سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2012ع (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلو خاص نمبر)

مضمون

صفحو:8

ڊاڪٽر نواز علي شوق

 

ڊاڪٽر بلوچ جِي شاهه لطيفؒ جي رسالي تي ڪيل

                  تحقيق جو مختصر جائزو

جڏهان ڪر ٿيام، ساڃاهه سپيرين سين،
تڏهان ڪر تِرَ جيترو، هڪ وير نه وسريام،
اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان جنهن ڏينهن کان نيازمنديءَ جو سلسلو شروع ٿيو، ان ڏينهن کان ئي اهڙو ناتو جُڙي ويو، جو ڪڏهن به ختم ٿي نه ٿو سگهي. توڙي جو پاڻ اسان کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويا آهن، پر دل ۾ سدا ياد آهن.

رفتيد ولي، نه از دِل ما.

پاڻ اوطاقي مڙس هئا، جيئن اوطاقن تي سگهڙن ۽ سياڻن سان ڪچهريون ڪيائون، تيئن نه فقط منهنجي من ۾، پر پنهنجي هر چاهيندڙ جي من ۾ ڄڻ ڪچهريون ڪري رهيا آهن. محفلن جو مچ متل آهي، اهو ڪٿي وسامي سگهجي ٿو؟ ڇاڪاڻ ته:

لائي جو وئا، سو منجهيئي مچ ٻري،

سو اُجهامي ڪِئا، جن سوريندڙ سپرين.

اهڙو انسان اسان کان ڪيئن وسري سگهي ٿو، جنهن اسان جون دليون پاڻ وٽ قابو ڪري ڇڏيون آهن. ان کي وسارڻ اسان جي وس ۾ ناهي ڇو ته:

مَنُ پريان نيئي، پڳهيو پاڻ ڳري

جنهن ادبي اداري ۾ وڃان ٿو ته اتي ڊاڪٽر بلوچ جا ڪتاب موجود، جنهن ڪتب خاني ۾ يا جنهن بڪ اسٽال تي وڃجي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب جا ڪتاب موجود، يونيورسٽين ۾ وڃجي، ته اتي به ڊاڪٽر صاحب جا ڪتاب حاضر. ڪو محقق، سنڌي ادب، لسانيات، لغات، لطيفيات، ڪلاسيڪي شاعري ۽ لوڪ ادب تي تحقيق ڪرڻ جو ارادو ڪري، ته ان لاءِ ڊاڪٽر بلوچ جا ڪتاب لازمي. ڪو ايم.ايس يا پي ايڇ.ڊي ڪرڻ جو ارادو ڪري ته ان لاءِ به ڊاڪٽر بلوچ جا ڪتاب رهبري ۽ رهنمائي ڪن ٿا.

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي دور ۾ سنڌي ادب کي شاهوڪار بڻائڻ لاءِ هر وکر جي ضرورت هئي. اهو ئي سبب آهي جو مرزا صاحب ادب جي هر صنف تي سوين ڪتاب لکي، ان کي مالا مال ڪيو. بعد ۾ تخصيص ڪرڻي پئي ته سنڌي ادب کي ڪهڙين شين جي وڌيڪ ضرورت آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان پهريون عالم آهي، جنهن سنڌ کي اهي سڀ شيون ڏنيون، جن جي سنڌي قوم کي ضرورت هئي. مثال طور سنڌي ڪلاسيڪي شاعري، خاص طور شاهه جي رسالي جو مستند متن، لوڪ ادب، لغات، سنڌي موسيقي جي تاريخ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جامع ۽ مستند تاريخ وغيره.

اهي سمورا ڪم ڏاڍا ڏکيا هئا. اهوئي سبب آهي جو انهن ڪمن ۾ ڪنهن به هٿ نه وڌو هو. ڊاڪٽر بلوچ کي جيئن ته سنڌ، سنڌي زبان ۽ ادب سان عشق هو ۽ حضرت عشق عاشق کي ايڏو حوصلو ۽ همت ڏئي ٿو، جو سڀ مشڪلون آسان ٿي وڃن ٿيون. اهوئي سبب آهي جو هن سنڌ جي سچي عاشق اهي سمورا علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم سهڻي نموني مڪمل ڪيا. سنڌي لوڪ ادب هڪ اٿاهه سمنڊ مثل آهي. اهو سڄي سنڌ ۾ ٽڙيل پکڙيل هو ۽ اهو گهڻي ڀاڱي زباني روايتن تي ٻڌل هو. لکيل مواد ۽ زباني روايتون گڏ ڪرڻ، انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪري معياري متن تيار ڪرڻ ۽ ان صنف جو جامع مقدمو لکڻ ۽ شاعرن جي سوانح لکڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم هو، پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي حوصلي ۽ همت کي سلام آهي، جنهن لوڪ ادب جا 42 ضخيم جلد تيار ڪيا، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپجي پڌرا ٿيا. ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب مختلف وقتن تي، مختلف هنڌن تي سُگهڙن ۽ ڏاهن سان جيڪي ڪچهريون ڪيون، تن ڪچهرين جو مواد ترتيب ڏنو ته ڏهه جلد تيار ٿي ويا. اهي ڏهه جلد ”رهاڻ هيرن کاڻ“ عنوان هيٺ مختلف ادارن پاران ڇپجي چڪا آهن. انهن ڪتابن ۾ به لوڪ ادب جو وڏو خزانو محفوظ ڪيو ويو آهي.

مختلف ملڪن جي زبانن ۾ لوڪ ادب جو ڪجهه نه ڪجهه ذخيرو موجود هوندو. عربي، جيئن ته هڪ قديم ۽ شاهوڪار زبان آهي، تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته لوڪ ادب جو سڀ کان گهڻو ذخيرو ان ۾ موجود هجي. ان کان پوءِ سنڌي واحد زبان آهي، جنهن ۾ سڀ کان گهڻو لوڪ ادب موجود آهي. ان مان سنڌي زبان ۽ ادب جي وسعت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو اهو ڪمال آهي جو هن جنهن موضوع واري ڪتاب جو مقدمو لکيو ته ان ۾ اها ٻولي استعمال ڪئي، جيڪا ان موضوع سان ٺهڪندڙ هئي. جيڪڏهن لوڪ ادب جي مختلف موضوعن تي لکيل ڊاڪٽر صاحب جا مقدما ڌار ڪتابي صورت ۾ ڇپرايا وڃن ته ان مان هڪ ته پڙهندڙن کي سنڌي لوڪ ادب بابت وڏي معلومات ملي ويندي، ٻيو ته پڙهندڙن کي ڊاڪٽر صاحب جو سنڌي ٻوليءَ تي عبور جو اندازو ٿي ويندو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هونئن ته هر تحقيقي ڪم لاجواب آهي، پر بلوچ صاحب شاهه جي رسالي تي جيڪا محنت ۽ جاکوڙ ڪئي، سا مثالي آهي، تنهن ڪري سندن ٻين تحقيقي ڪارنامن کي ڇڏي سندن شاهه جي رسالي تي ڪيل تحقيق جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

هيءَ هڪ حقيقت آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان اڳ جن عالمن شاهه جي رسالي جو مستند متن تيار ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي، تن کي ٻن ٽن قلمي نسخن کان وڌيڪ نسخا هٿ اچي نه سگهيا. مگر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سالن جا سال محنت ڪري پنجاهه قلمي نسخا ۽ سورهن ڇاپي نسخا سامهون رکي مستند متن تيار ڪيو. ايترا قلمي نسخا هٿ ڪرڻ ڊاڪٽر صاحب جو وڏو ڪارنامو آهي. هن ان لاءِ ڪيڏا پنڌ ڪيا هوندا. ماڻهن کي ڪيتريون منٿون ڪيون هونديون. ڪيترو چؤ چواءُ ڪرايو هوندو. ان ۾ نه ڄاڻ کين ڪيترا سال لڳا هوندا. پوءِ اهي سمورا قلمي نسخا پڙهڻ، مقرر اصولن مطابق ڀيٽڻ، ڇنڊڇاڻ ڪري، سهڻي ترتيب سان شاهه جي رسالي جو مستند متن تيار ڪرڻ ڪو معمولي ڪم نه هو. هي اهڙو ڪم هو، جيڪو ڊاڪٽر بلوچ جي هٿان ئي ٿي سگهيو ٿي. انهن قلمي نسخن ۾ ڪاتبن پاران لکيل آڳاٽي سنڌي پڙهڻ، هر ڪنهن جو وس جي ڳالهه نه آهي، اسان پارو ليکڪ ان آڳاٽي سنڌيءَ جو هڪ صفحو هڪ هفتي ۾ به شايد نه پڙهي سگهيو. اهڙي مشڪل سنڌي جا هزارين صفحا پڙهڻ ڪنهن سنڌي زبان جي سچي عاشق ۽ ٻوليءَ جي ماهر جوئي ڪم آهي. اهو تحقيقي ڪم ڪرڻ لاءِ عشق، حوصلي ۽ همت جي ضرورت هئي. سوال اهو آهي ته اهو ميدان سڀني لاءِ کليل هو. ٻين ڇو نه ان پِڙ ۾ پير پاتو؟

جڏهن ڪنهن ادبي محفل جي موقعي تي ڪو مقرر ذاتي بغض سبب اختلاف ڪندو آهي ته ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي. اهو ائين آهي جيئن ڪو ماڻهو چوي ته تاج محل جي هيءَ سِر هيئن نه هونئن هجي ها! اعتراض ۽ اختلاف ته آسان آهن، پر ڪو پهريائين تاج محل جهڙي شاندار عمارت ٺاهي ته ڏيکاري. ڪو ڊاڪٽر بلوچ جهڙو ڪم ڪري ته ڏيکاري.  اختلاف جو هر ڪنهن کي حق آهي، پر اهو مدلل هئڻ گهرجي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جلد پهرئين ۾ شاهه لطيفؒ جي سوانح عمري جنهن مدلل نموني لکي آهي. ان جو داد ڏيڻو پوي ٿو. هن سڀ کان پهرين بنيادي ماخذ هٿ ڪيا ۽ اهي شايع ڪرايا.

انهن ڪتابن ۾ شاهه جي عاشق مير عبدالحسين سانگي جو ڪتاب ”لطائف لطيفي“ جيڪو فارسي زبان ۾ لکيل هو، اهو هن 1967ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. بعد ۾ ان جو سنڌي ترجمو، ڊاڪٽر عبدالرسول قادري ڪيو. جيڪو پڻ شايع ٿيو. شاهه صاحب جي هڪ ٻئي عاشق شمس العلماء مرزا قليچ بيگ 1887ع ۾ شاهه صاحب جي سوانح بابت انگريزي زبان ۾ ڪتاب لکيو. جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪوشش سان 1980ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران شايع ٿيو. مرزا صاحب ان انگريزي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪري سنه 1897ع ۾ ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ جي عنوان سان شايع ڪرايو. ڊاڪٽر صاحب ان جي سوڌ سنوار ڪئي ۽ ان جو نئون ڇاپو 1972ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران شايع ٿيو. سنه 1889ع ۾ ليلا رام وتڻ مل جو ڪتاب "The life, Religion and Poetry of Shah latif" ڇپجي پڌرو ٿيو.

انهن عالمن کان اڳ مير علي شير قانع پنهنجن ٽن ڪتابن- ”تحفة الڪرام“، ”مقالات الشعراء“ ۽ ”معيار سالڪانِ طريقت“ ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي بابت مختصر احوال ڏنو هو. ڊاڪٽر صاحب نه صرف اهي آڳاٽا ماخذ آڏو رکيا، پر ان کان پوءِ شاهه لطيفؒ جي سوانح تي جيڪي ڪتاب شايع ٿيا، سي سڀ سندن مطالع هيٺ رهيا. پر اهي سمورا ماخذ ”حڪايتن جي حجاب“ ۾ ڍڪيل هئا. حڪايتن وارا پردا هٽائي، ڊاڪٽر صاحب ”حقيقتون“ پڌريون ڪيون. ان لاءِ کيس وڏي جاکوڙ ڪرڻي پئي. شاهه صاحب جي ولادت واري هنڌ بابت به عالمن جا مختلف رايا هئا. انهن مان اڪثر عالمن ٻُڌ سُڌ تي شاهه صاحب جي ولادت واري هنڌ بابت پنهنجي راءِ ڏني پر ڊاڪٽر بلوچ پهريون عالم آهي، جنهن نه فقط شاهه صاحب جي سوانح بابت سمورا ماخذ آڏو رکيا، پر پاڻ انهيءَ علائقي ۾ ڪيترائي پنڌ ڪيائون. ”هالا حويلي“، ”ڀينءَ پور“، ”سُئي قندر“،
”گنباٽ“ ويا ۽ ان جي آس پاس جي ڳوٺن ۾ وڃي وڏي عمر وارن ماڻهن سان ملاقاتون ڪري، معلومات حاصل ڪئي. ۽ ڪن اڳين روايتن کي مدلل نموني رد ڪيو. مثال طور جلد پهرئين مان هڪ اقتباس پيش ڪجي ٿو:

”.....لونگ فقير مهيسر جنهن جي مزار شادي شهيد لڳ خيرپورميرس ضلعي ۾ آهي، تنهن جي فقيرن ڪٿان ٻڌو ته شاهه عبداللطيف ڀينءَ پور ۾ ڄائو هو يا اتي چلو ڪيو هئائين سو اتي وڏي مسجد ٺاهيائون. مير سانگي پوءِ ’لطائف لطيفي‘ ۾ ان جو ذڪر ڪيو ۽ ڀئي پور (صحيح ڀينءَ پور) کي شاهه صاحب جي ولادت جي جاءِ ڪري ڄاڻايو. ان بعد مولوي دين محمد وفائي به ’لطف اللطيف‘ ۾ انهيءَ ساڳي ڳالهه کي ورجايو. ٻئي طرف ليلا رام وتڻ مل لالواڻي پنهنجي ڪتاب ۾ ’هالا حويلي‘ (ڀٽ کان 18 ميل ڏکڻ- اوڀر) جو نالو لکيو. باوجود انهيءَ جي لالواڻي جي پوئلڳي ڪندي گربخشاڻي به ”هالا حويلي“ کي شاهه جي ولادت ڪري ڄاڻايو. مرزا قليچ بيگ وري ’ڀينءَ پور‘ ۽ ’هالا حويلي‘ ٻنهي کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي جو لکيائين ته: ڀٽائي صاحب جي ڄمڻ جي جاءِ ’هالا حويلي‘ ۾ هئي جا ڀئي پور (صحيح ڀينءَ پور) سان لڳ ڏکڻ- اڀرندي ڪنڊ ڏي هئي.

جنهن گهر ۾ شاهه صاحب ڄائو هو، اتي پوءِ هڪ مسجد جوڙائي وئي هئي، جا اڃا تائين نصير واهه جي ڪلهي بيٺل آهي. مرزا صاحب جي هيءَ سڄي عبارت خيالي آهي ۽ سرزمين جي ڄاڻ کان سواءِ لکي وئي آهي. شاهه لطيفؒ ساڳئي وقت هالا حويلي ۽ ڀينءَ پور ۾ مسجد جي ڀرواري گهر ۾ تولد ٿي نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ جو ڀينءَ پور کان ”هالا حويلي“ ڪافي پري آهي، ٻيو ته اها ڏکڻ- اوڀر طرف ڪانهي، پر اتر- اوڀر طرف آهي. ’ڀينءَ پور‘ تعلقي حيدرآباد ۾ ۽ ”هالا حويلي“
تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ آهي. (ص- 12-11)

ڊاڪٽر بلوچ کان اڳ شاهه صاحب جي ولادت بابت اسان جي عالمن تمام مختصر احوال ڏنو هو، پر ڊاڪٽر صاحب انهيءَ عنوان تي تفصيل سان لکيو آهي، ان کان علاوه هن شاهه صاحب سان لاڳاپيل ماڳ مڪان پاڻ وڃي ڏٺا، ان کان پوءِ وڏي سوچ ويچار بعد شاهه صاحب جي سوانح لکي. اهو مواد شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام، جلد پهرئين ۾ 67 صفحن تي مشتمل آهي، ايڏي گهڻي مواد سان گڏوگڏ ڊاڪٽر صاحب ڪي نهايت ئي اهم تصويرون پڻ شامل ڪيون آهن، جن جو شاهه صاحب جي سوانح سان تعلق آهي، مطلب ته ڊاڪٽر صاحب کان اڳ شاهه جي شارحن، شاهه صاحب جي سوانح متعلق ايترو تفصيل سان ۽ مدلل نموني ڪونه لکيو هو ۽ نه وري اهي ماڳ مڪان وڃي ڏٺا هئا.

اختلاف جو هر محقق کي حق آهي پر، اهو اختلاف اهڙن دليلن تي ٻڌل هجي جو پڙهندڙ قبول ڪن ۽ جن شاهه جي سوانح متعلق فارسي، سنڌي ۽ انگريزي ڪتاب آڏو رکيا هجن ۽ شاهه صاحب جي سوانح سان تعلق رکندڙ ماڳ مڪان ڏوري ڏٺا هجن. پر جيڪڏهن ائين نه آهي، ڪو گهر ويهي چوي ته مون کي اختلاف آهي، ته ان اختلاف کي ڪوبه قبول نه ڪندو، ڇو ته گهر ۾ ويهي لکڻ ۽ ڪا جاکوڙ نه ڪرڻ لاءِ ائين ئي چوڻو پوندو ته:

 ڏونگر نه ڏوري، سڪڻ جون سڌون ڪري،

گهر ويٺي گهوري، ڄندڙو ڄام پنهونءَ تان.

هينئر ڊاڪٽر صاحب جي محنتن سان تيار ڪيل شاهه جي رسالي جي ڏهن جلدن جو مختصر نموني تعارف ڏنو وڃي ٿو.

شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام (جلد پهريون):

هن کان اڳ پهرين جلد ۾ آيل سوانح بابت احوال ڏنو ويو آهي. ٻي ڳالهه ته ڊاڪٽر صاحب پهريون عالم آهي. جنهن رسالي جي پهرئين جلد جي باب ٻئين ۾ ”شاهه جي رسالي جي اصليت ۽ حقيقت ۽ رسالي جي قلمي نسخن ۽ ڇاپن جي سڃاڻپ“ جي عنوان هيٺ تفصيل سان لکيو آهي، جيڪو 40 صفحن تي مشتمل آهي. ان کان پوءِ ٽئين باب ۾ رسالي جي تدوين ۽ تاريخ بابت تمام قيمتي مواد ڏنو ويو آهي، جيڪو 27 صفحن تي مشتمل آهي. چوٿين باب ۾ رسالي جي ترتيب متعلق مواد موجود آهي، جنهن کي هيٺين ٻن حصن ۽ ورهايو ويو آهي:

الف: قلمي ۽ ڇاپي رسالن واري ترتيب.

ب: رسالي جي معياري متن لاءِ معياري ترتيب. هيءُ باب 26 صفحن تي مشمل آهي. باب پنجون پڻ 26 صفحن تي پکڙيل آهي، جنهن جو عنوان آهي:

”شاهه جي ڪلام جي پرک جا معيار“

باب ڇهين جو عنوان آهي:

رسالي جي جامع مستند متن لاءِ صورت خطي. هيءُ باب 11 صفحن تي مشتمل آهي.

دل ته چاهيو ٿي ته هر باب تي روشني وجهڻ گهرجي، پر ائين ڪرڻ سان مقالو، مقالي بجاءِ ڪتاب ٿي وڃي ها. اميد ته پڙهندڙ رسالي جي پهرئين جلد ۾ آيل مواد جو غور سان  مطالعو ڪندا، مطالعي ڪرڻ کان پوءِ کين اهميت جو اندازو ٿي ويندو. هتي فقط ايترو عرض ڪرڻ گهران ٿو ته ڊاڪٽر بلوچ کان اڳ شاهه جي شارحن رڳو روايتن جي آڌار تي شاهه صاحب جي سوانح لکي هئي، جنهن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي. پر هن مقدمي ۾ جيڪي ٻيا اهم عنوان آهن، انهن تي ڪڏهن غور ويچار ڪونه ڪيو هو. ان جو شايد هڪ سبب هيءُ ٿي سگهي ٿو ته انهن عالمن کي شاهه صاحب جا ايترا گهڻا قلمي نسخا هٿ نه اچي سگهيا هئا، تنهن ڪري هو مٿي ذڪر ڪيل عنوان مقرر ڪري، هرهڪ عنوان تي بحث ڪري. اسان کي پنهنجي راين کان آگاهه نه ڪري سگهيا.

”شاهه جو رسالو، رسالي جو ڪلام“ جي پهرين جلد ۾ شاهه صاحب جي تفصيلي ۽ مدلل سوانح کان پوءِ سُر ڪلياڻ ۽ يمن جو مستند متن شامل آهي. شروع ۾ سُرڪلياڻ جو تعارف ڪرائيندي لکيو اٿن ته:

”سُر ڪلياڻ شاهه جي رسالي جي  ’الحمد‘ آهي، جنهن ۾ رسالي ۾ سمايل شاهه جي اعليٰ فهم ۽ فڪر جو رس ۽ روح موجود آهي. سُرڪلياڻ شاهه جي رسالي جي ڪنجي آهي، جنهن سان ٻين سُرن ۾ سمايل فڪر جا دروازا کلن ٿا، ۽ جنهن جي مطالعي سان اهي مڙيئي مکيه معنوي اشارا ۽ اهڃاڻ ملن ٿا، جن جو وڌيڪ تفصيل ۽ تفسير رسالي جي باقي ٻين سُرن ۾ موجود آهي.“

ان کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب عالماڻي انداز ۾ سُرڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ سمايل فڪر تي روشني وڌي آهي. ٻنهي سُرن ۾ سمايل فڪر بيان ڪرڻ کان پوءِ داستان وار هر داستان ۾ سمايل فڪر تي عالماڻي انداز ۾ روشني وڌي آهي، ان کان پوءِ متن ڏنو ويو آهي. ساڄي پاسي بيت ۽ وايون ڏنل آهن ته وري کاٻي پاسي نمبر وار انهن جي سهڻي سمجهاڻي ڏنل آهي.

آخر ۾ متن جي ڀيٽ ۽ سمجهاڻي ڏنل آهي، جنهن ۾ مختلف قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ آيل بيتن ۽ واين جي ڀيٽ سان، صحيح پڙهڻيون ڏنيون ويون آهن ۽ لفظن جي معنائن تي تحقيق ڪئي وئي آهي. ان کان پوءِ ضميمو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ مختلف قلمي رسالن ۾ ساڳين لفظن لاءِ ڪاتبن جي اصلوڪي صورت خطي ڏني وئي آهي: مثال طور لفظ آڱريون تي نظر وجهون ٿا ته اهو لفظ ڪاتبن مختلف نموني لکيو آهي، اسان جي رهنمائي لاءِ اها پراڻي سنڌي پڻ ڏني وئي آهي. جيئن ته شاهه صاحب جي رسالي جا قلمي نسخا هر ماڻهو ڏسي نه ٿو سگهي. ڊاڪٽر صاحب اهو سُٺو ڪيو، جو هن اسان کي مختلف لفظن جي آڳاٽي صورت خطيءَ کان واقف ڪرايو.

شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام (جلد ٻيون):

پهرئين جلد وانگر، هن جلد ۾ پڻ بيتن ۽ واين جي معياري متن قائم ڪرڻ خاطر، هر بيت ۽ هر وائي کي هيٺين ڇهن تحقيقي معيارن تي پرکيو ويو آهي.

1. ماخذن طور رسالن جي تعداد جو معيار

2. رسالن جي قدامت جو معيار

3. رسالن جي ڀيٽ جو معيار

4. سنڌي ٻولي ۽ بيان جي سهڻائي جو معيار

5. اعليٰ شاعريءَ جو معيار

6. اعليٰ فهم ۽ فڪر جو معيار

پهرئين جلد جي تاليف وقت ڊاڪٽر صاحب کي 45 قلمي نسخا هٿ اچي سگهيا هئا، پر هن ٻئي جلد جي تاليف وقت ٻيا چار قلمي نسخا هٿ آيا. يعني هيءُ جلد تاليف ڪرڻ وقت رسالي جا 49 قلمي ۽ 16 ڇاپي رسالا سندن مطالعي هيٺ رهيا.

ڊاڪٽر صاحب هر سُر جي داستانن ۽ هرهڪ داستان هيٺ بيتن ۽ واين جي ترتيب تي پورو ڌيان ڏنو. هيءُ انتهائي مشڪل مسئلو هو جيڪو هن وڏي دانائيءَ سان موضوع جي تقاضا، بيان جي ربط ۽ معنيٰ جي سلسلي جي لحاظ سان وڏي ويچار کان پوءِ حل ڪيو ۽ خاص توجهه، هر بيت ۽ وائي جي هر لفظ ۽ هر سٽ کي مختلف قلمي توڙي ڇاپي رسالن سان ڀيٽڻ ۽ وڌيڪ صحيح ۽ سهڻين پڙهڻين طرف ڏنو ويو.

 

شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام (جلد ٽيون):

هن جلد ۾ سُر گهاتو، سُر کاهوڙي، سُر ڪاپائتي، سُر بلاول، سُر پرڀاتي، سُر ڪارايل ۽ سُر ڏهر جو جامع ۽ مستند متن شامل آهي. ان کان علاوه تفصيلي مقدمو ۽ سمجهاڻي ڏنل آهي.

هن جلد ۾ آيل سُرن ۾ سمايل فڪر تي ڊاڪٽر صاحب تفصيل سان روشني وڌي آهي. پر شروع ۾ مختصر لفظن ۾ هرهڪ سُر جو تعارف پڻ ڪرايو آهي، جيڪو هن ريت آهي.

 

سُر سامونڊي: جيڪو پيشه ور وڻجارن واپارين ۽ ٻيڙياتن ناکئن جي سامونڊي سفرن ۽ ڪشالن جو يادگار آهي.

سُر گهاتو: جيڪو سمنڊ ۾ شاهي مڇين ۽ مڇين جي گهور ۽ شڪار ڪندڙ پيشه ور گهاتوئن جو يادگار آهي.

سُر کاهوڙي: جيڪو جهنگن جبلن ۾ ڏاکڙا ڪندڙن ڏُٿ ڏورڻ وارن محنت ڪشن جي حيلن ۽ همتن جو يادگار آهي.

سُر بلاول: جيڪو پيشه ور جاجڪن ۽ محتاج منگتن جي سپڙ در سوالن ۽ سندس سخاوت واري ڪردار جو يادگار آهي.

سُر پرڀاتي: جيڪو پيشه ور منگتن مڱڻهارن جو سخي سردارن کي ڳائڻ، ساراهڻ ۽ ڏات گهرڻ واري رسم جو يادگار آهي.

سُر ڪارايل: جيڪو تلاون، سُرن، ڍنڍن جو چڪ چلڙ ۽ پاڻيءَ واري ماحول ۽ ان جي پکين جي ذات مان هنجن جي سهڻائي ۽ صفائي واري ڪردار جو آئينو آهي.

شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام، (جلد چوٿون)

شاهه لطيفؒ جي رسالي جي مستند ۽ معياري متن جي چوٿين جلد ۾ سسئي جا پنج سُر شامل آهن: آبري، معذور، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني.

ڊاڪٽر صاحب هن جلد جو جيڪو مقدمو لکيو آهي، ان ۾ هڪ عنوان آهي: ”سسئي جي تمثيل ۾ اعليٰ فهم ۽ ادراڪ جا اهڃاڻ، ان عنوان هيٺ ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي، ”سسئي جي سُرن ۾ سمايل مرڪزي موضوع ۾ يعني ”سسئي جو پنهون پٺيان هلڻ ۽ پنهونءَ کي ڳولڻ“ ۾ حق ۽ حقيقت جي تلاش جو سبق سمايل آهي، جنهن کي شاهه صاحب سسئي جي زباني هن طرح بيان ڪيو ته:

اول آخر آهه، هلڻ منهنجو هوت ڏي

سسئي جي پهرئين سُر جي پهرئين بيت جي هيءَ پهرين سٽ سسئي جي پنجن ئي سُرن ۾ سمايل فڪر جي ڪُنجي آهي. سسئي جي تمثيل سان، هن هڪ سٽ جي ستن لفظن مان اعليٰ فهم ۽ فڪر جا ڪيئي رخ روشن ٿين ٿا، جن لاءِ تفصيلي رخ ۽ بيان جي ضرورت آهي.“ (ص-3)

ڊاڪٽر صاحب مقدمي ۾ ان جي مختصر وضاحت ڪئي آهي، جيڪا ڇهن نڪتن تي مشتمل آهي. هتي انهن نُڪتن جو اختصار پيش ڪجي ٿو:

1. داستان جي سطح تي، ان اعلان مان سسئي جي اعليٰ ڪردار جي مثالي صورت نمايان ٿئي ٿي.

2. هن زميني زندگي ۽ انسان جي اعليٰ عملي ڪردار لاءِ سسئي جي مثالي ڪردار مان ترغيب ملي ٿي ته هر انسان کي زندگيءَ ۾ هڪ اعلي مقصد سامهون هجي، جنهن لاءِ هو پڪي ارادي سان مسلسل طور جدوجهد ڪري. شاهه صاحب طرفان تاڪيد ته:

تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل هجڻ جي

3. سسئي جي تمثيل ۾، تصوف ۽ طريقت جو ”طالب ۽ مطلوب“ وارو اعليٰ مفهوم مضمر آهي.

4. سلوڪ ۾ ”وصال“ جي ويجهي منزل تي سسئي کي پنهونءَ کان سواءِ ڪا صورت ئي ڪانه ٿي سُجهي.

5. حقيقت ۾ شاهه پاڻ سالڪ آهي. پاڻ سسئي آهي:  علم، عمل ۽ انصاف سان انسان کي وهمن ۽ وسون مان آجو ڪيو.

6. سڀ کان اعليٰ اتاهون مفهوم اهو جو هن سٽ ۾ انساني زندگيءَ جي ازلي حقيقت جو راز سمايل آهي:

اول آخر آهه، هلڻ منهنجو هوت ڏي.

شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام (جلد پنجون)

هن جلد ۾ سُر راڻو، سُر ليلان، سُر ڪاموڏ ۽ سُر سورٺ جو مستند متن ڏنل آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جي رسالي جي سُرن جي ترتيب اهڙي رکي آهي جو پڙهندڙ هڪ ته شاهه جو فڪر سولائيءَ سان سمجهي سگهي ۽ ٻيو ته موضوع ۽ مقصد جي لحاظ سان سُرن ۾ معنوي ربط قائم رهي.

 انهيءَ اصول مطابق پهرين چئن جلدن ۾ سُر سلسلي وار رکيا ويا آهن. پهرين ۾ ڪلياڻ ۽ يمن، ٻئي ۾ کنڀات، بروو ۽ سري راڳ سامونڊي لاڳيتا رکيا ويا آهن. ڇو جو اهي معنوي نوعيت جا آهن. جلد ٻئي جو آخري سُر سامونڊي ۽ جلد ٽئين جا ست سر گهاتو، کاهوڙي، ڪاپائتي، بلاول، پرڀاتي، ڪارايل ۽ ڏهر لاڳيتا رکيا ويا آهن، جو انهن ۾ سنڌ جي ڌنڌن ۽ پيشن وارن جي زندگيءَ جا ٽاڻا ۽ اهڃاڻ سمايل آهن. ان کان پوءِ سسئي جا پنج سر ۽ پوءِ پنجين جلد وارا سر انهن نَون سُرن ۾ زندگيءَ جي ٻاهرين مشاهدن بدران، بنيادي طور تي انسان جي اندروني جذبن ۽ احساسن جو مانڊاڻ منڊيل آهي. اهو نَو ئي سُر، انسان جي سماجي رشتن ۽ انهن رشتن کي نباهڻ لاءِ ست ۽ صبر، غم ۽ درد جا داستان آهن.

شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام (جلد ڇهون)

هن جلد ۾ سُر رپ، سُر پورب، سُر رامڪلي ۽ سُر آسا شامل آهن. اهي چاريئي سُر فڪر جي لحاظ سان ڳوڙها سُر آهن. هنن سُرن تي اڳ تحقيق ڪانه ڪئي وئي هئي. خبر ناهي ته ڊاڪٽر گربخشاڻي هنن سُرن تي تحقيق ڪئي يا نه؟ جي ڪئي ته اها پڌري ٿي نه سگهي. ڇاڪاڻ ته گربخشاڻي واري رسالي جو چوٿون جلد اڄ ڏينهن تائين هٿ اچي نه سگهيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پهريون عالم آهي، جنهن هنن سُرن تي مثالي تحقيق ڪئي آهي.

هن جلد ۾ شامل بيتن ۽ واين جي ڀيٽ لاءِ ڊاڪٽر صاحب ستونجاهه رسالا سامهون رکيا، جن مان ستيتاليهه قلمي ۽ ڏهه ڇاپي هئا.

ڊاڪٽر صاحب مقدمي ۾ لکيو آهي ته:

”هن ڇهين جلد جي پهرئين سُر رپ جو مکيه موضوع غم ۽ گوندر درد ۽ فراق آهي ۽ پڻ ان جي هڪ داستان ۾ ور ۽ ونيءَ جي ناتي جو پس منظر سمايل آهي. انهيءَ ڪري معنوي لحاظ سان هن جلد جو پهريون سُر پوين ٻن جلدن (پنجين ۽ ڇهين) جي سُرن ۾ سمايل درد ۽ فراق جي داستان سان ملائيندڙ ڪڙي آهي.“

پهرين جلد جي سُر ڪلياڻ ۽ سُر يمن وانگر، هن ڇهين جلد ۾ شامل چارئي سُر رِپ، آسا، پورب ۽ رامڪلي، معنوي سُر آهن ۽ اُهي شاهه جي اعليٰ فڪر جو آئينو آهن. سُر رپ ۾ گوندر ۽ غم، درد ۽ فراق جي حالتن ۽ ڪيفيتن کي نروار ڪيو ويو آهي. سُر پورب، سُر رامڪلي ۽ سُر آسا ۾ سمايل مرڪزي موضوع سچن سالڪن جو محبوب حقيقي جي وصال لاءِ ڪشالو ۽ ان ڪشالي ۾ حال وارين منزلن ۽ مقامن جو ذڪر آهي. (ص-1 ۽ 2)

شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام، (جلد ستون)

هن جلد ۾ سُر مارئي، سُر سهڻي ۽ سُر سارنگ جو جامع ۽ مستند متن شامل آهي. حسب معمول ڊاڪٽر صاحب هيءُ جلد به وڏي محنت ۽ دانائي سان تيار ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب هر جلد ۾ آيل سُرن بابت جامع معلومات ڏني آهي. هن جلد بابت مقدمي ۾ لکيو اٿن ته:

”هن جلد ۾ شامل پهريان ٻه سُر جيتوڻيڪ ظاهري معنيٰ ۾ ’عمر مارئي‘ ۽ ’سهڻي ۽ ميهار‘ جي روايتي ڳالهين سان تعلق رکن ٿا، مگر اعليٰ عرفان جي آئيني ۾ اهي تخليق ڪائنات جي ازلي حقيقت جا مظهر اهن، جنهن مطابق هر شيءِ پنهنجي اصليت ڏي موٽڻ لاءِ مشتاق آهي. انهيءَ ازلي حقيقت مطابق مارئي پنهنجي اصلي وطن ٿر ڏانهن وڃڻ چاهي ٿي ۽ سهڻي درياء جي هن پار واري رسمي زندگيءَ بدران هن پار جي دائمي بقا ۽ خوشيءَ واري زندگيءَ لاءِ دنيا جي دهشت وارو درياء تري ٿو. تصوف جي اعليٰ عرقافي فڪر ۾، سالڪ لاءِ فنا ۽ وصال واريون اهي آخري منزلون آهن. انهيءَ لحاظ سان انهن ٻن سُرن کي ٻين سڀني سُرن جي آخر ۾ آندو ويو آهي. معتبر روايتن موجب پڻ سُر سُهڻي جي وائي ”ڪهڙي منجهه حساب، هلڻ منهنجو هوت ڏي“ شاهه صاحب جو آخري ڪلام آهي. سُر سارنگ سنڌ ۽ سڄي جهان جي آبادي لاءِ خير ۽ دُعا جو سُر آهي ۽ انهيءَ لحاظ سان اهو دعا طور آخر ۾ رکيو ويو آهي. (ص-8)

شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام (جلد اٺون ۽ نائون)

هي ٻئي جلد گڏي شايع ڪيا ويا آهن، جن ۾ شاهه لطيفؒ جو مڪمل رسالو محفوظ آهي ۽ ان ۾ شامل ڪلام، شاهه عبداللطيفؒ جو پنهنجو ڪلام آهي.

هيءَ هڪ حقيقت آهي ته شاهه صاحب جي حياتيءَ ۾ يا سندن وصال کان پوءِ، شاهه صاحب جي شيداين رسالا تيار ڪيا ته ان ۾ شاهه جي ڪلام سان ٻين شاعرن، سالڪن ۽ سگهڙن جو ڪلام پڻ شامل ڪري ڇڏيائون. جيڪو به قلمي نسخو ڏسبو ته ان ۾ شاهه صاحب جي ڪلام سان گڏ ٻين شاعرن جو ٿورو گهڻو ڪلام ضرور نظر ايندو.

هيءُ گڏيل جلد شاهه عبداللطيفؒ جي پنهنجي ڪلام جو سڄو سربستو صحيح رسالو آهي. جيڪو ڊاڪٽر بلوچ ٻٽيهن سالن جي تحقيق، پنجاهه قلمي ۽ سورهن ڇاپي رسالن جي مطالعي ۽ ڀيٽ سان، شاهه جو پنهنجو ڪلام، زيرن زبرن سان، صحيح صورت ۾، معياري ترتيب ۽ معنيٰ سميت اسان کي ڏنو، جيڪو هڪ مثالي ڪم آهي،

شاهه جو رسالو: رسالي جو ڪلام (جلد ڏهون)

هيءَ هڪ نئين شيءِ آهي. هن کان اڳ شاهه جي ڪنهن به شارح ان قسم جوڪم ڪونه ڪيو هو. هن جلد ۾ جملي قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ شامل ڪلام مان، شاهه جي ڪلام کان جدا ڪيل ٻيو ’رسالي جو ڪلام‘ معياري پرک ۽ سمجهائڻي سميت شامل آهي، يعني اهڙو ڪلام جيڪو ’شاهه جي رسالي‘ جي اڳين قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾، جيڪي تيرهين صدي هجري جي آخر ۽ چوڏهين جي شروع تائين لکيا يا ڇپيا ويا، تن مان ڪنهن نه ڪنهن رسالي ۾ موجود آهي، پر اهو شاهه صاحب جو پنهنجو نه پر ٻين سالڪن، فقيرن، شاعرن ۽ سگهڙن جو چيل آهي. ان ڪلام کي تحقيق ۽ تنقيد جي اعليٰ معيارن تي پرکي، شاهه جي ڪلام کان جدا ڪري، هن جلد ۾ ’رسالي جو ڪلام‘ طور صحيح صورت ۾ سهڻي ترتيب سان رکيو ويو آهي. (ص-1)

ڊاڪٽر صاحب جي اها عظمت آهي جو ايڏي وڏي محنت جي باوجود هو پنهنجي تحقيق کي حرف آخر نه ٿو سڏي. جلد ڏهين جي مهاڳ ۾ لکيو اٿائين ته:

”هت اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته تحقيق ۽ تنقيد جي اعليٰ معيارن جي پرک سان، وڏي سوچ ويچار بعد، ’شاهه جي ڪلام‘ ۽ ’رسالي جي ڪلام‘ کي جدا ڪيو ويو آهي. مقدمي ۾ پرک جي انهن معيارن کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. انهن معيارن مطابق جيئن ’شاهه جو ڪلام‘ صاف صحيح متن سان ڏنو ويو آهي، تيئن هن جلد ۾ ’رسالي جو ڪلام‘ پڻ صحيح تحقيق مطابق ڏنو ويو آهي. شاهه جي رسالي جي جامع مستند متن جون اهي ٻه جدا پر مڪمل ۽ صاف صحيح صورتون آهن: يعني ’شاهه جو ڪلام‘ ۽ ’رسالي جو ڪلام‘.

جيڪڏهن آئنده ڪي ٻيا وڌيڪ معتبر قلمي رسالا دستياب ٿيا ته انهن جي روشنيءَ ۾ انهن ٻن صورتن کي اڃان به وڌيڪ پرکي ضروري ترميم ڪئي ويندي. پر جيڪڏهن ڪو پڙهندڙ پنهنجي ذوق ۽ ذهن مطابق، ’رسالي جو ڪلام‘ ۾ شامل ڪنهن سُر، داستان، بيت يا وائي کي ’شاهه جو ڪلام‘ ڪري سمجهي، يا ’شاهه جو ڪلام‘ ۾ شامل ڪنهن سُر، داستان، بيت يا وائيءَ کي ’رسالي جو ڪلام‘ ڪري سمجهي ته هو اختيار وارو آهي. (ص III)

هيءَ هڪ حقيقت آهي ته شاهه لطيفؒ جي ڪلام جي قلمي نسخن ۾ ٻين شاعرن جو ڪلام شامل ٿي ويو، جيڪو يا ته شاهه صاحب پاڻ فقيرن آڏو پڙهيو، يا ڪن ٻين سالڪن ۽ شاعرن سندس محفل ۾ پڙهيو. جنهن لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جلد ڏهين ۾ لکيو آهي ته:

”موجوده ’شاهه جا رسالا‘ شاهه جي ’حاضري جي ڪلام‘ وارا ڪشڪول آهن، جن ۾ شاهه صاحب جي پنهنجن بيتن ۽ واين کان سواءِ ٻين درويشن جي ڪلام جي ’پنج ڪڻي‘ پڻ شامل آهي.“ (ص 1)

ڊاڪٽر بلوچ کان اڳ جن عالمن شاهه جي ڪلام ۽ سوانح تي تحقيق ڪئي، تن جي به اها ئي راءِ هئي ته شاهه جي رسالي ۾ ڌاريو ڪلام (ٻين شاعرن جو ڪلام) شامل آهي. انهن عالمن ۾ مير عبدالحسين سانگي، مرزا قليچ بيگ، ليلا رام وتڻ مل لالواڻي، ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي، مولانا دين محمد وفائي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو اچي وڃن ٿا.

ڊاڪٽر گربخشاڻي پهريون عالم آهي، جنهن شاهه جي رسالي مان ڌاريو ڪلام ڌار ڪيو. هن ابتدا ڪئي. ڊاڪٽر بلوچ ان کي توڙ تائين رسايو.

ڊاڪٽر گربخشاڻي اهو ڌاريو ڪلام ڌار ڪري ڦٽي ڪري ڇڏيو. هن ان کي ڪا اهميت ڪانه ڏني. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پهريون عالم آهي، جنهن رسالي ۾ آيل ٻين شاعرن جي ڪلام کي محفوظ ڪيو، ان سان ڊاڪٽر بلوچ جي دانائي ۽ سنڌي زبان سان محبت جو چٽو ثبوت ملي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ اهو ڪلام ڏهين جلد ۾ محفوظ نه ڪري ها، ته اهو ڪجهه عرصي کان پوءِ ضايع ٿي وڃي ها. اهڙو ڪلام جيڪو شاهه صاحب جي حاضريءَ ۾ پڙهيو ويو. سو ضايع ٿيڻ سان سنڌي ادب کي وڏو نقصان رسي ها. ڇاڪاڻ ته ان ۾ لڳ ڀڳ ستر آڳاٽن شاعرن جو ڪلام موجود هو. انهن مان گهڻي ڀاڱي ڪلام اهڙو هو. جنهن ۾ شاعر جو نالو آيل هو. پر ڪجهه ڪلام اهڙو هو. جيڪو بغير نالي جي هو. انهن مان ڪي شاعر شاهه صاحب کان اڳ جا ڪي شاهه صاحب جي دور جا ته ڪي شاهه صاحب کان پوءِ جا شاعر هئا. انهن شاعرن جي سوانح لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو، اهو ڏکيو ڪم ڊاڪٽر بلوچ ئي ڪري سگهيو ٿي ۽ هن اهو ڪم تمام سهڻي نموني سرانجام ڏنو. ڌڻي سڳوري کين وڏي ڄمار ڏني ۽ هن پنهنجي حياتيءَ جو هر پَلُ سجايو ڪيو.

هن شاهه جي رسالي جي مستند کان علاوه ٻيو ايترو ته گهڻو ذخيرو ڏنو آهي جنهن جو هر لفظ موتي مثل آهي.اهو ادبي خزانو ڪڏهن کٽڻ جو نه آهي. اها هڪ اهڙي ويئري آهي جتان ادب جا اڃايل پي وري پيا پيئندا. اها ويئري سُڪي نه ويندي، ڇاڪاڻ ته ان قسم جي ويئرين کي ڀٽائيؒ دعا ڪري ويو آهي:

شال مَ سُڪي ويئري، جئان پي پين.

ڀٽائيؒ شايد اهڙن ئي انسانن لاءِ دُعا ڪئي آهي:

وڏي ڄام ڄمار، جنهن مياڻيون موکيون.

الله پاڪ ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي جنت ۾ جايون ڏئي. واقعي هن ادب جون مياڻيون موکيون ۽ ان کي مالا مال ڪيو.  

ڊاڪٽر نواب عابد لغاري

 

 

 

هنجون هاريان سڄڻ تُنهنجي ڪري

  (ڊاڪٽر بلوچ جون ساروڻيون)

هيءَ ڪلهه ڪلهوڪي ڳالهه آهي سنڌ جي عظيم شاعر غالبِ سنڌ فيض بخشاپوري جي ”ڪلياتِ فيض“ جي رونمائي ۽ ورسي 14 اپريل 2011ع تي ملهائڻ لاءِ تياريون زور شور سان جاري هيون. نواز علي ڊومڪي سان گڏ اسلام آباد جو سفر ڀي ٿي چڪو. مخدوم محمد امين فهيم ۽ مير هزار خان بجاراڻي وفاقي وزيرن سان ملاقاتون به ٿيون. انهن صاحبان هن ورسيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ تي راضپو به ڏيکاريو، پر صدارت ته اڳي وانگر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان ڪرائڻ لاءِ اسان سائين قلندر شاهه لڪياري ۽ ڊاڪٽر اسد جمال پلي کي ساڻ ڪري ڊاڪٽر صاحب کي ڪيل اطلاع مطابق 12 وڳي سندن ناٺي ۽ ڀائٽي عرض محمد خان جي جاءِ قاسم آباد تي پهتاسين، وڏي خوش دليءَ سان آجيان ڪندي ڊاڪٽر صاحب بهار بهار پئي ٿيو ته اسين ساڻن ملڻ جو وڙَ ڪري آيا آهيون. ڇا شخصيت ڇا نهٺائي، ڇا حلم ۽ پيار، هڪ هڪ سان گفتگو ڪندي وڏي پاٻوهه پئي ڏيکاري. اهو ڏينهن نه وسرندو، پر چوي ائين ته ڪارڊ ۾ منهنجو نالو نه لکجو، مون صدر آصف علي زرداري طرفان ڏنل ”ستاره امتياز“ تمغي لاءِ برگيڊيئر... طرفان بار بار اسرار جي باوجود معذرت ڪئي ته آءٌ اچي ڪونه سگهندس، باقي اسلام آباد ۾ رهندڙ منهنجي اولاد مان ڪوبه اچي تمغو وصول ڪري ته ان تي هو به تيار نه پيا ٿين. آخر 23 مارچ وارو ڏينهن گذري ويو. پوءِ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب چيو ته اهو تمغو آءٌ کڻي ٿو اچان. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته ”چيومانس، مون کي هاڻ انهن شين سان ڪا دلچسپي نه رهي آهي. گهڻو ڪجهه ڪيو اٿم. گهڻائي ايوارڊ مليا آهن. هاڻي انهن جو شوق ئي نه رهيو آهي.“

مون کي ان ڏينهن ٿورو محسوس ٿيو هو ته اڄ 12 وڳي جو وقت مليو آهي ۽ 12 وڄي ويا آهن. وڏي قرب، محبت ۽ پيار سان وري وري شڪريو ادا ڪندي چيو هئائين ته هاڻي مون کي وٺي اچڻ وارو، اشارو ڊاڪٽر اسد جمال پلي ڏانهن هو ۽ سندس پر پٺ اهو نالو وٺي پاڻ هميشه سندن مون کان پڇندو هو، اهو ئي جملو مون ورجائيندي چيو هو: (سائين ”بديع الجمال“ تي اهو ذمو آهي.) سڀ ڏاڍا کلندا خوش باش ٻاهر نڪتاسين ۽ ڇڙوڇڙ ٿياسين، فقط نواز علي مون سان گڏ هو، فيض ادبي ڪانفرنس جو ڪرتا ڌرتا، ڏاڍو خوش هو ته ڊاڪٽر صاحب اچڻ جي حامي ڀري قرب ڪري ڇڏيو. پاڻ جيڪي بهترين 20 شيلڊون اديبن ۽ شاعرن کي ڏيڻ لاءِ ٺهرائي رهيو هو، انهن ۾ ڊاڪٽر صاحب لاءِ ڪابه شيلڊ فٽ نه پئي ٿئي. پر اهو يقين هو ته سندن مبارڪ هٿن سان پاڪستان جي معروف اديبن ۽ اسڪالرن کي اهي ڏياريون وينديون.

اڃا ٻه ڏينهن مس گذريا ته ڪيپٽن غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي جي فون صبح 10 وڳي بار بار موبائيل تي وڄي رهي هئي. اطلاع هو ته 11 وڳي پير آفتاب شاهه مٽياروي جي بنگلي تي گڏجاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي صدارتي تمغو (ايوارڊ) ڏيڻ جي رسم ادا ڪئي پئي وڃي، اوهان کي ڪنهن به صورت ۾ ان ۾ شريڪ ٿيڻو آهي. تقريب ۾ حيدرآباد جا ڪئين عالم، اديب ۽ اسڪالر گڏ ٿيا هئا. وڏي رونق لڳل هئي. آچر جو ڏينهن هو ٻاهريون ماڻهو فقط وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو هو، جيڪو پڻ صدارتي ايوارڊ 23 مارچ تي وصول ڪري چڪو هو. پاڻ ڊاڪٽر بلوچ جو پي ايڇ. ڊي ۾ شاگرد پڻ آهي. اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض گل محمد عمراڻي سر انجام ڏنا ۽ نهايت خوبصورت انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي علمي، ادبي، سماجي، تعليمي ۽ ثقافتي خدمتن کي مختصر ۽ جامع طور تي سموهي خوبصورت انداز ۾ تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو ۽ بعد ۾ سچاروي صاحب خوبصورت نعتِ رسول ﷺ سان نوازيو. اسڪالرز مان هڪ هڪ کي سندن خواهش تي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو. مون کلان علاوه جن ٻين عالمن، اديبن ۽ شاعرن ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت ۽ خدمتن تي ڳالهايو، انهن ۾ پروفيسر قلندر شاهه، انعام شيخ، عنايت بلوچ، نفيس ناشاد، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ۽ ٻين ڪيترن پنهنجي اندر جا آواز ۽ ڌڙڪنون ظاهر ڪيون. آفتاب شاهه دوستن جي آمد ۽ من موهيندڙ مانجهاندي ۾ شرڪت لاءِ ٿورا مڃيا. آخر ۾ ڊاڪٽر صاحب کي گذارش ڪئي وئي ته پاڻ به ڪجهه عنايت ڪن. پاڻ پنهنجي نهٺائيءَ واري انداز ۾ فرمايائين ته اڄ آءٌ ٻاراڻي ڪندي پنهنجون چند يادگيريون ٿو پيش ڪريان، اهي هي ته پاڻ مختلف عالمي گڏجاڻين ۾ پنهنجا ويچار ونڊيا هئائون يا پيپر پڙهيا هئائون ۽ سندن انهن ڪاوشن کي خوب ساراهيو ويو هو، انهن جو مختصر طور تي ذڪر ڪيو هئائون، خدا ڪري ته سندن نالي سان صوبائي حڪومت سنڌ طرفان لطيف آباد ۾ قائم ڪيل انسٽيٽيوٽ جي ذهين ڊائريڪٽر گل محمد عمراڻي اهي محفوظ ڪيون هجن. ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر صاحب پهريون ڀيرو انهن يادگيرين جو اظهار ڪيو هو ۽ باقي ساروڻين کي اڃا به پيش ڪرڻ جي اميد ڏياري هئائون. ڪاش! اهي به پاڻ لکي ويا هجن. ان ڏينهن به 12 وڄي چڪا هئا پر ان خطري جو احساس ڪونه هو. اڃا انهيءَ آچر کي ٻه ڏينهن مس گذريا ته اربع جي ڏينهن 6 اپريل تي صبح ساجهر ئي موبائيل فون تي ايس.ايم.ايس جي آمد شروع ٿي وئي. 20 صديءَ جو عظيم عالم، اسڪالر، جڳ مشهور سنڌي پاڪستاني، ايشيائي عالمي مفڪر، مدبر سنڌي ادب جو ابو ڪلاسيڪل ادب جو شارح، سنڌي لوڪ ادب جو سرواڻ، ڪيترن ئي ادارن جو باني مباني ۽ عظيم درسگاهن جي مضبوطيءَ جو ضامن جديد سنڌي ٻوليءَ جو پارکو، لطيف سرڪار جي شخصيت، خاندان ۽ پيغام جو عظيم محافظ ۽ پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو: سَند سان ڏهن (10) جلدن ۾ ”شاهه جو رسالو“ اهڙي ته انداز ۾ پيش ڪندڙ، جو آئنده جو پارکو ۽ محقق ان جي رهنمائي کان سواءِ ذرو به اڳتي وڌي نه سگهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جو علامه آءِ.آءِ.قاضي سان گڏجي ڄام شوري جي وسيع علائقي تي پکڙيل ڪئمپس جو قائم ڪندڙ، جتي مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جيڪي پهرين ڪاليجن جي صورت ڄاوا، نپنا، وڌيا ويجهيا ۽ اڄ اهي به يونيورسٽين جي اوج تي رسيا. ڪيترائي علمي ادبي ۽ تعليمي ادارا پڻ يونيورسٽي ڪئمپس قائم ٿيڻ ڪري نه فقط اوڏانهن منتقل ٿيا بلڪه ايڏي اوج تي رسڻ بعد انهيءَ ”ڄام شورو“ نالي کي اهو اعزاز حاصل ٿيو جو پهرين ڪجهه نه هئڻ جي باوجود سِڌو سنئون ضلعي هيڊ ڪوارٽر جو ان کي نالو مليو، ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي وصيت مطابق پنهنجي مربي علامه آءِ.آءِ.قاضي جي ڀرسان مدفون ٿيڻ جي آرزو پڻ ماڻي ويو. ڪيتريون ئي سياسي ۽ سماجي توڙي علمي ادبي شخصيتون اسان جي سامڀر ۾ وصل جو پيالو پِي پنهنجي حقيقي رب سان وڃي مليون آهن پر ڊاڪٽر صاحب، الله کيس جنت الفردوس ۾ پنهنجي محبوب ۽ ڊاڪٽر صاحب جي محبوب حضور پاڪ ﷺ جي ٽولي ۾ شامل شريڪ ۽ رکي، جنهن جي نقشِ قدم تي هلندي پاڻ ساري عمر جاکوڙي، ويل مَ ويٺو، جهد مسلسل جاري رکيو. ”تن ۾ تؤنس پرينءَ جي“ رکي، هر اهو ڪم ڪيو، جيڪو ٻين جي ڪرڻ لاءِ ممڪن نه هو، ”تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي“، تي هميشه گامزن رهيو ۽ ”تون ڪا ڪاني پاءِ، ونين ۾ وصال جي“ تي عملي پيرا رهندي اهو ڪي ڪيو جو قيامت تائين سنڌ توڙي هند ۽ دنيا وارن لاءِ هڪ بي مثال علم ۽ عمل جا نشانبر رهندڙ ڪارناما هوندا. سڀ کان پهرين مون ئي سنه 2 هزار جي 14 جنوري تي حيدرآباد جي نذرٿ گرلس ڪاليج جي آڊيٽوريم ۾ سڄو ڏينهن رس رهاڻ ساڻن ملهائي هئي ۽ سندن عظيم خدمتن کي علمي ادبي طور تي 24 تي حصن ۾ ورهائي هر موضوع تي الڳ الڳ اسڪالرن کان مقالا لکرائي ۽ پيش ڪرايا هئا. اهو ڏينهن سخت سرديءَ جو هو، هال جا در دريون سڀ بند هئا ۽ هي علمي ڪانفرنس مسلسل ساڍا اٺ ڪلاڪ جاري رهي هئي. منجهند جو 12 وڳي شروع ٿيندڙ رات جو ساڍي 8 وڳي پوري ٿي هئي. اهو جنوري جو سڄو مهينو سنڌي اردو اخبارن ۾ فقط ڊاڪٽر بلوچ ئي مضمونن ۾ نظر اچي رهيو هو. افسوس جو اهو سڀ مواد اخبارن ڏي هليو ويو ۽ ڪتابي صورت ماڻي نه سگهيو. پر شابس آهي محمد عثمان منگي صاحب کي، جنهن منهنجي اها حسرت ۽ ناڪامي ڪاميابيءَ ۾ بدلي ڊاڪٽر صاحب سان نه فقط وري وري نشستون قائم ڪيون پر سڀ مواد ٽن جلدن ۾ ڇپڻ کان پوءِ ٻيو به ڪيتروئي مواد ٻين ڪتابن ۾ آڻي هن سنڌ جي شيڪسپيئر (ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان) محفوظ ڪيو آهي.

مون کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته جڏهن 1966ع ۾ رهبر ڊائجسٽ جاري ڪيو هئم ته ڊاڪٽر صاحب سان اولڊ ڪئمپس جي ڊڪشنري ۾ ساڻس برابر ملندو ۽ سندن دعائون ۽ حوصله افزائي وصول ڪندو رهيس. 1979ع ۾ لاڙ ۽ ٿرپارڪر جي علائقن جا ماهوار ”نئين زندگيءَ“ لاءِ فوٽو گرافڪ ٽوئر ڪيم ته سندن چاهت مطابق اتان جي چوپائي مال تي لڳل سڃاڻپ وارن ڏنڀن جا فوٽو به ورتم. اهو ڪهڙو هنڌ ۽ ماڳ يا دڙو/ ڀڙو هو، جتي محمد سومار شيخ ۽ معمور يوسفاڻي، عزيز جعفراڻي يا ولي سروري سان گهمندي ڊاڪٽر صاحب جو ذڪر يا سندن لوڪ ادب ۽ تاريخ جي ڪتابن جو ذڪر نه ٿيو هجي! ڊاڪٽر صاحب اهڙي ته ڏاهپ ۽ تخليق سان اهو سڄو مواد سهيڙيو، سموهيو ۽ تحقيق سان پيش ڪيو آهي جو اڄ جو ترقي پسند اٿيسٽ ان مان بيزار آهي، چوي ٿو ”اسين ته سنڌ جي تاريخ مان ڦاسجي ويا آهيون“ ۽ انهن جو وري ڪو وڏو هيئن ٿو چوي ته ”سنڌ جي سڄي تاريخ ڪوڙ ئي ڪوڙ تي ٻڌل آهي“. ڪيڏا ته مجبور ۽ محدود ٿي ويا آهن اهي ماڻهو، جيڪي لطيف سائين ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي پيغام کان به وانجهيل آهن ۽ اخبارون ۽ رسالا ته پنهنجا ڪيائون ۽ ڪڍيائون پر هر طرف کان اهي محدود ۽ مجبور آهن، عوام کي ڪيئن ٿا اعتماد ۾ وٺي اڳتي وڌي سگهن. هاڻي جو عوام اهو اڻ پڙهيل ۽ جاهل عوام ڪونهي. ڊاڪٽر صاحب جي لوڪ ادب ۽ تاريخ کي پڙهي، ساڻن لاتعداد علمي ادبي ڪچهريون ڪري اهو ڪجهه حاصل ڪري چڪو آهي جو مون کي يقين آهي ته اتان جو عوام سندن ڳچي ۾ پئجي ويندو ۽ جان ڇڏائڻ مشڪل ٿي پوندن. ڊاڪٽر صاحب ماٺ ميٺ ۾ قرب ڪچهريون ڪرڻ جو ڪوڏيو هو. اوچتو نڪري ويندو هو ۽ ڪچهري واري هنڌ الائي ڪٿان ڪٿان جا ڊاڪٽر صاحب جا عاشق اچي پهچندا هئا. ڊاڪٽر صاحب جي ڪنهن به ڪچهريءَ کي سنڌ، ادب، تاريخ، شخصيت ۽ تهذيب و ثقافت کان ٻاهر نه ڏٺو ويو هوندو. ويندي مختلف ذاتين ۽ سگهڙن جي باري ۾ پاڻ مطالعو ڪرڻ بعد ڪچهرين ۾ سگهڙن کان ڏور، بيت، واين ۽ ڪافين توڙي ڏِٺن مان پنهنجو مقصد ڪڍي ڪتابن جا پيٽ ڀريندو رهيو.  هن کان اڳي مون جيڪڏهن کين ”سنڌي ثقافت، تاريخ ۽ لوڪ ادب جي يونيورسٽي“ چيو آهي ته اهو بي جا نه آهي پر ان ۾ اهو به اضافو ڪندس ته پاڻ هلندڙ گهمندڙ يونيورسٽي هو. پاڻ ڪئين ڀيرا مون سان گڏ عمرڪوٽ طرف هليو. ڊاڪٽر اسد جمال پلي جنهن لاءِ هو بديع الجمال جو نالو وڏي پاٻوهه مان وٺندو هو يا لطف علي پلي يا عبدالواحد عاصي هڪڙو وٽ جيڪي ڪچهريون ڪيون، اهي سڀ يا ته پلي ذات بابت هيون يا ڪن ٻين ذاتين تي ٿيون، خدا ڪري ته ڊاڪٽر صاحب جي اها تحقيق جيڪا يقيناً مڪمل ته ڪانه ٿي هوندي، ڇاڪاڻ ته پاڻ به اڃا ڪچهريون ڪرڻ جو اظهار ڪري چڪو هو، پر اهو يقين اٿم ته جيترو ڪجهه لکيو هوندائين، اهو به قابلِ قدر هوندو. ڊاڪٽر صاحب جون اهي قرب ڪچهريون 60 سالن کان مٿي جي عرصي تي ان لاءِ مشتمل چوندس، ڇاڪاڻ ته سندن پهريون ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ جيڪو پاڪستان جي قيام جي وقت منظر عام تي آيو هو، هڪ ڀيري 70 جي ڏهاڪي ۾ جڏهن بلوچستان جي شهر لاکرا ويو هئس ته اتان جي ڪن بلوچن مون کان پڇيو ته ڊاڪٽر صاحب وري ڪڏهن ايندو! واهه ڊاڪٽر صاحب واهه، تو واقعي بلوچ هجڻ جو بهترين ثبوت اهو ڏنو جو سڀ کان پهرين هيءُ ڪتاب لکيو ۽ بلوچستان جو دورو ڪيو هو. ڊاڪٽر صاحب جا تعلقات هر ننڍي وڏي شهر، ڳوٺ ۽ واهڻ جي عام ۽ خاص ماڻهن سان رهيا. سندس حافظو به ڀلا جو هو. ساڻن جڏهن ڪي نوجوان، ٻار ٻڍڙا اچي ملندا هئا ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن ۽ مامن چاچن جو حوالو ڏيندا هئا، ته پاڻ يڪدم سڃاڻي وٺندا هئا ۽ پوءِ انهن جي خاندان بابت مختلف ماڻهن بابت سوال ڪندا هئا. انهن جي فن، فڪر ۽ سگهڙائپ بابت تعريف ڪندا هئا. حضرت شاهه عبداللطيف اگر سنڌ جي عام ڪسب وارن کي پنهنجي لافاني ڪلام ۾ محفوظ ڪيو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهن جي ڪسب ڪمال کي اڃا به وڌيڪ اجاگر ڪيو. نتيجو هيءُ نڪتو ته مختلف قرب ڪچهرين ۾ اڪثر ماڻهو پنهنجي پنهنجي خاندان بابت پڇندا ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. واهه ڙي منهنجا محب مٺا سنڌي ادب، ثقافت ۽ سماج جا خادم، تنهنجو لقب ته ”مخدوم ادب“ سونهين ٿو. يونيورسٽي علم و ادب ”معمار ادارن علم و ادب“ يا ”درسگاهه علم و ادب، تاريخ ۽ ثقافت“ جيڪي ڪجهه به چئجي ۽ لکجي، اهو سڀ تنهنجي حيثيت ۽ اهميت کان گهٽ ۽ اڻپورا لقب آهن، تون اهو عالم، اديب ۽ اسڪالر آهين، جنهن سنڌ کان ٻاهر رهندي اسلام آباد يونيورسٽي جو بنياد مضبوط ڪيو، هجره ڪائونسل اسلام آباد کان علاوه لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ علمي ادبي ادارن ۾ فعال ۽ ڪامياب ڪردار ادا ڪيو. سنڌ ۾ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي ۽ سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ کان علاوه سنڌ عجائب گهر، علامه دائودپوٽه لائبريري ۽ ٻين شهرن جي ثقافتي ۽ تاريخي ادارن کي پنهنجن قيمتي مشورن سان مضبوط ڪيو، شاهه لطف الله قادري، لطيف سرڪار، قلندر لعل شهباز، سچل سرمست، شاهه عبدالڪريم، مصري شاهه، فقير نواب ولي محمد ۽ ٻين ڪيترن ڪلاسيڪل شاعرن تي ڪتاب يا مضمون اهڙي ته انداز ۾ لکيا جو تحقيق جا عظيم دروازا کلي ويا، اساسي شاعرن، دانشورن، اديبن ۽ مؤرخن کان علاوه، ديبل بندر، رني ڪوٽ ۽ موئن جو دڙي کان وٺي ننڍن وڏن دڙن ۽ ڀڙن تي سڄو مواد سموهي سنڌ کي تاريخي طور اجاگر ڪيو. هن موقعي تي ڪجهه اهي ڳالهيون به ظاهر ڪندس جن جو فقط مون کي ئي علم آهي، اُهي هي ته خاموش طبع ۽ ڇنڊي ڦوڪي هڪ هڪ لفظ توري تڪي ڳالهائڻ واري ادبي هنر جو مالڪ، هزارين تقريبات ۽ سيمينارن جي صدارت ڪندڙ يا مهمان خاص رهندڙ ۽ خصوصي نوٽ سان وڏين وڏين ملڪي ۽ غير ملڪي ڪانفرنسن ۾ پنهنجي خيالات جو اظهار ڪندڙ، ڪڏهن به مٿن تنقيد ڪندڙن يا اجاين سوالن اٿاريندڙن کي جواب نه ڏيندڙ اهو ادبي امام هو جيڪو سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي ۽ عربي علوم ۽ زبانن مان استفادو ڪندڙ هو، جنهن کي امام ابن تيميه، يا امام غزالي يا شاهه ولي الله يا وقت جو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو، هو پنهنجي دور جو علامه هو. هيءُ پهريون مخدوم پروفيسر اڊمريٽس ڊاڪٽر علامه نبي بخش خان بلوچ هو جنهن جي حياتيءَ ۾ ئي سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس ۾ موجود ماڊل اسڪول ۾ سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ جي هال کي سندن عظيم نالي سان منسوب ڪيل آهي. پر اتي بس نه ٿيندي، اڃا سندن نالي سان چيئر قائم ڪرڻ، سنڌ يونيورسٽي جي نئين ڪئمپس جي ڪنهن ڊپارٽمينٽ ۽ ڪنهن روڊ ۽ حيدرآباد توڙي سانگهڙ جي شهرن ۾ روڊن ۽ بلڊنگن جا نالا عنقريب رکيا ويندا.

هتي اهو ذڪر ڪرڻ مقصود آهي ته هڪ سفر ۾ جڏهن آءٌ ساڻن گڏ پير جهنڊي (نئين سعيد آباد) ڪنهن عربي ڪتاب جي ڳولا ۾ وڃي رهيو هئس ته کانئن پڇيو هئم: سائين! اوهان سنڌ ۽ پاڪستان جي سڀني درگاهن تي ويندا رهيا آهيو. موجوده دور ۾ اوهان کي ڪهڙو سجاده نشين هر طرح سان بهترين لڳي ٿو.

پاڻ بنا هٻڪ ۽ اٽڪ جي وراڻيو هئائين ”پير سائين پاڳارو، هو پنهنجيٰ فڪر، فهم ۽ ادراڪ ۾ لاثاني آهي.“

باوجود انهيءَ جي ته ڊاڪٽر صاحب ۽ سندن خاندان پاڳاره خاندان جو مريد آهي پر اهو جواب مون کي سندن حقيقت پسنديءَ ۾ نظر آيو.

جڏهن ڪڏهن دل جون ڳالهيون ڪندو هو، هڪ ڀيري ٻڌايائين ته فلاڻو ڪتاب... سنڌ جي فلاڻي اسڪالر... کي ڏسڻ لاءِ ڏنو هئم، هن اهو ڪتاب پنهنجي نالي سان ڇپرائي ڇڏيو. هڪ ڀيري عرض ڪيم ته
شاهه لطيف جو اهو رسالو جيڪو سر سهڻيءَ سان شروع ٿئي ٿو، ان جي هڪڙي ڪاپي انڊين لائبريري لنڊن ۾ ٻي هتي فقط مون وٽ هئي. اهو قديم قلمي رسالو مٽيارين جي ڪنهن لائبريري جو هو، مون منصوره لائبريري کي ڊونيٽ ڪيو هو. ڪو زمانو هو جو توهان اهو رسالو ڏسڻ ۽ پڙهڻ لاءِ اتي ڏيپرن ۾ آيا هئا ۽ پروفيسر محمد سليم ميمڻ جي گهر جي ٻاهران هڪ کٽ تي ويٺي ۽ مطالعو ڪندي مون توهان کي ڏٺو هو، بعد ۾ توهان اهو رسالو وڌيڪ مطالعي لاءِ اتان وٺي آيا هئا. منهنجو نالو ان تي لکيل به هو پر توهان پنهنجي ڏهن جلدن واري ”شاهه جو رسالو“ ۾ اهو ”منصوره وارو رسالو“ لکيو آهي. توهان ڪٿي ڪنهن به هنڌ منهنجو ذڪر ڪريو ها ته مون کي خوشي ٿئي ها. بهرحال اهو رسالو واپس منصوره لائبريري کي نه پهچڻ جو سبب اهو ٻڌايائون ته کانئن ڪير کڻي ويو آهي. پاڻ اهو نالو... به مون کي ٻڌايائون پر ظاهر نه ڪرڻ جو چيائون، فقط معلومات رکڻ جو تاڪيد ڪيائون.

ڊاڪٽر صاحب جهڙو ماڻهو ڪن ماڻهن کان سخت ناراض هوندي به ان جو اظهار نه ڪندو هو، پر مون کي معلوم آهي ته اهي هڪ ٻه ماڻهو ڪير هئا، يا آهن جن ذهني طور تي کين سخت تڪليف ڏني هئي، پر بعد ۾ مون اهو به ڏٺو ته پاڻ انهن سان ڪڏهن به ناراضگيءَ وارو انداز اختيار نه ڪيائون.

افسوس جو سڄي عمر صبح شام تڪڙو تڪڙو واڪ ڪندڙ انسان پڇاڙي واري عمر ۾ گوڏن جي تڪليف کان سخت پريشان هو. ان کان پهرين هڪ ڀيري لاهور جي ٽن ڏينهن واري سيمينار ۾ هوٽل فيليٽيز ۾ رهيل هئاسين، پاڻ مهمانن لاءِ آيل بس ۾ ويهڻ بدران پنڌ جناح هال ڏانهن ايڏو ته تڪڙو هلندو هو جو آءٌ سندن پويان ڊوڙندو ويندو هئس. ڪو وقت مون به سندن علاج حڪيم عبداللطيف غوري کان ڪرايو هو. پر فائدو نه پهتو، پر پاڻ ان جو شڪريو به ادا ڪيائين. هو ڪارٽيزون کان سخت اِلرجڪ هو، ”ڇا سڄي عمر ان تي هلڻو پوندو!“ ۽ آءٌ سوچيندو هئس ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي اڃا ڪيتري عمر سمجهي ٿو. آخري ڏينهن ۾ گهر ۾ اهي لفظ ضرور ورجايائون ته مون جيترو ڪم ڪيو آهي ۽ جيڪي سوچيو هئم، اهو 99 سيڪڙو ڪري چڪو آهيان، هاڻي آءٌ مطمئن آهيان، جيڪڏهن آخري سفر تي روانو ٿيس ته مون کي ڪنهن ڳالهه جو فڪر يا رنج نه هوندو.

سندن لاءِ پنهنجا اهي شعر جيڪي مون سندن وفات کان ٻه ڏينهن اڳ پير آفتاب شاهه جي جاءِ تي ورجايا هئا، انهن کي تڏهن به پسند ڪيو ويو ۽ اڄ به اهي ڀرپور طور تي سندن زندگيءَ جي عڪاسي ڪندڙ آهن:

تو عظمت جا مينار جيڪي بڻايا،
نبي بخش تنهنجا سي تحفا ئي آهن،
سدا جڳ ۾ مشهور رهندين تون سائين،
ادب جي دنيا ۾ سي مڃتا ئي آهن.
                           ----

نبي بخش اسان جو تون سرواڻ آهين،
ادب جي ته کيتر جي سرهاڻ آهين،
اها روشني ئي سچي رهبري آ،
تون سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ آهين!

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جون قيام پاڪستان ۾ پڻ وڏيون خدمتون هيون. پاڻ ان وقت نوشهروفيروز جي مدرسي کان وٺي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جو شاگرد رهڻ، رياست حيدرآباد کان علي ڳڙهه يونيورسٽي تائين ذهين شاگرد هئڻ سان گڏ خاڪسار تحريڪ جو اهم آرگنائيزر رهندي سنڌ ۾ ان کي عام ڪيو ۽ آمريڪا جي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ. ڊي ڪندي اتي برصغير تي ٿيندڙ مذاڪرن ۾ قائد اعظم ۽ مسلمانن جي مؤقف کي پيش ڪندڙ، پاڪستان جي قائم ٿيڻ بعد اتي پهريون جشن آزادي 14 آگسٽ 1947ع تي ملهايو جيڪو دنيا م هڪ رڪارڊ آهي ۽ اتان مهاجرن جي لاءِ ڪپڙا ۽ چندو گڏ ڪري پاڪستان موڪليندو رهيو. سڀ کان وڌيڪ ته مهاجر ڀائرن کي سندن تعزيتي ڪانفرنسون ڪرڻ گهرجن، جن جي لاءِ هن مجاهد مرد غازي هِن ننڍي کنڊ جي هُن پار سندن لاءِ لافاني خدمتون سر انجام ڏنيون هيون، تڏهن ته سندن اوچتي وفات تي منهنجي اندر مان جيڪي اڌما نڪتا ۽ موبائيل تي احباب کي موڪليم، اهي آهن:

6 اپريل تي سندن لاءِ هڪ شعر چيم:

هڪ وقت جو مدبر، سنڌي ادب جو خادم،
هڪڙي صدي جو عابد، ويو موڪلائي جڳ کان.

ٻيو شعر به دل تي تري آيو، چيم:

مادر تون علم جي ڏس، تنهنجو ئي هڪڙو ”عابد“

مدفون تنهنجي هنج ۾ ڊاڪٽر بلوچ ٿي ويو!

اڃا اتي بس نه ٿي 15 اپريل تي وري به هڪ شعر سندن لاءِ اندر مان نڪتو:

حسن جو حبيب، ڪنهن ۾ نه ڏسان ڪٿ،
عابد ڇڏي ويو سٿ، ڪامل هو جو قرب جو.

هڪ ٻيو به بيت سندن نذر ڪيم:

ڪونه ٿيندو ڪو بلوچ، هوت هيو لک برابر،
سُرهي هيس سوچ، ”عابد“ پيا خوشبو وٺن.

سبحان الله، سڄي سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺن ۾ سندن لاءِ تعزيتي ميڙاڪا برابر جاري آهن. پوري ملڪ ۾ پڻ اهو سلسلو قائم آهي. 14 اپريل تي غالب سنڌ فيض بخشاپوري جي قومي ادبي ڪانفرنس ۽ ڪل پاڪستان اردو سنڌي مشاعرو ڊاڪٽر بلوچ هال سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ ۾ ٿيو هو، اتي به اڪثر شاعرن ڊاڪٽر صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪيو. سچ هيءُ آهي ته ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جي هر گهر جو هڪ ڀاتي هو، جنهن سان هر فرد پيار ڪيو ٿي ۽ ڪندو رهندو. منهنجو ذهن ته اڃا ئي اهو قبول نٿو ڪري ته ڊاڪٽر صاحب اسان کان وڇڙي ويو آهي. آءٌ ته ائين ٿو سمجهان ته هاڻي ئي فون ڪندس، ته فرمائيندو فلاڻي ٽائيم تي اچ يا پاڻ فون ڪندو ته ڪيڏانهن هلون، گهڻو وقت ٿي ويو آهي.

پر سچ پچ ته پاڻ موڪلائي ويو آهي. سندن خاندان جو ڪوبه فرد ساڻن ائين فري نه ڳالهائي سگهندو هو جيڪو ۽ جيترو آءٌ حجت سان ساڻن گفتگو ڪندو هئس. پاڻ هر سال فقير نواب ولي محمد لغاري جي ميلي ”چوٿين“ رمضان جي نسبت سان پنجين تاريخ صبح جو 10 وڳي مون سان تاجپور هلندو ۽ محفلِ سماع ٻڌندو ۽ ڪن راڳين تي فرمائشون رکندو هو. چوندو هو ته سنڌ ۾ هاڻي صوفياڻو راڳ فقط فقير صاحب ۽ محمد فقير جي درگاهه تي ئي ٿئي ٿو.


(1)  رسيلا رنگ (ابياض 2) از؛ ڊاڪٽر عابد لغاري ص؛ 182.

(2)  سنڌ يونيورسٽي علامه آءِ.آءِ.قاضي جي مقبري ڀرسان ڊاڪٽر بلوچ جي آخري آرامگاهه جوڙي وئي. اها سندن وصيت پڻ هئي. (راقم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com