فهرست
پيغام |
- مخدوم جميل الزمان (چيئرمن) |
|
گذارش |
- دين محمد ڪلهوڙو (ايڊيٽر) |
|
ڊاڪٽر بلوچ جو سوانح خاڪو ۽ قلمي پورهيو |
|
19 |
•
مقالا |
|
|
1.
ڊاڪٽر بلوچ: ڪم جي ابتدا، رٿابندي، تحقيق ۽
ترتيب جو طريقو |
- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو |
39 |
2.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: عالم اديب، محقق
مؤرخ
۽ سندس نظريئه تاريخ |
- ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو |
47 |
3.
هڪ گهڻ رُخو وِدوان |
- ڊاڪٽر غلام علي الانا |
75 |
4.
سنڌ جو وڏو ماڻهو |
- خديجه بلوچ |
83 |
5.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: هڪ گهڻ رخي شخصيت |
- اسدالله قاضي |
88 |
6.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ- علم جو روشن مينار |
- ڊاڪٽر حبيب الله صديقي |
91 |
7.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جون مون تي مهربانيون |
- محمد قاسم سومرو ڪنڊياروي |
94 |
8.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: همٿ وارو انسان |
- محمد هاشم لغاري |
96 |
9.
آديسي آديس، هتان ڪري هليا…
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ياد ۾) |
- عنايت بلوچ |
99 |
10.
ڊاڪٽر بلوچ سان وابسته ڪجهه يادون |
- مولوي ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي |
103 |
11.
خلد آشيان جنت مڪان- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جي حياتيءَ ۽ علمي خدمتن تي ڪجهه اکر |
- ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي |
108 |
12.
ڊاڪٽر بلوچ سان ڪيل ”ڳاڙِهي“ جو هڪ يادگار
سفر |
- حڪيم خليفو عبدالحميد چانڊيو |
112 |
13.
"A National System of Education &
Education of Teachers"
(ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ جو اولين علمي ۽ پي ايڇ.ڊي مقالو) |
- گل محمد عمراڻي |
117 |
14.
ڊاڪٽر بلوچ جي شاهه لطيفؒ جي رسالي تي ڪيل
تحقيق جو مختصر جائزو |
- ڊاڪٽر نواز علي شوق |
126 |
15.
هنجون هاريان سڄڻ تُنهنجي ڪري
(ڊاڪٽر بلوچ جون ساروڻيون) |
- ڊاڪٽر نواب عابد لغاري |
134 |
16.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ فارسي علم و ادب |
- غلام محمد لاکو |
140 |
17.
منهنجي پياري بابا سائينءَ جون يادگيريون |
- حميده بلوچ |
151 |
18.
لوڪ ادب اسڪيم آڏو آيل رڪاوٽون ۽ انهن کي
دور ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تاريخي
جدوجهد |
- محمد علي ڏيپلائي |
156 |
19.
ڊاڪٽر بلوچ: سنڌي ادب جي عظيم هستي |
- پروفيسر ڊاڪٽر نورافروز خواجه |
162 |
20.
سائين ڊاڪٽر بلوچ: عظيم استاد
(سندن
خط ۽ پهرين ملاقات جو احوال) |
- ڊاڪٽر عبدالرسول قادري |
165 |
21.
سنڌ سان محبت ڪندڙ انسان: ڊاڪٽر بلوچ |
- بابر منير قاضي |
173 |
22.
سنڌي ٻوليءَ جو عظيم اتهاسڪار |
- امداد حسيني |
180 |
23.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: سنڌ جو ليجنڊ |
- پروفيسر سليم ميمڻ |
182 |
24.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان لاڳاپيل ڪي
يادون |
- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ |
186 |
25.
ادب ساگر: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ |
- بيدل مسرور بدوي |
191 |
26.
لغت نويسيءَ ۾ ڊاڪٽر بلوچ جون ورتل ڪوششون |
- تاج جويو |
196 |
27.
مدرسه هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز ۾ ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جا ڏينهن |
- محمد انس راڄپر |
206 |
28.
منصوره ميوزيم: ڊاڪٽر بلوچ جو خواب |
- ميرزا منظور علي بيگ |
213 |
29.
سنڌي صورتخطيءَ جي سڌاري ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو
ڪردار |
- الطاف حسين جوکيو |
216 |
30.
ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيقي ڪم جو هڪ گوشو |
- حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري |
245 |
31.
رهاڻ هيرن کاڻ
(سنڌ جي ثقافتي ۽ سماجي تاريخ) - تبصرو |
- عنايت الله زنگيجو |
251 |
32.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: هڪ بيمثال عالم! |
- شوڪت حسين شورو |
296 |
33.
علم ۽ قلم جو ڌڻي |
- اشتياق انصاري |
299 |
34.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا ابتدائي ڪتاب ۽
لوڪ ادب جون نثري صنفون |
- ڊاڪٽر تهمينه مفتي |
303 |
35.
هڪ ئي راڻو راڄ ۾ هو، جنهن کي ساري سرت هئي! |
- ڊاڪٽر انورفگار هَڪڙو |
307 |
36.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: (سنڌ جو جڳ مشهور
محقق، شارح، عالم ۽ اديب) |
- ڊاڪٽر علي اڪبر ايم.ڍڪڻ |
314 |
37.
ڊاڪٽر بلوچ سان گڏ ٿر تان ڀيرو |
- مخدوم سليم الله صديقي |
321 |
38.
سنڌي اساسي شاعري ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ |
- ڊاڪٽر ناهيد پروين |
326 |
39.
يتيم تي رب جي خصوصي رحمت!
(ڊاڪٽر بلوچ
جي ياد ۾) |
- نفيس احمد شيخ |
334 |
40.
ڪنهن ڏاڍي ڪيف ڪڪوريا
(ڊاڪٽر
بلوچ جي ياد ۾) |
- عبدالحفيظ قريشي |
336 |
41.
منهنجو پيارو ڏاڏا سائين (ساروڻيون) |
- محمد ارشد بلوچ |
344 |
42.
شاهه جي رسالي جا ڏهه جُلد: (ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جي فڪري ۽ عالمانه تحقيق جا شاهڪار) |
- استاد لغاري |
349 |
43.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب- ’ڊاڪٽر
بلوچ هڪ مثالي عالم‘ (ڀاڱو ٽيون) جو مختصر
جائزو |
- ڊاڪٽر بشير احمد شاد |
382 |
44.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ |
- پروفيسر سليم ميمڻ |
389 |
45.
ڊاڪٽر بلوچ جي سچل سرمست جي شخصيت ۽ فڪر تي
تحقيق (مختصر جائزو) |
- ڊاڪٽر مخمور بخاري |
390 |
46.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان منهنجي ملاقات |
- ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي |
395 |
47.
ڊاڪٽر بلوچ: ڪي ساروڻيون |
- ڊاڪٽر عبدالحئي ابڙو |
399 |
48.
ڊاڪٽر بلوچ: سنڌي ادب جو املهه ماڻڪ |
- نذير شاڪر بروهي |
402 |
49.
ڊاڪٽر بلوچ: محقق، دانشور ۽ لطيف شناس |
- مرزا ڪاظم رضا بيگ |
405 |
50.
ڊاڪٽر بلوچ سان ڪيل يادگار ملاقاتون |
- محمد پنهل ڏهر |
413 |
•
مرڻ مند نه آهي، تائب ٿيو تڪڙا
(تاثرات)
- منهنجو شفيق والد |
- ڊاڪٽر محمد شريف بلوچ |
418 |
- اسان جو عظيم والد |
- علي محمد بلوچ |
418 |
- منهنجو بابا- صبر ۽ تحمل جو سمنڊ |
- محمد رفيق بلوچ |
420 |
- منهنجو پيارو بابا سائين |
- محمد شفيق بلوچ |
420 |
- امر انسان |
- پروفيسر نذير اي. مغل |
421 |
- اسان جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب |
- در محمد ڀٽي |
421 |
- ڪلجڳ ڪاپڙي
|
- الهڏتو وگهيو |
422 |
•
انٽرويو
- اسان سخت غربت ۽ مشڪلاتن ۾ پڙهياسين |
انٽرويو - مراد علي مرزا |
427 |
-
تاريخ، لوڪ ادب، ٻولي، موسيقي ۽ لغت جي ماهر
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تاريخي انٽرويو |
- ظفر جوڻيجو |
431 |
- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ- هڪ اهم انٽرويو |
-
سنڌيڪار: براهوئي عبداللطيف ”عبد“ دينپوري |
459 |
•
شاعري
- وفات حسرت آيات عالم و فاضل اديب ڪامل
دکتر نبي بخش بلوچ |
- ڊاڪٽر محمد ادريس السندي |
465 |
- ماده تاريخ- ارتحال ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ |
- جوهر بروهي |
466 |
- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ياد ۾ |
|
|
- خراجِ عقيدت |
- غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي |
467 |
- هي هو محبت ڀريو انسان |
- خدا بخش لغاري |
468 |
- ڊاڪٽر بلوچ جي ياد ۾ |
- غلام علي چانگ |
468 |
- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي وڇوڙي تي |
- بشير احمد شاد |
469 |
- مرحوم و مغفور بين الاقوامي اسڪالر
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
|
|
470 |
نامور اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سوانحي خاڪو
ولادت:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو اباڻو ڳوٺ جعفر خان
لغاري، تعلقي سنجهوري ضلع سانگهڙ ۾ آهي. هتي ئي
16- ڊسمبر 1917ع تي سندن ولادت ٿي ۽ هن ئي ڳوٺ،
دنيا کي هيءُ ساڃاهه وارو سپوت آڇيو. هن ڳوٺ کي
سندن ابن ڏاڏن جي مسڪن هجڻ جو شرف حاصل آهي. ڊاڪٽر
صاحب جي ڏاڏي جو نالو عرض محمد خان هو، جنهن کي ٻه
پٽ ٿيا: علي محمد خان ۽ ولي محمد خان. ڊاڪٽر صاحب
علي محمد خان جو فرزند آهي.
خاندان:
ڊاڪٽر صاحب جا وڏا اصل سنڌ جي سري يعني ديري غازي
خان واري علائقي جا رهاڪو هئا. هنن جو تعلق لغاري
بلوچ قبيلي سان آهي. اُتان اٽڪل ٽي سئو سال اڳ لڏي
اچي موجوده سنجهوري تعلقي ۾ ويٺا. موجوده ڳوٺ جعفر
خان لغاري اندازاً 1800ع ڌاري آباد ٿيو. جعفر خان،
ٽالپري دؤر جو هڪ داناءُ ماڻهو ۽ همت وارو معزز
شخص هو. هُن جي ڊومڻ واهه وٽ حيدرآباد ۾ راڄائتي
اوطاق هئي. سنڌ تي انگريزن جي قبضي کان پوءِ کيس
به ٻين سربرآورده شخصيتن وانگر سرڪيولر پهتو ته
چارلس نيپيئر جي درٻار ۾ اچي حاضري ڏين، پر جعفر
خان قومي غيرت سبب
غاصب
نصاري جي درٻار ۾ وڃڻ کان انڪار ڪيو. ان ڪري سرڪار
جو مٿس عتاب رهندو آيو ۽ بعد ۾ هو مالي مشڪلاتن ۾
رهيو. انهيءَ ڪري علي محمد خان وارن جي مالي حالت
پوئتي پئجي ويئي.
هو هڪ ڀيري مختيارڪار سان مليو. ان کانئس پڙهيل
هجڻ جو پڇيو. علي محمد خان ته پڙهيل ڪونه هو.
مختيارڪار کي عجب لڳو ته ههڙو اثر وارو، باهمت ۽
نيڪ توڙي وڄا وارو ۽ اڄڪلهه جي اصطلاح موجب سمارٽ
ماڻهو پڙهيل ئي ڪونه هو! مختيارڪار کيس 8 ايڪڙ
زمين جي آڇ ڪئي، جيڪا پوءِ سٺ رپين جي قسطن تي
ويهن سالن ۾ ڪل قسطون پيارڻ جي شرط تي ڏني ويئي.
والد جي وفات:
علي محمد خان پنجويهن سالن جي عمر ۾ ڦوهه جوانيءَ
۾ وفات ڪئي، جڏهن سندس فرزند نبي بخش پنجن يا ڇهن
مهينن جو هو. اسڪول جي رجسٽر ۾ نبي بخش جي ولادت
جي تاريخ 16 ڊسمبر 1917ع لکي وئي. ڊاڪٽر صاحب جو
پنهنجو چوڻ هو ته سندس چاچي کيس ٻڌايو ته هو چيٽ
مهيني (مارچ) ۾ ڄائو هو ۽ چيائين ته ”اسڪول ۾
استاد عمر وڌائي لکي ته جيئن توکي نوڪري اڳ ۾
ملي“. اڳ پندرهن سالن جي عمر کان اڳ نوڪري نه
ملندي هئي. ولادت جو سال گهڻوڪري 1919ع هو.
تعليم جي ابتدا:
نبي بخش خان جي والد جي وصيت هئي ته ”منهنجي فرزند
کي پڙهائجو“. ڳوٺ جو ماحول به سنڌ جي ٻين ڳوٺن
وانگر ائين هو، جنهن ۾ تعليم جي ڳالهه ڪرڻ ڄڻ ته
نئين ڳالهه هئي، پر سندس چاچي ولي محمد خان پنهنجي
ڀائٽيي کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ جو پڪو
پهه ڪري ورتو هو. پر ڪو مڪتب يا سنڌي اسڪول هو ئي
ڪونه، ان ڪري ڳوٺ جي واڻئي ڀائي وَسُومل وٽ کيس
پڙهڻ لاءِ ويهاريائين. ان وٽ هَٽڪا اکر سکيو، جن
جي پٽيءَ پٺيان ايندڙ آخري فقرو کيس ياد رهيو، اهو
هو ”جِيهارو جِند پير کي“. (يعني جُهار زندهه پير
کي)
پرائمري تعليم:
ان خانگي پڙهائيءَ ۽ اکرن سُڃاڻڻ کان پوءِ ڳوٺ
پليو خان لغاريءَ ۾ جيڪو اسڪول پيو، ان ۾ 1924ع ۾
پڙهڻ ويٺو. پرائمريءَ ۾ جيڪي استاد آيا، انهن جا
نالا هي آهن: 1- محمد يوسف سومرو (هيءُ صاحب کڏڙي
جو هو) 2- سومر خان لغاري 3- محمد قاسم ڀٽي (هيءُ
صاحب مٺياڻيءَ جو هو) 4- محمد عثمان خشڪ صاحب محبت
ديري جتوئيءَ جو 5- قادربخش جتوئي (هيءُ صاحب به
محبت ديري جتوئي جو هو) 6- مسٽر ڄيٺانند نوشهري
طرف جو. ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ موجب هي استاد حقيقي
معنيٰ ۾ روشنيءَ جا منارا هئا ۽ پڙهائڻ سندن
زندگيءَ جو مقصد هو.
رانديون:
ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ نبي بخش جيترو پڙهڻ جو تکو هو،
ايترو راندين جو به شوقين هو ۽ دل جان سان راندين
۾ حصو وٺندو هو. ڳوٺن ۾ جيڪي رانديون کيڏيون
وينديون هيون، انهن ۾ ونجهه وٽي، ڪوڏي ڪوڏي، اٽي
ڏڪر ۽ شاهه ڏڪر (هاڪي وانگر هڪ راند) ته ٿينديون
هيون، پر ڪي رانديون اهڙيون به هيون، جيڪي وڌيڪ
ڌيان ۽ رٿابنديءَ سان کيڏيون وينديون هيون. انهن ۾
هڪ راند هئي ”سيڙهه“ جنهن کي ”نانگيل ڦوسيل“ به
چيو وڃي ٿو. هن ۾ سرن جو هڪ ننڍو منارو ٺاهجي ٿو ۽
جيڪا ڌر ڌڪ هڻي اهو ڪيرائي وجهي، ان کَٽيو. ٻي
راند ”ڪُوئي ڪن مَروڙي“ آهي، جنهن ۾ ٻاراڻا ٻول به
ڪم اچن ٿا، پنهنجن همراهن کي لڪائبو ۽ پوءِ وڻن
ٽڻن جا ٽاڻا ڏس ڏِبا. ٻيءَ ڌُر پڪڙي، تنهن کان اڳ
همراهن کي اچي پڙ ۾ پهچائبو ۽ سوڀ پائبي. اهي
رانديون لاڙ توڙي ٻين پاسن ڏانهن به هلن ٿيون.
هاڻي به جتي ٻي وندر نه آهي، اتي کيڏجن ٿيون. نبي
بخش خان بلوچ اهي ۽ ٻيون ڪيتريون رانديون کيڏيون.
مدرسي نوشهري ۾ داخلا:
ڳوٺ جي حالت جي مد نظر شاگرد نبي بخش جي تعليمي
حاصلات هڪ ڪرشمو هو، جيڪو سندس شوق جو ئي ثمر هو.
خير سان 1929ع ۾ مشهور نوشهري فيروز مدرسي هاءِ
اسڪول ۾ انگريزي تعليم لاءِ داخل ٿيو ۽ بورڊنگ
هائوس ۾ رهيو. بقول ڊاڪٽر صاحب اتي سندس بهترين
ڏينهن گذريا ۽ تعليم تربيت، علم ۽ عمل جو سليقو
آيو. ٻين لفظن ۾ ته نوشهري جي تعليم کيس اڳتي جي
علمي توڙي عملي زندگيءَ جي جدوجهد لاءِ تيار ڪيو.
قابل استاد:
بورڊنگ هائوس ۾ 120 تائين شاگرد رهندا هئا. بهترين
استاد موجود هئا، جناب عثمان علي انصاري پرنسپال
هو. مخدوم امير احمد صاحب جهڙي قرآن، فقهه، تفسير
۽ عربي فارسيءَ زبان جي ڄاڻو سندس علمي شوق کي
وڌيڪ جِلا بخشي. مخدوم صاحب علمي ادبي سرگرمين جو
سرواڻ هو ۽ سندس ترغيب سان مدرسي ۾ مشاعرا به
ٿيندا هئا. شاگرد نبي بخش ۾ شاعرانه شعور هو ۽ بزم
مشاعري جو سيڪريٽري ٿيو ۽ مخدوم امير احمد صاحب جي
تربيت سان مشاعرن ۽ ادبي نشستن مان گهڻو پرايائين.
آخوند ڪريم بخش صاحب پيش امام هو. مسجد ديني
سرگرمين ۽ مولودن جي مجلسن جو مرڪز هئي. راندين جو
بهترين انتظام هو ۽ شاگرد ڪرڪيٽ، هاڪي ۽ ٻيون
رانديون شوق سان ڪندا هئا. ڊرائنگ ٽيچر استاد گل
محمد پٺاڻ ڊرائنگ توڙي راندين کيلن، سانگ پُتلين ۽
ناٽڪ جي انداز جي سرگرمين ۾ اڳواڻ هو ۽ شاگردن کي
همت، حوصلي ۽ اڳواڻيءَ جي تربيت ڏنائين.
نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين ۾ نوشهرو هڪ بهترين
ادارو هو. ڪلاس ڀائي، جن کي ڊاڪٽر صاحب پاٻوهه سان
ساريندو هو، تن ۾ هي نالا اهم آهن: شير محمد بلوچ
(چيف انجنيئر ٿيو)، قاضي محمد ابراهيم (ايس.ڊي.ايم
ٿيو)، محمد ادريس ميمڻ (ڊي.ايس.پي ٿيو)، انور علي
پنجابي ۽ بشارت حسين انصاري اهي هوشيار شاگرد هئا.
استادن جي محنت جا به ڪيترائي مثال آهن. انهن ۾
مسٽر هڱوراڻي سائنس ۽ مئٿميٽڪس جو استاد هو.
شاگردن ۾ مقابلي جو لاڙو پيدا ڪيائين. ڏکيا سوال
ڏيندو هو. جاميٽريءَ جا ڪي سوال اهڙا ڏيندو هو، جو
شاگرد اسڪول مان موٽي به حل جي تلاش ۾ رهندا هئا.
ڊاڪٽر صاحب ڪنهن دوست سان ڳالهه ڪئي ته هڪ سوال
اهڙو هو، جو سندس ذهن ۾ ڊوڙندو رهيو ۽ ”خواب“ ۾
اچي حل ٿيو.
جهوناڳڙهه ۽ علي ڳڙهه:
هن ڀرپور زندگيءَ واري تعليم ۽ راندين جي دؤر ۾
نبي بخش خان هڪ هوشيار شاگرد رهيو. نوشهره اسڪول
جي پڙهائيءَ جو ڪم ڏينهن جو ئي ڪندو هو، رات جو
ڪونه پڙهندو هو. آخر 1936ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ
مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. گريجوئيشن لاءِ پهريائين ڊي
جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ ۽ پوءِ بهاءُالدين ڪاليج
جهوناڳڙهه ۾ داخلا ورتائين. سندس تعليمي ڪارڪردگي
نهايت شاندار رهي. هن سلسلي ۾ سماهي مهراڻ جي
سوانح نمبر 1957ع ۾، ابن دريد جي قصيدي ”مقصوره
ابن دريد“ جي باري ۾ لکي ٿو ته پاڻ موڪل ۾ وطن وري
ان کي مخدوم امير احمد صاحب کان پڙهيو ۽ ان جي
معنيٰ ۽ مطلب کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪيائين. اهڙي ڀرپور
ڪوشش جو اهڙو ئي وڏو نتيجو نڪتو. پاڻ 1941ع ۾
بي.اي آنرس فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. ڪاليج ۾
پهريون نمبر ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽيون نمبر آيو.
وڌيڪ تعليم لاءِ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ داخل
ٿيو. ايم.اي ۾ به هو هڪ سراسري سطح جي شاگرد وانگر
نه هو، پر عمدي ڪارڪردگي ئي سندس نظر ۾ رهي. ڪنهن
به معاملي جي تهه تائين پهچڻ ۽ ڪنهن به موضوع جي
صحيح معنيٰ حاصل ڪرڻ جي جستجو قائم رکندو آيو.
1943ع ۾ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ايم.اي فرسٽ
ڪلاس ۾ فرسٽ پوزيشن سان ڪيائين. ايل.ايل.بي به علي
ڳڙه مان فرسٽ ڪلاس ۾ ڪيائين. هي زمانو ننڍي کنڊ ۾
سياسي اٿل پُٿل ۽ هيجان جو هو. جوان سال شاگرد نبي
بخش خان به هڪ هيجاني صورتحال مان لنگهي رهيو هو.
علي ڳڙهه ۾ ڊاڪٽريٽ جو مقالو ”سند تحت سطرة العرب“
(سنڌ ۾ عرب حڪمراني) لکي پورو ڪرڻ وارو هو، جو
ڪراچيءَ ۾ مسلمان شاگردن لاءِ پهريون ڪاليج يعني
سنڌ مسلم ڪاليج کليو، جنهن لاءِ استادن جي ضرورت
هئي. پير الاهي بخش صاحب وزير جي تاڪيد تي ڊاڪٽر
صاحب اچي هن ڪاليج ۾ ڪجهه وقت لاءِ تدريس جو فرض
سرانجام ڏنو.
ڪولمبيا يونيورسٽي:
قدرت اعليٰ تعليم لاءِ سندس علمي تشنگي کي دُور
ڪرڻ لاءِ ٻيو موقعو فراهم ڪيو. ان وقت برٽش
گورنمينٽ آف انڊيا مرڪزي اسڪالرشپن جو اعلان ڪيو.
ڊاڪٽر صاحب دهليءَ مان آل انڊيا سطح تي اها
اسڪالرشپ کٽي ۽ سرڪاري طور تي ڪولمبيا يونيورسٽي
(نيويارڪ) ۾ سندس داخلا ٿي ۽ کيس ريسرچ جو موقعو
مليو. پاڻ 16- آگسٽ 1946ع تي بمبئيءَ مان ولايت
روانو ٿيو. هن سفر ۾ ئي ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ جي
تاليف جي شرعات ٿي.
ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ رهي، نبي بخش خان ’تعليمي
نظام ۽ انتظام‘ کي پنهنجو موضوع بنايو ۽ اُتان
ايم.ايڊ ۽ ڊاڪٽر آف ايڊيوڪيشن جون ڊگريون حاصل
ڪيائين. ڊاڪٽريٽ جي دؤر ۾ کيس تعليم ۽ تحقيق جو
بهترين موقعو مليو. ڪولمبيا ۾ تعليم ۽ تربيت لاءِ
کيس بهترين استاد مليا. جن پروفيسرن جي رهبريءَ ۾
خاص نصابي ڪم ۽ ٿيسز مڪمل ڪيائين، اهي هي هئا: غير
ملڪي شاگردن جي رهبريءَ لاءِ ڊاڪٽر ڪليئرنس لِنٽن
مقرر هو، جنهن جي رهنمائي ۽ شفقت کي ڊاڪٽر صاحب
ياد ڪندو هو. بين الاقوامي ثقافتن جي ڪورسز ڪرائڻ
۾ ڊاڪٽر ٽيوڪسبري هڪ بهترين استاد مليو. اهڙوئي
ٻيو استاد ڊاڪٽر ٿامپسن هو، جيڪو ڪريڪيوليم ڪورسز
تي عالمانه ليڪچر ڏيندو هو. اهڙيءَ طرح ٻيو بهترين
استاد ڊاڪٽر ڪائونٽس هو. نبي بخش خان جي تحقيقي
مقالي جو موضوع هو:
A Program of Teacher Education for the New State
of Pakistan
تحقيقي مقالي (ٿيسز) جي تياريءَ لاءِ نبي بخش خان
جو عمومي صلاحڪار ڊاڪٽر اي.ايس. ايوينڊن ۽ خاص
صلاحڪار ڊاڪٽر ڪارل ڊبليو بِگلو
(Dr. Karl W. Bigelow)
هو.
وطن جي حُب:
’ڊاڪٽر آف ايڊيوڪيشن‘ جي ڊگري ملڻ کان پوءِ ڊاڪٽر
بلوچ کي اقوام متحده ۾ نوڪريءَ جي آڇ ملي، پر پاڻ
وطن جي خدمت جي جذبي ۾ مئي 1949ع ۾ سنڌ واپس
موٽيو. هت هن کي جنهن ملازمت جو وعدو هو، سا ڪانه
ملي ۽ جيسين ڪا ٻي نوڪري ملي، تيستائين ڊاڪٽر صاحب
سفر لاءِ خاڪي ڪپڙن جا ٻه وڳا ٺهرائي، سنڌ کي ڏسڻ
پسڻ لاءِ مئي 1949ع کان آگسٽ 1950ع تائين ڪنڊ ڪڙڇ
گهميو ۽ علمي ڪچهريون ڪندو رهيو ۽ تاريخي هنڌن کي
ڏسندو رهيو.
ڊاڪٽر صاحب کي راڳ جو گهڻو شوق رهيو ۽ سندس ڳوٺ جو
الهڏنو فقير ماڇي هن فن ۾ سندس استاد هو. راڳ سان
گڏ ملهه جي فن کي مقبول بنائڻ لاءِ به گهڻي ڪوشش
ورتائين. ڀٽ شاهه تي پهريون ڀيرو ڪرڪيٽ وانگر
ملاکڙي جي ڪمينٽري (روان تبصرو) ڪرڻ جو انتظام
ڪيائين. ملهه ايسوسيئيشن ٺهرايائين، جنهن جو مير
رسول بخش ٽالپر صدر ٿيو. حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم
۾ جيڪا پهرين وڏي راند ٿي، سو ملاکڙو هو. ڊاڪٽر
صاحب گهڻو پاڻ پتوڙيو، پر ميهر شاهه جي ميلي تي
بٺوري ۾ جڏهن نامور ملهه وعدو ڪري نه پهتا ته پاڻ
ڏاڍو مايوس ٿيو ۽ وري هن معاملي ۾ هٿ نه وڌائين.
1949ع ۾ وطن ورڻ بعد هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين
کيس نوڪري ڪانه ملي. سيپٽمبر 1950ع ۾ حڪومت
پاڪستان جي محڪمه انفارميشن براڊڪاسٽنگ ڊويزن ۾
’آفيسر به ڪار خاص‘
(O.S.D)
مقرر ڪيو ويو، ان بعد مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن کيس
ڪلاس ون ۾ چونڊيو ۽ کيس وچ مشرق ۾ تعلقات عامه جي
شعبي ۾ دمشق ۾ مقرر ڪيو ويو.
سنڌ يونيورسٽي:
ڊاڪٽر صاحب جي دل ۾ تعليم ذريعي سنڌ ۾ سجاڳي آڻڻ
جو جوش جذبو هو ته ٻئي طرف علامه آءِ.آءِ.قاضيءَ
جي ترغيب هئي، سو ان عهدي تان استعيفى ڏيئي اچي
سيپٽمبر 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شعبي تعليم جو
پهريون پروفيسر ٿيو. ان بعد سنڌي شعبي کولڻ لاءِ
اعزازي پروفيسر ۽ سربراهه ٿي محنت ڪيائين. سنڌي
شعبي ۾ تحقيق جو بنياد سندس ڪوششن جو مرهون منت
آهي. هتي ايم.اي
فائينل (سنڌي) لاءِ مڪمل ٿيسز (اصلي يا ترجمو) جو
سلسلو هليو ۽ 1953ع کان 1961ع تائين پنجاهه ٿيسز
لکيون ويون، جن مان 35 مشهور انگريزي ڪتابن جا
نوٽن ۽ حاشين سان ترجما آهن ۽ 15 طبعزاد آهن. هن
وقت تائين ايم.اي
جي هنن ٿيسز مان فقط چار ڇپجي سگهيون آهن.
ڊاڪٽر صاحب 1958ع تائين سنڌي شعبي جو سربراهه
رهيو. پوءِ پروفيسر علي نواز جتوئيءَ چارج ورتي.
وچ ۾ 16 مارچ 1953ع کان 30 جولاءِ 1954ع تائين
پروفيسر محبوب علي چنه به سنڌي شعبي جو استاد
رهيو، پر يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي علمي حيثيت
ڊاڪٽر صاحب جي محنت ۽ علمي معيار سبب قائم ٿي.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليم جو شعبو، جيڪو پهرين هڪ
ڊپارٽمينٽ هو، سو پوءِ انسٽيٽيوٽ بنيو، تنهن ۾
ڊاڪٽر صاحب پروفيسر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر رهيو. اهو
عرصو 1951ع کان 1976ع تائين هو. تنهن وچ ۾ ڊاڪٽر
صاحب ڊسمبر 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس
چانسلر مقرر ٿيو، جتي جنوري 1976ع تائين خدمتون
سرانجام ڏنائين. 1973ع ۾ ڊاڪٽر صاحب کي نيشنل ميرٽ
پروفيسر جو درجو مليو.
انتظامي خدمتون:
1976ع کان وٺي ڊاڪٽر صاحب جي اسلام آباد ۾ علمي
خدمتن جو دؤر شروع ٿئي ٿو. اتي به اوتري ئي
تندهيءَ سان ڪم ڪيائين، جيترو سنڌ ۾ پنهنجي
جوانيءَ ۾ ڪيائين. ان وقت (1976ع ۾) ڊاڪٽر صاحب جي
عمر 60 جي قريب هئي. ڊاڪٽر صاحب کي اسلام آباد ۾
وفاقي وزارت تعليم ۾ سيڪريٽري جي گريڊ ۾ آفيسر
بڪار خاص مقرر ڪيو ويو، جتي پاڻ جنوري 1976ع کان
آگسٽ 1977ع تائين ڪم ڪيائين. ان عرصي ۾ هو ”فيڊرل
پي ڪميشن“
(Federal Pay Commission)
جو برجستو ميمبر ٿي رهيو. سيپٽمبر 1977ع کان مارچ
1979ع تائين ٻي وزارت يعني وزارت ثقافت، آثارِ
قديمه، رانديون ۽ سياحت ۾ آيو. ان وچ ۾ پاڻ اپريل
1977ع کان جنوري 1979ع تائين وفاقي ريويو بورڊ
(Federal Review Board)
جو ميمبر ٿي رهيو. 1 جولاءِ کان 10 آڪٽوبر 1979ع
تائين قومي ڪميشن تحقيق، تاريخ ۽ ثقافت جو چيئرمين
رهيو، جتان ڊاڪٽر صاحب 22 نومبر 1980ع تي اسلاميه
يونيورسٽي اسلام آباد جو باني وائيس چانسيلر
مقرر ٿيو. هن عهدي تي آگسٽ 1983ع تائين رهيو ۽ هڪ
نئين يونيورسٽيءَ جا بنياد پُختا ڪيائين. ڊاڪٽر
صاحب تاريخي ۽ ثقافتي تحقيق جي قومي ڪميشن جو
چيئرمين به انهيءَ وچ ۾ رهندو آيو. آڪٽوبر 1979ع
کان 1982ع تائين هن ڪميشن جي نئين تشڪيل ۾ به
ڊائريڪٽر رهيو. سندس ايامڪاريءَ ۾ هن اداري مان
گهڻائي اهم ڪتاب شايع ٿيا، جن مان پنجن جو تعلق
’سنڌ‘ جي موضوع سان هو. ڊاڪٽر صاحب 1983ع کان وٺي
1989ع تائين نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد جو
ڊئريڪٽر/ مشير رهيو ۽ بعد ۾ سن 1991ع ۾ سنڌي
لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمين مقرر ٿيو، جتي 1993ع
تائين خدمتون بجا آندائين.
قومي اعزاز ۽ ايوارڊ:
ڊاڪٽر صاحب کي سندس مثالي علمي ڪم تي اعليٰ صدارتي
قومي ايوارڊ به مليا، جن ۾ ايوب خان جي حڪومت ۾
تمغه پاڪستان ۽ ستاره قائداعظم اچي وڃن ٿا. 1979ع
۾ کيس صدارتي ’تمغه حسن ڪارڪردگي‘ مليو. 1991ع ۾
کيس ’اعزاز ڪمال‘ حاصل ٿيو ۽ اڳتي هلي پرويز مشرف
جي حڪومت ۾ (2002ع) ۾ ”ستاره امتياز“ ڏنو ويو، جو
ايوان صدر ۾ سندس نياڻيءَ ورتو. وفات کان چند
ڏينهن اڳ 23 مارچ تي يوم پاڪستان جي حوالي سان
ڊاڪٽر صاحب لاءِ اعلانيل مُلڪ جو اعليٰ ترين سول
ايوارڊ ”هلال امتياز“ کيس سندس گهر پُڄايو ويو. پر
ڊاڪٽر صاحب جو علمي مرتبو ۽ تحقيقي ڪم انهن تمغن
کان گهڻو گهڻو اوچو ۽ اُتاهون آهي. ان جو احساس
فقط قدر وارن ۽ سجاڳ دلين کي آهي.
پڙهائيءَ جي سلسلي ۾ اڳ ۾ لکي آيا آهيون ته پاڻ
پڙهائيءَ ۾ مصروف رهيو ۽ شاندار تعليمي نتيجا
نڪرندا رهيا. تحقيق ۽ لکڻ پڙهڻ جو سمورو دؤر ڊاڪٽر
صاحب هڪ مُهم- جُو شخص وانگر گذاريو آهي. جيڪو به
مقالو، ڪتاب يا ڪا رٿا هٿ ۾ رهيس ته صبح جو اک کلڻ
سان پهرين ان جي ڳڻتي ڪيائين. اگر کيس صبح جي پهر
۾ ڪا مصروفيت نه رهي ته ان ڏينهن منجهند تائين لکڻ
پڙهڻ ۾ مصروف رهيو. منجهند جي مانيءَ ۽آرام کان
پوءِ به ٻه-ٽي ڪلاڪ ڪم سندس دستوري مشغلو رهيو.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قائم ٿيل آفيس ۾ ڊڪشنري يا لوڪ
ادب جي ڪتابن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪم ته سندس هڪ
معمول رهيو. رات جو 12 بجي ۽ هڪ تائين لکڻ پڙهڻ ۽
تحقيق جو ڪم ڊاڪٽر صاحب ائين جاري رکيو، جيئن سمهڻ
وارا سمهڻ کي اوليت ڏين ۽ ڪچهريءَ جا ڪوڏيا
ڪچهريءَ ۾ اڌ رات تائين جاڳن. ائين علمي دنيا جي
هن پورهيت ۽ ثقافت جي سرواڻ اڻٿڪ انداز ۾ پئي ڪم
ڪيو.
انسان کي آرام به کپي، صحت کي صحيح رکڻ لاءِ گهمڻ
ڦرڻ، ڪجهه تفريح ڪرڻ، دوستن ڏي اچڻ ۽ سير سفر،
شڪار ڪرڻ به کپي. ڊاڪٽر صاحب به موڪلن ۾ سير ۽
تفريح جو شوق ڪندو رهيو. انهيءَ بهاني فرصت جي
گهڙين جو صحيح استعمال به ڪيائين ۽ مجموعي طرح هڪ
صحتمند زندگي بسر ڪيائين.
ڊاڪٽر صاحب جڏهن 1985ع ۾ هڪ علمي دوري جي سلسلي ۾
5 مئي تي سعودي عرب، ڪويت، شام، تيونس، الجزائر ۽
مراڪش کان ٿيندو لنڊن پهتو ته محنت ۽ سفر سبب طبعيت
خراب ٿي پيئي ۽ 10 مئي 1985ع تي سندس دل جو آپريشن
ٿيو. الحمد لله! پاڻ صحتمند ٿيو ۽ وطن موٽي پنهنجي
ڪم ۾ اچي مصروف ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب 6 اپريل 2011ع بمطابق 2 جمادي الاول
1432هه بروز اربعا صبح صادق مهل هن فاني جهان مان
لاڏاڻو ڪري، ڪنهن بهتر جهان ۾ جاگزين ٿيا.
نوٽ:
ڊاڪٽر صاحب جي پهرين جنازي نماز، سنڌ مسلم هائوسنگ
سوسائٽي، قاسم آباد جي پارڪ ۾ شام 30: 5 وڳي شيخ
الحديث مفتي محمد رحيم سڪندري (جامعه راشديه پيرجو
ڳوٺ) ادا ڪرائي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ زندگيءَ
جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن عقيدتمندن، اديبن
۽ شاعرن، دانشورن ۽ صحافين، شاگردن ۽ شهر جي معززن
شرڪت ڪئي. ٻي جنازي نماز، تدفين وقت سنڌ يونيورسٽي
ڄام شورو ۾ شام
6:30
وڳي حافظ محمد يوسف ڀنڀرو سڪندري ادا ڪرائي.
ان بعد سندن خاڪي جسد علامه آءِ.آءِ.قاضيءَ
جي مزار جي پيرانديءَ ۾ (سندن وصيت مطابق) مٽيءَ
ماءُ حوالي ڪيو ويو. الله تعاليٰ ڊاڪٽر صاحب جي
بخشش ۽ مغفرت فرمائي.
(آمين).
پاڻ سوڳوارن ۾ پنج فرزند ۽ ٽي نياڻيون ڇڏيائين.
قلمي پورهيو
لوڪ ادب:
1.
مداحون ۽ مناجاتون،
1959ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
2.
مناقبا،
1960ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
3.
معجزا،
1960ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
4.
مولود،
1961ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
5.
ٽيهه اکريون
(ڀاڱو پهريون)، 1960ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
6.
ٽيهه اکريون
(ڀاڱو ٻيو) 1961ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
7.
هفتا، ڏينهن، راتيون ۽ مهينا،
1961ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
8.
جنگناما،
1984ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
9.
واقعاتي بيت،
1961ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
10.
مناظرا،
1961ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
11.
سنڌي سينگار شاعري،
1986ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
12.
پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول،
1965ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
13.
ڳجهارتون،
1969ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
14.
ڏور،
1970ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
15.
ڳيچ
(جلد پهريون ۽ ٻيو گڏ) 1963ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام
شورو
16.
لوڪ گيت،
1965ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
17.
بيت،
1971ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
18.
نڙ جا بيت
(سانوڻ ۽ سندس ساٿياري)، 1970ع، سنڌي ادبي بورڊ،
ڄام شورو
19.
قافيون
(جلد پهريون)، 1985ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
20.
قافيون
(جلد ٻيو)، 1987ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
21.
قافيون
(جلد ٽيون)، 1990ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
22.
سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-1
(بادشاهن ۽ راڻين، شهزادن ۽ شهزادين جون ڳالهيون)
1987ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
23.
سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-2
(بادشاهن، وزيرن ۽ سوداگرن جون ڳالهيون)، 1977ع،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
24.
سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-3
(پرين، ديون، جادوگرن، ڏائڻين ۽ نجومين جون
ڳالهيون)، 1987ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
25.سنڌي
لوڪ ڪهاڻيون-4
(بادشاهن، شاهوڪارن، ڏاهن، ٺڳن ۽ ٻين جون
ڳالهيون)، 1961ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
26.
سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-5
(ٻاراڻيون آکاڻيون)، 1962ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام
شورو
27.
سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-6
(جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون)، 1964ع، سنڌي ادبي
بورڊ، ڄام شورو
28.
سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-7
(ڳاهن سان ڳالهيون)، 1964ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام
شورو
29.
مشهور سنڌي قصا:
رزميه داستان -1 دودو چنيسر (جلد پهريون)، 1976ع،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
30.
مشهور سنڌي قصا:
رزميه داستان -2 دودو چنيسر (جلد ٻيو)، 1977ع،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
31.
مشهور سنڌي قصا:
سنڌ جا عشقيه داستان-1، موکي متارا، مري ۽ مڱ ٿر،
اُڍو ڪيهر ۽ هوٿل پري، ڦل وڌوئو ۽ ڀوري، لاکو
ڦلاڻي، 1964ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
32.
مشهور سنڌي قصا:
سنڌ جا عشقيه داستان-2، سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام
تماچي، 1972ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
33.
مشهور سنڌي قصا:
سنڌ جا عشقيه داستان-3، ليلان چنيسر، 1971ع، سنڌي
ادبي بورڊ، ڄام شورو
34.
مشهور سنڌي قصا:
سنڌ جا عشقيه داستان-4، سسئي پنهون، 1964ع، سنڌي
ادبي بورڊ، ڄام شورو
35.مشهور
سنڌي قصا:
سنڌ جا عشقيه داستان-5، مومل راڻو، 1975ع، سنڌي
ادبي بورڊ، ڄام شورو
36.
مشهور سنڌي قصا:
سنڌ جا عشقيه داستان-6، سورٺ راءِ ڏياچ ۽ هير
رانجهو، 1976ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
37.
مشهور سنڌي قصا:
سنڌ جي حب الوطنيءَ جو داستان، عمر مارئي، 1976ع،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
38.
مشهور سنڌي قصا:
سنڌ جا عشقيه داستان-8، ڍول مارو، 1969ع، سنڌي
ادبي بورڊ، ڄام شورو
39.
سنڌ جي سورهيائي ۽ هنرمنديءَ جو داستان-
مورڙو ۽ مانگر مڇ، 1967ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام
شورو
40.
مشهور سنڌي قصا:
ٻاهريان قصا ۽ عشقيه داستان -7، 1964ع، سنڌي ادبي
بورڊ، ڄام شورو
41.
رسمون، رواج ۽ سوڻ ساٺ،
1978ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
42.
سنڌي هنر شاعري،
1991ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
اهڙيءَ طرح سنڌي ادبي بورڊ پاران ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ صاحب جا ترتيب ڏنل لوڪ ادب سلسلي جا جملي
42 ڪتاب ٿين ٿا. ان کان سواءِ سندن تاليف ڪيل
هيٺيان ٽي ڪتاب پڻ لوڪ ادب سلسلي جي ڪتابن ۾ شمار
ٿيڻ گهرجن ۽ ائين اهي جملي 45 ڪتاب ٿين ٿا:
ٻيلاين جا ٻول:
1951ع (پهريون ڇاپو): سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد ۽
1970ع (ٻيو ڇاپو) زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد
لاکو ڦُلاڻي:
1958ع، سنڌي مجلس، شعبه سنڌي، سنڌ يونيورسٽي،
حيدرآباد
هرگُنيو:
(مؤلف: آخوند عبدالرحيم وفا عباسي: مقدمو ۽
ايڊيٽنگ: ڊاڪٽر بلوچ) 1993ع، سنڌي ٻوليءَ جو
بااختيار ادارو، حيدرآباد
سنڌي اساسي (ڪلاسيڪي) شاعري:
1.
قاضي قاضن جو رسالو، 1999ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ
الاجي، ڄام شورو
2.
شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، 1968، انسٽيٽيوٽ
آف سنڌ الاجي، ڄام شورو
3.
ميين شاهه عنات جو ڪلام، 1963ع، سنڌي ادبي بورڊ
4.
خليفي نبي بخش صاحب جو رسالو، 1966ع، سنڌي ادبي
بورڊ
5.
شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، 1972ع، انسٽيٽيوٽ آف
سنڌ الاجي، ڄام شورو
6.
راڳنامو: صوفي صادق فقير سومرو، 1981ع، شاهه
عبداللطيف، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز
7.
رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو، 1985ع، شاهه
عبداللطيف،
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز
8.
ڪليات حمل، 1953ع، سنڌي ادبي بورڊ
9.
ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري، 1968ع، سنڌي ادبي
بورڊ
10.
ڪليات سانگي، 1969ع، سنڌي ادبي بورڊ
11.
سيف الملوڪ عرف سيفلنامو: مولوي لطف عليءَ جي
سرائيڪي شاعري، 1960ع، سنڌي ادبي بورڊ
12.
خليفي غلام نبي جو رسالو:2011ع - حُر هسٽاريڪل
سوسائٽي، سانگهڙ.
تحقيقي مقدما:
ان کان سواءِ هيٺين ڪتابن تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا
جامع، تاريخي ۽ تحقيقي مقدما لکيل آهن:
اصغر سائينءَ جو ڪلام:
پهريون ڇاپو (تحقيق: مولوي عبدالغفور شر سڪندري،
مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) 1980ع، چوٿون
ڇاپو- تحقيق: پروفيسر محمد فاضل، پيش لفظ ۽ اڳيون
مقدمو شامل: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، 1999، جمعيت
علماءِ سڪندريه، پيرجو ڳوٺ
ديوان مسڪين:
پير حزب الله شاهه راشدي ’مسڪين‘ جو ڪلام (مقدمو:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، جمعيت علماءِ سڪندريه،
پير جو ڳوٺ
لغتون:
1.
جامع سنڌي لغات
(جلد پهريون) 1960ع، سنڌي ادبي بورڊ
2.
جامع سنڌي لغات
(جلد ٻيو) 1981ع، سنڌي ادبي بورڊ
3.
جامع سنڌي لغات
(جلد ٽيون) 1960ع، سنڌي ادبي بورڊ
4.
جامع سنڌي لغات
(جلد چوٿون) 1985ع، سنڌي ادبي بورڊ
5.
جامع سنڌي لغات
(جلد پنجون) 1988ع، سنڌي ادبي بورڊ
6.
سنڌي اردو لغت:
(ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان سان گڏ) 1959ع، سنڌ
يونيورسٽي، حيدرآباد
7.
نئين جامع سنڌي لغات
(جلد پهريون) 2004ع، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار
ادارو
8.
نئين جامع سنڌي لغات
(جلد ٻيو) 2005ع، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
9.
نئين جامع سنڌي لغات
(جلد ٽيون) 2007ع، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
10.
اردو سنڌي لغت:
(ايضاً) 1960ع (پهريون ڇاپو)، سنڌ يونيورسٽي،
حيدرآباد، 1989ع، (ٻيو ڇاپو) انسٽيٽيوٽ آف سنڌ
الاجي، ڄام شورو
11.
هڪ جلدي سنڌي لغت:
1998ع سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد
12.
جواهر لغات اڪيچار سنڌي:
(مؤلف: آخوند عبدالرحيم وفا عباسي، ايڊيٽنگ: ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ) 1993ع، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار
ادارو، حيدرآباد
13.
فرهنگ قوام فاروقي
(مطالعو)
14.
شاهه جي رسالي جي لغت ”روشني“
- (2002ع) سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.
سنڌ جي تاريخ:
1.
تاريخ معصومي
(فارسي متن جو سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد، تحقيق
۽ وضاحتي نوٽن سان مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
1953ع، سنڌي ادبي بورڊ
2.
فتحنامو (چچنامو):
فارسي متن جو سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد- مقدمو ۽
حواشي: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1954ع، سنڌي ادبي
بورڊ
3.
تحفة الڪرام
(فارسي متن جو سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد،
ايڊيٽنگ ۽ مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، 1957ع،
سنڌي ادبي بورڊ
4.
سومرن جو دور
(دودي چينسر جي ڳالهه ۽ ٻئي روايتي ذخيري جي
روشنيءَ ۾)، سيپٽمبر 1980ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام
شورو
سنڌي ٻولي، ادب ۽ موسيقيءَ جون تاريخون:
1.
سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ:
(1962ع (پهريون ڇاپو، ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر
تاريخ“: عنوان سان، سنڌ يونيورسٽي پريس)، 1980
(ٻيو ڇاپو: ”سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ جي
عنوان سان، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد)، 1990 ۽ 1999ع
(ٽيون ۽ چوٿون، وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو)، پاڪستان
اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو
2.
سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ:
1978ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ
شاهه
3.
سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي:
1992ع، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد
4.
سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو:
1993ع، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد
5.
علم موسيقي:
شاعر رمضان واڍو، 2006ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
متفرقه موضوع:
1.
سڀ رنگ:
1968ع، مهراڻ آرٽس ڪائونسل، حيدرآباد
2.
سنڌ جي مڇي
(مٺي جي مڇيءَ جو مطالعو)، 1993ع، سنڌي ٻوليءَ جو
بااختيار ادارو، حيدرآباد
3.
سنڌ جي مڇي
(کاري جي مڇيءَ جو مطالعو)، 1995ع، سنڌي ٻوليءَ
جوبااختيار ادارو، حيدرآباد
4.
اسان جو ڳوٺ: جعفر خان لغاري،
1999ع خليل ڪتاب گهر، خيرپورميرس
5.
رهاڻ هيرن کاڻ
(جلد پهريون)، 2000ع، خليل ڪتاب گهر، خيرپورميرس
6.
رهاڻ هيرن کاڻ
(جلد ٻيو)، 2001ع، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد
7.
رهاڻ هيرن کاڻ
(جلد ٽيون)، 2002ع، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور
8.
رهاڻ هيرن کاڻ
(جلد چوٿون)، 2003ع، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد
9.
رهاڻ هيرن کاڻ
(جلد پنجون)، 2003ع، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد
10.
رهاڻ هيرن کاڻ
(جلد ڇهون)، 2005ع، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور
11.
رهاڻ هيرن کاڻ
(جلد ستون)، 2007ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
12.
رهاڻ هيرن کاڻ
(جلد اَٺون)، 2008ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄام
شورو
13.
رهاڻ هيرن کاڻ
(جلد نائون)، 2009ع، ماڻڪ موتي تنظيم، حيدرآباد
14.
رهاڻ هيرن کاڻ
(جلد ڏهون)، 2010ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄام
شورو
15.
گڏهه: 1946ع (پهريون ڇاپو، ڪراچي)
لطيفيات:
(الف) شاهه جي رسالي جو تحقيقي ايڊيشن:
1.
شاهه جو رسالو
(جلد پهريون) 1989ع
2.
شاهه جو رسالو
(جلد ٻيو) 1992ع
3.
شاهه جو رسالو
(جلد ٽيون) 1994ع
4.
شاهه جو رسالو
(جلد چوٿون) 1997ع
5.
شاهه جو رسالو
(جلد پنجون) 1997ع
6.
شاهه جو رسالو
(جلد ڇهون) 1995ع
7.
شاهه جو رسالو
(جلد ستون) 1998ع
8.
شاهه جو رسالو
(شاهه جي ڪلام جو مڪمل متن: جلد اٺون ۽ نائون)،
1999ع، علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا اشاعت،
حيدرآباد
9.
شاهه جو رسالو
(رسالي جو ڪلام: جلد ڏهون)، 1996ع، علامه قاضي
رسالو تحقيقي رٿا اشاعت، حيدرآباد
10.
شاهه جو رسالو
(10 جلد هڪ جلد ۾)، 2009ع، ثقافت ۽ سياحت کاتو،
حڪومت سنڌ
(ب) شاهه جي رسالي بابت وڌيڪ تحقيق:
1.
شاهه جي رسالي جا سرچشما:
(جلد پهريون) 1972ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه
2.
شاهه جي رسالي جي ترتيب:
1974ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ
شاهه
3.
شاهه جو رسالو:
(برٽش ميوزيم ۾ محفوظ قلمي نسخي تي آڌاريل) 1969ع،
شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه
4.
شاهه جو رسالو:
(سر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ ٽن قلمي نسخن سان ڀيٽي
تيار ڪيل) 1974ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
5.
شاهه جو رسالو:
(ڏهن قلمي نسخن تي آڌاريل، سُر سسئيءَ سان شروع
ٿيندڙ) 1977ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
6.
شاهه عبداللطيفرح:
(سوانح، رسالي ۽ راڳ بابت تحقيقي مضمون)، 1990ع،
مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور
7.
لطائف لطيفي:
(فارسي متن، مصنف: مير عبدالحسين سانگي، ايڊيٽنگ ۽
ترتيب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، 1967ع، شاهه
عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه
8.
پنج گنج:
(مصنف قادر بخش بيدل: مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ) 1976ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز،
ڀٽ شاهه
9.
احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي:
(مصنف مرزا قليچ بيگ، مقدمو ۽ سوڌ سنوارَ: ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ) 1972ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه
(ت) باقي لطيفيات:
(هيٺيان ڪتاب ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي زيرنگراني ۽
رهنمائيءَ هيٺ مرتب ٿيا)
1.
شاهه جي رسالي ۾ اسلامي اقدار:
(ترتيب) 1967ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
2.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ اخلاق ۽ ڪردار
جو معيار:
(ترتيب) 1968ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
3.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سنڌي ٻوليءَ جو معمار:
(ترتيب) 1969ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
4.
سُر ڪلياڻ جو مطالعو:
(ترتيب) 1970ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
5.
سُر جمن جو مطالعو:
(ترتيب) 1971ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
6.
سُر کنڀات جو مطالعو:
(ترتيب) 1972ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
7.
سُر سريراڳ جو مطالعو:
(ترتيب) 1973ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
8.
سُر سامونڊيءَ جو مطالعو:
(ترتيب) 1974ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
9.
سُر سهڻيءَ جو مطالعو:
(ترتيب) 1975ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
10.
سُر سسئي آبريءَ جو مطالعو:
(ترتيب) 1976ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
11.
سُر معذوريءَ جو مطالعو:
(ترتيب) 1977ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
12.
لطيف سالگرهه مخزن 1-2:
(ترتيب) 1960ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
13.
لطيف سالگرهه مخزن 3:
(ترتيب) 1961ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
14.
لطيف سالگرهه مخزن 4-5:
(ترتيب) 1964ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
15.
لطيف سالگرهه مخزن 6-7-8:
(ترتيب) 1967ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
16.
لطيف سالگرهه مخزن 9:
(ترتيب) 1968ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
17.
لطيف سالگرهه مخزن 10:
(ترتيب) 1960ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
18.
لطيف سالگرهه مخزن 11-12:
(ترتيب) 1960ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
19.
لطيف سالگرهه مخزن 12-13:
(ترتيب) 1960ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
20.
لطيف سالگرهه مخزن 14-15:
(ترتيب) 1960ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه
فارسي ڪتاب:
1.
ديوان غلام:
(فارسي) 1959ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
2.
لب تاريخ سند:
(فارسي متن: مصنف: خداداد خان، ايڊيٽنگ ۽ حاشيا:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) 1959ع، سنڌي ادبي بورڊ،
ڄام شورو
3.
تاريخ طاهري:
(فارسي متن: مصنف طاهر محمد نسياني: حاشيا،
وضاحتون ۽ مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) 1964ع،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
4.
حاصل النهج:
(فارسي متن، مصنف: مخدوم محمد جعفر بوبڪائي،
ايڊيٽنگ ۽ انگريزي مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
1969ع، سنڌ يونيورسٽي
5.
فتح نامه سند:
(اصل فارسي متن، تفصيلي انگريزي مقدمو ۽ 140 صفحن
جون تحقيقي وضاحتون: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
1983ع، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل
ريسرچ، اسلام آباد
6.
باقيات از ڪلهوره:
(فارسي متن: تحقيق، ترتيب ۽ مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ) 1966ع، ڪلهوڙا سيمينار ڪاميٽي، ڪراچي
7.
تاريخ بلوچي:
(فارسي متن، مصنف: عبدالمجيد جوکيو، اردو ترجمو:
خضرنوشاهي، مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) 1996ع،
ڪلهوڙا سيمينار ڪاميٽي، ڪراچي
8.
تڪملة التڪملہ:
(سنڌي) 2007ع، آرٽس فئڪلٽي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام
شورو
9.
جامع الڪلام في منافع الانام:
(ٻارهين صدي هجريءَ ۾ ٺٽي جي عالمن جي ٿيل عربي
فارسي ۾ خط و ڪتابت) تاليف: الشيخ عبدالله بن محمد
السندي. تحقيق ۽ تنقيح: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
2006ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
عربي ڪتاب (ايڊيٽنگ ۽ مقدما):
1.
نُتف من شعر ابي عطا:
1961ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
2.
غرة الزيجات:
البيروني (تفصيلي مقدمو ۽ ايڊيٽنگ: ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، 1973ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو
اسلامي تمدن جا هڪ سؤ ڪتاب رٿا:
هن رٿا جو بنيادي خاڪو ڊاڪٽر صاحب تيار ڪيو ۽ پوءِ
ان تي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو، جنهن ۾
ڪتابن جا اصل متن ڳولي لهڻ، انهن جو اشاعتي خاڪو
تيار ڪرڻ، جدا جدا عالمن کي ڳولي، کين اهي ڪتاب
ترجمي لاءِ ڏيڻ، انهن ڪتابن جا مهاڳ لکڻ ۽ ڇپائڻ
جا ڪم شامل هئا. ڪن حالتن ۾ ڊاڪٽر صاحب تحقيقي
مقدما لکيا، جنهن جو خاص مثال قيمتي هيرن، جواهرن
۽ پٿرن بابت بيرونيءَ جي ڪتاب ”ڪتاب الجماهر في
معرفة الجواهر“ جو مقدمو آهي. ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ
آهي ته ”اهو ڪم مون خاص طرح جناب حڪيم محمد سعيد
صاحب جن جي رضا خاطر ڪيو. پاڻ مهرباني ڪري ڪتاب جي
انگريزي ترجمي جو مسودو تيار ڪيائون، جنهن کي سندن
صلاح مشوري سان مون تفصيل سان ايڊٽ ڪيو ۽ پڻ اُن
تي مقدمو لکيو.“
1.
ڪتاب الجبر والمقابلہ:
الخوارزمي (انگريزي ترجمو: ڊاڪٽر آيدين سايل، پيش
نامو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) 1989ع، نيشنل هجره
ڪائونسل، اسلام آباد
2.
ڪتاب الجماهر في معرفةالجواهر:
البيروني (انگريزي ترجمو: حڪيم محمد سعيد، نظرثاني
۽ مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، 1988ع، نيشنل
هجره ڪائونسل، اسلام آباد
3.
ڪتاب الحِيَل:
بنوموسى (انگريزي ترجمو: ڊاڪٽر ڊونالڊ هِل، پيش
نامو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، 1988ع، نيشنل هجره
ڪائونسل، اسلام آباد
4.
الجامع بين العلم والعمل النافع في صناعة
الحِيَلِ:
الجزري (انگريزي ترجمو: ڊاڪٽر ڊونالڊ هل، پيش
نامو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، 1989ع، نيشنل هجره
ڪائونسل، اسلام آباد
نوٽ:
ڊاڪٽر صاحب پنجن وڌيڪ ڪتابن کي ايڊٽ ڪيو يا اشاعت
لاءِ مڪمل ڪيو.
سنڌ جي عالمن جا ڪتاب:
مصلح المفتاح:
(يعني دائري وارن جي سنڌي) تصنيف: سيد علي محمد
شاهه، تحقيق، تصحيح ۽ مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، 1070ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ
يونيورسٽي، ڄام شورو
خزانة المعرفة:
(ملفوظات پير صبغة الله شاهه تجر ڌڻي) تاليف: پير
سائين علي گوهر شاهه اصغر رح، مقدمو: ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ، 1411هه، جمعيت علماءِ سڪندريه،
درگاهه شريف پيرجو ڳوٺ
ڊاڪٽر بلوچ جا ڪجهه اهم سنڌي مضمون/ مقالا
1.
هندستان کان آمريڪا تائين سفر:
مهراڻ-1 (آڳاٽو دؤر)، 1946ع
2.
سنڌ جا گمنام دهقاني شاعر:
مهراڻ-3(آڳاٽو دؤر)، 1947ع
3.
ڪبير شاهه ۽ شيخ ابراهيم جي ملاقات ۽ شاعرانه
مناظرو:
ماهوار نئين زندگي- آگسٽ 1950ع
4.
سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ۽ اُن جو ڪڇي محاورو(1):
ماهوار نئين زندگي- سيپٽمبر 1951ع
5.
سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ۽ اُن جو ڪڇي محاورو(2):
ماهوار نئين زندگي- آڪٽوبر 1951ع
6.
شاهه جي عام مقبوليت جا سبب:
ماهوار نئين زندگي- جنوري 1951ع
7.
محمد بن قاسم جي فتح کان اڳ سنڌ جي حالت:
ماهوار نئين زندگي- اپريل 1951ع
8.
فتوحات محمد بن قاسم:
ماهوار نئين زندگي- مئي 1951ع
9.
لعل شهباز جي روضي جا تاريخي ڪتبا:
ماهوار نئين زندگي- جون 1951ع
10.
حمل لغاري ۽ سندس همعصر شاعر:
ماهوار نئين زندگي- جولاءِ 1951ع
11.
مقامات سنڌي:
ماهوار نئين زندگي- آگسٽ 1951ع
12.
قومي انقلاب جي تعمير ۾ ادب جو حصو:
ماهوار نئين زندگي- آڪٽوبر 1951ع
13.
سنڌ جو هڪ برگزيدو گهراڻو، پير پاڳاره خاندان:
ماهوار نئين زندگي 1952ع
14.
شاهه صاحب جو مخدوم محمد معين ڏانهن خط ۽ ان جو
جواب:
ماهوار نئين زندگي- نومبر 1953ع
15.
سنڌ جا سورهيه (1):
ماهوار نئين زندگي- جون 1954ع
16.
سنڌ جا سورهيه (2):
ماهوار نئين زندگي- جولاءِ 1954ع
17.
سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو (1):
ٽماهي مهراڻ-1، 1955ع
18.
سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو (2):
ٽماهي مهراڻ-2، 1955ع
19.
سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو (3):
ٽماهي مهراڻ-3، 1955ع
20.
ڇتو فقير سانگي:
ٽماهي مهراڻ-4، 1955ع
21.
درويش راضي شاهه لڪياري:
ٽماهي مهراڻ-1، 1956ع
22.
سنڌي ٻولي، اُن جو ماضي، حال ۽ مستقبل:
ٽماهي مهراڻ-2، 1956ع
23.
ٿر ۽ مهراڻي جا لوڪ گيت:
ٽماهي مهراڻ-2، 1956ع
24.
پارس کاڻ:
ٽماهي مهراڻ-3، 1956ع
25.پير
پاڳارو شهيد صبغت الله شاهه ثانيرح:
ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، 1957ع
26.
رئيس المهاجرين مرحوم جان محمد جوڻيجو:
ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، 1957ع
27.
مرحوم مولانا دين محمد وفائي:
ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، 1957ع
28.
فولاد علي فقير شر:
ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، 1957ع
29.
قاضي عبدالرؤف مورائي:
ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، 1957ع
30.
مرحوم علامه محمد قاسم ڳڙهي ياسيني:
ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، 1957ع
31.
ميان نورمحمد شيخ ننگرپارڪري:
ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، 1957ع
32.
مولوي بهاءُ الدين بهائي مرحوم:
ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، 1957ع
33.
مولوي محمد صادق راڻيپوري:
ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، 1957ع
34.
پير احسان الله شاهه راشدي مرحوم:
ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، 1957ع
35.مخدوم
امير محمد:
ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، 1957ع
36.
مولوي عبدالله لغاري:
ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، 1957ع
37.
مرحوم لعل بخش خان لغاري:
ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، 1957ع
38.
حضرت شاهه صدر:
ٽماهي مهراڻ-1، 1957ع
39.
خطبہ استقباليه:
18- ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس، حيدرآباد سنڌ، 31 مئي
1958ع، شايع ڪندڙ مجلس عاملہ، حيدرآباد، 1958ع
40.
بلوچي ٻولي، سندس ادب ۽ اديب:
ماهوار نئين زندگي، آگسٽ 1958ع
41.
رازي فقير جا راز:
ٽماهي مهراڻ 2-3، 1955ع
42.
سنڌي راڳ ڪانفرنس:
ٽماهي مهراڻ -1، 1959ع
43.
حيدرآباد شهر:
ٽماهي مهراڻ -1، 1962ع
44.
مسلم بنگال جي فارسي ادب جي هڪ اهم تصنيف:
ڪتاب ”شرف نامہءِ احمد منيري“: ٽماهي
مهراڻ-1، 1967ع
45.عام
سنڌي شاعري:
ٽماهي مهراڻ 3-4، 1969ع
46.
تذڪره مشائخ سيوستان:
ٽماهي مهراڻ -1، 1972ع
47.
شيخ احمد بن محمد صديق السنڌي عرف قاضي احمد
دمائي:
تحفه لواري شريف، 1975ع، انتظاميا جماعت لواري،
بدين
48.
1857 ۾ سنڌ طرفان آزاديءَ جي جنگ:
نئين زندگي، آزادي نمبر، آگسٽ- سيپٽمبر 1979ع
49.
سپهه سالار درياخان جو حسب نسب:
ٽماهي مهراڻ 1-2، 1980ع
50.مولود
شريف، سنڌي شاعريءَ جي اهم صنف:
ٽماهي مهراڻ 3-4، 1980ع
51.
ڀنڀور، ديبل جو اصل ماڳ:
ڀنڀور ۽ ديبل، 1983ع
52.استاد
ڳجهارت جو فن زندهه رکڻ لاءِ ڪوشش ڪن:
روزانه مهراڻ، 10 مارچ 1984ع
53.علامه
آءِ آءِ قاضي: سنڌ يونيورسٽيءَ جو محسن ۽ معمار:
سووينيئر، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄام شورو، 1989ع
(پڻ ”مهراڻ“ رسالي ۾ آيل)
54.
مير باگو ۽ سنڌ راڻي:
سنڌ اڪيڊمي، ڪراچي، 1989ع
55.
هنگلاج جو سفر:
لطيفي لات- مرتب: ممتاز مرزا، ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، 1992ع (پڻ ”مهراڻ“ رسالي ۾ آيل)
56.پير
روضي ڌڻي جي ملفوظات ’مجمع الفيوضات‘ جامعه راشديه
جا پنجاهه سال-
جمعيت علماءِ سڪندريه پير جو ڳوٺ، 2003ع
57.A
National System of Education and Education of
Teachers:
Ph.D Thesis 1949, Columbia University, New York,
Published by Sind Institute of Policy studies,
Larkana (2003).
58.Bilal:
An Esteemed Child of Liberty (1949).
59.Arts
and Crafts of the
Lower Indus Valley:
Mehran Arts Council, Hyderabad (1964).
60.
The Traditional Arts and Crafts of
Hyderabad Region:
Mehran Arts Council, Hyderabad, Pakistan (1966).
61.
The Musical Instruments of Sindh:
Mehran Arts Council, Hyderabad, Pakistan (1967).
62.
Spanish Cante Jondo:
Its origin in Sindhi Music By Aziz Baloch;
English Translation & one chapter addition by
Dr. N.A Baloch (1968).
63.
Kitab Hasil-al-Nahj’:
The earliest work on Education in Sub-continent
in Persian, Authored by Makhdoom Jaffar-al
Bubakani District Dadu. Discovered and edited
with a chapter wise summary in English by Dr.
N.A. Baloch, Institute of Education, University
of Sindh (1969).
64.
Education in Sindh Before the British Conquest
and the Educational policies of the British
Government,
Sindh University Press (1971).
65.
The Education Policy:
Implications and implementation (1972).
66.
Development of Music in Sindh:
Sindh University Press, Hyderabad (1973).
67.
The Historical Sindh Era:
Monograph: (1975).
68.
Curriculum And Teachers Education:
The volume on Muslim Education, First World
Education Conference, Makka, 1977. Edited by N.A
Baloch jointly with M.H Al-Affendi, published by
Hodder and Stoughton, King Abdul-Aziz
University, Jiddah, Saudi Arabia (1980).
69.
Seminar on the Documentation of Current History
of
Pakistan:
Proceedings and Recommendations
1947-80, NIHCR, Islamabad (1980).
70.
Advent of Islam in
Indonesia:
NIHCR, Islamabad (1980).
71.
World of Islam Today:
Proceedings, Recommendations
and Papers
of the National Hijra Council on History
and Culture, July 1980, NIHCR, Islamabad (1981).
72.
Pakistan:
A comprehensive Bibliography of Books
and
Government Publications edited with annotations
1947-80:
Institute of History, Culture and Civilization,
Islamic University Islamabad (1981).
73.
Knowledge for What?
Edited proceedings and papers of the Hijra
Seminar on Islamization of Knowledge, held on 7,
8, 9 Rabi’ al Awal 1402 H/ 4-6 Jan: 1982,
Institute
of Education, Islamic University Islamabad
(1982).
74.
Fathnama-i-Sindh:
Persian text with comprehensive
introduction in English, Islamabad, Institute of
Islamic History, Culture and Civilization
(1982).
75.Beruni’s
Geodical Experiment on Nandana Fort:
District Jhelum. A Monograph: Islamabad
(1983).
76.
Muslim Luminaries:
Leaders of Religious Intellectual
and Political Revival in South Asia. (711-1206
A.D.), National Hijra Council, Islamabad,
(1988).
77.
Great Books of Islamic Civilization:
National Hijra Council, Islamabad (1989).
78.
Boats in the
Indus Delta and on the Coastline of Sindh:Development
In Historical Perspective. Department of Culture
and Tourism, Govt of Sindh, Karachi (1990).
79.
The Educator Speaks:
Thoughts of Allama I.I Kazi, Sindh University
Press Hyderabad, Sindh (1989).
80.
I.I Kazi: Reflections on Evolution;
Allama I.I Kazi Memorial Society, Hyderabad,
Sindh (1992).
81.
Lands of
Pakistan:
(Perspectives, historical and
cultural),
El. Mashriqi Foundation,
Islamabad (1995).
82.
Sindh: Studies in History:
A Preliminary Version,
Kalhora Seminar Committee, Karachi, (1996).
83.
Islamabad:
The Capital City of Pakistan.
84.
Allama I.I Kazi:
Unpublished Speeches & Writings, Allama I.I Kazi
Chair Publication, University of Sindh (1999).
85.
Education Based on Islamic Values, Imperatives
and Implications:
Pakistan Study Centre, University of Sindh,
Jamshoro (2000).
86.
A Programme of Teacher Education for the
New State of Pakistan:
Published in parts, and based
on his
Ph.D. thesis,
University of Sindh Educational
Journal (1949).
87.
Sindh Studies Historical:
Pakistan Study Centre, University of Sindh,
Jamshoro (2003).
88.
Sindh Studies Cultural:
Pakistan Study Centre, University of Sindh,
Jamshoro (2005).
89.
World of Work:
Predicament of a scholar Edited by Prof.
Muhammad Umar Chand, Institute of Sindhology
(2007).
90.
North-West Frontiers of
Pakistan and other avenues of Historical
Writings:
Pakistan Study Centre, University of Sindh,
Jamshoro (2009).
91.
Quranic Concept of Book that Guides:
Mission unto Light International,
Published by Professor Muhammad Yusuf Shaikh,
Larkana (2010).
92.
Life and Thought of Shah Abdul Latif Bhittai:
based on commentary of Shah Jo Risalo- Poetic
Compendium of Shah Latif ‘s Ten Volumes.
Translated in English by Gul Muhammad Umrani.
Published by Culture Department Government of
Sindh, (2010).
93.
Searching in to Sophia:
Compiled and edited by Prof. Muhammad Yusuf
Shaikh, Mr. Books, Islamabad (2010).
94.
The Concepts and Criteria Underlined in the
Holy Quran
for the ‘Books’ that guides and educates:
Allama I.I. Kazi Memorial Society, University of
Sindh, Elas Kazi Campus, Hyderabad (1991).
95.Votes
for Women, Religion and secular Dichotomy, and
other unpublished speachs and writings:
Allama I.I. Kazi Memorial Society, University of
Sindh, Elas Kazi Campus, Hyderabad (1999).
96.
Some Aspects of Music Inheritance of
Iran, Persian and Turkey:
University of Sindh Press, Hyderabad (1997).
97.
Paper presented at the conference on “Evolution
of Political Thought in the Muslim World”:
Bahaudin Zakaria University, Multan (1981).
98.
Measurement of Space and Time in the
Lower Indus Valley of Sindh:
a paper presented at the Science Conference,
Islamabad (1979).
99.
Teacher Education in the Muslim Society:
a paper contributed at the First World
Conference
on Muslim Education,
Makkah, Saudi Arabia (1977).
100.
Folk Literature of
Pakistan:
A general
survey read at the Pakistan Folklore
Seminar, Dacca (1968).
101.
A Survey of Traditional Culture of
Pakistan and the Impact of Modern Development on
Cultural Tradition:
A field study prepared for UNESCO (1956).
102.
In Search of the
Indus Culture Sites in Sind:
The paper read at International Symposium on
Moenjodaro, 23-25 Feb, (1973).
103.
Administration of Sindh Under the Calliphate:
Quarterly Journal of the Pakistan Historical
Society, July-December, (1998).
104.
Early Advent and Consolidation of Islam in the
Lands of
Pakistan:
“Aspects of Islamic Studies” International
Congress, London 5-15, April (1976).
105.
Historical Writings on Pakistani Tradition and
Progress:
A paper presented at the Congress of Pakistan
History and Culture, University of Islamabad,
April (1973).
106.
Higher Education in
Pakistan:
A paper published in Encyclopaedia of Higher
Education, USA.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ياد ۾ ٿيل تعزيتي ريفرنس
1.
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو- 9 اپريل 2011ع
(ڊاڪٽر بلوچ هال)
2.
ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ (سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين
ادارن جي سهڪار سان) 10 اپريل 2011ع (سنڌ ميوزيم،
حيدرآباد)
3.
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو- 11 اپريل 2011ع
(ڊاڪٽر بلوچ هال، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)
4.
سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن- 12 اپريل 2011ع
(شيخ اياز آڊيٽوريم، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو)
5.
بزم روح رهاڻ (حميد سنڌي) حيدرآباد- 17 اپريل
2011ع
6.
سامي فائونڊيشن، عمرڪوٽ- 18 اپريل 2011ع
7.
سنڌي ادبي سنگت، سانگهڙ- 21 اپريل 2011ع (ضلع
ڪائونسل هال، سانگهڙ)
8.
ڊاڪٽر اين.اي بلوچ ماڊل اسڪول، حيدرآباد (ايلسا
قاضي ڪئمپس، يونيورسٽي آف سنڌ)- 7 مئي 2011ع
9.
چيمبر آف ڪامرس، ڪراچي- 8 مئي 2011ع
10.
آرٽس ڪائونسل ۽ ڪراچي يونيورسٽي- 8 مئي 2011ع
(آرٽس ڪائونسل آڊيٽوريم، ڪراچي)
11.
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن
(Sga)
16 مئي 2011ع (ريجنٽ
پلازا هوٽل، ڪراچي)
12.
اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد- اپريل 2011ع
13.
پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف نيشنل افيئرس
(PINA)
لاهور- 15 اپريل 2011ع
14.
اسلامڪ انٽرنيشنل يونيورسٽي، اسلام آباد-
15.
سانا(SANA)
لاس اينجلز (آمريڪا)- 4 جولاءِ 2011ع
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بابت ڇپيل مواد:
1.
ڊاڪٽر بلوچ هڪ مطالعو:
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين،
1998ع
2.
ماهوار نئين زندگي:
ڊاڪٽر بلوچ خاص نمبر، ڊسمبر 1999ع پريس انفارميشن
ڊپارٽمينٽ، جي.او.آر ڪالوني حيدرآباد
3.
20th Century Scholar:
Award conferred on Dr. N.A Baloch for his
scholarship 1996, Kalhora Seminar Committee,
Karachi
4.
ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي عالم:
(جلد پهريون) مرتب تاج جويو، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم
حيدرآباد، 2001ع
5.
ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي عالم:
(جلد ٻيو) مرتب تاج جويو، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم
حيدرآباد، 2002ع
6.
ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي عالم:
(جلد ٽيون) مرتب- محمد عثمان منگي، سنڌ ماڻڪ موتي
تنظيم حيدرآباد، 2004ع
7.
پيارن جا پيغام:
(ڀاڱو پهريون) (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڏانهن لکيل
خط ۽ ڪن جا جواب) مرتب: عنايت بلوچ، سنڌ ماڻڪ موتي
تنظيم، 2004ع
8.
سڄڻن جا سلام:
(ڀاڱو ٻيو) مرتب: محمد عثمان منگي، سنڌ ماڻڪ موتي
تنظيم، 2005ع
9.
سڄڻ ساريندي:
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا لکيل خط- انسٽيٽيوٽ آف سنڌ
الاجي، ڄام شورو، 2005ع
10.
نقوش:
(ڊاڪٽر بلوچ نمبر) لاهور
11.
ڊاڪٽر بلوچ شخصيت اور فن:
محمد راشد شيخ، اڪادمي ادبيات پاڪستان، 2007ع
12.
ڊاڪٽر بلوچ (تاريخي انٽرويو)
”نيوز اينڊ اوپينين“ حيدرآباد جولاءِ آگسٽ 2007ع
13.
ڊاڪٽر بلوچ سان قرب ڀريون ڪچهريون، سگهڙن جا سلام
۽ دعائون:
سينگاريندڙ: سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر، ڇپائيندڙ:
ڊاڪٽر محمد شريف بلوچ. 2001ع.
14.
World of Work:
(Predicament of a Scholar) Prof. M. Umar Chand,
Institute of Sindhology, 2007.
15.
علم، ادب، تاريخ ۽ ثقافت جو عظيم اسڪالر ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ (تعزيتي تاثرات) مرتب- حافظ محمد
يوسف ڀنڀرو، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم حيدرآباد، آگسٽ
2011ع.
16.
”مهراڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص نمبر“ سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو (اپريل 2012ع ورسيءَ جي حوالي
سان خصوصي اشاعت). |