مقصود گل
وائيءَ بابت
ٻه ٽي ڳالهيون
وائيءَ جي بنيادي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ جڏهن مون
ڪتابن جا سينا کولي معلومات جا موتي ميڙڻ لاءِ قلم
کنيو ته مون کي اهو ڏسي مايوسي ٿي ته اسان جا محقق
وائيءَ متعلق ڪو ٺوس يا پختو رايو قائم نه ڪري
سگهيا آهن. منهنجي خيال ۾ سڀني محققن هڪٻئي جا
رايا کڻي انهن ۾ ٿوري تبديلي آڻي پئي وائيءَ کي
متعارف ڪرايو آهي.
مرحوم محبوب علي چنا وائيءَ متعلق پنهنجو رايو
لکندي هيئن لکيو آهي ته ”عام اصطلاح ۾ ڪنهن ڳالهه
۽ ٻوليءَ کي وائي سڏبو آهي هن جو ڌاتو پراڪرت لفظ
”وايا“ ۽ سنسڪرت جي لفظ ”وارتا“ مان نڪتل آهي.
سنسڪرت ۾ ”ورت“ لفظ جي معنيٰ آهي ”هجر“ (نئين
زندگي ڊسمبر 1958ع)
مخدوم طالب الموليٰ سائين جو رايو ورجائيندي مرحوم
غلام حمد گرامي صاحب پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي
”وايا“ ۽ وارتا“ جي معنيٰ آهي، رهت، حالت ۽ ماجرا.
ان طرح ”وايو ۽ ”وائي“ معنيٰ هوا، پران يا پساهه،
”وائي“ ”اهوئي“ هڪ آهن.“
ان کان پوءِ اڳتي لکي ٿو ته خدا نٿو ڀلائي ته
”واڻي“ مان وائي ٺهيو آهي.“ (ادبي اوسر- مرتب غلام
علي الانا 1967ع) هندن جي مذهبي اوتار باباگرو
نانڪ صاحب جي قولن يا ڪلام کي به ”واڻيون“ يا
”ٻاڻيون“ چئبو آهي. انهن جي چَوَتِ به وائي سان
مشابهت رکي ٿي.
جگت بهکاري بهرت هي، سب کو داتا رام
کهه ”نانک“ من سمرتهه، پورن هوئي کام.
وائيءَ کي ڏسجي ته ان جو گهاڙيٽو به ٻاڻين وارو ئي
آهي. (حوالو ڪتاب ”ڪافي“ مصنف طالب الموليٰ).
پر منهنجي خيال ۾ ته بابا گرو نانڪ جي ٻاڻيءَ ۽
اسان جي سنڌي ڪلاسيڪل وائي جو گهاڙيٽو تمام گهڻو
مختلف آهي.
سنڌي ۽ فارسي جو مهان تاريخدان پير حسام الدين
شاهه راشديءَ پنهنجي تحقيق ۾ لکيو آهي ته ”ڪافي تي
نالو لطيف وائيءَ جو رکيو، پر ان جا سبب تحقيق طلب
آهن.“ مولانا غلام محمّد گراميءَ جو رايو آهي ته
”ڪافي“ ۽ وائي موضوع ۽ مواد جي حيثيت سان هڪ ڳالهه
آهن، پر فني هيئت ۽ فارم ۾ فرق آهي.“
منهنجي ذاتي راءِ به ساڳي مولانا گرامي مرحوم جي
راءِ سان شامل آهي ته موضوع ۽ مفهوم جي لحاظ کان
ته ڪافيءَ وائيءَ کي ساڳي حيثيت ڏئي سگهجي ٿي، پر
هتي سٽاءَ ۽ گهاڙيٽي جي لحاظ کان وائي ۽ ڪافيءَ ۾
ڏينهن رات جيڏو فرق آهي ڇاڪاڻ ته موضوع جي حوالي
سان ڪافيءَ توري وائيءَ ۾ شاه صاحب ”وو..... وو
ڪندي وت، متان وو....! وسارين“ وارو ”هاءِ...!
هاءِ.....!“ ۽ ”واءِ....... واءِ.....!“ وارو سُر
آلاپيو آهي ۽ وڇوڙي جون وايون سمايون آهن. جيڪڏهن
تحقيقي نگاهه سان نهاري ڏسبو ته فني سٽاءَ ۽
گهاڙيٽو وائيءَ جو الڳ ۽ ڪافيءَ جو وري بلڪل مختلف
آهي.
”ڪافيءَ“ ۾ ٿلهه کان پوءِ هر مصرع ۾ ڪڏهن هڪ سٽ ۽
پوءِ وراڻو، ڪڏهن ٻه سٽون ۽ پوءِ وراڻو، ڪڏهن ٽن
سٽن کان پوءِ وراڻو، ويندي مخدوم طالب الموليٰ
سائينءَ ته هڪ ڪافيءَ ۾ اٺن سٽن جو بند رکي ۽ آخر
۾ نائين سٽ جو وراڻو ملايو آهي. اچو ته مثال طور
طالب الموليٰ سائينءَ جي اٺن سٽن واري بند واري
ڪافيءَ جو هڪ بند پڙهي ڏسئون.
ٿلهه: تو دلڙي يار ڌتاري- پر پوءِ ڪانه ڪيئي
پوئواري.
بند: تنهن جو ”طالب مولي“ آهي.
ٻئي ساڻ ڀلا منهنجو ڇاهي.
رسُ مون کي قرب مان ڪاهي،
ٻيا لڳ لاڳاپا لاهي،
اچ مون وٽ گاهي ماهي،
ڪير سينو تو سان ساهي،
اها طاقت ڪنهن ۾ ناهي،
مان بيٺس لاهي پاهي.
وراڻو: لائي برهه جي يار بهاري- پر پوءِ ڪونه ڪيئه
پوئواري.
گهاڙيٽي جي لحاظ کان ڪي ڪافيون وري غزل جي شڪل
جهڙيون به لکيون ويون آهن. سچل سائينءَ جي رسالي ۾
اهڙيون کوڙ ڪافيون ملن ٿيون. جيڪي سٽاءَ ۽ بيهڪ ۾
بلڪل غزل ئي آهن، پر آهن ڪافيون- ڇاڪاڻ ته انهن جو
موضوع مواد ۽ مفهوم ڪافيءَ جو آهي. اهڙن غزلن کي
جن ۾ مڪمل طور ڪافيءَ وارو موضوع سمايل آهي انهن
کي نامياري عالم، اديب، شاعر ۽ محقق ڊاڪٽر عطا
محمّد حاميءَ ”غزل نما ڪافيون“ ڪوٺيو آهي. سچل
سائين جي اهڙي غزل نما ڪافي مثال طور هيٺ لکجي ٿي.
ٿلهه: عاشق ڏسڻ ۾ آيو محبوب گل سنياسي،
عبرت عجب عجائب اسرار رنگ عباسي.
برهي جي اک ببيني، ڪائي، مثال چيني،
توڙي رنگون رنگيني، چينيءَ جي مٽ نه ڪاسي.
گِل آب جاءِ جاتي، محبوب راز تاتي،
عاشق ڏسڻ کئون ڪاٿي، رهندو پتنگ پياسي
ابليس جي وڏائي هر سانس تي سوائي،
جيوڻ ته دم ڀلائي، نه ته تحت نحس ناسي.
ثابت ”سچل“ سچاري يارن جي ياد ياري،
وحدت جني وساري، تن جي مِٽي اڻاسي.
تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته ”ڪافي“
جو وجود شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان تقريباً ٻه
صديون اڳ ۾ هيو. مطلب ته ”ڪافي“ شاهه صاحب کان ٻه
صديون اڳ ۾ متعارف ٿي. شاه صاحب جي ڄمڻ کان ٻه سو
سال اڳ هڪ بزرگ لاڏ جيئو برهانپوري ۽ ان کان پوءِ
مير معصوم شاه بکري تاريخ معصوميءَ جو مصنف ۽
معصوم شاه جي مناري سکر واري جي بانيءَ جو ڀاءُ
مير محمّد فاضل بکريءَ جا نالا تاريخ ۾ ملن ٿا
جيڪي تمام سٺا ڪافي جا شاعر ٻڌايا وڃن ٿا. انهن
حوالن مان ثابت ٿئي ٿو ته ”ڪافي“ شاه صاحب کان
گهڻو اڳ ڳائي ۽ لکي ويندي هئي. ان کان سواءِ ڪن
عالمن امير خسروءَ کي ”ڪافي“ جو موّجد ڄاڻايو آهي.
وري جيڪڏهن اسان پنجابي ادب جو مطالعو ڪريون ٿا ته
معلوم ٿئي ٿو ته پنجابي ٻوليءَ ۾ به ”ڪافي“ رائج
آهي جيڪا گهڻي وقت کان وٺي ويندي اڄ تائين پنجاب ۾
ڳائي ۽ وڄائي وڃي ٿي ۽ بابا بلي شاهه، خواجا غلام
فريد، شاهه حسن ۽ فقير مهر علي، پنجابي ٻوليءِ ۾
”ڪافيءَ“ جا برک ۽ بلند پائي جا صوفي شاعر ملن ٿا.
مٿين کوجنا کان پوءِ بنا ڪنهن شڪ ۽ گمان جي اهو
چئي سگهجي ٿو ته ”ڪافي“ هتان جي يا سنڌ جي خالص
صنف نه آهي، پر اها سنڌيءَ سان گڏ هندي ۽ پنجابي
ٻولين جي صنف به آهي.
پر ”وائي“ خالص سنڌي ٻوليءَ جي يگاني ۽ يڪتا صرف
سنڌيءَ جي ڪلاسيڪل شاعري جي صنف آهي. هاڻي ماضي
قريب ۾ ”وائي“ جا سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ ترجما ٿيا
آهن يا وري ڪجهه اردوءَ جي نوجوان شاعرن سنڌي
”وائي“ کان متاثر ٿي سنڌي وائيءَ جي سٽاءُ تي
اردوءَ ۾ واين لکڻ جي شروعاتي ڪوشش ڪئي آهي.
اچو ته هاڻي وائيءَ جي فني سٽاءَ ۽ گهاڙيٽي جي
باري ۾ ٿورا ويچار ونڊيون. اسان جا سڀ محقق
اِنهيءَ راءِ تي متفق آهن ته اسان جو ڀٽ ڌڻي
بادشاهه، لاکيڻو لطيف وائي جو پهريون شاعر آهي
جنهن اسان جي ڪلاسيڪي سنڌي ادب کي ”وائي“ جي صنف
ايجاد ڪري ڏني. ۽ نه صرف هن وائي متعارف ڪرائي، پر
مان انهيءَ راءِ ۾ اهو به اضافو ڪندس ته ڀٽائي
وائي ته متعارف ڪرائي، پر ان منفرد صنف جي منفرد
گائڪيءَ کي پيش ڪرڻ لاءِ منفرد ساز دنبورو به
ايجاد ڪيو ته جيئن وائيءَ جي ”واءِ واءِ“ يا ”هاءِ
هاءِ...!“ واري افسرده آلاپ کي اهڙي افسرده تاثر
سان پيش ڪري سگهجي ۽ منهنجي خيال ۾ دنبورو واحد
ساز آهي جنهن جي تار مان نڪرندڙ دل ڀڄائيندڙ سرود
غم ۽ وڇوڙي جي آلاپ واري ئي غمزده صدا اٿاري ٿو.
گهاڙيٽي جي لحاظ سان نظر وجهنداسين ته شاه صاحب
واري ”وائي“ اسان کي ماترائن ۽ ڇند وديا تي بيٺل
نظر ايندي.
شاه سائين جي سموري رسالي کي اسان جيڪڏهن هڪ نظر
سان ڏسنداسين ته ان ۾ اسان کي صرف ٻه صنفون هڪ
”بيت“ ۽ ٻي ”وائي“ نظر اينديون. مطلب ته شاه سائين
پنهنجي شاعري کي بس صرف ٻن ٺيٺ ڪلاسيڪل سنڌي
شاعريءَ جي صنفن بيت ۽ وائيءَ تي محدود رکيو ۽ ٻئي
صنفون ماترائن ۽ ڇند وديا تي بيٺل آهن.
پر جيڪڏهن اڃا ٿورو غور ڪري ڏسنداسين ته سٽاءَ ۽
گهاڙيٽي جي حوالي سان به ٻئي صنفون هڪ ٻئي جي تمام
گهڻو ويجهڙيون آهن ۽ ماترائن جي ڳڻپ موجب به شاه
سائين واري وائي ۽ بيت پاڻ ۾ تمام گهڻي مشابهت ۽
هڪجهڙائي رکن ٿا. ايئن کڻي چئجي ته ٿورڙي فرق سان
بس ٻئي صنفون ڄڻ ته ساڳيون ئي آهن. فرق صرف اهو
آهي ته جيڪڏهن ”وائيءَ“ جو وراڻو ڪڍي ڇڏجي ۽
مصراعن وارين سٽن کي مسلسل پڙهبو وڃي ته ”وائي“
بيت، بڻجي پوندي.
هاڻي مثال طور جيڪڏهن هيٺ ڏنل شاه سائينءَ جي وائي
مان وراڻو ”ساجن صحيح سڃاتو“ ڪڍي ڇڏبو ته وائي بيت
جي صورت اختيار ڪندي.
مَنڌ پيئندي مون ساجن صحيح سڃاتو.
پي پيالو عشق جو، سڀڪي سمجهو سون.
پريان سندي پار جي اندر اڳ اَٿون
جيئڻ ناهي جڳ ۾ ڏينهن مڙيئي ڏون.
الا! عبداللطيف چئي، آهين تون هي تون.
پر جيڪڏهن ”بيت“ جي پهرين سٽ مان اڌ سٽ کڻي وراڻو
ڪري هرهڪ سٽ سان ملائبو ته ”بيت“ اسان کي وائيءَ
واري ڏِکَ ڏيندو. مثال طور شاه سائين جي هيٺين بيت
۾ اڌ سٽ کي وراڻي طور ملايون ٿا ته ”بيت“ وائيءَ
جي صورت اختيار ڪري وٺندو.
رڳون ٿيون رباب - وڄن ويل سڀڪنهم.
لڇڻ ڪڇڻ نه ٿيو جانب ريءَ جباب
وڄن
ويل سڀڪنهم.
سوئي سَنڌيدُم سپرين ڪَيسِ جنهن ڪباب
وڄن
ويلَ سڀڪنهم
سوئي راحت روح جي، سوئي عين عذاب
وڄن ويل
سڀ ڪنهم
انهيءَ حوالي سان جيڪڏهن بيت ۽ وائيءَ کي هڪٻئي
سان تمام گهڻي ويجهڙائي رکندڙ صنف چئجي ته بهتر
ٿيندو. ساڳي راءِ ۾ مخدوم طالب الموليٰ به ڪنهن حد
تائين مون سان همراءِ آهي.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي راءِ جيڪا هيٺ لکيل لفظن ۾
ڏنل آهي ان مان به منهنجي انهيءَ راءِ کي تقويت
ملي ٿي.
”هاڻي بيت کان پوءِ اسان جي سنڌي شاعرن ان ساڳي ئي
دوهي (بيت) ۾ ان جي ڇند وديا ۾ واڌارا ڪري ”وائي“
ايجاد ڪئي. (سنڌي شاعريءَ جي سکيا آڊيو ڪيسٽ س.
ايس)
”وائيءَ“ جي بيهڪ ۽ سٽاءَ بابت اسان جا سڀ عالم
انهيءَ راءِ جا آهن ته “وائيءَ“ جو سٽاءُ پهرين
”ٿلهه“ واري شروعاتي سٽ کان پوءِ هڪ هڪ سٽ جي
مصرع جي پويان ”ٿلهه“ واري سٽ جو اڌ وراڻي طور
ايندو. يا وري مٿين ”ٿلهه“ واري سٽ سڄي ڌار هوندي
۽ ان جي پويان اڌ سٽ جيترو يا ڪڏهن اڌ سٽ کان به
گهٽ وزن جيترو ڌار ”وراڻو“ کنيل هوندو.
پهرين نموني واري ”وائيءَ“ جي مثال طور سرڪش
سنڌيءَ جي هيءَ وائي پڙهي ڏسئون جنهن ۾ ٿلهه واري
سٽ مان اڌ سٽ ”مهل تي ماڳ رسون“ وراڻي طور کنيل
آهي.
هلي پئو همراهه- مهل تي ماڳ رسون.
دير نه ڪر ”استاد“، اُٿي ”امداد“، ”اياز“ ۽
”شاهه“،
مهل تي
ماڳ رسون.
تڪڙ ڪريون ”تنوير“ او! ”راشد“ ”واجد“ ٿئي وهواهه
مهل
تي ماڳ رسون
روشن ڪرڻن پويان ڪيئي اُلري پيا اونداهه،
مهل تي
ماڳ رسون.
ڇا جي سُستي، ڇاجي ساهي، سَهڪُ ڀلي تون ساهَه،
مهل تي
ماڳ رسون.
پير پچي ٿيا پيرون، پيرون، پو به نه ڪا پرواهه
مهل تي
ماڳ رسون.
ويسورا ۽ سور سڀاڻي، اڄ تي سڀ ويساههَ
مهل تي
ماڳ رسون.
”سرڪش“ ڀاڙين ڀاڳن جا ڪي ڌوئون ڏوهه گناهه.
مهل تي،
ماڳ رسون.
(امن آب
حيات) (1987ع)
”وائي“ جي سڄي سٽ واري ”ٿلهه“ کان پوءِ ڌار ننڍڙي
وراڻي واري وائيءَ جو مثال ۾ وفا ناٿن شاهيءَ جي
هيءَ خوبصورت وائي پڙهي ڏسون.
موڙ مهار اکين کي آهي صدين جي ٻاڙائي،
او، هرجائي!
ڪوري ڪَنڌُ گهرين ٿو مون کان الٽو ڪنڌ ڪپائي،
اوهرجائي!
ڏاتر ڏات ڏنئه ڇا مون کي گهاڻي، گهاڻي، گهائي.
او هر جائي!
مُنهنجا گيت نه آڻ چَپنِ تي ٿي ويندين سودائي،
اوهر جائي!
تنهن جو روز پڇن ٿا مون کان تنهن جا سڀ ڳوٺائي،
او هرجائي!
مهراڻ 1970)
”وائي“ جي ميدان ۾ ”شيخ اياز“ ۽ ”استاد بخاري“
نوان نوان تجربا ڪري نه صرف وائيءَ کي نواڻ بخشي،
پر وائيءَ کي ”ڇند وديا“ جي ڪلاسيڪل گهاڙيٽي مان
ڪڍي عروض جي طرف به وٺي آيا. اڄڪلهه وائي تقريباً
سڀني مانوس بحرن ۽ وزنن تي لکجي چڪي آهي، پر گهڻو
ڪري اڄ جي وائي ”فعلن مفعلن“ واري وزن تي لکي وڃي
ٿي جيڪو وزن ماترائن جي قريب قريب آهي.
وزن تي پوءِ ٿا اچون هتي مان استاد بخاريءَ جي
نئين تجربي هيٺ لکيل هڪ خوبصورت وائيءَ جو ذڪر
ڪندس. هيءَ وائي جيڪا مان هيٺ مثال طور لکندس ان ۾
استاد هيٺ مصراعن جو سٽاءُ ته ساڳيو رکيو آهي، پر
مٿي شروعاتي سٽن يعني ”ٿلهه“ ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ لاءِ
ٿلهه جي پهرين سٽ ۾ ”نه ته مان“ ”نه ته مان“ ٽي
ڀيرا لکي وراڻو ”جيئان ڪيئن جيون بنا“ وچ ۾ رکي
ٿلهه کي خوبصورت نواڻ ڏني آهي ۽ وري هرهڪ مصرع ۾
به اڌ سٽ وراڻي سان همقافيه ڪري وائيءَ کي دلچسپ ۽
مزيدار بڻايو آهي. اچو ته وائيءَ کي پنهنجي سٽاءَ
۾ پڙهي ڏسون.
موٽ مٺا نه ته مان،
نه ته مان،
نه ته مان جيئان ڪيئن جيون بنا،
سرچان ڪيئن
ساجن بنا.
توکان تيئن ڇڄان مان جاني!- جيئري جيئن مران،
جيئان
ڪيئن جيون بنا.
پاڻي منهنجو ساڻ نيو ٿا، ڪُرڙي ڪيئن ڪيان،
جيئان
ڪيئن جيون بنا.
ٻَرٻَر مون کي ٻاري نڪتا، هينئر هوت هتان،
جيئان
ڪيئن جيون بنا.
دل دم دير سهي ئي ڪٿ ٿي، سو ڪيئن سال سڪان،
جيئان
ڪيئن جيون بنا.
پاڻيءَ مانيءَ ريءَ نه سري ٿي. جانيءَ ريءَ جيان!
جيئان
ڪيئن جيون بنا.
وَقتُ ۽ وِيرَ وَرنِ ٿا ڪاٿي، ڇا تي واجهه وجهان،
جيئان
ڪيئن جيون بنا.
موتُ مڃي، جي منٿ ”بخاري“، واري پيار وٺان،
جيئان
ڪيئن جيون بنا.
سرچان ڪيئن ساجن بنان
(ڪوڪڻ يا
ڪلياڻ 1986)
اسان جي سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ جي مهان ڪويءَ ۽ نثري
ليکڪ ”شيخ اياز“ به وائي جي ميدان ۾ تمام گهڻا،
خوبصورت، وڻندڙ ۽ ڪامياب تجربا ڪيا آهن، هيئت جي
لحاظ کان يا وزن جي لحاظ کان، ننڍن توڙي وڏن وزنن
۾، ننڍن توڙي وڏن وراڻن جي حوالي سان شيخ اياز جي
شاعريءَ ۾ تمام گهڻا دل کي ڇهندڙ مثالي تجربا ملن
ٿا.
هيٺ جيڪا شيخ صاحب جي وائي مان مثال طور پيش ڪرڻ
وارو آهيان ان ۾ شيخ صاحب ٿلهه جي سٽ سان ڌار
وراڻو رکيو آهي، پر بند ۾ ٻه سٽون رکيون اٿس، پر
هيءَ ڳالهه بلڪل غور طلب آهي ته، مصرع جي پهرين سٽ
۽ ٻي سٽ ۾ مضمون يا موضوع ساڳيو آهي ۽ ٻئي سٽون به
هڪٻئي سان هم قافيه ۽ هم رديف نه آهن، گويا ائين
محسوس ٿو ٿئي ته سٽ هڪ ئي آهي جيڪا طوالت سبب پني
جي گهٽ ڪشادگيءَ ڪري ٻن حصن ۾ ورهائي رکي ويئي
آهي. انهيءَ حوالي سان شاعر ڄڻ ته وائي جي انهيءَ
صحت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته وائيءَ جو
بند هڪ سٽ جو هئڻ گهرجي. اچو ته شيخ اياز جي هيءَ
من ۾ پيهي ويندڙ وائي پڙهي ڏسون.
آگ اجهاڻي ناهي، ڄر ۾ گيت پيا جرڪن.
عمر پئي گذري.
پيار پتنگا ڪيئي اُڏري تَنِ، ۾ کامي ويا،
پوبه کٽن ٿا ڪونه پيا ٿا ڦيرا ور ور ڪن.
عمر پئي گذري.
هنج اچن ٿا، هنج وڃن ٿا، نِير ولوڙا ڏئي،
راتيون اڳ جان آهن پيوُن ڪونجون ڪَرڪرڪن.
عمر پئي گذري.
من ۾ ڍانڍ وساڻا ناهن، ڀنڀٽ ڀڙڪن ٿا،
سَر تي سيءُ ته آهي، پيئون سِرون سَرَسرڪن.
عمر پئي گذري.
ڏيئا ڏيئا ڏيهه ڏسان شل، اڳ نه اجهامان مان،
روشنين ۾ رنگ رليون شل سارا گهر گهر ڪن.
عمر پئي گذري.
گيت امرتا آهن، جن کي موت نٿو ماري،
جهوڻا بڻجي ڪي ڪي شاعر مون جيئن جَهر جَهرڪنِ.
عمر پئي گذري.
آگ اُجهاڻي ناهي، ڄر ۾ گيت پيا ڄرڪن،
عمر پئي گذري.
هونءَ ته شيخ اياز جون وايون ڪيترن ئي نمونن ۾
تجرباتي حوالي سان لکيل ملن ٿيون، تن ۾ ٻٽي بند
واريون، ڏيڊوڻي مصرع واريون، ننڍي وزن واريون ۽
وڏي وزن واريون وايون شامل آهن. ٿورن لفظن ۾ ائين
چئجي ته شيخ اياز وسيع ۽ عام ڪرڻ سان گڏ وائيءَ کي
ڀٽائيءَ کان پوءِ اڍائي سؤ سالن کان پوءِ نه صرف
نئون جنم ڏنو، پر ان کي جدت خوبصورتي ۽ امرتا به
بخشي آهي.
اڄ ڪلهه وائيءَ جي صنف هڪ مروج ۽ مانوس صنف بڻجي
چڪي آهي. سينئر نون شاعرن هن صنف کي اپنايو ۽ خوب
پنهنجو ڪيو آهي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن چئجي ته وائي
عوامي رنگ اختيار ڪري چُڪي آهي ته انهيءَ ۾ ڪوبه
وڌاءُ نه ٿيندو.
موضوع جي لحاظ کان به وائي هاڻي تمام گهڻي وسيع ٿي
چڪي آهي. اڳ وائيءَ ۾ صرف وڇوڙي جا ورلاپ ۽ رٺل
پرينءَ کي پرچائڻ جون ڳالهيون ڳايون وينديون هيون
يا وري صوفي فقيرن وائيءَ ۾ معرفت ۽ عرفان جي
ڳالهين جو پرچار ڪيو جنهن ڪري صوفيانه ڪلام کي
عارفانه ڪلام به چيو وڃي ٿو، پر جديد ۽ ترقي پسند
شاعرن موضوع جي حوالي سان وائيءَ کي خاص وسعت ڏني
آهي. عوامي مسئلا، قومي ڳالهيون، دل جا درد،
محبتون، عشق وڇوڙو، عورت جا، مزدور هاري جا مسئلا،
ڏاڍ ڏمر، زيادتيون، ظلم ۽ زبردستيون اهي سڀ موضوع
اڄ ڪلهه وائيءَ ۾ بيان ڪيا ويا آهن. انهيءَ حوالي
سان وائيءَ کي جيڪڏهن گهڻن موضوعن واري صنف چئجي
ته به درست، يا ائين کڻي چئجي ته وائي اڳ وانگر
موضوع جي لحاظ کان به محدود ناهي رهي.
ڪتابيات
• ڪافي مخدوم طالب الموليٰ.
• ادبي اوسر ڊاڪٽر غلام علي الانا. 1967.
• سچل جو رسالو (سنڌي).
• ڪوڪڻ يا ڪلياڻ استاد بخاري 1986ع.
• امن آبحيات سرڪش سنڌي 1987ع.
• راڄ گهاٽ چنڊ شيخ اياز.
• شاهه جو رسالو ڊاڪٽر بلوچ صاحب.
• شاهه جو رسالو ڊاڪٽر ڪلياڻ آڏواڻي.
• سورج مکيءَ کيت مختار گهمرو.
• سنڌي ٻوليءَ جي سکيا (آڊيوڪِيسٽ) ڊاڪٽر تنوير
عباسي.
• نئين زندگي (ڊسمبر 1958).
• مهراڻ جا مختلف رسالا.
• گلن هار مقصود گل- مختار گهمرو. |