سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2012ع (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلو خاص نمبر)

مضمون

صفحو27

ڌيڪار: براهوئي عبداللطيف ”عبد“ دين پوري

   ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ- هڪ اهم انٽرويو

]ڊاڪٽر بلوچ جو هيءُ انٽرويو يار جان باديني براهوئي حيدرآباد ۾ ورتو هو، جيڪو ماهوار بلوچي دنيا ”اردو“ ملتان شمارو 3- جون 2000ع ۾ ڇپيو، ۽ ان جي ٻي قسط جولاءِ 2000ع ۾ شايع ٿي. بلوچي دنيا اداري ۽ براهوئي زبان جي نامور محقق مؤرخ، ماهرِ لسانيات نذير احمد شاڪر بروهي جي ٿورن سان ان انٽرويو جو سنڌي ترجمو پيش ڪيو آهي. نذير احمد ”شاڪر“ بروهي صاحب، ڊاڪٽر صاحب جي هن ٻن قسطن تي مشتمل انٽرويو کي مهيا ڪيو. - ايڊيٽر[

سوال: جناب ڊاڪٽر صاحب! اوهان سڀ کان پهريان اسان کي پنهنجي شروعاتي زندگيءَ جي باري ۾ ٻڌايو؟

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: مان سنڌ جي ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيم، ۽ اتان ئي پرائمري تعليم حاصل ڪيم، ان کان بعد نوشهروفيروز جي هاءِ اسڪول مان هاءِ اسڪول جي تعليم پوري ڪيم. بي.اي جهوناڳڙهه مان حاصل ڪيم. جهوناڳڙهه ان وقت هڪ رياست هئي. هيءَ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جي ڳالهه آهي. ايم.اي ۽ ايل.ايل.بي، علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيم. ان کان بعد مون کي هندستان جي سرڪار طرفان اسڪالرشپ ملي ۽ پوءِ مان آمريڪا هليو ويس. ڊاڪٽريٽ ڪولمبيا يونيورسٽي آمريڪا مان ڪيم. آمريڪا مان واپس اچڻ بعد پاڪستان انفارميشن براڊ ڪاسٽنگ جي جيڪا ڊويزن هئي، ان ۾ آفيسر براءِ احڪام خاص ڪم ڪيم. ان کان بعد سنڌ يونيورسٽي ۾ استاد بڻيس ۽ درس و تدريس ۾ پوري جواني جا 25 سال صرف ڪيم. سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر ان ايجوڪيشن ۽ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن جي عهدي تي به ڪم ڪيم. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر بڻيم. ڀٽو صاحب جو دؤر هو، ڀٽو صاحب مون کي اسلام آباد وٺي ويو ۽ اسلام آباد ۾ مون کي سيڪريٽري ڪلچر اينڊ ايجوڪيشن جي عهدي تي مقرر ڪيائين، اتي مان 15 سال گذاريم ۽ مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيم. ان کان پوءِ اسلام آباد ۾ اسلامڪ يونيورسٽي جو بنياد پيو، هاڻي اها بين الاقوامي اسلامڪ يونيورسٽي سڏجي ٿي. ان يونيورسٽيءَ جو پهريون وائيس چانسيلر مان بڻيم، ۽ ان کي مان قائم ڪيم، ڪجهه وقت کان پوءِ واپس حيدرآباد آيم ڇو ته شروع کان وٺي حيدرآباد ۾ رهندو آيو هئس، مان پنهنجي علمي ڪمن ۾ مصروف هيم. 1993ع ۾ مختصر عرصي لاءِ سنڌ جو وزيرِتعليم رهيم، تعليم سان گڏ زراعت جو محڪمو به منهنجي هٿ ۾ هو. هيءَ نگران حڪومت جي ڳالهه آهي. جيڪو تجربو هو ۽ ان کان بعد ۾ مان پنهنجي عملي ڪمن ۾ مشغول رهيم.

سوال: بلوچ صاحب هن وقت تائين اوهان جا گهڻا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن؟

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: هڪ پڙهيل انسان جي پوري ڪوشش هوندي آهي ته هو ڪم ڪندو رهي، اهڙي طرح شروع کان وٺي منهنجو ارادو هو ته استاد بڻجڻو آهي، پڙهڻو آهي ۽ پڙهائڻو آهي. منهنجو تعلق درس ۽ تدريس سان هو. ان لاءِ مان تعليم جي سلسلي ۾ ڪم ڪيم ۽ ان ڪوشش ۾ نوان ڪتاب ڳولي لڌم، ۽ انهن کي شايع ڪرايم.

سوال: نئين ڪتاب مان اوهان جو مطلب؟

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: نئون ڪتاب! مثلاً: مان هڪ ڪتاب 1550ع جو ڳولي لڌم جو ميٿڊ آف ايجوڪيشن جي باري ۾ هو. 1550ع يعني 16 صدي ۾ مسلمانن جا جيڪي عالم ٿي گذريا ۽ جن تعليم تي ڪم ڪيو هو، هيءُ ٽيون نمبر ڪتات هو جو دنيا ۾ موجود هو. ان سلسلي ۾ پهريون ڪتاب اسپين ۽ مراڪو ۾ لکيو ويو هو. ٽيون ڪتاب هيءُ هو جو سنڌ ۾ لکيو ويو هو. هيءُ ڪتاب “Method of Education” جي باري ۾ هو، ان کي مان دريافت ڪيم ۽ ايڊٽ ڪرڻ کان پوءِ ان کي شايع ڪيم، ان کان علاوه تعليم تي گهڻو سارو ڪم ڪيم. تعليم کان علاوه مان تاريخ تي به ڪم ڪيم. تاريخ سان منهنجو شغف رهيو آهي. ان سلسلي ۾ بيشمار مقالا، ڪانفرنس ۾ پڙهيا اٿم. اهو سمورو ڪم انگريزي زبان ۾ لکيو هئم. تاريخ متعلق منهنجو ڪتاب ڇپيو آهي، ان جو نالو ”لينڊز آف پاڪستان“ آهي. هيءُ اڍائي ٽي سؤ صفحن جو ڪتاب آهي. ڪتاب به انگريزي زبان ۾ ڇپيو آهي، ان ۾ ”مسلم پوليٽيڪل پاور ان سب ڪانٽيننٽ“ نالي هڪ باب آهي، ان کان بعد انهن جي تاريخ مسلمانن جي آمد ان جي سياسي قوت، ان کان بعد غزني کان لاهور تائين ۽ لاهور کان دهليءَ تائين جو قصو پيش ڪيل آهي. ان موضوع تي ڪوبه مواد موجود ڪونه هو. ان کان بعد جو مواد ملي ٿو. هيءَ هڪ اهڙي شيءِ هئي جنهن جو مثال بنجر زمين جو هو جنهن کي مان آباد ڪيم، ۽ اهڙي طرح مان سنڌ جي تاريخ تي به گهڻو ڪم ڪيو آهي. ان جو هڪ جلد ڇپيو آهي.

سڀ شيون انگريزيءَ ۾ ڇپيون آهن، سنڌ جي تاريخ سان گڏ مون کي سنڌي ادب، لغت ۽ موسيقيءَ سان گهري دلچسپي رهي آهي. مان سنڌ ۾ جيڪو ڪم ڪيم، فرصت جيڪا ملي اهو مان سنڌ کي ڏنم. ان سلسلي ۾ 60 جي قريب منهنجا ڪتاب ڇپيا آهن. هي سڀئي سنڌي زبان ۾ لکيل آهن. سنڌي موسيقيءَ جي باري ۾ منهنجا ٻه ڪتاب انگريزي زبان ۾ ڇپيل آهن. هڪ ڪتاب جيڪو ٽي سؤ صفحن تي مشتمل آهي، اهو سنڌي زبان ۾ آهي. ان کان علاوه آثارِ قديمه سان به منهنجي گهري وابستگي رهي آهي، ڇو ته مان گهمندر ڦرندڙ ماڻهو آهيان، سنڌ ۽ بلوچستان ڏسي چڪو آهيان. هڪ ڪتاب لسٻيلا تي شايع ڪيم، ڇو ته لسٻيلو سنڌ سان منسلڪ رهيو هو ۽ ان جي تاريخ متعلق سنڌ ۾ حوالا ملن ٿا. مان هيءُ ڪتاب سنڌي زبان ۾ لکيم، پر ڪتاب جو تعارف انگريزي زبان ۾ آهي ۽ هيءُ ڪتاب 1953ع ۾ ڇپيو ۽ هن جو ٻيو ايڊيشن (74-1970ع) ۾ ڇپيو، جنهن ۾ لسٻيلي جي تاريخ، ماڳ ۽ پراڻن قبرستانن متعلق تحقيقي ڪم ڪيو آهي ۽ ان کان پهريائين ان موضوع تي ڪنهن به ڪم نه ڪيو آهي. ڪراچي شهر جنهن جو پراڻو نالو ڪلانچي هو، اگر هن جو آبادي جو سال ڪڍيو وڃي ته ڪم از ڪم تيرنهن ۽ چوڏهين صديءَ جو زمانو بيهي ٿو، جيڪو بلوچن جو عروج جو زمانو هو، بلوچ جيڪي مڪران مان ڦهليا آهن. مڪران ۾ هڪ وڏو صوبو يا علائقو جيڪو’ڪلانچ‘ جي نالي سان مشهور هو، اهو ڪراچي ۽ لسٻيلي جي ويجهو هو، اورماڙهه کان وٺي پسني تائين هيءُ علائقو ڪلانچ سڏبو هو. بلوچ ايندا ۽ ويندا هئا، اتي جيڪو قبرستان آهي ۽ اتي جيڪي نالا لکيل آهن، اهي ڪلانچي جهڙا نالا آهن، ڪراچي جي جيڪا حقيقت آهي، ان تي به مان ڪم ڪيو آهي.

سوال: جيئن ته اوهان آثارِ قديمه جو نالو کنيو آهي، مِهرڳڙهه جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: مِهرڳڙهه جو مان مطالعو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ فرينچ ماهرن جيڪو ڪم آهي، ان کي به مون پڙهيو آهي ۽ مان پاڻ خود مِهرڳڙهه جو تفصيلي دورو ڪيو آهي، ان جو معائنو ۽ سروي ڪيو آهي، فرينچ ۽ ماهرن جي مطابق هيءُ موئن جي دڙي کان قديم آهي.

سوال: توهان جي خيال ۾ مِهرڳڙهه جي تهذيب موئن جي دڙي ۽ هڙپا کان ڪيتري قديم آهي؟

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: مِهرڳڙهه موئن جي دڙي کان تمام قديم آهي. هڙپا ۽ موئن جو دڙو هڪ دؤر جا آهن.

سوال: تاريخ جي باري ۾ اوهان گهڻو ڪم ڪيو آهي، بلوچن جي تاريخ، زبان ۽ ادب جي باري ۾ پڻ اوهان ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: مان افسوس سان چوان ٿو ته مان بلوچن جي تاريخ جي باري ۾ گهڻو ڪم نه ڪيو آهي، جيڪو مون کي ڪرڻ گهرجي ها. ان سلسلي ۾ بلوچن جي تاريخ جو مطالعو ڪيو آهي، منهنجي ڪوشش آهي ته بلوچن جو اصل مسڪن ڇا هو ۽ بلوچن ڪٿان هجرت ڪئي، ايران ۽ سيستان کان هتي ڪيئن پهتا. سردار خان بلوچ جهڙا محقق ۽ مؤرخ چون ٿا ته بلوچن جو تعلق سيريا ۽ عراق سان آهي، هو اتان هلي ايران ۽ مڪران ۾ ڦهليا. جڏهن مڪران ۾ ڦهليا ته بلوچن جون ٽي وڏيون هجرتون ٿيون، هڪ سيڪنڊ سينچري (A.D) هي ساسانين جودؤر هو. ٻي هجرت غزني، جتان جو حاڪم سلطان محمود غزنوي هو، اهو بگواهر سلطان هو، ايران ۾ هن جو پايه تخت شيراز ۽ اصفهان هو. ان کي بگواهر چيو ويندو هو. هيءَ يارهين صدي جي ڳالهه آهي، ٽئين ۽ آخري هجرت چوڏهين صدي عيسوي ۾ ٿي، جيڪا گهڻي مشهور ٿي، ان کي بلوچ پنهنجو پاڻ کي جلال خان سان منسوب ڪن ٿا ته هو ”44“  بولڪن سان ساڻ اتان گذريو، پوءِ رند ۽ لاشارين جون جنگيون ۽ ان جو سارو دفتر شعر يعني بلوچي شاعريءَ جو دفتر آهي، هي سڄا سارا سلسلا موجود آهن. بلوچن جي جيڪا هجرت آهي ان تي مان يونيسڪو جي ڪتابڙي ”سينٽرل سولائيزيشن“ ۾ هڪ باب لکيو هو، بلوچن جي باري ۾ کوڙ ساريون اهڙيون حقيقتون آهن جو عام ماڻهن کي سمجهه ۾ نه اينديون. هي حقيقتون آهن يا نه. ان وجهه کان ان کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ چوندا آهن ته هي ليجنڊ آهي. منهنجي خيال ۾ هي سڀ حقيقت آهي. هي تاريخ جون ڳالهيون آهن، انهن کي ليجنڊ جو نالو ڏيڻ درست نه آهي. بلوچن جو هڪ (Symbol) ميرچاڪر ۽ گهرام آهن، انهن جو مان ڪافي مطالعو ڪيو آهي. آخرڪار مان انهن جا تاريخي حوالا معلوم ڪيم ۽ ميرچاڪر خان جي شخصيت کي متعارف ڪرايم. مير چاڪر سبي مان ويو. ان ڪوشش ڪئي ته هو ملتان وڃي آباد ٿئي. ان دوران ملتان جو حاڪم لانگاهه ۽ ان جي فوج دودائي بلوچن تي مشتمل هئي، اهي مير چاڪر خان رند کان ڊڄندا هئا. مير چاڪر خان رند پنهنجي رياست قائم ڪئي، جتي هاڻي ست گهر آهن، اها رياست وڏي مضبوط هئي، هيءَ 1530ع جي ڳالهه آهي. هيءُ اهو وقت هو جڏهن همايون کي شير شاهه شڪست ڏني، همايون دهليءَ جو تخت ڇڏي پهريون ملتان جي بلوچن وٽ پناهه وٺڻ آيو، بلوچن جي فتح خان ۽ ٻين کيس پناهه ڏني. وڏي ڳالهه اها آهي ته ٻئي طرف شيرشاهه سوري جي ڪوشش هئي ته هن کي پڪڙيو وڃي، ۽ ان مير چاڪر خان رند کي لکيو ته توهان اسان جي مدد ڪريو ڇو ته بلوچ اسان جي خلاف آهن. شير شاهه سوري خود طاقتور هو، شير شاهه پنهنجو سفير مير چاڪر خان رند ڏانهن موڪليو، ان سلسلي ۾ ’شير شاهه تاريخ‘ ۾ تاريخي حوالا موجود آهن. جو مان تحرير ۾ آندم، جيئن معلوم ٿئي ته مير چاڪر خان جيئري جاڳندي شخصيت هئي، يا هو تمام ليجنڊ هو، جيئن ماڻهو چون ٿا.

سوال: بلوچن کي ڪي تاريخدان (سامي النسل) قرار ڏين ٿا ۽ ڪي چون ٿا ته بلوچن جو تعلق آريائي نسل سان آهي؟

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: بلوچن جي باري ۾ منهنجو خيال آهي ۽ مان ڪنهن حد تائين سردار خان سان متفق آهيان ته بلوچ اصل عراق سان تعلق رکن ٿا.

عراق جي جيڪا قديم تهذيب آهي، ان سان انهن جو نسبي تعلق آهي. ان کان بعد انهن جو سلسلو گهڻو ڪري ايران سان وابسته آهي، جنهن جا حوالا فردوسيءَ ڏنا آهن، ساساسين جي زماني ۾ بلوچن جي ڪيتري طاقت هئي، اگر تاريخ ۾ ٻين جيڪي هم زبان آهن، انهن جي طرف خيال ڪيو ته بلوچن جي خوبصورتي انهن جي گول اکيون ۽ ڊگها وار آهن، ان وجهه کان هو ايرانين کان مختلف آهن ۽ زياده قريب عراق سان آهن، يعني هو عراق جي نسل سان تعلق رکن ٿا.

سوال: سنڌ ۾ بلوچن جي ڪيتري آبادي آهي ۽ هتي بلوچن جو سڀ کان وڏو قبيلو ڪهڙو آهي؟

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: جناب اهو ته مون کي معلوم نه آهي ته سنڌ ۾ هن وقت بلوچن جي ڪيتري آبادي آهي، ليڪن ايترو چوان ته سنڌ ۾ جيتري به بلوچن جي آبادي آهي، اهي سنڌي بلوچ آهن. مان دنيا جي سموري قومن جو مطالعو ڪيو آهي ته بلوچن ۾ اها خوبي رهي آهي ته اهي جلد ايڊجسٽ ٿي ويندا آهن، بلوچ جتي به ويا اُهي اتي ايڊجسٽ ٿي ويا. اتان جون زبانون سکيا، سنڌ ۾ بلوچن جي آمد منهنجي تحقيق مطابق ٻئي صدي ۾ ٿي ۽ ان کان بعد اهو سلسلو آهستي آهستي هلندو رهيو، هنن جي آخري هجرت ڏهين صديءَ ۾ ٿي. ان ۾ لاشارين سنڌ کان مدد ورتي ۽ رندن قنڌار مان مدد ورتي، جنگ جو هڪ سلسلو هليو، ان وقت سنڌ ۾ سمن جي حڪومت هئي، نظام الدين ان وقت سنڌ جو هڪ لائق حڪمران هو. ان زماني ۾ هتي بلوچن ۽ هتان جي مقامي آبادي سان گڏجي هڪ قوميت بڻجي ويا، جن کي مان سنڌي بلوچ چوان ٿو. ڄام نظام الدين جا جيڪي سپهه سالار هئا، اهي گهڻو ڪري بلوچ هئا، انهن مان هڪ جو نالو ’دريا خان‘ هو ۽ هو لاشاري هو، ان مير چاڪر خان رند جو مقابلو ڪيو. رندن قنڌار کان مدد ورتي، قنڌار جي حاڪمن کي معلوم ٿيو ته سنڌ ۽ سبي ٻه ملڪ آهن. ته اتان پوءِ شاهه بيگ سبي تي قبضو ڪيو، حالانڪ ان کي قبضو ڪرڻ نه گهرجي ها. ڇو ته اهو بلوچن جو ملڪ هو. پوءِ هتان حڪومت ”سما حڪومت“ سبي وڃي شڪست ڏنائون سنڌ ۾ جيڪي گهڻا ماڻهو آيا، اهي ’ڪلمت‘ هئا. اهي ڪلانچ مان آيل هئا. ان کان علاوه ٻيا بلوچ قبيلا به آيا، چانڊيو سنڌ جو هڪ زبردست قبيلو آهي. سنڌ جو اولهه جنهن کي اسان ڪاڇو چوندا آهيون، جيڪو پهاڙي سلسلو آهي. هيءُ سمورو علائقو چانڊيه قبيلي جو آهي ۽ ان کي چانڊڪه چيو ويندو آهي، يعني چانڊين جو علائقو. انهن کي چانڊڪه چيو ويندو آهي. يعني چانڊين جو علائقو. انهن کي اها جاگير ڄام نظام الدين ڏني هئي اهي به لاشارين سان گڏ وڙهيا هئا، جنهن ۾ هنن کي فتح ٿي، انهن ۾ چانڊيه قبيلي جو وڏو ڪردار هو. انهن کي 906هجريءَ ۾ ڄام نظام الدين هڪ وڏي جاگير ڏني هئي. اها جاگير انهن وٽ مسلسل رهندي اچي ٿي. انهن جا ناليوارا نواب پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ فوت ٿيا. انهن ۾ نواب غيبي خان چانڊيو هڪ هو، ان کان علاوه جتوئي ۽ ڪلمتي به وڏا قبيلا آهن، اهڙي طرح جت بلوچ به جيڪي شروع ۾ آيا، انهن جي متعلق اسان جا بلوچ وڏي غلط بياني کان ڪم وٺن ٿا ۽ جتن جو ڌنڌو مالداري هجڻ جي ڪري ٻيا بلوچ پاڻ کي انهن کان مٿانهون سمجهن ٿا، ليڪن منهنجو خيال هيءُ آهي ته جت به بلوچ نسل آهن. بلوچي شعر ۾ جتن جي باري ۾ معلومات ملي ٿي، جتن جو سردار ميرجت جي نالي هو، ان 18 هزار ماڻهن جي لشڪر سان مير چاڪرخان جي مدد ڪئي هئي. ان لاءِ ان کي ميرجت چيو ويو. مير جو لفظ صرف بلوچن لاءِ آهي. سنڌ ۾ جيڪي جت رهن ٿا، اهو بلوچن جو قبيلو آهي، جيڪو ٻي صدي عيسويءَ ۾ آيو. اسلام جي اچڻ وقت انهن وڏو ڪردار ادا ڪيو. جت، بلوچن جو هڪ وڏو قبيلو آهي، انهن جو سردار ملڪاڻي آهي. سنڌ ۾ جتن جي نالي تي هڪ پورو تعلقو ’جاتي‘ جي نالي سان مشهور آهي، جيڪو ٺٽي ۾ آهي. ڪجهه جت انڊيا ۾ آهن، بلوچن جا قبيلا پهريون پنجاب جي طرف ويا. ڊيره غازي خان جي جبلن مان ٿيندا ويا. سنڌ ۾ هيءُ قبيلو سرائڪي ڳالهائي ٿو. ڊيره غازي خان جي علائقي ۾ لغارين جو جيڪو جابلو علائقو آهي، اهي سڀ بلوچي ڳالهائن ٿا ته عام طور تي سرائڪي ڳالهائن ٿا، لغاري ۽ ٽالپر به وڏا قبيلا آهن. هي ماڻهو به 16 صدي عيسويءَ ۾ به سنڌ آيا. ٽالپرن به هتي اچي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. انهن جو لشڪر ۽ روينيو جا عملدار سڀ لغاري هئا. نواب ولي محمد خان لغاري ٽالپر دؤر ۾ وزيراعظم ٿي گذريو آهي. ٽالپرن جي ايتري آبادي نه آهي ليڪن لغارين جو تعداد گهڻو آهي، ٽالپر به لغاري (تمن) جو حصو آهن. اهڙي طرح بلوچي شاعرن ۾ بلوچن جي پنجن وڏن قبيلن جو ذڪر ملي ٿو، انهن ۾ رند ۽ لاشارين کان علاوه هوت، جتوئي ۽ ڪورائي به شامل آهن.

سوال: سنڌ ۾ بلوچن جو ذريعهء معاش ڇا آهي؟

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: هتي جيڪي به سنڌي بلوچ آهن، جهڙي طرح سنڌ جي ماڻهن جو ذريعه معاش آهي، پهريان هو جانور پاليندا هئا، مالداري ڪندا هئا، ۽ خاص ڪري جت، اُٺَ پاليندا هئا ۽ ٻيا بلوچ قبيلا جبلن جي طرف ۽ ريگستان جي علائقن ۾ رڍون ۽ ٻڪريون پاليندا هئا. هاڻي سڀني جو ذريعه معاش زراعت تي آهي.

1-  رَڇ چوين، ٻانڌو چوين، توڙي چوين ڀَن.

2- گَهڙي چوين، پَلڪ چوين، توڙي چوين کَن.

3- عمر ۾  جو هڪجيڏو، تنهن کي سڏن سَن.

4-گَڏا اڀا گاهه جا، سي سٿي ٺاهن دَن.

5- هڪ نيئڇ سندو، ٻيو آڪڙيي ڪسيءَ سندو ڳن.

6-بن، رڻ پٽ، ڪنهن جُوءِ سَڏن ڇن.

7-ڪٿ ڪِڙ يا ڇَپر، ڪٿ لانڍي ڪِٿ ڇن.

8- پِيرن سندي پِنَ، تنهن کي عام چون ڏَن.

9-سون، رُپي، چانديءَ سوا ٻئي نه سڏن ڌن.

10-       ٻُوراني جا ٻُوڙا، تن کي پُرس آکِن پَن.

11-        وڻن ٻوٽن سندا پن، ڍڪي ڳالهه، رکن پَن.

12-       چوين ٿاڪ توڙي ’ٿاءِ‘، توڙي ’ٿان‘ منجهان ’ٿن‘.

13-       مَڙس- مُئي، وات- پَئي، اوڇي آئي رَن.

14-      زال، توڙي جوءِ، توڙي عورت، توڙي زَن.

15-       ڀاڳيا سنهي مال سندا، ڳڻي ڏين ڪن.

16-      ڪَٽر پوي مڙس کي ۽ مڙس رکن ظن.

17-      فقيريءَ جو ڦند، آهي ڦورن سندو فن.

18-       محب مٿان گهور، مرد! تن توڙي من.

19-      لڳ ڳلي، ان جي تون، ٻيون ڏيئي ٻن.

 

- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ٽماهي ”مهراڻ“ 1-2/1969ع

ماده تاريخ – ارتحال

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ڊاڪٽر محمد ادريس السندي

وفات حسرت آيات عالم و فاضل اديب ڪامل دکتر نبي بخش بلوچ

 

گذشت از جہاں فاضل و نامدار
مہارت بعلم و ادب داشت تام
تصان
یف او بود زائد ز صد
بہ سندھ
ی وارو و انگلش نوشت
سہ ارباع صد بُد قلم درکفش
غم رفتنش کم ز زلزال ن
یست
چو
ں پر سید ادریس ھاتف بگفت
بخوا
ن فَادخُلی فی عِبادی سپس
                                 902
وگر سال ہجر
ی بخواہی نویس
بہمت صرف کرد عمرش عز
یز
                                         94

بلوچی نبی بخش سندھی دیار
و در عظمت آ
ں بود شمس النھار
و تحق
یق ماندازو یادگار
سرائی و عربی و فارس نگار

ادب سندھ رابود اُو دستیار
و د
یدم براں ہرچشم اَشکبار
در
یں آیتے یک زیادہ شمار
بگو "اُدخُل
ی جَنَّتِی در کنار
 1108  
=   1 + 2010 = 2011م

  او مغفور ز حق شد بلا شک ای یار
            1752
– 320 = 1432هہ

ولادت او "صد شکر ایزد غفار"
                            1917م

نوٽ: ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب ان ۾ هن بيت جو اضافو ڪيو:

نبودے مثیلش دریں سندو ھند

 

کہ در علم بود او بحر بے کنار

 

رفت عالم، گشت عالَم سوگوار،
رحمة الله عليہ بار بار.
نام نيڪو دان: نبي بخش خان،
درجهان- علم گوئي تاجدار.
رحلتش ”بعظمتِ زيبا“ بدان،
                        1432

گفت هاتف، سن هجري آشڪار.
سال او ”رَضِيَ رضا“ دان عيسوي،
                   2011

در ادب هر حرف، او شد شاهڪار.
بود او شاهِ قلم، فخرِ ادب،
جنت الفردوس شد جائـﻶ قرار.
”مَن عَلَيۡهَا فَان“ حڪمِ ايزدي،
مغفرت هر حال ”جوهر“ خواستگار
.

غلام حسين “مشتاق” سچاروي

خراج عقيدت

 

وَهُوَ بحَرَ لَّمَا يَنطِقُ يَمُوجٌ،
فِي اَرضِ السِندِ هُوَ بَطَلَ جَليلٌ
،
                                           •

وَهُوَ بَدَرٌ لِّعَظمَتِہ عُرُوج،
فِي باکستان لَہ مَثَلٌ قَليل
ً.

 

بذاتِ خویش ایں دُرّ-یگانہ،
مثالش ن
یست در تحریر و تقریر،
                                         •

گِراں بر انجمن صد عالمانہ،
جوا
ں تراز جواناں مردم- پیر۔

 

اديبن عالمن جو آهي سرتاج،
ڏني تعليم کي جنهن عمر ساري،
                                           •

مليو تحقيق کي جنهن ساڻ معراج،
ڪئي علم و ادب جي آبياري.

 

زمانہ ڈہونڈتا ہے سالہا سال،
کہ جن ک
ے دم سے ہرسُو روشنی ہو،
                                            •

بمشکل ملتے ہیں وہ صاحبِ حال،
وجود انکا پ
یام- زندگي  ہو۔

 

Professor Prominent teacher,

Preaching Peace and Love, harming none.

Globally known scholar Researcher,
Graciously greeting every one,

خدا دي بي بها بخشش نبي بخش،
دعا ”مشتاق“ دي هردم اها هي،

 

سڄا عالم ڪريندا جنهن تي عش عش،
نبي تيڏي مدد حامي خدا هي.

 

خدا بخش لغاري

 

(هي هو محبت ڀريو انسان)

 

الله جي طرفان آيو هڪ فرمان

ڳوٺ جعفر خا لغاري ۾ پيدا ڪيائين هڪ انسان

فرزند هو علي محمد جو خاصو خاص نشان

نالو سندس نبي بخش جيڪو هو سنڌ جو جوان

اهڙو ته ڄاڻو نه ڪٿي ڄمندو ربّ وڌايس شان

سندس پرورش چاچي ڪئي نالو هو ولي محمد خان

تعليم جي شروعات واڻيي کان ڪئي جنهن سيکاريو وٽ ۽ سامان

پرائمري اسڪول پليو لغاري مان پڙهي نڪتو جوڌو جوان

ڪيترائي امتحان ڏنا اوّل آيو هي انسان

آخر ڏسي ڏاهپ سندس مليو تاجپوشي جو نشان

چڱا مرد ته ڪيترا هئا الله وڌايس شان

عقل ڏاهپ جي ڪري مشهور ٿيو هو ملڪن ۾ مان

اعليٰ تعليم جي ڪري وڏو ڏنائين امتحان

پي ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪري آيو سنڌ جو سلطان

ڏور بيت، راڳ رنگ سهيڙي گڏ ڪيا سوين داستان

هزارين ڪتاب لکي، وڌايائين علم جو سامان

ڇهه اپريل تي الله طرفان حڪم مليو سندس روح پرواز ٿيو

جاني اسان کان جدا ٿيو، اهو هو سندس داستان

چئي خدابخش لغاري وري اهڙو نه پيدا ٿيندو انسان.

 

 

غلام علي چانگ

 

(ڊاڪٽر بلوچ جي ياد ۾)

 

ڪري دانهون ٿي دل دمدم،

جو دلبر ياد آئين تون.

وساريم جيترو توکي،

ته ويتر ياد آئين تون.

لڪايم ياد تنهن جيءَ کان،

گهڻوئي پاڻ کي پيارا.

مگر مون کي بحر بر ۾،

برابر ياد آئين تون.

ٻهاريو مون اڱڻ تُنهنجي،

اچڻ جي آس ۾ اڄ پڻ.

چيم ايندين نه آئين خود،

پرين پر ياد آئين تون.

اچي اڌ رات جو سهڻا،

ستي سپنن اندر مُنهنجي.

سڪايل دل ستائڻ لاءِ،

ستمگر ياد آئين تون.

ڪري قاصد اماڻيا مون،

ڪبوتر ڪانگ ڪئين ڀيرا.

ڏنئي ورندي نه تون ورئين،

سگهو ور ياد آئين تون.

چمن ۾ چانگ جي ايندين،

خزان ۾ گل ٽڙي پوندا.

اهو سوچي رکيم سهڻا،

کليو در ياد آئين تون.

بشير احمد شاد

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي وڇوڙي تي

موت العالِم، موت العالَم (نثري نظم)

سنڌي ادب جو قطب تارو

گلستانِ ادب جو مانائتو مالهي

سنڌي لوڪ ادب کيتر جو مهان کوجي

لطيف سرڪار جو سچو عاشق

بين الاقوامي شهرت ماڻيندڙ عظيم ڏاهو

علم جو مينار

جنهن تي قلم کي ناز

قرطاس کي ناز

ٻوليءَ کي ناز

جيڪو سخن سنج سخنور

محبتي ماڻهو

خلوص جو پيڪر

مڻيادار مڙس

مرد قلندر، حق جو آواز

جيڪو گفتار ۾ يڪتا

ڪردار ۾ يڪتا

جيڪو ڄاڻ جي کاڻ

سچ جي سڃاڻ

سموري سنڌ کي سوگوار ڪري

اهو علم جو آفتاب

سنڌي ادب جو عظيم سرمايو

شمس العلماء ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

وڃي پنهنجي مالڪ حقيقي سان مليو

سنڌ واسين لاءِ هڪ

دعا جو در بند ٿي ويو

علم جي پياسن لاءِ

هڪ سخا جو در بند ٿي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com