نفيس احمد شيخ
يتيم تي رب جي خصوصي رحمت!
(ڊاڪٽر بلوچ جي ياد ۾)
جڳ مشهور هاڪارو محقق ۽ تاريخدان
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ نفيس احمد
شيخ
”انٽرنئشنل ڪانفرنس آف رائيٽرس
ائنڊ انٽيليڪچوئلس“ (پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس
اسلام آباد)
(ڊسمبر 1995ع)
چوندا آهن ته يتيم تي رب جي خصوصي رحمت هوندي آهي.
اسان جي نبي سڳوري ﷺ کي ننڍپڻ ۾ ئي قدرت طرفان
يتيميءَ جو ذائقو چکڻو پيو. دين ڪامل جي پيغمبر
عاليجناب کي ”نبي آخر زمان“ جو اعليٰ ترين اعزاز
عطا ٿيو.
اسان وٽ سنڌي ادب ۾ جڳ مشهور هاڪاري محقق ۽
تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پاڻ پنهنجن لفظن
۾ پنهنجي يتيميءَ ۽ غُربت جي اذيت جو تذڪرو لکيو
آهي. خدا جا شان آهن جو الله پاڪ پنهنجي خصوصي
رحمت سان ڊاڪٽر صاحب تي دنيا جهان جي سمورن علمي
خزانن جا در اُپٽي ڇڏيا ۽ سڄي ڄمار مٿس علم ۽ فضل،
تاريخ ۽ تحقيق جا ڪيئي وڏڦُڙا وُٺا ۽ سندس وصال
تائين الحمد الله وَسندا ئي رهيا.
ان خصوصي رحمت جي ثابتي انهن چند نُڪتن ۾ وڌيڪ
واضح ٿئي ٿي، جو هڪ طرف کيس جهوناڳڙهه ۽ علي ڳڙهه
جي باوقار ادارن ۾ ”امتيازي حيثيت“ سان اعليٰ
تعليم جي فراهميءَ سان گڏ فقط ”سنڌ“ نه، پر پوري
”پاڪستان“ ۾ ”تعليم“ جي موضوع تي ”پهرئين ڊاڪٽر“
(48-1947ع) هجڻ جو اعزاز حاصل رهيو، ته ٻئي طرف
کيس بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽيءَ جي ”باني
وائيس چانسلر“ جي نهايت ئي فخر لائق منصب تي متڪمن
رهڻ جو شرف حاصل ٿيو. ڊاڪٽر صاحب هڪ طرف پنهنجي
اڪيچار ۽ گوناگون معياري تحقيقات جي قابل ناز
حوالي سان اهلِ سنڌ وٽ بجا طور تي ”قليچ ثاني“
قرار ڏنو ويو آهي، ته ٻئي طرف عالمي ليول تي بين
الاقوامي ڪانگريسن ۾، هڪ زماني کان وٺي هن سنڌي
سپوت جي ڪُرسيءَ جي سجاوٽ هميشه محققن جي ”اولين
قطار“ ۾ پئي رهي آهي. هڪ طرف هڪ طويل عرصي کان وٺي
مشرق ۽ مغرب جي سمورن تحقيقي ۽ ثقافتي مرڪزن ۾
سندس قابل احترام نالو ”سنڌ جي سڃاڻپ“ طور تابنده
پئي رهيو آهي ته ٻئي طرف سندس مثالي ۽ منفرد علمي
۽ تعليمي خدمتن جي حوالي سان خود پاڪستان جي
تعليمي وقار ۾ واڌارو ٿيو آهي.
اهو به سوچڻ جو نُڪتو آهي ته ڇهن مهينن جي ڪچڙيءَ
وَهيءَ ۾ يتيمي ۽ ان سان گڏ خاندان ۾ معاشي طرح
سان غُربت جي باوجود ڊاڪٽر صاحب جو پنهنجو اُهو
ڪهڙو عمل ۽ اصول هو، جيڪو سندس ”لاثاني علمي عظمت“
جو بنياد بڻيو؟ ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جون ڪيئي
وڻندڙ وَرنديون سندس مختلف انٽرويوئن ۾ شايع ٿي
چڪيون آهن، ۽ ڊاڪٽر صاحب جي ديرينه عقيدتمند جي
حيثيت ۾ هڪ نُڪتو بيان ڪندي مون کي ذاتي طرح سان
عزت محسوس ٿي رهي آهي:
”محنت ۽ مسلسل محنت… اڻٿڪ ۽ بي لوث محنت... ۽ ان
سان گڏ سمورن منفي خرافات کان مڪمل پرهيز... هر
وقت نهايت سنجيدگيءَ سان خالص علمي ڪم....“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا سمورا ڪتاب ڄڻ موتي ۽ جواهر
آهن، پر ڪتاب ”اسان جو ڳوٺ- جعفر خان لغاري“ ڄڻ هڪ
املهه ڪوهه نور هيرو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب
پنهنجي ڳوٺ، راڄ ۽ خاندان جا پيرائتا احوال قلمبند
ڪيا آهن. ان ڪتاب ۾ سندس آتم ڪهاڻيءَ جا به ڪيئي
پهلو اچي وڃن ٿا، جن ۾ پنهنجي جنم ۽ ٻاروتڻ جا
ڪجهه مذڪور نهايت دلچسپ پيرايي ۾ لکيا آهن. اها هڪ
وڏي تاريخدان ۽ وڏي ماڻهوءَ جي ”وڏائي“ جي صاف
ثابتي آهي جو ڊاڪٽر صاحب پنهنجي يتيميءَ جو احوال
چٽائيءَ سان هيئن بيان ڪيو آهي:
”آءٌ ڇهن مهينن جو هوس، جو والد وفات ڪئي. وفات
وقت وصيت ڪئي هئائين ته منهنجي ڇوڪري کي پڙهائجو.
چئن سالن جو ٿيس ته امان مون کي قرآن شريف پڙهائڻ
شروع ڪيو. چاچي ولي محمد خان پنهنجو فرض ڪري
سمجهيو ته ڀاءُ علي محمد جي وصيت موجب مون کي
پڙهائي.“
فقط ايترو ئي نه، پر ڊاڪٽر صاحب پنهنجي يتيميءَ ۽
غربت جو برملا ذڪر هڪ خط ۾ به ڪيو آهي، جنهن جو
عڪس هت ڏجي ٿو:
اڄڪلهه اسان وٽ سنڌ جي مجموعي حالتن بابت وڏي ڳڻتي
ڇانيل آهي. ان سلسلي ۾ خاص ڪري تعليمي ادارن،
تعليمي نظام ۽ تعليمي حاصلات مان ”محنت“ جي اڻهوند
۽ مشقت کان عدم دلچسپيءَ کي هرڪو چڱيءَ طرح ڄاڻي
ٿو ۽ اُن بابت بار بار وڏي دلسوزيءَ سان پچار
به ڪري ٿو. ڊاڪٽر صاحب هميشه تعليم سان گڏ ادبي
موضوعن تي گفتگو دوران انهيءَ نُڪتي کي خاص طرح
سان ورجائيندو رهيو ته ”اسان وٽ وسيلن جي ڪمي
ڪانهي، فقط جذبي جي کوٽ آهي!“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي حياتيءَ جي احوال ۾ سنڌ جي
نئين نسل لاءِ هڪ خاص مهميز موجود آهي، جنهن موجب
ڪاهلي ۽ تن آساني کي ترڪ ڪري وڏيءَ همت ۽ حوصلي
سان ڪٺن محنت کي شعار بنائڻو آهي ۽ ائين ڪرڻ سان
ئي سنڌ جي صورتحال جي سُڌاري لاءِ خاص مدد ملي
سگهندي.
عبدالحفيظ قريشي
ڪنهن ڏاڍي ڪيف ڪڪوريا!
(ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ياد ۾)
16- ڊسمبر 1917ع تي ضلعي سانگهڙ جي هڪ ڳوٺ جعفر
خان لغاريءَ جي هڪ هاريءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ نبي
بخش اڳتي هلي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ عاليشان
خدمتون انجام ڏيندي، سنڌ جي علم ۽ ادب جي آسمان تي
چمڪندو، ان جي سُڌ ڪنهن کي به ڪونه هئي. هُن کي
عثمان علي انصاري، مخدوم امير احمد، آخوند
عبدالڪريم ۽ گل محمد جهڙا لائق استاد مليا. جن کيس
گهڙي هيري مثل بڻائي ڇڏيو. مرزا قليچ بيگ کان پوءِ
سنڌي ساهت کي لوڪ ادب کان وٺي ڪلاسيڪل ادب تائين،
انيڪ ڦول مالهائن جيان جوڙي نروار ڪرڻ وارو هيءُ
سنڌ جو سدا ملوڪ انسان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
آهي. زندگيءَ جي آخري پل تائين پاڻ کي ۽ پنهنجي
قلم کي آرام نه ڏيندڙ اسڪالر کي چڱيءَ ريت ڄاڻ هئي
ته:
ڪَتي مٿي آئيون، ڪري تند تيارُ،
اَٽل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن پرين پارُ،
ڪاپائتيءَ قرارُ، منجهان پُوڻيءَ آئيو،
(ڀٽائي)
سڄي دنيا ۾ ڪنهن قوم جو لوڪ ادب ئي ان جي سڄي
ڪلاسيڪل ادب جو بنياد هوندو آهي. انهيءَ جي ساءُ ۽
سرهاڻ سان اُن قوم جو مزاج، سڀاءُ، ريتون، رسمون ۽
تاريخ جُڙي ٿي. ڊاڪٽر بلوچ انهيءَ قومي بقا جي
ثقافتي محاذ
(Cultural Front)
جي اهميت ۽ اُن جي فلسفي کان چڱيءَ ريت باخبر هو،
ان ڪري هُن تيزيءَ سان بدلجندڙ دنيا ۾ پنهنجي
انهيءَ اباڻيءَ موڙي ۽ ورثي جي سارسنڀال لهڻ ۽ ان
کي ٿانيڪو ڪرڻ جو کيس وڏو اُونو رهندو هو. سنڌي
سماج جو هيءُ وڏو وينجهار هو. هو پاڻ کي ساهت کيتر
جو پورهيت (خادم) ئي سڏائيندو ۽ لکندو هو، جڏهن ته
هيءُ جاکوڙي، سنڌ جي ساهت واري کاهوڙڪي کير ۾ وڏو
وينجهار ۽ پاڻيٺ (آبدار موتين)
جو پارکو هو.
دنيا جي ادب جي تاريخ پڙهندي مون کي هو اڻويهين
صديءَ جي جرمن ٻوليائي ڄاڻڪ
(Linguistic)
جيڪب گرم
(Jacob Girmm)
(1867ع- 1795ع) جهڙو نظر آيو.
جيڪب گرم سن 1816ع ۾ جڏهن قانون جو ڊگري حاصل ڪري
ورتي ته سندس استاد سيويني
(Sewanee)
کيس پيرس ڏانهن سڏائي ورتو، جيئن
هُو جرمنيءَ جي قانون واري تاريخ تي تحقيقي ڪم ڪري
سگهجي جرمنيءَ جي قديم قلمي ذخيري جو مطالعو ڪندي،
کيس جرمن ٻوليءَ جي وچئين دور شعري ذخيري کان
واقفيت حاصل ٿي، اڳتي هلي هُن پنهنجي ڀاءُ ولهم
گرم
(Wilham Girmm)
کي پاڻ سان شامل ڪري قديم ثقافتي
علم ۽ ادب تي
ڪم شروع ڪيو، هنن ٻنهي گڏجي ٽن سالن ۾ (1818ع-
1816ع) ۾ جرمن جنگي شاعريءَ
(Epic)
کي ڪٺو ڪري ان جو تجزيو ڪيو، هنن ٻنهي ڀائرن گڏجي
لوڪ ڪهاڻين کي گڏ ڪيو، جيڪو چئن سالن (1816ع-
1812ع) ۾ ڇپجي نروار ٿيون. هنن لوڪ ادب کي نه رڳو
سهيڙيو پر ان علمي حيثيت کي به نروار ڪيو. هنن
ڀائرن کان پهرين ڪو به اڻ لکيل ۽ سيني به سيني سفر
ڪندڙ لوڪ ادبي روايتن، ڪهاڻين، گيتن ۽ ڏند ڪٿائن ۽
ٻاراڻين ڪهاڻين ۽ گيتن تي ڌيان نه ڌريندو هو. ان
ريت هنن کي جرمن لوڪ ادب جو هڪ وڏو ذخيرو هٿ آيو.
ساڳيءَ ريت جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ علي ڳڙهه
مان قانون جي
ڊگري (1943ع) پاس ڪري ۽ ڪولمبيا
يونيورسٽي مان ڊاڪٽر آف ايڊيوڪيشن جي ڊگري سال
1949ع ۾ وٺي واپس سنڌ پهتو ته سائين جي.ايم.سيد
کانئن حال احوال معلوم ڪري کين وٺي پنهنجي واهڻ سن
آيو، سنڌو درياء واري وڏي بنگلي تي اچي رهايو، جتي
هُن سائين جي.ايم.سيد جي صلاح تي سنڌي لغت جوڙڻ
وارو ڪم شروع ڪيو. انهيءَ دور جي ٻڌايل ساروڻين ۾
ڊاڪٽر بلوچ هڪ ڀيرو ٻڌايو ته: ”مون سائين
جي.ايم.سيد کي چيو: هاڻ اکر ’ٻ‘ جو ڪم شروع ٿيو
آهي، ان ڪري منڇر تي هلي، مير بحرن کان ٻيڙي،
ٻيڙيءَ جي قسمن ۽ ان جي حصن ۽ ڀاڱن جا نالا معلوم
ڪجن.“ ٻئي ڏينهن سنڌ جا هي ٻئي اڪابر ماڻهو گڏجي
منڇر تي پهتا، جتي وڏو بندوبست ٿيل هو. ان ريت
ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي لغت جي اکرن ۾ اڙجي سون ورني
ساميءَ جي صحبت ۾ سنڌ شناس ٿي اُسريو. هن جو سنڌي
لغت جو 5 جلدي مسودي سان ٻيو لوڪ ۽ ڪلاسيڪل وکر به
وڃي تيار ٿيو. اڳتي هلي هُن سائين جي.ايم.سيد کي
لوڪ ادب جي رٿ ڏني. ان ريت هن سنڌي ادبي بورڊ ۾
1955ع ۾ سنڌي لوڪ ادب تي ڪم شروع ڪيو، جنهن ۾
ڪيترائي ڪارڪن شريڪ ٿيا، جن اڳتي هلي وڏو نالو
ڪمايو ۽ اٽڪل 42 ڪتاب وجود ۾ آندا، جيڪي سنڌي ساهت
جي عظيم الشان اُتهاس جي پيڙهه آهن.
جيڪب گرم جيان ئي هُن قديم قلمي ذخيري جي ڳولا
ڦولا ڪندي سنڌي ڪلاسيڪل ادب جون ڪڙيون ڪڙين سان
ملائي، هڪ اهڙي ڦول مالها جوڙي، جنهن جا ٿورا سنڌ
جي ڪابه پيڙهي لاهي نه سگهندي. هُن قاضي قادن،
شاهه لطف الله قادري، ميون شاهه عنات، حمل فقير،
خليفو نبي بخش خان لغاري جي ڪلام سهيڙڻ کان علاوه
سنڌ جي ادبي ۽ قومي تاريخ کان علاوه انگريزي،
اردو، فارسي، عربيءَ ۾ سندن لکيل، مرتب ۽ تحقيق
ڪيل ڪتاب ۽ مضمونن جو انگ تمام وڏو آهي. ان کان
علاوه ”رهاڻ هيرن کاڻ“ جا 10 جلد ۽ آخر ۾ لطيف
سائين تي 10 جلدن ۾ هڪ وڏو تحقيقي ڪم ڪري، سڄي سنڌ
جي عالمن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. هن جو هڪ وڏو ۽ اهم
قومي ڪم ”سنڌو سنبت“
(Indus Calendar)
تي ٿيل آهي، اهو سنڌو سنبت راءِ ۽ برهمڻ دور ۾
مروج هو. ان جي بحالي (اِجراء) سنڌ جي اساسي حقن
جي بحاليءَ جي برابر آهي.
ڊاڪٽر بلوچ
صاحب
هڪ گهڻ رُخي شخصيت هو. هُن ڀٽائيءَ وانگر سڄي سنڌ
کي گهمي ڦري ان جو ساءُ محسوس ڪيو. سنڌ ۽ سنڌ کان
ٻاهر جتي به هن کي سُڌ پئي ته ڪو عالم، ڪو سگهڙ
موجود آهي، هي شخص ان سان پاڻ هلي ملي وڃي مليو ۽
جي کيس پروپيو ته ڪٿي ڪو قلمي ڪتاب، ڪو پنو، ڪو
پرزو سنڌي ساهت جي آڳاٽي لوڪ ۽ ڪلاسيڪل اتهاس جو
موجود آهي. هن ڏوراهان پنڌ ڪري اُتي وڃي انهن قلمي
مخطوطن جو اڀياس ڪيو ۽ ان کي ڪنهن نه ڪنهن لڙيءَ ۾
پوئي هڪ نئين مالها جوڙي ورتي. ويجهڙائي واري دور
۾ جڏهن هن ”جامع الڪلام في منافع الانام“ سنڌي
ادبي بورڊ مان ڇپرايو، تڏهن ان جو سنڌي ترجمو مون
پنهنجي ڀاڻيجي خاور جيلانيءَ کان ڪرايو، مون جهڙي
ناسمجهه موجب: ”هيءُ مغل ۽ ڪلهوڙا دور جي لکيل عام
رواجي خطن جو هڪ بيڪار مجموعو هو“، جيڪو بورڊ ۾ به
مولانا عبدالقدوس پاران اُتارو ڪيل
(Copy)
شڪل ۾ به موجود هو، جڏهن انهن خطن
جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي، اڏوهي کاڌل خالن جو
ڀراءُ پينسل سان ڪرائي ڊاڪٽر بلوچ جي خدمت ۾ پيش
ڪيم، تڏهن ڊاڪٽر بلوچ
صاحب
ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کي ايلسا قاضيءَ ڪئمپس ۾ هڪ لٺ
تي واڪ ڪندي انهن خطن جي اهميت بابت ٻڌايائين ۽ هڪ
ڀيرو وري منهنجي ڳوٺ هالا پراڻا، اچڻ جو خيال ظاهر
ڪيائين. هو ڪنهن قديم ماهر آثار قديمه وانگر
ڦلهيار مان به ڪي املهه ساهتي شيون ڪڍي وٺندو هو.
سڄڻ ڪن سنيئون، لوڪ ليکي ونگيون،
سندي سپرين، پر پروڙڻ ڏاکڙو.
(شاهه)
جيڪب گرم جيان مُنڍ مُنڍ ۾ هُو سنڌي ٻوليءَ جي
لساني پاڙن بابت مختلف راءِ رکندي، نيٺ سنڌيءَ کي
هڪ آڳاٽي پراڪرت ٻولي
(Proto Prakart)
چوڻ واري راءِ تي پهتل ڏسجي ٿو. هو سنڌي سماج جي
ڀرپاسي وارن سماجن جي ساهتي اثر کي پُرجهي ٿو.
شايد هر لسانياتي ڄاڻڪ
(Linguistic)
پنهنجي وڃايل ۽ وکريل لسانياتي
ڪڙين جي ڳولا، پنهنجي ۽ پنهنجي ڀر پاسي وارن
لاڳاپيل سماجن ۾ ڳولي ۽ ڦولي ٿو. ان ريت ئي هو
پنهنجي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد سان انصاف ڪري سگهي ٿو.
جيڪب گرم ۽ ڊاڪٽر بلوچ ۾ ڪيترين ئي هڪجهڙاين هوندي
هڪ اهم فرق اهو به آهي ته جيڪب گرم نيٺ انهيءَ
نتيجي تي پهتو هو ته:
”ڪنهن ٻوليءَ کي گرامر جي قيد ۾ قابو ڪرڻ، هن جي
فطري وهڪري کي روڪڻ برابر ٿيندو.“
گرم انهيءَ ڳالهه کي ان خاص لسان جو زوال جو ڪارڻ
سمجهي ٿو. هو ڪنهن زبان جي گرامر جوڙڻ ۽ ڪوبه نصاب
مقرر ڪرڻ بدران، ٻوليءَ جي جيڪا فطري واڌ ويجهه
ٿئي ٿي، ان جو مشاهدو ۽ مطالعو ڪرڻ گهري پيو. جيڪب
گرم لکيو آهي ته:
”آءٌ گرامر جي منطقي تصور جي سخت خلاف آهيان،
گرامر جي منطقي تصور جي ذريعي ظاهري طرح سان
ٻوليءَ ۾ ضابطو ته پيدا ٿِي وڃي ٿو پر ان جي
مشاهدي ۽ معائني واري گُڻ جو ڪوس ٿي وڃي ٿو.“ هُو
وڌيڪ لکي ٿو ته:
”مون لاءِ مشاهدو ۽ معائنو لسانيات جو روح آهي،
جيئن ته لسانياتي ڄاڻڪ جي حيثيت ۾ منهنجي لاءِ
ٻوليءَ جو هر پل ڦرندڙ گهرندڙ عنصرن جو جائزو وٺڻ
آهي، جيڪي مهل ۽ مڪان ساڻ هردم بدلجندا رهن ٿا، ان
ڪري هڪ ٻوليءَ کان پوءِ ٻي اجنبي ٻوليءَ تي نظر
وجهڻ تمام ضروري آهي، جا اسان جي ٻوليءَ سان ڪنهن
نه ڪنهن نوع ۽ نموني وارو تعلق رکي ٿي.“
ساڳيءَ ريت ڊاڪٽر بلوچ
صاحب
سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ڄاڻوءَ جي حيثيت ۾ جڏهن شاهه
لطيف تي ڪم ڪيو تڏهن شايد سنسڪرت، فارسي، سرائڪي،
پنجابي، لهندا ۽ ٻين ٻولين جي سلسلن کي نظر ۾
رکندي هن سنڌي ٻوليءَ مان متروڪ ٿي ويل اُچارن کي
ڳولي ٻيهر مروج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ڪري هن ”سمنڊ“
کي ”سمنڊر“ ڪري لکيو. اهڙي ڪوشش جو بهتر انداز ۾
عوام، ليکڪن ۽ اڪابرن وٽ مقبول ٿيڻ تڏهن ممڪن هو،
جڏهن پهرين ان جي اُچارن جو صحيح صوتياتي تعين ڪري
ان لاءِ نوان اکر جوڙيا وڃن.
اهي لفظ لکندي سمنڊ
=
سمنڊر ۾ ڊ
=
ڊيل ۾ (R)
جو هلڪو اُچار شامل آهي بلڪل ائين جيئن
'SAMANDAR'
بدران صحيح اُچار
'SAMANDR'
آهي، جنهن ۾ ’ڊ‘ ڊيل ۾ ’ر‘
(R)
جو هلڪو گڏيل اُچار ملي ۽ اهو مَسجي ڪري ”ڊر“
بڻجي ويو آهي. پنهنجي اصلوڪن ’صوتين‘
(Phoneme)
جي بحالي ڪا اڻ سونهين ڳالهه
ناهي، دنيا ۾ ”ترڪش اڪيڊمي“ ۽ ”فرينچ اڪيڊمي“، ان
جا وڏا مثال آهن.
انگريزي |
فارسي |
سنسڪرت |
سرائڪي |
پنجابي |
سنڌي |
برَدرَ |
برادر |
ڀراهتر |
ڀراءُ |
پِراءُ |
ڀاءُ |
ڊوٽر |
دُختر |
دوهتر |
ڌيءُ |
تيءُ |
ڌيءُ |
فادر |
پدر |
پتر |
پيو |
پيوُ |
پيءُ |
مدر |
مادر |
ماتر |
امان |
مان/ماءُ |
ماءُ/امان/امڙ |
ٿري |
- |
تري |
تري |
تري |
ٽي |
انهيءَ سڄي پٽيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته جنهن آڳاٽي
سنڌو ٻوليءَ
(Proto Indus Language)
مان سنڌ- يورپي ٻوليون
(Indo European Languages)
اُسريون، انهن جي آڳاٽي اکري
پيڙهه ۾ د، ڊ، ڍ ۽ ٽ ۾ ”ر“ (R)
جو هلڪو صوتيو موجود هو ۽ اهي اکر: د
=
در، ڊ
=
ڊر، ڍ
=
ڍر، ٽ
=
ٽ، جي هڪ اهڙي گڏيل
(Allophone me)
صوتياتي شڪل ۾ هئا، اهڙي گڏيل
صوتئي
(allophoneme)
واريون شڪليون انگريز دور کان (1947ع- 1843ع) کان
پهرين هڪ کان وڌيڪ صورتن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود
هيون، اهي گڏيل صوتياتي شڪلين هڪ اکرا پد
(Syllables)
جوڙين ٿيون، جيئن انگريزيءَ ۾ ف
(Ph)
آهي. جيڪي ڪن لفظن کي ٻين لفظن کان جدا ۽ ممتاز
ڪندا هئا. انهيءَ آڳاٽي ٻن صوتين جي ميلاپ وارو يڪ
صوتيي جي روپ ۾ اڄ به لڀن ٿا ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾
استعمال ٿين ٿا. جهڙوڪ: اُتر سنڌ ۾ پُٽ کي پُٽر
چون ۽ ٻين عام مروج لفظن، ڊگهو
=
ڊرگهو، باڊهه
=
باڊرهه، ترپ جو پتو، برادري، ماتر ڀومي، ٽرنگو،
ٽرپتائي، ويندي اڄ به سرائڪي ۾ پوٽي لاءِ ”پوتري“،
ڏوهٽيءَ لاءِ ڏوهتري ڪتب آندو وڃي ٿو. اهڙن متروڪ
اکري صوتين کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاران سنڌي ڪلاسيڪل
شاعريءَ ”شاهه جي رسالي“ ۾ مروج ڪرڻ جي ڪوشش انهن
آڳاٽن ۽ اصلوڪن صوتياتي اکري بنيادن تي ٻڌل آهي.
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ به ”شاهه جي رسالي“ (1866ع) ۾
اهي اُچار انهيءَ ريت ڏنا آهن. ڪلهوڙا دور کان وٺي
سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي صوتياتي اهڃاڻ ويندي لفظ
مٽجي ويا آهن يا متروڪ ٿي ويا آهن. جهڙوڪ: لَڪ
=
چيلهه، هوانو=
افواهه، ٻهون=
گهڻو، جهڙا لفظ جيڪي هاڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ گهٽ ٿا ڪتب
اچن يا انهن لفظن جو واهپو ماڳهين ختم ٿي ويو آهي.
سنهي لڪ، نڪ سنئين، ڪجل ڀِنَنِ نيڻ.
(لطيف)
* * *
اکر ڇُٽي هيڪڙي، ٻهون جي نه ٻُجهن.
(لطيف)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاران اهڙي ڪوشش هڪ مثبت قدم آهي.
ان جو دارومدار ٻوليائي ڄاڻڪن
(Linguistics)
تي به آهي. فرينچ اڪيڊمي
(French Academy)
هر سال اهڙن متروڪ ٿيل يا
اصلوڪن لفظن جي پڌرائي ڪندي آهي، جهڙوڪ: اسٽاپ
(Stop)
لفظ ’فرينچ سرڪاري لغت‘ ۾
موجود آهي، تڏهن به اڪيڊمي ان جو بدل اصلوڪو لفظ
”ايرُغ“
(Arrot)
ڏنو، جن کي ڪيناڊا جي ”ڪيوبڪ“
صوبي ۾ آباد ٿيل فرينچ لوڪن پنهنجي فرينچ ٻوليءَ
جي بحاليءَ واري جاکوڙ ۾ ڪيو ۽ هڪ ئي رات ۾ سڄي
”ڪيوبڪ صوبي“ ۾ دڪانن ۽ ٻئي ڪاروهنوار لاءِ لکيل
بيتن ۽ تختين کي انگريزيءَ مان ڦيرائي فرينچ
ٻوليءَ ۾ ڪري ڇڏيو ويندو
(Stop)
لفظ ’ايرغ‘ لکي ڇڏيائون.
ٻوليءَ ۾ اکرن ۽ لفظن جي صوتياتي ڦيرگير ۽ مسجڻ
وارو عمل اصلوڪن وسيَل لوڪن
(Natural peoples)
مان ۽ نون وسيل لوڪن
(Naturalized Peoples)
جي ثقافتي ميلاپ
(Cultural Assimilation)
۽ ٻين سياسي ۽ ثقافتي تبديلين
جي ڪري ممڪن آهي. ان جو مطالعو پنهنجي جڳهه تي، پر
پنهنجي ٻوليءَ جي نج پڻي
(Originality)
کي برقرار رکڻ به اڻ سونهندڙ ڳالهه نه آهي. دنيا ۾
ته متروڪ ٿيل ٻوليون به بحال ٿيون آهن.
هيبريو (عبراني) ٻوليءَ کي هڪ جديد ٻوليءَ ۾ آڻڻ
واري شخصيت ’عهد بناهيدا‘ کان پهرين سڄي دنيا جي
سمورين يهودين ۾ رڳو يارنهن ماڻهو هئا، جن مذهبي
ٻوليءَ طور وڏا ٿي ڪري هيبريو (عبراني) سکي سگهيا
هئا. انهن يارهن ماڻهن ۾ سندس ماءُ ۽ پيءُ به شامل
هئا. ’عهد بناهيدا‘ پهريون ٻار هو، جنهن پنهنجي
ٻولي پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ وسيلي ٻاروتڻ کان سکي
ورتي هئي ۽ اڄ سٺ لک کان مٿي يهودي انهيءَ قديم
ٻولي ۽ ان جي لکت کي پڙهي ۽ پُرجهي سگهن ٿا. چارلس
برلز جي چوڻ موجب: بني اسرائيل جا سمورا پيغمبر
جيڪر اڄ موٽي اچن ته هو اسرائيلي ٻولي عبراني ۽ ان
جي ادب کي سولائيءَ سان پڙهي ويندا.
ڪتاب ”اباڻيون ٻوليون“ جي ليکڪ چارلس برلز
(Charles Berltz)
”ٻوليءَ جي بقا ۽ ٻوليءَ وسيلي
بقا“
(Language Survival and Survival through
Language)
واري باب ۾ قديم هيبريو (عبراني) جي بحاليءَ بابت
لکيو آهي ته:
"One of the first modern persons to become a
native speaker of ancient Hebrew was Ehud
Benyehuda, the second son of Eliezar Benyehuda,
the famous reviver of Hebrew as a spoken
language. Ehud's parents spoke to him only in
Hebrew and probably because no one his own age
spoke the language, he was slow to learn to
speak. When he finally spoke his first correct
Hebrew sentence, his father remarked to his
mother, "Now, for the first time in more than
two thousand years, Hebrew has become a natural
spoken language."
]بني
اسرائيل جو اهو پهريون ماڻهو، جنهن پنهنجي عبراني
ٻوليءَ کي هڪ ڳالهائجندڙ قومي ٻوليءَ طور بحال
ڪرايو. اهو ماڻهو عهد بناهيدا هو، جنهن قديم
عبراني ٻوليءَ کي ٻاروتڻ کان سکيو، هو ”علائزر
بناهيدا“ جو ٻيو نمبر پٽ هو، هن جا ماءُ ۽ پيءُ هن
ساڻ ڄائي ڄم کان رڳو عبرانيءَ ۾ ئي ڳالهائيندا
هئا، جڏهن ته سندس عمر جو ڪوبه يهودي ٻار عبراني
ٻولي ڳالهائي نه ڄاڻندو هو، جڏهن ننڍڙي ”عهد“
عبرانيءَ ٻوليءَ جو پهريون صحيح جملو ڳالهايو،
تڏهن سندس پيءُ رڙ ڪري هن جي ماءُ کي چيو: ”هاڻ ٻن
هزار ورهين کان پوءِ پنهنجي ٻولي قدرتي ڳالهائجندڙ
ٻولي بڻجي وئي آهي.“[
اِها ڳالهه واضح هجي ته بابل جي يهودي شهنشاهه بخت
نصر جي ’بئبلونيا واري غلاميءَ‘ (538- 586 ق.م) ۾
نڪرڻ کان پوءِ هوريان هوريان پنهنجي اصليت وڃائي
ويٺا هئا.
"Hebrew is a striking example of an ancient
language that has been successfully revived as a
modern language. The language of ancient Israel,
it fell into disuse as a spoken language as
early as the time of the Jews' return from the
Babylonian captivity, when Aramaic, a related
language, was the general language of the Middle
East. Hebrew was conserved as a written language
in religious ritual and scholarship throughout
the centuries of the Jewish dispersion
(Diaspora). When Israel was re-established as a
nation, ancient Hebrew was established as the
official national language. It thus become a
unifying force for all Jews returning to Israel,
most of whom had to learn to speak it either in
school or in military service. It was not until
the second generation of Israelis, the "Sabras"
(from a kind of pear, prickly on the outside and
sweet within), who were born in Israel, that
Hebrew truely became a national spoken language.
It is still very close to its ancient origins.
If the prophets who compiled the books of the
Old Testament could return to present-day
Israel, they would still be able to read the
Israeli daily press- not without considerable
mystification, of course, about its contents."
]اڄ
جي زماني (20هين صديءَ ۾) عبراني هڪ اهڙي ٻوليءَ
جو عاليشان مثال آهي، جيڪا هڪ جديد ٻوليءَ جي
حيثيت ۾ مڪمل ڪاميابيءَ سان اسرائيل ۾ بحال ٿي
آهي. قديم اسرائيل جي اها ٻولي، جيڪا هڪ
ڳالهائجندڙ ٻوليءَ واري حيثيت ان وقت وڃائي ويٺي،
جڏهن اسرائيلي بابل جي شهنشاهه بخت نصر واري
’بئبلونيا واري غلامي‘
(Babylonian Captivity)
مان آزاد ٿي نڪتا هئا، ان وقت آرامي ٻولي هڪ
رابطائي ٻوليءَ واري حيثيت ۾ سڄي وچ اوڀر ۾ موجود
هئي. ان زماني ۾ عبراني هڪ مذهبي ٻوليءَ طور رڳو
ڪتابن تائين محفوظ ۽ محدود ٿي وئي، جڏهن فلسطين جي
سرزمين تي بني اسرائيل ٻيهر قوم طور منظم ٿيا.
تڏهن عبراني ٻوليءَ کي هڪ سرڪاري ۽ قومي ٻوليءَ
طور مڃتا ملي. اها ٻولي سڄي دنيا کان اسرائيل
ڏانهن واپس ورندڙ سمورن يهودين کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۽
متحد ڪرن واري هڪ زبردست سگهه بڻجي وئي هنن مان
گهڻن اها ٻولي ملٽري سروس يا اسڪولن مان سکي، هاڻ
اها اسرائيل ۾ جنم وٺندڙ ”سابرس“
(Sabras)
واري نئين ٽهيءَ جي ڳالهائجندڙ قومي ٻولي بڻجي وئي
آهي. اها پنهنجي اصل کي ايترو ته ويجهو آهي جو بني
اسرائيل جا تمام پيغمبر جن عهدنامه قديم کي مرتب
ڪيو، سي جيڪر اڄوڪي دور ۾ واپس موٽي اچن ته هو
اسرائيل جي روزاني اخبار کي بنا ڪنهن غور فڪر ڪرڻ
جي سولائيءَ سان پڙهي ويندا.[
ان ريت جيڪب گرم محسوس ڪيو ته قديم ’هاءِ جرمن‘
(High German)،
گاٿڪ ٻوليءَ سان رليل مليل ۽ جرمن ٻوليءَ جي پوءِ
واري منزل ’لو جرمن‘
(Low German)
آهي، جنهن ۾ اڳتي هلي انگريزي به شامل ٿي وڃي ٿي.
ساڳيءَ ريت ڊاڪٽر بلوچ بنا ڪنهن بحث مباحثي ۽
نظريي ڏيڻ جي، قاضي قادن کان وٺي شاهه لطيف تائين
اهڙي لساني عمل جي بحاليءَ ۾ رُڌل نظر اچي ٿو. هن
بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي سنڌ جي قديم صوتين جي بحاليءَ
وارو ڪم پنهنجي جوڙيل ۽ مرتب ڪيل شاهه جي رسالي ۾
وڏي همت ۽ جرئت سان ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن ته انهن
متروڪ ٿيل صوتين جي مُلهه وارا اکري نشان
(Symbol)
به اڃا تائين جُڙي نه سگهيا
آهن. انهيءَ بحث ۾ پوڻ کان سواءِ سنڌ جي ايندڙ
پيڙهيءَ لاءِ اهو سوال ۽ انهيءَ صورت ۾ ڇڏي ڏنو
آهي.
سنڌي ٻوليءَ مان متروڪ ٿيل صوتين ۽ لفظن جي بحالي،
اصل ٻوليءَ جي صحيح صورت ۾ بحاليءَ وارو جتن ئي
آهي. ايڏي همت رڳو ڊاڪٽر بلوچ ئي ڪري سگهي ٿو. ڇو
ته هوئي آهي جنهن سنڌ جي لوڪ ادب، ڪلاسيڪل ادب ۽
ادبي تاريخ ۽ ٻي تاريخ تي بنا ڪنهن هٻڪ ۽ وٿيءَ جي
اٿاهه ڪم ڪيو. هن مون کي سنڌي ادبي بورڊ جي
ايامڪاريءَ وارن ڏينهن ۾ هڪ جوابي خط لکيو. انهيءَ
خط ۾، لوڪ ادب تي ڪتاب ’سنڌي چارڻن جا ٻول‘ ۽
’اساسي شاعري ۾ غوث لکپت (ڪڇ) واري جو ڪلام‘ شامل
آهي. انهيءَ قديم سنڌي ورثي کي سنڀارڻ ۽ محفوظ ڪري
ايندڙ نسل تائين پهچائڻ جو پهه ٿيل ڏسجي ٿو.
وڏي اڪابر جي سموري سنڌي ساهت کي ٿانيڪو ڪرڻ،
وڌائڻ ۽ ويجهائڻ واري خواب ۽ پورهئي لاءِ هڪ کان
وڌيڪ ادارن جي ضرورت آهي. سندس ڪم کي جيڪر نوجوان
اڪابر اڳتي وڌائي سگهيا ۽ ان ڪيل سموري پورهئي کي
انهيءَ صورت ۾ سنڀالي، سانڍي رکيو ۽ ايندڙ پيڙهين
تائين رسايو، تڏهن به اهي ماڻهو تاريخ ۾ کيرون
لهندا.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ”شاهه جو معياري متن وارو رسالو“
جوڙيو هو، ان ۾ بنيادي ڪردار ڪمپوز ڪرائڻ ۾، سنڌي
ادبي بورڊ جو ئي آهي، پر ڇپائڻ ۾ ڪلچر ڊپارٽمينٽ
گوءِ کڻي ويو. انهيءَ رسالي ۾ هن شاهه لطيفؒ جي
سوانح عمريءَ کي جنهن ريت سوجهي لکيو آهي، ڄڻ ته
پاڻ لطيف سائين جو ڪو سيهوڳي ساٿي هجي. اها ڪيفيت
مون سائين جي.ايم.سيد ۾ به ڏٺي. هڪ ڀيري هڪ سگهڙ
سائين جي.ايم.سيد کي ڪي بيت لطيف سائين جا چئي،
ٻڌائي رهيو هو:
جنگ نهاري جوهري، دانا دوست ڪجن،
لهرين لڏڻا ڪينڪي، هو ڌرتي جيان نه ڌٻن،
اونهي بحر عميق ۾، نانگهه نه اچن تن،
پڪا پرين ڪجن، ڪچن مان ڪين ٿئي.
سائين جي.ايم.سيد هر بيت ٻڌي رڳو اهو پئي تبصرو
ڪيو ته بيت ڀلو آهي، پر لطيف سائين جو ناهي. ساڳي
صورتحال مون ڊاڪٽر بلوچ صاحب وٽ ڏٺي. آءٌ وٽس ڪي
اهڙا بيت کڻي ويس، جيڪي لطيف سائين ۽ حمل فقير جا
روايتي طرح سان چيا ويا ٿي ويا، ڊاڪٽر بلوچ مون
کان اهي بيت وٺي ڪري رکيا ۽ وري هڪ ڏينهن اولڊ
ڪئمپس واري گهر تي سڏائي قلمي بياضَ پکيڙي انهن
مان ڪن کي حمل فقير جا بيت ته ڪن کي سگهڙن جي محنت
قرار ڏنائين.
مون وٽ هن جي انهن پنن سان گڏ ڪجهه قلمي ضعيف پنا
به اچي ويا هئا، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ جي هڪ ڪٻٽ ۾
سنڀالي رکي ڇڏيم. ان ريت هن سڄي سنڌ جي عالمن،
ڪاملن، سگهڙن جو پورهيو سانڍي ۽ سنڀاري رکيو. ڪجهه
ڇپائي پڌرو ڪيائون، ڪيترائي ڪم رهجي ويا، منهنجي
سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪارڪني واري وقت ۾ محترم رحيم
داد خان مولائي شيدائيءَ جي نياڻيءَ سان لکپڙهه
رهي. رحيمداد خان مولائي شيدائي جي نياڻيءَ کي
پنهنجي والد جي هڪ ڪتاب ”روضة السنڌ“ جي ڏاڍي ڳولا
هئي. ان لاءِ محترمه خط لکندي رهندي هئي.
ڊاڪٽربلوچ صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي پريس جي
ڪٻاڙخاني مان اهو ڪتاب ۽ ٻيون اهڙيون املهه شيون
هٿ ڪري سنڌالاجي جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن، هاڻ ڪهڙو
ادارو هن ڪتاب کي ڇپائي پڌرو ڪندو؟ ان جي مون کي
ڄاڻ نه آهي.
منهنجي وڏن سان سندن واسطو ۽ لاڳاپو پنج ڏهاڪن تي
ٻڌل هو. پهريون ڀيرو هو 60 جي ڏهاڪي آخوند قاسم جي
هندي (اردو) ۽ ٻين ٻولين جي شاعري هٿ ڪرڻ لاءِ آيو
هو. جيڪا هن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۾ اردو شاعري“ ۾
ڏني. هو منهنجي وڏڙن بابت مون کان وڌيڪ واقف هو.
هڪ ڀيري هن مون کي ٻڌايو ته آخوند قاسم نالي سان
سنڌ جا اهي مشاهير به الڳ الڳ شخصيتون هئا، هڪ
”ديوان قاسم“ جو مؤلف آخوند قاسم، ٻيو قاسم ڪافين
جي بادشاهه مصري شاهه جي خاندان جي سهڪار سان
نصرپور ۾ مدرسو هلائيندو هو، وڏو خوشنويس، ڪاتب ۽
شاعر هو.
هو آخري ڀيرو پنهنجي وفات کان ٽي چار مهينا اڳ
پنهنجي پوٽي محمد ارشد لغاريءَ سان گڏ هالا پراڻا
۾ منهنجي اباڻي ڳوٺ ’آخوند ساوڻي ملا‘ آيو هو. مون
کي لڳي ٿو ته هو تمام مايوس ٿيو هوندو ڇو ته هو هڪ
نئين ”تڪملةالشعراء“ (فارسي) لاءِ منهنجي وڏڙن جو
فارسي ۽ عربي ڪلام هٿ ڪرڻ آيو هو. هاڻي عقيلي
قريشين جي هِن پاڙي ۾ ڪوبه قلمي ڪتاب محفوظ ناهي،
تاريخ ۾ ذڪر ڪيل مشهور ”ڪتب خانه ملا ساوڻي“ جو
ذڪر ماضيءَ جي ورق جي دز ٿي چڪو آهي.
جڏهن هو سٺ
واري ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو، علي نواز وفائي سان
گڏ آيو هو، تڏهن هُن شاهه لطيف ڀٽائيؒ پاران
پنهنجي دوست عبدالمتين عقيلي آخوند ساوڻي کي ڏنل
ميٽائين رنگ وارو وڳو ۽ ٻيا محفوظ ٿيل نادر قلمي
ڪتاب ڏٺا هئا. هن ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي جوڙايل
مسجد ۽ قديم مدرسو به ڏٺو، جتي سمن جي دور (1520-
1350ع) ۾ به پرڏيهه کان طالب اچي پڙهندا هئا.
اهڙي ڏکوئيندڙ صورت حال کان پوءِ منهنجي ڀاڻيجي
دلاور جيلاني، اسان جي هڪ وڏي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي
اڳوڻي ڪارڪن مولوي محمود آخوند ساوڻي جو هٿ سان
لکيل قلمي ڪتاب جنهن ۾ ڳوٺ جي وڏڙن جي يادگيرين ۽
شجري جو مختصر تفصيل کڻي اولڊ ڪئمپس پهتاسين.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي پوٽي جي فون تان بار بار
پئي مون کي فون ڪئي. اڌ ڪلاڪ دير سان پهتاسين،
ڊاڪٽر بلوچ صاحب وڏي اُڪير سان مليو، ڪجهه ڳالهيون
۽ بيت زباني ٻڌي لکائي ورتائين. 93 ورهين جو هيءُ
جهور پوڙهو، جنهن ايڏو نور نچويو هو، جو هاڻ سندس
اکين جو ماڻڪيون به ننڍيون ٿي ويون هيون. اُتي هن
مون کان سنڌي ادبي بورڊ ۾ پنهنجي اردوءَ ۾ ڪتاب
’سندهي زبان و ادب کي تاريخ‘ بابت پڇيائين ته ان
ترجمي تي نظرثاني ڪنهن ڪئي. مون ٻڌايو ته: ”مون
ڪئي آهي.“ تڏهن دل تي هٿ رکي چيائين: ”مون کي هاڻ
اطمينان آهي.“
مون کي پنهنجي ڪم علمي ۽ ڪوتاهين تي ايڏي مڃتا،
اصل منهنجي وڏڙن جي مڃتا آهي، جن جو قلمي ۽ علمي
خزانو وڃائجي ويو. اهو اسان جي ئي ڪن وڏن وڪري ڪري
پنهنجي ڏکي مهل ڪڍي هئي. هو سنڌي ساهت جي ”وکر وکر
ڍيرون ڍير“ ري ناڻي ورهائڻ وارو هيءُ وڻجارو هاڻ
ڪڏهن به موٽي نه ايندو. هو هاڻ هڪ ڊگهي ابدي ننڊ ۾
علامه آءِ.آءِ قاضي ۽ ايلسا قاضيءَ جي ڀر واري
باغيچي ۾ آرامي آهي، هاڻ سنڌ ۽ سنڌورسٽيءَ جو ڪوبه
گوڙ کيس جاڳائي صوفي سرمد جي ان بيت مثل بي چين نه
ڪندو:
شورﻵ شد و از خواب عدم، چشم کشوديم،
ديديم که باقي ست شب فتنہ، غنوديم.
(سرمد شهيد)
]گوڙ
ٿيو، عدم جي خواب مان اک پٽي سين، ڏٺوسين ته فتني
جي رات باقي آهي، اک پُوري سُمهي پياسين.[
مون ويجهڙائيءَ ۾ پنهنجو هڪ تحقيقي مقالو: ”شاهه
لطيف جي حقيقي تصوير جوڙڻ“ ڏيکاريم. علامه
آءِ.آءِ.قاضي چيئر ۾ ويهي ڪري، منهنجو روبرو سڄو
مقالو پڙهي واپس ڪندي چيائين ته: ”مون لکپت مان
لطيف سائين جي صوفي طرز واري ٽوپي هٿ ڪري ڪلچر
ڊپارٽمينٽ کي سوکڙي طور ڏني آهي.“ وڌيڪ هن ريت
چيائون ته: ”پنهنجي مائٽن تي ڇو نٿو ڪم ڪرين،
خليفي گل محمد ”گل“ جي ديوان گُل ۾ ڊگهن پنن تي
سنڌي گرامر جوڙڻ جا اصول ڏنل آهن، اهو قلمي ڪتاب
هٿ ڪري ان تي ڪم ڪر.“
آءٌ سندس آڏو ڏاڍو لڄاڙو ٿيس، پوءِ پنهنجي شرم
پرچائڻ خاطر کين خليفي گل محمد ”گل“ جي هڪ ٻئي
قلمي مخطوطي ”ڪنزالمعرفت“ ۽ ان جي سنڌي ترجمي
”توفيق الطالبين“ جو ذڪر ڪيم. ان تي پاڻ خليفي
محمود نظاماڻي ڪڙئي واري، پير پاڳاري اصغر سائين ۽
خليفي نبي بخش لغاري ۽ انهيءَ سڄي جماعت جي ڪڙين
کي ملائي مون کي وڏي سوجهه ڏنائين.
هو سنڌ جي اڪابرن واري سموري قلمي خزاني کي ڇپائي
پڌرو ڪرڻ جو وڏو درد ۽ ذوق رکندڙ هو. سنڌي ادبي
بورڊ جو ٿيل فارسي تاريخ جو ڪم، پير حسام الدين
راشديءَ کان پوءِ گهڻو تڻو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو ٿيل
آهي. ان ۾ چچ نامو، تاريخ طاهري ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه
اچي وڃي ٿو.
هن جو شاهه لطيف جي سوانح تي ڪيل ڪم هن جي منظم
ذهن جي عاليشان ڪاوش آهي، جيڪا هن معياري متن واري
رسالي ۾ ڏني آهي. هن لطيف جي سوانح نگاري ۾ تحقيقي
انداز ۾ پيش رفت ڪئي آهي. شاهه لطيف جي آڳاٽن
سوانح نگارن ۾ عبدالحسين سانگي جي ڪاوش ”لطف
اللطيف“ ۽ علي نواز وفائي جي بنيادي ڪم کي تهائين
اڳتي وڌايو آهي. اڄ هو پاڻ لطيف سائين جو سندس
والد جي وفات تي چيل هڪ بيت جي مثال ٿي ويو آهي:
اوٺي اٻهرا ٿيا، بيٺا تنگ ڪشين،
لاکيڻا لطيف چئي، ٿا منجهئون لوڪ لڏين،
سي جنگ جواب نه ڏين، ڪنهن ڏاڍي ڪيف ڪڪوريا.
(شاهه) |