويجهو ويهاريندا آهن ته
منهنجي دل چوندي آهي ته هيءَ زمين ڦاٽي پوي ۽
آءٌ ان ۾ سمائجي وڃان. پنهنجي ان ذلت تي پنهنجي
ان نامعقول طرزِ زندگيءَ تي منهنجون اکيون رت جا
ڳوڙها وهائينديون آهن.
اف! هندو قوم! تو اسان عورتن کي ايڏو ڪمزور
ٺاهيو آهي. ڇا پنهنجي مڙس جي ڪنيز بنجڻ ئي اسان
جي زندگيءَ جو پهريون فرض آهي. ڇا اسان جي
خيالن، اسان جا ارادن ۽ اسان جي فرضن جي ڪابه
قيمت ڪونهي.
هاڻي مون کان صبر نٿو ٿئي. اڄ آءٌ ان صورتحال جو
فيصلو ڪري ڇڏڻ ٿي چاهيان. آءٌ هن بلا کان ٻاهر
نڪرڻ ٿي چاهيان. هيءَ شرمناڪ زندگي هاڻي مون کان
هڪ پل به سَٺي نٿي ٿئي. مون پنهنجي دامن ۾ پناهه
وٺڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو آهي. اڄ هتي دعوت پئي
ٿئي. منهنجو مڙس ان ۾ صرف شامل ئي ڪونهي، پر ان
جي خاص محرڪن ۾ آهي. هنن جي ڪوشش ۽ مرضيءَ سان
هن غير مذهب بدعت جو ظهور ٿيو آهي. مختلف مذهبن
جا ماڻهو گڏ ويهي ماني کائين پيا. ٻڌجي پيو ته
مسلمان به هن قطار ۾ ويٺل آهن. آسمان ڇو نٿو
ڪِري پوي؟ ڇا ڀڳوان هاڻي مذهب جي حفاظت لاءِ
اوتار نه لاهيندو؟ ڇا ان کان گهڻو به مذهبي
توهين جو اندازو ڪري ٿو سگهجي؟ برهمڻ ذات پنهنجن
خاص ڀائرن کانسواءِ ٻين برهمڻن جو هٿ لڳل کاڌو
به گوارا نه ڪندي آهي. سا معزز قوم هاڻي ايڏي
پَستيءَ ۾ ڪِري چڪي آهي جو ڪائستن، بَنيَن ۽
مسلمانن سان گڏ ويهي کاڌو کائڻ ۾ عيب نٿي سمجهي
بلڪه ان ڳالهه کي قومي عروج ۽ قومي اتحاد جو سبب
سمجهي ٿي!.
مڙس:
اهو ڪهڙو مبارڪ وقت هوندو جڏهن هن ملڪ جون
عورتون تعليم جي زيور سان سنگهاربيون؟ ۽ قوم کي
هڪ ڪرڻ ۾ مردن جو ساٿ ڏينديون؟ هي مذهبي تنگ
خياليون ڪڏهن مٽجنديون؟ اسين ڪيستائين برهمڻ ۽
غير برهمڻ جي قيد ۾ ڦاٿل هونداسين؟ اسان جي شادي
مرادي جا طريقا ڪيستائين خانداني قيد جي رسيءَ
سان ٻڌل رهندا؟ اسان کي ڪڏهن خبر پوندي عورت ۽
مرد جي خيالن جي هڪجهڙائي نسبتي پابندين کان
وڌيڪ اهم آهي. جيڪر ايئن هجي ها ته برندا منهنجي
زال نه هجي ها ۽ نه ئي، آءٌ سندس مڙس هجان ها.
اسان ٻنهي جي خيالن ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي.
جيتوڻيڪ هوءَ ظاهري طور چوي نٿي، پر مون کي يقين
آهي ته هوءَ منهنجن آزاد خيالن کي نفرت جي نگاهه
سان ڏسي ٿي. مون کي ايئن لڳندو آهي ته هوءَ مون
کي هٿ لڳائڻ به نه چاهيندي آهي، پر اهو سندس
ڏوهه ڪونهي اهو ماءُ پيءُ جو قصور آهي جن اسان
تي اهڙو ظلم ڪيو آهي. پوءِ به مون کي خوشي آهي
ته برندا ايڏي خوددار آهي ۽ اها ڳالهه ان ڳالهه
جو دليل آهي ته هوءَ مشڪلات ۾ به پنهنجن خيالن،
پوءِ کڻي اهي صحيح يا غلط هجن، نهايت پختائيءَ
سان قائم رهندي آهي.
ڪالهه برندا کُلي پئي. منهنجن ڪيترن ئي دوستن
عام دعوت جي صلاح ڏني هئي، سو مون به خوشيءَ سان
هائوڪار ڪئي ۽ ڪيترن ڏينهن جي بحث مباحثن
کانپوءِ ڪالهه مون ڪجهه دوستن جي دعوت جو انتظام
ڪيو. مون کان سواءِ صرف چار منهنجا برهمڻ هئا
باقي بچيل ڪائسٿ ۽ ڪي ٻئي مذهب جا ماڻهو هئا.
اها آزاد روي برندا لاءِ برداشت ڪرڻ جهڙي نه هئي
سو جڏهن آءٌ ماني کائي واپس آيس ته هوءَ ايڏي ته
بيچين هئي ڄڻ سندس دل کي سخت صدمو رسيو هجي. مون
ڏانهن غضبناڪ نظرن سان ڏسندي چيائين:
”هاڻي ته توهان تي بهشت جو دروازو ضرور کلي ويو
هوندو؟“
اهي سخت لفظ منهنجي دل تي تير جيان لڳا، کهري
آواز ۾ چيم: ”بهشت ۽ دوزخ جي خيالن ۾ اهي رهندا
آهن جيڪي سست آهن ۽ مئل آهن. اسان جو دوزخ ۽
بهشت سڀ هن زمين تي ئي آهن. اسين هن دارِلعمل ۾
ڪجهه ڪرڻ ٿا چاهيون.
برندا: ”توهان جي همٿ ۽ مردانگيءَ کي آفرين هجي.
هاڻي دنيا ۾ سک ۽ آرام جو راڄ ٿي ويندو. توهان
دنيا کي بچائي ڇڏيو. ان کان وڌيڪ ان جي ڪهڙي
ڀلائي ٿي ٿي سگهي؟.
مون بيزار ٿي چيو: ”جڏهن ايشور توکي انهن ڳالهين
کي سمجهڻ جي قوت ئي ڪانهي ڏني ته آءٌ توکي ڇا
سمجهايان؟ اسان جي وچ ۾ ان فرق ۽ فاصلي جي ڪري
ملڪ کي جيڪو نقصان پيو پهچي ان کي ڪو گهٽ عقل
وارو ماڻهو به سمجهي سگهي ٿو. هن تفرقي کي مٽائڻ
سان قوم کي جيڪو فائدو پهچندو اهو سج وانگر ظاهر
آهي. البت جيڪي ماڻهو ڄاڻي ٻجهي به اڻڄاڻ بڻجن
انهن جي ڳالهه الڳ آهي.
برندا: ڇا هڪٻئي سان گڏجي کائڻ بنا پاڻ ۾ محبت
پيدا نٿي ٿي سگهي؟
مون ان بحث ۾ پوڻ فضول سمجهندي ان اصول جي اوٽ
وٺڻ مناسب سمجهيو جنهن ۾ مباحثي جي گنجائش ئي نه
هجي. برندا مذهبي عقيدن تي جان ڏيندي آهي سو مون
کيس تسخير ڪرڻ لاءِ ان منتر کان ڪم ورتو. اسين
مذهبي عقيدت جو احترام نه ڪندا آهيون. مون
سنجيدگيءَ سان چيو: ”جيڪڏهن اهو ناممڪن ڪونهي ته
مشڪل ضرور آهي. ٿورو غور ڪر ته اها ڪيڏي نه
ناانصافي چئبي ته اسين سڀ هڪ ئي خالق جي مخلوق
هوندي به هڪٻئي کي نفرت جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽
اعليٰ ۽ ادنيٰ جو فرق رکون ٿا. هيءَ سڄي دنيا ان
حقيقي معبود جو جلوو آهي ۽ هرڪو ساهه وارو ان ئي
حقيقي نور سان منور آهي رڳو ان نفسانيت جي پردي
اسان کي هڪٻئي کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي
خود پروري اسان کي انڌو بنائي ڇڏيو آهي نه ته
اصل ۾ اسين سڀ ته هڪ آهيون. جهڙي طرح سج جا ڪرڻا
مختلف گهرن ۾ بنان فرق جي وڃن ٿا ساڳي ريت
پروردگار عالم جو نور به مختلف جسمن ۾ وڃي الڳ
الڳ نٿو ٿئي، نه ئي سج جي روشني الڳ الڳ جسمن ۾
وڃي الڳ ٿيو وڃي. ڇا سج جي روشني جهوپڙن تي نٿي
پوي؟ آءٌ ته اهو چوندس ته اها محلن کان وڌيڪ
جهوپڙن تي پوي ٿي.“
منهنجي ان عارفانه ٻوڏ برندا جي ٺوٺ دل کي شاداب
ڪري ڇڏيو ۽ هوءَ ڄڻ فقط ڪُن بڻجي منهنجون
ڳالهيون ٻڌندي رهي ۽ جڏهن آءٌ چپ ٿيس ته هوءَ
روئڻ لڳي.
انساني دل به ميڻ مثل آهي. ان جا نشان مٽائڻ ته
ناممڪن آهن، پر ان کي گرم ڪري اسين نوان نشان
ٺاهي سگهون ٿا. برندا جي من مان خانداني عظمت ۽
قومي غرور جا حرف مٽجي ويا ۽ انهن جي جاءِ تي
عالمگير روحاني رابطن جا حرف نقش ٿي ويا.
زال:
سوامي جي گيان اپديش مونکي بيدار ڪري ڇڏيو. اف!
آءٌ ته ڄڻ ڪنهن اونداهي کوهه ۾ پيل هيس. هن
مونکي اتان کڻي هڪ روشن قلعي ۾ پهچائي ڇڏيو. مون
پنهنجي اعليٰ خاندان جي غرور ۾ ۽ پنهنجي اُوچي
ذات جي ناجائز فخر ۾ ڪيترن جي بي عزتي ڪئي هئي.
اي ماتما! تون مون کي معاف ڪجانءِ. آءٌ نااهل
هيس ناسمجهه هيس. مون غريب جي اها دعا قبول
فرماءِ. ان خيال سبب منهنجي دل ۾ پنهنجي قابل
مڙس سان جيڪا ڪدورت پيدا ٿي وئي هئي ۽ جيڪا محبت
جي ڪمي منهنجي طرف کان ظاهر ٿي سان معاف فرمائي.
جڏهن کان مون اهي نوراني لفظ ٻڌا آهن، منهنجي دل
ڏاڍي نازڪ ٿي وئي آهي. طرحين طرحين جا نيڪ ارادا
دل ۾ پيدا ٿيڻ لڳا آهن.
ڪالهه ڌوٻياڻي آئي. سندس مٿي ۾ ڏاڍو سور هو سو
ڪِنجهي پئي. پهرين ته آءٌ سندس اهڙي حالت ڏسي
شايد رڳو زباني همدردي ڪريان ها يا مهريءَ مان
ٿورو تيل کيس آڻي ڏيان ها، پر ڪالهه منهنجي دل
ڏاڍي بيچين ٿي. ايئن لڳو ته ڄڻ هوءَ منهنجي ڀيڻ
هجي. مون کيس پنهنجي ڀر ۾ ويهاريو ۽ پوءِ هڪ
ڪلاڪ سندس مٿي تي تيل مکيندي رهيس. آءٌ نٿي
ٻڌائي سگهان ته ان مهل مون کي ڪيڏو نه روحاني
لطف اچي رهيو هو. منهنجي دل پنهنجو پاڻ هڪ
زبردست ڪشش جي تابع ٿي هن طرف ڇڪجي رهي هئي، پر
ان مهل منهنجي نڻان آئي هُن هِن منهنجي ان فعل
تي منهن خراب ڪيو ۽ ڪاوڙي، پر مون به ذري سندس
پرواهه نه ڪئي. اڄ صبح سان ئي ڏاڍو سيءُ هو. هٿ
پير پئي ٺريا. نوڪرياڻي ڪم ڪرڻ لاءِ اٿي ته هوءَ
بيهندي ئي ڪنبڻ لڳي. آءٌ سوڙ پايو سِگريءَ جي
ڀرسان ويٺل هيس پوءِ به رڳو وات کولڻ به ڏکيو ٿي
لڳو. نوڪرياڻي جي حالت ڏسي منهنجي دل ڀرجي آئي ۽
مون کي پنهنجي خود
غرضيءَ تي شرم آيو ۽ سوچيم ته
جيڪا هوءَ هئي سا ئي آءٌ هيس. سندس روح ۾ به
ساڳي روشني آهي، پر آءٌ ته آرام سان سِگريءَ
ڀرسان ويٺل هيس ۽ هوءَ منهنجي خدمت ۾ مصروف هئي.
اها ناانصافي ڇو؟ رڳو انڪري جو آءٌ هڪ دولتمند
شخص جي زال آهيان؟ ڇا انڪري جو خودي اسان جي
نگاهن تي پردا وجهي ڇڏيا آهن؟ مون کي ڪجهه سوچڻ
جي همٿ نه ٿي ۽ يڪدم اٿيس ۽ پنهنجي نئين شال آڻي
هن کي ڍڪائي ڇڏي ۽ سندس هٿ پڪڙي کيس سِگريءَ جي
ڀرسان ويهاري ڇڏيم. هن عجب مان چيو: ”جِي جِي جي
ڪنوار! مون کي ڇڏيو ته ڪم ڪريان سرڪار کي ڪچهري
وڃڻ ۾ دير ٿي ويندي.
مون به سوڙ پري ڪئي ۽ ساڻس گڏ ويهي ٿانوَ ڌوئڻ
لڳس. هوءَ غريب هَر هَر مون کي اتان اٿارڻ پئي
چاهي. منهنجي نڻان اچي مون کي عجب مان ڏٺوَ ۽
منهن کي اهڙي ريت موڙو ڏئي وئي ڄڻ ته مون ڪو
سانگ رچايو هو. پوءِ ته سجي گهر ۾ هل هنگامو ٿي
ويو ڄڻ ته ڪو عجب جهڙو واقعو ٿيو هجي. اسين ڪيڏا
نه خود پسند آهيون. اسين پرماتما جي بي حرمتي
ڪندا آهيون. نفسانيت جي ڄار ۾ ڦاسي پنهنجي ئي
مٿان ڪيترائي ظلم ڪندا آهيون.
افسوس!
مڙس:
شايد وچٿري روش عورتن جي سرشت ۾ ئي داخل ڪونهي.
هو حدن تي ئي رهنديون آهن. برندا ڪڏهن ته پنهنجي
عالي نسب تي جان ڏيندي هئي ۽ قومي وقار جو راڳ
ڳائيندي هئي ۽ ڪٿي وري هاڻي برابري ۽ ’همه اوست‘
جي صورت بڻجي ويٺي آهي. منهنجي ٿورڙي تعليم جو
ايڏو اثر ورتو اٿس جو هاڻي ته آءٌ خود پنهنجي
تاليف تي ناز ڪندس. واقعي هيءَ جنس فضيلت کان
وانجهيل آهي. مون کي ان ڳالهه تي ڪو اعتراض
ڪونهي ته هوءَ گهٽ ذات وارن عورتن ۾ اٿي ويهي،
کلي ڳالهائي، کين ڪجهه پڙهي ٻڌائي، پر انهن
پٺيان پنهنجو پاڻ کي صفا وڃائي ڇڏڻ مون کان سَٺو
نه ٿيندو.
ٽي ڏينهن ٿيا هوندا جو مون وٽ هڪ موچي پنهنجي
زميندار جي ظلمن جو روئڻو کڻي آيو. بيشڪ زميندار
هن سان سختي ڪئي هئي، پر وڪيل ڪيس مفت ۾ ته نٿو
ڪري سگهي ۽ ڇا وري هڪ نيچ ذات جي ماڻهوءَ خاطر
هڪ وڏي زميندار جي دشمني کڻندس ايئن ڪيم ته پوءِ
وڪالت به ٿي. سندس فرياد جو آواز برندا جي ڪن ۾
به پيو سو منهنجي پويان اچي پئي ته سندس ڪيس
ضرور کڻان ۽ بحث مباحثو ڪرڻ لڳي. مون حيلا بهانا
ڪري کيس ٽارڻ چاهيو، پر هن مون کان وڪالت نامي
تي صحيح ڪرائي ئي ورتي جنهن جو اهو نتيجو نڪتو
جو انهن ٽن ڏينهن ۾ مون وٽ اهڙن مفت خورن جا
ڪيئي ڪيس آيا ۽ نيٺ مون کي سختي سان برندا کي
دڙڪا ڏيڻا پيا. اهوئي سبب آهي جو بزرگن عورتن کي
مذهبي مسئلن جي تلقين جي قابل نه سمجهيو جو اهو
به نه سمجهنديون آهن ته هرهڪ اصول جو عملي شان
ڪجهه ٻيو هوندو آهي. هرڪو اهو ڄاڻي ٿو ته خدا
عادل آهي، پر هن جي عدالت پويان پنهنجي ماحول کي
وسارڻ نه گهرجي.
جيڪڏهن وحدة الوجود جي مسئلي تي عمل ڪيو وڃي ته
تمام دنيا ۾ امن ۽ عافيت ٿي وڃي، پر اهو فلسفو
فقط هڪ اصول ئي رهندو ۽ اسان جي سماجي نظام جي
هڪ اڻ ٿيڻي تمنا- هن وقت اسين مسئلن جو ذڪر ڪندا
آهيون. انهن تي مناظرا ڪندا آهيون. اصولن جي
حمايت ڪندا آهيون ڇو جو عوام جي نظر ۾ وقار حاصل
ڪرڻ لاءِ اسين انهن جي مدد وٺندا آهيون، پر
اصولن تي عمل ڪرڻ ناممڪن آهي. مون کي ناهي خبر
ته برندا ايڏي معمولي ۽ ظاهر ڳالهه به ڇو نٿي
سمجهي.
برندا جو رويو هاڻي برداشت جي قابل نه رهيو آهي.
اڄ سڀني لاءِ هڪجهڙو کاڌو ٺاهيو ويو. هيستائين
فقط گهر جي خاص ماڻهن لاءِ سنها چانور رڌبا هئا
۽ ڀاڄيون گيهه ۾ ٺهنديون هيون. کير، مکڻ ۽ ميوات
وغيره گهرايا ويندا هئا ۽ نوڪرن لاءِ ٿلها
چانور، تيل ۾ ٺهيل ڀاڄيون ۽ مٽرن جي دال رڌبي
هئي. انهن کي کير، مکڻ وغيره نه ملندا هئا. اهو
دستور وڏن وڏن رئيسن وٽ به قديم زماني کان هلندو
پيو اچي ۽ مون ڪا نئين ڳالهه ڪانهي ڪئي نه ئي
نوڪرن ڪڏهن ڪا شڪايت ڪئي، پر اڄ نوڪرن به ساڳيا
کاڌا کاڌا آهن، جيڪي گهر وارن کاڌا آهن. آءٌ ته
ڪجهه چئي ئي نه سگهيس. بس وات ڦاٽي ويم. برندا
جو خيال آهي ته مانيءَ ۾ فرق رکڻ نوڪرن سان ظلم
آهي. ڪيڏي نه ٻاراڻي ڳالهه آهي. هيءَ پنهنجي
برابري واري ڌُڌن ۾ ننڍي وڏي جو فرق مٽائڻ ٿي
چاهي. اڙي بيوقوف! اهو فرق سدائين قائم رهندو.
آءٌ به ملڪي اتحاد جو حامي آهيان ۽ سڀ تعليم
يافته ۽ سڄاڻ ماڻهو ان ٻڌيءَ تي ساهه ڏين ٿا، پر
ڪو سپني ۾ به اهو نٿو سوچي ته هنن مزورن، هارين
۽ خدمت گارن کي برابري جو حق ڏنو وڃي. اسين انهن
۾ تعليم پکيڙڻ ٿا چاهيون ۽ کين غربت مان ڪڍڻ ٿا
چاهيون جو اهڙي هوا ساري جهان ۾ پکڙيل آهي، پر
ان ڳالهه جي اصليت ڇا آهي؟ اها خبر اسان جي دلين
کي آهي پوءِ کڻي ان جو اظهار نٿو ڪيو وڃي. ان جو
اصل مقصد آهي ته ملڪ ۾ اسان جو وقار قائم ٿئي،
اسان جي حلقي جو اثر پکڙجي، اسين پنهنجن حقن جي
ڪاميابيءَ سان جدوجهد ڪري سگهون ۽ اسان کي اهو
چوڻ جو موقعو ملي وڃي ته اسان جو آواز صرف تعليم
يافتن لاءِ ڪونهي- پر سڄي قوم جو گڏيل آواز آهي.
برندا ته ايترو به نٿي سمجهي.
زال:
ڪالهه منهنجي مڙس جو ارادو ظاهر ٿيو. ان وقت
منهنجو اندر ڏکي ٿي ويو. اي خدا! دنيا ۾ ايڏي
نمائش آهي! ماڻهو ايڏا خود غرض آهن. ايڏا ظالم
آهن! اهو ڏکوئيندڙ تجربو ڪالهه مون کي ٿيو. آءٌ
جنهن نصيحت کي ٻڌي پنهنجي گهرواري کي ديوتا
سمجهڻ لڳي هيس ۽ مون کي فخر محسوس ٿيو ته مون کي
پنهنجي نفس مطمئن جي خدمت گذاري جو موقعو حاصل
آهي ۽ اها منهنجي مقدر جي خوبي آهي، پر اڄ مون
کي خبر پئي ته جيڪي ماڻهو ٻن ٻيڙين جا سوار
هوندا آهن سي ئي گهڻو ڪري قومي خير انديش سڏائبا
آهن.
ڪالهه منهنجي نڻان جي شادي هئي ۽ اباڻو گهر ڇڏي.
هوءَ ساهرن ڏانهن وڃي رهي هئي. شهر جون ڪيتريون
ئي عورتون آيل هيون، جيڪي سڀ اُوچا ڪپڙا ۽ جڙيل
قيمتي زيورن سان سينگاريل هيون ۽ گلم تي ويٺيون
هيون ۽ آءٌ سندن مهمانداريءَ ۾ مصروف هيس ته
اوچتو ئي در وٽ مون کي ڪجهه مايون پٽ تي ويٺل
نظر آيون، جتي آيل ماين جون جتيون ۽ سليپر پيا
هئا. اهي ويچاريون به موڪلاڻي ڏسڻ آيون هيون.
مون کي سندن اتي ويهڻ مناسب نه لڳو. انڪري آءٌ
کين وٺي آيس ۽ گلم تي ويهاريو. ان تي ٻين مائين
هڪٻئي سان سُرٻاٽ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ پوءِ سڀ هڪ هڪ
ڪري ڪونه ڪو بهانو ٺاهي اتان اٿي هلي ويون.
ايستائين ڪنهن اها خبر منهنجي مڙس تائين پهچائي
ڇڏي. هو ٻاهران ڏاڍي ڪاوڙ مان آيو ۽ ڀريل محفل ۾
منهنجي خبر ورتائين.
اڄ صبح جو سوير ئي جڏهن آءٌ اٿيس ته مون هڪ عجيب
واقعو ڏٺو. رات مهمانن جي دعوت کانپوءِ استعمال
ٿيل ٿانوَ، ديڳڙا ۽ پيالا وغيره ٻاهر ميدان ۾
ڦٽا ڪيا ويا هئا، ان وقت ڪيترائي ماڻهو انهن
اوڀر ڪيل ٿانوَن تي ڄڻ ڪِريا پيا هئا ۽ انهن کي
چٽي رهيا هئا. ها!..... هيءُ سڀ انسان هئا ۽ اهي
انسان جن ۾ پرماتما جو جلوو آهي، روشني آهي.
ڪجهه ڪُتا به ساڻن گڏ انهن ٿانوَن تي جهٽ هڻي
رهيا هئا پر، اهي ڪنگلا ڪتن کي ماري پري ڪري
رهيا هئا. هنن جي حالت ته ڪتن کان به ويل هئي.
اهو منظر ڏسي آءٌ دهشت ۾ اچي ويس ۽ منهنجي اکين
مان ڳوڙها ڳڙهڻ لڳا. ايشور! اهي به ته اسان جا
ڀاءُ ڀيڻ آهن. اسان جا ئي روح آهن. سندن حالت
ايڏي قابل رحم! مون ان مهل ئي نوڪرياڻيءَ کي
موڪلي انهن ماڻهن کي سڏايو ۽ جيڪي ميوا ۽ مٺايون
مهمانن لاءِ رکيل هيون، سي سڀ ٿالهه ۾ رکي کين
ڏنيون. نوڪرياڻي ڪنبڻ لڳي ته مالڪ کي خبر پوندي
ته هو منهنجي مٿي جو هڪ وار به سلامت نه ڇڏيندو،
پر مون کيس تسلي ڏني تڏهن سامت ۾ آئي. اڃا اهي
ويچارا مٺائي کائي رهيا هئا ته منهنجو مڙس صاحب
ڪاوڙ ۾ ڀريل آيو ۽ تمام کڙي آواز ۾ چيائين: ”مون
کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته توکي آخر ڇا ٿي ويو آهي؟
جڏهن ڏس ڪانه ڪا آفت مچايو ويٺي آهين. تنهنجو
عقل ڪم نٿو ڪري ڇا. اها مٺائي انهن گهٽ ذات وارن
لاءِ نه ٺهرائي وئي هئي، پر اها مهمانن لاءِ
ٺهرائي وئي هئي. هاڻي مهمانن کي ڇا ڏبو؟ آخر تو
منهنجي عزت مٽيءَ ۾ ملائڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو
آهي ڇا؟
مون مستقبل مزاجيءَ سان چيو: ”توهان ته اجائي
ڪاوڙ ٿا ڪريو. توهان جي جيتري مٺائي مون کئين
آهي اوتري گهرائي ڏينديس. مون کان اهو ڏٺو نٿو
ٿئي ته ڪجهه ماڻهو ته مٺايون کائين ۽ ڪجهه وري
اوڀر ڪيل ٿانوَ چٽين. گهٽ ذات وارا به انسان
آهن. هنن جو به روح ساڳيو ئي آهي. ڇا اها
ناانصافي ڪونهي؟
گهرواري صاحب چيو:“بس ٺهيو. هر وقت بي وقت جو
راڳ ڳائيندي آهين. جڏهن ڏسو ته ساڳي ڳالهه ته سڀ
روح هڪجهڙا هوندا آهن. جيڪڏهن هڪ ئي آهن ته
ايشور کي ڪنهن جهليو هو ته سڀني انسانن کي هڪ
جهڙو نه رکي؟ هن اعليٰ ۽ ادنيٰ جو فرق ڇو رکيو
آهي؟ اجايو بحث ٿي ڪرين“.
آءٌ ماٺ ٿي ويس جو ڳالهائي نه سگهيس. منهنجي دل
مان مڙس لاءِ محبت ۽ عزت ختم ٿيڻ لڳي. افسوس!
نفسانيت اسان کي ڪيترو نه خود غرض بنائي ڇڏيو
آهي. اسين ايشور جو به سانگ رچائيندا آهيون.
ڪيڏي نه شرمناڪ ريا ڪاري آهي. اسين حقيقت کي
پنهنجي مڪمل مفاد ۽ ذاتي غرضن تي قربان ڪندا
آهيون پوءِ ان صورتحال ۾ جيڪڏهن اسان جون ڪوششون
ڪامياب نٿيون ٿين ته ان ۾ عجب جي ڪا ڳالهه ڪانهي.
(نوڪ جهوڪ- 1920ع)