سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2012ع (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلو خاص نمبر)

مضمون

صفحو14

الطاف حسين جوکيو

 

سنڌي صورتخطيءَ جي سڌاري ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو ڪردار

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نالو سنڌي علم و ادب تي ڪم ڪندڙ شخصيتن ۾ نمايان حيثيت رکندڙ آهي. سنڌي علم و ادب ۾ چند ماڻهو اهڙا ٿي گذريا آهن جن مختلف موضوعن تي ساڳي تارَ سان پئي ڪم ڪيو آهي، تن ۾ مرزا قليچ بيگ مرحوم جو نالو وڏي اهميت جو حامل آهي. اهڙين مخصوص صفن ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو به وڏو نالو آهي. صاحب موصوف سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ عربي، فارسي، انگريزي ۽ اردو ٻولين جو پڻ سٺو ڄاڻو هو؛ مختلف ٻولين تي لکيل سندن ڪتاب ان ڳالـهه جا ساکي آهن.

بظاهر ڊاڪٽر بلوچ ’ايڊيوڪيشن‘ (تعليم) جو ماڻهو هو، ليڪن هن بزرگ عالم سنڌي ادب ۽ علمن جي مختلف پـ هلوئن: ’لوڪ ادب‘، ’لغت‘، ’لطيفيات‘، ’ڪلاسيڪي شاعري‘، ’سنڌي موسيقي‘، ’سنڌي ثقافت‘، ’تاريخ‘،

’لسانيات‘ وغيره تي جيڪو ڪم آهي، سو بيشڪ ساراهڻ جوڳو آهي.

هن مضمون ذريعي، مختصر، ’عربي- سنڌي آئيويٽا ۽ صورتخطيءَ‘ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي ڪيل خدمتن جو جائزو ۽ احاطو ڪيو ويندو.

ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي صورتخطيءَ جي تاريخ ۽ ان جي بهتريءَ لاءِ جيڪو ڪم ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪيو يا انهيءَ ڪم لاءِ جيڪو هن ميدان مهيا ڪيو، تنهن ڏانـ هن لسانيات جي ماهرن جي بيشڪ نظر رهي آهي. حالانڪه ڊاڪٽر بلوچ صاحب علم لسان جي بنيادي اصولن ۾ چڱيءَ طرح واضح ته ڪونه هو، ليڪن لسانيات جي خاص پـ هلو: ’صورتخطيءَ‘ تي ٻين عالمن جي خيالن کان سندن رايا ڪافي مضبوط رهيا آهن. ان حوالي سان صاحب موصوف جو سنڌي صورتخطيءَ تي ڪيل ڪم پنهنجي جڳهه تي اهميت جو حامل آهي ۽ ضرورت آهي ته سندن ڪيل ڪم يا ڏسيل نُڪتن تي نئين سِري سان اڀياس ٿيڻ گهرجي؛ جنهن لاءِ هن صاحب، لسانيات جي عالمن ۽ پڙهندڙن کي دعوت فڪر پئي ڏني آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ جتي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب سنڌي صوتيات جو جڳ مشـ هور عالم آهي ۽ صوتيات تي سندن ڪيل ڪم حرف آخر سمجهيو ويندو آهي، اتي صورتخطيءَ ۾ هو به چڱيءَ طرح واضح نه آهن. ان جڳـ هه تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا ’سنڌي صورتخطيءَ‘ جي تاريخي اڀياس ۽ بـ هتريءَ بابت تصور ڏاڍا وزنائتا آهن.

1.1. صورتخطيءَ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي خيالن تي هڪ نظر

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب اصطلاح ’صورتخطيءَ‘ جي دائري ۾ ’لفظ‘ ۽ ’جملن‘ جو احاطو ڪندي، ڄاڻائي ٿو ته: ”صورتخطي اها لکيت واري صورت آهي جنهن ۾ حرف هڪ ٻئي سان ملائجن ٿا ته لفظ ٺـ هن ۽ لفظ هڪ ٻئي سان لکيت ۾ ترتيب ڏجن ته جيئن جملا بنجن. حرفن مان هرهڪ کي خاص نوع ۽ نزاڪت سان لکڻ ۽ انهن کي نـ هايت سهڻي سٽاءَ سان ملائي لفظ بنائڻ.“ (بلوچ، 14:1992)

سنڌي صورتخطيءَ جي حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو هڪ تضاد ڀريو حوالو، لسانيات جي مختلف  عالمن وٽ ڪافي بحث هيٺ رهيو؛ جنـ هن ۾ ”سنڌي صورتخطيءَ“ جو جائزو وٺندي ڄاڻايو اٿس ته: ”اسان جي هاڻوڪي زبان جي لفظن جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته جيئن اڳ تيئن الفاظ ’حروف صحيح‘ سان بنيل هئا، ۽ ڊگها حروف علت (ا، و، ي) ڪي بلڪل ئي گهٽ هئا. ڊگهن حروف علت کان سواءِ الفاظ جـ هڙوڪ: به، ته، نه، مک، نٿ، ڪڪڙ، مڪڙ، گدڙ- شايد انهيءَ تاريخي اصليت ڏانـ هن اشارو ڪن ٿا. لفظن جي اهڙي بيـ هڪ ۽ بناوت جي ماضيءَ جي مطالعي مان ڀانئجي ٿو ته عربيءَ جي اثر کان اڳ، سنڌي الفاظ اڪثر حروف صحيح جا مرڪبات هئا.“ (بلوچ، 36:1999)

ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهئي صاحب، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو ساڳيو حوالو ڄاڻائيندي لکي ٿو ته: ”ڊاڪٽر بلوچ جي ان راءِ جو ذڪر ڪندي سراج لکيو آهي ته ’هيءُ صاحب انهن لفظن کي انگريزيءَ ۾ لکي ڏسي ها ته کيس خبر پئجي وڃي ها ته انهن لفظن ۾ ٽن حروفن صحيح کان سواءِ اوترائي حروف علت به موجود آهن.‘“ (ٻگهيو، 50:1998)

ڊاڪٽر ٻگهئي صاحب جي راءِ ۾ هڪ ڳالهه اها واضح ٿي ته لسانيات جي علم ۾ ’ڳالهايل ٻولي‘ ۽ ’لکت‘ ٻه الڳ الڳ اسم آهن. صاحب موصوف اهو خيال رکندي پنهنجي لکڻيءَ ۾ احتياط کان ڪم وٺندي ٻنهي لفظن جو استعمال ڪيو آهي، جيئن:

”آراميڪ (Aramaic)، عبراني (Hebrew) ۽ عربي وغيره، جن ۾ حرف علت/سر (Vowel) اعرابن ذريعي جڏهن مرضي پوي ته ظاهر ڪيا وڃن ٿا. ٻئي طرف ڪيترين هندستاني لپين ۾ حرف علت/ سُر اعرابن يا نشانين ذريعي ظاهر ڪيا وڃن ٿا، جيڪي لڳائڻ نـ هايت ضروري آهن. هي نشانيون حرف صحيح/وينجن سان لاڳاپيل سمجهيون وڃن ٿيون.“ (ٻگهيو، 50:1998)

ڊاڪٽر الانا صاحب بنيادي طور صوتيات جو ماهر آهي، جنهن سبب ’آواز‘ لاءِ ’حرف‘ لفظ جي استعمال تي تنقيدي نظر رکندي آوازن جي قسمن بابت ڄاڻائي ٿو ته: ”سنڌي صوتيات جو جائزو وٺندي Consonant‘ کي حرف صحيح جي بدران ’وينجن‘ ۽ ’Vowel‘ کي حرف علت جي بدران ’سر‘ سڏيو ويو آهي. اهي ڏنل نالا تشريحي لسانيات جي وصفن موجب درست آهن. سنڌي ٻوليءَ جا ’سُر‘ جن کي سنڌ جي بزرگ تعليمي ماهرن ’حروف علت‘ سڏيو آهي، انهن جي باري ۾ جدا جدا ماهرن جدا جدا وصفون بيان ڪيون آهن ۽ نتيجا ڪڍيا آهن. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو: ’اسان جي هاڻوڪي زبان جي لفظن جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته جيئن اڳ تيئن الفاظ حروف صحيح سان بنيل هئا، يعني منجهن حروف علت بلڪل ڪم (گهَٽ) هئا، يا مورڳو نه هئا‘. ڊاڪٽر صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو ته: ’عربيءَ جي اثر کان اڳ، سنڌي الفاظ اڪثر حروف صحيح جا مرڪبات هئا‘. ڊاڪٽر صاحب جي هن پوئين راءِ مان واضح ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ سرن کان سواءِ ئي ٺهندا هئا، يعني وينجن پاڻ ۾ ملي لفظ يا پد ٺاهيندا هئا… اهي وصفون هن علمي ۽ سائنسي دؤر ۾ قبول ڪرڻ جهڙيون نه آهن، پر لسانيات جي ماهرن بلوم فيلڊ ۽ ٻين ’سر‘ جي جيڪا وصف مقرر ڪئي آهي سا هن ريت آهي:

’سُر هڪ ڳرو آواز آهي جنهن جي اُچارڻ مـ هل هوا نڙيءَ مان لنگهي مٿي اچي، وات واري کوپي مان روان لـ هر (Continuous stream) جي صورت ۾ لنگهندي آهي. وات واري کوپي مان لنگهڻ وقت ان (هوا) کي ڪٿي به نه ڪا رڪاوٽ ٿيندي آهي، ۽ نه وري مخرج وٽ ڪنهن گهٽ يا سوڙـهه ڪري، ڪو گـ هڪو ٿئي. جنهن آواز جي اُچارڻ ۾ اهي سڀ خصوصيتون موجود هجن، تنهن کي سُر (Vowel) چئبو آهي‘.

هن وصف مان اهو واضح ٿئي ٿو ته سر (Vowel) جي اچارڻ لاءِ مخرج وٽ نه ڪٿي ڪا رڪاوٽ ٿي سگهي ٿي، ۽ نه وري ان کي ساڪن صورت ۾ اچاري سگهجي ٿو، يعني ته سر ساڪن اچاري نه ٿو سگهجي، پر هميشه متحرڪ هوندو آهي. هن وصف جي روشنيءَ ۾ ڏسبو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ’الف و ۽ ي‘ سُر نه آهن، پر سنڌي صوتياتي نظام موجب سر ڏهه آهن، اهي آهن: ”اَ آ اِ اِي اُ اُي اي ايَ او اوَ.“ (الانا، 2005: 216-218)

ڪنهن به عالم ’الف، واؤ ۽ يي‘ کي سُر ڪونه ڪوٺيو آهي، ليڪن عام طور تي انهن اکرن کي حرف علت ڪوٺيو ويو آهي، جنهن کي پڻ رد ڪري نه ٿو سگهجي. اصل ۾ ٻنهي لفظن (سُر ۽ حرف علت/ وينجن ۽ حرف صحيح) کي پنهنجي جڳـ هه تي غلط به چئي نه سگهبو، ڇاڪاڻ ته انهن جي حيثيت پنهنجي جڳـ هه تي الڳ الڳ به آهي، پر اسان جي عالمن انهن لفظن کي باريڪ بينيءَ سان ڪونه ڏٺو آهي. هيٺ انهن لفظن تي مختصر ويچار رکجن ٿا:

1.1.1. حرف صحيح ۽ علت: مذڪوره لفظن/اصطلاحن جي نوعيت ئي ٻڌائي ٿي ته هنن لفظن جو واسطو اکرن/ حرفن سان آهي ۽ اکرن جي نسبت صورتخطيءَ سان ئي جُڙي ٿي. ان صورت ۾ جن عالمن به مذڪوره لفظ ڪم آندا آهن، انهن کي به غلط نه چئي سگهبو، ڇاڪاڻ ته انهن جي نظر صورتخطيءَ تي رهي ٿي. هي اصطلاح جيئن ته بنيادي طور تي عربي جا آهن تنـ هنڪري ان جي معنيٰ مفـ هوم ۽ حيثيت عربيءَ جي لحاظ کان مناسب آهي؛ سنڌي ٻوليءَ  ۾ عربيءَ کان منتقل ٿيا آهن. فرض ڪريو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکيو ته ’اسان جي هاڻوڪي زبان جي لفظن جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته جيئن اڳ تيئن الفاظ ’حروف صحيح‘ سان بنيل هئا، يعني منجهن حروف علت بلڪل ڪم (گهَٽ) هئا، يا مورڳو نه هئا‘، جنهن جو اشارو صورتخطي جي ڪمين ڪوتاهين ڏانهن رهيو، ان ڳالهه کي ڳالهائڻ وارن لفظن ۾ تورڻ بيجا آهي؛ يا وري ڪاڪي ڀيرومل جيڪا وضاحت ڪئي آهي ته ’حرف علت معنيٰ ضعيف يا بيمار اکر. اهي برابر ڪمزور آهن ڇاڪاڻ ته اهي پنـ هنجو اُچار سولائيءَ سان ٿا بدلائين‘، سا ان خيال کان به مناسب آهي، جو ڀيرومل صاحب جي وضاحت ۾ حرفن جي ڳالهه آهي، جيڪي سُرن توڙي وينجنن جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ واقعي، اهي ان خيال کان ڪمزور به آهن جو هڪٻئي جي جاءِ تي پيا مَٽبا آهن. اها حالت عربي توڻي سنڌيءَ ۾ ڪنـ هن حد تائين يڪسان آهي. مثال:

عربيءَ جي مادي/ ڌاتو ۾ اهي اکر پيا مٽبا آهن، عربي زبان جي ڪنـ هن به لفظ جي مادي ۾ الف بنهه نه ايندو، بلڪ همزو ايندو آهي. اگر ڪنـ هن مادي ۾ الف نظر اچي ته سمجهو ته ان هنڌ درحقيقت اصلي حرف ’و‘ يا ’ي‘ هوندو. الف ان ’و‘ يا ’ي‘ کي مٽائي آيو هوندو؛ مثلاً: ’قَامَ‘ ۾ مادو ’ق- و- م‘ آهي. ڄاڻو ته ’قَامَ‘ اصل ۾ ’قَوَمَ‘ هوندو، ’و‘ الف سان مٽجي ويو. اهڙيءَ طرح ’بَاعَ‘ جو مادو ’ب- ي- ع‘ آهي، پر الف سان مَٽجي ويو آهي. (پرويز، 4:1998)

مفسر پرويز صاحب جي راءِ مان اهو نُڪتو ملي ٿو ته عربي ٻوليءَ جي بنيادي لفظن ۾ ’ا، و ۽ ي‘ هڪٻئي جا متبادل پيا ٿيندا آهن ۽ صيغن جي لحاظ کان پيا مٽبا آهن؛ اهو عربي ٻوليءَ جي مزاج ۾ شامل آهي، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جو مزاج اها خاصيت آسانيءَ سان برداشت نه ٿو ڪري سگهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ مٽجڻ جو پاسو ڪجهه مختلف آهي، مثال طور: ’منـ  هنجو، منـ هنجي، منـ هنجا، منـ هنجن‘ جـ هڙن لفظن ۾ آخري اکر اهڙا آهن جيڪي جملي جي نوعيت پٽاندر مٽجي ٿا وڃن، جڏهن ته بنيادي اکرن/ آوازن ۾ ردوبدل ٿي نه ٿي سگهي؛ اهڙا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

’مختفي ه‘ سان

’واؤ‘ سان

’ي‘ سان

’الف‘ سان

’ن‘ سان

---

گهوڙو

گهوڙٖي

گهوڙا

گهوڙن

---

تنـ هنجو

تنـ هنجي

تنـ هنجا

تنـ هنجن

---

اهڙو

اهڙي

اهڙا

اهڙن

اداره

ادارو

اداري

ادارا

ادارن

اشاره

اشارو

اشاري

اشارا

اشارن

مسئله

مسئلو

مسئلي

مسئلا

مسئلن

پرده

پردو

پردي

پردا

پردن

پيچره

پيچرو

پيچري

پيچرا

پيچرن

صاحبزاده

صاحبزادو

صاحبزادي

صاحبزادا

صاحبزادن

 

مٿيان مثال اهو ٻڌائين ٿا ته سنڌيءَ ۾ پڻ ڪافي سنڌي، عربي توڙي فارسي لفظ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج يا جملي جي نوعيت پٽاندر مذڪوره اکر هڪٻئي ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا. ان خيال کان جيئن ته اهي اکر هڪٻئي ۾ مٽجي سگهجن ٿا، جن جو تعلق سُرن سان پڻ آهي، اهوئي سبب آهي جو انهن کي حرف علت سڏيو ويو آهي يا سڏي سگهجي ٿو. ليڪن جڏهن آوازن جي نسبت انهن جي تور ٿي ڪجي ته پوءِ لفظ ’حرف‘ سان ڪم آندل اصطلاح ڪم آڻڻ مناسب ناهي.

1.1.2. وينجن ۽ سر: هي لفظ پنهنجي نوعيت مان ئي ٻڌائن ٿا ته هنن جو تعلق آواز ۽ آواز وارن عنصرن سان آهي. ان صورت ۾ مذڪوره لفظ پنهنجي دائري اندر استعمال ڪرڻ يا ان جي راءِ رکڻ ڪنـ هن به حوالي سان رد ٿيڻ جوڳي ناهي. ان لحاظ کان ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو چوڻ نـ هايت مناسب آهي.

واضح ٿيو ته حرف علت/ حرف صحيح ۽ سُر/ وينجن ۾ ايترو فرق آهي، جيترو اکر ۽ آواز ۾! ان لاءِ انهن جي وضاحتن جا دائرا به مختلف هجڻ کپن.

مٿين لفظن جي مختصر وضاحت بعد ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته ٻنهي قسم جي لفظن/ اصطلاحن واري استعمال ۾ ڪوبه حرج ڪونهي، البته انهن جي نوعيت جاچڻ بعد تز استعمال ڪرڻ جو خيال رکڻ ضروري آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مٿين راءِ جي روشنيءَ ۾ اهو خيال ضرور اُڀري ٿو ته، تاريخي لحاظ کان صاحب موصوف جي سنڌي صورتخطيءَ تي باقاعده نظر هئي، جنـ هن سبب پراڻي لکت بابت اهڙي راءِ رکيائون.

1.1.3. اکر/حرف جون صورتون: حرفن جي متصّل ۽ منفصل صورتن جي حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته: ”سنڌي صورتخطي شروع کان وٺي عربي صورتخطيءَ جي نـ هج نموني تي نروار ٿي. هن وقت تائين سنڌي صورتخطيءَ جون خصوصيتون ساڳيون ۽ عربي صورتخطيءَ واريون آهن جن سان سنڌي صورتخطي جي اڳين ڊگهي تاريخ جي تصديق ٿئي ٿي. مثلاً: ڪن حرفن جو هڪ ٻئي سان ملائي لکڻ يا نه لکڻ، حرفن کي لفظن جي مُنڍ ۾، وچ ۾ يا آخر ۾ ڪن خاص صورتن ۾ لکڻ؛ ۽ زيرن زبرن کي مقرر صورتن ۾ رکڻ.“ (بلوچ، 1992: 14-15)

اکرن جو متصّل يا منفصل صورتن ۾ لکڻ وارو انداز بيشڪ عربيءَ وارو آهي جنـ هن ۾ هرهڪ اکر جي گهرَ جون چار صورتون متعين ٿيل آهن. متصل يا منفصل صورتن جو واسطو خطاطيءَ سان آهي، جنهن رُخ ۾ ڪم درست ٿي نه سگهيو آهي؛ اهڙي شڪايت ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لکڻين ۾ ڪانه ٿي ملي. اهوئي سبب آهي جو ’هه‘ اکر جي صورتن بابت اسان اڄ سوڌو واضح ناهيون.

واضح رهي ته ملفوظي هه، ۽ وسرڳي ـهه جا مسئلا اڄ سوڌو ٽنگيا پيا آهن. اهڙو فرق ’جـ هار ۽ جهار‘ ’گـ هرو ۽ گهرو‘ ۾ واضح ٿئي ٿو. هيٺ مختصر اکرن جي صورت ڏجن ٿيون:

1.1.3.1. متصّل حرف:

سالم/پوري صورت

مُنڍائتي/شروعاتي

وچين/ڳنڍيل

پڇاڙڪي/آخري

حرف

استعمال

حرف

استعمال

حرف

استعمال

حرف

استعمال

ب

ربّ

بـ

بلا

ـبـ

سبق

ـب

صاحب

ف

صاف

فـ

فدا

ـفـ

سفر

ـف

صف

ج

هاج

جـ

جوءِ

ـجـ

هجر

ـج

سج

س

رس

سـ

سير

ـسـ

ڪسڻ

ـس

مس

هه

رَهُه

هـ

هير

ـ هـ

ڪـ هڻ

ـ هه

ڇيـ هه

اهي بنيادي حرف جن جون چار صورتون ٿين ٿيون: ب، ف، ج، جهه، س، ص، ط، ع، ڪ، ک، گ، گهه، ل، م، ن، ڻ، هه، ي.

1.1.3.2. هه حرف مان ورتل اضافي چئن حرفن جا روپ:

سالم/سڄي

مُنڍائتي/شروعاتي

وچين/ڳنڍيل

پڇاڙڪي/آخري

’وسرڳي ـهه‘ جي سالم صورت ڪونهي

’وسرڳي ـهه‘ جي منڍائتي صورت ڪونهي.

ـهه             گهر

ـهه         ملهه

ه            موجوده

’مختفي ه‘ جي منڍائتي صورت ڪونهي.

’مختفي ه‘ جي وچين صورت ڪونهي.

’مختفي ه‘ جي آخري صورت ڪونهي.

’مختفي ـہ‘ جي سالم صورت ڪونهي.

’مختفي ـہ‘ جي منڍائتي صورت ڪونهي.

’مختفي ـہ‘ جي وچين صورت ڪونهي.

ـہ         هميشہ ساڳي آهي.

’مختفي ـه‘ جي سالم صورت ڪونهي.

’مختفي ـه‘ جي منڍائتي صورت ڪونهي.

’مختفي ـه‘ جي وچين صورت ڪونهي.

ـه        هميشه ساڳي آهي.

1.1.3.3. منفصل اکر

سالم/پوري صورت

مُنڍائتي/شروعاتي

وچين/ڳنڍيل

پڇاڙڪي/آخري

حرف

استعمال

حرف

استعمال

حرف

استعمال

حرف

استعمال

ا

اک

هيءَ صورت نه ٿيندي.

هيءَ صورت نه ٿيندي.

ـا

دعا

ء

ماءُ

ئـ

ائٽ

ـئـ

هئڻ

هيءَ صورت نه ٿيندي.

د

مدد

هيءَ صورت نه ٿيندي.

هيءَ صورت نه ٿيندي.

ـد

عيد

ر

دري

 

 

 

 

ـر

خير

و

وڙو

هيءَ صورت نه ٿيندي.

هيءَ صورت نه ٿيندي.

ـو

گهوٻو

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

مٿين صورتن جي دائرن ۽ اسان جي عالمن جون ڏنل صورتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ وارو عمل ڪافي ڊيگهارو ٿيندو؛ في الحال اشارن تي ئي اڪتفا ڪجي ٿو. البته، ايترو چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته هن مد ۾ مڙني عالمن جي ڪيل ڪم ۾ سامهون آيا آهن. تنهن کان سواءِ اهو به واضح ڪندو هلجي ته عالمن جي ڄاڻايل ’هه‘ حرف ۽ ان جي اضافي روپن (ـهه، ـہ، ه، ـه) جي خامين سبب، سنڌي سوفٽ ويئر جي فونٽن ۾ سڌارو نه اچي سگهيو آهي.

1.2. وچولو لهجو/معياري لهجو ۽ صوتيات موجب صورتخطيءَ جا مونجهارا:

سنڌي ٻوليءَ جي لهجن جي احاطي واري حوالي سان اها ڳالهه ڌيان ۾ رکي وئي آهي ته اسين ’وچولي لـ هجي‘ بابت واضح ناهيون. اهڙي شڪايت عام آهي. اصل ۾ اهو مونجهارو ورهاڱي کان پوءِ وڌي وڻ ٿيو ۽ اڄ سوڌو مونجـهاري ۾ ورتل آهي؛ ڪنـ هن به ان جي ڇانگ جو سَت ڪونه ساريو آهي. اهڙي مونجهاري جــو اظـ هار فيض جوڻيجي هن انداز ۾ ڪيو آهي ته: ”انگريزن ٻوليءَ جو مرڪزي ۽ معياري لـ هجو موجوده سنڌ جو وچولو مقرر ڪيو پر حقيقت اها آهي ته اسان 50 سالن ۾ ان مرڪزي لـ هجي بابت به واضح نه آهيون.“ (فـ هميده، مارچ 2000: 192)

موجوده حالتن ۾ سنڌ جا ٻه وچولا سامهون اچن ٿا، هڪ: ساهتي پرڳڻو، ٻيو: حيدرآباد. ساهتي پرڳڻي جي ٻوليءَ تي اترادي اثر آهي، جڏهن ته حيدرآبادي لـ هجي تي لاڙي ٻوليءَ جو اثر آهي ۽ ڪافي مستشرق يا ديسي عالمن لاڙي لـ هجي جي ڀيٽ ۾ اترادي لـ هجي جي ٻوليءَ جي آوازن کي صاف ۽ چٽو پڻ ڪوٺيو آهي.

حيدرآباد، شـ هدادپور، سنجهورو، ٽنڊوآدم، هالا جي آسپاس جي ٻوليءَ  ۽ ساهتي پرڳڻي جي ٻوليءَ ۾ ڪافي فرق آهي، خاص طور مورڌني، وسرڳ، آخري ۽ ماقبل آخري ڇوٽن سُر آوازن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب بنيادي طور تي حيدرآبادي لـ هجي جو ماڻهو آهي، ليڪن پاڻ حيدرآباد جي لـ هجي کي ’وچولي‘ ۾ شمار نه ٿو ڪري؛ اها سندس وڏجگري ۽ حقيقت پسندي آهي، جنهن مان سندس سنڌي ٻوليءَ سان محبت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي اون ظاهر ٿئي ٿي.

سنڌي صورتخطيءَ جي سڌاري ۽ بهتريءَ لاءِ اون رکندي ۽ لسانيات جي محققن لاءِ فڪري دعوت ڏيندي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب شڪايت جي انداز ۾ لکيو آهي ته: ”جيتوڻيڪ سنڌ جي ’وچولي واري ٻوليءَ‘ کي معياري تسليم ڪري ان کي ڪتابن ۾ آڻڻ ۽ لکڻ تي رسمي طور اتفاق ڪيو ويو، پر عملي طور گهڻي حد تائين حيدرآباد واري شهري ٻولي درسي ڪتابن توڙي سرڪاري دفتر جي ڪاروبار ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. صورتخطيءَ جي مسلسل سڌاري واڌاري ڏانهن گهٽ توجهه سببان ڪافي اوڻايون پيدا ٿيون. اڳيان عالم، انهن سنڌي اچارن لاءِ جن ۾ ’ر‘ جو آواز سميٽيل هو تن لاءِ ’ر‘ وڌائي رکندا هئا، جيئن: چندر، پٽر، کنڊر، وغيره، پر حيدرآبادي محاوري ۾ اهڙا لفظ چنڊ، پٽ، کنڊ ڪري اچاربا هئا. انهيءَ ڪري ڪتابن ۾ پڻ انهن اچارن سان ’ر‘ کان سواءِ لکيا ويا. اهڙيءَ طرح ’هه‘ سان سميٽيل اچارن: ڙـهه، مهه، لهه، نهه، ڻهه وغيره کي سرڪاري طور منظور ٿيل الف- بي ۾ مستقل اچارن طور شامل ڪونه ڪيو ويو، جنهنڪري نئين صورتخطي ۽ ان جي هِجي ۾ اهي اچار غلط نموني ۾ رائج ٿيا. زيرون زبرون (اعرابون) ختم ڪيون ويون، جنهنڪري نه فقط لفظن جي صحيح آوازن کي سمجهڻ ڏکيو ٿيندو ويو، پر اعرابن نه هئڻ سببان جملن ۾ اسمن جي صحيح نحوي سٽاءَ جي سڃاڻپ ختم ٿي ويئي. اهڙيءَ طرح، سنڌيءَ جي مزاج وارن ’ي‘ سان سميٽيل اچارن توڙي ’ن‘ جي غنائيءَ وارن اچارن کي صورتخطيءَ ۾ صحيح هِجي سان بيهارڻ طرف ڌيان نه ڏنو ويو. انهيءَ ڪري باوجود انهيءَ جي، جو سنڌي صورتخطي ڪنهن حد تائين معياري ٿي، مگر ان جي مختلف مسئلن کي سمجهڻ ۽ سنوارڻ جي ضرورت پوري نه ٿي.“ (بلوچ، 1992: 15-16)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته حيدرآباد وارو لـ هجو ’وچولي لـ هجي‘ جي زمري ۾ ڪونه ٿو اچي! بلڪ ٻوليءَ جون واڳون ان لـ هجي جي هٿ رس هجڻ سبب صورتخطيءَ جا ڪافي مونجهارا اڄ سوڌو مونجهاري جي وَر چڙـهيل آهن. بلوچ صاحب جي راءِ مان اهو به اندازو ٿئي ٿو ته حيدرآبادي لـ هجي کي سرڪاري طور ’معياري لـ هجي‘ جي شرف سان نوازيو ويو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ جي ڄاڻايل مونجهارن ۾ وچولي لـ هجي جي تعين کان علاوه ٽن وينجنن ۽ ٻن سُرن جي گروهه جا مونجهارا سامهون اچن ٿا؛ جن جو تفصيل هيٺين ريت رکي سگهجي ٿو:

1.2.1. وچولي لهجي جي تعين وارو مونجهارو: ڊاڪٽر بلوچ جي لکڻ موجب حيدرآبادي لـ هجو وچولي ۾ شمار نٿو ٿي ڪري سگهجي، ته پوءِ:

?       وچولو لـ هجو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟

1.2.2. ٽن وينجنن جو صوتياتي حقيقتن موجب صورتخطيءَ وارو مونجهارو:

1.2.2.1.       مور ڌني صوتين: ٽر، ڊر ۽ ڍر جو مونجهارو؛

1.2.2.2.      ’ي‘ سان سميٽيل آوازن جو مونجهارو.

1.2.2.3.      وسرڳن جو مونجهارو:

1.2.3. ٻن سُرن جو صوتياتي حقيقتن موجب صورتخطيءَ وارو مونجهارو:

1.2.3.1.       زيرن زبرن (اعرابن) وارو مونجهارو:

1.2.3.2.      ’ن‘ گُهڻي جو مونجهارو.

مٿين نُڪتن تي علم صوتيات جي حوالي سان ڪافي عالمن جو ڪم سامهون اچي ٿو، ليڪن سنڌي صورتخطيءَ جي لحاظ کان اوڻايون برقرار آهن، جن ڏانهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب اشارا ڪيا آهن. سندن اشارن تي ڪيل ڪم جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو:

1.2.1. وچولي لهجي جي تعين وارو مونجهارو:

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لکڻ موجب حيدرآبادي لـ هجو وچولي ۾ شمار نٿو ڪري سگهجي، ته پوءِ:

?       وچولو لـ هجو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟

ڊاڪٽر بلوچ صاحب واري ساڳي ڳالهه ڪاڪي ڀيرومل صاحب هيئن ڪئي آهي: ”حيدرآباد ۽ پسگردائيءَ جي ٻولي ٺيٺ ۽ کري ٻولي ليکجي ٿي. ان جو سبب 1853ع ۾ تعليم کاتي وارن درسي ڪتابن جوڙائڻ جو ڪم حيدرآباد جي معزز هندن ۽ مسلمانن تي رکيو ۽ هنن اهائي ٻولي ڪم آندي، ائين حيدرآباد وارن جي ٻوليءَ کي شرف مليو، پر انهيءَ تي ڪو ڌار نالو رکيل ڪونهي؛ تنهنڪري وچولي جي دفعي ۾ ليکجي ٿي.“ (ڀيرومل، 1956: 93-94)

ڪاڪي ڀيرومل صاحب جي راءِ: ’حيدرآباد… تي ڪو ڌار نالو رکيل ڪونهي، تنـ هنڪري وچولي جي دفعي ۾ ليکجي ٿي‘ مان اهوئي خيال ملي ٿو ته ٻوليءَ جي لـ هجن آهر ’حيدرآباد‘ تي ڌار ڪو نالو هجي ها، پر ڪو ڌار نالو رکيل ڪونهي، جنهن سبب وچولي ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. ڪاڪي ڀيرومل جو ’هڪ قسم جي زوراوِريءَ‘ ڏانهن اشارو آهي؛ ٻئي پاسي هو ساهتي پرڳڻي کي وچولي ۽ معياري لهجي جو شرف ڏيندي لکي ٿو ته: ”وچولي ۾ ساهتي پرڳڻو يعني نوشـ هروفيروز ۽ ڪنڊيارو وغيره اچي وڃن ٿا.“ (ڀيرومل، 1956: 94)

واضح رهي ته ڪافي عالمن ساهتي پرڳڻي جي ٻوليءَ کي وچولي ۾ شمار ڪيو آهي، جـ هڙوڪ: پروفيسر علي نواز جتوئي، مسٽر کيمچند هيراڻي، حڪيم فتح محمد سيوـهاڻي، ڊاڪٽر حامد علي خانائي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، مسٽر نصير اعجاز. ان کان علاوه اها به ڳالهه ڪجي ته ڪوبه اهڙو عالم ڪونهي، جنهن وچولي جي دفعي ۾ ساهتي کان اختلاف رکيو هجي. جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڪاڪي ڀيرومل صاحب جا حوالا سامهون آهن، جن حيدرآبادي لـ هجي کي وچولي ۾ هجڻ کان اختلاف ڏيکاريو آهي.

1.2.2. ٽن وينجنن جو صوتياتي حقيقتن موجب صورتخطيءَ وارو مونجهارو

1.2.2.1.       مورڌني صوتين: ٽر، ڊر ۽ ڍر جو مونجهارو

گريئرسن ۽ ڊاڪٽر دائودپوٽي جي مثالن آڌار، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پنهنجي راءِ ڏيکاريندي لکي ٿو ته: ”]ر[ جو ادغام سنسڪرت مان آيل لفظن ۾ موجود هو ۽ سنڌيءَ ۾ به قائم رهيو؛ جيڪو مائٽر‘ مِٽر، چنڊر، کنڊر وغيره ۾ موجود آهي. اهي لفظ اڄ تائين سڄيءَ سنڌ ۾ ائين ڳالهائجن ٿا ۽ ائين ئي لکڻ کپن. حقيقت ۾ /ٽ/ ۽ /ٽر/ يا /ڊ/ ۽ /ڊر/ جدا جدا صوتيه آهن ۽ ٻوليءَ ۾ هرهڪ جي پنهنجي جاءِ آهي، مثلاً: پَٽُ = ميدان ۽ پَٽر = لوهو پٽر، منڊُ = پير يا ٽنگ جو ۽ مَنڊُر = ٽوڻي ڦيڻي جو.“ (بلوچ، 1999: 259-260)

ڊاڪٽر بلوچ جي نظر ۾ /ٽ/ ۽ /ٽر/ يا /ڊ/ ۽ /ڊر/ جدا جدا صوتيه آهن، ظاهر آهي ته صوتيه ڪنهن آئيويٽا/ رسم الخط ۾ الڳ سان شڪل/اکر جي گهرج ڏيکاريندو آهي. ڪڇي لـ هجي ۾ ٽ ۽ ٽر جو بدل آواز ]تر[ آهي، جيئن لاڙي/ حيدرآبادي لـ هجي ۾ صرف هڪ آواز ]ٽ[ آهي. جنهن صورت ۾ اهڙا آواز جيڪي ڪن لفظن ۾ معنوي فرق رکندا آهن ان صورت ۾ ان کي صوتيو ڪوٺيو ويندو آهي. جيئن:

·       اوٽ  =

پناهه، پردو، اولو، بچاءُ، ڇانوَ، اجهو، رنڊڪ وغيره.

·       اوٽرَ  =

اٽڪل، اندازو، ڌُڪو، قياس، انومان.

·       مِٽي  =

زمين، ڀونءِ، خاڪ، ڌوڙ، لَٽ، کِهَه وغيره.

·       مِٽرِي =

رشتو، عزازت، سڳائي، رستو، سٻنڌ، ناتو، ڳانڍاپو وغيره

·       سوٽُ   =

خشڪ، ڪڙڪ، ٺوٺ، سخت، ڏاڍو، مضبوط وغيره

·       سوٽرُ  =

چاچي جو پٽ، زال جي مڙس لاءِ رسمي نالو.

·       کوٽَ =

دغا، ٺڳي، ڊروه، ڪپت، فريب، مڪر وغيره.

·       کوٽرَ =

کوٽڻ جي حالت، کوٽهڙو وغيره

·       وٽَ =

وزن تورڻ جا ماپا، تورو، مرداڻي پاڪيزگيءَ لاءِ کنيل ڀترَ، پيٽ جا سور، رسيءَ جا وٽَ.

·       وٽرَ =

نئين مند ۾ لٿل ميوو، انّ يا کاڌي جي شيءِ.

·       ٽَڪو =

ٻن پئسن واور سڪو، ٽڪو پيسو.

·       ٽرَڪو =

گندو ٿيل، ڪِنو، وِسوڻو.

·       ٽِڪو =

زائفاڻو زيور، داغ

·       ٽرِڪو =

وڄت جو انگ، ٽن جو مجموعو

·       کٽِي =

اها شيءِ جنهن جي چکڻ سان کٽاڻ/اگراڻ جو احساس ٿئي

·       کٽرِي =

ڪپڙن ڌوئڻ وارو ڪاريگر.

·       ٽوپَ =

مٿي تي پائڻ واري شيءِ جو جمع.

·       ٽروپُ =

چتي، ڪنهن کي ڪو نقصان ڏيڻ.

·       سٽَ =

رٿ، ارادو، پَـ هُه.

·       سٽرَ =

ڪاغذ تي لفظن سان لکيل/لکڻ لاءِ نڪتل ليڪ. (هي لفظ اصل عربيءَ جي ’سطر‘ تان ورتل آهي؛ ان ڪري سنڌيءَ ۾ ’ر‘ جي ادغام سان هجڻ ئي مناسب آهي؛ جڏهن ته لاڙي/ حيدرآبادي لـ هجي موجب اهو لفظ ’سِٽ‘ لکيو/پڙهيو ويندو آهي).

ڊر/ ۽ /ڍر/ جا ڪجهه مثال:

·       ڏڍ  = دلاسو، آسرو، ٽيڪ

·       ڏڍرُ = گول پڙي هڻندڙ چمڙيءَ جي بيماري

·       واڍ = ڪٽائي يا وڍڻ جو عمل

·       واڍرِ = رَسو

(مٿين مثالن مان /ٽ/ ۽ /ٽر/، /ڊ/ ۽ /ڊر/، /ڍ/ ۽ /ڍر/ جي مَٽ سان لفظن ۾ معنوي فرق پيدا ٿيو، ان لاءِ لاچار انهن کي بدل آواز (Allophone) جي بجاءِ صوتيو ئي چوڻو پوندو). البته اترادي لـ هجي ۾ ]ٺر[ جو ڪم ايندڙ آواز سان ڪوبه اهڙو لفظ ناهي جيڪو ’ر‘ جي لار کان سواءِ لفظ سان معنوي فرق رکندو هجي، ان صورت ۾ علمي طور تي ]ٺر[ کي بدل آواز (Allophone) ئي چوڻو پوندو.

علمي حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ صاحب ئي آهي جنهن نه رڳو مذڪوره آوازن کي تسليم ڪيو بلڪه عالم آشڪار ڪافي عالمن جي ’ملامت سِر تي کڻي‘ انهن کي عملي طور ڇاپي ۾ به آندو. سندن لکيل ڪتاب (مختلف ادارن توڻي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران ڇپيل) ان جو ثبوت آهن.

1.2.2.1.1. ڊاڪٽر بلوچ صاحب وٽ مورڌني آوازن جو حل:

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ’ر‘ جي لارَ وارن صوتين جي حوالي سان انگريزي دؤر واري ترتيب ڏنل آئيويٽا کان اڳ، ڪم ايندڙ عالمن جي متعين ٿيل اکرن بابت ڄاڻائي ٿو ته: ”’ٽر‘ ۽ ’ڊر‘ ٻئي روزمرهه جي سنڌي ٻوليءَ جا مخصوص اچار تسليم ڪري، انهن صوتين جي صورتخطي پڻ ’ر‘ جي اضافي سان قائم ڪئي وئي هئي؛ جيئن:

·       ٽري، ٽِرئو، ٽريئي، پٽر، مائٽر، آڳاٽرو.

·       ڊريگهه، چنڊر، سمنڊر، جنڊر.“ (بلوچ، 1999: 443)

اهڙي آميزشي ’ر‘ لاءِ 80 واري ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڻ ڪوشش وٺندي طالب الموليٰ ڏانهن هڪ ادبي خط ۾ شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪندي ’ٽر ۽ ڊر‘ جي استعمال جا مثال ڏنا آهن، انهن مان ٻن تي اڪتفا ڪجي ٿو:

ع-     نئون نينهن تنهنجو لڳو آهي نٽر،

        سو  مون  لئه  ڳـ هڻو،  ٻين لاءِ ڳٽُر.

 

ع-     ٻيا ڀـــــل  ٻيائن  ۾  ٻيڻا  ۽  ٻيلهه،

        اسين مَر  هُجون پاڻ  ۾ کير کنڊُر.

                        (جوکيو، اونهارو- 1983: 263)

·       ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڄاڻايل حل تي هڪ نظر:

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪوشش وقتائتي ضرور آهي، ليڪن ٻوليءَ جي وسعت ۽ نفاست سببان نامناسب آهي؛ ڇو ته سڌوسنئون ’ر‘ ڏيڻ سان به ڪافي لفظن جي سڃاڻپ ۾ امڪاني مونجهارا پيدا ٿين ٿا؛ جهڙي نموني موجوده ’ڊ‘ جو اکر ٻٽا صوتيه سنڀاليندي مونجهارا ڪيون بيٺو آهي:

·       کنڊُ  = کي نون زبر کن، ڊي پيشُ ڊ = کنڊُ

لاڙي/حيدرآبادي لـ هجي موجب- کنڊُ = داڻيدار مٺاڻ ۽ درياء جو گهارو (ٻَئي).

ساهتي/اترادي لـ هجي موجب-    کنڊُ = درياء جو گهارو يا براعظم.

پر جيڪڏهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪيل عمل موجب جنسي ’ر‘ ڏجي ته: کنڊرُ ڪري لکبو؛ جنهن سان پڻ ٻه- ٽي لفظ ڏِک ڏيندا، جيئن:

·       کَنڊَر = پراڻو، جنهر يا جهنر

·       کِنڊَر = وکريل يا ڦـ هليل صورت

ڇو ته اسان وٽ عام طور تي، اعرابن ڏيڻ جو رواج قلمي توڻي ڪتابي ته آهي ڪونه! پر جيڪڏهن کنڊر کي اعرابون ڏبيون به، ته به ان جي هِجي درست نه بيهندي، ڇو ته اگر ’ر‘ کي جزم اچي، ته اهو پوءِ به هڪ ساڪن آواز ٿي بيهندو؛ جڏهن ته اسان کي هڪ صوتئي /ڊر/ جو آواز بيـ هارڻو آهي. ها البته، جيڪڏهن ’ڊ‘ کي ساڪن بڻائي ۽ ’ر‘ کي پيش ڏبو ته پوءِ ڪي قدر دوست بيـ هندو، مثلاً: کنڊرُ = کي نون زبر کن، ڊي ري پيشُ ڊرُ. مِٽرُ = (ميم کي ٽي سان نه ملائبو) ميم زير مِ، ٽي ري پيش ٽَرُ.

اهو معاملو گڏيل آواز جو آهي، جنـ هن بابت لسانيات جا عالم به صاف نه آهن، ان صورت ۾ اسان جو عام استاد ته اڳيئي مُنجهيل آهي. هن صورت ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم جي راءِ مناسب آهي ته اهڙي ’ر‘ جي لار وارن آوازن جي صورتخطيءَ ۾ ’ر‘ جو اکر ’ٽ‘ جي پيٽ ۾ لکيو وڃي. (هڪڙو- مرتب، 1997: 52-53)

1.2.2.2. ’ي‘ سان سميٽيل آوازن جو مونجهارو:

سنڌيءَ جي مزاج وارن ’ي‘ سان سميٽيل اچارن جي درست هِجي ۽ صورتخطيءَ بابت ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ صاحب اشارو ڪيو آهي (بلوچ، 1992: 15) جنهن لاءِ ڪو مثال وغيره ته ڪونه ڏنو اٿن، البته صورتخطيءَ جي ٻين مونجهارن سان هن مونجهاري جو به ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان هٽي ڪري ٻئي ڪنهن عالم ’ي‘ سان سميٽيل اچارن جي درست هِجي ۽ صورتخطيءَ بابت ڪونه ڄاڻايو آهي.

1.2.2.2.1. ’ي‘ ۽ ’ر‘ وينجن جو اڳئين آواز کي ساڪن بڻائڻ:

سنڌي ٻوليءَ توڻي هن خطي جي ٻولين ۾ ڳالهائجندڙ گڏيل آوازن ۾ ’ر‘ ۽ ’ي‘ جا ٻه آواز اهڙا جوڙ آهن جن ۾ اڳئين آواز کي پاڻ سان گڏڻ جي قوت سمايل هوندي آهي، اهڙو تفصيل الانا صاحب جي ڪتابن مان ڏجي ٿو:

’ر‘ سان گڏيل آواز

’ي‘ سان گڏيل آواز

بر، پر، گر، ڪر.

ڏي، ڌي، ٻي، پي، ٽي، جي، گي، ڪي، ني.

’ي‘ سان سميٽيل آوازن جي صورتخطيءَ ڏانـ هن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پڻ ’سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي‘ ۾ اشارو ڪيو آهي.

ڊاڪٽر الانا صاحب جيڪي مثال ڏنا آهن سي محدود آهن، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻيا به ڪافي اهڙا آواز مذڪوره آوازن سان ان تُريءَ ۾ تُرن ٿا جيڪي ’ر‘ ۽ ’ي‘ سان سميٽيل/ گڏيل رهن ٿا، جـ هڙوڪ:

’ر‘ سان گڏيل آواز

مِٽرِي، کَٽرِي، کَنڊُر، مَنڊُر، واڍرِ، ڏَڍرُ وغيره.

’ي‘ سان گڏيل آواز

سيارو، تيار، ستيارو، ڏکيو، واڻيو، مکيه، سورـهيه وغيره.

يعني: سۡيَ، تۡيَ، کۡيَ، ڻۡيَ، رۡـهيَ وغيره.

اهڙيءَ طرح اترادي توڻي وچولي (ساهتي) ۾ صوتياڻي حيثيت رکندڙ ’ٽۡر، ڊۡر ۽ ڍۡر‘ جا گڏيل آواز پڻ ساڳئي نوعيت جا گڏيل آواز آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ’ي‘ سان سميٽيل/گڏيل آواز ۾ اهو نوٽ ڪيو ويو آهي ته ’ڊگهي سُر سان يي‘ پنهنجي اڳئين آواز کي پاڻ سان گڏ متحرڪ بڻائي ٿي.

مذڪوره آوازن جو امتزاج گهڻي قدر ديسي ٻولين سان واسطو رکي ٿو، خاص طور هندي ٻولين ۾ اهڙي آواز جي صورتخطيءَ جو حل ديوناگري آئيويٽا ۾ به موجود آهي. سنڌي ٻوليءَ جي عربي- سنڌي صورتخطيءَ ۾ اهڙن آوازن کي سمجهڻ ۽ لکڻ لاءِ باضابطه طور تي ڪي اصول متعين ڪونه ڪيا ويا. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب گڏيل ديسي آوازن جي رخ تي علمي طور تي بحث ضرور ڪيو آهي ليڪن ان جي ورڇ ڏانهن ڪــو خاص توجـ هه نه ڏئي سگهيو آهي ۽ ان جي هِجي يا اعراب ۾ به مونجهارا آهن. ڊاڪٽر الانا صاحب ’ڌۡيان‘ جهڙن لفظن ۾ ’ڌ‘ تي جزم ڏيڻ جي راءِ رکي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي اشاري موجب، هيٺ ’ي‘ سان سميٽيل چند لفظ سامهون رکي ان جي تنقيدي اڀياس سان ان آواز جي حيثيت ۽ صورتخطيءَ جا ڪي اصول اڀياس هيٺ آڻجن ٿا:

·       ڪنـ هن لفظ جي منڍ ۾ ’ي‘ سان سميٽيل آواز: (هن جا ٻه نمونا آهن).

o     اڳيان ’ي‘ سان: يمن/جمن، (ي ۽ ج هڪٻئي جا بدل آواز) هن نوعيت واري آواز ۾ سميٽيل آواز ڪونه ٿو رهي.

o     ڪنهن وينجن سان سميٽيل ’ي‘ وينجن: پيار، ڌيان، ڏياري وغيره

·       ڪنهن لفظ جي وچ ۾ ’ي‘ سان سميٽيل آواز: ڏُکيو، مَڻيو وغيره

·       ڪنـ هن لفظ جي آخر ۾ ’ي‘ سان سميٽيل آواز: مکيه، سورـهيه، ورـهيه وغيره.

1.2.2.2.2. ڪنهن لفظ جي وچ ۾ ’ي‘ سان سميٽيل آواز بابت:

’ي‘ سان سميٽيل آواز جي لسانياتي حيثيت بابت ڊاڪٽر الانا صاحب جو علمي بحث ٺيڪ آهي. ليڪن وچ وارن ’ي‘ سان سميٽيل/گڏيل لفظن جي درست هِجي ۽ صورتخطيءَ ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب جي ڏسيل اصول موجب مونجهارو پيش اچي ٿو؛ مثال طور: /ڀريل، ڏکيو/ وغيره جـ هڙن لفظن جي اصولي صورتخطي هيٺينءَ ريت بيـ هندي:

·       اصولي هِجي ۽ صورتخطي:       (ڀَ + رۡيَ + لُ) = ڀَرۡيَل.

گڏيل آواز جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب جزم جي استعمال جي سفارش ڪئي آهي. جزم جو اهڙو استعمال خود منجهائيندڙ آهي.

1.2.2.2.3. آخري ’ي‘ سان سميٽيل آواز جي صورتخطي

لفظ ’مکيه يا سورـهيه‘ ۾ ’ي‘ سان سميٽيل آواز جي لکت اڪثر ڪنـ هن وينجن سان ڳنڍيل ’يه‘ جي صورت ۾ لکي ويندي آهي، جنـ هن ۾ ’ي+ ـه‘ جو ڳنڍ هوندو آهي.

’ي‘ سان ٻيو ڳنڍ اصل ۾ ’هه‘ جو هڪ روپ آهي جنهن تي سنڌي عالمن ڪو خاص ڪم نه ڪيو آهي. راقم هڪ مقالي ’سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳن جي حقيقت‘ ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ايندڙ ’هه‘ اکر جا پنج روپ ڄاڻايا آهن: ’هه‘، ’ـهه‘، ’ه‘، ’ـہ‘ ۽ ’ـه‘. انهن پنجن روپن مان آخري ٽي روپ (’ه‘، ’ـہ‘ ۽ ’ـه‘) ’مختفي ه‘ وارا سڏبا آهن. فـ هميده، سيپٽمبر 2008: 87)

(فـ هميده حسين، ڊاڪٽر (ايڊيٽر)- سنڌي ٻولي، تحقيقي جنرل (سيپٽمبر، 2008ع)- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد).

سنڌي صورتخطيءَ ۾ آخري ’مختفي هي‘ جو روپ ڇوٽي سُر لاءِ به ڪم آيل آهي، هيٺ اهڙا مثال خيال خاطر رکجن ٿا:

·       زبر سان: تَه، نَه، سورـهيهَ، ورـهيهَ، مکيَه.

·       زير سان: بِه.

·       پيش سان: مکيُه، سورـهيُه، ورـهيُه.

مٿي ذڪر ڪيل ’ي‘ سان سميٽيل آوازن کي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’مختفي هه‘ جي آخري روپ سان لکيو ويندو آهي؛ جنهن جي حيثيت ته ڇوٽي سُرَ واري ٿيندي آهي؛ ليڪن هيٺ چند سنڌي صورتخطيءَ جا ’ي‘ سان سميٽيل/گڏيل آوازن وارا لفظ رکجن ٿا جن ۾ ’مختفي ه‘ جي استعمال هوندي به ٻن اعرابن (زبر ۽ پيش) جي گهرج پئي ٿي. ان جو اهم سبب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ جمع واحد جو اصول آهي؛ هيٺ اهڙا لفظ جمع واحد جي صورتن ۾ جاچي سگهجن ٿا:

1.2.2.2.4. ’ي‘ سان سميٽيل آوازن جي صورتخطيءَ بابت ڪڍيل حل:

’ي‘ سان سميٽيل آواز جي لسانياتي حيثيت بابت ڊاڪٽر الانا صاحب جو علمي بحث ٺيڪ آهي. ليڪن وچ وارن ’ي‘ سان سميٽيل/گڏيل لفظن جي درست هِجي ۽ صورتخطيءَ ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب جي ڏسيل اصول موجب مونجهارو پيش اچي ٿو؛ مثال طور: ڀريل، ڏکيو وغيره جـ هڙن لفظن جي اصول صورتخطي هيٺينءَ ريت بيهندي:

1.2.2.2.2. ڪنهن لفظ جي وچ ۾ ’ي‘ سان سميٽيل آواز بابت

·       ’ي‘ سان سميٽيل آوازن (پـ هريون ساڪن ٻيو متحرڪ) کي جاچڻ بعد اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ساڪن آوازن جا ٻه قسم آهن: هڪ ۾ پـ هريون ساڪن ۽ ٻيو متحرڪ ٿيندو آهي، جيئن: پيار (پۡيَ- گڏيل آواز). ان صورت ۾ جڏهن ’ي‘ سان سميٽيل آواز (کۡيَ)، لفظ ’ڏکيو‘ ۾ هجي ته ان صورت ۾ هِجي ڪرڻ واري لاءِ مونجهارو اهو ٿئي ٿو ته ’کۡ‘ ساڪن آواز کي ’ڏ‘ سان ملائجي يا ’ي‘ سان ملائجي؟

·       الانا صاحب اهڙن ’ر‘ يا ’ي‘ سان سميٽيل/گڏيل آوازن (پـ هريون ساڪن ٻيو متحرڪ) جي ساڪن آواز تي جزم جي راءِ رکي ٿو. جڏهن ته صورتخطيءَ جي لحاظ کان جزم جو ڪم اڳئين اکر سان ملائڻ آهي، جنهن ۾ پـ هريون متحرڪ، ٻيو ساڪن هوندو آهي، جيئن: ’گِهنۡٽي‘.

·       ’ي‘ سان سميٽيل مختصر اڀياس مان هڪ ڳالهه اها واضح ٿي بيٺي ته ڊاڪٽر الانا صاحب وارو علمي بحث اهڙن لسانياتي مونجهارن لاءِ پيرائتو آهي؛ البته، سندن ’جزم‘ وارو استعمال غير علمي آهي؛ ڇاڪاڻ ته ’ي‘ سان سميٽيل/گڏيل آوازن جو وچ ۽ آخر ۾ اچڻ سبب سندن جزم وارو اصول مونجهارا پيدا ڪري ٿو. ان صورت ۾ ضرور ڪي رستا ڪڍڻا پون ٿا!

·       هڪ صورت ته اها به آهي ته سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’جزم‘ جون ٻه صورتون رهيون آهن، هڪ: عام ( ـۡـ ) ٻي: اوائلي ( ـْـ )؛ ساڳئي وقت سنڌي صورتخطيءَ ۾ ساڪن آوازن جون به ٻه صورتون سامهون اچن ٿيون، بـ هتر ٿيندو ته جيڪڏهن بحث هيٺ آيل مونجهارن تي اسين ’جزم‘ جي ٻي صورت ڪم آڻيون ۽ ان جا ڪي دائرا مقرر ڪريون ته مونجهارو حل ٿي سگهي ٿو. مثلاً:

o     منڍ ۾ ايندڙ: پْيار، ڌْيان، گْيان، ڪْياڙي وغيره

o     وچ ۾ ايندڙ: ڏُکْيو، مَڻْيو، ڀَرْيل وغيره

1.2.2.3. وسرگن جو مونجهارو

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي ڄاڻائڻ موجب وچولي لـ هجي تي توجهه نه ڏيڻ سبب سنڌي صورتخطيءَ جي ڪافي مونجهارن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. صاحب موصوف جيڪي صورتخطيءَ جا مونجهارا ڏسيا آهن تن ۾ اهم وسرڳ جو پڻ آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب اهڙي دانـ هن ڪندي ڄاڻائي ٿو ته: ”’هه‘ سان سميٽيل اچارن: ڙـهه، مهه، لهه، نهه، ڻهه وغيره کي سرڪاري طور منظور ٿيل الف- بي ۾ مستقل اچارن طور شامل ڪونه ڪيو ويو، جنهنڪري نئين صورتخطي ۽ ان جي هِجي ۾ اهي اُچار غلط نموني ۾ رائج ٿيا.“ حقيقت ۾ مذڪوره معاملي ۾ ڪنهن حد تي لـ هجاتي اختلاف ته ڪونهي، ليڪن حيدرآبادي لـ هجي جي مزاج ۾ نه هجڻ سبب، انـ هن مونجهارن تي ڪو درست رخ ۾ ڪم ٿي نه سگهيو آهي.

1.2.2.3.1. وسرگ جي صورتخطيءَ ۾ ’ـهه‘ جي ڳنڍ سان هڪ اصول قائم ڪرڻ بابت

ڪافي عالمن اها راءِ رکي آهي يا ان خيال جا آهن ته جيئن اردو رسم الخط ۾ وسرگن جي صورتخطيءَ ۾ ’ٻن اکين واري ـهه‘ ڪم آندي وڃي ٿي، ساڳئي اصول تحت سنڌي رسم الخط ۾ پڻ اهڙو انداز رکيو وڃي ته جيئن آئيويٽا جي ڊيگهه/وزن کي گهٽائي سگهجي.

خليفي گل محمد گل 1858ع کان اڳ، ’ديوان گل‘ لاءِ 55 اکري آئيويٽا جوڙي، جنهن ۾ هن بزرگ 13 وسرگ اکرن لاءِ هڪ اصول رکندي ڪنـ هن اوسرگ وينجن مٿان ننڍڙي ’هه‘ جي علامت ڪم آندي. (گرامي، 2-1972، 161-162)

ڊاڪٽر ٽرمپ جي ترتيبيل آئيويٽا گهڻي قدر آخوند عبدالرحيم عباسيءَ ۽ پراڻي دکني اردو جي آئيويٽا جي نموني تي ٻڌل هئي، جنـ هن جو مقصد برصغير ۾ ساڳين اکرن جي صورت ۾ آڻڻ هو؛ ڊاڪٽر ٽرمپ گهڻي قدر ساڳئي گروهه جي آوازن لاءِ هڪ اصول جو قائل هو. جنهن سبب هر وسرگي آوازن لاءِ ان جي اکر ۾ جنسي ’ـهه‘ جو اضافو ڪيائين؛ جيئن: ’بهه = تهه = ٿ، ٺ، چهه = ڇ، دهه = ڌ، ٿـهه = ڍ، پهه = ڦ، کهه = ک‘. (ٽرمپ، 1985: xxx)

مرزا قليچ بيگ صاحب پڻ آخوند عبدالرحيم ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ جيان هڪ اصول قائم ڪرڻ جو قائل هو. مرزا صاحب عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ وسرگ لاءِ هڪ اصول رکڻ جو رايو رکندي خيال ڏيکاري ٿو ته: ”اردو ٻولي، جا پڻ سنڌيءَ وانگي اصل هندي هئي ۽ سنسڪرت جي ڌيءُ هئي ۽ پراڪرت مان نڪتل هئي، تنهن ۾ به عربي صورتخطي ڪم آيل آهي، مگر انهيءَ ۾ وري به ڪو اصول ڪم آيل آهي، جن اکرن ۾ ’هه‘ جو آواز لڪل آهي، تنهن جي پٺيان ’هه‘ جو اکر لکندا آهن، پر سنڌي الف- بي ۾ ڪن اکرن ۾ ’هه‘ وڌي اٿن، ڪن ۾ نه!“ (قليچ، 2006: 165)

ڊاڪٽر هدايت پريم صاحب اردو صورتخطيءَ جيان جنسي ’ـهه‘ جي ڳنڍ سان ضميمي طور پڙهائڻ لاءِ خيال ٺاهيندي لکي ٿو ته: ”سنڌي الف- ب جي موجوده (سڌاريل) پٽي 1855ع ۾ ٺاهي وئي هئي، جيڪا ٿوري ڦيرگهير ڪئي وئي، سا به ترتيب ۾ ڪئي وئي، نه ته اڄ تائين اها ساڳي الف- بي موجود آهي. اردو الف- بي تقريباً هڪ سؤ سال اڳ ۾ ڪلڪتي ۾ تيار ڪئي وئي هئي. سنڌي الف- بي ٺاهيندڙن کي اردو الف- بي اڳيان رکڻ گهربي هئي ۽ وسرگ آوازن کي لکڻ جو سائنسي طريقو يعني ’هه‘ ملائي لکڻ گهربو هو. ائين ڪرڻ سان سنڌي الف- بي جي پٽيءَ ۾ 52 اکرن بجاءِ 42 اکر هجن ها ۽ اها نون سکندڙن ۽ ٻارن لاءِ بار نه بنجي ها.“ (تاج، مارچ 2009: 76)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب اهڙن سائنسي طريقن کي ٻوليءَ جي مزاج مطابق هيٺين راءِ سان رد ڪري ٿو، جنهن پاسي لسانيات جي عالمن علمي طور جاچيو ئي ڪونه هو: ”سنڌيءَ جي ’ٿ، ٺ، ڇ، ک ۽ ڦ‘ وارين صورتن ۾ ’هه‘ جي ادغام جي انتـ هائي تڪميلي صورت موجود آهي؛ ايتريقدر جو ’هه‘ انهن ۾ ڪُلي طور کاڄي هضم ٿي وئي آهي. ان جي سڃاڻپ اها آهي جو انهن صوتين پويان ٻي ’هه‘ اچي سگهي ٿي، مثلاً:

·       ٿ = ٿـ هرَ ڪرڻ (ذرا ترسڻ صبر ڪرڻ، آرام ڪرڻ)

·       ٺ = ٺـ هڻُ، ٺـ هڪڻ

·       ڇ = ڇَهه، ڇُـ هڻُ

·       ک = کِـ هه، کَـ هرو

·       ڦ = ڦـ هڪائڻ

سنڌيءَ جي ڀ، ڌ، ڍ، جهه ۽ گهه صوتين ۾ ادغام جي حالت ميل واري آهي. ’هه‘ انهن صوتين جي اندر پيٽ ۾ آهي، جيتوڻيڪ ڏسجي نه ٿي، پر تنـ هن هوندي به هضم نه ٿي چڪي آهي، انهيءَ ڪري انهن صوتين پويان ٻي ’هه‘ نه ايندي؛ يعني ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو ڪو ورلي لفظ هوندو، جنـ هن ۾ ’ڀ، ڌ، ڍ ۽ جهه يا گهه‘ جي پويان ’هه‘ جو اُچار به هجي. انهن صوتين ۾ ’هه‘ جي وجود جي لحاظ سان انهن جو لکت ۾ گهه، جهه واريون صورتون مناسب آهن، بـ هتر ائين هو ته /ڀ، ڌ ۽ ڍ/ کي /بهه، دهه ۽ ڊهه/ جي صورتن ۾ لکجي ها. /ڙـهه، لهه، مهه، نهه ۽ ڻهه/ سي به ميل واري ادغامي صورت وارا آهن ۽ انهن جي پويان به ٻي ’هه‘ اچي نه سگهندي.“ (جوکيو، اونهارو- 1983: 262)

مذڪوره ڊاڪٽر بلوچ جي حوالي ۾ ’ڇ‘ سان گڏ ’هه‘ اچڻ واري مثال ۾ ’ڇَهه، ڇُـ هڻُ‘ لفظ ڄاڻايل آهن، حالانڪ ’ڇهَه‘ لفظ هجڻ سان گڏوگڏ صوتيات جي حوالي سان هڪ وسرڳ پڻ آهي؛ ڇاڪاڻ ته ان ۾ ’ڇ‘ ۽ ’هه‘ الڳ الڳ سُرن سان اُچاري نه ٿو سگهجي، بلڪ ’ڇَهه‘ هڪ ئي جهٽڪي ۾ ڦڦڙن جي هوا سان سخت تارونءَ وٽ زبان جي اڳياڙي ملائڻ سان آواز ٺـ هـي ٿو، جنهن کي هلڪو ڌوڪڻو وسرڳ چئي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ’ڇ‘ آواز کي وسرڳي ’ـهه‘ سان لکجي ها ته پوءِ ’ڇهه‘ وسرڳ جي لکت ’چههه/چهـ هه‘ يقيناً مونجهارو پيدا ڪري ها!

’ڇهه‘ کي درست اردو اِملا موجب لکڻ به ساڳئي وقت مونجهاري جو باعث بڻجي ٿو؛ جيئن: چھہہ (فہمیدہ 30:2011) جي صورتخطي ڄاڻائي وئي آهي. حالانڪ ’ڇهه‘ خود وسرگ آهي، جيڪو اردو ۾ لکڻ ئي اڻسهائيندڙ لڳندو. بهرحال، مذڪوره سنڌي وسرگ ۾ آخري ’ـهه‘ جو اکر وينجن جي صورت ۾ ناهي، جو ان کي الڳ سان متحرڪ ڄاڻائجي!

ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ مطابق ’ڀ‘، ’ڌ‘ ۽ ’ڍ‘ وسرڳن جي شڪل ’بهه، دهه ۽ ڊهه‘ واري رکڻ گهرجي ها؛ ڇاڪاڻ ته اهي وسرگ آواز اهڙا آهن جن جي پويان ٻي ’هه‘ ڪانه اچي سگهندي يعني ’سنڌيءَ جي ڀ، ڌ، ڍ، جهه ۽ گهه صوتين ۾ ادغام جي حالت ميل واري آهي‘.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب وسرگ جي جنهن پاسي جي ڳالهه ڪئي آهي سا بلڪل درست آهي. ليڪن جيڪا صورتخطيءَ جي حوالي سان راءِ ڏني آهي، تنهن ۾ اڳيئي مونجهارا آهن، جيڪي طئه ٿي ڪونه سگهيا آهن؛ مثلاً: ’ ماڻهونءَ‘ جي صورتخطيءَ ۾ وسرگي ’ـهه‘ جي لکڻ جو ته امڪان آهي ليڪن ’دهه‘ جي صورت ڪيئن بيهارجي، ’دهه‘ يا ’دـهه‘؟

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ سان صورتخطيءَ جي ٻن قسمن جي مونجهارن جو امڪان آهي:

سنڌي صورتخطيءَ ۾ منفصل اکرن کي وسرگ جي صورت ۾ لکڻ جا معاملا اڄ سوڌو طئه ٿي نه سگهيا آهن؛ ان بنياد تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ان راءِ کي مٿين مونجهارن جي امڪانن سبب ڪارآمد نه ٿو چئي سگهجي. ان بنياد تي ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته ايلس واري ڪاميٽيءَ ۾ موجود ماهرن وسرگ اکرن لاءِ جيڪي ٽٻڪن ۽ ’وسرگي ـهه‘ واري عمل کي ٺيڪ ڄاتو، سو بلڪل درست ۽ مناسب قدم هو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان صاحب موجوده عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ وسرڳن جي صورت ۾ ٽٻڪن ۽وسرگي ’ـهه‘ کي مثالن آڌار ڄاڻائيندي اهو واضح ڪيو آهي ته ٻنهي جو استعمال درست آهي:

ان مان واضح ٿيو ته ڪن وسرگ اکرن ۾ ٽٻڪن جو استعمال درست، وقتائتو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق ڪيل آهي؛ البته جنهن اصول ڏانهن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب اشارو ڪيو آهي ته ”بهتر ٿئي ها جيڪڏهن ڀ، ڌ ۽ ڍ کي بهه، دهه ۽ ڊهه جي صورتن ۾ لکجي ها.“ سو مونجهاري جا امڪان پيدا ڪري ٿو؛ جيئن: نشاندهي. ها، البته ڊاڪٽر صاحب جي ضميمي ۾ اضافي وسرگ پڙـهائڻ واري راءِ تي عمل ٿيڻ گهرجي.

1.2.3.1. زيرن زبرن (اعرابن) جو مونجهارو

اعرابن جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب شڪايت ڪندي ڄاڻائي ٿو ته: ”زيرون زبرون (اعرابون) ختم ڪيون ويون، جنـ هنڪري نه فقط لفظن جي صحيح آوازن کي سمجهڻ ڏکيو ٿيندو ويو، پر اعرابن نه هئڻ سببان جملن ۾ اسمن جي صحيح نحوي سٽاءَ جي سڃاڻپ ختم ٿي ويئي. (حوالو ڄاڻايل)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب بنيادي طور تي هڪ وڏو اسڪالر هو، ۽ هو ٻوليءَ جي گهٽن گهيڙن کان به چڱيان واقف هو. سندن شڪايت: ’اعرابن ختم ٿيڻ سان لفظن کي سمجهڻ ڏکيو ٿي ويو‘ جنهن لاءِ ايترو ضرور چئي سگهبو ته جن لفظن ۾ غلط پڙهڻ جو امڪان هجي اتي اعرابون ڪم آڻڻ انتـ هائي ضروري آهي. ليڪن حيدرآبادي لـ هجي لاءِ سندن اها شڪايت ته: ’اسمن جي صحيح نحوي سٽاءَ جي سڃاڻپ ختم ٿي وئي‘ انتـ هائي نازڪ آهي.

1.2.3.1.1. سنڌي لفظن جي آخري وينجن جي سر جي اهميت:

سنڌي صورتخطيءَ ۾ اعرابن جي نفاست ان حوالي سان به اهم آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ جمع- واحد، جنسي توڻي، غير جنسي مذڪر- مؤنث ۽ اسم جون حالتون (فاعلي- مفعولي) آخري ڇوٽن سُرن تي مبني هونديون آهن. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ ۾ ماقبل آخر وينجن تي سُر جي اهميت به شديد محسوس ڪئي وئي آهي.

مذڪوره نُڪتن تي باضابطه ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي، هت انتهائي مختصر پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي:

واحد- جمع يا جنسي توڻي غير جنسي مذڪر مؤنث جي اعرابن واري صورتخطيءَ ۾ ڪو خاص اختلاف ڪونهي، البته حيدرآبادي لـ هجي ۾ آخري ڇوٽن سُرن ڏانهن بي- حسي سبب غلطين جا امڪان رهندا آهن. ٿلهي ليکي هڪ- مثال پيش ڪن ٿا:

1.2.3.1.2. مؤنث- مذڪر جو هڪ مثال:

ڪنهن اسم جي آخري سُر ] اِ [ ۽ ] اِنۡ [ جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مؤنث ڄاتا ويندا آهن:

لفظ

آخري سُر

جملي ۾ استعمال

اکِ

اِ

هيءَ اکِ آهي.

ڀتِ

اِ

هيءَ ڀتِ آهي.

                      آخري ]اِن[ سُر

مينهِن

اِنۡ

هيءَ مينـ هِن ڏاڍي خاشي آهي

ان کان علاوه هيٺ لفظ پيش ڪجن ٿا جيڪي پڻ مؤنث سمجهيا ويندا آهن:

مکِ، ڇتِ، راتِ، هلتِ، برساتِ، ماٺِ، سُڌِ، راند، منجهندِ، باهِه، چانـ هِه، ديرِ، تڪڙِ، عمرِ، مشڪلاتِ، ملاقاتِ، حالتِ، محلاتِ، ڪاوڙِ، آڱرِ، سرڪارِ، بازارِ، ڪوڏرِ، دلِ، پُلِ، لالچِ، جانِ، جاءِ، شيءِ، اوندهِ، ڳالهه، چيلِهه، جنگِ وغيره (Bulchand, 2003: 9-10)

مٿئين آخري آواز ] اِ [ سان ڪي لفظ اهڙا به اچن ٿا جيڪي ان اصول ۾ نه ٿا سمائجن، بلڪ آخري سُر ’زير‘ هوندي به مذڪر طور استعمال ٿين ٿا: مثلاً: سيٺِ (Bulchand, 2003: 10)

ڊاڪٽر الانا صاحب ] اِ [ آخري آواز جي نسبت ڄاڻائي ٿو ته: ”هي اسم، جن جي آخر ۾ ’اِ‘ آواز لاءِ ’زير‘ اعراب طور استعمال ٿيندي آهي، اهي اسم، جنس مؤنث ۾ گردان ڪندا آهن؛ جيئن: اکِ، مکِ، ڀتِ، ڇتِ، دلِ ۽ جاءِ وغيره.“ (الانا، 2010: 32)

ڊاڪٽر الانا صاحب ان اصول کان ٻاهر ايندڙ لفظن بابت لکي ٿو: ”هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سيٺِ‘، ’ڪيـ هرِ‘ ۽ ’اَهنيرِ‘ اهڙا لفظ آهن، جن جي آخر ۾ جيتوڻيڪ ’اِ‘ اعراب استعمال ٿيندي آهي، پر اهي لفظ، اسم مذڪر طور استعمال ٿيندا آهن، تنـ هنڪري اهڙن لفظن کي ان اصول کان ڌار سمجهيو ويندو آهي.“ (الانا، 2010: 32)

سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ ’سيٺِ‘ بيشڪ ’زير‘ سان، مذڪر طور استعمال ٿئي ٿو؛ اهڙو اشارو دلامل بولچند صاحب به ڪيو آهي. ڊاڪٽر الانا صاحب آخري ’زير‘ جي حوالي سان جيڪي لفظ (ڪيـ هرِ ۽ اهنيرِ) ڏنا آهن، سي وچولي ٻوليءَ جي نسبت ’آخري زير‘ وارا آهن ئي ڪونه! مذڪوره لفظ ’ڪيـ هُر‘ ۽ ’اهنيرُ/ اهنيارُ/ اهنرُ‘ پيشَ سان ئي مستعمَل آهن.

مذڪوره لفظ جامع سنڌي لغات ۾ اعرابن سان خيال خاطر ڏجن ٿا:

à اَهۡنَرُجِ اَهۡنَرَ: ذ. ]سن. اَنُ = ساڻ + وَرَه= گهوٽ؛ آهه = ڏينـ هن + نَر = مڙس = ڏينـ هن جو جوڌو[ شاديءَ جي وقت گهوٽ ۽ ڪنوار جي سيج يا پکـٖـي جو پـ هريدار (جو اڪثر گهوٽ يا ڪنوار جو ڀيڻوـهو هوندو آهي.) (بلوچ، 1960: 315)

 ڊاڪٽر الانا صاحب بنيادي طور تي لاڙي/ حيدرآبادي لـ هجي جو ماڻهو آهي، جنهن لـ هجي ۾ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهئي جي تحقيق موجب: آخري سُر حذف ڪرڻ واري عادت نوٽ ڪئي وئي آهي (ٻگهيو، 1998: 79)؛ ظاهر آهي ته آخري سُر حذف ڪرڻ وقت ان جي ٻي صورت هلڪي ’زير‘ جي ئي بيـ هندي آهي، جنـ هن سبب ڊاڪٽر الانا صاحب مذڪوره لفظن تي زير جو استعمال ڪيو آهي. ان صورت ۾ مذڪوره لفظن کي ’آخري پيش‘ جي زمري ۾ آڻبو.

1.2.3.1.3. واحد- جمع جو هڪ مثال:

واحد- جمع جي صورتخطيءَ ۾ ڪي اختلاف سامهون نه ٿا اچن، البته آخري ڇوٽن سُرن جي حذف ڪرڻ جي عادت حيدرآبادي لـ هجي ۾ نوٽ ڪئي وئي آهي.

1.2.3.1.4. اسم جي حالتن (فاعلي- مفعوليءَ) جو هڪ مثال:

حيدرآبادي/ لاڙي لـ هجي ۾، ڇوٽن سُرن جي لحاظ کان، اهم هنڌن تي پيش کي زبر ۾ تبديل ڪرڻ واري عادت به نوٽ ڪئي وئي آهي، (جيئن: لکندُس-لکندَس) جن جي نحوي بناوت ۾ ڪافي اهميت آهي. هت صرف اسم جي حالت کي تبديل ڪرڻ وارو هڪ مثال پيش آهي:

”مَنڌَ پيئَندٖي مُون، ساجنَ سـ هي سُڃاتو.“

ڄاڻايل لطيف سرڪار جي وائيءَ جي هڪ سٽ آهي، جيڪا ’ساجنَ‘ (نون تي زبر سان) هڪ محفل ۾ شفيع فقير پئي ڳاتي، ڪلام بعد مون هن کي فاعلي ۽ مفعولي صورت سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته: ”اهو ’ساجنَ‘ زبر سان نه ٿيندو، بلڪ پيش سان ’ساجنُ‘ ٿيندو. ’ساجنَ سـ هي سڃاتو‘ مان مراد آهي: ’ساجنَ مون کي سـ هي سڃاتو‘ جڏهن ته ’ساجنُ سـ هي سڃاتو‘ مان مراد: ’مون ساجن کي سـ هي سڃاتو‘ ٿيندي.“ محسوس ڪيو ويو ته هو اهڙي ڳالهه/ وضاحت کي هضم ئي نه ٿي ڪري سگهيو، نيٺ آخر ۾ هڪ بي- تڪو جواب ڏئي ڇڏيائين.

1.2.3.1.5. ماقبل آخر وينجن تي ڇوٽي سر جي اهميت

     1.2.3.1.5.1. مذڪر- مؤنث ۾ ماقبل آخري (Second last) سُر آواز

         1.2.3.1.5.1.1. جنسي مذڪر- مؤنث ۾ ماقبل آخري وينجن تي سُر

اڪثر ٻولين ۾ ماقبل آخري (Second last) اکر جي سُر آواز کي وياڪرڻ ۾ اهميت ڏني ويندي آهي؛ سنڌي ٻوليءَ ۾ به ماقبل آخري (Second last) سُر آواز کي ڪنـ هن حد تي اهميت آهي. سنڌي ٻوليءَ جي عالمن جو ان حوالي سان ڪو خاطرخواه ڪم سامهون نه ٿو اچي، ان جي سببن ۾ وچولي لـ هجي کي نظرانداز ڪرڻ ۽ لاڙي لـ هجي جي اثر هيٺ هوندر حيدرآبادي لـ هجي کي ٻوليءَ جو معياري لـ هجي جو شرف حاصل هجڻ آهي.

هيٺ مختصر ٻن جملن جي ڇنڊڇاڻ ڪجي ٿي:

- مان خط لکندُس/ مان پڙـهي سگهندُس. (مذڪر صورت ۾)

- مان خط لکندُس/ مان پڙهي سگهندَس. (مؤنث صورت ۾)

حيدرآباد جي ڪافي مذڪر ماڻهن واتان مؤنث صورت ۾ ماقبل آخري سُرُ ’زبر‘ سان ٻڌو ويو آهي، جن جو حيدرآباد جي اصلي رهاڪن کان اڄ سوڌو سڌري نه سگهيو آهي.

ماقبل آخريءَ جي حوالي سان ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته: ”مون کي پنجاهه کن سالن جي عمر جا اهڙا سنڌي مرد نظر آيا آهن، جيڪي عام ميڙن ۾ تقرير ڪندي، پنهنجي جنس مؤنث جي فعلن جو استعمال پيا ڪندا آهن؛ جيئن ته: مان ويندَس (مان ويندُس)، مان ڪندَسِ (مان ڪندُس). انبُ کاڌَم (انب کاڌُمِ)، پاڻي پيتَم (پاڻي پيتُم)“ (تاج، سيپٽمبر 2009: 30)

ڊاڪٽر جيٽلي ساڳئي مسئلي لاءِ لکيو آهي: ”اسمن، فعلن ۽ حرف جر سان ضميري پڇاڙين جو استعمال سنڌي ٻوليءَ جي خاصيت آهي. انهن جو واهپو هاڻي ڀارت جي سنڌي ٻوليءَ مان گهڻو گهٽ ٿي ويو آهي. ڪن حالتن ۾ ته اِن جو غلط استعمال پڻ ڪيو پيو وڃي. خاص طور ’سندو‘ سان ضميري پڇاڙيءَ جو غلط استعمال مون کي وڏن وڏن ليکڪن جي رچنائن ۾ به نظر آيو آهي. ان جي پوري ڄاڻ اڄڪلهه سنڌي پاڙهيندڙ ماسترن کي به نه رهي آهي. ڪجهه مثال ڏسو:

سندَس پٽُ آيو آهي. (درست آهي- سندُس پٽُ آيو آهي).

سندس کي (هُن کي)، سندس جو (هُن جو)، سندسِ وٽ (هُن وٽ) جهڙا غلط پريوگ ڳالهائڻ ۾ توڙي لکڻ ۾ گهڻي قدر واهپي ۾ اچي ويا آهن.“ (تاج، سيپٽمبر 2009: 29-30)

سنڌي ٻوليءَ جي مڙني لـ هجن کي سامهون رکي جيڪڏهن ماقبل آخري سُرَن جو اڀياس ڪجي ته يقيناً مڙئي ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ توڻي ماهر ان ڳالهه سان اتفاق ڪندا ته اهڙي قسم جي سُرن واري لچڪ ٻوليءَ جي مزاج ۽ نفاست لاءِ هاڃيڪار آهي. ان صورت ۾ حيدرآبادي ٻوليءَ کي معياري لـ هجي ۾ شمار ڪرڻ هڪ- هٽِي آهي.

مذڪر- مؤنث جي حوالي سان ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ]اُ[ < ]اِڻ[ واري تبديل ۾ ’اُٺُ- اُٺِڻِ‘ وارو لفظ ڏنو آهي. (الانا، 2010: 37)؛ ليڪن ساڳئي وقت ص: 36 تي ’اُٺُ- اُٺِ‘ پڻ رکيو آهي، جيڪو ’اُٺِ‘ جي صورت ۾ خودساخته لفظ آهي. ساڳئي صفحي تي ’ڪُڪُڙِ‘ ۾ ماقبل آخريءَ (Second last) تي ’پيش‘ جي اعراب ڪم آندي آهي، حالانڪ ان اصول ۾ پهرين ماقبل آخري اکر تي ’زير‘ ڪم آڻي پوءِ مؤنث واري ’زير‘، يعني ٻِٽي زير، ڪم آندي ويندي آهي، جيئن سندن ڏسيل ’اُٺُ- اُٺِڻِ‘ ۾ ڪم آندل اعرابون آهن.

ستر واري ڏهاڪي ۾ ريڊيو پاڪستان تان ’آئیے سندھی سیکھیں‘ جو پروگرام هلايو ويو، تازو ان کي ڊاڪٽر
فـ
هميده حسين صاحبه ڪتابي صورت ۾ آندو آهي؛ جنـ هن ۾ مذڪر مؤنث جي حوالي سان ’آخري‘ يا ’ماقبل آخري سُر‘ جي صورتخطي حيدرآبادي/ لاڙي اثر سبب ٻوليءَ جي مزاج مطابق ناهي.

ياد رهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙيءَ وارو حرف اضافت: ’س‘ ساڪن رهندو آهي، ان کان اڳ وارو وينجن آواز مذڪر- مؤنث مطابق هوندو آهي. هيٺ ’ماقبل آخر‘ ۽ ’آخري سُر‘ ڏانهن بي حسي جا مثال پيش ڪجن ٿا:

"پچھلے سبق میں ہم نے آپ کو زمانہ مستقبل میں کچھ الفاظ بنانا سکھائے جو کہ مکمل جملے کی صورت رکھتے ہیں، اور ان میں ضمیری نشانیوں کا استعمال ہوتا ہے۔ ان میں سے چند الفاظ میں دہراتی ہوں:

چوندُسُ۔               میں کہونگا"۔ (فہمیدہ، 2011: 188)

اها ڳالهه مُسلَم آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ هر لفظ جو آخري سُر متحرڪ ٿيندو آهي، ليڪن ضمير پڇاڙين جي صورت ۾، آخري وينجن جي ساڪن هجڻ واري امڪان کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي؛ ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙين جي صورت ۾ ’ماقبل آخر‘ سُر تي ئي مذڪر- مؤنث جو دارومدار هوندو آهي، جنهن جو مٿي ذڪر ٿيل آهي.

ڄاڻايل جملي جي صورت ۾ هيئن ئي درست ٿيندو:

چوندُس (مذڪر صورت ۾، ماقبل آخر تي پيش)

چوندَس (مؤنث صورت ۾، ماقبل آخر تي زبر)

مذڪوره لفظ ’آيسُ‘۽ ’آيسَ‘ مبادا پروف جي غلطي هجي، پر جيئن ته سنڌي ٻوليءَ جي عالمن اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته ’سنڌي ٻوليءَ جي هر لفظ جو آخري وينجن متحرڪ ٿيندو آهي.‘ ان سبب حيدرآبادي عالمن وٽ ’ماقبل آخر‘ جي سُر تي دارومدار هجڻ جو تصور ئي ڪونهي. هيٺ اهڙا ’آئیے سندھی سیکھیں‘ مان چند مثال خيال خاطر آڏو رکجن ٿا:

اردو

سنڌي

خط نسخ ۾ الٿو

میں گیا۔

ماں ویُسُ۔

مان ويُسُ.

میں دوڑا۔

ماں ڈوڑیُسُ۔

مان ڊوڙيُسُ.

                                                        (فہمیدہ، 2011: 128)

ان حالت ۾ ڄاڻايل لفظ جي مؤنث صورت ’مان ويُسَ‘ بيـ هندي! جيڪا ٻوليءَ جي اصول (آخري وينجن متحرڪ) سان به ٺـ هڪي ٿي ۽ جعلي به آهي.

مسٽر دلامل بولچند جي ڪتاب ’A manual of Sindhi‘ ۾ ماقبل وينجن تي اعراب جو احتياط ڪيو ويو آهي، جنهن کي واجب العزت محمد ابراهيم جوئي صاحب سڌاريو سنواريو هو؛ مثلاً:

مذڪر

مؤنث

ماريو وِيُس

ماري وِيَس

 

اصل ۾، مذڪوره آخري وينجن ساڪن ٿيندو، البته  ماقبل وينجن جو سُر مؤنث- مذڪر سبب تبديل ٿيندو، جيئن:

                مان آيُس               (مذڪر صورت ۾ ’ي‘ تي پيش)

                مان آيَس               (مؤنث صورت ۾ ’ي‘ تي زبر)

1.2.3.1.5.1.2. غير جنسي مذڪر- مؤنث ۾ ماقبل آخري وينجن تي سُر:

جنسي مذڪر- مؤنث ۾ ماقبل آخري وينجن تي ايندڙ سُر مان اهو معلوم ٿيو ته ’پيش‘ مذڪر لاءِ ۽ ’زير‘ مؤنث لاءِ ڪم آندي وڃي ٿي. ليڪن غير جنسي مذڪر- مؤنث ۾ به ساڳيو انداز برقرار رهي ٿو، چند مثال خيال خاطر رکجن ٿا:

مذڪر

مؤنث

انبُ کاڌُم. (پيش سان)

مانِي کاڌَم. (زبر سان)

خطُ لکيُم. (پيش سان)

پرچِي لکيَم. (زبر سان)

ڪتابُ پڙهيُم. (پيش سان)

ڪتابڙِي پڙهيَم. (زبر سان)

گهرُ ڏٺُم. (پيش سان)

گهٽِي ڏٺَم. (زبر سان)

مٿين جملن کي اعرابن جي مٽَ سان هيٺين جملن سان تقابل ڪري، ٻوليءَ جي درست استعمال جو اندازو ڪري سگهجي ٿو:

مذڪر

مؤنث

انبُ کاڌَم. (پيش سان)

مانِي کاڌُم. (پيش سان)

خطُ لکيَم. (زبر سان)

پرچِي لکيُم. (پيش سان)

ڪتابُ پڙـهيَم. (زبر سان)

ڪتابڙِي پڙـهيُم. (پيش سان)

گهرُ ڏٺَم. (زبر سان)

گهٽِي ڏٺُم. (پيش سان)

ڄاڻايل جملن ۾ ڪم آندل لفظ غير جنسي مذڪر (انبُ، خطُ، ڪتابُ، گهرُ) ۽ مؤنث (مانِي، پرچِي، ڪتابڙِي، گهٽِي) آهن؛ ڄاڻايل فعلي صورتون: ’کاڌُم/کاڌَم‘ ٻنهي ضميري صورتن (جنسي مذڪر- مؤنث) سان ٿيندو، صرف غير جنسي لفظ جي صورت ۾ ماقبل آخري وينجن تي اعراب تبديل ٿيندي.

1.2.3.1.5.2. واحد- جمع حالت ۾ ماقبل آخري وينجن جو سُر:

سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾، ماقبل آخري (Second last) سُر جي اهميت مذڪر- مؤنث کان علاوه واحد- جمع ۾ به نوٽ ڪئي وئي آهي. عام طور اهوئي تصور ڪيو ويندو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو هر لفظ جو خاتمو متحرڪ وينجن سان ٿيندو آهي. ان رٽيَل تصور سبب حيدرآبادي/لاڙي عالم اڪثر مغالطي ۾ رهندي، آخري ساڪن آوازن کي به متحرڪ بڻائيندي مختلف صورتخطيون پيش ڪندا آهن.

جيئن: مذڪر- مؤنث ۾ ڪم آندل ضميري پڇاڙيون (م ۽ س) ساڪن رهنديون آهن، تيئن حالت جريءَ واري صورت ۾ جمع ۾ ڪم ايندڙ ’نون‘ ساڪن رهندو آهي. جيڪو هوبـ هو عربي تنوين سان مشابـ هت رکي ٿو. ان حوالي سان ڊاڪٽر جيٽلي، ننديرام سيوهاڻيءَ جي ’باب نامي‘ جي صورتخطيءَ تي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته: ”هن حالت ۾ عام عدد جمع جي صورت ۾، ڪن هنڌن تي آخري وينجن ساڪن آهي ته ڪن ٻين هنڌن تي ان هيٺان زير لکي آهي:

آڱِرِيُن،         لُوڪَنِ،         اَکرَن،           ٻارَن.“ (جيٽلي، 1999: 177-178)

ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي حوالي ڏيڻ مان مراد اها آهي ته صاحب موصوف هن مسئلي کي ڄاتو ضرور آهي يا ننديرام جي صورتخطيءَ ۾ آخري نون جي ساڪن جو استعمال توجه طلب ضرور آهي.

هيءُ مسئلو ڇوٽن سُرن جي حوالي سان، آخري وينجن جي متحرڪ يا ساڪن جو آهي، جنـ هن ڏانـ هن حيدرآبادي/لاڙي لـ هجي جي بي-حسي نوٽ ڪئي وئي آهي. مسٽر دلامل بولچند صاحب ’سنڌي ٻوليءَ جي آخري وينجن متحرڪ‘ جي نسبت اسم جي حالتن آهر جمع صورت ۾ ’نون متحرڪ‘ ڪم آندو آهي، جنهن جا چند مثال پيش ڪجن ٿا:

واحد

جمع

زالَ Nominative:

زالُون Nominative:

زالَ Inflected:

زالُنِ Inflected:

دوا Nominative:

دوائُون Nominative:

دوا Inflected:

دوائُنِ Inflected:

مسٽر دلامل بولچند صاحب اسم جي حالتن آهر جمع صورت ۾ آخري نون متحرڪ بيـ هاريو آهي، جيڪو ٻوليءَ جي نسبت ساڪن ئي بيـ هڻ گهرجي. هيٺ سنڌي ٻوليءَ جي نسبت چند ننڍڙا جملا خيال خاطر ڏجن ٿا:

§       ڪتابَن ۾ لکيل آهي.

§       ڪٻٽَن ۾ رکيل آهي.

§       ميزُن تي پيل آهي.

§       ميزُن هيٺان پيل آهي.

§       ڪتو، ٻليُن مٿان ٽپي ٿو.

§       دريُن مان ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

§       ڀتيُن کان گس ٺهيَل آهي.

§       هيءُ رستو محلَن ڏانهن وڃي ٿو.

§       دڪانَن تان ورتل آهن.

§       هاري ٻنيُن ڏانهن وڃن ٿا.

§       بدنيت ماڻُهن کي ڪـ هڙي پارت!

§       وڏَن جو ادب ۽ ننڍَن سان پيار ڪرڻ گهرجي!

1.2.3.1.5.2.1. آخري نون ساڪن ۽ ماقبل آخر وينجن جي سُر جي ڇنڊڇاڻ:

مٿين جملن ۾ ڪم آندل لفظن جون واحد- جمع صورتون رکي ڇنڊڇاڻ ڪجي ٿي:

واحد

 

جمع

حالتن موجب جمع

ڪتابُ

 

ڪتابَ

ڪتابَـ + نۡ

ڪٻٽُ

 

ڪٻٽَ

ڪٻٽَـ + نۡ

محلُ

 

محلَ

محلَـ + نۡ

دڪانُ

 

دڪانَ

دڪانَـ + نۡ

ماڻُهو

 

ماڻُهون/ماڻُهو

ماڻُهـ (اُون < اُ) / (اُو < اُ) + نۡ

ميزَ

 

ميزُون

ميزُ (اُون < اُ) + نۡ

ٻلِي

 

ٻليُون

ٻليُـ (اُون < اُ) + نۡ

درِي

 

دريُون

دريُـ (اُون < اُ) + نۡ

ڀتِ

 

ڀتيُون

ڀتيُـ (اُون < اُ) + نۡ

ٻنِي

 

ٻنيُون

ٻنيُـ (اُون < اُ) + نۡ

وڏو

 

وڏا

وڏَ (آ < اَ) + نۡ

ننڍو

 

ننڍا

ننڍَ (آ < اَ) + نۡ

ڊاڪٽر بلوچ جي ڏنل اشاري تي هڪ مختصر جائزو ورتو ويو ته حيدرآبادي لـ هجي کي  معياري ڄاڻڻ سبب سنڌي ٻوليءَ جي نفاست ڀريا آخري سُر يا ماقبل آخري سُر جي صورتخطي يا سنڌي ٻوليءَ ۾ آخري وينجن جي ساڪن هجڻ جو تصور بگڙيل آهي. ان صورت ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي شڪايت درست آهي ۽ انهن معاملن تي ڪم ڪرڻ جي شديد کوٽ محسوس ڪئي پئي وڃي.

1.2.3.1.2. وچٿرا سُر:

وچٿري سُرن جي اعرابن بابت عام طالبعلم واقف ڪونهي، ان جو اهم سبب درسي ڪتابن ۾ اهڙين اعرابن کان حتر آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب مخدوم ابوالحسن ۽ ان کان اڳ واري دؤر جي عربي- سنڌي رسم الخط جي صورتخطيءَ لاءِ عالمن جي مقرر ڪيل نشانين جا مثال ڏيندي لکي ٿو ته: ”سنڌ جي عالمن عربي وارين آوازي نشانين کان سواءِ سنڌي جي ٻين منفرد آوازن لاءِ (جيڪي عربي ۾ نه هئا) ٻه آوازي نشانيون نئين سر ايجاد ڪيون: يعني ته ’او‘ جي وچٿري آواز لاءِ ’ابتو پيش‘ (  ٗ ) ۽ ’اي‘ جي وچٿري آواز لاءِ ’اڀي زير‘ (  ٖ ).“ (بلوچ، 1992: 15)

·       ’و‘ (زبر يا پيش کان سواءِ) جي اچار لاءِ مٿان ابتو پيش آندو ويو، جيئن: اوٗڪر، ڇوٗڪر، روٗڪڙ وغيره.

·       ’ي‘ (زبر يا زير کان سواءِ) جي اچار لاءِ هيٺان اُڀي ليڪ آندي وئي، جيئن: ڪَرٖي، هيـٖـر، ويــٖـر، وغيره.“ (بلوچ، 1999: 443)

اهڙن اعرابن جو ضرورت آهر يا پرائمري درسي ڪتابن ۾ استعمال ڪرڻ بـ هتر آهي.

1.2.3.1.3. شدّ جو استعمال:

سنڌي ٻوليءَ ۾ شدّ جي ڪم اچڻ بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڄاڻائي ٿو ته: ”عربي لفظ هڪڙا اهي آهن، جن جي ڪنهن حرف تي اصل ۾ ’شدّ‘ آهي. سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ ’شدّ‘ وارو اُچار ڪونهي ۽ شاهه جي ٻولي (ڀٽ شاهه جي تر واري ٻولي) ۾ به اهي لفظ بنا شدّ جي ڳالهائجن ٿا. ٻيو ته اهي لفظ جيڪڏهن ’شدّ‘ سان پڙـهبا ته ’وزن‘ ۾ خلل پوندو. مثلاً: اصل عربي لفظ ’ستّار‘ آهي، پر جيڪڏهن هيٺينءَ سٽ ۾ اهو (اصل اُچار موجب ’ت‘ جي شدّ سان پڙـهبو ته وزن ٽٽندو، انهيءَ ڪري بنا شدّ سان پڙهبو:

”شرڪ ساڻ ستار، گهڻا گهاريم ڏينهڙا.“ (جروار، 2007: 126)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مٿين راءِ ته ’ستَار شدّ سان پڙـهبو ته وزن ٽٽندو‘ کي جاچڻ لاءِ مذڪوره بيت جي سٽ کي جاچڻ ضروري آهي ته واقعي وزن ٽُٽي ٿو يا ڊاڪٽر صاحب بغير تڪڻ جي راءِ ڏني آهي؟

لطيف سرڪار جيڪي شاعريءَ جا گهاڙيتا ڪم آندا آهن، تن ۾ سورٺو، دوهو ۽ ٻنهي جي ميل واري صنف بيت اچي وڃي ٿو، جنهن جي هر سٽ جو اڪثريتي وزن ڇند وديا موجب 24 ماترائن تي ٻڌل آهي؛ سٽ جي ٻن اڌن ۾ قافئي وارو اڌ 11 ماترائن ۽ بنا قافئي واري اڌ جون 13 ماترائون ٿينديون آهن. ان ليکي سان ڊاڪٽر صاحب جي ڄاڻايل سٽ جو ڇيد ڪجي ٿو:

·       پهريون اڌ: شرڪ = 3 ماترائون، ساڻ = 3 ماترائون، ستار = 4 ماترائون؛ ڪُل ٿيون: 10 ماترائون.

·       ٻيون اڌ: گهڻا = 3 ماترائون، گهاريم = 5 ماترائون، ڏينهڙا = 5 ماترائون، ڪل ٿيون: 13 ماترائون.

·       ٻنهي اڌن جون ڪل ماترائون ٿيون: 10 + 13 = 23

مٿي ڪيل ڇيد مان اهو اخذ ٿيو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ موجب لطيف سائين جي مذڪوره سٽ جون ڪل ماترائون 23 ٿين ٿيون؛ جڏهن ته سورٺي، دوهي يا بيت جي صنف ۾ ڇند وديا موجب هر سٽ جون 11 + 13 = 24 يا 13 + 11 = 24 ماترائون ٿيڻ گهرجن. ان ليکي پٽاندر لفظ ستّار جي تشديد ڳڻپ ۾ ايندي جنهن سان پهرئين اڌ جون ماترائون 11 بيهڻ سان ڪل 24 ماترائون ٿينديون.

ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر پڻ ساڳيو بيت وزن جي ورڇبندي سان هيٺينءَ ريت رکيو آهي:

”ماترائن ۾ وزن: سَتّر ڪَج سَتّارَ! آءٌ اگهاڙي آهيان (11 + 13 = 24).“

وڌيڪ فوٽ نوٽ ۾ ڄاڻايو اٿس: ”هتي هيءَ ڳالهه سوچڻ جي آهي ته وزن جي پورائي لاءِ ڪٿي ڪٿي بلڪ جنهن هنڌ ضروري ٿئي ٿو ته اهو آواز مشدّد ڪيو ويندو آهي (سوڍر، 1991: 440)

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي راءِ ته ’سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ شدّ وارو اُچار ڪونهي‘ ۽ ’ستّار لفظ ۾ اصل اچار ’ت‘ شدّ سان پڙهبو ته وزن ٽٽندو‘ ڪا وزن ڪونه ٿي رکي، ڇو ته ديوناگري صورتخطيءَ ۾ به آوازن جي شدّ جو تصور آهي، جنـ هن سبب اهڙي ڪنـ هن لفظ ۾ پـ هريون اکر اڌ ۽ ٻيو سڄو لکيو ويندو آهي، ان لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته هڪ اڌ ٻوليءَ سواءِ هن خطي جي ٻولين ۾ شدّ جو تصور موجود آهي؛ ٻيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ’شدّ‘ جي وزن کي خيال ۾ رکي ئي وزن تي شاعري ڪئي هوندي، ڇو ته سندس شاعريءَ جا وزن جيڪڏهن جاچجن ٿا ته مذڪوره لفظ جو وزن ’شدّ‘ سان ئي واضح ٿئي ٿو. هيٺ بلوچ صاحب جي ڄاڻايل ساڳي سٽ ۽ ٻئي بيت جي هڪ سٽ ڇند وديا موجب ٻيـ هر ڇيد ڪجي ٿي، جنهن ۾ ڇوٽن سرن لاءِ هڪ ماترا، ۽ ڊگهن سرن لاءِ ٻه ماترائون ورتيون وينديون آهن:

11     +      13     =      24

^ ^ ^   -  ^  - - ^،  ^ -   - ^ ^ ^  - ^ -

شرڪ ساڻ ستّار گهڻا گهاريم ڏينـ هڙا.

 

11     +      13     =      24

- ^ ^  ^  ^  - ^،  - ^  ^  - -  - ^ -

ستّر ڪج ستّار، آءٌ اگهاڙي آهيان،

 

مذڪوره لفظ ’ستار‘ جي ڳڻپ ’شدّ‘ سان ئي ڪيل آهي، جيڪڏهن ’شدّ‘ سان ڳڻپ نه ڪئي ويندي ته وزن جي کوٽ ٿي ويندي (وزن جا تفصيل ۽ طريقيڪار آوازن جي وزن واري باب مان ڄاڻي سگهجن ٿا). اهي وزن ڇند وديا موجب عام آهن ۽ سنڌي بيت جي مزاج وٽان آهن، تنـ هنڪري ان وزن ۾ ئي بيت جي سٽن کي توريو ويندو آهي. ان صورت ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي راءِ ڪا معنيٰ نه ٿي رکي؛ البته، اها ڳالهه درست آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ’شدّ‘ جي حيثيت صوتياتي ناهي.

1.2.3.2. سنڌي ٻوليءَ ۾ نون گُهڻي جي صورتخطيءَ وارو مونجهارو:

رسم الخط جي سڌاري ۽ واڌاري تي درست رُخ ۾ ڪم نه ڪرڻ سبب سنڌي صورتخطيءَ ۾ نون گهُڻي جا مونجهارا برقرار آهن. ڊاڪٽر الانا صاحب جي درست راءِ آهي ته نون گهُڻي تي جزم جو استعمال بيجا آهي، ڇاڪاڻ ته جزم جي استعمال سان ’نون گهُڻي‘ جي حيثيت ’نون وينجن ساڪن‘ ٿي وڃي ٿي. ڊاڪٽر الانا صاحب جي اها به راءِ آهي ته اردو صورتخطيءَ ۾ ان جو مسئلو طئي ٿيل آهي. (الانا، 1967: 85)

حالانڪ اردو ۾ پڻ وچ ۾ ايندڙ ’نون گهُڻو‘، ’جنگ‘ جـ هڙن لفظن ۾ ساڳيو مسئلو کڙو ڪري ٿو؛ ڪن پراڻن اردو جي ڪتابن ۾ ’نون گهُڻي‘ مٿان ننڍڙو هلال (اُبتي جزم) ڏٺو ويو آهي، جيڪو درست عمل هو.

سنڌي ٻوليءَ ۾ نون گهُڻي جي استعمال بابت ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو مطالعو نرالو آهي، جيڪو اوائلي سنڌي صورتخطيءَ مان اخذ ڪيل آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي ڄاڻائڻ موجب: سنڌ جي عالمن ’نون گهُڻي‘ کي واضح ڪرڻ لاءِ ’ن‘ کان پوءِ يا ان جي جاءِ تي ’م‘ به ڪم آندو. لفظن جي آخر ۾ ’هه‘ ۽ ’ء‘ کان پوءِ ’ن‘ واري گهُڻي اُچار کي ’م‘ جي آواز ذريعي نروار ڪيو ويو، جيئن:

جڏهم  = جڏهن.              ماڳهم = ماڳهين.

ڪڏهم = ڪڏهن.            سائينم = سائين. (بلوچ، 1999: 443)

اهو سبب آهي جو پراڻين لکتن موجب شاهه لطيف جي هيءَ سٽ ’سائين سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار‘ به ’سائينم‘ سان لکيل ملي ٿي. جنهن کي پوءِ ڇاپي ۾ به ڪم آندو ويو، پر عام طور تي ان جي لکڻ جا سبب ڪافي عالمن کي معلوم ناهن. ڪي ان ’م‘ کي ضميري پڇاڙي تصور ڪيون ويٺا آهن، ڪي ته ماڳهين اڳين جي غلطي سمجهي ڪٽيون ويٺا آهن؛ پر حقيقت ۾ عربيءَ موجب اها ’گهُڻي‘ جي نشاني آهي، جيڪا اڳلا ڪاتب عربي صورتخطيءَ جي تقليد ۾ استعمال ڪندا هئا.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پراڻي صورتخطيءَ جا جيڪي مثال جنـ هن نوعيت سان ڏنا آهن تن مان اهو ٿو ظاهر ٿئي ته پراڻن عالمن/ ڪاتبن ان مسئلي کي ضرور مسئلو ڄاڻي ’نون گهُڻي‘ کي واضح ڪرڻ لاءِ سڌوسنئون ’نون‘ جو اکر ڪم آڻڻ کان پرهيز ڪئي هوندي، ڇاڪاڻ ته اهي ان مسئلي کي چڱيان ڄاڻن پيا ته ’نون‘ جو سڌوسنئون اکر اظهاري نون لاءِ ئي ڪم آڻبو آهي! جنهن سبب ’گهُڻو ميم‘ يا نون سان گڏ ’گهُڻي ميم‘ جو اضافو ڪم آڻيندا هئا. واضح رهي ته عربي صورتخطيءَ موجب ’نون ۽ ميم‘ گهُڻائپ وارا اکر ڄاتا ويندا آهن.

مٿين مثالن مان اهو معلوم ٿيو ته اڳوڻا عالم/ ڪاتب ان مسئلي کان چڱيان خبردار هئا ۽ سنڌي صورتخطيءَ جي لحاظ کان وٽن حل به هو؛ ليڪن موجوده حالتن ۾ اهو انداز يا نمونو اختيار ڪرڻ هڪ ته: پڪي گهڙي ۾ ڪَنا وجهڻ مثل ٿي پوندو، ٻيو ته: وري ڪنهن ٻئي مونجهاري کي جنم ڏئي سگهي ٿو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا سنڌي صورتخطيءَ جي لحاظ کان اهڙا اشارا محققن لاءِ هڪ وڏو ميدان
مـ
هيا ڪن ٿا، ليڪن ڏٺو اهو ويو آهي ته صوتياتي حوالي سان ان جو ڪم ته بيشڪ درست رخ ۾ ٿيو آهي ليڪن رسم الخط کان وٺي صورتخطيءَ تائين ان مسئلي تي ڪم ٿي نه سگهيو آهي. راقم اهڙن نُڪتن جو باضابطه اڀياس ڪرڻ ۽ ان جي حل تائين رسڻ ۾ مصروف آهي.

1.2.3.2.1. نون گهڻي جو حصن/ پتين ۾ شمار وارو معاملو:

عام طور اهو بحث عام آهي ته قطاري عددن ۾ جڏهن ’پـ هريون‘ لفظ ڪم آندو وڃي ٿو ته ان صورت ۾ ’ٻيو‘ لفظ جي صورت بجاءِ ’ٻيون‘ صورت هجڻ کپي! مذڪوره قطاري عددن بابت ڪافي عالمن پنهنجا ويچار ونڊيا آهن؛ جيئن: پـ هريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون… وغيره.

ان کان هٽي ڪري ڊاڪٽر بلوچ صاحب ’نئين جامع سنڌي لغات‘، مطبع: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، ۾ مذڪوره قطاري عددن جو انداز يا ’ر‘ جي لارَ وارن لفظن جي صورتخطيءَ جو ڍنگ نرالو آهي. شماري ڀاڱن ۾ ’جلد پهريون‘، ’جلد ٻيو‘ ۽ ’جلد ٽرئو‘ ڪم آندو اٿس. اهو انداز، سنڌي ٻوليءَ جي نسبت، ڪنهن حد تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو. هن ۾ هڪ شماري عدد (پـ هريون، ٻيو ۽ ٽرئو) جا ڀاڱا واضح ٿين ٿا. (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد)

هتي هيءَ به ڳالهه غور طلب آهي ته جڏهن اسين ڪنهن هڪ وضاحت جا ڀاڱا/حصا/ پتيون/ ونڊيون ويکاريندا آهيون ته ان صورت ۾ ’ن- گهُڻي‘ جو استعمال بلڪل ڇسو ۽ بيجا لڳندو آهي؛ مثلاً:

1.      هڪ: هي شماري عدد ڪنهن به ڳالهه جو پـ هريون حصو ڏيکاريندو آهي؛

2.     ٻيو: هي شماري عدد ٻيو حصو ڏيکاريندو آهي؛

3.     ٽيو/ٽرئو: هي شماري عدد ٽيون حصو ڏيکاريندو آهي؛

4.     چوٿو: هي شماري عدد چوٿون حصو ڏيکاريندو آهي؛ وغيره

وڌيڪ وضاحت لاءِ ڀاڱيوار شماري عدد جو هيٺين ريت استعمال نوٽ ڪيو ويو آهي:

o     پـ هرئين سڄي جو هڪ ڀاڱو، ٻيو ڀاڱو، ٽيو ڀاڱو، چوٿو ڀاڱو، پنجو ڀاڱو…

o     ٻئين سڄي جو هڪ حصو، ٻيو حصو، ٽيو حصو، چوٿو حصو، پنجو حصو…

o     ٽئين سڄي جي هڪ پتي، ٻي پتي، ٽين پتي، چوٿي پتي، پنجي پتي…

عام طرح، ڪنهن مڪمل شيءِ جي هڪ ڀاڱي، ٻئي ڀاڱي، ٽئين ڀاڱي ۽ چوٿي ڀاڱي کي شماري عدد جو ڀاڱو تصور ڪيو ويندو آهي.

پتين/ حصن ۾ ڪم ايندڙ شماري عددن جو اندازو هيٺئين فقري مان ڪري سگهجي ٿو:

’اسان جي تعليم جي بگڙجڻ جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا جن جي اسبابن ۾ هيٺيان ڪردار اهم آهن- هڪ: استاد، ٻيو: شاگرد، ٽيو: والدين، چوٿو: معاشرو، پنجو: رياست‘.

پروفيسر علي نواز جتوئي لفظ ’پنجو‘ ڪم آڻيندي اصطلاح ’تقليب‘ جي مثالن ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”ڄڀَ جي غلطيءَ سببان ڪي آواز پاڻ ۾ جڳـ هه مٽيندا آهن، ان کي ’تقليب‘ (Metathesis) سڏبو آهي؛ جيئن: ’همراهه‘ مان ’هرماهه‘، ’پنجو‘ (پنج آڱرين وارو) مان ’چنبو‘،… وغيره.“ (جتوئي، 1996: 151)

جتوئي صاحب جي حوالي ڏيڻ مان مراد اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن اسم جي پتين/ حصن تي مشتمل شماري عددن ۾ ’ن گهڻو‘ ڪم نه آندو ويندو آهي؛ جيئن پنجن آڱرين/ حصن تي مشتمل هٿ لاءِ ’پنجو‘ ڪم اچي ٿو. اهڙي نموني پراڻي وقت ۾ جنس جي ماپي لاءِ مقرر ڪيل ايڪي پاٽيءَ جي چوٿين حصي کي ’چوٿو/چوٿڙو‘ چيو ويندو هو/آهي؛ اڄڪلهه به مانيءَ جي چوٿين حصي لاءِ ’چوٿو‘ لفظ مستعمل آهي.

’جامع سنڌي لغات‘ موجب: ”چوٿو جِ چوٿا: چوٿون حصو (ڪنـ هن به شيءِ جو). چوٿين پتي (مانيءَ جي).“ (بلوچ، 1981: 1023)

شماري عدد جي حصن/پتين ۾ نون گهُڻي جي عام استعمال کان هٽي ڪري ڊاڪٽر بلوچ صاحب جيڪو بغير گهُڻائپ شماري عددن جو استعمال ڪيو آهي، سو بيشڪ ٻوليءَ جي مزاج مطابق آهي.

1.2.3.2.2. تنوين:

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ٻوليءَ ۾ تنوين جي نشانين لاءِ انگريزن جي دؤر کان اڳ واري استعمال بابت هيئن ڄاڻائي ٿو ته: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي’تنوين‘ واري اصول ذريعي ’ن‘ گهُڻي وارا ’ايــٖـن‘، ’اِين‘ ۽ ’اُون‘ اُچار نروار ڪيا ويا:

·       وچٿرو اُچار ’ايــٖـن‘: ۽، ۾.

·       زير وارو اُچار ’اِين‘: ڪٍ (ڪيئن)، سٍ (سين)، ڪياء (ڪيائين).

·       پيش وارا اُچار: آءٌ، ڏناءٌ، چياءٌ.

·       لفظن جي آخر ۾ ’هه‘ ۽ ’ء‘ کان پوءِ ’ن‘ واري گهُڻـٖـي اُچار کي ’م‘ جي آواز ذريعي نروار ڪيو ويو، جيئن:

جڏهم  = جڏهن                       ماڳهم = ماڳهين

ڪڏهم = ڪڏهن                     سائينم = سائين.“ (بلوچ، 1999: 443)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي اها راءِ ايڏي واضح ڪانهي ته ’سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي تنوين واري اصول ذريعي ’ن‘ گهُڻي وارا اُچار نروار ڪيا ويا‘؛ ڇاڪاڻ ته ’تنوين‘ مان مراد ’نون‘ جو اُچار ڪڍڻ آهي، جڏهن ته ’نون گُهڻو‘ سُر ۾ شامل ٿئي ٿو. پر اهو به جاچيو ويو آهي ته عربي صورتخطيءَ ۾ پڻ تنوين کان گهُڻائپ جو ڪم ورتو ويندو آهي، جيئن:

تنوين کان نون گـهڻي وارو استعمال

·       ’لَنَسۡفَعًا بِالنَّاصِيَةِ‘ (سورد العلق: 15)

·       ’وَ اَنۡتَ حِلٌ بِهٰذا الۡبَلَدِ‘ (سورة بلد: 2)

·       سَالَ سَآئِلٌ بِعَذَابٍ وَّاقِعٍ‘ (سورة المعارج: 1)

·       ’ارۡجِعِيۡٓ اِليٰ رَبّڪِ رَاضِيَةً مَّرۡضِيَّةً‘ (سورة الفجر: 28)

مٿين مثالن کي ڏسي ڪري اڳين عالمن تنوين کان گُهڻائپ جو ڪم ورتو، جنـ هن جا آثار اڄ سوڌو ’م‘ ۽ ’۽‘ ۾ ظاهر آهن. جيڪي اُڀيُن زيرن سان ترتيب ڏنا ويا؛ جيڪو پڻ سنڌي ڪاتبن جو نرالو انداز هو/آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي حوالي مان البته اها ڄاڻ ملي ٿي ته اڳين سنڌي عالمن/ ڪاتبن ’نون گهُڻي‘ جو ڪم ’تنوين‘ ۽ ’ميم‘ ٻنهي کان ورتو؛ ’ڊگهن گهُڻن سُرن‘ وارو ڪم ’تنوين‘ يا ڪنهن حد تي ’ميم‘ کان به ورتو ۽ ڇوٽي گهُڻي سُر کي به واضح ڪرڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي ’ميم‘ کان ڪم ورتو.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پاران ڄاڻايل اوائلي سنڌي عالمن جون نشانيون اڄ به ڪنـ هن نه ڪنـ هن حوالي سان استعمال ۾ ضرور اچن ٿيون، جن کي نه ته ختم ڪري ٿو سگهجي، نه وري انهن کان سواءِ سَري سگهي ٿي. اڳئين وقت جي بزرگن جيڪي نشانيون عربي ٻوليءَ مان اخذ ڪيون هيون، اڄ به انهن نشانين/ اعرابن جي اهميت آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته علم لسان جي حوالي سان انهن جو مطالعو محدود ڪيو ويو آهي؛ يا عام پڙـهندڙن يا پڙـهائيندڙن تائين درسي ڪتابن ذريعي رسي نه سگهيون آهن.

1.3. عربي- سنڌي آئيويٽا

آگاهي رهي ته اصطلاح ’آئيويٽا/ الفباءِ/ الف- بي/ حروف تـ هجي/ ورڻ- مالا‘ جي مراد ’ترتيب‘ آهي. مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جي ترتيبيل آئيويٽا جي اکرن کي سامهون رکي، 1853ع ۾ جوڙيل ڪميٽيءَ جيڪا آئيويٽا ترتيب ڏني، تنـ هن کي ان وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر بئرو ايلس پويان ’ايلس واري آئيويٽا‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. ان آئيويٽا جي ترتيب ۾ امڪان آهي ته اکرن جي شڪل جو به خيال رکيو ويو هوندو (جيئن: ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث، پ، ج، ڄ، جهه، ڃ، چ، ڇ، ح، خ، د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ، ر، ڙ، ز، س، ش، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ک، گ، ڳ، گهه، ڱ، ن، ڻ، ء، ي) ان سان گڏوگڏ ڪي قدر آوازن جي مخرج جو خيال رکيو ويو هوندو؛ مخرج ۾ به ڪجهه خيال وسرڳن جو به رکيو ويو هوندو (جيئن: ت- ٿ، ٽ- ٺ، پ- ڦ، چ- ڇ، د- ڌ، ڊ- ڍ، ڪ- ک) ڪن کي نظرانداز به ڪيو ويو (جيئن: ب- ڀ، ج- جهه، گ- گهه)؛ اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ترتيب جو ڪو سُر- مُنـ هن ڪونه هو، ان ۾ کوڙ ساٿريون ڪميون ڪوتاهيون هيون. ان خيال کان ان جو باضابطه اڀياس ٿيڻ کپندو هو.

1935ع ۾ ساڳي آئيويٽا جي ترتيب تي، ابن مقله جي ڍنگ تي، ٻيـ هر غور ڪيو ويو ۽ ٻارن لاءِ آساني رکڻ خاطر ان جي ترتيب اکر جي گهر ۽ ٽٻڪن وار رکي وئي (جيئن: ا، ب، ٻ، پ، ڀ)؛ ان جو اهم سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ان دؤر  ۾ آئيويٽا/ پٽي تصويرون بجاءِ تصويرن سان پڙهائي ويندي هئي. ان ترتيب کي ڪافي عالمن/ استادن سوني ترتيب ڪوٺيو آهي. اڄ سوڌو، سنڌ جي ڪافي علائقن ۾ اها ترتيب پڙهائي ويندي آهي.

1960ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ’جامع لغات سنڌيءَ‘ ذريعي موجوده آئيويٽا جي پٽي
بيـ
هاري، عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؛ جنـ هن کي سرڪاري پٺڀرائي پڻ حاصل ٿي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڏنل ترتيب موجب: ساڳي ايلس واري آئيويٽا ۾ صرف هڪ اکر جي ڦيرڦار ڪيل آهي.

ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ان حوالي سان لکي ٿو ته: ”سال 1960ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل ’جامع سنڌي لغات‘ (جلد اول) ۾ الف- ب جي پٽيءَ ۾ وڌيڪ ڦيرڦار آڻي ’ڦ‘ کي ’پ‘ جي ڀر مان هٽائي ’ف‘ جي ڀر ۾ رکيو ويو؛ ان لاءِ هيءُ دليل ڏنو ويو ته ف ۽ ڦ جي شڪل هڪجـ هڙي آهي،
تنـ
هنڪري ٻئي حرف هڪٻئي جي پاسي ۾ رکڻ گهرجن. اها ساڳي ترتيب پوءِ سنڌي پرائمر ۾ پڻ اختيار ڪئي وئي. سنڌي ادبي بورڊ طرفان جامع لغات سنڌيءَ سان الف- ب جي اها پٽي سر ورق طور ڏني وئي آهي.“

ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب اڳتي لکي ٿو ته: ”هن پٽيءَ ۾ ’ڦ‘ کي ’ف‘ جي پاسي رکڻ لاءِ ڏنل دليل مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اسان جا ماهر سنڌي صوتياڻي نظام کان واقف نه هئا. دراصل ’پ‘ ۽ ’ڦ‘ صرف ]پ[ ۽ ]ڦ[ آوازن جون لکيل صورتون آهن. اهي ٻئي آواز سنڌي صوتيات ۾ هڪڙي ئي خاندان/ گروهه وارا آهن. اهي ٻئي ٻن چپن وارا ڌوڪڻا آواز آهن، ٻنهي ۾ فرق هيءُ آهي ته ’پ‘ هلڪو اوسرگ آهي ۽ ’ڦ‘ ان جو هلڪو وسرگ جوڙ آهي. ’ف‘ ۽ ’ڦ‘ آوازن وچ ۾ ڪوبه لڳ لاڳاپو ڪونهي، اهي ٻئي آواز گروهن ۽ مخرج ۾ ڌار ڌار آهن. ’ف‘ ڏندن- چپ گاڏئون هلڪو گهسڪيدار وينجن آهي، انهيءَ ڪري ’ڦ‘ ۽ ’ف‘ جي وچ ۾ صوتياتي لحاظ کان ڪابه قرابت، ڪابه نسبت ۽ ڪابه هڪجـ هڙائي ڪانهي. اهوئي سبب هو جو ايلس واري ڪاميٽيءَ ’ڦ‘ لاءِ مخدوم ابوالحسن جي الف- ب جي چارٽ ۾ مقرر ڪيل اکر ’ف‘ ۽ ’پهه‘ لاءِ هڪ ئي اکر ’ڦ‘ مقرر ڪيو.“ (الانا، 2005: 209-211)

ڊاڪٽر الانا صاحب صوتيات جو جڳ مشهور عالم آهي، سندن مٿين راءِ کي ڏسڻ (’ف‘ ۽ ’ڦ‘ آوازن وچ ۾ ڪوبه لڳ لاڳاپو ڪونهي) بعد، اهو سوال ٿو اُڀري ته:

? ڇا ايلس آئيويٽا مخرج وار ترتيب ڏنل هئي؟

1960ع ۾ ’جامع سنڌي لغات‘ جو پهريون جلد ڇاپيو ويو، جنهن جو روح روان ڊاڪٽر نبي بخش هو. بلوچ صاحب پاران 1935ع واري آئيويٽا کي نظرانداز ڪري، 1853ع واري ساڳي ترتيب ۾ صرف هڪ اکر ’پ‘ جي ڀر مان ’ڦ‘ کي هٽائي، ’ف‘ جي ڀر ۾ رکيو ويو. ڊاڪٽر الانا صاحب جي ٻڌائڻ موجب ان ڦيرگهير جو سبب ’ڦ‘ ۽ ’ف‘ جي هم شڪلي ڏسيو ويو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته:

? جڏهن ’ڦ‘ کي ’ف‘ جي هم شڪليءَ سبب ’پ‘ جي ڀر کان هٽائي ’ف‘ جي ڀر ۾ رکيو ويو، ته پوءِ 1935ع واري سڄي ساري هم شڪلي ۽ ٽٻڪن- وار آئيويٽا کي ڇو رد ڪيو ويو؛ يا ان کي رد ڪرڻ جي ڪهڙي گهرج پيش آئي؟

1960ع واري ڊاڪٽر بلوچ آئيويٽا جي سرڪاري مقرريءَ بعد به ڪافي اسڪولن ۾ ڪونه پڙهائي وئي. 1980ع واري ڏهاڪي تائين ضلع نوشهري فيروز جي 90 سيڪڙو اسڪولن ۾ 1935ع واري ترتيب رواج ۾ رهي؛ اڄ سوڌو ڀريا تعلقي جي ڪافي ڳوٺن جي اسڪولن ۾ اها هم شڪلي ۽ ٽٻڪن- وار آئيويٽا پڙهائي ۽ رٽرائي ٿي وڃي. ان جو اهم سبب، ٻارن کي ياد ڪرائڻ توڻي لکرائڻ جي لحاظ کان، 1935ع واري آئيويٽا آسان آهي.

ياد رهي ته عربي آئيويٽائون ٽن ترتيبن سان اڄ سوڌو ڪم آنديون وڃن ٿيون، هڪ: ابجد (انگي حساب موجب)، ٻي: خليل بن احمد جي مخرجوار ترتيبيل (شمسي قمري اکرن موجب) ۽ ٽي: ابن مقله واري موجوده ’ابتث‘ (اکرن جي شڪل ۽ ٽٻڪن- وار). آخري ابن مقله واري شڪل توڻي ٽٻڪن- وار ’ابتث‘ آئيويٽا پڙهندڙ بنيادي ٻارن لاءِ لکڻ توڻي پڙهڻ جي سلسلي ۾ آسان ۽ بـ هتر ڄاتي وئي آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عربي- سنڌي آئيويٽا جي مختلف ترتيبن جو سائنسي ۽ مختلف مونجهارن کي سامهون رکي اڀياس ٿيڻ گهرجي؛ ڇاڪاڻ ته، موجوده ڊاڪٽر بلوچ آئيويٽا ڪافي عالمن توڻي پڙهندڙ- پڙهائيندڙن اڳيان اڻ- وڻندڙ ثابت ٿي آهي. هت صرف ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي هڪ حوالي تي اڪتفا ڪجي ٿو. هو صاحب لکي ٿو ته: ”سنڌي ڊڪشنرين ۾ الف- ب جو سلسلو جدا جدا نموني ڏنل آهي. انهيءَ ڪري ڪنـ هن به لفظ کي ڳولهڻ لاءِ خاص طور شاگردن کي گهڻي پريشاني ٿيندي آهي… سنڌي عالمن کي گهرجي ته جيترو جلد ٿي سگهي اهڙن تي گنڀيرتا سان ويچار ڪري گهربل قاعدا ۽ شبد ڪوش تيار ڪن.“ (جيٽلي، 1999: 195)

1.4. جامع سنڌي لغات مان ٻن لفظن جو جائزو:

سنڌي ٻوليءَ ۾ مستند لغت ’جامع لغات سنڌيءَ‘ ڄاتي وڃي ٿي، جيڪا ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب سنڌ جي مختلف حصن جي ماڻهن جي سهڪار سان پايئه تڪميل تي پڄائي. مذڪوره لغت جو پـ هريون جلد 1960ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو پاران پڌرو ٿيو. لغت جي بنيادي تياريءَ ۽ ذاتي ڪوششن ۾ سائين جي.ايم.سيد جو نالو نمايان رهيو آهي. (قاضي، 2003: 143-150)

2002ع ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاهه جي شاعريءَ تي مبني ’روشني‘ نالي لغت پڻ ترتيب ڏني جيڪا پڻ 1960ع واري آئيويٽا جي ترتيب تي رچي وئي. (بلوچ، 2002ع)

ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته جامع سنڌي لغات تي ڪيل ڪم انتـ هائي فخر لائق آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ عربي، فارسي، هندي، انگريزي لفظن جو- بنيادن سان- شمار بيشڪ ساراهڻ جوڳو آهي. ليڪن صورتخطيءَ جي خيال کان ٻن لفظن جو باريڪ بيني سان جاچڻ جي ضرورت پيش آئي. اهي ٻه لفظ نومبر 2008ع ۾، لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران منعقد ڪيل صورتخطيءَ جي مذاڪري ۾، مختلف عالمن آڏو، ترجيحي صورت لاءِ رکيا ويا هئا. اهي لفظ هئا: ڪسر/ڪثر.

مذڪوره لفظ 1913ع ۾ ترجيحي صورت لاءِ رکيا ويا هئا، جن مان ’ڪثر‘ جي صورت کي متعين ڪيو ويو هو. هن ڪاميٽيءَ جا ڪي رايا سامهون ڪونه ٿا اچن ته ’ڪسر‘ لفظ کي ڪـ هڙي بنياد تي رد ڪيو هين؟ البته، اندازو آهي ته ڪاميٽيءَ جي راءِ موجب: ’ڪثر‘ لفظ عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ منتقل ٿيو آهي ۽ ساڳي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو، ان صورت ۾ اهوئي درست ڀانيو وڃي!

2008ع ۾ عالمن پاران پيش ڪيل رايا:

ترجيحي صورت

ترجيحي صورت متعيّن ڪندڙ

ڪسر

ڊاڪٽر غلام علي الانا، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر مدد علي قادري،

ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ۽ شفيع محمد چانڊيو.

ڪثر

عبدالغفار صديقي

ڪسر/ڪثر (معنوي فرق)

محمد ابراهيم جويو، آفتاب ابڙو، ڊاڪٽر سحر امداد حسيني ۽ پروفيسر قلندر شاهه لڪياري

v        محمد ابراهيم جوئي صاحب ٻنهي صورتن کي، بغير راءِ جي، رکيو آهي، مبادا سندن خيال هجي ته ٻئي صورتون الڳ حيثيت رکن ٿيون، پر اهڙي ڪا وضاحت ڪونه ٿي ملي.

v        آفتاب ابڙي راءِ رکي ته: ٻنهي جي معنيٰ ۾ فرق آهي، ڪسر = کوٽ، ڪمي، جيئن: ڪسر نفسي، ڪسر شان: جڏهن ته ڪثر = اضافي، وڌيڪ.

v        ڊاڪٽر سحر امداد، جامع سنڌي لغات موجب راءِ رکي ته: ’ڪثر‘ (ڪثرون) گهڻائي، ججهائي؛ جڏهن ته ڪسر (ڪسرون) = لاڀ، واڌي، اُپت، اپراسو.

v        پروفيسر قلندر شاهه لڪياري راءِ رکي ته: ٻئي الڳ ۽ ابتڙ لفظ آهن، ڪسر = گهٽ؛ جڏهن ته ڪثر = وڌ.

(سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران مذاڪري ۾، عالمن کي پيش ڪيل تفصيل موجب)

2008ع واري مذاڪري ۾ هنن لفظن مان جن عالمن ’ڪسر‘ بابت راءِ ڏني آهي؛ انهن جو خيال هوندو ته ’ڪسر‘ ۽ ’ڪثر‘ ساڳي معنيٰ وارا لفظ آهن، جنهن سبب ’ث‘ آواز جو مخرج موجب اُچار، سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ ڪونهي، ان سبب صورتخطيءَ ۾ ’س‘ جو اکر وڌيڪ مناسب رهندو.

مبادا، عبدالغفار صديقي صاحب جو خيال هوندو ته: جنهن صورت ۾ عربي لفظ ’ڪثر‘ درست صورت آهي، ان سبب اهائي هجڻ کپي!

جن عالمن مذڪوره لفظن کي معنوي فرق سبب الڳ ڀانيو آهي، تن لغتن مان جيڪي معنائون يا جواز ڄاڻايا آهن تن ۾ به مونجهارا آهن.

بـ هتر ٿئي ها جيڪڏهن، ڪنهن راءِ جوڙڻ لاءِ، مذڪوره لفظن جو عربيءَ موجب اشتقاق ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال جاچڻ بعد سنڌي لغت جي ورق گرداني ڪئي وڃي ها! هيٺ لفظن جو اشتقاق ۽ انـ هن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال جاچجي ٿو:

·       ڪَثَرۡ ]ڪثر- فَعَلۡ- اسم/صفت (ڪَثَرَ = وڌيڪ هجڻ، ڪنـ هن کان مقدار ۾ وڌڻ)[ گهڻائي، واڌارو، ججهائي.

’ڪثر‘ بنياد جا ٻيا وزن:

P سنڌي ٻوليءَ ۾ عام ڪم ايندڙ: ڪثرت، اڪثريت، اڪثر، ڪَثِير

P سنڌي ٻوليءَ ۾ گهٽ ڪم ايندڙ: تَڪثِير، ’تَڪاثُر‘، ’اِستڪۡثار‘.

سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ڪثر‘ ۽ ان سان لاڳاپيل مٿين وزنن جا لفظ ٿوري يا گهڻي مقدار ۾ استعمال ضرور ٿين ٿا، ان صورت ۾ ان لفظ جي ’چڪي پٽڻ‘ به ڪا عقلمندي ڪونه ٿيندي. ساڳئي وقت ’ڪسر‘ جو لفظ به ڪنهن حد تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم اچي ٿو، جنهن لاءِ عالمن پڻ اشارو ڪيو آهي؛ هيٺ ان جو به عربيءَ موجب اشتقاق ۽ استعمال پيش ڪجي ٿو:

·       ڪسر: ]ڪسر- فَعَل- اسم/صفت (ڪَسَرَ = هن ٽوڙيو، هن منسوخ ڪيو، هو هيٺ لٿو)[ ٽوڙڻ- منسوخ ڪرڻ- هيٺ لـ هڻ- هيٺ ٿيڻ- شڪست ڏيڻ- هيٺ مٿي ڪرڻ.

’ڪثر‘ بنياد جا وزن:

P سنڌي ٻوليءَ ۾ عام ڪم ايندڙ لفظ: ’ڪَسرت‘، ’تَڪسِير‘، ’اِنڪسار‘، ’مُڪَسَّر‘

P سنڌي ٻوليءَ ۾ گهٽ ڪم ايندڙ لفظ: ’ڪَسَر‘، ’مَڪسور‘، ’اڪسِير‘ (معرب)

سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ڪسر‘ ۽ ان سان لاڳاپيل مٿين وزنن جا لفظ: ڪسر، ڪسرت، انڪساري، اِڪسِير (معرب)، جمع مُڪسَّر جـ هڙا لفظ ڪنهن حد تي استعمال ضرور ٿين ٿا، ان صورت ۾ ان لفظ کي به وسارڻ روا ناهي.

گهڻو امڪان آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو پراڻو لفظ ’ڪسِيرو‘، جيڪو هينئر سماجي حالتن سبب زنگجي چڪو آهي، عربي لفظ ’ڪسر معنيٰ ٽٽل يا اڻپور‘ جي معنيٰ سان سلهاڙيل هجي. عام طور
پـ
هاڪو ٻڌو ويندو آهي ته: ’ڪسيري جي ڪُتي، ٽَڪي جا کائي ٽڪر‘، ’ڪسِيرو‘ اڳئين دؤر واري پيسي جي چوٿين پتيءَ جو سڪو هو، جنهن جو ملهه ’نه جي برابر‘ هو.

پروفيسر سترامداس سائل پنهنجي لغت ’سائل ڪوش‘ ۾ ڪسيري جي معنيٰ لکي آهي: ”ڪَسِيرو: جهوني پيسي جو چوٿون حصو. * ڪَسِيرَڪُ: نيچ، گهٽ ذات، ذليل * ڪسيري جو ڪرڻ: خوار خراب ڪرڻ، درجو گهٽائڻ.“ (سائل، 2009: 391)

مٿين ٻن لفظن جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ٿو ته اسان جي لغتن ۾ به چند چُڪون ٿي ويون آهن يا وري ٻوليءَ جي اُچارن کي اهميت ڏني وئي آهي؛ بـ هرحال هيٺ جامع سنڌي لغات مان مذڪوره لفظ جاچجن ٿا:

·       ڪَسَرَ جِ ڪَسرُون: نفعو- اپت- کٽيو- لاڀ- فائدو- واڌي، زيادتي- گهڻائي- اڪثريت- ججهائي.

(صفت): سٺو، چڱو، اوچو- موچارو- عمدو- سڦرو- چوکو- اعليٰ- برتر- اُترُ- اُتم- چونگي- ٿورو وڌيڪ- ذرو ٽيپو.

(ع. قصر) ڍرائي- سستي- گيسَر- نٽاءُ- دير- گِهلَ- ڳَم- گهٽتائي- بيماري- اَگهائي- لڱائي. (بلوچ، 1985: 2078)

·       ڪَثَرَ جِ ڪَثرُون (ع) گهڻائي- ججهائي- واڌارو- اضافو- فائدو- نفعو- لاڀُ- پراپت. عام ڪثرت، جنهن ۾ طرح طرح جا فارم روپ آهن. (بلوچ، 1985: 2023)

جامع لغات موجب: ڪسر ۽ ڪثر جي معنائن ۾ ڪو فرق ڪونهي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته لغت تي ڪم ڪندڙ عملي، ٻوليءَ جي آوازن جي بنياد تي لفظ ۽ انهن جون معنائون ڏنيون آهن.

هر لفظ جو بنياد زوريءَ ’عربي‘ مان ڄاڻڻ به تنگ نظري آهي، عربي لفظ ’قصر‘ جي حوالي سان: ’ڪسر‘ جي معنائن ۾، ڍرائي، سستي، گيسر، گِـ هَل جون معنائون ان حوالي سان بي- تڪيون ڏنيون ويون آهن؛ ڇاڪاڻ ته ان هنڌ ’ڪسر‘ جو لفظ ’گِسر‘ جي بگڙيل صورت آهي، لطيف سائين جي هڪ سٽ آهي:

ڪرها ڪَسَرَ ڇڏ، وکون وجهه وڌنديون. (سر کنڀات) (فـ هميده، 2004: 311)

شاعريءَ ۽ ان سان منسلڪ فرهنگ (Glossary) ۾ اهڙن لفظن جي استعمال جي اجازت هوندي آهي، ليڪن لغت جي اصولن موجب، سواءِ اشاري ڏيڻ جي، اهڙي ڪنهن به بگاڙ تي ڀاڙي نه ٿو سگهجي؛ يا اصل ڏيڻ بعد اهڙي بگاڙ جو اشارو ڏيڻ روا آهي.

بـ هرحال ڪمين ڪوتاهين جي باوجود ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي، ته سنڌي علم ۽ ادب ۾ مرزا قليچ بيگ کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب هڪ اداري جي حيثيت رکندڙ اسڪالر هو.

 

اڀياسي ڪتاب:

·       آڏواڻي، ڀيرومل، مهرچند (1956ع)، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي، حيدرآباد

·       الانا، غلام علي، خواجه (1967ع) سنڌي صوتيات، ادبيات پبليڪيشن حيدرآباد

·       الانا، غلام علي، خواجه (2005ع)، سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو

·       الانا، غلام علي، خواجه (2010ع)، سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد

·       بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1960ع، 1981ع، 1985ع)، جامع سنڌي لغات (جلد 1 کان 3) سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

·       بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1992ع)، سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد

·       بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1999ع)، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر حيدرآباد

·       جتوئي، علي نواز، پروفيسر (1996ع) علم لسان ۽ سنڌي زبان، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو

·       جروار، خان محمد، (مرتب) (2007ع) سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون، جلد II، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد

·       جوکيو، انور، مرتب (اونهارو 1983ع) سنڌ، سنڌ اسٽڊي سينٽر حيدرآباد.

·       جويو، تاج، ايڊيٽر (سيپٽمبر 2009ع)، سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد

·       جويو، تاج، ايڊيٽر (مارچ 2009ع)، سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل، سنڌي لئگنويج اٿارٽي حيدرآباد

·       جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (1999ع)، ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ، اکل ڀارتيه سنڌي ساهتيه دهلي.

·       جڙيا سنگهاڻي، سترامداس سائل، پروفيسر (2009ع) سائل ڪوش، ڇاپو ٻيون، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد

·       سوڍر، شاهنواز، ڊاڪٽر (1991ع)، سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد

·       فـ هميده حسين، ڊاڪٽر (2004ع)، سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي

·       فـ هميده حسين، ڊاڪٽر، ايڊيٽر (سيپٽمبر 2000ع) سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل، شاهه لطيف چيئر، ڪراچي، يونيورسٽي

·       فـ هميده حسين، ڊاڪٽر، ايڊيٽر (مارچ 2000ع) ڪلاچي، تحقيقي جرنل، شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي

·       فہمیدہ حسین، ڈاکٹر (2011ع) آئیے سندھی سیکھیں۔ سندھی لئنگویج اتھارٹی حیدرآباد۔

·       قاضي، آزاد، مرتب (2003ع) ورچي نه ويٺي، جي.ايم.سيد فائونڊيشن ڪراچي

·       گرامي، غلام محمد، (ايڊيٽر) (2-1972ع) ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

·       مرزا، قليچ بيگ (2006ع) سنڌي وياڪرڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

·       هڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر، (مرتب) (1997ع) سون برابر سڳڙا، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد

·       ٻگهيو، قاسم، ڊاڪٽر (1998ع)، سنڌي ٻولي (لسانيات کان سماجي لسانيات تائين) سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.

·       ٽرمپ، ارنيسٽ، ڊاڪٽر (1985ع)، شاهه جو رسالو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه.

·       Bulchand, Dulamal (2003) – A manual of Sindhi- Sindhi Language Authority Hyderabad

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com