سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2012ع (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلو خاص نمبر)

مضمون

صفحو:2

مرتب: عنايت الله زنگيجو

مصنف: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

رهاڻ هيرن کاڻ

                       (سنڌ جي ثقافتي ۽ سماجي تاريخ)

                      تبصرو

]ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خادم العلم سڏائيندو هو ۽ حقيقت ۾ هو به فنا في العلم جي منزل جو صاحب، علم لاءِ پيدا ٿيو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين علم سان نينهن نڀايائين. ٻي ڳالهه ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي عشق ۾ گرفتار هو. لطيف سائين جو بيت آهي ته:

اچي عزرائيل، ستي جاڳائي سسئي،

ٿي دوڙائي دليل ته پنهون ماڻهو موڪليو.

سو سائين جيڪا به ڳالهه نڪرندي هئي ته ڊاڪٽر بلوچ ان مان سنڌ جي ساراهه، سنڌ جي سونهن ۽ سُڌ جي سُرهاڻ جو پهلو کوٽي ڪڍندو هو. آءٌ ته ڀانيان ٿو ته ڊاڪٽر بلوچ قدرت جي طرفان انمول تحفي طور سنڌ کي عطا ٿيو هو.

چار سال کن اڳ جي ڳالهه آهي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب چيو ته دل ڇڪي کاڌي آهي ته پنهنجي دل گهرئي دوست محمد اسماعيل خان نون جي ڪکن تان آخري ڦيرو ڪري اچان. انهي سفر ۾ مهرباني ڪري مون کي به ساڻ وٺي هليو. نون صاحب جو ڳوٺ نوهٽو مٺي تعلقي ۾ آهي. نون صاحب مرحوم جي تربت تي فاتحه پڙهي سين. مرحوم و مغفور ڊاڪٽر صاحب مرحوم نون صاحب جي پُٽن ۽ پوٽن سان ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان مليو. هڪ رسالي ۾ نون صاحب مرحوم بابت پنهنجو لکيل تازو مضمون کين پڙهي ٻڌايائين. سڀني ۾ دعائن جا تحفا ورهائي. اسين ڏينهڪ حيدرآباد موٽي آياسون. موٽندي مون ڊاڪٽر صاحب جن کان پڇيو ته اوهان ڏاڍا ڪشالا ڪڍي، ڏونگر ڏوري، پُرخطر پنڌ پيچرا ۽ لڪ لتاڙي سڄي سنڌ جو سير ڪهڙي مقصد لاءِ ڪيو. جواب ۾ مون کي فارسيءَ جو هيءُ شعر ٻڌايائون ته:

شنيدم زدانا که دانش بسي است

ولکن پرا گنده يا هر کسي است

ترجمو: ”دانائن کان ٻڌو اٿم ته هن جهان ۾ دانش (عقلمندي) تمام گهڻي پکڙي پيئي آهي. پر اها مختلف هنڌن تي، مختلف ماڻهن ۾ ورهايل آهي.“

آءٌ سمجهي ويس ته ڊاڪٽر صاحب چئي رهيو هو ته علم ۽ دانش مندي ڪنهن هڪڙي ماڻهو کي ڪانه ڏني ويئي آهي. قدرت جي صاحب اها نعمت پنهنجن جدا جدا ٻانهن کي ورهائي ڏني آهي. ٻيو ته اها هڪ هنڌ پيل ڪانهي، ٽڙي پکڙي پيئي آهي، ان کي ميڙي چونڊي گڏ ڪرڻ لاءِ اهي ڪشالا ڪڍيا اٿم. مرتب[

’رهاڻ هيرن کاڻ‘ نالي ڪتاب جا ڏهه جلد شايع ٿيا آهن. هر ڪتاب ۾ هيرا ۽ موتي جهوليون ڀري ورهايا ويا آهن. ڊاڪٽر صاحب ان بابت لکي ٿو:

”هي ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ آهي. پنجاهن سالن واري دور (2000-1980ع) ۾ سنڌ جي سڄڻن ۽ سگهڙن سان ڳوٺن، شهرن، واهڻن ۽ وستين ۾ رس رهاڻيون ٿيون. جن جو هيءُ مواد يادگار آهي. هن ذخيري ۾ شامل ڳالهيون سڀ نيون آهن، ۽ گهڻيون سڀ نه اڳ لکيل آهن ۽ نه ڇپيل. هنن ڳالهين کي رهاڻ واري رنگ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ۽ پڙهندڙن کي مخاطب ٿي ڳالهايو ويو آهي. ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي ۽ پڙهندڙ کي ڪيئي ڳالهيون ٻڌايون وينديون ۽ ڪيئي نيون معنائون وهڃايون وينديون.

رهاڻ هيرن کاڻ (جلد پهريون):

’رهاڻ هيرن کاڻ‘ ڪتاب جو پهريون جلد 185 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو سگهڙ عبدالرحمان مهيسر، ڳوٺ رفيق مهيسر، ضلعي خيرپور ميرس مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف جي پُر مغز مهاڳ کان پوءِ هيٺين عنوانن تي طبع آزمائي ڪئي ويئي آهي.

1. پنهنجي سمجهه جي پيماني کي ڪشادوڪو

2.                                                                                   سڪ سڪي ٿي سڪ کي

3.                                                                                   سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن جا مقامي نالا

4.                                                                                   ڏاتار ۽ منگتا

5.سنڌ جي تاريخ

6.                                                                                   سنگهارن جا سانگ

7.                                                                                   سنڌي ٻولي

8.                                                                                   سنڌ جون مانائتيون مايون

9.                                                                                   ڏهسنامو ۽ دانائيءَ جا بيت

10.                            جهر جهنگ غزل

11.جواني

12.                            سگهڙ، شاعر ۽ قصا

13.                            سورهيه ۽ سورهيائي

14.                            قافيون ۽ سنڌ جو ڳائڻ

15.                             ظرافت، خوش طبعي، چرچا

16.                             سنڌ جي پهلواني مَلهه

17.                            ڪچهري بدين

وجود باري تعاليٰ جو اقرار ۽ اظهار:

هن مضمون ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”پنهنجي سمجهه جي پيماني کي ڪشادو ڪر“ جي عنوان سان باري تعاليٰ جي وجود جي اقرار ۽ اظهار بابت فرمائي ٿو:

”مؤمن بنجڻ لاءِ ايمان جو اقرار ڪافي آهي. پر مسلم بنجڻ لاءِ قانون فطرت مطابق عمل ڪري، تسليم واري درجي تي پهچڻو آهي.

”اي ايمان وارؤ: الله کان ڊڄو جيئن کانئس ڊڄڻ جو حق آهي ۽ مرندي دم تائين اسلام جي احڪامن جي پيروي ڪندا رهجو.“  

قرآني آيت انهيءَ حقيقت کي روشن ڪري ٿي ته خدا ڪائنات جو خالق آهي. ۽ خدا کي مڃڻو آهي. خدا جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ معنيٰ فاطر السمٰوات والارض جي قانون فطرت مطابق عمل ڪرڻ. اهو قانون فطرت زندگيءَ جي هر شعبي ۽ ڪائنات جي هر منظر ۾ ڪار فرما آهي.

فنا في الله ۽ بقا الله جي صحيح منزل اهائي آهي. ٿوري سمجهه وارو انسان ڪنهن وقت چوي ٿو: ”خدا کي ڏسان، خدا سان ملان ڪوشش ڪئي اٿم، مگر خدا سمجهه ۾ نٿو اچي، حقيقت جي آڏو حجاب ۽ پردا آهن. نبي ﷺ شين جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ دعا گهري (اللٰهم ارني حقائق الاشيآء ڪماهي) ترجمو: ”اي الله! مون کي شين جي اصل حقيقت ڏيکار“. جيڪي پنهنجي ننڍڙي عقل تي عاشق آهن ۽ جن جي سوچ سمجهه جو ٿانءُ، ايترو سوڙهو آهي، جو کين پنهنجا ذاتي معاملا به سمجهه ۾ نٿا اچن، سي ڪائنات جي خالق کي ڪٿان سمجهندا؟

مرحوم ڊاڪٽر ضياء الدين شيخ حيدرآباد ۾ ٻڌايو ته هو مخدوم بصرالدين سيوهاڻي وٽ ويو ۽ چيائين ته ”خدا سمجهه ۾ نٿو اچي“ مخدوم صاحب ٻڌي چيس: ’هيءُ پيالو وٺ، ان ۾ اڌ سير پاڻي کڻي آءُ، ضياء الدين پيالو ڀري ٽمٽار ڪري آيو. مخدوم صاحب چيس ته چريا! مون توکي چيو ته اڌ سير پاڻي جو کڻي آءُ. هيءُ اڌ سير آهي؟

ضياء الدين چيو: ”سائين! انهي پيالي ۾ ته ايترو ئي پوندو.“ مخدوم صاحب چيو ته اها ڳالهه سمجهين ٿو، باقي ايترو نٿو سمجهين ته تنهنجي سمجهه جو پيمانو تمام ننڍو آهي. انهيءَ ۾ فاطر السمٰوات والارض جو تخيل ڪيئن سمائيندو! ”بابا وڃي پنهنجي سمجهه جي پيماني کي ڪشادوڪر“.

مخدوم بصر الدين پنهنجي وقت جو وڏو حڪيم ۽ صوفي هو. انگريزيءَ ۾ پڻ تعليم ورتائين.

سنڌ جي اندروني ڀاڱن جا مقامي نالا:

مانائتو مصنف لکي ٿو ته:

”اي سڄڻ اچ ته سنڌ جي اندروني ڀاڱن جو سير ڪريون ۽ انهن جي مقامي نالن کي سمجهون. اهي نالا جدا جدا معنائن وارا آهن. ڪي جغرافيائي ماحول مطابق، ڪي بياباني اهڃاڻن مطابق، ڪي پاڻي جي وهڪ بيهڪ مطابق ته ڪي قومن جي قبيلن جي نالن مطابق آهن.

وڏن ڀاڱن جا نالا جيڪي وڌيڪ مشهور آهن، سي آهن سِرو، وچولو، لاڙ، ڪاڇو ۽ ٿر. سرو يعني سنڌ جو سِر. اهو آڳاٽي دور کان وٺي سکر بکر کان اتر طرف سبي، ديري غازي خان، خانپور ۽ رحيم يار خان وارو ڀاڱو هو. اتي جا رهاڪو سرائي (سري وارا) سڏبا هئا. جيئن لاڙ وارا لاڙي سڏجن. ڪلهوڙا ۽ ٽالپر اصل سنڌ جي سري جا هئا، انهيءَ ڪري ’سرائي‘ سڏجڻ لڳا. خاص طرح ڪلهوڙن حڪمرانن ۽ سندن ڪار دارن تي اهو نالو پيو. سکر کان حيدرآباد تائين ’وچولو‘ ڀاڱو هو ۽ ان کان هيٺ ڏکڻ طرف ’لاڙ‘ يعني زمين جي سطح جي لحاظ سان، سنڌ جو سمنڊ ڏانهن لڙيل ڀاڱو. اولهه طرف جبل سان لاڳو ملڪ ’ڪاڇو‘ سڏيو ويو يعني ’جبل جي ڪڇ‘ وارو، اوڀر طرف وارو ڀاڱو ’ٿر‘ سڏيو ويو. جيئن کير ڪاڙهجي ۽ مٿان ٿر ٻڌي، تيئن انهي رنگ رونق جي لحاظ سان واري ۽ ڀٽن واري اڇي اڦڙيل سطح کي ٿر سڏيو ويو. ڪي نالا پٿرائين ريتيءَ واري زمين جي لحاظ سان جيئن ته روهڙي. (روهڙن پٿرن واري)، ريتي (ريت واري)، سنگرار (پٿرن واري)، جبلن سان لاڳو، دامن ۾ ننڍڙين پٿرين سان پکڙيل لهواري سطح کي ساڪراڻ چئبو.

ٿرپارڪر جي طبعي ڀاڱن جا جدا جدا نالا آهن: 1. پارڪر ٻارهن ڪوهن ۾، سنئون پٽ ڪٿي ڪٿي جبل. پارڪر جو وچ ننگر شهر آهي. 2. سامروٽي. مٺي ۽ ڏيپلي تعلقن جو وچ. 3. وٽ. اسلام ڪوٽ کان ڏکڻ رڻ جي يا ڪنڌيءَ وٽ جتي بلالاڻي ۽ وسائي پوٽا رهن. 4 ڇاڇري تعلقي جو اڀرنديون ڀاڱو. 5. ڍٽ، ڍاٽ. مٺي کان اوڀر سڄو تعلقو ۽ ڇاڇري تعلقي جو اولهه ۽ عمرڪوٽ تعلقي جو ڏکڻ. 6. کائڙ يا کاوڙ. گڍڙي کان اوڀر ۽ ڏکڻ وارو ڀاڱو. ڍٽ وارن جي ٻولي ’ڍاٽڪي‘ آهي، جنهن جو بنياد مارواڙي ٻولي آهي. پر سنڌي جو به ان تي آڳاٽو اثر آهي. پارڪر جي ٻوليءَ تي گجراتيءَ جو اثر آهي، جيڪو گهڻو گهٽجي ويو آهي. 7. ’ڪنٺو‘ تعلقي ڇاڇري ۾ تڙ احمد کان وٺي ننگر پارڪر ۾ تعلقي ۾ شِوِل تائين ڪنٺي ۾ درس ۽ راڄڙ سڀ سنڌي ڪن، سما ۽ چنا سنڌي ۾ مارواڙي گڏين، باقي راهوما، سميجا، جوڻيجا، مڱريا ۽ هڱورجا ڍاٽڪي ڪن.“

ڏاتار ۽ منگتا:

فاضل مصنف لکي ٿو ته:

”سنڌ ۾ وڏا سخي ۽ ڏاتار ٿيا، جن جون ڳالهيون اڄ تائين پيون ڳائجن، پيسو ڏيڻ ڏکيو آهي، پر اوائلي دور جي سمن ڄامن، منگتن ۽ مڱهڻارن کي دل کولي دان ڏنا ۽ هنن سندن سخا کي ڳاتو، جنهنڪري هنن جو وڏو نالو ٿيو ۽ آخرڪار منگتن جي ڪيل ساراهن سببان ملڪ ۾ سندن مشهوري ۽ عام مقبوليت وڌي، تان جو کين (سمن کي) سنڌ جي بادشاهي ملي. هنن نقد ناڻو سون رُپو ڏنو ۽ گهڻي ۾ گهڻو ڏنو ۽ ڏاتار ٿيا. جملي ۾ ڏهه ڏاتار سڀني ۾ وڏا ڏيا، پر جدا جدا روايتن ۾ انهن جي نالن ۾ فرق آهي. سڀني بيانن کي ڀيٽڻ سان هيٺين ڏهن ڏاتارن تي وڌيڪ اتفاق ٿئي ٿو.
1. وڪيو ڏاتار 2. جکرو جادماڻي 3. ڄام ڪرن 4. راءِ ڏياچ 5. راهُو هوٿياڻي 6. ڄام انڙ 7. سپڙ چوٽاڻي 8. ڄام لاکو 9. ڄام اوٺو جکراڻي 10. هُڻند ٿڌياڻي.

سنڌ سخا جو گهر آهي. مهمان جي آڌرڀاءُ ۽ خدمت وڏو وڙ آهي. آڳاٽي دور ۾ جيڪي سخي ڏان ڏيندا هئا. يعني مال خزانا ڏيندا هئا، سي ڏاتار جي لقب سان مشهور ٿيا. بلوچن جهر جهنگ ۾ پنهنجي حال سارو، ويل سويل ماني کارائي ۽ آئي جي وڏي آڌر ڀاءُ ڪئي. هُن پوئين ويجهي دور ۾ ڪنهن سگهڙ چيو ته:

ڏهه ڏاتار اڳي هئا، ڪارهون ڪانڀو ڄام ماني کڻي مٿي ڪيو، ٻارهون ٻروچ خان ڪلجڳ ۾ پيدا ٿيو سخي شادي خان.

ڪانڀو ڄام يعني وڏو ڪانڀو ڄام شورو، راقم وڏيري سائينداد شوري مرحوم کي ڏٺو، جيڪو هڪ وڏو سخي ۽ علم جوقدردان هو. 1920ع ڌاري مسلمان شاگردن لاءِ ڪو انگريزي اسڪول ڪونه هو. پٿوري ۾ پنهنجي زمين ڏنائين، جو انگريزي مڊل اسڪول قائم ٿيو، جيڪو پوءِ مدرسه هاءِ اسڪول ميرپور خاص طور مشهور ٿيو. مال ملڪيت ڏيڻ واري سنڌ جي ڄامن جي روايت هئي. ’ٻروچ‘ خان يعني شادي خان لُنڊ مالوند ماڻهو هو ۽ ايندي ويندي کي ماني کارايائين. پوءِ ڪنهن غريب جي مدد ۽ واهر ۾ ويو ۽ شهيد ٿيو ۽ شادي شهيد جي نالي سان مشهور ٿيو. خيرپور ضلعي ۾ جبل لڳ سندس مزار آهي ۽ اهوئي جبل ئي ’شادي شهيد وارو جبل‘ سڏجي. سندس شهادت جي تاريخ 27 محرم جمعي جو ڏينهن سن 1233هه آهي.

سنڌ جون مانائتيون مايون:

فاضل مصنف هن مضمون ۾ سنڌ جي قابلِ قدر ۽ احترام لائق عورتن جو ذڪر ڪيو آهي. جن مان مائي سبحاني شنبائڻ، مائي ڌاڻو ڌاريجاڻي، مائي مريم ڀنڀري، مائي صابل مهرائڻ، مائي ڀرائي لغارڻ، مائي فاطمه موچياڻي ۽ مائي سليمت هاليپوٽيءَ جو خصوصي ذڪر ڪيو اٿس. مائي سليمت هاليپوٽي مال جي علاج جي ماهر هئي. هت سندس ذڪر ڪجي ٿو:

ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته:

”30 سيپٽمبر 1976ع تي محترم محمد حسن رند جي دعوت تي تڙ احمد ۾ وڏي ڪچهري ٿي ۽ مائي مهرباني ڪري اتي آئي. صبح جو ماڻهو بيمار جانور وٺي آيا. هڪ بيمار اٺ جنهن کي ڏسي پڇيائين ته اٺ جهنگ ۾ رهجي ويو هو ڇا؟ مالڪ چيو ته هائو. مائي چيو اٺ کي سيءُ لڳو آهي. اٺ جو مغز جهليل آهي. اٺ کي وهاريائون ۽ گوڏي تي لت ڏيئي جهليائون. مائي هڪ تيز چاقو سان اٺ جي ڪن کي هيٺيان چير ڏنو ته ڪارو رت ڦوهارو ڪري نڪتو ۽ اٺ ساهه پٽيو ۽ ڪنڌ ورايو. پوءِ مائي وکر لکايا ۽ سمجهايو ته اٺ کي ڍُڪ ڏين. ٻيو هڪ شاهه هو، جيڪو ڀلو گهوڙو وٺي آيو. مائي سليمت چيو ته واڳ وٺي گهوڙي کي ڦيراءِ. ٻن ٽن ڦيرن کان پوءِ شاهه کي ٻڌايائين ته گهوڙي کي هيءُ مرض آهي ۽ علاج لکايائين. پر ائين به چيائين ته هي گهوڙو اڳ به مون وٽ انهي ساڳئي سبب جي ڪري آيل آهي. شاهه چيو ته برابر ائين آهي.

مائي سليمت کي چاچي مهراڻ کان مال جي علاج جو علم مليو. پنهنجي ڄاڻ بابت چيائين ته مون کي اٺ ۽ گهوڙي جي گهڻي خبر ٿي پوي باقي ڳئون ۽ مينهن جي ايتري خبر نٿي پوي. ٽي ڀيرا علاج ڪريان ٿي ته لڳي ٿو اٺ ۽ گهوڙي لاءِ مون کي ڄڻ پسڻ ٿو پوي ته هي بيماري آهي ۽ هي علاج ڪجي. سال ۾ چاليهه ڏينهن صلوات پڙهندي آهيان، صلوات جي برڪت آهي.

مائي سليمت وڌيڪ چيو ته: هڪ گهوڙي کي نڙيءَ ۾ ڪڻڪ جو ڪانو ڦاٿو ۽ ڪو علاج ڪونه پيو ٿئي. پوءِ گهوڙو مون وٽ وٺي آيا. مون ڪپڙو گهرايو ۽ گهوڙي کي سخت گهٽو ڏياريو، جنهن تي گهوڙي کنگهيو ته ڪانو ٻاهر نڪري آيو. هڪ بيمار اٺ آندائون، مون جاچي تپاسي ڏٺو ته پاسرين هيٺان ڳوڙهو نظر آيو. زور ڏيئي ڏٺم ته سمجهيم ته ڪا سخت شيءِ آهي. مٿان وڍيم ته لوهي شيءِ نظر آئي. چقمق گهرائي آڏو ڏنم ته لوهو سوئو نڪري آيو. پوءِ مالڪن ٻڌايو ته: اٺ کي تاڙ هنيوسون ته سوئو ڳيهي ويو هو. اسان ڀانيو ته ڪٿي ڪري ويو آهي.

هن ڳوٺ (تڙ احمد) جو اٺ مون وٽ آندائون. مون ڏسي مالڪ کي چيو ته: تو اٺ تي لوڻ لڏيو آهي. جنهن جي گرمي اٺ کي ساڙي ڇڏيو آهي. هيءُ ڪين بچندو. قبول ڪيائين ته برابر لوڻ لڏيو اٿم.“

رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ٻيون)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب رهاڻ هيرن کاڻ جو (ٻيون جلد) 174 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو نيوفيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊي ولي محمد مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. فاضل مصنف جي مهاڳ کان سواءِ هي جلد هيٺين عنوانن تي مشتمل آهي:

1. سنڌي لفظ ڪچهري

2.     تاريخ

3.     سامراجي حڪومت خلاف سنڌ جو، خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو

4.     سدا حيات سورهيه صبغت الله شاهه

5.زمانو بدلجي ويو

6.     وياسي وينجهار

7.     سنڌي ٻولي

8.     سنڌ جي اوڀڙ (نباتات) جو مطالعو

9.     ڏٿ ۽ ڏوٿي

10.                                                              ٽڪر- ٿر- گهاڙ واري واٽ

11.سنڌ جون رانديون

12.                                                              ڳالهيون ملهه ۽ ملهن جون

13.                                                              عوامي فيلسوف

14.                                                              واسينگ نانگ جي مڻ

15.                                                               هي جڳ بازيگر جي بازي

16.                                                              سنڌ جون مانائتيون مايون

17.                                                              سنڌ جي لوهارن جي ڪاريگري

18.                                                              مقامات سنڌي

19.                                                              گول لاٽون چورس چگهه

20.                                                            مندن جي موٽ ۽ سڪ وارن جون ساروڻيون

21.                                                              ڪچهري ناڙي

 

گول لاٽون چورس چُگهه  (جاحظ جي ياد ۾)

 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هيءُ مضمون بلڪل انوکو ۽ منفرد آهي. جاحظ بغداد جو مشهور عالم، علم ادب جي عمارت جو باني مباني، نثر نويس ۽ علم ڪلام جو ماهر هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان جي بيان سان پنهنجي مضمون جي ابتدا ڪئي آهي، مگر هر دؤر ۾ عالمن کي ڏک ڏيندڙ، ساڙ ۽ حسد ڪندڙ، عالمن جو قد گهٽائي، پنهنجو قد وڌائي پيش ڪندڙ خود پسند احمقن جي ڪمي نه رهي آهي، جاحظ سان به ائين ٿيو، ۽ هن انهن احمقن جي لاک لاهڻ لاءِ ”چورس ۽ گولائي“ جي عنوان سان هڪ رسالو لکيو. ڊاڪٽر صاحب جو هيءُ مضمون انهي رنگ ۾ رڱيل آهي، جنهن ۾ مقامي ماحول جو رنگ ڀريو ويو آهي. هن تحرير ۾ ڊاڪٽر صاحب اسان جي علمي ماحول جي ڄامڙن، پاڻ ٻڏائيندڙ، مٺگهرن، حاسدن ۽ علم جي دعويدارن جا ڇوڏا لاٿا آهن ۽ انهن کي پنهنجي اوقات ياد ڏياري اٿس. ڊاڪٽر صاحب فرمائي ٿو مضمون جي سٽاء ۾ جيتوڻيڪ جاحظ وارو رنگ اختيار ڪيو ويو آهي، مگر موضوع جي قالب ۾ پنهنجي مقامي ماحول جو رنگ ڀريو ويو آهي. جيئن هن کان اڳ هو، تيئن هن دور ۾ پڻ.

’عالم آءٌ ساڻ ڀريو ٿو ڀير ڪري‘

سڀڪو ڀانئين ٿو ته جيڪي آهيان آءٌ آهيان مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير! جيڪي آءٌ چوان ٿو سوئي صحيح آهي ٻئي کي خبر ڪهڙي ۽ ٻيو ڄاڻي سو ڪير! ٻيا سڀ ماسا تولا آهن ۽ فقط آءٌ سير جو سوا سير!

جڏهن آءٌ ڳالهايان ٿو ته ٻيو سڀ مون کي ٻڌن، ٻيو ڳالهائي، سو ٿئي ڪير! پنهنجي وقت ۾ اسان ڏٺو ته هر اڌ پڙهئي پاڻ کي عقل جو وير ڪري پئي ڄاتو: ڪنهن نه ائين ڪونه ڀانيو ته ڪو آءٌ نٿو ڄاڻان ۽ ٻئي کان پڇان.  يا منهنجي ڄاڻ محدود آهي ۽ ڪنهن ٻئي کان سکان! اسان پنهنجي ذاتي تجربي مان اهو پرايو ته پڇڻ کان سواءِ پروڙڻ مشڪل آهي. انهي ڪري اسان عالمن آڏو ته سدائين سر جهڪايو پر ٻهراڙيءَ جي ڳوٺاڻن سان ڪچهريون ڪندي پڻ محسوس ڪيو ته هو جيتوڻيڪ اڻ پڙهيل آهن، ته به اڻ ڄاڻ ناهن ۽ غريب آهن ته به گڻ وارا آهن. اسان چاهيو ته کانئن سکون ۽ پرايون پر اها سکڻي سڌ تڏهن پوري ٿي جڏهن اسان جي من مڃيو ته هو جيڪي ڄاڻن ٿا، سو اسين نٿا ڄاڻون. جڏهن اسان پاڻ کي اڻ ڄاڻي ڪري ڄاتو، تڏهن انهن سگهڙن کان ڪجهه پرايو.

پر اسان جو هڪ دوست آهي جيڪو پنهنجي علم جو ايترو ته قائل آهي، جو عالمن کي به جاهل ڪري ڀانئين. ’آءٌ‘ جو وظيفو ڪمايل اٿس. باقي ’تون‘ ۽ ’هو‘
ڄاڻي ئي ڪونه. جي ڪجهه چئوس ته چڙي. جي ڪجهه وهڃايوس ته وڙهي. سندس زور رنج طبع کان لاچار ٿي، ساڻس منهان منهن ڳالهائڻ بدران لکت ۾ مخاطب ٿيا آهيون. کيس پنهنجي سونهن ۽ عقل تي پڻ ناز آهي ۽ اسان به کيس دل کولي داد ڏنو آهي. اسان سندس سونهن ۽ صورت کي ڪماحقہ ساراهيو آهي ۽ پڻ سندس علم ۽ عقل کي جيئن جو تيئن واکاڻيو آهي. البت ان سان گڏوگڏ کيس ريجهائي پرڀائي، ويهي کانئس ڪي سولڙا سوال پڇيا آهن ته من کيس محسوس ٿئي ته علم وسيع آهي ۽ سندس ڄاڻ محدود! من ائين سوچي ۽ سمجهي ته هن جڳ ۾ رڳو ’آءٌ‘ ۽ ’مان‘ ڪونه آهيان پر مان کان ٻاهر ڪجهه ٻيو به آهي. جيڪڏهن ايترو سمجهيائين ته پوءِ ڄڻ اسان جو هيءُ قلمي ڪشالو سجايو ٿيو ۽ پورهيو ساب پيو!

گول لاٽون چورس چگهه:

چون ٿا ته هاٺي ڪاٺي سندس ڏاڏو بزرگوار مستطيل هو ۽ سندس والد ماجد چوڪنڊو چوراس: پر جيئي شال پاڻ پنهنجي سرگول مول آهي. جنهن ڪري شان ۽ شبيهه توڙي لکڻين آريکڻين پنهنجن وڏن سان نٿو ڀِچي. البت خودي ۽ خود اعتماديءَ جي کيس ڏهوڻي ڏات مليل آهي. جنهن ڪري نڪو سونهن ۽ صورت ۾ پنهنجو مٽ سمجهي ته نڪو علم ۽ عقل ۾ ڪنهن کي پاڻ کان وڌ ڄاڻي. بلڪل پورو يقين اٿس ته پاڻ ئي عقل ڪُل آهي. باقي ٻي سڄي مخلوق جُز ۾ آهي. انهيءَ ڪري ئي هو هر مسئلي ۾ پنهنجي راءِ کي ٻين کان بالاتر ڀانئين ٿو بلڪ انهيءَ کي قطعي ۽ آخري سمجهي ٿو. کيس ٻين جي راءِ سان نه فقط اختلاف آهي، پر ٻين جي راءِ تي هر وقت اعتراض آهي.

سندس چوڻ آهي ته شمس العلماء يعني ’عالمن جا سج‘ گهڻا ئي ٿيا، پر اها منزل ڪا ايڏي وڏي ڪانهي. ڪنهن سڄڻ چيس ته پر تون هن پوتر ڌرتيءَ جو سج آهين! جواب ڏنائين ته ’ڀليو آهين‘. چئو ته سڄي نظام شمسيءَ جو محور ۽ مرڪز آهين! کيس انهي مسئلي سان ماڳهين دلچسپي ڪانهي ته ڪو سج هڪ جاءِ تي بيٺو آهي يا هلي پيو يا زمين پنهنجي چوڌاري ڦري ٿي يا سج جي چوڌاري گهمي ٿي. ڇاڪاڻ جو هو پاڻ کي نه فقط نظام شمسي جو  پر ڪل ڪائنات جو ڪلو سمجهي ٿو. کيس يقين آهي ته جيڪڏهن زمين ڦري ٿي ته به سندس چوڌاري ڦري ٿي ۽ جيڪڏهن سج هلي ٿو ته به سندس چوڌاري طواف ڪري ٿو.

الله ڏينهن ڏئيس. اکيون نراڙ ۾ اٿس. ۽ پنهنجن اوچن خيالن سان گڏ نظر به آسمان ۾ اٿس. هيٺ ڏسيئي ڪونه، ڇو جو پاڻ مٿي آهي. هو فقط ’پاڻ جهڙن‘ پنهنجن ساٿين کي ئي مڃي ٿو. باقي جي ڪو عام سگهڙن جهڙوڪ: کٽين، ڪورين، موچين، ڪنڀارن ۽ مڱڻهارن جي سگهڙپائيءَ کي ساراهي ٿو، تنهن کي تڇ ڪري ڀانئين ٿو.

اسان واندڪائيءَ ۾ وٽس ويندا آهيون ۽ وندر خاطر سندس ٻول ٻڌندا آهيون. پاڻ اسان سان انهي ڪري ٺهندو آهي، جو رڳو پاڻ ڳالهائيندو آهي ۽ اسين چپ ڪري ويهي سڻندا آهيون اسان ماٺ تي انهي ڪري مجبور هوندا آهيون، جو سندس آڏو ڳالهائڻ جي ڳلي ڪانهي. هو به اسان کي پنهنجي قدردانن ۾ تڏهن ڳڻي ٿو، جڏهن اسين رڳو کيس ٻڌون ئي ٻڌون پر ڪُڇون ڪين.

هڪ ڀيري ساڻس اسان جي، اڪيلي سر ملاقات ٿي، پاڻ ڏاڍو خوش هو ۽ اسان جي به وڏي خوش کينڪار ڀليڪار ڪيائين. جيئن ئي زبان مبارڪ کوليائين ته آءٌ به هڪ ڪنو ٿي، کيس ٻڌڻ ويٺس. ٿڌو ساهه کڻي چيائين ته:

”وياسي وينجهار، هيرو لال ونڌين جي!“ آءٌ ڏسان ٿو ته مون کان پوءِ سکڻي سُڃ آهي ڇاڪاڻ جو علم ۽ عقل واري ڳالهه کي ڪو سمجهڻ وارو ئي ڪونهي! مون مئي کان پوءِ ’مورک‘ گهڻا هوندا پر ’مؤرخ‘ ڪٿان ايندا! ٻوليون ڪندا، پر ٻولي کي ڪير سمجهندا! اوهان کي وري وري پئي ذهن نشين ڪرايو اٿم ته تاريخ جي مطالعي جو بنياد مون وڌوءِ مون جيڪي ڪارناما ڪيا، تن جو پوين جي يادگيريءَ لاءِ رڪارڊ رکڻ ضروري آهي. تون اڄ ڪي ٻه چار ٻيون ڳالهيون به ٻڌي ڇڏ.

اهي هي ته! جيڪي چون ٿا ته ’سنڌ‘ مان ’هند‘
نڪتو آهي. سي يونانين، ايرانين ۽ عربن جا طرفدار آهن ۽ سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ نفاق وجهڻ چاهين ٿا. مون کي پڪي خبر آهي ته، نه سنڌ هند مان نڪتو آهي ۽ نه وري هند سنڌ مان، حقيقت ۾ اهي ٻئي ڀائر هئا ۽ وچان ئي ڪنهن ٻئي جي پٺيان پيدا ٿيا. ٻيو ته ڀائي موهن مل، جنهن ’موهن جو دڙو‘ ٻڌايو، سو منهنجو چوڻن جو يار هو. جڏهن ڌن گهڻو ٿيس، تڏهن مون ئي کيس صلاح ڏني هئي ته پنهنجي يادگار طور هڪ شاندار شهر ٻڌائي، ۽ پوءِ اهو شهر ٻڌايائين، جيڪو سندس نالي پويان، مُوهن مل جو شهر، سڏجڻ لڳو. افسوس، جو هاڻي ان کي ’موئن جو دڙو‘ سڏيو وڃي ٿو. پر سنڌ جي تاريخ جي خلاف هڪ ٻي سازش به شروع ٿي آهي. جو ڪي صاحب ڄاڻي واڻي هن شاهي شهر کي ’دراوڙن جي دور جو شهر‘ ۽ ان تهذيب کي ’دراوڙي دور جي سڀيتا‘ سڏي رهيا آهن. اهي ايترو به نٿا سمجهن ته نڪو ڀائي موهن مل دراوڙي نسل جو هو، ته نڪتو سندس نالو ’موهن‘ دراوڙي لغت جو لفظ آهي.

”ٻيو ته منهنجن ڪن ٿورن سڄڻن کي سُڌ آهي ته جڏهن سڪندر بادشاهه سنڌ ۾ پير پاتو هو ته مون ئي سنڌين کي، سندس خلاف بغاوت ڪرڻ تي ڀڙڪايو هو. خليفي مان مون کي مون ئي مشورو ڏنو هو ته بغداد ۾ بيت الحڪمت جي نالي سان هڪ تحقيقي ادارو قائم ڪري. ڄام نندي کي مون ئي صلاح ڏني هئي ته دريا خان کي پنهنجو وڏو وزير ۽ سپهه سالار مقرر ڪري. مرزا عيسيٰ ترخان اڃا حيدرآباد دکن ۾ هو جو مون کيس لکي موڪليو هو ته مرڻ کان اڳ هو پنهنجي جيئري ئي مڪلي تي مقبرو تعمير ڪرائي. ميان غلام شاهه جڏهن پنهنجي قلعي ۽ تخت گاهه لاءِ جايون پئي ڳوليون، تڏهن مون ئي کيس سمجهايو هو ته موجوده حيدرآباد وارو ماڳ نهايت ئي موزون ٿيندو. مير صوبدار خان به مون سان ئي پنهنجو حال ونڊيو هو ۽ مون ئي کيس سمجهايو هو ته پنهنجن مان ڪجهه ڪونه ورندو: فائدو انهي ۾ ئي آهي ته انگريزن جي خيرخواهي ڪجي ۽ انعام حاصل ڪجي.“

سندس اهي ٻول ٻڌي کيس چيم ته: شال ڏينهون ڏينهن تنهنجي عقل ۾ اضافو ٿئي، جيئن منجهندڙن کي گهڻو به منجهائين! بيشڪ تاريخ جو ڄاڻو تو جهڙو وري ڪو ورلي پيدا ٿئي. سنڌ جي تاريخ بابت تنهنجيون ڪيل وضاحتون مون کي ياد آهن جو تو چيو هو ته: ”عرب جيتوڻيڪ سنڌ ۾ گهر ڪري ويٺا، سنڌ کي پنهنجو ڪيائون، پر تنهن هوندي به اهي ڌاريا ليکبا. ٻئي طرف چچ برهمڻ جيتوڻيڪ ٻاهران آيو ۽ سنڌ جي سمي بادشاهه جو تختو اونڌو ڪيائين ته به نڪي کيس ڌاريو چئبو ۽ نڪو وري ائين چئبو ته سنڌ جي حڪومت غصب ڪيائين. ڇاڪاڻ جو هو ڏاهر جو پيءُ هو“. تو ائين به فرمايو هو ته: ”ڏاهر کان پوءِ واري سنڌ جي تاريخ کي، آءٌ تاريخ ئي نٿو سمجهان، ڇاڪاڻ جو جيڪي ڪم پوئين پڇاڙي انگريزن اچي ڪيا، سي کانئن اڳ ۽ ڏاهر کان پوءِ ڪنهن نه ڪيا“.

”ان کان سواءِ مون کي تنهنجا ٻيا زوردار دليل پڻ ياد آهن جو تو چيو هو ته: عرب ٻاهران ڇو آيا، اندران ڇو نه پيدا ٿيا؟ سومرن سنڌ سان ڪهڙي چڱائي ڪئي! دودو ۽ چنيسر ڇو پاڻ ۾ وڙهيا ۽ ٻاهران علاء الدين کي ڇو آندائون؟ سمن جي ڄام جوڻي، سلطان فيروز شاهه جو طرف وٺي پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائٽي تماچي کي قيد ڪرايو! ان کان پوءِ انڙ ۽ جوڻي جو اولاد هڪ سؤ سال تائين هڪ ٻئي کي سک ساڻ وهڻ ڪونه ڏنو! ڄام نندو مدينا ماڇاڻيءَ سان ڇو پرڻيو ۽ پيروز ڇو ڄائو، جنهن ارغونن کي منٿون ڪري گهرايو ۽ دريا خان کي مارايو؟ ارغون ۽ ترخان ٻئي ٻاهران آيا ۽ ڌاريا هئا، انهي ڪري سنڌ جي سڄڻپائي انهي ۾ آهي ته سندن مڪلي وارن مقبرن کي ڊهرائي ڇڏجي. مغل ته بلڪل ئي ڌاريا هئا، جن دهلي ۾ ويهي، سنڌ تي حڪومت ڪئي. حڪمران عباسي ڪلهوڙا ديري غازي خان طرف جا سرائي هئا ۽ سندن ٻولي به سرائڪي هئي سو انهن کي ڪيئن ٿو سنڌي سڏي سگهجي! هنن ته پاڻ فقيريءَ جو ڦند ڪري، غريب سنڌين کي جن بڇايا ۽ سازشون ڪري سڄڻ مارايا! مير ٽالپر پاڻ سنڌ ۾ ڄاوا ته ڇا ٿي پيو، سندن وڏا ته بهرحال سري مان آيا!“

کيس چيم ته: شال دانائيءَ ۾ دنگ ڪرين ۽ تاريخ جا بخيا اڊوڙين! اهي تنهنجيون وضاحتون ته سونن اکرن ۾ لکڻ جهڙيون آهن پر پوءِ بچندا وڃي اهي اکر: باقي سنڌ جي سڄي تاريخ تي پاڻي ڦري ويندو! ٻيو ته تون ٻين ڌارين کي ڌڪارين ٿو. پر برهمڻن ۽ انگريزن کي ساراهين ٿو. سنڌ جي انهن ٻنهي خيرخواهن سان تنهنجو جيڪو قرب آهي، تنهن جي به اسان کي ڪل نٿي پوري! وڏي ڳالهه ته محب وطن هجڻ جي به هام هڻين ٿو، جو ننڊ ۾ به پيو ’سنڌ سنڌ‘ ڪندو آهين. البت سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ ’آءٌ آءٌ‘ ڪري اٿندو آهين. پر آفرين هجي، تنهنجي تاريخ داني تي ۽ ان گوهر افشاني تي! تنهنجو اهو به ارشاد آهي ته: ڀائي نائون مل جو سنڌ تي وڏو احسان آهي، جو انگريزن لاءِ سنڌ وٺڻ آسان ڪيائين ۽ سنڌ کي غـلاميءَ کان آزاد ڪرايائين.

هڪ ڀيري تو پنهنجي خواب جي به ڳالهه ٻڌائي هئي، ۽ مون کي ويهي سمجهايو هو ته: ”آءٌ انگريزن جا ڳڻ انهي ڪري ٿو ڳايان، جو هنن ئي هوش محمد جهڙي سورهيه جو قدر ڪيو. تو چيو ته نيپئر صاحب پاڻ پنهنجي سر مون سان خواب ۾ ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي اڇي چمڙيءَ جو قسم کڻي چيائين ته: مون کي هوشو جي مارڻ تي ڏاڍو ڏک ٿيو! منهنجي نڙي سُڪي وئي پر پاڻي ڪونه پيتم ۽ پهريائين هوشو جي لاش کي تڙ ڏياريم ۽ ڪفن ڍڪايم: پوءِ پنهنجن آفيسرن کي سڏايم ۽ پاڻ ڪلهو ڏيئي جنازو کڻايم ۽ سڄو ڏينهن پيرين پنڌ ڪري اچي حيدرآباد جي قلعي اندر پورايم. اهو انهي ڪري، جو قلعو اسان جي قبضي ۾ هو ۽ اسين هوشوءَ جي قبر جي حفاظت ڪري ٿي سگهياسون. جنگ جي ميدان ۾ سندس لاش کي ڇڏيون ها ته سنڌي سندس ڪهڙو قدر ڪن ها!“

جڏهن کان وٺي نيپئر صاحب اها راز جي ڳالهه توسان ڪئي، تڏهن کان وٺي تون قسم کڻي چوين ٿو ته ”دو آبي جي جنگ واري ميدان ۾، جيڪا هوش محمد جي قبر آهي، سا ڪنهن ٻئي جي آهي، خواهه مخواهه مير علي مراد خان ميرپور واري انهي قبر کي پٿر جي ڪٽهڙي سان ٻڌايو ۽ وٺي هُلايو ته اها هوش محمد جي قبر آهي. ٽنڊي ٺوڙهي ۾ رهندڙ هوش محمد جو پنهنجو اولاد به ڀُليل آهي، جو اهي، جنگ جي ميدان واري قبر کي پنهنجي ڏاڏي هوش محمد جي قبر سمجهن ٿا. مون کي نيپئر صاحب جي ڳالهه تي پورو يقين آهي، ڇاڪاڻ جو هو مڙس ڪوڙ ڳالهائڻ جهڙو ڪونه هو!“

پوءِ منهن ۾ گهنڊي وجهي چيائين ته:

”اسان وقت بوقت توسان گهڻيون ئي ڪي ڪم جون ڳالهيون پئي ڪيون آهن، جن سڀني ۾ حڪمت ۽ دانائي ڀريل آهي پر نه معلوم تو ڪيتريون ياد رکيون آهن. هاڻي تاريخ کي ڇڏ ۽ ٻيون ڪي ڳالهيون پُڇ ته تنهنجا سڀئي شڪ لاهيان ۽ توکي سنئين گس لايان“.

تڏهن کيس چيم ته: شال سُهري پير تنهنجون سڀ سڻايون ڪري! تو بيشڪ مون کي بي مُلهيون ڳالهيون پئي ٻڌايون آهن پر آءٌ تنهنجي حڪمت ۽ دانائي جي ڪن ٻولن ۾ ماڳهين مُنجهي پيو آهيان. وڏي عرصي کان وٺي پئي سوچيم ته تنهنجن باريڪ بيانن جي وڌيڪ وضاحت لاءِ توکي تڪليف ڏيان ۽ پڻ ٻيون ننڍڙيون سنهڙيون ڳالهيون، جيڪي آءٌ نٿو سمجهان، سي توکان پڇان، پر هٻڪيس پئي ته متان تون ائين ڀانئين ته ڪجهه سکڻ بدران سامهان سوال پڇڻ لڳو آهي. سچ ته ڪترائي سوال سانڍي رکيا اٿم پر توکان پڇڻ جي جرئت نه ٿي اٿم، تڏهن مهربان ٿي چيائين ته:

”اڄ دل کولي پڇ، ۽ جيڪي پڇڻو هجئي سو پڇ. ڇو جو مون مئي کان پوءِ اوهان جا مسئلا ڪير حل ڪندو! ماڻهو برابر مون کي ’پڏڻ خان‘ ٿا سڏين پر مون کي سندن پرواهه ڪانهي. ڇاڪاڻ جو منهنجا ڪارناما رات کان وڌيڪ روشن آهن! جي اتفاق سان آءٌ مري به ويس، ته به منهنجيون ڳالهيون پيون ڳڻبيون ۽ ڳائبيون“.

تڏهن کيس دلداري ڏيئي چيم ته: ’شال تنهنجو کاڌو پيتو سجايو ٿئي ۽ جڳن جا جڳ جيئن! آءٌ حيران آهيان ته تنهنجي ڏاهپ کي ڳايان يا تنهنجي سمجهه کي ساراهيان! پر ماڻهو برابر ائين ٿا چون ته تنهنجي زبان تنهنجي ڄاڻ کان ڊگهي آهي ۽ تنهنجي ڏاهپ تنهنجي نيت تي سوار آهي، جو تون چوچڙي دکائي، جهيڙو جاڳائي، پاڻ پري ويهي رنگ ڏسندو آهين ۽ جهيڙي وقت هميشه هڻندڙن جي پُٺ ۾ ۽ ڀَڄندڙن جي اڳ ۾ هوندو آهين. ٻيو ته ماڻهو توتي اها ميار به ٿا رکن ته تون ٺاهڻ کان وڌيڪ ڊاهڻ ۾ ڌڳڙ آهين. چون ٿا ته تون مُنهن جي مٺي ۽ اندر جي ڪاري ٿيڻ کي عيب نٿو ڀانئين. منافقيءَ کي مصلحت ڪري ٿو ڄاڻين ۽ سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ڪرڻ ۾ روحاني خوشي ٿو ماڻين. تنهنجي خيال ۾  هُوسي، لوسي ۽ حاسدي بدڪردار ناهن، پر ماڻهن خواهه مخواهه کڻي انهن کي بدنام ڪيو آهي. ماڻهو عام طور ائين ٿا چون ته تون تعمير بدران تخريب ڏي مائل آهين ۽ فساد جي جڙ اکيڙڻ بدران فتني جو ٻج ڇَٽيندڙ آهين.

مون ڀانيو ته مڙس ماٺ ۾ آهي، سو پشيمان ٿيو آهي، پر حقيقت ۾ سندس ڪن تي جونءَ ئي ڪانه سُري. مون ڏي ڏسي کلي چيائين ته: اهڙن اٻوجهن تي ڪير اعتبار ڪندو! ماڻهن جا وات ۽ گُندين جا لِيڙا پيا کُلندا ۽ بند ٿيندا. پرپٺ جنهن کي جيئن وڻي تيئن چوي پر جيڪو منهنجي منهن چڙهيو، سو منهنجي پهرين چٽ سان چٽ ٿي ويندو. ممڙي جو چٽيو بعضي وري اُٿي، پر منهنجو چٽيو ڪڏهن نه چڙهي. انهن مت جي موڙهلن کي چؤ ته منهنجي ڪمن بدران منهنجين ڪاميابين ڏي ڏسن“.

تڏهن مون کيس چيو ته: تنهنجيون ڪاميابيون ۽ ڪارناما ايڏا ته اوچا آهن، جو ويچارن زمين وارن جي ته اتي نظر ئي نٿي رسي! پر شال اڃا به ڊگهو ٿئين، جو تنهنجي چوٽي آسمان سان گسي ۽ ڪياڙي قطب سان لڳي! ڀلا تون اڄ اسان کي کٽ نکٽ جي خبر ڏي ۽ وڇون ٽيڙو جي سڌ ڏي پر پهريائين ٻڌاءِ ته آسمان ۾ مسيت ڪهڙي جاءِ تي، ته ٻُٽو کوهه ڪٿي؟ مڇي ڪٿي ته گهَٽو ڪٿي؟ هو جي ’مُنيون‘ ۽ ’واٽ‘ ٿا چون ۽ ٻيو جو ڪانء ٿا ڪوٺين، سو ٻڌاءِ ته ڪانءُ مُنيءَ تي ويهي ٿو يا واٽ تي اڏامي ٿو؟ هي جو چون ٿا ته تارو اڀريو آهي، سو ڪهڙو تارو ۽ ڪهڙي مند ۾ ٿو اُڀري؟ ’ايٿ‘ ڪڏهن ۽ ڪٿان اُسري ٿو ۽ لُڌو ڪهڙي مند ۾ لڙي ٿو؟ پر ڀٽائي صاحب جو چيو آهي ته:

ڪَتين ڪڙ موڙيا، لُڌا ويا لڙي“

سو سمجهاءِ ته ڪتيون ڪيئن ٿيون ڪر موڙين ۽ لُڌا ڪڏهن ٿا لڙن؟

اڄ تنهنجون ٻڌايل ڪي ٻيون ڳالهيون به توکي ياد ڏياري ڪي وڌيڪ سوال ٿو پڇان ته من تنهنجي جيئري توکان ڪجهه سکي وٺان سو سدائين جيئين ۽ سال جوانيون ماڻين! تون چوين ٿو ته آءٌ پکي پکي جي ذات ٿو سڃاڻان ۽ پڻ سندن ٻوليون ٿو ڄاڻان ٻيو ته وڏي تحقيق ۽ کوجنا کان پوءِ مون هي ڳالهه ڳولي ڪڍي آهي ته ڪانءُ ’ڪان ڪان‘ ڪندو آهي ۽ ڪڪڙ ٽران ٽران ڪندي آهي“. بيشڪ تنهنجي اها تحقيق قابل تعريف آهي. ڇاڪاڻ جو اڳ اها خبر ڪنهن ورلي کي هئي! پر ڌڻي شال توکي لقمان جي ڳجهه جيتري ڄمار ڏئي! اسان کي اهو ته ٻڌاءِ ته ٽنگون ڪهڙي پکي جون ڊگهيون ته پڇ ڪهڙي پکي جو وڏو؟ ڪن ڪهڙي پکي جا ڊگها ته ڏند ڪهڙي پکي جا وڏا؟ ٻولي ڪهڙي پکي جي مٺي ته ڳچي ڪهڙي پکي جي ڊگهي؟ هِل ۽ سِرڻ ۾ ڪهڙو فرق ته ڦوسي ۽ ڦديءَ ۾ ڪهڙو ڦير؟ چيچڙو ڪڏهن لنوي ته ڪڻڇي ڪڏهن ٻولي؟ گُرڙ- پک وڏوڪ ڍرڙ ڍينگ وڏو؟ ڳِجهه جون اکيون وڌيڪ چٽيون يا سندس نڪ وڌيڪ تيز جو ڪوهن تان اچي ٿي ڍونڍ تي ڍري! ڀلا ججُو ۽ ’جوهر‘ جي خبر ڏي جيڪي ٻٽوٻٽ ٿا اڏامن! يا اها ڳالهه وهڃاءِ ته ٻوڙي کي ”ٻوڙي“ ڇو سڏيائون. وهيي کي ’وهيو‘ ڇو ڪوٺيائون ۽ ملان موسڙي کي اهو نالو ڪيئن ڏنائون؟ ٻڌاءِ ته عقاب ڪٿي رهي ته هُماء ڪٿي لهي؟ ڀلا اها خبر ڏي ته نوح نبي جي ٻيڙي ٿي زمين تي لٿي، تڏهن ڪڪڙ ڪهڙو ڪم ڪيو ته ميٽر ڪهڙي مڙسي ڪئي؟

شال چمڪين ۽ چٽو ٿئين جو آرسيءَ کي اونڌو ڪرين! تون پنهنجي سونهن صورت کي واکاڻيندي چوندو آهين ته: اکيون سهڻيون اهي جيڪي وڏيون هجن. انهي ڪري ئي تنهنجو چوڻ آهي ته ’اکيون چٻ جون سهڻيون آهن پر ماڻهو خواهه مخواهه ڪنهن کي چٻِ چئي ٿا چٿرون ڪن ۽ ويچاري پکي جو شان گهٽائن! بيشڪ جمالات ۾ جامع ڪمالات آهين! حُسن بابت تنهنجي اهڙي تيز تخيل کان متاثر ٿي، توکان ان جي حقيقت سمجهڻ گهرون ٿا ته: سونهن سانوري رنگ ۾ آهي يا ڳوري منهن ۾؟ وڏي اک ڇو آهي يا ننڍي وات ۾، سڌي نڪ ۾ آهي يا سنهي چپ ۾؟ سنئين قد ۾ آهي يا ڏنگي ٽور ۾؟ نئين وهيءَ ۾ آهي يا پور جوانيءَ ۾! ڀلا عشق جو راز سمجهاءِ ته: عشق اکين سان آهي يا دل سان؟ اول اکيون اٽڪن ٿيون، پوءِ دل لڳي ٿي يا اول دل لڳي ٿي پوءِ اکيون اٽڪن ٿيون؟ تون پاڻ حسن کي دماغ سان پرکين ٿو يا دل سان تورين ٿو؟

وڏي عقل جا وير! تنهنجو چوڻ آهي ته: ”ليکي حساب ۾ جيڪا مهارت مون کي آهي، سا ٻئي ڪنهن کي ڪانهي، ڇو جو ٽن لکن ۽ چئن لکن ۾ جيڪو فرق آهي، سوبه مون کي ئي معلوم آهي“. ڀلا جي ايئن آهي ته پوءِ شال هڪ مان لک ٿينئي! ٻڌاءِ ته: ’سهسين‘ ۽ ’هزارين‘ ۾ ڪهڙو فرق؟ ڏيڍ لک ڇا کي چون؟ لک وڏو ڪ پُرڄ؟ نيل وڏو ڪ پدم؟ انت ڇا آهي ۽ انت جو انت ڇا آهي؟ ڀلا جي وڏي ليکي ۾ نه پئون ۽ ننڍي کي ئي وٺون ته پوءِ شال ڪڻ مان مڻ ٿينئي! اسان کي سمجهاءِ ته ’ڇپنو‘ ڇا آهي، ٻئو نترو ڇا آهي؟ ساڍي سٺ گهڻي ٿي، ته ڏيڍڙو چوٿايو ڪيترو ٿيو؟

’ساڍ چال‘ ڇا ته ’نو تيرهيو‘ ڇا؟ پنج هٿيو ڪنهن کي چون ته ’پنجاهيو‘ ڪنهن کي ڪوٺين؟ تيرهن تر ڪهڙا ته ’تيرهن تيزيون‘ ڪهڙيون؟ گهڙيءَ ۾ پل گهڻا ته پهر ۾ گهڙيون ڪيتريون؟ ڀلا ٻڌاءِ ته ماڻهو جو قد وڏو ڪ پُرهيه؟ هٿ وڏو ڪ ڇاڙڪي؟ نري وڏي ڪ ڪانو؟ ’ڳوڪو‘ وڏو ڪ ’ٻاچُو؟‘ هڪ ڀيري ٿو چيو هو ته ماڻهو ماڻهوءَ کي ته سڃاڻان پر جانورن جي به جنس جنس جي مون کي خبر آهي. ڌڻي شال توکي مکين کان پناهه ڏئي ۽ مڇون منگهڻن کان بچائي! ٻڌاءِ ته ’ڪُت‘ ڪٿي سرجي، ڄارو ڪٿي ڄمي؟ ’ڄوا‘ ڪيئن لڳن، ’ڪارڙا‘ ڪيئن سُرن؟ پهرات ڇا پوراف ڇا؟ اٺ کي ٿوهو ڇو ٿيو، گهَٽي کي دنب ڇو ٿي؟ گڏهن جا ڪن ڇو وڏا آهن؟ ۽ ڏاند جو پڇ ڇو ڊگهو آهي؟ خچر زوروار يا استر قداور؟ گهوڙا ڪيئن پيدا ٿيا ته مينهون ڪيئن ڪن مان ڪڻڪي نڪتيون؟ ڏاچي ڀيري ڀيري مڙي، پر مينهن ڇو حيلي سان مڙي؟ اٺ جو چپ ڪڏهن چيريو، ڏاند سڱ تي ڌرتي ڪڏهن کنئي؟ ڀلا ٻڌاءِ ته جنهن مڇيءَ کي ڏاهي ٿا چون، سا سڀني مڇين ۾ ڏاهي آهي يا ٻي ڪا کانئس وڌيڪ سياڻي آهي؟ اهو صحيح آهي ڇا ته ٻلي شينهن جي ناني آهي ۽ ڳوهه واڳون جي ڏاڏي؟ ڀلا ٻڌاءِ ته مک کي ٽنگون گهڻيون ته ڀنڀوريءَ کي اکيون گهڻيون؟ تنهنجو اهو به چوڻ آهي ته: نانگن بلائن جي جيڪا مون کي خبر آهي سا گوگي کي به ڪانه هئي! شال ڌڻي توکي ڪک پن کان رکي ۽ تنهنجي دشمنن جو پير لُنڊيءَ تي وجهي! مهرباني ڪري اهو راز ته کول ته بلائون ڪهڙيون آنا لاهين ۽ ڪهڙيون ٻچا ڏين؟ ارڙ ۽ آڳهه جو ڏس ڏي يا گرڙ ۽ ’بونڦوڙ‘ جي خبر ڏي! ٻڌاءِ ته ڏومي ڪٿي گهمي، ڏانگي ڪٿي ويهي، ٻه- مُنهين ڪٿي سمهي ته بمي ڪٿي ڦيري؟ ڪلڪان جوڳڻ ڪٿي جو ته سڌائين ڪڏهن ٿي؟ ڀريو گاروڙي ڪٿي جو ته اسماعيل جوڳي ڪڏهن ٿيو؟ جهاڙ ڇا جهپاڙ ڇا؟ هُدو ڇا واچا ڇا؟ اهو سمجهاءِ ته ايسر مهاديو ڪڏهن ٿيو، جنهن جي واچا ٿي چلي؟

تون چوين ٿو ته جالينوس کي ڪهڙي خبر! مرضن ۽ عارضن جو پڇو ته مون کان پڇو. تنهنجي راءِ موجب اک اُٿي ڪانه ٿي پر ويهي ٿي. نس چڙهي ڪانه ٿي پرلهي ٿي. ڌڻي شال توکي تپ توء کان رکي ۽ تنهنجي سڪرات سولي ڪري! اسان کي به سولو ڪري سمجهاءِ ته: ڊڀ کي ڊڀ ڇو چيائون ۽ سُتيءَ کي سُتي ڇو سڏيائون؟ هُڙٻ ڇا ته سُرٽ ڇا؟ ڪک ڇا ته ڪٽر ڇا؟ سڳو ڇا ته سڳي ڇا؟ ٻڪي ڇا ته ڦڪي ڇا؟ ساڙ ڇا ته پني ڇا؟ ڀلا چئو ته چُڪ ڪيئن ٿي پوي، ڇِڪي ڪيئن ٿي لهي؟ سائي ڪيئن ٿي سرجي ته مائي ڪيئن ٿي مُڙي؟ اُٻاسي ڇو ٿي اچي ۽ نڇ ڇو ٿي ڏجي؟

تون اهو به چوين ٿو ته غيبات تنهنجي قبضي ۾ آهي ۽ تون نه رڳو جن ٿو پاڙهين، پر پرين جا پاڇا به ٿو ٽارين. جي ايئن آهي ته پوءِ شال وسوسن پيدا ڪرڻ ۾ وڌين ۽ جنن کي وڌيڪ ويجهو ٿين! اڄ سل ۽ سچي ڪر ته: ’علامتي‘ ڪيئن ٿي جاڳي، ’حساب‘ ڪيئن ٿو ٿئي؟ جاڳر ڪيئن ٿا ڪن ته ’پڙهيا‘ ڪيئن ٿا ڪڍن؟ سمجهاءِ ته ’هائو‘ ڇا ته ’بائو‘ ڇا؟ رات جي ماء جو ڏس ڏي ۽ پڻ ڏينهن جي پيءُ جو پتو ڏي! ٻڌاءِ ته راڪاس ڪٿي رهي، ۽ برڙباڪاس ڪٿي ويهي؟ ديو جي حقيقت کول ۽ جنن بابت ڪي ٻول! ڏائڻ جي معنيٰ سمجهاءِ، ۽ پريءَ جو پاڇو وهڃاءِ.

شال ڀوپن جا سر ڌوڻين! ٻڌاءِ ته سڪرديو ڪٿي جو ڪلڪان ڪٿي جي؟ ام الصبيان جنڙي جي خبر ڏي ۽ ويسان ڏائڻ جي سڌ ڏي. ٻڌاءِ ته اڇڙن وارڙن وارا جنڙا ڪٿي رانديون ڪن. ڀڀوت ڀوتڙا ڪٿي ڀوڻن ۽ ڪنڌ- وڍيا کنواس ديو ڪٿي رهن؟ ڀلا ڪبيڪج ڪير، جنهن جو پڙهيل پهريائين ٿا نالو لکن؟

ڀلا منهنجي مخصوص مهارت ۽ ذاتي عادت جي آڌار تي چئو ته ’ڀوتار‘ وڏوڪ سندس ’اؤنتار‘ وڏو؟ سيٽ وڏي ڪ ٻٽاڪ وڏي؟ ڦونڊ وڏي ڪ ڦوڪ وڏي؟ توڏ وڏي ڪ تڏر وڏي؟ ڪوڙ وڏوڪ بهتان وڏو؟ منافقيءَ ۾ ڪهڙي مصلحت ته گلا ۾ ڪهڙو گُن؟

شال ساجن سوائي توسان سهنج ڪري ۽ قلندر تنهنجا ڪم ڪري! ڪي روزمرهه جون سنهڙيون ننڍڙيون ڳالهيون سمجهاءِ ته ’ٻوڙ‘ کي ٻوڙ ڇو چيائون؟ ماني کي ماني ڇڏ سڏيائون. وڏيري کي وڏيرو ڇو ڪوٺيائون؟ وبا کي ڪوهياري ڇو ڪوٺيائون؟ شڪاري کي آهيڙي ڇو چيائون ۽ ماري کي پاڙهيري ڇو سڏيائون؟

پر اڃا به جي تون دانائي جو دم ٿو هڻين ته شاعر وريي گڊي جي سوال جو جواب ڏي ته:

ڪٿي سيء سپجي، ڪٿي وهي واء،

ڪيترا سير سمونڊ، ڪيترا پاڻي پاءُ؟

ڀلا اهو سمجهاءِ ته واء ڇو ٿو لڳي. پاڻي ڇو تو وَهي؟ چنڊ ڇو ٿو اڀري ته سج ڇو ٿو لهي؟

شال تنهنجا ڪن وڌيڪ سرلا ٿين جو منهنجون سڀ التجائون سڻن! شال تنهنجي دماغ جا طاق کلن، جو سڀ سوال سمجهين ۽ صحيح جواب ڏين! شال تنهنجي زبان اڃا به ڊگهي ٿئي جو تنهنجي سوچ کي اندران ٻهاري ٻاهر ڪڍي! آخر ۾ ڪي ٻه چار ڳالهيون ادبي ميدان جي مانجهين ۽ جنگ جي ميدان جي سورهين جون به سمجهاءِ ته جيئن ننڍو وڏو تنهنجي دانائي جا داستان ڳائي ۽ تنهنجي قابليت جون ڪهاڻيون ٻين کي ٻڌائي!

سو شال تنهنجي اکري مطالعي ۾ اضافو ٿئي ۽ تنهنجي ادبي سودي بازي ۾ برڪت پوي! ٻڌاءِ ته نوري ڪنهن جي ڌيء ته سورٺ ڪنهن جي ڄائي. ڪؤنرو ڪٿان آئي ۽ ليلان ڪيڏانهن لڏي؟ سهجان ڪٿي سمائي ۽ سومل ڪنهن پڙهائي؟ سهڻي ڪٿي ٻڏي ته سسئي ڪٿي پيٺي؟ مومل ڪڏهن ڪاڪ ويٺي ۽ ڪٿي ڏاگهه چڙهي؟ ڀلا اهو وهڃاء ڏي ته لاکو ڦلاڻي ڪڏهن ٿيو ته هڻند ٿندياڻي ڪٿي رهيو؟ پنرو بڊاماڻي ڪهڙي ماڳ جو ته شينهڙو ڌماچاڻي ڪهڙي جوءِ جو؟ پنهون کي ڄام ڇو سڏيائون ته چنيسر کي داسڙو ڇو ڪوٺيائون؟ ڪلاچي جو ڪُن ڪٿي هو ۽ مورڙي مڇ ڪٿي ماريو؟ سهڻي جو گهر ڪٿي هو ته ميهار جو ڀاڻ ڪٿي هو؟ ڦل وڌو ڪٿي وڌيو ۽ ڀوريءَ سان ڪٿي گڏيو.

شال ڌرتي تنهنجو ڳرو بار سهي! ماڻهو توتي ميار ٿا رکن ته پويان ويهي ٿو فتنا جاڳائين، پر ٻاهر نڪري ميدان نٿو ملهائين. سو شال ميدان ۾ اچين پر ڀڄسين ۽ بچسين، جو پوين سان خبرون ڪرين! ٻڌاءِ ته رڻ ڇا آهي، آرڻ ڇا، سانگيون ڇا، مصريون ڇا، ٽه ڇل ڇا ٽهاڳ ڇا؟ ننگر ڪهڙي ماڳ تي وڙهيو دودو ڪٿي ماريو. دولهه دريا خان سان ڪنهن ڊوهه ڪيو ته سورهيه صبغت الله شاهه سان ڪنهن دغا ڪئي؟ چؤ ته چُغل ڪڏهن ساماڻا ۽ سنڌ جا سورهيه ڪيئن ماراڻا؟

* * * *

]نوٽ: هن جلد جي شروع ۾ مون لکيو آهي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو هيءُ مضمون انوکو، منفرد ۽ سندس سموري تحرير کان مختلف آهي. ڳالهه هيءَ آهي ته ڊاڪٽر صاحب جي عالم آشڪار ۽ معرڪة الآرا ڪم جي پوري دنيا ۾ پذيرائي ٿي ۽ سندس ڪم کي ساراهيو ويو. سڄڻ سرها ٿيا. مگر فطرتاً مخالفن ۽ حاسدن جو هڪ وڏو انگ به پيدا ٿيو. جنهن هر موقعي ۽ هر سطح تي ڀنڊي ٻاري ڏني ته ڊاڪٽر بلوچ وري ڪهڙو ڪم ڪيو آهي. اصل ڪم ته اسان ڪيو آهي پر ڪنهن کي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. بعضي ته باجماعت ڌمچر ۽ هُل هنگامو مچايو ويو ته ڊاڪٽر صاحب جو ڪيل ڪم معمولي ۽ غيرمعياري آهي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر صاحب نهايت سنجيده، بردبار ۽ گهڻ سُهو هو، مگر انساني فطرت موجب بعضي کيس گهڻو ڏک به ٿيندو هو. مخالفن جي علمي استعداد ۽ تحقيقي ڄاڻ جي به کيس پوري خبر هئي. تنهن ڪري هن تحرير ۾ سندن تنقيد جو جواب باصواب ڏنو اٿس. لطيف انداز ۾ مٿن تکي طنز ڪئي اٿس ۽ حاسدن جي پيشوائي ڪندڙ ڏاهپ جي دعويدار جو نالو کڻڻ کان سواءِ ان جي خبر ورتي اٿس ۽ کيس اصليت جو آئينو ڏيکاريو اٿس. - مرتب[

رهاڻ هيرن کاڻ

(جلد ٽيون)

رهاڻ هيرن کاڻ جو ٽيون جلد، مهراڻ اڪيڊمي واڳڻو در شڪارپور مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. جيڪو 173 صفحن تي مشتمل آهي. هيءُ جلد فاضل مصنف جي مهاڳ کان سواءِ هيٺين عنوانن تي مشتمل آهي:

1. تاريخ

2.     سنڌي لغات بابت هڪ تاريخي خط

3.     وڏو عالم ۽ عربيءَ جو شاعر ميون علي محمد مهيري

4.     وياسي وينجهار

5.سنڌ جا بازدار ۽ بازداري ۾ سندن مهارت

6.     رسالي جي رهاڻ

7.     جنگ ناما

8.     ظرافت، مزاح، کل ۽ خوشي

9.     سنڌجا ڀاڳيا ۽ مال جا داغ

10.                                سگهڙ، شاعر ۽ قصا

11.سنڌ جا قبيلا ۽ نسب ناما

12.                                سهتا

13.                                راٺوڙ

14.                                شنباڻي

15.                                 نوحاڻي

16.                                جاکرا

17.                                سميجا

18.                                جت بلوچ

19.                                روس جو سفر

20.                              نارو، هاڪڙو نارو، ڪارو نارو، همتڙ نارو

21.                                اروڙ کان هيٺ درياء جا وهڪرا ۽ پراڻ درياء

فارسي واري چيو آهي ته:

”هر گل رنگ و بوئي ديگراست.“

يعني- هر ڪنهن گل جو رنگ به جدا ۽ خوشبوء به نرالي ٿئي ٿي.

’رهاڻ هيرن کاڻ‘ جي ڏهن ئي جلدن کي پڙهي ڏٺو اٿم. هر جلد جو هر مضمون وزندار، قيمتي ۽ معنيٰ جي موتين سان معمور آهي. ڪنهن به جلد جي ڪابه سٽ ۽ ڪوبه لفظ اضافي ۽ غير اضافي ۽ غير ضروري ڪونهي. ادبي تجزيي ۽ تبصري لاءِ ڪهڙو مضمون کڻجي ۽ ڪهڙو ڇڏجي. اهو فيصلو ڪرڻ نهايت مشڪل محسوس ٿيو. بس ايئن لڳو ته ويهين ۽ ايڪيهين صديءَ جي عظيم عالم، تاريخدان ۽ محقق، ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي قلم جي حواليءَ سان هڪ طرف سنڌي ٻوليءَ جو شان وڌايو آهي ته ٻئي طرف ٺوس علمي ۽ تحقيقي مواد سان سنڌ کي سدا بهار ۽ سدا شاهوڪار بنائي ڇڏيو اٿس.

 

ظرافت، مزاح، کل ۽ خوشي:

خوشي ۽ غم انساني جي احساسن ۽ جذبن جون ٻه مکيه ڪيفيتون آهن ۽ پنهنجي جدا جدا نوعيت سببان اهي ٻئي کي چٽو ڪن ٿيون. غم نه هجي ها ته خوشي ڪين چمڪي ها، خوشيءَ کان سواءِ غم جي خبر نه پوي ها. انهي ڪري ئي اهي ٻه ڪيفيتون هڪٻئي سان لازم ملزوم ٿيون. قرآن شريف جي اصطلاح ۾ ’ڏکن سان ئي سک آهن‘. ڀٽائي صاحب هن طرح ورجايو ته:

ڏکن پٺيءَ سک، سگها ٿيندءِ سسئي،

جيئن ته: خوشي، انسان جي احساسن جي هڪ يقيني ۽ حقيقي ڪيفيت آهي. انهيءَ ڪري ان کي بي معنيٰ يا بي مقصد چوڻ حقيقت جي خلاف آهي. البت فقط خوشي کي ئي جملي حقيقت سمجهڻ، يا انسان جي حياتيءَ ۾ فقط خوشيءَ جو مصنوعي ماحول پيدا ڪري، غم کان نجات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ پڻ هڪ غير حقيقي عمل آهي. اهڙي ڪوشش باالآخر غم تي ختم ٿيندي ڇاڪاڻ ته هر جيوَ کي موت جو ذائقو چکڻو آهي. انهيءَ ڪري انساني زندگيءَ جي حقيقت کي سڃاڻندي، غم ۽ خوشيءَ ٻنهي سان گڏ جالڻو آهي ۽ ٻنهي سان نباهڻو آهي ڇاڪاڻ ته ٻئي انساني وجود جون لازم و ملزوم ڪيفيتون آهن.

جيئن ته خوشي غم سان گڏوگڏ آهي. انهي ڪري خوشيءَ جي نعمت انساني زندگيءَ جو سهارو آهي. خوشي غم کي هلڪو ڪري ٿي خوشي غم جو ترياق آهي. خوشي غم جو اُتار آهي.

خوشيءَ جون جدا جدا حالتون ۽ ڪيفيتون آهن. راحت، فرحت، سُرور وغيره اهڙين ڪيفيتن جا جدا جدا نالا آهن. اکين ۾ چمڪ، منهن تي رونق ۽ چپن تي مُرڪ، خوشيءَ جي اظهار جون سانتيڪيون صورتون آهن ۽ کل ٽهڪ ان جي اظهار جون آوازي صورتون آهن. مگر اهي سڀ ظاهري خوشيءَ جون ظاهري صورتون آهن. اندر واري خوشيءَ کي انسان جي روح جي خوشي يا دل جي خوشي جي لحاظ سان روحاني خوشي يا دلي خوشيءَ سان تعبير ڪريون ٿا. اهڙي اندروني خوشيءَ جو به جسم جي رڳن ۽ پٺن، رنگن ۽ عضون تي اثر پوي ٿو. جنهن جي اظهار لاءِ چئبو آهي ته: ”منهنجا نيڻ ٺري پيا: منهنجا ٻٽيهه ئي نيڻ پيا کلن. منهنجي رڳ رڳ ٺري پيئي، منهنجي جند جان ٺري پيئي، منهنجي دل ٺري پيئي!!“

اهي خوشيءَ جي اندروني ڪيفيت واري چشمي جا مٿيان بوڙيان آهن، ۽ ٽهڪ ان جا چوٽ نارا، کِلائڻ، ٽهڪ ڏيارڻ، ڄڻ ظاهري خوشيءَ جي چشمي کي چورڻ ۽ ان ۾ لهريون پيدا ڪرڻ جي برابر آهي. هڪ جاندار جي سطح تي کل ۽ ٽهڪ هر ماڻهو لاءِ وقتي معجون آهي. جيڪا غم واري جي غم کي لمحي لاءِ ئي هلڪو ڪندي ۽ ٻين کي ڪن لمحن لاءِ تازگي ڏيندي.

اهي روشن ضمير، جيڪي پنهنجي اعليٰ اخلاق ۽ مهر سان غمگينن کي روحاني خوشي بخشين ٿا، سي ڄڻ روحاني طبيب آهن:

”ايڏو سو عجيب، جو شادي ڏيندو صحت جي“

(شاهه)

ٻيا اهي، جيڪي عزازت، دوستي، غريب پروري ۽ ٻين سماجي لاڳاپن هيٺ، پنهنجي مخلصانه محبت واري جذبي سان، ٻين جي دل خوش ڪن ٿا ۽ دل ٺارين ٿا، سي ڄڻ سماجي طبيب آهن. ٻيا وقتي ٽوٽڪائي ۽ جيڪي چرچي ڀوڳ جي فوري ٻڪي ٽڪي سان ڪاوڙ رنج ۽ ملال واري ڪوساڻ تي، ٿڌو ڇنڊو وجهن ٿا ۽ ٺريل طبعيت لاءِ تازگي وارو ماحول پيدا ڪن ٿا.

کلائي خوش ڪندڙن جو ڪنهن آڳاٽي زماني کان وٺي قدر ڪيو ويو آهي. انهي قدرداني سببان ڪي پيشه ور کلائيندڙ ساماڻا، جن کي ’مسخرا‘ سڏيو ويو. وقت جي بادشاهن ۾ اميرن وٽ اهڙا درباري
’مسخرا‘ رهيا ۽ سندن وڏي قدرداني ٿي. اهڙي ۽ جدا جدا وهي ۽ کل جا اياربندن جدا-پار ۽ وڏي جي کل جي نوعيت تي روشني وجهن. راڄن ۾ مسخرا ساماڻا ۽ مشهور ٿيا. عام سماجي سطح تي به هر پاڙي، ڳوٺ، راڄ ۾ ڪي ماڻهو پنهنجي طبعي ظرافت سببان مشهور به ٿيا.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب چوي ٿو ته هيٺ اسان سنڌ ۾ ظرافت ۽ مزاح جي جدا جدا نوعن نمونن تي روشني وجهنداسون ۽ ڳالهين ۽ مثالن سان انهن کي وهڃائينداسون.

ظرافت جا مثال:

• تعلقي اٻاوڙي جا ڌانڌو، سادا ۽ سٻاجها ڳوٺاڻا، مال وارا ماڻهو، جن جون ٻڪريون بگهڙ کنيون پيا وڃن. مرشد آيو ته چيائون ته: سائين دعا ڪر، جو ناهر اسان جون ٻڪريون کنيو ٿو وڃي! سائين چيو ته: ”ابا دعا آءٌ ٿو ڪريان ته ڌڻي خير ڪندو، پر ڪو ڪُتڙو به ڌاريو، جيڪو ڪجهه ٽؤنڪي ۽ ڀؤنڪي.

تڏهن ٻانهون ٻڌي چيائون ته:

سائين! اسان لاءِ ڀؤنڪڻو به تون ته ٽونڪڻو به تون.

• جيڪب آباد طرف جي ڳالهه آهي گهرام خان گذاري ويو. سڀ ماڻهو وڏي افسوس ۾ هئا. جت ويچارو پري کان آيو. سو ڏسي حيران ٿيو. پڇيائين ته چيائون: ”بهرام خان مرڳيا هي. چيائين ته ميڏا رنگي جيها اٺ ئي مرڳيا جنهن خوادين ان ڍويا. بهرام خان مٿون هڪ ڳوڻ رکان ها ته اٿي نه سگهي ها.“

• ڌنو قنبراڻي لهڙي هميشه تکو هلندو هو، پڇندا هئس ته چوندو هو ته سڄي لهڙ جو بار اسان جي ڪلهن تي آهي.

• ملتان واري بزرگ مريدن کان پڇيو ته: نماز پڙهندا آهيو؟ ڪنهن هاري چيو ته: ”دڙيين، دڙيين“ (يعني ڪي پڙهڻ ۽ ڪٿي پڙهڻ) (هاري پنهنجي ٻوليءَ ۾ جواب ڏنو ته پوک جو پڇبو ته چوندا: دڙيين دڙيين چڱي ٿي آهي، يعني ڪٿي ڪٿي.

• محمد خان گڏاڻي، ڪچهريءَ جو مور، جيوڻ خان پتافي جي ڪچهري ۾ آيو. مان چيومانس ته توسان سڀاڻي نويڪلي ڪچهري ڪنداسون. تڏهن هي نقل ٻڌائي موڪلايائين. چيائين ته ڪو شخص ٻاهر مسجد ۾ نماز پڙهڻ ٿي ويو. سندس ٻن ڌين ڀاڏر ۽ ڦاڏر چيو ته بابا اسان جون ٻه ٻه رڪعتون پڙهيو اچجانءِ. زال سليمت چيو: ميان منهنجو به هڪ سجدو ڏيو اچجانءِ. سو ويو وڃي نيت ڪيائين:

”ٻه رڪعتون ڀاڏر جون ٻه رڪعتون ڦاڏر جون. سجدو سليمت جو باقي اسان جو اچڻ وڃڻ ائين. الله اڪبر!!

• محمد خان چيو ته فلاڻي ٻروچ جي ٻئي ٻروچ سان ان وقت ڇڪتاڻ هئي. تنهن اچي ڪنهن قبر تي ختم ڏنو ته:

 

”جي سيد جي قبر ته صلوات جو ثواب اٿئي!
جي ڄاموٽ جي قبر ته ڪلمي جو ثواب اٿئي!
جي ٻروچ جي قبر ته نيت جي مراد اٿئي!
 

• محمد خان چيو ته وعظ ۾ ويٺاسون ته مولوي صاحب گهڻو تاڪيد ڪيو ته ٻيڙي کان ناس کان پري رهو. منهنجي ڀر ۾ همراهه ويٺو هو تنهن چيو ته: ”ناس جو ته قرآن ۾ چار ڀيرا سورت قل اعوذ برب الناس ۾ ذڪر آيو آهي“.

• ڪچهري ۾ ٻئي ڪنهن ٻڌايو ته مولوي صاحب وعظ ۾ بيان ڪيو ته حضور ڪريم ﷺ هر مسلمان جي شفاعت ڪندو. اتي ڪنهن اٿي پڇيو ته: دُبر وارن جاگيراڻين جي به؟ چيائين ته: ها. تڏهن هن چيو ته: ڪم ته ڏکين مڙسن سان پوندو. (جاگيراڻين جو ڳوٺ روهڙي تعلقي ۾ آهي)، جتي سگهڙ علي شير جاگيراڻي جي دعوت تي مون وڃي ڪچهري ڪئي، پر (اها رات ته خير سان گذري!)

• 1940ع کان اڳ جي ڳالهه آهي منٺار فقير راڄڙ جو ڪلام ڪنهن پئي ريڊيو تي غل ڳايو. فقير ولي بخش، منٺار فقير جو پوٽو، تنهن پئي ريڊيو ٻڌو. هڪل ڏنائين ته ائين نه، هيئن! پر ريڊيو مان وري به ساڳئي نموني آلاپ آيو. ڪاوڙ مان ڪڇي جو ڏنڊو هنيائين ته ريڊيو کي ڀڃي چپ ڪرائي ڇڏيائين.

• شاهه محمد خان نظاماڻي مبالغي واري کي چوندو هو ته تون سچو آهين، پر عقل نٿو مڃي.

• محمد فقير کٽياڻ وٽ ڪو آيو ۽ چيائين ته ”امام مهدي آهيان.“ محمد فقير چيو ته الله چئين ته آءٌ اٿي سجدو ڪريان، باقي توکي مهدي ڪري ڪونه مڃيندس.

• فقير مولا بخش ميراثي (دودي چنيسر جي ڳالهه کڻندڙ ۽ ڪچهريءَ جو مور) چيو ته فلاڻي شيديءَ کان ڪنهن چرچو ڪري پڇيو ته: ادا! ڪير مڙس آهين؟ (يعني ذات جو ڪير آهي؟) چيائين ته: انڌو آهين ڪيئن! گهُنڊي ڏس، ڏونرو سڃاڻ.

• ساهڙ خان لغاري (ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقو سنجهورو) سگهڙ، شاعر ۽ خوش طبع هو. بالغن جي تعليم جو ٻڌي، چيائين ته:

پوڙهن جي پڙهائيءَ کان مولا ڏئي معافي،

ڪهڙي ڪندا شافي، جو مُند سندن موٽي ويئي.

• سيد مومن شاهه، شاهپور (بلوچستان) جو (عنايت شاهه کان به اڳ) قاضي موسيٰ شاهه سڏبو هو. جڏهن پنهنجن جتن مريدن کي زوري نماز پڙهايائين، تڏهن ڪنهن نيت ڪئي ته:

نيت ڪيان نماز جي

چٽي موسيٰ شاهه جي- الله اڪبر!

نماز پڙهڻ لاءِ جتن کي ڏاچي باسيائين. سال کان پوءِ جتن جو هڪ وڏو ڏاچي وٺڻ آيو. مومن شاهه پڇيو ته نماز پڙهندو آهين. ڀلا الحمد پڙهي ٻڌاءِ، ويچاري کي نه پئي آيو، سو چيائين:

”جي الحمد نه آئي ته ڏاچي ڳئي! جي تون ڏاچي نهين ڏيندائين ته اسان بي سڀ نمازان بنا وضو پڙهيان هن“.

• لانڍي واري پاسي کان ڪو جوکيو اٺ تي چڙهيو پئي آيو ته اوچتو تتر ڀڙڪو ڏيئي اٿيو ۽ ڇرڪ ۾ مڙس جو پٽڪو وڃي هيٺ ڪريو. ان تان دانهن کڻي آيو ملير ۾ ڄام وٽ ته: ”ڄام مان جي شروع ڪر.“ ان تي ڄام هن کي دڙڪو ڏنو ته اٿيو ۽ چيائين ته:

’ڄام، جي توجي هي شرع آهي ته جوکيا ڪر سوار ٿيا!‘

يعني: جي تنهنجو هي انصاف آهي ته پوءِ جوکيا به اٺ تي سوار ٿياسي ٿيا.

• عبدالله خان نوحاڻي ٻڌايو ته مٺو سنجراڻي نوحاڻي (ڪنب ۽ ڪنگوري وارن نوحاڻين مان تعلقو ڊگهڙي) وڏي همت وارو هو. سڄي عمر ڪٿي به سندس هار ڪانه ٿي. گهڻو بيمار ٿيو تڏهن گهرواري کي چيائين ته ڪهاڙي منهنجي سيراندي کان رک. غش ٿي ويو ۽ وري اکيون پٽيائين ۽ حوصلي ۾ آيو، تڏهن بيٺلن کي چيائين:

”مڙس مڙس جو مٽ آهي. مون ٻڌو آهي ته مئي کان پوءِ ملائڪ اچي ٿا پڇاڻو ڪن. ڪهاڙي مون سان گڏ قبر ۾ رکجو.“

• لاڙ جو نوحاڻي ٻروچ فوٽ جو مُريد حج تي ويو. مديني شريف کان موٽيو ته دل ڀرجي آيس ۽ موڪلائيندي چيائين ته:

الله جا رسول هاڻي پرتين غوث کي!

 

رهاڻ هيرن کاڻ

(جلد چوٿون)

هن ڪتاب جو چوٿون جلد نيوفيلڊس پبليڪيشن ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد مان 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. جيڪو 152 صفحن تي مشتمل آهي.

لائق مصنف جي معلومات افزا مهاڳ کان پوءِ هيءُ جلد هيٺين عنوانن تي مشتمل آهي:

1. تاريخ

2.     آزاديءَ جا علمبردار

3.     سنڌ جو آسمان

4.     نحس تارا ۽ وهم وسوسا

5.نکٽ ۽ تارا

6.     اهي تارا جن تي نالا آهن

7.     چار مکيه تارا قطب، ايٿ، صبح تارو، سانجهي تارو

8.     کٽ

9.     وڇون يا ڀٽون

10.                            پوک ۽ مينهن جا ٽي مکيه نکٽ، ڪَتي يا ڪَتيون، ٽيڙو، لُڌا.

11.ڪَتي ٽيڙو، لُڌي مطابق مينهن جي مند

12.                            حيرت جهڙيون ڳالهيون

13.                            اسان جي ڄاڻ ۽ علم ۾ اضافو

14.                            چنڊ: زمين ۽ آسمان جو سينگار

15.                             وياسي وينجهار

16.                            غازي فقير سيال

17.                            ظرافت ۽ خوش طبعي

18.                            سنڌ جا شهر: نصرپور ۽ اگهم ڪوٽ

19.                            مست وتايو

20.                          سنڌ جون جڙي ٻوٽيون

21.                            نواب غيبي خان جي ڪچهري

22.                          سنڌ ۾ پاڻي جي پياس ۽ آس

23.                          جاوا سوماطرا جو سفر

24.                          سنڌ جا قبيلا

لاشاري

دل

ڄانگ

راٺوڙ

گجو

سنگراسي

مهاڳ ۾ محترم مصنف لکي ٿو ته:

”تارن ستارن جو وڏو جهان آهي. جنهن تي رات جو نظر پوي ٿي. عام طرح اها ڳالهه ته ڏينهن جو پري تائين نظر پوي ٿي، پر رات جو اونداهيءَ ۾ ويجهي تائين به ڏسي نٿو سگهجي. اها زمين جي ڳالهه آهي. مٿي آسمان ڏي انسان جي نظر هزارن ڪوهن تائين پوي ٿي.“

هن جلد ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب آسماني دنيا جي جن تارن جو ذڪر ڪيو آهي، تن مان ڪن تي روشني وجهجي ٿي.

ڪَتي يا ڪَتيون:

ڪَتي سنهڙن تارن جو هڪ ڇُڳو آهي ۽ سنڌ جي آسمان جو هڪ سهڻو نکٽ، ’ڪَتي‘ نالو صحيح آهي، پر جيئن ته ڪَتيءَ جي نکٽ ۾ هڪ تاري بدران تارن جو ڇُڳو آهي، انهي ڪري ان کي جمع واري صورت ۾ ’ڪَتيون‘ چئي سگهجي ٿو.

ڪَتي جي نکٽ ۾ ڪيترا تارا آهن. ان بابت گهڻن جو چوڻ ته ست تارا. ٻارڙا به هڪٻئي کي چوندا آهن ”ٽي ٽيڙو ٻارنهن ڪَتيون ٻارنهن تائين ڪير ڳڻيندو؟“ پر وڏي رياضي دان محقق بيروني لکيو آهي ته ڪَتيءَ ۾ ڇهه تارا آهن.

ڪَتي جي اڀرڻ واري وقت بابت گهڻن جو چوڻ ته آکاڙ (جون) مهيني ۾ اڀري ۽ ڪن چيو ته هاڙهه جي چاليهي ۾ اڀري ٿي. پر آکاڙ جي مهيني ۽ هاڙهه جي چاليهي جا ڪي ڏينهن ساڳيا آهن.

منهنجي ڳڻپ موجب هاڙهه وارو چاليهو (چاليهه ڏينهن) 25 مئي کان 5 جولاءِ تائين آهي. هڪ سڄاڻ سمجهايو ته ڪَتي هڪ ئي مهيني جي مدت اندر ڄمي ٿي، اڀري ٿي ۽ مٿي چڙهي ٿي. يعني ته 7 تاريخ سرجندي ۽ 17 تي اڀرندي جو ڪي ڪي ڏسندا ۽ 27 تاريخ چڙهندي (مٿي ٿيندي) جو سڀ ڏسندا. حاجي ڄام مهيسر (ڳوٺ رفيق مهيسر تعلقو ڪنگري) چيو آ ڪَتي (جون تي اڀري ٿي ۽ 7 ڊسمبر تي لهي ٿي. اڀرڻ کان پوءِ ست ڏينهن سِير ۾ هوندي. جو ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي. 10 جون تائين لڪل هوندي آهي، اهو چاليهو هاڙهه جو پر پشو ۽ سانوڻ 7 جون کان ٻه ڏينهن اڳ يا پوءِ ڪاميل جئر کي ڪَتي ساڙيندي ۽ پڻ ڪنڊي کي ساڙيندي. ڪن چيو ته هاڙهه وارو چاليهو ڀڄندو ته ڪَتي اڀري ويندي. چيائون ته صبح وقت وڇون الهندين افق ۾ ٻڏندو ته ڪَٿي اڀرندي. ۽ ڪتي جڏهن اڀرندي ته به ساڙ ڪندي (جو اڃا سخت گرمي هوندي) لهندي ته به ساڙ ڪندي. (جو سخت سيء هوندو) پر ڪنهن ٻروچ جنهن کي ڪَتي وڻندي هئي چيو ته: ڏوهه ڪَتيءَ جو ڪونهي، ڏوهه سڄو وڇون جو آهي، جيڪو ڪَتي جي اڀرڻ ۽ لهڻ وقت ٿو لهي ۽ اڀري ۽ ساڙ ڪري.

2. ٽيڙو: ٽيڙو يعني وچ وارا ٽي تارا، جن تان هي نالو پيو. هن نکٽ ۾ گهڻا تارا آهن، جنهن ڪري ’ٽيڙو‘
جمع ۾ ڳالهائجي ٿو: چئبو ٽيڙو اڀريا آهن يا لڙيا آهن. ٽيڙو نکٽ ۾ جملي سورنهن تارا آهن. هڪ وڏو چوڪس جنهن جا چار تارا چئن ڪنڊن وارا. ان چوڪس ۾ وچ تي ٽي چٽا اُڀا تارا قطار ۾، جنهن کي ٿر ۾ هرڻ چون. ٻيا ننڍڙا ٽي پاسيارا تارا قطار ۾، جن کي لوڌي يا (ڍاٽڪي ۾) آهيڙي چون. هن سڄي نکٽ کي به ٿر طرف ”هرڻ“ سڏين ۽ ڪڇ طرف ”هرڻائون“. چوڪس وارا چار تارا هرڻ جون چار ٽنگون آهن.

ٽيڙو جي وچ وارن ٽن اُڀن بيٺل تارن کي ’ٽنگڙ‘ چون ۽ پاسيارن ٽن تارن کي ’ٽيڙو‘. هيٺيون بيت انهي تي شاهد، جنهن ۾ ٽيڙو کان پوءِ تارا يعني لُڌا ٿين ٿا

”ٽنگڙ ٽيڙو تارا اثباتي اثبات،

ڪتي سندي واٽ، ڪڏهن ڇڏيندا ڪينڪي“.

 ٽنگڙ- اُڀا بيٺل ٽي تارا. ٽيڙو- پاسيارا ٽي تارا. تارا- لُڌا يا مُنيون اهي ٽيئي ڪتيءَ جي پويان محڪم هوندا ۽ ڪَتي واري واٽ کي نه ڇڏيندا.

ٽيڙو جي اُڀرڻ بابت ڪن جو چوڻ آهي ته ’ٽيڙو‘ آکاڙ مهيني جي چنڊ کان پوءِ اُڀرن ٿا. يعني آکاڙ مهيني ۾ اڀرن ٿا. ٻي راءِ ته ڪُتي جي اڀرڻ کان پوءِ ٽيڙو 17 تاريخ سانوڻ جي اڀرندا. ان وقت ڏينهن جي مدت ۾ ڪتر پوندي يعني ڏينهن گهٽجڻ شروع ٿيندا.

وڏي سجاڳ ڄام مهيسر (عمر 75 ورهيه) چيو ته ٽيڙو 26-27 جون تي اڀري ٿو. ٽيڙو سانوڻ جو سير آهي ۽ جيڪا پوک پوکبي سا ٽئين ڏينهن ڄمندي. ٽيڙو 10 مئي کان 20 جون تائين ڏسڻ ۾ ڪونه ايندا.

حيرت جهڙيون ڳالهيون:

تارا ڏسندي جانچندي مون کي حيرت ٿي ته صبوح جو تارو اڀرندان مٿي چڙهيو ۽ وري پوئتي هٽيو ۽ لهي ويو. سانجهيءَ جو تارو الهندان مٿي چڙهيو ۽ وري پوئتي ٿيندو لهي ويو ۽ هڪ پويان ايندڙ تارو اڳيان ويندڙ تاري کان اڳتي ٽپي ويو.

صبوح واري تاري جو مٿي چڙهي وري پوئتي هٽڻ ۽  لهي وڃڻ:

عام طرح تارا سڀ اڀرندي پاسي کان اڀرندي الهندي پاسي کان وڃي لهندا آهن پر منهنجي حيرت جي حد ئي نه رهي. جڏهن هڪ سال صبح جو اڀرندڙ چٽي تاري کي ڏٺم ته مٿي چڙهيو پر وري پوئتي هٽيو ۽ اوڀر طرف وڃي لٿو. ان بعد ٻين سالن ۾ به ساڳيو لقاء ڏٺم، ان وقت جي لکيل ياداشت مان اقتباس هيٺ ڏجن ٿا.

• 1986ع آڪٽوبر جي شروع ۾ 5 بجي ڌاري چٽو تارو اوڀر طرف ڪن کان مٿي بيٺل هو پر پوءِ هيٺ ٿيڻ لڳو. آڪٽوبر جي آخر ۽ نومبر جي پهرئين هفتي ۾ ڪن کان ٿورڙو هيٺ، اڄ نومبر جي 18 تاريخ آهي ۽ ساڍي 5 بجي صبح جو چٽو نظر اچي ٿو، پر آڪٽوبر واري سطح کان هيٺ تي آهي. اڄ نومبر جي 26 تاريخ آهي. دير سان 6 بجي ڌاري ٿورو مٿي آيو. پر صبوح صادق جي اڇاڻ واري گهيري ۾ هئڻ ڪري ان جي اڳين چمڪ ۽ چٽائي باقي نه رهي آهي، عنقريب هيٺ ٿي لهي ويندو. مارچ 1987ع جي پهرين تاريخ ڏٺم ته پرهه جو صبوح وارو تارو گهڻو هيٺ ٿي ويو آهي. هن وقت ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ تي آهي ۽ شايد مارچ ۾ لهي وڃي.

1987ع ڊسمبر 8-9 تاريخ تي صبوح وارو تارو جيڪو اڳ وچ اوڀر تي ۽ مٿي هو، سو مٿي ڪونه چڙهيو ۽ هيٺ افق ۾ ٻڏي ويو. 1989ع ۾ ڏٺم ته چٽو تارو، جيڪو ڊسمبر يا اڳ آسمان جي ڏکڻ، اوڀر ڀاڱي ۾ اُڀريو، سو جنوري ۾ وڌ ۾ وڌ مٿي چڙهيو. ان بعد هيٺ ٿيڻ لڳو. تان جو لهي ويو. جون 1993ع کان وٺي پرهه جو اوڀر طرفان وڏو چٽو تارو مٿي چڙهڻ لڳو ۽ پهر تائين مٿي آيو. آڪٽوبر ۾ مٿي چڙهڻ بدران پوئتي هيٺ ٿيڻ لڳو. هاڻي 30-31 آڪٽوبر تي صبوح جو نماز وقت 5-6 بجي هيٺ ڄڻ اڌ پهر تي آهي.

مٿين مثالن مان هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا.

پهريون ته صبح وارو روشن تارو، صبوحي يا صباحي تارو هڪ ناهي پر هڪ کان وڌيڪ آهن. جيڪي جدا جدا مهينن ۾ (۽ شايد جدا جدا سالن ۾) اسريا پرڀات جو روشن ٿين ٿا. انهن مان هڪڙي کي، جيڪو سوير اڀري ٿو، ’وهائو تارو‘ سڏجي ٿو. ڪچهرين ۾ سياڻن سڄڻن اڪثر ائين چيو ته: وهائو تارو مٿي ڪونه چڙهندو آسمان ڪوهن لتاڙيندو (يعني الهندي طرف ڪونه ويندو) پر پوئتي ٽٻي ڏيندو.

نواب غيبي خان جي ڪچهري:

نواب غيبي خان چانڊيو وڏو سخي ۽ گهڻ سَهُو هو. ڪنهن سان ڪڙو ڪونه ڳالهايائين. سندس حياتيءَ ۾ شهر غيبي ديري ۾ ڪنهن جي گهر تئو ڪونه چڙهيو. سڀني کي ماني بٺيءَ تان ملندي هئي. سندس باري ۾ گهڻيون ڳالهيون هلندڙ آهن. جن مان نواب صاحب جي سادگيءَ سان گڏ سندس فهم ۽ فضيلت جي خبر پوي ٿي. روزانو ڪچهري لڳندي هئي. نواب صاحب وچ ۾ ڪرسيءَ تي ويهندو هو ۽ سندس مشير، صلاحڪار ۽ ٻيا سڀ چوڌاري هيٺ وهندا هئا. فيصلن هلندي هو پنهنجي راءِ ڏيندا هئا ۽ آخر ۾ وڌيڪ ڪارگر راءِ بحال ٿيندي هئي.

مون کي عزيز مرحوم غلام الله خان لغاري (سپرنٽينڊنگ انجنيئر، اريگيشن جي عهدي تان رٽائر ٿيو) نواب صاحب جي هڪ ڪچهريءَ جي ڳالهه ٻڌائي، جيڪا ساڻس مرحوم محمد علي خان کهاوڙ پاڻ پنهنجي زباني ڪئي. محمد علي خان کهاوڙ جون مينهون چورائجي ويون ۽ غيبي ديري ۾ ڪنهن وٽ پهتيون ۽ هو پاڻ غيبي ديري نواب صاحب وٽ ويو. نواب صاحب آيو ۽ ڪچهريءَ ۾ اچي ويٺو. مون احوال ڏنو ته مينهون فلاڻي جي گهر بيٺيون آهن، سي وٺي ڏيو. تڏهن ويٺلن مان ڪنهن چيو ته هي اجايو بهتان آهي. ڪهڙيون مينهون ته ڪهڙي ڳالهه! نواب صاحب چيو ته ادو بحالو (يعني هائو بحال) ويٺلن مان ڪنهن چيو ته هي مڙس ڪوڙ ٻڌي آيو ته سڀ ٿڪ ٿڪ هڻو. نواب صاحب وري به چيو ته ادو بحالو! اتي يڪدم ڪچهريءَ مان ڪنهن ٽئين ماڻهو ڳالهايو ۽ چيائين ته: آءٌ سڃاڻان ٿو. هي محمد علي خان کهاوڙ آهي. عزت وارو آهي ۽ راڄ جو چڱو مڙس آهي. هي جيڪا ڳالهه ڪندو، سا ڪوڙي نه هوندي. ڀلا جيڪڏهن مينهون فلاڻي جي گهر ۾ آهن ته موٽائي ڏئي. تڏهن نواب صاحب هٿ مٿي ڪري چيو ته: ”ادو بحالو!“ اهو آخري فيصلو ٿيو ۽ مينهون محمد علي خان کي موٽي مليون.

نواب غيبي خان پاڻ هميشه ڪچهريءَ جي وچ ۾ ڪرسيءَ تي ويهندو هو ۽ چوڌاري ماڻهو ويٺل هوندا هئا. لاڙ جي ڪنهن جت اهو لقاء ڏٺو، سو اچي خبر ڪيائين ته نواب صاحب ڪچهريءَ جو مور آهي. رڳو هڪ اوڻائي آهي جو مڙس وٽ نڙ ڪونهي جو ويهي وڄائي.

نواب غيبي خان چانڊيو هلت چلت ۾ سادو پر بردبار، داناء، خود دار ۽ بلوچي روايات جو محافظ هو. غلام الله خان لغاري (سپرنٽينڊنگ انجنيئر) ٻڌايو ته: جيڪب آباد جي سالياني جشن هارس شو جي موقعي تي منهنجي ۽ ٻين عملدارن جي اتي ڊيوٽي هئي، جو گورنر به آيو. شيخ عبدالقادر ڪليڪٽر هو، انگريزن ۽ سندن مڊمن جي ويهڻ جي جاءِ جدا ڪيائون ۽ ٻين کي جدا ٿي ويهاريائون. نواب غيبي خان آيو ته انگريزن واري چاڙهي تي چڙهڻ لڳو. پهريائين ڪنهن آفيسر وڌي چيس ته نواب صاحب اوهان جي جاءِ هن پاسي آهي پر هن کي ٻڌائين به ڪونه، ان بعد ڪليڪٽر پاڻ تڪڙو تڪڙو آيو ۽ چيائين: ”نواب صاحب! اوهان جي جاءِ هن طرف آهي.“ تڏهن چيائين ته ادو اتي به ڪا جاءِ هوندي ۽ اسين ويهي رهنداسون. پوءِ هليو آيو ۽ هڪ ڪرسي تي پاڻ ويٺو. ٻيءَ تي پنهنجو پٽڪو لاهي رکيائين. ٽئين تي سندس رفيق ڏاتو خان ويٺو ۽ چوٿين ڪرسيءَ تي سندس ننڍڙو پوٽو سلطان احمد ويٺو. پوءِ ٻيون ڪرسيون آندائون ۽ انگريز ۽ مڊمون به پاسي سان ويٺا رهيا. پر نواب صاحب بنا ڪنهن هٻڪ جي لاغرضائيءَ سان ويٺو رهيو. ائين آخر ۾ انگريزن کي پنهنجي خود داري ۽ عظمت وارو شان به ڏيکاري ڇڏيائين.

رهاڻ هيرن کاڻ (جلد پنجون)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل ڪتاب ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ (جلد پنجون) سنڌي ساهت گهر حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. جنهن ۾ پبلشر جي طرفان ٻه اکر ۽ لائق مصنف جي لکيل مهاڳ کان سواءِ 158 صفحا آهن. هيءُ جلد هيٺين عنوانن تي مشتمل آهي:

* تاريخ

* پراڻ درياء ۽ هاڪڙي جي دوآبي وارو علائقو دمريلو

* ميان نصير محمد جو فقير شاهه وسائو

* رسالي فتحي ۾ آڳاٽا ناياب سنڌي بيت

* مانائتيون مايون

* وياسي وينجهار

* محبت جون مقالون

* سگهڙ، شاعر ۽ قصا

* شاعر گلو مياڻو

* لوءَ يعني وايو منڊل (Atmospherics) بابت سنڌ جي سڄاڻن جي ويچار

* تبديل ۽ ترقيءَ جا اڳواڻ

* استاد مير حسن سهتو سائنس ۽ حرفت ۾ وڏي شعور وارو

* حاجي سراج الدين سومرو ڀٽن تي گاڏيون چاڙهيندڙ ۽ ٿر جا رستا کوليندڙ

* سونهن ۽ سرهاڻ جو سرواڻ رئيس علي نواز انڙ

* ظرافت ۽ مزاح

* سنڌ جي طب

* سنڌ جو شاهي قلعو- رني ڪوٽ

* سنڌ جا نسب ناما ۽ قبيلا

* بدين ۽ نورائي جي جيلاني پيرن جو شجرو

* سنڌ جو مهڪاڻي مري ڪٽنب جو شجرو

* ٿر جو نهڙيا قبيلو

* ٿر جا وسائي پوٽا (چانڊيا)

* ٿر جا سوڍا

* سنڌ جا سڄاڻ، هنرمند ڪڙم قبيلا

* ڪچهري نارو

هن جلد ۾ ’تبديل ۽ ترقيءَ جا اڳواڻ‘ جي عنوان سان ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌ جي انهن قابل ۽ عالي دماغ انسانن کي متعارف ڪرايو آهي، جن سائنس ۽ حرفت ۾ نمايان ڪم ڪيو ۽ گاڏين جي مشينري سسٽم ۽ اصلاح ڪري ان ۾ انقلابي تبديليون آنديون. ڊاڪٽر صاحب سڀ کان پهرين استاد مير حسن سهتي جو ذڪر ڪيو آهي.

استاد مير حسن سهتو:

مير محمد پٽ حاجي محمد پريل سهتو ونڊير، پاڙو ستاباڻي سڌو پوٽا، ڳوٺ جان محمد ونڊير
(راڻي پور کان 3 ميل اوڀر طرف) 3 مارچ 1940ع ۾ ڄائو. ساڻس پهرين تاريخ آڪٽوبر 1986ع تي ملاقات ٿي. ان وقت راڻي پور شهر ۾ اليڪٽرانڪس جو دڪان هوس. منهنجي ميزبان مهربان درازن جي سيد ضياء الدين شاهه ساڻس ملايو هو. ٻه درجا انگريزيءَ جا پڙهيو. پوءِ کيس مشين ڪلن وغيره جي جوڙجڪ ۽ عمل جو شوق ٿيو ۽ هو ان طرف مائل ٿيو. سندس زباني معلوم ٿيو ته هيٺيان ڪم ڪيائين:

* ستن اٺن سالن جي عمر ۾ گراموفون جي ڦيري ذريعي وڃڻو نصب ڪيائين، جيڪو ڦري پيو ۽ واء پيو هڻي.

* ٻارڙو هو. جو سندس پيءُ واچ جو ڪو ’اسڪرو‘ ٿي کوليو. جو چيائين ته بابا اڳ ۾ هيءُ اِسڪرو کول. پڻس حيران ٿي واچ دٻلي ۾ بند ڪري رکي ۽ چيائينس ته تون وڏو ٿجانءِ ۽ ٺاهجانءِ. پوءِ 12-13 سالن جي عمر ۾ انهي واچ لاءِ بليڊ مان ’گراري‘
ٺاهيائين ۽ واچ درست ڪيائين.

* انهي ساڳي عمر ۾ جنريٽر مان خامي ڪڍي درست ڪيائين، پوءِ واٽر ڪورس تي پاڻي جو 'Fall' ٺاهي Hydraulic Power تي هلائي پنهنجي ڳوٺ جي ڇهن ستن گهرن کي هلڪن بلبن جي روشني پهچايائين. جنريٽر ۾ ڪاٺ جا ڀاڱا هئا، جيڪي پُسڻ سببان سال کان پوءِ ضايع ٿيا.

* گنبٽ اسٽيشن تي ’گنبٽ مل‘ جي ڀرسان ريڊيو رپيئر جو دڪان شروع ڪيائين، حالانڪ اهو هنر ڪنهن کان به ڪونه سکيو هئائين. پنهنجو ريڊيو ورتو هئائين، جنهن کي کولي سڄي ڳالهه سمجهيائين. ان کان پوءِ پورهئي کي لڳي ويو. شادي ڪيائين ٻار ٿيا. ضرورت وڌي ته ٻئي طرف توجهه ڪيائين.

* ٻه سال ڪراچي ۾ وڃي ٻئي ڪنهن سنگتي (گنبٽ جو) سان گڏ ويهي نوان ريڊيا ٺاهڻ شروع ڪيائين، روزانو ويهه کن ريڊيا ٺاهڻ لڳو. پر وڌيڪ ڪمائي خاطر توجه ڪري ’ميوزڪ هارن‘ ٺاهيائين. ان ۾ هڪ پرزو خاص پنهنجو رکيائين، جنهنڪري ڪوبه ڪاپي نه پيو ڪري سگهي پر پوءِ جڏهن اهو پرزو عام ڪيائون ته ٻين به ٺاهڻ شروع ڪيا ۽ هارن جي قيمت 80 رپين کان اچي 35 رپين تي بيٺي.

* پوءِ سوچيائين ته ڪاٻي شيء ٺاهيان. 1979ع ۾ ’خودڪار واش بيسن‘ (Automatic wash Basin) ٺاهيائين: جڏهن ڪو هٿ ڌوئڻ لاءِ آڏو اچي ته پاڻي وهي: صابڻ کڻجي ته ايتري وقفي (ٻن سيڪنڊن) لاءِ به پيو هلي ۽ پوءِ بند ٿئي. ’هارن‘ مان جيڪو پيسو ڪمايائين سو Wash Basin جي Disc ٺاهڻ تي خرچ ڪري ڇڏيائين. هاڻي وڌيڪ پيسو نه هجيس جو گينڊن وغيره جو ڍانچو ٺهرائي دادا ڀائي وارن وٽ ويو.

سندن انگريز مئنيجر کي ڳالهه پسند آئي. ٻيء ملاقات ۾ کيس چيائون ته: اهو پرزو هڪ هفتي لاءِ ڏي ته اسان ڏسون ۽ مطمئن ٿيون. پوءِ تنهنجو حصو رکي Wash Basin ٺاهڻ شروع ڪنداسون. اها ڳالهه هن قبول نه ڪئي. سرمايي نه هئڻ سببان ۽ والد جي بيماري سببان ڏٺائين ته هميشه لاءِ ڪراچي ۾ رهي نه سگهندو. سو ڪراچي ڇڏي آيو. پوءِ پاڻ بيمار ٿيو، ۽ اپريل 1984ع ۾ سندس والد فوت ٿيو. انهي ڪري سندس وڏيون رٿائون رهجي ويون.

* ڪراچيءَ ۾ روزانو محنت ۽ ڪم کان واندڪائي ۾ وري جدت پيدا ڪرڻ طرف سوچيائين. هڪ ’چڪي جو تصور‘ جيڪا هلڪي، سولي ۽ گهر ۾ هجي، جو داڻا ٻاهر کڻي وڃي نه پيهائجن. ان جون ٻه ڊزائنون: اڌ تي ۽ هڪ هارس پاور تي: اٽو ٿلهو يا سنهون جيڪو گهرجي. سرمائي جي ڪمي سببان پنهنجي هيءَ ايجاد مارڪيٽ ۾ آڻي نه سگهيو.

* هر ٺاهيائين، جيڪو ڪمند جي پوک لاءِ ڪاريگر پنج- هري (پنج گهوٻا) ۾ ترميم ڪري نئين قسم جا گهوٻا وڌائين.

* سندس حڪمت عملي موجب، ڪمند جو رس تئي ۾ جڏهن گرم ٿئي ته گج ڪڍي ڇڏجي ته باقي گهڻي وقت لاءِ رکي سگهجي ٿو.

* ناري ۾ فوٽا ڪڍڻ ويا ته اتي ’ڊارڪ روم‘ ۽ Enlarger Development پنهنجا ٺاهيائين. ’لائيٽ‘ جي وقت جو مقدار خود مرادو ڪيائين.

* 1975ع ڌاري Apollo جي خبر آئي ته هيٺيان زمين تان ٿا ان کي درست ڪن. اها خبر ظفرآباد ۾ مرحوم الاهي بخش ٻانڀڻ ڪئي.

استاد مير حسن چيو ته ائين هتي به ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن 'Closed Circuit' ڪري سگهجي. جڏهن ظفرآباد ۾ بجلي لڳي، تڏهن ائين ڪري ڏيکاريائين. جو هتي ’بٽن‘ دٻايو ته ٽن ميلن تي ٽريڪٽر چالو ٿئي ۽ وري بند ٿئي. ان جي نمائش ڪري ڏيکاريائين. ضياء الدين دوست اسان جو موجود هو جنهن پاڻ بٽڻ دٻايو. ٽيليفون ٻنهي طرف رکيائون تصديق ٿي. سوين ماڻهو ڏسڻ آيا. چيائين ته: Remote Control کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ائين سمجهو ته ساڪت بجلي (جيڪا چپ ۽ خاموش آهي) تنهن کي لوڏو ڏيئي حرڪت ۾ آڻجي ٿو.

* وائرليس ٽيليفون Cardless Telephone ٺاهيائين. پهريائين البت Receiver جي رينج ٿوري هئي پر پوءِ ان جي اندر واري سٽاء کي Adjust ڪندو ويو ته Range به وڌندي ويئي ۽ ٽن ميلن تائين پهتي.

* بجلي جو ڪم، موٽر جو ڪم (پيٽرول توڙي ڊيزل انجن) ٽيليفون وائرليس، مڪينيڪل ڪم، سئنيما جون مشينون، جنهن ۾ فوٽو گرافي ۽ آواز ٻنهي جي ڄاڻ. اهي سڀ حرفتون ۽ حيلا ڄڻ سندس ڏائي هٿ جوکيل هئا. سندس سوچ ۾ هن وقت (1986ع) هيٺيون ٽلون آهن:

* هڪ اهڙي تجويز وٽس تيار آهي، جنهن سان ٻه موٽرون آمهون سامهون ته ’لائٽيون‘ ’ڊم‘ ٿي وڃن، جيئن وچ واري شيء نظر اچي. وٽس پرزو تيار، پر ضروري آهي ته گورنمينٽ لازمي ڪري ته اهو لڳائجي، ته ان جو وڪرو ٿئي.

* ”کيسي ۾ ڊاڪٽر“ اهڙو Computer، جيڪو کيسي ۾ هجي ۽ مرض جو علاج ٻڌائي، ان لاءِ دوائن جي نالن بعد، انهن جا ”نمبر“ ڏجن. فيڊ سسٽم ۾ مرض جي پڇا ۽ آثار جي پڇا هوندي. پوءِ ڪامپيوٽر ’نمبر‘ ڏيندو (سندس بيان جيئن مون سمجهيو، تيئن لکيو آهي. نبي بخش 1986ع-8-01).

استاد مير حسن 8- تاريخ نومبر 1990ع تي گذاري ويو. افسوس جو سرمايي جي ڪمي سببان هن جون اهي رٿائون رهجي ويون! سندس حياتيءَ ۾ سنڌ جي ڪنهن به سرمايي واري، سندس ڄاڻ ۽ حرفت مان فائدو نه ورتو! اهو انهي ڪري جو گهڻن کي اها خبر ئي ڪانه رهي ته ڪو اهڙو ماڻهو سنڌ ۾ موجود آهي! ضروري آهي ته خاص خوبين وارن کي سڃاتو وڃي ۽ جنهن ڪم ۾ هو ماهر هجن، تنهن مهارت مان، وڌيڪ ترقيءَ ڏانهن قدم وڌايو وڃي.

حاجي سراج الدين سومرو، ڀِٽن تي گاڏيون چاڙهيندڙ ۽ ٿر جا رستا کوليندڙ:

ٿر ۾ ڇاڇري تعلقي جو ننڍڙو ڳوٺ ’سومرن جو پار‘ اتي سنه 1944ع ۾ هڪ غريب گهر ۾ ٻارڙو ڄائو. 1938ع ۾ ٿر ۾ ڏڪار پيو ۽ سندس والد محمد حسن لڏي اچي ميرپورخاص لڳ ڳوٺ سانوڻ خان ٽالپر ۾ ويٺو ۽ اتي ٻني ڪيائين. سراج الدين چار درجا سنڌي جا اتي پڙهيو. پوءِ ميرپورخاص مدرسه هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ ٽيون درجو انگريزي پڙهندو هو. جو والد وري ڳوٺ سومرن جي پار لڏي ويو ۽ سراج الدين جي تعليم ختم ٿي. 1959ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ دڪان ڪڍيائين. پوءِ 1965ع ۾ گڍڙي ۾ دڪان ڪڍيائين. 1967ع ۾ کوکرا پار ۾ حاجي عبدالرحيم ۽ ڪمپني جي دڪان تي نوڪري ڪيائين. 1969ع ۾ اتي ٻن ڀائيوارن سان گڏ پنهنجو دڪان ڪڍيائين پر 1971ع واري جنگ ۾ جڏهن کوکرو پار تي قبضو ٿيو ته تڏهن 78- موري جمڙائو تي لڏي آيو. 1973ع کان 1979ع تائين وري کوکرا پار ۾ حاجي عبدالرحيم ڪمپني سان دڪان ۾ ڀائيواري ڪيائين ۽ پڻ کينر ۽ گروڙو تائين گاڏي هلائڻ ۾ ڀائيواري ڪيائين. 1979ع ۾ محمد رحيم راموي سان گڏ کينر ۾ دڪان ڪڍيائين. 1979ع ۾ عمرڪوٽ آيو جتي دڪانداري ۽ ٽرانسپورٽ ۾ حاجي عبدالرحيم ڪمپني سان ڀائيوار رهيو. 1994ع ۾ آخر پنهنجو دڪان ۽ ٽرانسپورٽ جو ڪم شروع ڪيائين.

* عمرڪوٽ ۾ اچڻ کان پوءِ حاجي صاحب جي ڌيان ۽ ڌنڌي جو ڪامياب دور شروع ٿيو، پر مٿئين تفصيل مان اندازو ٿي سگهي ٿو ته زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ هو ڪيترن لاهن چاڙهن مان لنگهيو. هاڻي عمرڪوٽ ۾ اچڻ بعد سندس سڄو توجهه ٽرانسپورٽ طرف ٿيو. 1980ع کان 1986ع تائين ڪمپني سان ۽ پوءِ حاجي مئين شاهه سان ٽرانسپورٽ ۾ ڀائيواري ڪيائين. ٽرانسپورٽ جو انتظام ۽ گاڏين جي سنڀال سندس حوالي رهي. سندس نگراني هيٺ گاڏين لاءِ ورڪشاپ قائم ٿي. اها ساڳئي وقت اوطاق به هئي ۽ يار دوست جيڪي تو ڏانهن ايندا ويندا هئا، سي اتي مهمان ٿيندا هئا. آءٌ ان وقت اسلام آباد ۾ نيشنل هجره ڪائونسل جو صلاحڪار هوس پر هر موڪل واري موقعي تي سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن ڀاڱي کي ڏسڻ ايندو هئس. ٻه ٽي ڀيرا ٿر وڃڻ ٿيو ته پهريائين عمرڪوٽ ۾ حاجي صاحب سان ورڪشاپ- اوطاق تي ملڻ، سندس مهمان ٿيڻ ۽ ان سان گڏ ٿر جي واري ۽ ڀٽن ۾ ڪاميابيءَ سان گاڏين هلائڻ بابت سندس رٿن ۽ ارادن مان واقفيت حاصل ٿي.

ڪئين حاجي صاحب پيٽرول واريون پراڻيون گاڏيون ڊيزل تي بدلايون ۽ ڪاميابيءَ سان هلايون ۽ سڄو ٿر اچ وڃ لاءِ کلي ويو. تنهن جو تفصيل هيٺينءَ طرح آهي. اهي گاڏيون پوءِ کيکڙا جي نالي سان مشهور ٿي ويون.

ڪولنگ سسٽم کي وڌائڻ:

ٿر جي واري ۽ وڏين شاهي ڀٽن ۾ ملٽري وارين پراڻين پيٽرول تي هلندڙ گاڏين کي ڊيزل تي تبديل ڪري هلايو ٿي ويو پر ڊيزل واري گاڏي به گرم ٿي ويندي هئي ۽ بيهي رهندي هئي. ڪجهه وقت کان پوءِ ان جي انجڻ به ختم ٿي ويندي هئي. حاجي صاحب پهريون قدم اهو کنيو، جو گاڏيءَ جي ’ڪولنگ سسٽم‘ کي وڌايو. ان لاءِ (1) هڪ ته ريڊيئيٽر جي سائيز کي وڌائي وڏو ڪيو (2) ٻيو ته ان ۾ پاڻي وارين نالين جي تعداد کي ٻيڻو ڪيو ته انجڻ مان ايندڙ گرم پاڻي کي جلدي ٿڌو ڪن (3) ٽين خاص ايجاد اها ڪئي، جو پاڻي جو ڊرم گاڏي جي ڇت تي رکيو ويو. جنهن مان هڪ پائيپ ڊرائيور تائين آندو ويو، جتي ان ۾ وال رکيو ويو. اسان اهو پائيپ ريڊيئيٽر جي ٻاهران انجڻ جي سامهون آندو ويو ۽ هڪ ڦوهارو لڳايو ويو. هاڻي جنهن وقت گاڏي جي گرميءَ جو ڪانٽو خطري جي ليول تائين ٿي ويو ته ڊرائيور وال کولي ٿي ڇڏيو ۽ ريڊيئيٽر تي پاڻي ڦوهاري سان لڳي. نالين واري پاڻي کي ٿڌو ٿي ڪيو. جنهن انجڻ کي ٿڌو ڪري ٿي ڇڏيو. مٿي ڊرم ۾ پاڻي ايترو رکيو ويو جو ذري ذري ڦوهاري هڻڻ جي باوجود گاڏي منزل تائين پهچي ٿي ويئي. (4) چوٿون ته اڳ ريڊيئيٽر ۾ ٿر جي کوهن جو کارو پاڻي استعمال ٿي ٿيو، جيڪو جڏهن ريڊيئيٽر جي نالين مان لنگهندو هو ته نالين جي اندرين ديوارين ۾ لوڻ جمع ٿيڻ ڪري، نالين کي سوڙهو ڪري ڇڏيندو هو ۽ نالين مان پاڻي گهٽجي ويندو هو. جنهن جي ڪري گاڏي گرم ٿي ويندي هئي. حاجي صاحب کاري بدران مٺو پاڻي استعمال ڪرايو، جنهن سان ناليون کُليل رهيون.

گاڏيءَ جي گيئر سسٽم ۾ تبديلي:

ڪمپني جي ٺهيل گاڏيءَ ۾ 6x6 گيئر (جنهن سان ڇهه ئي ڦيٿا ڦرن ۽ زور لڳائن) صرف آڏو اڳتي وڌڻ واري پهرئين گيئر سان ۽ پوئتي هٽڻ واري سان آٽوميٽڪ خود بخود لڳي ويندو هو، پر ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين گيئر ۾ اهو نه لڳندو هو ۽ گاڏيءَ جا صرف پويان چار ڦيٿا ڦرندا هئا، جنهن سان گاڏي کي وزن سميت مٿي ڀٽن تي چاڙهي نه سگهبو هو. شروع شروع ۾ حاجي صاحب 6x6 گيئر کي جدا ڪيو ۽ ان ۾ اها تبديلي آندي، جو ان کي هر گيئر سان گڏ هڻي سگهجي. ان لاءِ ڊرائيور سان گڏ هڪ ٻيو ماڻهو وهاريائون، جيڪو ليور ڇڪي، ضرورت وقت گيئر هڻي ۽ ڪڍي پر ڪنهن وقت ’رش‘ جي ڪري يا بي خياليءَ جي ڪري اهو گيئر وقت تي هڻي نه سگهندو هو ۽ گاڏي ڦاسي پوندي هئي. انهي مسئلي کي ائين حل ڪيو ويو جو ’ليور‘ جي جاءِ تي انجڻ جي طاقت مان ’ايئرپريشر سسٽم سان 6x6 گيئر جو ڪنٽرول ڊرائيور کي ڏنو ويو. جيڪو ضرورت وقت ’بٽڻ‘ دٻائڻ سان گيئر هڻي سگهي، اهو سسٽم اڃا تائين ڪاميابيءَ سان ڪم ڪري رهيو آهي.

گاڏيءَ ۾ گهڻي بار کڻڻ جي گنجائش:

ڪمپني جي گاڏي اڍائي ٽن وزن کڻڻ لاءِ ٺاهيل هئي. ٿر جي وڏن فاصلن تي وڌيڪ وزن وارا بار پهچائڻ لاءِ حاجي صاحب گاڏي کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي سوچيو ته جيئن وڌيڪ بار کڻي. ان لاءِ هيٺيون تبديليون آنديون ويون: (1) چيسز/ چيچز جي گاڏڙن کي اندارن ٻاهران لوهه جون ٿلهيون پٽيون هڻي، ان جي مضبوطيءَ کي وڌايو ويو. (2) ڪمپنيءَ کان آيل گاڏين ۾ هرهڪ پاسي فقط ڏهه ڪمانيون لڳل هيون. حاجي صاحب جن اهي هر پاسي وڌائي ٻاويهه ڪيون. تعداد وڌائڻ سان گڏوگڏ ڪمانين جي ٿولهه کي پڻ وڌايو ويو. انهن کان سواءِ به ٻيون ننڍيون ننڍيون تبديليون ڪري گاڏيءَ ۾ وزن کڻڻ جي صلاحيت ٻارهن ٽنن تائين وڌائي ويئي.

* پيٽرول تي هلندڙ ملٽري جون رد ڪيل گاڏيون راولپنڊيءَ ۾ گو لڙهه واري ڊيپو مان خريد ڪرڻ لاءِ حاجي صاحب 1986ع ۾ راولپنڊي آيو ته اتي مهرباني ڪري مون سان مليو، ٻڌايائين ته ملٽري واريون پراڻيون گاڏيون سهوليت سان اسان کي وڪڻي ڏيڻ بدران وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ’تاڪسيلا‘ ۾ اسٽيل مل کي ڏين ٿا، جنهن مان قومي نقصان ٿئي ٿو. هن صدر ضياء الحق سان ملڻ ٿي گهريو ۽ اتان کيس G.H.Q ۾ ’ڪوارٽر ماسٽر جنرل‘ لاءِ چيائون. حاجي صاحب ساڻس مليو ۽ اها ڳالهه سمجهايائين ته پيٽرول واريون پراڻيون گاڏيون ڊيزل تي آڻي ضروري تبديل ڪري ٿر ۾ ڪاميابيءَ سان هلائي سگهجن ٿيون. شاهديءَ طور پنهنجي ڪمپني جي ڪامياب تجربي جي ڳالهه ڪيائين. ملٽري وارن جانچ ڪري تصديق ڪئي ۽ ان کان پوءِ پراڻين گاڏين کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ واري پاليسي تبديل ٿي. غور طلب ڳالهه اها آهي ته ٿر جي ننڍڙي ڳوٺ جو حاجي سراج الدين وڏي حوصلي سان ’ڪوارٽر ماسٽر جنرل‘ سان وڃي مليو ۽ کيس قومي بچت جي ڳالهه سمجهايائين.

* پوءِ ملٽري وارن حاجي صاحب جي ڏسيل طريقي موجب پاڻ گاڏي ٺاهي ۽ ان جو نالو ’شهزور‘
رکيائون. ان گاڏي جي هلائڻ لاءِ افتتاح ٿيو ۽ حاجي صاحب کي سڏيائون. حاجي صاحب پنهنجي ٺاهيل گاڏيءَ ۾ اتي پهتو. وڏو ميجر صاحب ۽ ملٽري وارا به آيا. جڳهه مقرر ڪيائون ۽ شهزور کي ملٽري وارن جي پنهنجي ڊرائيور هلايو ۽ اها ڀٽ تي چڙهي ته ڦاسي پيئي. حاجي صاحب چيو ته اوهان جي ڊرائيور کي گاڏي هلائڻ نٿي اچي. پوءِ پنهنجو ڊرائيور وهاريائين ته گاڏي ڀٽ تي چڙهي ويئي. تڏهن قبول ڪيائون ته گاڏي ۾ نقص ڪونهي، پر ڊرائيور کي تجربي جي ضرورت آهي. ٻئي ڀيري ’شهزور‘ ۾ ملٽري جو تجربيڪار ڊرائيور وهاريائون ۽ حاجي صاحب پاڻ پنهنجي گاڏي هلائي. مقرر ٿيل منزل تي وري به حاجي صاحب جي گاڏي ٽي منٽ اڳ پهتي.

* ٿر ۾ گاڏين کي ڪاميابيءَ سان هلائڻ لاءِ حاجي صاحب پڪن رستن ٺاهڻ تي سوچيو. اهو تڏهن، جڏهن 1994ع ۾ کيس عمرڪوٽ کان ڪانٽي تائين رستي ٺاهڻ جو ٺيڪو مليو. ان کان اڳ نئين ڪوٽ کان مٺي تائين، هڪ قسم جو پڪو رستو، واريءَ سان پندرهن سيڪڙو ڏامر ملائي ٺاهيو ويو هو پر اهو رستو هيٺان هيٺ مٿي واري سطح سببان هيٺ مٿي هو ۽ ڄڻ تڏي وانگر وڇايل هو. حاجي صاحب پهريائين رستي جي هيٺان زمين واري سطح کي سنئون سڌو رکڻ تي سوچيو، ان لاءِ راولپنڊيءَ مان ايگريڪلچر وارا پيٽرول تي هلندڙ ناڪاره بلڊوزر عمرڪوٽ آندا ۽ انهن ۾ بيڊفورڊ جون انجيڻون وجهي. سڄو سسٽم بدلائي ڊيزل تي هلايو. پهريائين بلڊوزن سان زمين جي هيٺين فرش کي سنئون سڌو ڪيو ويو. ٻيو هڪ نئون ڪم اهو ڪيو ويو، جو ٿر جي هڪ خاص مٽي رائو يا رائلو، تنهن کي هيٺئين زمين جي مٿان وڇايو ويو ۽ ان جي مٿان پٿر وجهي مٿان ڏامر ۽ سيمنٽ جو پٽو ڏنو ويو. اهو نئين قسم جو رستو سڌو سنئون ۽ پٿر جهڙو پڪو ٿي ويو. عمرڪوٽ کان ڪانٽي تائين ۽ اڳتي ڇاڇري ۽ مٺيءَ تائين حاجي صاحب جو ٺاهيل اهو نئون رستو مثالي آهي. ملٽري طرفان پڻ ان کي اول نمبر ۾ پاس ڪيو ويو آهي.

رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ڇهون)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هن ڪتاب جو ڇهون جلد 158 صفحن تي مشتمل آهي. جيڪو مهراڻ اڪيڊمي واڳڻو در شڪارپور مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

هيءُ جلد پبلشر جي راءِ، پنهنجي پاران، فاضل مصنف جي مهاڳ کان علاوه هيٺين عنوانن تي مشتمل آهي:

* تاريخ

* سورهيه صبغت الله شاهه جي شخصيت

* وياسي وينجهار

* سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ

* سنڌي ميان مظفر فقير صوفي

* ظرافت خوش طبعي

* گلڻ مستوئي جي مينهن جا پار

* شيخ عبدالمجيد سنڌي جو ننڍپڻ

* مخدوم عبدالله نريي وارو ۽ ٺٽي جا عالم

* نوح هوٿياڻي

* مشائخ هوٿي

* مخدوم ساند يا سعد

* مهياڻي ميان، مدرسو ۽ ڪتب خانو

* شاهه يقيق بخاري

* ميون عثمان عباسي

* حرن جي انگريزن جي حڪومت سان جنگ

* معجون شاهه عبداللطيف

* سنڌ جا بورچي ۽ طعامن ٺاهڻ ۾ سندن مهارت

* ڳوٺن ماڳن مڪانن جي نالن ۾ سڃاڻپ واريون پڇاڙيون

* جنن جي جانچ

* سنڌ جا نسب ناما ۽ قبيلا

- لکي جا لڪياري سادات

- پالاري

- گبول

- ڪاڇي جا لغاري

- آريسر

- درس

* ڪچهري کارو

هن ڀاڱي ۾ سنڌ جا بورچي ۽ طعامن ٺاهڻ ۾ سندن مهارت بابت ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحرير کي اول جاءِ ڏجي ٿي. ڊاڪٽر صاحب فرمائي ٿو:

سنڌ ۾ گهمندي ڦرندي ٽن جاين تي مون اهڙيون رڌل پڪل شيون کاڌيون، جو حيران ٿي ويس ته سنڌ ۾ اڃا تائين ڪيترائي رڌپچاءَ جا نمونا ڳوٺن ۾ به موجود آهن. جيتوڻيڪ رڌڻ وارا گمناميءَ جي گوشي ۾  آهن.

هڪ ڀيري بدين کان الهندي طرف ساداتن وٽ سانجهيءَ ڌاري پهتاسون، جيڪي غوث طريقي جا هئا. مون ان وقت جهنگ جهر ۾ ڪچهريون ڪري ڪجهه سکڻ ٿي چاهيو ۽ منهنجو سڄڻ پير شهاب غوث حيدرآباد مان مون کي اتي وٺي هليو، ماني آئي ته ان ۾ سائي ڀاڄي به هئي. حالانڪ اتي ڀاڄي ملڻ مشڪل هئي. مون ڀاڄيءَ مان گراهه کنيو ته ان جي رس ۽ ذائقي جي لذت ٻئي سڀ طعام کان بي نياز ڪري ڇڏيو. ٻئي ڏينهن صبوح جو روانگيءَ کان اڳ مون پڇيو ته بورچي ٻڌايو ته تازو پوکيل تورئي جا ننڍا سلا هئا، تن جا پن پٽي ڀاڄي ٺاهيم. ظاهر آهي ته سارو ڪمال بورچيءَ جي ڪاريگريءَ ۾ هو. هڪ ڀيري پير جهنڊي درگاهه جي سجاده نشين جناب وهب الله شاهه مرحوم جي دعوت تي ساڻن رهاڻ ٿي. ماني آئي ته سائي ڀاڄي سامهون هئي. مون هڪ دفعو ۽ وري ٻيو دفعو کنئي ته سائين مرحوم مُرڪيو. مون پڇيو ته ڇاجي ڀاڄي آهي. چيائين ته اوهان جي آڏو انهي لاءِ رکي ويئي ته سڃاڻو ته ڪهڙي ڀاڄي آهي. ڀاڄيءَ ۾ اهڙي ته شيري هئي، جو ٻي ڪنهن به ڀاڄيءَ سان ان کي ڀيٽڻ مشڪل هو. آخر پڇڻ تي پير صاحب چيو ته هڪ دعوت تي اها ساڳي ڀاڄي منهنجي اڳيان رکيائون ۽ آءٌ سڃاڻي نه سگهيس. پڇا تي ٻڌايائون ته اها ڀاڄي جِهل جي ٻوڙي جي پتن جي آهي. ٽيون تجربو ميرپور ماٿيلي تعلقي ۾ مرحوم جيوڻ خان پتافيءَ جي دعوت ۽ ڪچهري تي ٿيو. ماني تي ڀاڄي آئي ۽ اها اهڙي لذيذ هئي، جو ڀروارن به واهه واهه ڪئي. پڇڻ تي ٻڌايائون ته ريڻي جي ڪرڙن جي پُسي آهي. انهن مثالن مان معلوم ٿيو ته سادي شيء کي به ٺاهي رڌڻ سان بيحد لذيذ بنائي سگهجي ٿو.

هاڻي ڪجهه وڏن طعامن جي ڳالهه ته خيرپور ۾ انجنيئر محترم عبدالڪريم شر وٽ دعوت هئي. پڪل گوشت آيو، جنهن ۾ هڪ ته شيري ۽ لذت ۽ ٻيو ايترو ته نرم جو چٻاڙڻ جي ضرورت نه پوي. پڇا تي معلوم ٿيو ته بورچي اتي جو هڪ ڳوٺاڻو هو، جيڪو پوءِ ڪراچي هليو ويو ۽ اڃا تائين اتي هوندو، نرم ڳريل گوشت ۽ ساڳئي وقت لذيذ، اهو تجربو ان کان اڳ (58-1959ع) ڪنڌڪوٽ سندلي واري سجي جو هو، جيڪا اتي (فلاڻو) حوالدار يا نائڪ تيار ڪندو هو. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ جدا جدا جاين جا خاص طعام سادا توڙي سڻڀا، اتي جي رڌ پچاء وارن جي ڪاريگريءَ جو مثال آهن. هڪ ڀيري ڪنڊياري تعلقي ۾، شاهه نواز خان خشڪ وٽ دعوت ۽ ڪچهري هئي. وڏي ڪشادي دسترخواني تي هڪ شيء عجيب ڏسڻ ۾ آئي، يعني بادامن جي ماني! بادامن جي اٽي ۾ ايترو ليس ڪونهي، پوءِ بنا ڀڄڻ ڀرڻ جي ڪيئن ٿي ماني پچي! اڳ ٻڌانداهئاسون.

ميرن جا بورچي پچائيندا هئا. هت معلوم ٿيو ته بادامن جي ماني جي اها سوغات خاص طرح هالاڻي جي ساداتن جي حويلين جي آهي. ڳوٺن کان سواءِ وڏن تاريخي شهرن جهڙوڪ: ٺٽي، سيوهڻ، روهڙي، شڪارپور ۾ اتي جي بورچين خاص خاص طعام ٺاهيا. خصوصاً مٺاين ۽ حلون جا قسم جن مان ڪي باقي وڃي بچيا آهن.

سنڌ جا بورچي تاريخي طور تي مشهور رهيا آهن. 3 صدي هجري (9-10 عيسوي) جي بغداد ۾ سنڌ جي بورچين جو ذڪر اچي ٿو. سنڌ مان ليمائي پلاء عراق ۾ مشهور ٿيو. سنڌ ۾ مهلبي قبيلي جي گورنرن ۽ ٻين سنڌ جا پلاء عراق ۾ رائج ڪيا، جن کي مهبلي جي نالي سان سڏيو ويو.

سنڌ جي مشهور معياري طعام جو اصطلاحي نالو ’ٻوڙ پلاء‘ آهي. هي هڪ جامع نالو آهي، جنهن ۾ ٻوڙ جا سڀ قسم ۽ پُلاء جا سڀ قسم شامل آهن. پلاء جي نالي ۾ به سڀ اوچا اعليٰ طعام شامل آهن. شاهه صاحب مارئي جي زباني چيو آهي.

”پُلاء نه پاڙين، عمر آ رهاڙيءَ سين.“

سنڌي پُلاء خاص سڃاڻپ وارو نالو آهي. ’سنڌي پُلاء‘ هٻڪار ۽ وڏي لذت ۽ شيري آهي، آڳاٽو ڪنهن سڄڻ سمجهايو ته:

”سڳداسي چانور، سنڌي پلاء چئي کڻي بس ڪر“!

پوئين ويجهي تاريخي دور ۾، ميرن صاحبن جا بورچي مشهور ٿيا، جو ميرن هنن کي دل کولي نوازيو. ان دور ۾ بورچين جو مان وڌيو ۽ چلامان ٿي ويو، جو هر خاندان بورچي رکيا ۽ اهي اتي مشهور ٿيا. حيدرآباد جي ميرن جا ٻٻر بورچي مشهور ٿيا هئا. جن جون ڳالهيون پوءِ به مشهور رهيون. سنڌ يونيورسٽي جو استاد ڊاڪٽر مير نور محمد خان مهربان هو ۽ هڪ ڀيري ٽنڊي مير غلام حسين ۾، ميراڻي شاهي بنگلي تي دعوت ڪيائين. اتي جيڪي طعام آيا، خاص طرح سفيدا ۽ قسمين حلوا، تن مان معلوم ٿيو ته وٽن قابل بورچي آهن پر مير نور محمد خان مرحوم چيو اڳيان وڏا بورچي باقي نه رهيا آهن ۽ هاڻي وارا ڪجهه پوءِ سکيا آهن.

خيرپور جي ميرن جي بورچين جي پڇا ڪندي، 4 نومبر 1997ع تي ڪوٽڏجي ۾ بورچي محمد بخش شيخ سان ملڻ ٿيو. جنهن ٻڌايو ته هت ميرن صاحبن وٽ هر طعام جو جدا بورچي هوندو هو. جيڪو ان طعام ٺاهڻ ۾ ماهر هوندو هو. چيائين ته منهنجن استادن ۽ سندن ساٿيارين مان هت هيٺيان بورچي مشهور هئا.

- قادن ابڙو اڳ جو وڏو بورچي هو.

- غلام نبي عرف گل محمد خاصخيلي قادن جو شاگرد، مير علي نواز خان جو وڏو بورچي هو. قورمي ٺاهڻ جو وڏو ڪاريگر هو. ٻارهن قسمن جا قورما ٺاهيندو هو ۽ هرهڪ جي لذت جدا. اها واٽ ڪنهن کي ڪونه ڏنائين. گل محمد سنه 1984ع ۾ وفات ڪئي.

- مولا بخش ذات جو پريو، گل محمد جو شاگرد برياني ۾ قابل هو.

- محمد بچل خاصخيلي، گل محمد جو شاگرد زردي ٺاهڻ ۾ قابل هو.

- گل محمد پنهور، محمد بچل جو شاگرد پيٺي جي حلوي ٺاهڻ ۾ مشهور هو.

-  امير بخش مينو، مير علي ڏني خان جو مشهور بورچي ٿيو.

معلوم ٿيو ته 1973ع ۾ جڏهن وزير اعظم ڀٽي مرحوم لاهور ۾ دنيا جي مسلمان ملڪن جي ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، تڏهن اتي ميزباني لاءِ سنڌ مان چار چونڊ بورچي ويا هئا.

1. غلام نبي عرف گل محمد خاصخيلي خيرپور جو

2. سکيو سولنگي هالاڻي جو

3. غلام حيدر شاهه خيرپور جو

4. محرم نالي، روهڙيءَ مان ميان قوي وارن جو بورچي.

مون ڪوشش ڪئي ته انهن سان ملان، پر فقط غلام حيدر شاهه ۽ سکيي سان رهاڻ ٿي سگهي.

 

بورچي سکيو سولنگي هالاڻي جو:

4 آڪٽوبر 1998ع تي سکيي سان هالاڻي ۾ رهاڻ ٿي، سکيو پٽ مراد پٽ الهڏنو، عمر ستهٺ سال، بورچي جي ڪاريگري ۽ ڄاڻ بابت چيائين ته: ماڻهو سڄاڻ هوندو ته سکڻ سان سکي ويندو. ۽ طعام تيار ڪري ويندو پر طعام ۾ لذت ۽ شيري ڪيئن پيدا ٿئي، اها رب جي ڏات آهي. هٿ هٿ جو ڦير آهي. بورچي پاڻ صاف رهي ۽ بسم الله چئي ڪم شروع ڪري ۽ هر طعام ٺاهڻ بسم الله زبان تي هجيس. چيائين ته: بورچي جي ڪاريگري جو هڪ انصاف اهو آهي، جو طعام لوڻ ۾ پورو بيهاري (ڪچهريءَ ۾ سڀني يڪراءِ ٿي چيو ته: سکيو بسم الله ڪري لوڻ وجهندو ته پهرئين ئي وزن ۾ پورو بيهندو).

سکيي جي خاص مهارت، ثابت ٻڪر، ثابت ڪڪڙ، ثابت تتر جي شِيخ ۽ سجي. چيائين ته سجي ۾ رڳو لوڻ باقي شيخ ۾ پورو مصالحو (دالچيني، ننڍو ڦوٽو، ڪمال پٽ، ڪارا مرچ ۽ پلاء جيري) پوندو.

لاهور ۾ سکيي ٽي طعام ٺاهيا- اڇو ٻوڙ، ڪڪڙ جي قيمي جي شيخ ۽ ثابت ٻڪر جي شيخ، هالاڻي بادام جي ماني کان مشهور آهي ۽ سکيو بادام جي ماني ۽ حلوا ٺاهي. منهنجي چوڻ تي ٻنهي جي واٽ هن طرح ڏسيائين.

- بادام جي ماني: بادام گرم ڪري کلون لاهي پيسبا.

کنڊ به جنڊ ۾ پيسبي. هڪ پاء بادام، هڪ پاء کنڊ، ننڍا ڦوٽا، هڪ پاء نج گيهه ملائي، جوئر جي ماني وانگر پيڙو ٺاهجي. ٿالهه جي تري کي گيهه مکي، مٿان اڇو پنو ڏيئي، ٻيو ٿالهه مٿان ڏيئي ڍڪجي، ان جي مٿان ٽانڊا رکبا، جن جي سيڪ تي ماني پچندي.

حلوا: پيٺي، گجر، پٽاٽن، بيضن، ٻڪر جي گوشت، ڪڪڙ جي گوشت ۽ مڇيءَ جا جدا جدا ٺهندا. مڇيءَ جي حلوي جي هيءَ واٽ ته ڪرڙو مڇي ڳاري، ڪنڊا ڪڍي کير ۾ رڌبو. پوءِ لاهي نپوڙي رکبو. ديڳڙي ۾ گلاب جو پاڻي ۽ ننڍا ڦوٽا ڏيئي ان ۾ وجهبو ۽ ٻه ٽي اٻارا ڏيئي لاهي وري نپوڙبو. پوءِ ڦوٽن جون کلون ڪڍي، پاء ڏيڍ گيهه (هڪ ڪلو مڇيءَ لاءِ) ۽ ڦوٽي جي داغ ۾ ڀڃبو. پوءِ گلاب جو پاڻي ڏيئي. زعفران گهوٽي وجهبي ۽ کنڊ به گهوٽي وجهبي. پوءِ هلڪي باهه تي هلائي سڪائبو. ان وقت ٿورو سائو رنگ ڏبو، بش ڪمپني جا رنگ بهتر آهن.

بورچي محمد بخش شيخ ڪوٽڏجيءَ جو:

محمد بخش شيخ عمر 67 سال. 4 نومبر 1997ع ڪوٽڏجيءَ ۾ ساڻس رهاڻ ٿي. محمد بخش جي مهارت برياني پچائڻ. چيائين ته برياني ٻه قسم آهي. هڪ پسا ٻي باٺو. پسا ۾ ٻوڙ جدا پچندو ۽ چانور جدا پسائيندا يعني ته پاڻي هاري ڇڏبو. باٺو ۾ گوشت چاڙهي ڳاري پوءِ چانورن جي مقدار ۾ پاڻي وجهبو. پاڻي اڀرندو ته چانور وجهبا.

حلوا: سوجي، پيٺو، ڪدو، موري، لاهوري گجر، سنڌي گجر، پٽاٽو، مڇي، ڪڪڙ ۽ گوشت انهن جا جدا جدا حلوا ٿيندا.

بصر ۽ ٿوم جي کيرڻي، محمد بخش ٿوم جي کيرڻي جي واٽ هن طرح ٻڌائي: ٿوم جون ڳڙيون پاڻي ۾ ٽهڪائي ڳاربيون، پوءِ پاڻي ۾ ڌوئبيون ۽ پوءِ ڪٽبيون. پوءِ کير ۾ اوٻاربيون. کير وزن ۾ پنجوڻو هجي، پوءِ کنڊ ڦوٽا ۽ ڏيڍ ڪلو مائو ان وقت کير ۾ وجهبا. پوءِ سڄو مال ڪپڙي ۾ ڇاڻبو ته ٿيندي ٿوم جي کيرڻي.

بورچي غلام حيدر شاهه خيرپور ميرس جو:

غلام حيدر شاهه عمر 45 سال سان شهر خيرپور ۾ 4 نومبر 1997ع تي ڪچهري ٿي. چيائين ته طعام ۾ شيري جو مدار بدن جي صفائي ۽ اخلاق تي آهي. استادن جو چوڻ ته بورچي اخلاق ڀلو رکي. ڪوڙ نه هڻي ۽ چوري بي ايماني نه ڪري. ڪم بسم الله سان شروع ٿي هلي. جيسين تائين پورو ٿئي. ان سان برڪت پوندي ۽ طعام ۾ شيري ٿيندي. چيائين ته ماهر بورچي اهو جو لوڻ نه چکي، لوڻ وجهي ته پورو بيهي وڃي.

قورمو: غلام حيدر شاهه قورمو سٺو پچائي، جنهن جو خاص مصالحو اڇو جيرو، ننڍو ڦوٽو، ڪارا مرچ.

قورمو گيهه ۾ پچي، ان ۾ پاڻي نه پوي پوءِ اٺ ڏينهن رکيو هوندو ته به خراب نه ٿيندو. ڀل اس مٿان اچي وڃي.

روسٽ: ٽي قسم، اڇو ڀنو، هيڊ ڀنو ۽ ڪريم قورمو. (رنگ ڪريم جهڙو)

ديڳ قورمو: اڌ مڻ گوشت ۾ ڏيڍ آنو لوڻ پوندو ۽ مرچ ڳاڙها اڌ پاء، ديڳ تيار. ڍڪ لاهبو ته ٻاڦ جي خوشبوء مان بورچي کي خبر پوندي ته لوڻ مصالحو پورو يا گهٽ وڌ!

شامي ڪباب: هڪ ڪلو قيمو هڪ پاء دال، پاءَ ٽماٽا ٻه ڳڙيون ٿوم، ساوا مرچ پنج داڻا مصالحو ساڳيو. قورمي واري ٽڪي جي وچ ۾ ڦودنو، ساوا مرچ، ادرڪ، بصر جي ڪاتر ڏيئي پوءِ پُڙ ورائي بيضي ۾ ٻوڙي تربو.

شِيخ: گوشت کي سرڪو ۽ لوڻ ڏيئي اڌ ڪلاڪ رکبو. پوءِ شيخ کي ٿڌي باهه تي ٿورو رکي لاهي، چوڪي، ڪپڙي ۾ ويڙهي زور ڏبو ته جيئن رس ڪچ نڪري وڃي. پوءِ ڏهي ڏيئي (ته جيئن گوشت نرم ٿئي) هلڪي باهه تي ڏهي کي سڪائجي. ٺاهيل مصالحو جدا ٺاهي رکبو. دالچيني، وڏو ڦودنو، وڏا ڦوٽا، ڪارا مرچ، جائتري، ننڍا ڦوٽا، اڇو جيرو، سڀ ملائي ڪٽي پروڻ ڇاڻ يا ڪپڙي ڇاڻ ڪري رکبا. پوءِ شيخ کي اهو مصالحو ڏيئي مهمانن آڏو رکبو.

پلاء: ٻه قسم، هڪ گوشت ۽ چانور گڏ ۽ ٻيو (جيئن مير صاحب پسند ڪندا هئا) ٻوڙ جدا ڪري چانور اوٻاري (يا پسا ڪري) مٿان ٻوڙ جا ٻه يا ٽي تهه ڪبا.

کارڪن جو حلوو: هڪ ڪلو کارڪ، پاء چڻن جي دال، جنهن کي باهه تي کير ۾ ڳاربو. پوءِ دال ۽ کارڪون ملائي گهوٽبا. پاء نج گيهه ۾ ڪُٽيل ڦوٽن سان داغ ڪري، گهوٽيل کارڪون پڃبيون، ائين جو گيهه سڄو خشڪ ٿي وڃي، وچ  ۾ پستن ۽ بادامن جو ٻرڪو ۽ تهه مٿان تهه ڪري پليٽ ۾ رکبو.

ٿوم جو حلوو: هڪ ڪلو ٿوم ۽ اڌ پاء ٽاٽي (ڳوڙهن واري) ٽاٽي ٽي حصا ڪري، هڪ حصو ۽ ٿوم پاڻي ۾ ڪاڙهبا. وري ٽاٽي جو باقي حصو وجهي ٽيون ڀيرو ڪاڙهبا. ائين ٿوم جي هَوَڙ مري ويندي. اصل ڪاريگري اهائي آهي. پوءِ صوف ٻه داڻا، انهن جي ڳر کي ٿوم سان ملائي گهوٽبو ۽ هڪ پاء نج گيهه سان ملائي. هلڪي باهه تي ڀڃي گيهه کڻائبو. پوءِ پستن بادامن جو ٻورو ڏيئي پليٽ ۾ رکبو.

بادام جي ماني: ان لاءِ غلام حيدر شاهه چيو ته ميرن جا وڏا بورچي هڪ ڪلو بادام ۽ اڌ پاء ميدو ملائي کير ۾ ڀڄائيندا هئا.

وڏا ڪاڄ:

وڏن ڪاڄن جا وڏا ڄاڻو راڌارا سنڌ ۾ گهڻين جاين تي موجود آهن. ڳوٺن ۾ اڪثر حجام ڪاريگر ڪاڄ رڌيندا هئا ۽ اڃا تائين ائين آهي. مثلاً ڀريا شهر ۾ شمس پٽ عبدالحڪيم حجام نوجوان آهي، جيڪو وڏي ڪاڄ جو ڪم ڪري ٿو. ٺٽي ۾ هڪ عباسي بورچي مشهور آهي ۽ وڏا ڪاڄ سنڀالي ٿو. ستن اٺن ڪم ڪندڙن جو عملو پاڻ سان کڻي ۽ سير کان وٺي پڇاڙيءَ تائين سڄو ڪم سندس نظرداريءَ هيٺ ٿئي. هن موضوع بابت وڌيڪ پڇا هلندڙ آهي.

مڇي:

سنڌ ۾ مڇي گهڻي هئي. جنهن ڪري مڇيءَ کي رڌڻ ۽ ٺاهڻ وارا ڪاريگر پيدا ٿيا. پلي کي جدا جدا نمونن سان پچايائون جن مان هڪ نمونو، جيڪو درياء جي ڪنڌيءَ سان سيوهڻ طرف مشهور هو، سو هو پلي کي گرم ڪيريءَ ۾ پچائڻ. جنهن ۾ رس سڪي ويندو هو. ۽ اهو سڪل پچايل پلو ڏينهن يا ڏينهن رکي سگهبو هو. هڪ ڀيري سيوهڻ جي سائين مرحوم موٽيل شاهه مون تي پيار ڀري مهر ڪئي ۽ ڪيريءَ ۾ پڪل سڄو پلو ڏياري موڪليائين. مڇيءَ بابت معلوم ٿيو ته مڇي جيتري تازي اوتري لذيذ. آڳاٽو هڪ سڄڻ ٻڌايو ته هو درياء واري ٻيڙيءَ ۾ هو، جو پاڻي مان ڪڍيل جيئري مڇي مائي وڍي ٽڪي چاڙهي، جنهن ۾ فقط لوڻ پيل هو. پر اها ايتري ته لذيذ هئي، جو پوءِ هن جتي ڪٿي اها ڳالهه پئي ڪئي. سمنڊ جي مڇي درياء کان گهڻي آهي ۽ ڪي جنسون (ڍانگري، پٿون وغيره) ايتريون ئي لذيذ آهن، جيتريون درياء جون. ڪراچي جا ملاح کاري جي مڇي رڌڻ ٺاهڻ ۾ ماهر آهن. سنه 1950ع ۾ اهو تجربو ٿيو. جڏهن آءٌ سنڌي لغات لاءِ سمنڊ جي مڇين جي نالن جي سڃاڻپ ۾ مشغول هوس. سن ۾ محترم جي-ايم-سيد جي سهاري ڪم ڪري رهيو هوس. سمنڊ جي مڇين جي سڃاڻپ لاءِ سندس سفارش سان ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري مدرسي جي مهربانيءَ سان ملاحن مڇيءَ جي وڏي دعوت ڪئي. جنهن ۾ ٽيهه جنسون رڌيون پچايون ويون. جنهن ۾ هڪ انچ واري ننڍڙي مڇيءَ کان وٺي ٽن فوٽن وارا منگرا شامل هئا. ٻوڙ، پڪل ۽ تريل صورت ۾ توڙي پلاء ۾ آندا ويا. بس مڇي ٺاهڻ ۾ بورچين جي ڀيٽ هئي!

گذريل صديءَ جي نوي واري ڏهاڪي ۾ منهنجو ڌيان انهي طرف ويو ته سنڌ ۾ بورچين ۽ طعامن ٺاهڻ ۾ سندن مهارت جو مطالعو ڪجي. معلوم ٿيو ته ڪنڌڪوٽ تعلقي ۾ ٽوڙي واري بنگلي تي عبدالعزيز نالي سرڪاري ملازم آهي. جيڪو مڇيءَ جو ماهر بورچي آهي. سو 4 آڪٽوبر 1997ع تي وٽس پهتس ۽ هيٺين معلومات حاصل ٿي.

عبدالعزيز ڀيو مڇيءَ جو ماهر بورچي:

عبدالعزيز پٽ بگن ڀيو، ويٺل ڳوٺ راڄو ڀيو، لڳ ٽوڙي بنگلو، عمر پنجاهه سال. سندس استاد حاجي ڀيو، جيڪو انجنيئري کاتي جي ٽوڙي بنگلي تي بورچي هو. چيائين ته هت مڇي گهڻي هئي، انهي ڪري مڇي جي رڌپچاء جو چلامان وڌيو. پنهنجي لاءِ چيائين ته هي سڀ استاد جي دعا آهي. استاد چوندو هو ته لالچ نه ڪجانءِ، مالڪ سان سچو ۽ وفادار رهجانءِ، منهنجي چوڻ تي مڇي جي جدا جدا طعامن ٺاهڻ جون هيٺيون واٽون ٻڌايائين پر چيائين ته هٿ هٿ جو ڦير آهي.

* مڇيءَ جو داس: مڇيءَ کي چيري اندر مصالحو ڀري. ڪپڙي ۾ ويڙهي، ٻاڦ تي پچائي لاهجي.

*  مڇي جو قورمو: داغ ڪري ٽماٽا ڏهي يا ليمو گدامڙي وغيره وجهي مصالحي جو رس تيار ڪبو. پوءِ ان کي منڌيئڙو هڻبو جيئن مصالحو ڀري ڳري وڃي. مڇي جدا تربي، ايتري جو پاڻ جهلي پوري بيهي. پوءِ رس ۾ وجهبي ۽ ديڳڙي کي هلڪي باهه ڏيئي پچائبي.

* مڇي سيئل: مڇيءَ جا ٻيرا ڪبا، بصر گهڻا پوندا. سير کن تائين بصرن کي جدا مصالحو ۽ ٻيرن کي جدا مصالحو. ديڳڙيءَ ۾ پاء کن گيهه وجهبو. بصر تهه ڪبا. پوءِ مڇيءَ جا ٻيرا مٿان رکبا. هڪ مڇي پاڻي ڇڏيندي ۽ ٻيو بصر پاڻي ڇڏيندا. مٿان ٻيو پاڻي نه وجهبو. ڏهن منٽن بعد ٿورو لوڏو ڏبو. پاڻي سڪي ته مڇي تيار ٿي.

* مڇيءَ جا ڪوفتا: مڇي اوٻاري ڪنڊا ڪڍي، اٽو (گوشت) جدا ڪبو. پوءِ اڇو جيرو ننڍا ڦوٽا، ڪارا مرچ، سائي ٿوم ۽ ساوا ڌاڻا وجهي ڪوفتا ٺاهبا. خالي هجن يا ڀرجن. آنو ملائجي. اندر مڇيء جو ٿلهو قيمو وجهجي يا پستا بادام وجهجن.

*  مڇي تريل: (فراءِ) ڏنڀري جي کل لاهبي. پوءِ مصالحو ٺاهبو. بيسڻ، آنو، نيشنل جو فش مصالحو ۽ ليمو ضروري، کل لٿل سڄو ڪرڙو يا ٻيرا مصالحي ۾ وجهي اڌ ڪلاڪ کن رکي پوءِ تربا. ڳاڙها ٿين ته لاهبا.

* مڇي جو قيمو يا قيمي جو ڪيڪ:

مڇيءَ جو اٽو (هٿ سان ڀوريل پر ڪٽيل نه) فراءِ ڪري اخبار جي مٿان پکيڙجي ته گيهه چوسجي وڃي. پوءِ جدا داغ ڪري نقل وجهي مٿان قيمو وجهبو. جلد ئي تيار ٿي ويندو.

*  مڇي جو ڪيڪ: قيمو مٿئين طرح ڪبو. پٽاٽا جدا ڪٽي. اوٻاري فراءِ ڪري، وري ڪٽي اٽو ڪبا، يا قيمي واري مشين ۾ اٽو ڪجن. پالڪ جدا اوٻاري، پاڻي ڪڍي گيهه ۾ ڀڃي جدا ڪجي. پوءِ ٿالهه ۾ ڪيڪ ٺاهبا. پٽاٽن جو تهه ان جي مٿان قيمو ۽ پڻ بادام پستا ڪٽيل. پوءِ مٿان ٻيو تهه پٽاٽن جو ۽ وري قيمو، وري ٽيون تهه پٽاٽن جو. ان گول ڪيڪ جي پاڙ کان چوڌاري پالڪ جي وٽ. پوءِ مٿان آني جو پاڻي ٿپبو. اخبار جو پنو ٻوڙي هڻبو ته آنو سولو لڳندو. پوءِ اوون ۾ يا ديسي تائيوان (ٿالهه مٿان ٿالهه) ۾ ڪيڪ رکبا ته ڳاڙهيرڙا ٿين.

* مڇيءَ جو پُلاء يا برياني: گوشت جي پلاء وانگر پر ڪمال پٽ وغيره مصالحو ثابت پوندو.

* ساڳ مڇي: مڇيءَ ۾ چڻن جي پلي، مڇي ٻيرا ڪري داغ ڪبو، پوءِ ٻيرا ڪڍي رکبا. باقي داغ جي گريبيءَ ۾ پلي ٽڪرا ڪري وجهبي. ان ۾ ميٿي وجهڻ ضروري ۽ ٿورو پاڻي وجهبو ته ڀلي ڳري. جڏهن اڃان ڪجهه پاڻي باقي هجي ته مڇيءَ جا ٻيرا ان ۾ وجهبا. انداز اهو، جو چئن ٻيرن تي پليءَ جو ڏيڍ پاء هجي.

رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ستون)

رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ستون) 150 صفحن تي مشتمل آهي.

هيءُ جلد سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي. شروع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري طرفان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي قابل قدر ڪاوشن کي ساراهڻ بعد، هن جلد جو مختصر جائزو پيش ڪيو ويو آهي. فاضل مؤلف جي مبسوط مهاڳ کان علاوه هيٺين عنوانن کي، هن جلد ۾ قلمبند ڪيو ويو آهي:

*  تاريخ

* سورهيه صبغت الله شاهه جي آخري هدايت

* حرن جي انگريزن سان ٽولا ٽولا جنگ

* وياسي وينجهار

* غوثي نظم جا چار مٿير مهندار

* سنڌي نظم جي صنف ”منظوم بند“

* جمل ڪيئن جڙيو

* ظرافت، خوش طبعي

* شاعر ثناء الله ثنائي جي ياد ۾

* ابيات قانونچه تصوف

* سنڌ جا قديم شهر: حسن باغبان

* هُرلا ۽ نار، هاري ۽ مجيري، ونڊيون ۽ پستيون

* خواجه خضر ۽ مهترالياس

* عشق الائي ڇا؟

* مشاعرو

* قلمي ڪتابن ۾ سنڌ جي عالمن جون تحريرون

* صاحبڏنو فقير تنيو

* نسب ناما ۽ قبيلا

* ڳاها

* ڏيرا

* ناريجا

* باريچا

* شهر ٺٽي ۾ ذاتيون ۽ قبيلا

* ڇپر ڪوهستان جا رند

* مانجهند

* اوٺا

* بُڪيرا

* ڪچهري ڇپر- ڪوهستان.

ڪچهري ڇپر- ڪوهستان:

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ علم جو سمنڊ ۽ سنڌ جو سچو پرستار هو. هن الله جي فضل سان وڏي حياتي ماڻي ۽ ان جو هڪ هڪ پل سجايو ڪيائين. سنڌ جو چپو چپو گهميو. ڳوٺ ڳوٺ، وسيء واهڻ، جهر جهنگ ۽ بيابان ووڙيائين ۽ جبل جهاڳيائين. هن محسوس ڪيو ته سڄي سنڌ سون جي کاڻ آهي ۽ هيرن ۽ موتين سان معمور آهي. تنهن ڪري سنڌ جي هر حصي کي دل جي اکين سان ڏٺائين ۽ سنڌ جي هر انهي ماڻهو سان ملي، معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. جنهن ۾ علم ۽ فهم، فن ۽ هنر، ڏات ۽ ڏاهپ جي جوت ڏسڻ ۾ آيس. نه رڳو بي شمار متنوع عنوان کڻي ذري پرزي سميت سمجهايائين ۽ سلجهايائين، پر سنڌ جي مختلف علائقن، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪچهريون ڪري نه رڳو سنڌ جو لڪل خزانو عوام آڏو آندائين بلڪ سنڌ جي باشعور اجرڪ ۽ پٽڪي ۽ گوڏ گنجيءَ وارن گمنام ماڻهن کي مشهوري ڏياريائين.

رهاڻ هيرن کاڻ جي پهرين حصي ۾ ڪچهري بدين.

 رهاڻ هيرن کاڻ جي ٻئي حصي ۾ ڪچهري ناڙي.

رهاڻ هيرن کاڻ جي چوٿين حصي ۾ نواب غيبي خان جي ڪچهري.

رهاڻ هيرن کاڻ جي پنجين حصي ۾ ڪچهري نارو.

رهاڻ هيرن کاڻ جي ڇهين حصي ۾ ڪچهري کارو.

رهاڻ هيرن کاڻ جي ستين حصي ۾ ڪچهري ڇپر ڪوهستان.

ذريعي معلومات جو خزانو جهوليون ڀري ورهايو ويو آهي.

ڪچهري ڇپر- ڪوهستان:

اي سڄڻ! هي ڇپر- ڪوهستان جي رهاڻ آهي. اهو سنڌ جو ڏکڻ الهنديون ڀاڱو آهي، جيڪو ڪراچي کان اتران منگهو پير ۽ گڏاپ کان شروع ٿي اتر ۾ رني ڪوٽ تائين پهچي ٿو. اهو ٽڪرن، ٽوڙن ۽ جبلن پهاڙن وارو ملڪ آهي. انهي ڪري انهي کي ’جبل‘ يا ’ڇپر‘ سڏيائون اهو سنڌ جو ڪوهستان آهي ۽ هيءَ ڪچهري انهي سنڌ واري ڪوهستان جي آهي، جنهن جو عام نالو ’جبل‘ يا ’ڇپر‘ آهي. شاهه صاحب سسئي جي سرن ۾ ان جو نالو آندو آهي. ڇاڪاڻ جو ڀنڀور کان اولهه مڪران ڏانهن وڃڻ واري واٽ هن جبل يا ڇپر (جي ڏاکڻي ڀاڱي) مان هئي.

هوت نه ڀانيم هنئين، ڇڏي تون ڪو ڇپر ويندين.

-

ڇپر ڇمر ڀانئيان، ڪانڀو ۽ ڪارو.

 

جبل ٽڪر- پهاڙ: ڪانڀو جبل ۽ ڪارو جبل ٻئي ڪوهستان جا مشهور جبل آهن. ڇمر معنيٰ ڪڪر ۽ هن ڀاڱي جا ڇپر ۽ جبل ايڏا آهن، جو ڄڻ ڪڪر آهن. سانوڻ جي مينهن ۾ ڪڪر ڪانڀو ۽ ڪاري جي چوٽين کي لڳن ٿا. ڪبير شاهه پنهنجي بيت ۾ ڪاري جبل کي ڪڪر چيو آهي.

تنهن ڪاري ڪڪر ڏونگر تان اچي گس ٻڌا گؤنرن.

ڪانڀو جبل لاءِ چوڻي آهي ته ملڪ مان ڪو فوت ٿيندو ته ڪانڀو مان به ڪا ڇپ ڪرندي. يعني ڪانڀو غم ۾ پنهنجو ڪو ڳچ ڳاريندو.

حملاڻي مَلَڪن جي وڏي جو نالو ڪانڀو رکيائون، جنهن جو پٽ پاهڙ خان لس ٻيلي جو حڪمران ٿيو. جنگ شاهي، جهمپير، ڪوٽڙي، مانجهند، سن، عامري ۽ لڪي دارا ماڳ ڇپر- ڪوهستان جي اڀرندين ڪناري سان آهن ۽ کير ٿر پهاڙن جي لانڍ ان جي الهندين ڪنار آهي، جيڪا سنڌ ۽ لس ٻيلي کي جدا ڪري ٿي. جنهن جبل جو نالو ئي آهي- کير ٿر سو اترئين ڀاڱي جي وچ تي آهي ۽ ڄڻ جبلن جو سردار آهي. جيڪي ان جي چوڌاري آهن. کير ٿر سان لاڳو جبلن جو وڏو چهچٽو آهي. اولهه طرف اتر کان ڏکڻ تي ميهو جبل، گڙ جبل ۽ دنبار جبل آهن. کير ٿر سان لاڳو ڏکڻ اولهه تي هاتارن (چراخن) پنڊڪ جبل آهي، اوڀر ڏکڻ ڏي وڏو ڪانڀو جبل آهي ۽ وچ تي ننڍو رونٽو جبل آهي، جيڪو کيرٿر ۽ ڪانڀو کي جدا ڪري ٿو. ڪنهن سمي کيرٿر ۽ ڪانڀو پاڻ ۾ اٽڪيا ته رونٽو وچ ۾ پيو ۽ پنهنجا ڳچ ڳاريائين پر ٻنهي کي پري جهلي صلح ڪرايائين. جيڪو اڃا تائين قائم آهي. کير ٿر کان مٿي اتر ڏانهن، کيرٿر ۽ ميهي جبل جي وچ وارا علائقو ’بارڻ‘ آهي، جيڪو گبول قبيلي جو ماڳ آهي.

ڪانڀو جبل اُتران ڪرچات کان شروع ٿي هيٺ ڏکڻ ڏي اچي ٿو ۽ ان جي آخري ٽوڙ کان پوءِ ڪارو جبل شروع ٿئي ٿو. جيڪو گهڻو هيٺ جنگ شاهي تائين وڃي ٿو. حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ شاهي رستو. باراني سيمنٽ ڪارخاني وٽان ڪاري جي گهٽ مان مٿي چڙهي ٿو. ڪاري جو اُرهه ۽ چوٽي ان کان ڏکڻ ڏي آهن. ڪانڀو ۽ ڪارو، ڇپر- ڪوهستان کي، اتر کان ڏکڻ ڏانهن ٻن ڀاڱن ۾ ورهائين ٿا.

سنڌ جي ڪوهستان جي هڪ عجيب بناوت اها آهي، جو اڀرندي کان الهندي ڏانهن ويندي، اتر ڏکڻ رخ تي جبلن جون چاڙهيون آهن.

جيڪي هڪٻئي مٿان ڄڻ شاهي ٿلها آهن. پهرين چاڙهي سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻولهاڙي ۽ ڪراچي ويندڙ شاهي رستو، ٻي چاڙهي سورجاڻو ٽڪر، جنهن جي ٿلهي تي ’هيٺيون ٿاڻو بولا خان‘ ٽي چاڙهي ڳاڱيارو جبل، جنهن جي ٿلهي تي مٿيون ٿاڻو احمد خان، چوٿين چاڙهي داڻو جبل ۽ ان جي جوءِ، وات پات، پوءِ جبل ڦڙو ۽ جوءِ لوياچ، پوءِ جبل سڱ ۽ جوءِ سري. پوءِ سڌو اولهه طرف جبل گنبوکي ۽ جوءِ راهوجا. پوءِ مول جبل، مول شهر ۽ مول جي نئن.

نيون: ’مول‘ ڇپر جي مشهور نئن آهي. جيڪا ڏکڻ ڏانهن سؤکن ميل وهي آخر وڃي نئين ملير کي ڀري ٿي.

تڏهن چيائون ته:

ملير تڏهن مرڪي، جڏهن مول اٿس ماء

پر ڇپر جي وڏي شاهي ’نئين بارڻ‘ آهي. جيڪا اترئين ڀاڱي مان اچي ٿي ۽ ور وڪڙ ڪندي اوڀر ڏانهن وڃي سنڌونديءَ ۾ ڪري ٿي. نئين بارڻ ڪنهن حد تائين، ڇپر- ڪوهستان جي اُتر ۽ ڏکڻ جو دنگ آهي.

جبل جا جانور: جبل جي جانورن بابت پڇا ڪندي معلوم ٿيو ته ڪنهن وقت هرڻ به گهڻا هئا پر هاڻي ڪو ڪٿي نظر ايندو. باقي ڪرچات لڳ خاص کير ٿر جبل ۾ سرهه (جابلو ٻڪر) ۽ گڍ (گهنٽا) گهڻا آهن، جو اتي رک آهي. راقم به اتي ڌڻن جاڌڻ ڏٺا، جن ۾ ڪي اڇيرڙا سرهه نظر آيا. چيائون ته اهي پوڙها ٿي ويا آهن. سرهه جي طاقت هڪ کرن ۾ ٻي سڱن ۾ آهي، کر ننڍن وڏن پٿرن پاهڻن تي سوگها کپن ٿا، جو اڳتي ٽپ هڻي چڙهي ٿو. مٿان ٽيهه فوٽ کن هيٺ ٽپ هڻندو ته سڱن ڀر هڻندو ۽ سڱ کوڙي هليو ويندو ۽ ٻيو ڪوبه بت هيٺ نه لڳندس. مادي ٻه ٻچا به ڪري ٿي. سانوڻ ۽ چٽي ۾ لڳ ڪن. گڍ هڪ ٻچو ڪري. سردار جانورن مان گدڙ، بگهيڙ (بگهڙ) هاتار (چراخ) ۽ ممون آهن. چيائون ته ڪڪڙ کي گدڙ جو بجليءَ وانگر ڪرنٽ لڳي ٿو. هيٺان اچي ڏند ڏيکاريندو ته ڪڪڙ اچي هيٺ ڪرندو. بگهڙن بابت سگهڙن چيو ته: ”چوڏهين سن ۾ لڪي ويا هئا. پر پندرهين ۾ اچي ظاهر ٿيا آهن“. هاتار (چراخ) اڳ گهڻا هئا پر اڃان به آهن. کير ٿر جبل سان لاڳو ڏکڻ اولهه پنڊڪ جبل آهي، جيڪو سڏجي ئي ’هاتار وارو‘ چيائون ته: هاتار سگهو آهي. پر طاقت آڏو ارهه ۽ پهرين ٽنگن ۾ اٿس.  ٻڪري ۽ ننڍي گڏهه کي مٿي کنيو ويندو. گڏهه کي هاتار جو ڪرنٽ لڳي ٿو. گڏهه پري کان ڀڄي نه ويو ته پوءِ هاتار کي سامهون پٺي ڏيئي بيهي رهندو ۽ هو پيو پويان پٽيندس کائيندس.

مم يا ٻانڀ: سنڌ جي ڇپر- ڪوهستان ۽ ان سان لاڳو بلوچستان جي پهاڙي ڀاڱي جو جانور آهي. جنهن بابت ماڻهن وٽ ڪيئي نقل نظير ۽ ڳالهيون آهن. حقيقت ۾ اهو هڪ بندرو رڇڙو آهي. ڦيش جو ڪارو ٻج شوق سان کائيندو آهي. دُريجي جي پريان ساروڻي واري علائقي ۾ اڃا ڪي ممڙا بچيل آهن. هڪ سؤ سال کن اڳ جُنگشاهي کان اولهه ڪاري جبل واري علائقي ۾ به ممڙا هئا ۽ ڪن ماڻهن ڏٺا.

وڻ ۽ گاهه: کور ۽ ڪونڀٽ ڪوهستان جا ڪارگر وڻ آهن جن ۾ کؤنر ٿئي. زامر ۽ ڪورڙ ڪوهستان جا عجيب گاهه آهن. جيڪي جبل جي ڀڪ مان مچا ٿي نڪرندا ۽ پيا لهندا کُڏندا پانهيرو ول، جنهن جي ڀاڄي ٿئي، سا فقط ڪوهستان ۾ آهي. جبل ۾ مٿي چوپار ۽ ڪَٽڻ گاهه ٿين، جيڪي مال لاءِ ڀلا، پهرئين نمبر ۾ چوپار آهي. چوپار سدائين سڄو سال ٿئي. اڍائي فوٽ کن ڊگهو ۽ منڌيئڙي جهڙا سنگ، مال لاءِ وڍي هيٺ کڻي اچن. ڪنهن مائي جي ڍڳي، جيڪا هڪ هئي گري، ٻيو هنيائين لت ۽ کير نه ڏهايائين. سو ڪنهن چيو ته چوپار چاريوس. تڏهن مائيءَ چيو ته:

”گري اهڙا گڻ ئي ڪونه ڪيا آهن، جو چوپار چرندي.“

ڇپر- ڪوهستان جون قومون ۽ قبيلا:

برفت، گبول، پالاري، جاکرا، جهاتي ۽ ٻيا ڪوهستان جا آڳاٽا قبيلا آهن. گبول ڪراچي کان رني ڪوٽ تائين ڇپر جي الهندي ڀاڱي ۾ آهن. کير ٿر جبل ۽ ميهي جبل جي وچ وارو علائقو بارڻ گبولن جو خاص علائقو آهي. مهيري (ڪلمتي) صدين تائين مهير جبل تي ۽ چوڌاري رهيا، جنهن جي نالي تان سندن نالو ’مهيري‘ (مهير جبل جا) ٿيو ۽ هنيدان سندن قبرستان آهي. حماتي پوءِ مهير جبل تي قابض ٿيا. پالاري ۽ جاکرا ڏکڻ اوڀر واري ڀاڱي ۾ اڄ تائين موجود آهن. سڄي وچئين ڀاڱي ۾ برفت قبيلا آباد آهن. ابوالفتح نالي اڳواڻ آڳاٽي دور ۾ هتان جي قبيلن کي ملائي هڪ ڪيو ۽ اهي سندس نالي پويان (ابوالفتح بلفت) برفت سڏجڻ لڳا، ڪن روايتن ۾ ”بلفت بلوچ“ آهن. روايت موجب آڳاٽن برفتن جا ٻه سردار هئا. عيسب ۽ مُهميد. مهميد ۾ بلوچ قبيلا هئا، جن جو سردار گهر براهماڻي ڪنهن وقت ڏاکڻين علائقن ۾ ڪي نَوَ اڳواڻ ساماڻا، جن کي (فارسي ۾) ’نہ مرد‘ يا (سنڌيءَ ۾) نومڙيه سڏيو ويو. پوءِ سنڌ توڙي لس ٻيلي جي لاڳو سرحد ۾ انهي نالي پويان ڪن راڄن کي نومڙيا سڏيو ويو. گذريل صديءَ جي وچ ڌاري، لس ٻيلي بابت تحقيق ڪندي ائين پڻ معلوم ٿيو ته لس ۽ ڪراچيءَ جا واڻيا. ڇپر ۽ لس جي سرحد وارن عام مسلمانن کي نومڙيا چوندا هئا. 18 صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ڪلهوڙن جي دؤر ۾، ڏاکڻين ڪوهستان ۾ ڄام بجار جي اثر رسوخ سان جوکيا طاقتور ٿيا ۽ اتر اوڀر واري علائقي ۾ کوسا آباد ٿيا.

اي سڄڻ! ڄاڻ ته برقت نالو ڪنهن هڪ قبيلي جو ڪونهي پر اهو قبيلن جي ڪَٺ جو نالو آهي، جنهن ۾ گهڻا قبيلا شامل رهيا آهن. روايت موجب آري بدو نالي سردار کي چار پٽ هئا. لَهار، حمل، ٻاٻڙو ۽ باديڻ يا حسڻ. انهن جو اولاد- لُهاراڻي، حملاڻي ۽ ٻاٻڙاڻي ۽ باديڻ جو اولاد هردوئي هت ڪونه رهيو ۽ مينگل برادريءَ ۾ گڏجي ويو. انهن سان رند سردار ابراهيم جو اولاد براهماڻي شامل ٿيو. اهي سڀ ’برفت ڪٺ‘ جا اڳواڻ ٿيا. لهار فقيري اختيار ڪئي ۽ پڳ حمل تي آئي. حمل کي پنج پٽ ٿيا- ڪانڀو، سنيڌل، بيدي، جان نثاري، چاڳلو ۽ ڌڻي ڏنو. انهن جو اولاد ڪانڀواڻي، سينڌلاڻي، بيدياڻي، جانثاراڻي، چاڳلي پوٽا ۽ ڌڻياڻي اهي سڀ حملاڻي، جن سان براهماڻي (رند ۽ ٻيا بلوچ) ڀائيچاري ۾ شامل ٿيا. اهڙي طرح برفت اتحاد مضبوط ٿيو پر سندن سياسي طاقت تڏهن وڌي، جڏهن 18 صديءَ جي شروع ۾، ’پاهڙ خان‘ ڪانڀواڻي لس ٻيلي جو مَلڪ ۽ (حڪمران) ٿيو. مگر پوءِ ڪلهوڙن جي دور ۾ سندن طاقت گهٽي، جو ميان يار محمد حملو ڪري پاهڙ خان کي شڪست ڏني. ميان غلام شاهه بعد ۾ ڄام بجار جوکيي کي زور وٺايو ۽ هو طاقتور ٿيو. هن، ملڪ پهاڙ خان جي وفات بعد سندس حملاڻي قبيلي سان جنگيون ڪيون ۽ لس ٻيلي جي ڄام عالي جي مدد سان برفتن کي ملير جي اتران بي دخل ڪري، نئن بارڻ تائين پوئتي هٽائڻ جي رٿ رٿي. پوءِ جوکين بارڻ جي سيري تي قبضي لاءِ ٽي چار حملا ڪيا پر برفت راڄدارن مقابلا ڪري کين هٽايو. تڏهن ڄام بجارلس ٻيلي جي ڄام عالي (ف 1180هه/ 1766ع) سان وڏو لشڪر وٺي چڙهائي ڪئي.

”عالي بجار آئيا، جهان جهان ڪري جهام“

’سيري جاگير‘ عزت خان (بن ملڪ پاهڙ خان) جي هئي. جيڪو اڃان ننڍو هو ۽ قلات جي خان وٽ مدد لاءِ ويل هو. برفت اتحاد ۾ شامل سڀني قبيلن جو لشڪر پوري تياريءَ سان دريا خان چاڳلي پوٽي جي اڳواڻي هيٺ اونگر پهتو.

”اونگر اوتارانِ، ڀرم ڌڻي بارڻ جا“.

هي بارڻ يا سيري واري جنگ ڄام بجار حرفت يا حيلي سان کٽي. صلح جي جهنڊي ڏيکاري لشڪر پوئتي هٽائي ڇڏيائين. صلح جي سببان برفتن جي راڄدارن جو گهڻو لشڪر هليو ويو ۽ باقي وڃي ڪي اڳواڻ ۽ ٿورو لشڪر رهيو. تڏهن ڄام بجار جي لشڪر طرفان چاڪر حملو ڪيو. جنهن ۾ برفتن جي طرف جا ستر اڳواڻ سکر ۽ چڱا مارجي ويا. انهن ۾ هيٺيان حملاڻي اڳواڻ شامل هئا. دريا خان ۽ ڀاڻس جنگي خان (چاڳلي پوٽا) دريا خان جا ڀاڻيجا ديڳي خان ۽ مرزا يا مزار (ڌڻياڻي) حملاڻين سان گڏ سندن ساٿياري براهماڻي ۽ ڪي لهاراڻي هن جنگ ۾ وڙهيا، جن مان عارب خان بچيو، باقي ٻيا گهڻا مارجي ويا.

ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپرن ڇپر- ڪوهستان ۾ حملاڻي ملڪن جي عزت عظمت بحال ڪئي ۽ پڻ راڄدارن ۽ سربراهن کي مان ڏنو ۽ اهي ڇپر- ڪوهستان ۾ پنهنجن پنهنجن ماڳن تي مستحڪم ٿيا. چار ’ٿاڻا‘ مرڪز ٿيا ۽ راڄن راڄدارن جي نالن سان ٻيا ’مڪان‘ محڪم ٿيا. اهڙي طرح ڇپر- ڪوهستان جي راڄن جي رضامندي ۽ طاقت وارو علائقو ٿي ويو ۽ ٽالپرن پوءِ اتي سنڌ جي طاقت ۽ عظمت جو نشان رني ڪوٽ قلعو قائم ڪيو.

ڇپر- ڪوهستان جي ٻولي:

ڇپر- ڪوهستان جي ٻولي اولهه طرف وڃي لاسي (لسٻيلي جي) سان لڳي ٿي، جنهن جو تفصيل ڪتاب ’ٻيلاين جا ٻول‘ ۾ ڏنل آهي. ڇپر جي ٻولي ساڳي سنڌي آهي.

پر جيئن سنڌ جي ڪن ٻين ڀاڱن ۾، تيئن هتي جي ٻوليءَ جا پڻ ڪي خاص لفظ ۽ اصطلاح آهن جن تي اڃان تائين پوري تحقيق نه ٿي آهي. چڱي خاصي ڄاڻ بعد محسوس ٿيندو ته ڇپر جي ٻولي مٺي ٻولي آهي. هن ۾ نون واري گُهڻائي ڪانهي! خوشامدي بيانن کان خالي آهي، سُپڪ سوٽ ٻولي آهي. جنهن ۾ ڊيگهه ڪانهي. مثال خاطر هيٺ ڪن ٿورن لفظن ۽ محاورن جو ذڪر ڪجي ٿو:

کُڻو = انجام: هتي جوکڻو آڳاٽو، يعني هنن جي اچڻ جو انجام آڳاٽو. هتي جي ٻولي ’آءٌ‘ بدران ’مان‘
۽ ’سون‘ بدران سين آهي. ونداسين يعني وينداسين. ڇندو (ڇ جي زير سان) يعني ٿيندو ۽ ڇِئي ٿو يعني ٿِئي ٿو. ڇا ۽ ڪهڙو لاءِ هتان جو لفظ ’ڇو‘ آهي. اچان بدران اچين ڳالهائبو. اچين تو يعني اچان ٿو. آيو بدران آئو چئبو. ڀٽائي صاحب به هي لفّظ آندو آهي ته ”پاڻي پٽيهل ۾ اڳيون نه آئو“. ظرف جي معنيٰ وارا به خاص الفاظ آهن. پار يعني پاسي يا طرف. اوٿاڻي پار آهي. يعني اهو ٿاڻي (بولا خان يا احمد خان) طرف آهي. ڪاها ۽ ڪهڙا، ڪاهو ۽ ڪهڙو، ڪاهو ڇو آ ۽ ڪهڙو ٿيو آ.

تران =  هيٺان. بڻ مان =  منڍ مان. هيان =  هتان. ڪيان=  ڪٿي. پران =  وٽ (ابا پران آ يعني ابا وٽ آء) ڪوٽو =  سولو پٽ يا سولو پنڌ. ٻاڪري=  سنهي يا هلڪي. پاهي=  ٿُلهي. پاهومال=  رڍون، ميهومال، مينهون، هيڪڙي ۽ هڪڙي. پيٺا = ويٺا. ٻيٺي=  ويٺي. رواڻڻ = روانو ڪرڻ. اچيندو =  ايندو. وسوڙڻ =  وسهڻ.

ڪي مٿيان لفظ مون واڻ ڪنڊ ۽ موئيدان ٻڌا. مَلڪن جي ٿاڻن طرف واري ٻوليءَ جا ڪي انوکا الفاظ ۽ جملا جيڪي مون ٻڌا، سي هيٺ ڏجن ٿا:

’ڇو ڇئي‘=  ڇا ٿئي. گهرين جي اڳي = گهرن جي اڳيان. حاضر آهين=  حاضر آهيان. مان  به واڍوڙجي آئو آهيان=  مان به ڦٽجي آيو آهيان. اهائي ڳالها تائين=  اهائي (ڳالهه) ڳالهايائين. دريا خان ٿو مارين=  دريا خان ٿو ماري. مانکه ڳوٽي تماڪ جي ڏي ته ڇڪي ڏسين =  مون کي تماڪ جي ڳوٽي ڏي ته ڇڪي ڏسان. وناڻ =  وڄت، ساز. ساريتا=  چڱا مڙس.

ڪانڊيرو پالاري پوليس ۾ سپاهي هو. مڙس سچو ۽ همت وارو. پر ڊريس ڪڏهن سولي ڪري ڪانه پاتائين. ان وقت ايوب خان (لس ٻيلي جو) ڪماني هو. انسپيڪشن تي آيو ته ڪانڊيرو به قطار ۾ بيٺل هو. پنهنجي بندوق مٿان صاف به ڪانه ڪئي هئائين. ڪماني چيس ته بندوق صاف رک. ڪانڊيري جواب ڏنو ته: ”اي جو بندوبست ڇِندو“. انهي جو بندوبست ٿيندو. پٽڪو به سولو ڪري ڪونه ٻڌو هئائين. ڪماني چيس ته چيائين: ”اي جو بندوبست ڇندو!“ ڪانڊيري ٻيڙي دکائي هئي، پر تڪڙو سڏ ٿيو هو سو وسائي ڪن جي مٿان هنيائين ۽ پريڊ وقت به لڳي پيئي هئي. جڏهن ڪماني اشارو ڪري ڌمڪايس ته چيائين: ”صاحب! اي جو بندوبست ڇندو“. پوءِ پڇيائونس ته تو ڪن مان ٻيڙي ڪڍي اڇلي ڇونه ڇڏي! چيائين: ”مان جو مغز جڙي ويو يعني ڦري ويو.

محفلون ۽ مارڪا:

اي سڄڻ! محفل مارڪي لاءِ دنبورو ۽ سرندو ڇپر جا وڏا وناڻ (ساز) آهن ۽ مورو ڄڻ ڇپر جو قومي نغمو آهي. ڇپر ۾ انهن سازن وڄائڻ توڙي موري ڳائڻ وارا وڏا مشهور ٿي گذريا. راقم 1945ع ۾ سدا ملوڪ سرندي وڄائيندڙ علڪي (علي محمد) کي ٻڌو. علڪي جو پيءُ فقيرو به وڏو ڪاريگر هو. سندس وقت ۾ ڇپر ۾ ٻيو اهڙو ڪونه هو. گهڻو آڳاٽو ٻيروکو فقير ويٺل سانڊه (موئيدان کان اولهه لس ٻيلي جي حد ۾) سُرندي جو ملوڪ هو. کانئس پوءِ سندس پٽ عثمان ٿيو، جنهن جو پٽ فقيرو، جنهن جو پٽ هو علي محمد (علڪو) تونگ لڳ. عارب جي واهي ۾، ساماڻو فقير سيکاراڻي سمار پوٽو سرندي جو ڪاريگر هو. (1985ع ۾ جيئرو هو. عمر اسي ورهيه) 12 مئي 1960ع تي ٿاڻي بولا خان ۾ وسندمل وٽ ڪيل ڪچهريءَ ۾ اسحاق ماڇي (عمر 55 سال) سرندو وڄايو ۽ مٺو وڄايائين پر چيائين ته هن وقت ساماڻي جهڙو ٻيو ڪونهي، ساماڻو علڪي کان گهڻو آهي. ڪراچي داڙون فقير هو جنهن پاڪستان کان پوءِ گذاريو. گيڙو پٽڪو ٻڌل، سرندو ساڻ کنيو، ڪراچيءَ ۾ سولجر بازار ۽ ٻين جاين تي پيو هلندو ۽ وڄائيندو هو. مون داڙون فقير جو فوٽو موسيقي بابت پنهنجي انگريزي ڪتاب مٿان ڇاپيو.

پوئين ويجهي دور ۾ 3- فيبروري 1986ع تي مول ۾ ملڪ رسول بخش وٽ ڪچهري ٿي جنهن ۾ يعقوب فقير مڱڻهار سرندو وڏي ميٺاڄ سان وڄايو، دنبورو گهڻا ٿا وڄائين. جهنگ ڪنڊ ۾، جان محمد احمداڻي رونجهي وٽ ڪيل ڪچهريءَ ۾ بچل انگياڻي دنبورو وڏي لئي سان وڄايو. چيائين ته ڏنو فقير انگياڻي دنبوري ۾ سڀني جو استاد هو. اهڙو ٻيو ڪونه ٿيو. نڙ ۾ ڪٺ وڄائڻ جو به ڪاريگر هو. اڳ وڏو بچو فقير انگياڻي، دريجي جو، دنبوري جو ملوڪ هو. راقم ڪنڊو فقير انگياڻي کي ٻڌو، جيڪو 1985ع کان ٿورو اڳ گذاري ويو. مون سان منهنجي ڳوٺ 8 آڪٽوبر 1975ع تي ملڻ آيو. ڪچهري ٿي ۽ دنبوري تي واهه جي لئي لاتائين. جوڳ تمام مٺي وڄايائين. معذور ڪيائين ۽ چيائين ته جوڳ سان ملي ٿي. چيائين ته انگياڻي فقير سڀ وڏي انگئي جو اولاد آهن، جيڪو انگئي جي ڍوري (ٽنڊي رحيم خان جمالي کان پريان) تي ڄائو. چيائين ته آءٌ انگئي جي اٺين پيڙهيءَ ۾ آهيان (ڪنڊو پٽ لوهيڙو پٽ سچيڏنو پٽ سومار پٽ جاڙو پٽ ٻٻر پٽ سوچي پٽ انگئي) دوسو ڇٽو، تنهن کان سندس ڀائيٽيو لونگ جمعو دنبورو سکيو. 1975ع ۾ ڪنڊو فقير جو ڀائيٽيو محمد هارون سان گڏ ٽي-وي ڪراچي تي وڄائيندو هو. عبدالله انگياڻي مشهور نڙائي شاهو بڪڪ  سان گڏ وڄائيندو هو.

مورو، ڇپر جو خاص نغمو آهي ۽ مرد توڙي عورتون شوق سان ڳائين. مائي مريم گڊي مورن ڳائڻ ۾ مشهور ٿي. موسل وارو مورو (يعني موسي لاسي وارو مورو) وڏي لئي سان ڳايائين.

مشهور موري ڳائيندڙ طالب پالاريءَ سان مون راقم گهڻا مارڪا ڪيا. سندس جوڙ پير بخش خاصخيلي هو، جيڪو موري کي ڌاڌر ۽ ڌمڪن سان ڳائيندو هو. طالب جهڙو ميٺاڄ ۽ مينڍن مرڪن سان مورا ڳائيندڙ ٻيو ڪونه ٿيو. آءٌ کيس ان وقت جي مشرقي پاڪستان ۾ ڍاڪا وٺي ويس ۽ وڏي لئي لاتائين. مورو، مجازي محبت جو گيت آهي. عاشق جي اندر جي آهه ۽ التجا آهي. مول ۾ ڪچهري ڪندي، (3 فيبروري 1989ع) ڪنهن چيو ته:

مورن منجهان مجاج، ڪي جيڏائي جاڳن ٿا،

مورن منجهان مچ، ڪي دل ۾ دکن ٿا.

ان ڪچهريءَ ۾ لالو مڱڻهار خوش طبع ۽ چرچائي هو. جنهن کي ملڪ رسول بخش مهرباني ڪري اسان سان تونگ وڃڻ لاءِ سونهون ڪري ڏنو. مون کانئس پڇيو ته هت ڪو ڪافين چوڻ وارو يا پڪي راڳ ڳائڻ وارو به مشهور ٿيو؟ لالو چيو ته سائين، ڇپر ۾ موري کان سواءِ ٻي ڪا واهه ئي ڪانهي! ڀل ٻيو ڪهڙو به راڳ هلي، پر مورو ڏبو ته مُڙس اُڀا ٿي ويندا.

رهاڻ هيرن کاڻ (جلد اٺون)

رهاڻ هيرن کاڻ جو اٺون جلد انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان 2008ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. جنهن ۾ فاضل مصنف جي پر مغز مهاڳ کان سواءِ ”ناشر طرفان“ جي عنوان سان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر شوڪت حسين شورو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي علمي مقام، عالمانه مرتبي ۽ قدقامت جو ذڪر مختصر لفظن ۾ سهائيندڙ انداز ۾ ڪيو آهي. هو چوي ٿو:

”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ”رهاڻ هيرن کاڻ“ واري سلسلي ۾ سنڌ جي ماڻهن ۽ راڄن جي رهڻي ڪهڻي، ڳالهه ٻولهه، سُرت ۽ سمجهه، دانائي، خوشي، خوش طبعي جا من موهيندڙ مثال دستاويزي صورت ۾ آڻي سنڌ جي عام زندگيءَ جا نقش نشان محفوظ ڪيا آهن.“

هي اٺون جلد هيٺين عنوانن تي مشتمل آهي:

* تاريخ

* سنڌ جي تاريخي آثارن جي حفاظت

* سورهيه صبغت الله شاهه پاڳاري شهيد جي انگريز سامراج سان جنگ

* روزاني ڪم کي ڪاميابيءَ سان پوري ڪرڻ لاءِ سورهيه صبغت الله شاهه جو ڪيل تاڪيد

* مانائتيون مايون

* رسالي جي رهاڻ

* 1857ع ۾ انگريز گورنر جنرل جو فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ پڌرنامو

* غلام محمد خان ڀرڳڙي ۽ سنڌ محمدن ائسوسي ايشين

* دڙي جا بخاري سادات

* هالا ڪنڊي جا ڀٽي بزرگ

* وياسي وينجهار

* ظرافت ۽ خوش طبعي

* سنڌ جو مشهور مال: مينهون

* عوامي فيلسوف- خميسو ميتلو

* سنڌ ۾ ڍنڍن جي ولين ۽ ٻوڙن جو ڏُٿ

* ڪلام ميان محمد علي پٺاڻ

* پيئڻ بلا يا پيئڻ نانگ

* فقير غلام محمد ٽالپر ۽ فولاد فقير

* سنڌ جا نسب ناما ۽ قبيلا

* ڪرناڻي سما

* درس راڄپار

* جتوئي

* شر برادري

* کارڪ

* ڀيا

* کوڙ

* نوتيار

* منڌرا

* لنجا

* سنڌ جي ساٿياري ملڪ ڪڇ جي ڪچهري

ڊاڪٽر بلوچ، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو مستند متن ڏهن جلدن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. جنهن ۾ شاهه جي اصلي ڪلام کي تحقيق جي اعليٰ معيار مطابق نکيري نروار ڪيو ويو آهي ۽ ٻيو ڪلام، جيڪو رسالي جي مختلف سرن ۾ شامل ٿي ويو هو، ان جي به علمي پرک ڪري، ثبوتن ۽ ثابتين سان ڇنڊڇاڻ ڪري اصل حقيقت کي آشڪار ڪيو ويو آهي. هن جلد ۾ رسالي جي رهاڻ کي سڀ کان پهرين کڻجي ٿو. 

رسالي جي رهاڻ

’شاهه جي رسالي‘ جو پڪي صحيح پڙهڻي (مستند متن) جنهن کي تيار ڪندي راقم کي ٽيهن سالن کان وڌيڪ وقت لڳو، تنهن جو پهريون بنيادي مقصد اهو هو ته رسالي جي بيتن کي ۽ واين کي زير زبر سان صحيح پڙهجي. وڏي محنت بعد اهو  مقصد پورو ٿيو ۽ اڄ ’شاهه جو رسالو‘ پڪي صحيح پڙهڻي (مستند متن) سان اسان وٽ موجود آهي.

’رسالي جي رهاڻ‘ جو موضوع رهاڻ جلد 3 کان شروع ڪيو ويو. ان لاءِ ته شاهه جي بيتن ۽ واين ۾ سمايل اعليٰ فڪر ۽ عرفان واري معنيٰ کي سمجهڻ لاءِ انهن لفظن ۽ اصطلاحن تي وڌيڪ غور ڪجي، جيڪي شاهه صاحب پنهنجن بيتن ۽ واين ۾ آندا آهن. رهاڻ 3 ۾ هيٺين بيتن جي وضاحت ڪئي ويئي:

تتر جو سوڻ:

تتر ٿئي م تن کي ڏونگر ۾ ڏائو

مالهاري جو سوڻ:

سڄي هٿ ساٿين جي مَ ونء مالاري،

لمو، لمي، لس ۽ ڇن جا مفهوم،

لمون ڏوري لس، ستي سَنگهر پٽيين.

لفظ ڏارو ۽ ڏاري:

ڏينهان ڏاريءَ ويس، راتيان روئي رت ڦڙا

رهاڻ جلد 5 ۾ (صفحا 72-74) لفظ نوء جي معنيٰ سمجهايل آهي ۽ هيٺئين بيت جي ٻي سٽ ۾ انواع بدران انوا (نوء جو جمع) کي وڌيڪ صحيح سمجهڻ جو دليل ڏنل آهي

حبيب تون طبيب تون درد جي دوا،

جانب منهنجي جيء ۾ آزار جا انوا،

صاحب ڏئين شفا، ميان مريضن کي.

انواع به پڙهي سگهجي ٿو. جيئن راقم رسالي جي مستند ايڊيشن (سر يمن داستان-1) ۾ لکيو آهي. پر قافي توڙي معنيٰ جي لحاظ سان ’نوء‘ جي جمع وارو لفظ ’انوا‘ وڌيڪ صحيح ٿو سمجهجهي. ڇاڪاڻ جو اهو سورن جي لهڻ چڙهڻ ۽ سورن سهڻ واري ماحول ۽ آزارن جي اڀرندڙ ڪيفيت کي وڌيڪ نزاڪت سان ظاهر ڪري ٿو.

هيٺ ڪن ٻين بيتن ۾ آيل لفظن ۽ اصطلاحن جي معنيٰ ۽ مفهوم کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي:

پهي (جمع) پهيون:

پهي جي هڪ معنيٰ آهي واٽهڙو، پانڌي يا قاصد. سر آبري جو بيت آهي ته:

هوت تنهنجي هنجهه ۾، پڇين ڪوهه پهي،

وفي انفسکم افلا تبصرون سوچي ڪر صحي

ڪڏهن ڪانه وَهي، ڪا هوت ڳولڻ هٽ تي

(سر آبري، مستند متن 5-3 بيت 3)

ڪڇ جي جتن فقيرن سان رسالي جي رهاڻ ڪندي معلوم ٿيو ته پئه، پَهِه ۽ پهي. انهن ٽنهي جي معنيٰ لپ آهي ۽ پهه ڀري پيئڻ معنيٰ لپ ڀري پيئڻ. سر مارئي جو بيت آهي ته:

اندر ٿو اُڃ مري، ساهه انين جي سڪ،

پيان شال پهيون ڪري، تئان ڏيئي تِڪ،

وَرُ پريان سين پِڪ، ٻئا ڀاڻ ڀريائي گهوريا!

پهيون جي معنيٰ جيڪا مستند متن جلد 7، صفحي 329 تي ڏني ويئي آهي، سا صحيح آهي. پر هن بيت ۾ لپ ڀري پيئڻ واري معنيٰ به لڳي سگهي ٿي. تِڪ معنيٰ ڳيت، پِڪ معنيٰ ڀريل ٿانوَ مان ڪريل کير جو ڦڙو ۽ ’ڀاڻ‘ معنيٰ وڏو شاهي وٽو.

آڙيڪا:

آڙيڪا جون ٽي معنائون- وَرَ، ٽيڪون، اَڙيون معلوم آهن. سُر حسيني جو بيت آهي ته:

ڇڏيم حج هلڻ جي،  چڪيم  چاڙيڪا،

اديون آڙيڪا، هينئڙي پيم هوت سين.

آڙيڪا معنيٰ جبل جا ورن وٽن وارا اُڀا پيچرا ۽ ڏکيا چاڙهه چاڙهيڪا. شهر مٺي ۾ ڪيل رسالي جي رهاڻ مان معلوم ٿيو ته: آڙيڪا جي ٻي هڪ پڪي معنيٰ آهي- ’ٽي وَر‘، جن سان ميت کي هيٺ قبر ۾ وارجي. انهي معنيٰ جي لحاظ سان فقط هڪ رسالي ۾ هي بيت هن طرح لکيو ويو آهي:

ڇڏيم حُج هلڻ جي، چڪيم چاڙيڪا،

اديون آڙيڪا، ڏيندم هوت هٿن سين.

ظاني:

’ظن‘ معنيٰ شڪ يا گمان. ۽ ’ظاني‘ معنيٰ گمان يا شڪ شبهو ڪندڙ. قرآن شريف جي ستن اٺن سورتن ۾ ظن کي ننديو ويو آهي ته جيڪي الله تعاليٰ جي ذات متعلق گمان ڪن ٿا، منافقن ۽ مشرڪن کي اهو عذاب ڏنل آهي. جو اهي ظاني آهن ۽ الله تعاليٰ متعلق بدظني ڪن ٿا. (سورة الفتح آيت 6 ۽ آيت 12) سورت الحجرات ۾ آهي ته اي مؤمنو! ظن گمان کان گهڻو پرهيز ڪريو (آيت 12) سورة النجم آيت 28) ۾ آهي ته ظن ۽ گمان ڪڏهن به حقيقت تائين نٿو پهچائي.

تصوف صاف صفائي واري واٽ آهي، جنهن ۾ ڪو شڪ شبهو ڪونهي. جنهن ۾ الله جي ذات متعلق قطعي طور ظن ۽ گمان ڪونهي. يعني هيڪڙائي حق آهي. ٻيائي آهي ئي ڪانه! صوفين سڳورن به ظن ۽ گمان وارن کي ننديو آهي. گرهوڙي صاحب چيو ته:

از خدا غير خدارا خواستن

ظن افزون است کلي کا ستن.

(يعني خدا کان سواءِ، ٻئي ڪنهن کان گهرڻ ڪلي طور تي بدظني آهي.)

عام ماڻهو يعني ڪنهن الله واري عارف جي فڪر کي ائين ڀانئين ٿا ته ڄڻ هو شڪ ۽ گمان ۾ آهي ظاني آهي پر حقيقت ۾ عارف پنهنجي ان فڪر ۾ فنا آهي. جو ان کي ’قالوابليٰ‘ واري وعدي جو فڪر آهي. ان کي اندر ۾ ان وعدي جي لنئون لڳل آهي ته (بيشڪ تون ئي اسان جو رب آهين) سر ڪلياڻ جو بيت آهي ته:

ظاهر منجهه ظان، فڪر منجهه فنا ٿيا،

تني کي تعليم جي، ڪڙهه اندر ڪاني،

هڪ حرف حقاني، دور ڪيائون دل ۾.

(سُر ڪلياڻ مستند متن 7-2 بيت 10)

يعني ظاهري طور عام ماڻهو انهن کي ظن ۽ گمان وارو ظاني ڀانئي ٿو پر هو الاهي فڪر ۾ مستغرق آهن. هن بيت ۾ سمايل معنيٰ جي سر معذور جي هيٺين بيت ۾ وڌيڪ وضاحت آهي ته:

ڏسڻ ڪو ڏاري، اندر سَتي سسئي،

انهيء پر آري، ڪانڌ ڪميڻي لٿو

(سر معذور. مستند متن 7-4، بيت 22)

ڪچو   رُڪ:

سر يمن جو بيت آهي ته:

ڌنء ڌنء ڌمڻ وار، اڄ پڻ اڳڙين جي،

باري مچ مجاز جو، اوتيائون اڱار،

ڌوڌئان ٿي مَ ڌار، متان ڪچو رڪ ڪڻيون ٿئي.

(سر يمن، مستند متن 5-4 بيت 8)

ڪچو رڪ معنيٰ ڪچو لوهه يا کارو لوهه، اهو جيڪڏهن گهٽ باهه ۾ ڳاڙهو ٿيو ۽ پوءِ لوهار ان کي ڪٽيو ته ڀڄي ٽڪرا ۽ ڇينهون ڇينهون ٿي ويندو. جڏهن ڌوڌي واري تکي باهه ۾ پوريءَ طرح پچندو ته ڪٽڻ سان ڇيتيون ڇيتيون نه ٿيندو. کورو يا ڌوڌو لوهارن جو ۽ کوري اڱر ڪندڙن جي، جيڪي کوريءَ (ر جي هيٺان زِير) ۾ ڪاٺ ٻاري اڱر ڪن. لوهارن جو کورو يا ڌوڌو، جنهن ۾ ڪچي يا کاري لوهه کي رجائڻ لاءِ اڱر ٻارين، لوهار کوري واري اڱر کي ٿورو ڳاڙهو ڪري هوا ڏيندا ته اڱرن جي چڻنگ مري ويندي. اهو ٿيو پڪو رسيلو اڱر، جيڪو لوهار جي ڌوڌي ۾ ڌڳندو ۽ ڪچي لوهه کي نرم ڪندو.

اوڙڪ:

هي مختلف معنائن وارو لفظ آهي. جيئن ته 1. اصل، اصلي، توڙ نڌان، آخر 2. بُڻ پُري، پاڙو وغيره، سر آبري جو بيت آهي ته:

ڪڄاڙو ڏيئي، آءٌ گڏبي پرينءَ کي،

سِره ٿي سنت ڀانئيان، سڃينديس سوئي،

اوڙڪ اهوئي، وجهندس پيش پنهونءَ جي.

(سُر آبري مستند متن 5-2 بيت 13)

سنت معنيٰ جيڪي پنهنجي طرفان ڪنهن ڏنل شيء جي عيوض نذراني طور ڏجي. سسئي ٿي چوي ته مون وٽ ٻيو ڪجهه ڪونهي پر پنهنجو هڪ سر آهي، جيڪو سنت طور پنهونءَ جي سامهون پيش ڪنديس.

ٻي معنيٰ، سنڌ جي نسب نامي جي اصلاح ۾ اوڙڪ (جمع) اوڙڪون جي معنيٰ بُڻ، پُري يا پاڙو، پڇندا ته تون ڪهڙي اوڙڪ مان آهين؟ ٽي معنيٰ اوڙڪ (جمع) اوڙڪ يا اوڙاڪ معنيٰ تڙ (کوهه) مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڀُوڻ واري ڪاٺي ۽ ڀوڻ جو آواز

ڀِنيء ٿا ڀڻڪن، اوڙڪ اباڻن جا

ڏنء:

ڏنء معنيٰ وڏي سخت ساڙيندڙ باهه، وسائڻ کان وڏي، جيڪا هيٺ زمين، توڙي مٿي جبل، واء، جهنگ جهر ساڙي ڇڏي.

سُر حُسيني جو بيت آهي ته:

ڏنء لڳو ڏونگر ٻريو، ڀينر کاڻي ڀُرن،

مٿان لاٿو مون، سندو جيئڻ آسرو.

(سر حسيني، مستند متن 5-6، بيت 13)

سر حسيني جو ٻيو بيت آهي ته:

ٽمن نيڻ رت وهي، چئا ڪا ڪئو،

مون کي ڏنء ڏيو، آئين ٿا وڃو اوٺيا!

(سر حسيني، مستند متن، 5-2، بيت 5)

ٿر ۾ ڪچهرين ڪندي معلوم ٿيو ته اتي ’ڏنء لڳو‘ معنيٰ گهرن کي ساڙيندڙ گهڻي باهه لڳي.

وَڙُ:

وڙ عام معنيٰ ڳڻ، ٿورو يا احسان، پر اصلي معنيٰ ذات يا نسب ۽ اصطلاحي معنيٰ صورت سيرت. منهن مهانڊو وڙ وجهه. مال لاءِ پڇبو ته ڪهڙي وڙ وجهه مان آهي. يعني ڪهڙي بُڻ، ڪُڙهه يا ذات مان آهي. ڪُ وَڙو معنيٰ ڪوجهو (ڪُ+ وَجهَو) ملا عثمان جي ڪتاب چو علمي ۾ ڪُ وڙا معنيٰ صورت ۾ ڪوجها

ڪي ڪوجها، ڪي ڪُ وَڙا، ڪَن منهن ۾ ڏِکُ

سُر ڪاموڏ جي هيٺين بيتن ۾ نوري ۽ ڪينجهر جي ٻين مهاڻين لاءِ ’ڪُ وَريون‘ لفظ آيو آهي. يعني منهن مهانڊي ۽ وڙ وجهه ۾ گهٽ.

ڪاريون ڪوجهيون ڪُ وڙيون، منهن ميريون مييون،

ڀاڪر پائي ڀن کي پاڻي ۾ پييون،

جي سام سمي وييون، تن تان لٿو حرف حساب جو

(سُر ڪاموڏ، مستند متن 5-2 بيت 11)

ڪاريون ڪوجهيون ڪُ وڙيون مُند نه موچاريون،

وٺي ويٺيون واٽ تي ککيءَ جون کاريون،

اُنين جون آريون، سمي ريءَ ڪير سهي.

(سُر ڪاموڏ، مستند متن، 5-2 بيت 13)

اُجها:

سُر آبريءَ جو بيت آهي ته:

کُهجُ م اُجها کيهه، گرد پس گنگن جي،

ڏکي منجهان ڏيهه، نڪر نانہ ڪلهي ڪري.

(سر آبري مستند متن، داستان 9، بيت 5)

پهرين سٽ ۾ عام طرح لفظ ’اِجها‘ ڪري پڙهيو وڃي ٿو. پر صحيح پڙهڻ اُجها (الف مٿان پيش) آهي. فرق ويجهي ۽ پري اشاري جو آهي. اِجها معنيٰ هي (ويجهي شيء لاءِ) ۽ اُجها معنيٰ هو (پري لاءِ) هيٺين لاڙ ۽ ڪڇ جي جتڪي سنڌيءَ ۾ لفظ اُجها ڳالهائجي ٿو.

معنيٰ: اي سسئي! تون ٿڪجي چور ٿي پئجي نه رهه. ڏس (پنهون جي قافلي وارن) جي هُو رئي پوندي وڃي!

لَلو هنجهه:

هنجهه رُهاڪي (پرڏيهي) پکي آهي. جيڪو سياري ۾ ٻاهران اچي ۽ سنڌ جي ڍنڍن ۽ سامونڊي ڪناري لڳ ننڍي پاڻي ۾ لهي. هنجهه گهڻو ڪري رنگ جا ڪارا ميران جهڙا آهن ۽ انهي ڪري رسالي ۾ هنجهن بابت بيت به سُر ڪارايل ۾ رکيل آهن. شاهه صاحب هر سهڻي شيء کي ساراهيو آهي ۽ هنجهن سان به ’للي هنجهه‘ کي وڌيڪ سارهيائين. سُر ڪارايل جي داستان پهرين ۽ ٻئي جي ڪن بيت ۾ ’للي هنجهه‘ جو نالو آيو آهي، جن مان معلوم ٿو ٿئي ته للي هنجهه جي هلڻي ٽلڻي (لاکيڻي لوڏ) نهايت سهڻي آهي ۽ ٻيو ته للو هنجهه ڪڏهن به لڙيل پاڻي ۾ نه ويهي.

وري وانهيري نه وريا، للا لاکيڻي لوڏ.

(سر ڪارايل مستند متن 5-2 بيت 1)

ڪنگن ساڻ ڪُريل ، للاڄم لڙ پئين.

(5-2 بيت 11)

للن کي لطيف چئي اڇي ساڻ آراڻ.

(5-2 بيت 14)

للي ٿي لاتيون ڪيون سر ۾ سڄي رات.

(مستند متن، 5-1 بيت 20)

للي لئي لات، سر ۾ ڪئو سوجهرو.

(5-2 بيت 19)

للي هنجهه جي ٻوليءَ بابت شاهه ڏينهن منسوب هيٺيون بيت آڳاٽو چيل آهي ته:

هنجهه مڙيئي هنجهه، هنجهه هنجهان ڪي ذات،

سڀئي سوجها سَرجا، سڀني ماڻڪ وات،

باهوتاڻي بات، للي ري ڪونه لئي.

يعني. هنجهه سڀني جي ذات ساڳي آهي ۽ سڀئي وڏي سر (تلاء يا ڍنڍ) جا واقف آهن، جو سڀني کي ماڻڪ وات ۾ آهن پر ’باهوتاڻي‘ ٻولي للي هنجهه کان سواءِ ٻيو ڪوبه هنجهه ڪونه ڪري. ’باهوتاڻي بات‘ يعني للي هنجهه جي لات، جنهن جو پري کان ڪن تي ائين پڙلاء پوي، جو جڻ باهوت! باهوت! پيو ٻولي.

شاهه صاحب اهو اهڃاڻ به ڏنو آهي ته ٻيو هر هنجهه رنگ ۾ ڪارو آهي، پر للو هنجهه رنگ ۾ اڇو اڇيرو آهي.

اڇر پئو اڇاهه، ته ائين اڇائي اُبهو

وِهڻ وڙ اَنَهن جو لُڙ پاڻيءَ للاهه،

سر ڏجي ساهه، ڪُسر ڪنگن قبرون.

(سُر ڪارايل 5-2 بيت 7)

يعني ”اي اڇا هنجهه! اوهين اڇو پاڻي پِئو“. راقم گهڻي وقت کان وٺي للي هنجهه کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. اڳ جاتي طرف خاص طرح مرحوم محمد يوسف چانڊيي جي ڍنڍن ۾ للا هنجهه ايندا هئا پر پوءِ گهٽجڻ لڳا. هاڻي پنج ڇهه سال اڳ شاهه جي رسالي جي شائق عبدالقادر قادري کٽي (شهر ميرپور بٺورو) منهنجي لاءِ هڪ للو هنجهه هٿ ڪيو، جيڪو اڇيرڙي ميٽائين رنگ جو آهي. هنن لفظن لکڻ (15 آڪٽوبر 2007ع) تائين زندهه سلامت آهي ۽ گهر ۾ ويٺو آهي، جنهن مان للي هنجهه جي رنگ جي سڃاڻپ ٿئي ٿي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاهه سائين جي شخصيت کان پوري طرح باخبر ۽ شاهه جي ڪلام جي عظمت، مقام، تاثير ۽ معنوي خوبصورتيءَ جو پارکو هو. هن شاهه جي رسالي جي هڪ هڪ لفظ، اصطلاح ۽ محاوري جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي. شاهه جي فڪر ۽ فهم کي خوب سمجهيو ۽ سمجهايو آهي. رسالي جي رهاڻ جي هن مضمون کي پڙهڻ سان پڙهندڙ بلوچ صاحب جي لطيف شناسيءَ جي پاڻ ئي شاهدي ڏيندا.

رهاڻ هيرن کاڻ (جلد نائون)

هيءُ جلد 155 صفحن تي مشتمل آهي. جنهن جي ابتدا ۾ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم جي سرپرست محمد عثمان منگي، جنهن هيءُ نائون جلد ڇپرايو آهي. ’ناشر پاران‘ جي عنوان سان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي علمي مقام، علمي خدمت ۽ سندس شخصيت بابت مختصر ذڪر ڪيو آهي ۽ بلوچ صاحب طرفان هن جلد ڇپرائڻ جي اجازت ملڻ تي شڪريو ادا ڪيو اٿس.

فاضل مصنف جي مهاڳ کان سواءِ هيءُ جلد هيٺين عنوانن تي مشتمل آهي:

* تاريخ

* وياسي وينجهار

* سنڌ جي عالمن جي عظمت جا مثال

* علم ۽ عرفان کان خالي پڙهيلن لاءِ هدايت طور سالڪ حمزي جي چيل مدح

*  ڳائو مال

* شاهه عبداللطيف جي دينداري

* سائين احمد ملاح عاشقيء جي ميدان ۾

* خود داري ۽ اخلاق جي بلندي

* رستم فقير لغاري جو ڪلام

* ماڻ، ڀرپ، تور ۽ وٿي ويڪر جا

* ظرافت ۽ خوش طبعي: مزاحيه ڪانفرس کي استقبالي خطاب

* سانوڻي آخوند، عالم ۽ شاعر خليفو گل محمد. جنهن عروضي شاعريءَ ۾ پهريون ديوان جوڙيو

* وڏي ڄاڻ واري راند ۽ رهاڻ

* حاصل فقير وسائي پوٽي جون اڳڪٿيون

* ڳالهيون مدن مهتي جون

* ڪڪڙ جو اڏامڻ ڪڏهن بند ٿيو؟

* نسب ناما ۽ قبيلا

* ڏَنورَ

 

* ٿر پارڪر جا مانجهاڻي رند

* سنگهار سومرا

* ناري جا مهاڻا

* ڦلپوٽا

* راجيسين پوٽا (لنجا، دل)

* ڀنڀرا

* منڌرا

* شجرا، گهمراء، هنجراء

* احمداڻي رونجها

* سنهڙا

* بلوچن جو قديم شجرو

* ناريجا

* شُهڻا ۽ براهماڻي

* راهوما

* ٿر جي ڪچهري.

سنڌ جي عالمن جي عظمت جا مثال:

ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاڻ به عالمي سطح جو محقق ۽ اسڪالر هو. دنيا جي عالمن جي علمي مقام ۽ مرتبي کان باخبر هو. ان سان گڏ سونهاري سنڌ علمي وجاهت ۽ فضيلت کان به بخوبي واقف هو. ۽ سنڌ جي شان جي بلندي سندس من گهريو موضوع هو. تنهن ڪري هن مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحب دنيا جي عالمن سان مشابهت ۽ تبيق جي صورت ۾ سنڌ جي عالمن جي سُهائيندڙ ساراهه ڪئي آهي.

ڊاڪٽر بلوچ فرمائي ٿو:

اسلام جي روشنيءَ سان تعليم ۽ تحقيق ۾ وڏي ترقي ٿي. جيڪڏهن ڪن ٻن نامور عالمن وڏو نالو ڪڍيو ته ٻنهي جي نالن کي هڪٻئي سان ملائي، صاحب يا ساٿي طور، وڏي احترام سان مڃيو ويو. ٻن جي عدد کي عربيءَ ۾ ’تثيه‘ چئبو. جيئن ته عالمان (ٻه عالم) يا عارفان (ٻه عارف) حرف جر واري حالت ۾ انهن لفظن کي ’عالمين‘ ۽ ’عارفين‘ ڪري پڙهبو. اهڙيءَ طرح علمي دنيا ۾ صاحبين ۽ فاضلين جا خطاب مشهور آهن. (جن جو ذڪر هيٺ اچي ٿو)

صاحبين: يعني ٻه فضيلت جا صاحب (ٻه ساٿي ۽ رفيق) جن فقہ حنفي جي ڄاڻ ۾ برابري طور وڏو نالو ڪڍيو- هڪ امام ابو يوسف (اسد بن عمر البجلي. (113-182هه) ۽ ٻيو امام محمد بن الحسن بن فرقد الشيباني (132-189هه) جيڪي ٻئي امام ابو حنيفه جا هونهار شاگرد هئا ۽ پوءِ پاڻ به وڏا محقق ٿيا. ٻئي فقہ حنفي جي علم ۾ ساڳي حد تائين ممتاز هئا ۽ ٻنهي کي ’صاحبين‘ جي شانائتي خطاب سان ياد ڪيو ويو. يعني ته جيڪڏهن ’صاحبين‘ (ٻنهي صاحبن) جي ساڳي راءِ آهي ته اها آخري آهي.

جلالين: يعني ٻه جلال، جن قرآن شريف جو تفسير جلالين لکيو. هڪ استاد جلال الدين المحلي (وفات 864هه) جنهن پهريائين هي تفسير لکڻ شروع ڪيو ۽ ٻيو سندس شاگرد جلال الدين سيوطي، جنهن ان تفسير کي سنه 870هه ۾ لکي پورو ڪيو. عام مطالعي لاءِ تفسير جلالين نهايت مقبول رهيو آهي. هن ملڪ ۾ هي تفسير پهريائين ڪلڪتي مان سنه (1457هه) ۾ ڇپيو ۽ ان بعد بمبئي، لکنو ۽ دهليءَ مان شايع ٿيو.

ٻن واري انهي خاص فضيلت جا نمايان نشان سنڌ جي اعليٰ علمي ماحول ۾ به ملن ٿا. جن مان فاضلين جو مثال مشهور آهي. ان کان سواءِ مخدومين جو مثال موجود آهي ۽ پڻ احمدين جي مثال جو اضافو ٿي سگهي ٿو. جيئن هيٺ بيان ٿيندو:

فاضلين: يعني ٻه فاضل، جن قرآن شريف جو تفسير فاضلين لکيو. هڪ مولوي محمد فاضل شاڪراڻي ٺٽوي، جنهن سورت فاتحه کان سورت يوسف تائين تفسير لکيو. ۽ ٻيو سيد فاضل شاهه بن حيدر شاهه حيدرآبادي، جنهن پوءِ سورہ يوسف کان اڳتي آخر تائين تفسير لکيو. تفسير فاضلين (قلمي) ٺٽي ۾ بزرگن وٽ محفوظ آهي. جنهن جي آخر ۾ قطع تاريخ طور ڏنل سال 1285هه آهي.

مخدومين: يعني ٻه وڏي علم وارا مخدوم، جن کان انهي خطاب سان، مستند علمي ۽ فقهي فتوائون ۽ فيصلا نقل ٿيا. ٻئي شهر ’مٽياري‘ جا وڏا عالم هئا. هڪ مخدوم عثمان بن ٺارو متعلوي ۽ ٻيو سندس فرزند مخدوم عبدالڪريم متعلوي. سندن تحرير ڪيل فيصلن ۽ فتوائن کي سنڌي عالمن ’مخدومين‘
جي نالي ۽ حوالي سان سند طور نقل ڪيو. مخدوم عثمان حديث جي علم کان باخبر هو. مخدوم عبدالڪريم پنهنجي علمي تجربي سان گڏوگڏ وطن درست هو. جنهن سنڌ تي انگريزن جي قبضي خلاف حرمين شريفين ڏانهن هجرت ڪئي ۽ اتي ئي سنه 1265هه ۾ وفات ڪيائين. ٺٽي جي قاضي عبدالرحيم سندس وفات جي تاريخ هن جملي مان ڪڍي- ”قد وقع اجرة علي الله“ (1265هه)

مدرسي کڏي (ڪراچي) ۾ فاضل غلام مصطفيٰ راڄپر کان معلوم ٿيو ته ڪتاب ”مناقب المخدومين“ يعني (ٻنهي مخدومن جون ساراهون) ٽنڊي سائينداد جي سرهندي بزرگن جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي.

ان اڳين روايت جو هڪ نمايان مثال، ٻن ساڳئي نالي (احمد) وارن عالمن ۾ ملي ٿو، جن جي اعليٰ علمي ڄاڻ کي احمدين جي نالي سان ياد ڪري سگهجي ٿو.

احمدين: يعني ٻه احمد. هڪ پراڻن هالن جو سانوڻي آخوند احمد. ۽ ٻيو پٽ جو ميان احمد ڀٽائي، اهي ٻئي فارسي ۽ عربي جا عالم هئا ۽ ٻئي پنهنجي علمي ادبي ڄاڻ جي ڪري حيدرآباد جي ميرن صاحبن وٽ نهايت معزز ۽ مان وارا هئا. آخوند احمد سانوڻي عمر ۾ وڏو ۽ ميون احمد ڀٽائي ننڍو هو. پر ٻئي همعصر هئا. آخوند احمد سانوڻي جي مير محمد حسن علي خان ۽ مير حسين علي خان سان خط و ڪتابت هئي ۽ پڻ مير عبدالحسين خان سانگي کي پڙهايائين. سنه 1293هه ۾ مير سانگي جي ڪتاب ’سوز سانگي‘ جي تڪميل ۽ اشاعت لاءِ فارسي ۾ هيءُ قطعو لکيائين:

سوز سانگي نام او آراسته، چون گلستان ارم پيراسته،

باسر حد سال تاليفش بود، مونس عمديد گان آراسته.

ميان احمد ڀٽائي فارسي ۽ عربي جي عالم هئڻ سان گڏ شاهه عبداللطيفؒ جي رسالي جو ڪاتب هو ۽ مير عبدالحسين خان سانگي لاءِ توڙي ٻين لاءِ پنهنجي دستخط سان شاهه جا رسالا لکيائين. ٻئي احمد عالم ۽ شاعر هئا ۽ آخوند احمد سانوڻي پنهنجو تخلص ’احمدي‘ ڪندو هو. ٻنهي بزرگن جي پاڻ ۾ علمي دوستي هئي ۽ ٻنهي هڪٻئي ڏي عربي نظم ۾ محبت ڀريا معياري خط لکيا (جيڪي آخوند احمدي پنهنجي بياض ۾ نقل ڪيا آهن).

شاهه عبداللطيفؒ جي دينداري:

هر سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ هر سنڌي خواندو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان بي پناهه محبت ۽ عقيدت ٿو رکي ۽ شاهه کي پنهنجو روحاني رهبر ٿو سمجهي. پوءِ اهو مسلمان هجي يا هندو، مذهب جو مڃيندڙ هجي يا لا مذهب، مگر افسوس آهي ته اهڙا گهٽ ماڻهو آهن، جيڪي ديانت داري ۽ غير جانبداريءَ سان اهو ٻڌائين ته لطيف جو اصل پيغام آهي ڇا؟ هر ڪنهن کي ڏسو ته لطيف جي ڪلام جو آڳو پيڇو ڦيرائي، ڇڪي تاڻي، لطيف جي ڪلام مان پنهنجي مذهب، پنهنجي مسلڪ ۽ پنهنجي نُڪتهء نظر جي سَندَ ۽ ثابتي پيش ڪرڻ ٿو چاهي. ”خود بدلتي نهين قرآن کو بدل ديتي هين“ واري ڪار لڳي پيئي آهي. علمي ديانت ۽ ايمانداريءَ سان ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته شاهه جي ڪلام جو روح ۽ تاڃي پيٽو ’تون هي تون‘ جي تنوار آهي. هت فقط هڪڙو بيت پيش ڪجي ٿو جيڪو شاهه جي نُڪتهء نظر جي وضاحت لاءِ ڪافي سمجهڻ گهرجي. بيت جي ٻولي ڳالهائي ٿي ته اهو لطيف کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو ڪلام ٿي نٿو سگهي. بيت هيءُ آهي:

ڇاکي وڃيو ڇو، ٻيلي ٿيين ٻين جو،

وٺ ڪنجڪ ڪريم جي جڳ جو والي جو،

سهکو هوندو سو، جنهن جو عشق الله سين

                        (شاهه)

بهرحال هن مضمون ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاهه سائين جي دينداريءَ جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته:

شاهه عبداللطيفؒ جڏهن ڀٽ کي وسايو، تڏهن پهريائين اتي مسجد شريف جو بنياد وڌائين ۽ والدين لاءِ گهر ٺهرايائين. پنهنجي والد حبيب الله شاهه جي ترغيب سان تصوف جي قادري طريقي ۾ فيضياب ٿيو. پر ان سان گڏ هن پاڻ پنهنجي سر اويسي مسلڪ ۾ به قدم رکيو. جڏهن ڀٽ تي سڪونت اختيار ڪيائين ته سندس روزاني ۾، سندس خانقاهه جي هر ڪم لاءِ فقير مقرر ٿيل هئا. نماز جو نظام ۽ انتظام فقير عبدالجميل اُنڙ سنڀاليندو هو ۽ ڀٽائي صاحب جي مصلي ۽ تسبيح جي سنڀال به سندس حوالي هوندي هئي. سفر ۾ نماز جي ادائگي باقاعدي ٿيندي هئي ۽ اڳين نماز پڙهڻ بعد مولوي محمد صالح مولانا رومي جي مثنوي مان وعظ ڪندو هو.

اهي ڳالهيون اڳ معلوم ٿي چڪيون هيون. ڪجهه وقت اڳ راقم کي، شاهه صاحب جي وقت جي قلمي ڪتاب جو هڪ صفحو دستياب ٿيو، جنهن تي هيٺئين فارسي عبارت لکيل هئي. جنهن مان معلوم ٿيو ته شاهه صاحب جن عشاء (سُمهڻي) جي نماز بعد به تاڪيد ڪندا هئا ته وضو هوندي پاڪائي ۾ سمهي رهجي.

”حڪايت در مناقب سيد السادات سيد عبداللطيفؒ قدس سرہ وطاب مثنواه“

بر مريدان خود حڪم فرموده که هرگز بعد نماز عشاء سخن دنيوي نه گوئيد بلکه هم چنان بعد نماز باوضو بخوابيد. و از جميل که مريد خاص بوده آمده که يک بار در نماز فجر در اول متصل بوده بعد السلام.......

ترجمو: سيد السادات سيد عبداللطيف قدس الله سرہ وطاب مثنواه، سندس مريدن کي ارشاد ڪيائين ته نماز عشاء کان پوءِ دنيوي ڳالهيون نه ڪن، پر نماز کان پوءِ وضو جي پاڪائي سان سُمهن. سندن خاص مريد عبدالجميل جو بيان آهي ته هڪ ڀيري هو فجر جي نماز جي پهرين صف ۾ بيٺل هو، جو سلام وارڻ بعد.....

هيءَ ڳالهه خاص خادم عبدالجميل انڙ جي زباني بيان ڪيل آهي جيڪا پوري ٻڌايل ناهي، ڇاڪاڻ جو ضعيف پنو ڦاٽي ويو آهي. البت ان جي شروع ۾ شاهه صاحب طرفان خادمن کي رات جو پاڪائي سان سمهڻ جي ترغيب ڏنل آهي. اهو شروع وارو دور هو. ان کان پوءِ سنه 1144هه ۾ سندن والد حبيب الله شاهه جي وفات بعد فقيرن کي رسالي جي راڳ طرف متوجه ڪيائين.

خودداري ۽ اخلاق جي بلندي:

پڪا ۽ پنهنجي ڳالهه تي بيهڻ وارن جا مثال سنڌ جي تاريخ جي ڪردارن مان ڏيئي سگهجن ٿا:

نواب احمد خان لغاري:

ٽالپرن جي دور جي وزيراعظم نواب ولي محمد خان لغاري جو فرزند هو. سنڌ تي انگريزن جي قبضي بعد سنڌ ڇڏي پنجاب ويو ته سکن جي مدد سان انگريزن کي ڪڍجي. انگريزن حيلا هلايا ته نواب احمد خان موٽي سنڌ اچي جو کين خطرو هو ته سک سندس طرفدار ٿيندا. ڪن وڏن عهدن ۽ واعدن تي اعتبار ڪري سنڌ موٽي آيو. سندس ٻه پٽ ولي محمد خان (ٻيون) ۽ بخش علي خان ساڻس گڏ هئا. انگريز عملدارن سندس آجيان ڪئي ۽ ڪوشش ڪيائون ته سندس مرحبا ڪري، ڪجهه زمين جاگير طور ڏيئي، مڃائي ڇڏجي.

وڏي دعوت، ٿرپارڪر جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪئپٽن تَروَٽ (Tyrwhitt) ڪئي. هن حيدرآباد ۾ قلعي سان لڳ اتر اوڀر وارو وڏو باغ پنهنجو بنگلو بنايو هو. هو سنڌي لباس پائي هلندو هو ۽ وڏو پٽڪو ٻڌندو هو. هو اهو لباس پائي اچي نواب صاحب سان مليو. ڪچهري وهاڻن جي ٺيڪ سان هيٺ ٿي. حقا لڳي ويا ۽ ناتڻا کپي ويا. تروٽ، نواب صاحب کي چيو ته اوهان جاگيرون نه ورتيون آهن. اوهين وٺو جو اڳتي ڪم ايندوَ. مون واهه کوٽايا آهن ۽ اوهين هڪ لک ايڪڙ جاگير طور سنڀاليو. نواب صاحب چيو ته اسين ڪٿي ۽ ڪٿي تنهنجا واهه! تروٽ چيو ته ڀلا پنجاهه هزار ايڪڙ پنهنجي قبضي ۾ ڪريو، جيڪا بنا معاوضي هوندي. نواب صاحب چيو ته پنهنجي جاءِ تي وڃي، ويچار ڪري پوءِ جواب ڏيندس.

محمد يوسف منگواڻو عرف يوسف خدمتگار:

مير غلام علي خان کي فرزند (مير محمد خان) ڄائو. چپ تي چنڊ گرهڻ هوس. ٿڃ نه پيو پيئي. چيائون ته تازو ڄاول ٻارڙن واريون مائون وٺي اچو ۽ پوءِ جنهن جي ٿڃ پِئي سا پياريو. مائي بنبي منگواڻي کي تازو ڄاول ٻار ٿڻن تي هو. ڦليلي تي ڪپڙا پئي ڌوتائين جو کيس وٺي آيا ۽ ٻارڙي ٿڃ پيتي ۽ مائي بنبي جو بخت کُليو، ڪپڙا ويس وڳا مليس ۽ ڪم معاف ٿيس. ننڍڙي يوسف لاءِ چار دايون مقرر ٿيون. صاحبزادو مير، نوابزادو احمد خان ۽ يوسف منگواڻو اهي ٽيئي ٻارڙا پاڻ ۾ رانديون کيڏڻ لڳا. نواب ولي محمد خان لاڙڪاڻي جو گورنر هو ۽ اتان جهمٽي (ٻيڙن) ۾ چڙهي لهوارو درياء مان حيدرآباد ايندو هو. احمد خان اچي جوان ٿيو هو ۽ محمد يوسف وٽس ٽڪيل هو. جو نواب صاحب جي اچڻ جو قاصد اچي پهتو. احمد خان ۽ محمد يوسف گڏجي نواب صاحب جي استقبال لاءِ گدو بندر پهتا. نواب صاحب آيو ته ٻئي ادب سان مليا. نواب صاحب محمد يوسف کان پڇيو ته پڙهيل آهين؟ محمد يوسف چيو ته نه. اتي نواب صاحب احمد خان کي چيو ته ابا، پهريون يار ڪيئي سو به اڻ پڙهيل! نواب وڏو هليو ويو، پر محمد يوسف اهو ٻڌي ارمان ۾ رهجي ويو. جڏهن ماني آئي ته ماني نه کاڌائين ۽ احمد خان کي چيائين ته: ”آءٌ پڙهندس، پوءِ ماني کائيندس“. سو موڪلائي وڃي پهريون سبق ورتائين. پوءِ پارسي پڙهيائين، ايترو جو شاعر ٿيو ۽ وڏي نواب صاحب ڏي فارسيءَ ۾ خط لکيائين. ۽ ڳالهه ياد ڏياريائين. محمد يوسف وڏو شاعر ٿيو ۽ فارسي ديوان منظوم ڪيائين. وڏي عمر ۾ انگريزن جي دور ۾ وفات ڪيائين. نواب حاجي شفيع محمد لغاري تاجپوري راقم کي ٻڌايو ته محمد يوسف منگواڻو ڪليڪٽر راٿبورن جي ايامڪاريءَ ۾ تاجپور ۾ آيو هو. عمل کائيندو هو. فارسي آميز الفاظ ”اينت ڪُن“ سندس تڪيو ڪلام هو.

مرزا جاني بيگ جي خودداري:

ابوالفضل اڪبر بادشاهه جي طرفان دکن جو مدارالمهام هو جو مرزا عبدالرحيم خان خانان کي اتي مرزا جاني بيگ کي ساڻ ڪري، سندس آفيس تي ملڻ ويو. ابوالفضل پنهنجي بستري ۾ ويٺو هو ۽ اڪبر نامي جا ڪي ورق ڏسندو رهيو. مرزا جاني بيگ ڏانهن متوجه نه ٿيو ۽ فقط ايترو چيائين ته:

”بيايد مرزايان، بنشينيد“

(اچو مرزا ويهو)

مرزا جاني بيگ اهڙي کينڪار کي پنهنجي توهين سمجهيو ۽ اٿي هليو ويو.

ابوالفضل جي انڪساري ۽ کيس سنڌي هجڻ جو احساس:

مٿئين موقعي کان پوءِ ڪنهن ٻئي موقعي تي وري مرزا عبدالرحيم خان خانان ترغيب ڏيئي مرزا جاني بيگ کي ابوالفضل جي گهر وٺي ويو. ان موقعي تي ابوالفضل مرزا جاني بيگ جي استقبال لاءِ درواري تائين آيو ۽ توضع سان چيائين ته:

”ماخاد ميم و شهري شماهيم“

(اسان خادم آهيون ۽ اوهان جا هم شهري آهيون).

يعني ته اوهان وانگر اسين به سنڌ جا آهيون. مرزا جاني بيگ ابوالفضل جو هيءُ رويو ڏسي حيران ٿي ويو ۽ خان خانان کان پڇيائين ته:

”آن نخوت واين فروتني چسيت“

(اڳين وڏ ماڻهپي ۽ هي نيازمندي! ڇا سبب آهي؟)

تنهن تي خان خانان ٻڌايس ته:

”آن روز تورگي وڪالت در نظر داشت سلي بمثل اصل ڪارڪرد و امروز برادرانه در خورد“

(اڳ هو بادشاهه جو نمائندو هو ۽ اهوئي شان ڏيکاريائين. اڄ هو برادرانه انداز سان مليو)

(ماثرالاسراء تصنيف شاهنواز خان (جلد 2) صفحو 621 مطبوع ڪلڪته)

 

رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ڏهون)

هيءُ ڏهون جلد انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو شايع ڪيو آهي، جنهن جي منڍ ۾ سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر انچارج محمد قاسم ماڪا ’پبلشر نوٽ‘ جي عنوان سان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته:

”سندن هي پورهيو سنڌ شناسيءَ جو هڪ اهم خزانو آهي، جيڪو نسلن تائين سنڌ شناسيءَ جون گهرجون پوريون ڪندو رهندو. خاص طور نئين نسل کي سنڌ جي ماضي ۽ حال جي علم، ادب، ثقافت، ڪلچر، ٻولي، لوڪ ادب ۽ ڏاهپ کان متعارف ڪندو رهندو.“

هيءُ ڏهون جلد، هيٺين عنوانن کي اجاگر ڪري ٿو:

* تاريخ

* وياسي وينهجار

* تذڪره العاشقين

* سورهيه پاڳاري صبغت الله شاهه خلاف بنايل بغاوت ۽ جڙتو ڪيس

* لاڙ جا ٽي ولي

* شيخ حسين ديولي عرف پير پٺو

* شيخ ريحاڻ

* شيخ ڀرڪيو ڪاتيار

* محبت جون مقالون

* سنهون مال رڍون

* مند جو مٽجڻ: تِر مُوري لڳڻ

* لوڪ ادب کي ياد ڪندي

* ميان نصير محمد جو ساٿي ميان مانجهي سلطان

* عالم ۽ استاد ولهاري ميان

* سنڌ جي درس گاهن جا ڪتب خانا

* پنهنجا پاڙيسري پکي

* مقامو: گاروڙي نانگ بلائون

* جهاڙون

* نسب ناما ۽ قبيلا

* ڪاٺ ٻانڀڻ

* ٽنڊو رحيم خان جا جنگواڻي جمالي

* احمداڻي لغاري

* دل

* اُڍا

* ڪوريجا

* هڱورجا

* مگُلا

* گائيجا

بگهياڙ (ڪلمتي)

* مِٺي (ٿر) جي گڍي

* راڄن شاهه ماٽائي.

 

سورهيه صبغت الله شاهه خلاف بنايل بغاوت جو مقدمو ۽ جڙتو شاهد:

پاڳارا خاندان نجابت نشان جو عظيم المرتبت فرزند پير سائين صبغت الله شاهه شهيد عرف سورهيه بادشاهه جو قابلِ ذڪر ۽ قابلِ فخر ڪردار سنڌ جي سورهيائي، تدبير ۽ تدبر معامله فهمي ۽ فراست، انتهائي نا مساعد حالتن ۾ حيرت ۾ وجهندڙ پيشوائيءَ جو حق ادا ڪرڻ ۽ جابر ۽ ظالم حاڪم جي اکين ۾ اکيون وجهي لطيف جي لفظن ۾ کيس للڪارڻ ته:

”جي تون پاهڻ پٻ جو، ته لڱ منهنجا لوهه“

وارو سورهيه سردار جو ڪردار سنڌ جو شان بلند ڪريو بيٺو آهي. پير سائين جي قابلِ فخر قيادت ۾ مٿانئن سر ساهه گهوريندڙ سرويچ سورهين (حُرن) سرفروشي ۽ جان نثاريءَ جو جيڪو مثال پيش ڪيو، تنهن ثابت ڪيو ته:

جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن مضمون ۾ فرمائي ٿو:

”سنڌ ۾ انگريزن جي ساراهه جو دور ختم نه ٿيو آهي. انهيءَ جو رڪارڊ موجود آهي، پر رعيت جو رڪارڊ لکت ۾ موجود ناهي. انگريزن وڏي تدبير سان پنهنجا ثناخوان ۽ طرفدار پيدا ڪيا. پر وطن جا خيرخواهه ڪي ورلي ٿي پيدا ٿيا. البت ويهين صدي واري دور ۾ پهرين عالمگير جنگ (1914ع) کان پوءِ ملڪ جا ڪي جذبي وارا ماڻهو پيدا ٿيا، جن خلافت تحريڪ ذريعي مزاحمت ڪئي. سورهيه صبغت الله شاهه بابت وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. انگريز حڪمرانن ۽ سندن آفيسرن سورهيه بادشاهه خلاف بغاوت جو ڪيس، سندس شهادت لاءِ ئي ٺاهيو. اها سوچيل سمجهيل سازش هئي، جيڪا پوري ٿي، ڇاڪاڻ جو انصاف جا سڀ دروازا بند ڪيائون. بغاوت جو ڪيس هلايائون ته سرڪاري عملدارن، ضلعي جي ڪليڪٽرن تائين يڪمشت ٿي پير صاحب خلاف ڪوڙا شاهد پيدا ڪيا، سڄا شاهد پري رکيائون.

پير پاڳارو سورهيه صبغت الله شاهه گادي نشين ٿيڻ کان وٺي، انگريزن جي سنڌ تي قبضي خلاف هو. انگريز حڪمرانن طرفان مليل تعريف ناما پنهنجن وڏن جي ڪاغذن ۾ ڏٺائين، ته اهي ساڙايائين. 1936ع ۾ قيد و بند واري پهرين آزمائش کان موٽڻ بعد، انگريزن کي ملڪ مان ڪڍڻ لاءِ تنظيم جو سوچيائين ۽ پنهنجي جماعت ۾ غازين جي تياريءَ جو بنياد رکيائين، جنهن اڳتي حُر تحريڪ جي صورت ۾ انگريزن جي حڪومت خلاف جنگ لاءِ تياري ڪئي. آئنده مقابلي ۾ ڪاميابيءَ لاءِ مسلمانن ۽ هندن جو اتحاد ضروري سمجهيو ۽ ان مقصد خاطر غازين کي هندن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيو ته جيئن اهي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ انهن جو هر طرح بچاء ڪن. ان وقت حڪومت جي اختيار ڪيل پاليسي موجب مسجد منزل گاهه سکر جي مالڪيءَ لاءِ هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ فساد متل هو. مسجد منزل گاهه مسلمانن جو تاريخي ورثو هئي پر حڪومت جي پشت پناهي سان پيسي ۽ طاقت وارا هندو مسجد ۽ لاڳو عمارتن تي قبضي لاءِ اٿي کڙا ٿيا. مسلمان رهنمائن سندن مقابلو ڪيو. پير صاحب سائين جي. ايم. سيد کي صاف لفظن ۾ لکيو ته اسان هندو- مسلم اتحاد جا حامي آهيون. سندن نظر ملڪي آزاديءَ واري آخري مقصد تي هئي.

سنڌ جڏهن بمبئي کان جدا ٿي ۽ 1940ع ۾ چونڊون ٿيون ته پير صاحب چونڊن ۾ حصو ورتو. سنجهوري جي تڪ مان شيخ محمد لقمان کي بيهاريائون. وطن دوست رهنما سائين جي. ايم. سيد کي 14 مارچ 1940ع تي خط لکيائون ۽ کيس وزارت ملڻ تي مبارڪ ڏنائون. اهو پڻ لکيائون ته اسان هندو- مسلم اتحاد لاءِ حامي آهيون (سائين جي. ايم. سيد اصلوڪو خط مون کي پاڻ ڏيکاريو هو). وڌيڪ ته: سائين جي. ايم. سيد ڪا اهڙي ڳالهه به ڪندو هو ته پير صاحب کين چيو هو ته سنڌ جي ترقيءَ لاءِ سنڌ مان ئي جدا طور تي ڪي قدم کنيا وڃن يا ڪا تحريڪ قائم ڪئي وڃي.

پير صاحب جا اهي سڀ قدم سياسي بصيرت وارا هئا. اهي قدم انگريزن جي حڪمراني ختم ڪرڻ لاءِ سوچي سمجهي کنيائون. بيشڪ وڏي تدبر ۽ تدبير سان مقابلي جو سوچيائون، انگريز حڪمرانن پير صاحب کي باغي بنائڻ جي رٿ اڳواٽ رٿي ۽ مقدمو هلايو. باوجود انهن جي دٻاءَ جي، سنڌ جي معتبر ماڻهن ۽ زميندارن مان گهڻا سڀ انگريزن جي هن سازشي مقدمي ۾ شامل نه ٿيا. 1955ع-1970ع وارن سالن ۾ راقم ڪوشش ڪئي ته اهڙن معتبر ماڻهن کي ڳولي لهجي. جن کان حڪومت زور تي شاهديون ٿي ورتيون. ٽن معتبر شخصيتن ٻڌايو ته، نه فقط ديسي آفيسرن پر خود وڏن انگريز آفيسرن ڪوڙين شاهدين لاءِ زوري حڪم هلايا. هن وقت اهي ٽيئي سائين گذاري ويا آهن. هڪ هو سردار خدا بخش خان پتافي (تعلقي ميرپور ماٿيلي جو) ٻيو سيد امام بخش شاهه شاهپوٽو (تعلقي ميرپور خاص جو) ٽيون (خانبهادر) محمد ايوب کهڙو. هيٺ انهن جي پنهنجي زباني جيڪي مون ٻڌو ۽ جيڪي ياد رهيو آهي، سو لکجي ٿو:

سردار خدا بخش پتافي، ميرپور ماٿيلو:

1960ع کان وٺي سنڌ بابت تحقيق ڪندي، منهنجو سکر ضلعي جي روهڙي ڊويزن ۾ وڃڻ ٿيو ۽ حسن علي خان پتافي سان واقفيت ٿي. سندن ڳوٺ گل محمد پتافي ۾ وڃڻ ٿيو. جتي سندس والد سردار خدا بخش خان پتافي سان ملاقات جو موقعو مليو. عمر رسيده ۽ وڏي فهم وارو هو. فارسي خواندو علم وارو هو. ڪچهريءَ ۾ سورهيه بادشاهه ۽ حرن جي ڳالهه نڪتي ته سردار چيو ته: انگريزي حڪومت پير صاحب کي شهيد ڪرڻ لاءِ حيلا هلايا هئا. سکر کان وٺي ٿرپارڪر ضلعي تائين جيڪي اثر رسوخ وارا ماڻهو هئا، تن کي ڌمڪائي پير صاحب خلاف شاهديون ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪيائون ۽ جيڪي سندن زور بار هيٺ نه آيا، تن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ اڙائي جبل ۾ وڌائون. 1942ع ۾ سکر ضلعي جو ڪليڪٽر هولٽ (Holt) هو. جنهن مون کي گهرايو ۽ پير صاحب خلاف شاهدي ڏيڻ لاءِ چيو. مان کيس ٻڌايو پير صاحب پاڻ ڪو اهڙو قدم ڪونه کنيو آهي، جنهن جي خلاف آواز اٿارجي. تنهن تي چيائين ته ججن آڏو جيڪي اوهان کي چوڻو هوندو، سو اوهان کي ٻڌايو ويندو. اهڙي شاهدي ڏيڻ کان مون انڪار ڪيو. ان کان پوءِ مون کي گرفتار ڪيو ويو ۽ وقت بوقت آفيسر زور بار وجهندا رهيا ۽ پنهنجي طرفان رپورٽون موڪليندا رهيا. پير صاحب جي شهادت (20 مارچ 1943ع) کان پوءِ تائين مون کي جيل ۾ رکيائون. خلافت تحريڪ ۾ مان انگريزن جي حڪومت خلاف گهڻو ڪم ڪيو هو. جو آءٌ امروٽي بزرگ جي صلاحڪارن مان هوس. انگريزن وٽ اهو پويون رڪارڊ هو ۽ جيل ۾ ياد ڏياريندا رهيا ته مان انگريزن جي حڪومت خلاف ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو آهيان.

سيد امام بخش شاهه عرف وڏل شاهه، ضلعو ٿرپارڪر:

1952ع کان وٺي آءٌ سنڌ بابت تحقيق جي سلسلي ۾، خاص طرح وڏي شاعر ميين شاهه عنايت بابت مواد هٿ ڪرڻ لاءِ سنهڙي وارن ساداتن سان ملڻ ويس. جتي جي بزرگ امام بخش شاهه عرف وڏل شاهه صاحب کان مون پير صاحب شهيد ۽ حڪومت طرفان لڳايل مارشل لاء بابت پڇيو. وڏل شاهه خاص طرح ٿرپارڪر جي انگريز ڪليڪٽر جي پير صاحب خلاف زوري شاهدي وٺڻ جي حقيقت بيان ڪئي. چيائين ته 42-1941ع ۾ ٿرپارڪر جو ڪليڪٽر ديوس (Davies) نالي انگريز هو، جنهن مون کي گهرايو. مير پير بخش ٽالپر ٽنڊي محمد خان وارو صوبيدار موڪليائون، جو مون کي وٺي ويو. پر شام جو آيو ۽ خفيه طور مون کي رات جي دقت ميرپورخاص وٺي ويا. ڪليڪٽر مون کي سندس بنگلي تي گهرايو ۽ چيو ته پير پاڳاري تي بغاوت جو ڪيس آهي. هن وڏا ظلم ڪيا آهن ۽ تون ان جي خلاف شاهدي ڏي. گهڻو چيائين پر مون انڪار ڪيو. تڏهن چيائين ته آءٌ توکي ڏسي رهندس. ڦاسي قبول اٿئي؟ مون چيو ته: ”اها اوهان جي مصلحت ۽ مرضي، باقي آءٌ ڪوڙي شاهدي ڪونه ڏيندس“. ٻئي ڏينهن ڪليڪٽر حُڪم نامو ڪڍي منهنجا هٿيار ضبط ڪيا. ان بعد مون کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ اڙايو ويو. ”اصل ڳالهه هيءَ هئي ته بي بي صاحبزادي ڌي هئي نواز علي شاهه جي، جيڪو شاهپوٽو سيد هو ۽ اسان کي عزازت ۾ ويجهو هو. نواز علي شاهه جي وفات بعد بيبي صاحبه ورثي ۾ کيس مليل زمين، مون کي بخشش ڪري ڏني. انهيءَ بخشش جي تصديق، قاعدي موجب تعلقي مختيارڪار اميد علي خان ڪئي هئي. بيبي صاحبزادي جي والده مهر وارن سيدن (ويٺل ديهه ٽهڪڻ، ڊگهڙي کان ٻه ميل ڏکڻ طرف) مان ڪنهن جي ڌيءُ هئي. ڪليڪٽر انهن مان ڪنهن کي گهرايو ۽ کانئن هڪ درخواست ڪرائي ته وڏل شاهه وارن ڪوڙي بخشش ڪرائي آهي. انهيءَ درخواست تي ڪليڪٽر ڊيوس اها بخشش روڪائي. مون قاضي فتح محمد ۽ قاضي عبدالحڪيم کي، جيڪي بيبي صاحبزادي جا عام مختيار هئا ۽ جن جي آڏو بخشش ٿي هئي، شاهدن طور پيش ڪيو ۽ انهن سچي شاهدي ڏني. انهي تي ڪليڪٽر هيڪاري تتو ۽ مون سان گڏ انهن ٻنهي کي به جوابدار ٺهرائي ڪوڙي بخشش واري ڏوهه هيٺ ڪيس هلايائون. اهو ڪيس حيدرآباد جي سيشن جج مسٽر 'Paymaster' وٽ هليو جيڪو ڪليڪٽر ڊيوس جو عزيز هو. پوءِ جج ان ڪيس ۾ مون کي ست سال، قاضي فتح محمد کي به ست سال ۽ قاضي عبدالحڪيم کي ٽي سال قيد جي سزا سڻائي.“

محمد ايوب کهڙو:

1941ع-1942ع ۾ جڏهن انگريزن جي حڪومت سورهيه صبغت الله شاهه کي گرفتار ڪيو ۽ بغاوت جو ڪيس هلايو ويو. تڏهن محمد ايوب کهڙو سنڌ جو جرئتمند سياسي اڳواڻ هو ۽ پڻ مسلم ليگ جو ميمبر هو. 1965ع کان پوءِ کهڙي صاحب سان منهنجون ملاقاتون ٿيون. هڪ ملاقات ۾ مون کيس ٻڌايو ته: 1942ع ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان شاگردن جي وفد ۾ اسان دهلي ۾ نوابزاده لياقت علي خان سان ملياسون ته سنڌ ۾ مارشل لاء ۽ پير پاڳاري تي بغاوت جي ڪيس هلائڻ خلاف مسلم ليگ جي طرفان احتجاج ڪيو وڃي. جواب ۾ چيائين ته صوبي سنڌ جي مسلم ليگ پارٽي جيڪڏهن ڪو اهڙو ٺهراء موڪليو ته مرڪزي مسلم ليگ طرفان ان موجب قدم کڻنداسون. مون کهڙي صاحب کان پڇيو ته سنڌ ۾ مسلم ليگ طرفان ڇو خاموشي اختيار ڪئي ويئي. چيائين ته ان وقت سنڌ جي مسلم ليگ ۾ جرئت جي ڪمي هئي. بلڪ مسلم ليگ ٻڏتر ۾ هئي ته حڪومت طرفان پير صاحب خلاف زوردار پروپيگنڊا هلي رهي هئي ته پير صاحب ڪانگريس ۽ هندن سان ٺاهه ڪيو آهي. مسلم ليگ جو ان کان اڳ 1939ع کان وٺي) مسجد منزل گاهه جي معاملي تي هندن ۽ ڪانگريس سان اختلاف هو. باوجود ان جي مون کي ۽ مسلم ليگ جي ڪن ٻين ميمبرن کي احساس هو ته هندستان ۾ گانڌي جي هلايل ”ملڪ ڇڏيو“ واري نعري جي باوجود مرڪزي حڪومت ڪو سخت قدم ڪونه ٿي کنيو پر ٻئي طرف سنڌ ۾ مارشل لاء لڳائي، مسلمانن جي وڏي روحاني رهنما خلاف بغاوت جو ڪيس ٿي هلايو. آءٌ ذاتي طور تي پير صاحب جن لاءِ فڪرمند هوس. هڪ ته مارشل لاء کي مون مسئلي جو حل ڪونه ٿي سمجهيو، ٻئي طرف ان وقت ڪي سرڪاري ڪامورا پير صاحب کي ڦاسي ڏيئي، شهيد ڪرڻ جون اڳواٽ ڳالهيون ڪري رهيا هئا. ڄڻ ته سڄي ڪاروائي اڳ ۾ رٿيل هئي.

چيائين ته: ان وقت پير صاحب جو مون تي اعتبار هو ۽ مون به وس آهر مدد معاونت ۾ ڪونه گهٽايو. پير صاحب کي 1941ع ۾ گرفتار ڪري سنڌ کان ٻاهر رکيو هئائون. 1943ع ۾ جڏهن بغاوت جي ڪيس هلائڻ لاءِ کيس سنڌ ۾ آندو ويو ته پهريائين مون سان ملڻ گهريائين. ان تي گورنر ڊو (Dow) مون کي گهرائي چيو ته: آءٌ پير صاحب سان ملاقات نه ڪريان ۽ سندس مدد نه ڪريان.

کهڙي صاحب خاص طرح پير صاحب جن جي تدبير، همت ۽ حوصلي جي تعريف ڪئي. چيائين ته انگريزن جي قيد و بند ۾ به هن اڪيلي سر سنجيدگيءَ سان قانوني مقابلو ڪيو. پير صاحب اڳئين گورنر لانسيلاٽ گرهام کي سنڌ اسيمبلي جي ڪن ميمبرن کي ۽ مارشل لا وارن ضلعن مان ڪن معتبر زميندارن کي پنهنجي بچاء جي شاهدن طور پيش ڪيو هو. مان ان وقت روينيو کاتي جو وزير هوس ۽ منهنجو نالو به بچاء جي شاهدن ۾ هو پر حڪومت پنهنجي طاقت جي زور تي ڪنهن به شاهد کي پير صاحب جي حق ۾ شاهدي ڏيڻ نٿي ڏني. مان پنهنجي اصول موجب مارشل لاءِ ڪيس هلائيندڙن آڏو روبرو وڃي پير صاحب جي حق ۾ شاهدي ڏني. هڪ نه پر ٻه دفعا پير صاحب جي حق ۾ شاهديون ڏنيون. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو مون تي حڪومت طرفان سختيون شروع ٿيون ۽ اڳئين وڏي وزير الله بخش سومري جي قتل جو جوابدار ٺهرائي مون کي گرفتار ڪري ڪيس هلايائون.“

لوڪ ادب کي ياد ڪندي:

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:

”سنڌ بابت تحقيق جي سلسلي ۾ جيڪي ڪشالا ڪڍيا ويا، تن کي ياد ڪندي، هيءُ مواد شايع ڪجي ٿو. افسوس، جو ڪن صاحبن جي ضد ۽ فساد جي ڪري، هڪ اداري طرفان لوڪ ادب جو ڪم پورو ڪونه ٿيو ۽ بالآخر ان اداري جي ڪن ميمبرن جي مهربانيءَ سان سنڌي لغت ۽ سنڌي لوڪ ادب جي هلندڙ ڪم کي ٺهراء پاس ڪري بند ڪيو ويو.“

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چوڏهين جي چنڊ وانگر چمڪندڙ اهو مثالي ۽ بي بها عالم، اديب، مؤرخ ۽ محقق هو، جنهن محنت، محبت ۽ عشق جي جذبي سان اهڙو ته معرڪة الآرا ڪم ڪيو. جو هڪ طرف ساري دنيا ۾ سندس علمي ڪارنامن جي ڌوم مچي وئي. ٻئي طرف اسان سڀني جي سنڌ وڏي شان ۽ مان سان ٻهڪڻ لڳي ته: ٽئين طرف اسان سنڌين جو ڳاٽ اوچو ٿي ويو ۽ تڪبر سان نه، پر الله جي شڪر سان چوڻ جهڙا ٿياسين ته لطيف جي سنڌ جي فضيلت ۽ علمي ميراث اڃا تائين محفوظ آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي علمي مقام ۽ مرتبي جي ڪٿ ڪندي، هڪ ڀيري، رسول بخش پليجي صاحب (سنڌس ماڻڪ موتي تنظيم طرفان ڊاڪٽر بلوچ جي مان ۾ ڪوٺايل تقريب ۾) شاهه سائين جي هن بيت سان ڊاڪٽر صاحب کي خراج تحسين پيش ڪيو هو ته:

جوڳي تي جڙاء، نسورو ئي نينهن جو،
پتنگ جيئن پيدا ٿيو، سامي سج وڙاء،
آيو ڪاڪ تڙاء، ڪنوارين ڪڪوريو.

                                      (شاهه)

منهنجي ذهن تي لطيف سائين جو هيءُ بيت تري آيو آهي ته:

روء راڻي جي ناهه ڪو، سوڍو سڀن سونهن،
لاٿائين لطيف چئي، مٿان دلين دونهن،
ڪانهي ٻي ورونهن، ٿيو مڙوئي مينڌرو.

                                    (شاهه)

ايڏي وڏي عالم ۽ اديب جي لکيل هڪ هڪ سٽ، بلڪ هڪ هڪ لفظ کي شايع ڪرڻ سنڌ جي ڪنهن به علمي، ادبي ۽ اشاعتي اداري لاءِ نصيب، عزت ۽ اعزاز جي ڳالهه هئڻ گهرجي ها، مگر مٿي اوهان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڳالهه ٻڌي ته هڪ اداري ٺهراء پاس ڪري، سنڌي لغت ۽ سنڌي لوڪ ادب جي هلندڙ ڪم کي بند ڪرايو.

جيڪو ادارو سنڌي ادب جي ترقي ۽ فروغ لاءِ وجود ۾ آيو هو، ان جي طرفان اهڙي ٺهراء تي سواءِ ڏک ۽ افسوس جي ٻيو ڇا ٿو چئي سگهجي!!

اسان جي اديبن جو ڊاڪٽر بلوچ سان ساڙ ۽ بغض ۽ ڊاڪٽر صاحب جي ڪم جي بي قدريءَ کي ڏسي، مون انهيءَ ساڳي تقريب ۾ ڏک وچان چيو هو ته: اسين هن دؤر جا سنڌي پنهنجي نصيب کي ٿيلها ڏيندا ٿا وتون.

مڃون ٿا ته انسان هابيل ۽ قابيل کان وٺي هڪ ٻئي سان وڙهندو پيو اچي، پيشه ورانه رقابت به پنهنجي جاءِ تي، نظرياتي اختلاف ۽ گروهه بنديءَ کان به انڪار ڪونهي مگر هڪڙو گهر ته ڏائڻ به ٽاريندي آهي. خدا شل اسان کي اصل ۽ نقل ۾ تميز ڪرڻ جي توفيق بخشي.


*  1962ع-02-11 تي وڏو سگهڙ الهه بخش پالاري، حيدرآباد ۾ ميرن سان ملڻ آيو، چيائين: ”جبل ٿو وڃان“. پڇيم ته: اتي ڪٿي؟ چيائين ته: سَرِي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com