محمد
انيس راڄپر
مدرسه هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز ۾
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا ڏينهن
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ولادت ڳوٺ جعفر خان
لغاريءَ ۾ سندن ناني جي گهر،اسڪول رڪارڊ مطابق
1917ع ۾، پر اصل ۾ چيٽ (مارچ) 1919ع ۾ ٿي. اسڪول ۾
استاد سندن عمر وڌائي لکي، ته جيئن کين جلد نوڪري
ملي. اڳ پندرهن سالن کان اڳ نوڪري نه ملندي
هئي(1).“
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنجن ڇهن مهينن جي عمر جو
مس ٿيو ته سندن والد علي محمد خان سنه 1919ع جي
شروعات ۾ وفات ڪري، الله کي پيارو ٿي ويو. ان وقت
والد جي عمر صرف پنجويهه سال مس ٿي هئي. ڦوهه
جوانيءَ جا سندس ڏينهن هئا. پٽ سان کيس بيحد پيار
هو، اڃا تنجڻن ۾ هو ته کيس کڻڻ شروع ڪيائين. ڳوٺ
کان ٻاهر هرلي تي کيس کڻي ويندو هو. سندس فهم ڀري
دل ۾ پنهنجي سڪيلڌي پٽ لاءِ ڪئي خواب، گلاب جي
پنکڙيل جيان اڃا ٽڙيا ئي مس هئا ته سندس زندگيءَ
جو گل ڪومائجي ويو. آخري وقت تي پنهنجي وصيت ۾ صرف
ايترو چئي سگهيو ته: منهنجي پٽ کي پڙهائجو(2).“
ان کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ کي سندن ڏاڏي عرض محمد خان
سنڀاليو. هيءُ ڊاڪٽر بلوچ جي گهراڻي جو پهريون شخص
هو، جيڪو شهداد پور جي هڪ مڪتب ۾ وڃي پڙهيو ۽ پوءِ
ڳوٺ ۾ قرآن شريف جي پڙهائڻ جو ڪم شروع ڪيائين.
عورتن کي سندن گهرن ۾ وڃي پڙهائيندو هو. ڊاڪٽر
بلوچ جي والده به وٽس ئي قرآن پڙهي. ڳوٺ ۾ هڪ وڏي
پڪي مسجد جوڙايائين جنهن جون اندريون ديوارون گلن
گلڪارين وارن چِٽن سان سينگاريل هيون. پاڻ مسجد جو
پيش امام هو، پر مسجد ۽ قرآن مجيد جي پڙهائيءَ کي
روزگار نه بنايائين بلڪه ٻني ڪاهيندو هو، پاڻ
پنهنجو هرلو ڪندو هو. زندگيءَ جي آخري ٽن سالن ۾
کيس پنهنجي وڏي فرزند جي پٽ ڊاڪٽر نبي بخش جي ناز
برداري نصيب ٿي. ننڍڙي نبي بخش سان کيس گهڻو پيار
هو. بلوچ صاحب لکيو آهي ته:
”ڏاڏو مون سان ڳالهيون ڪندو هو جيڪي مون کي
وڻنديون هيون. رات جو ساڻس گڏ سمهندو هوس. مون کي
گهڻي خوشي تڏهن ٿيندي هئي جڏهن ڏاڏو نماز پڙهندو
هو ۽ سجدي ۾ ويندو هو ته آءٌ پٺيءَ تي چڙهي ويندو
هوس(3).“
آخري عمر م نابين ٿي پيو هو. تن ڏينهن ۾ قرآن شريف
پڙهائڻ مسجد ۾ ويندو هو ته نبي بخش سندس لٺ کي وٺي
اڳيان هلندو هو. ائين کيس پنهنجي ڏاڏي کي مسجد ۾
وٺي وڃڻ ڏاڍو وڻندو هو(4). ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي
ڏاڏي جڏهن ڏٺو ته نبي بخش ڳالهيون ياد ڪري ٿو وڃي،
تڏهن کيس پهريائين الحمد شريف ۽ پوءِ ٽيهين سيپاري
جون آخري سورتون ياد ڪرايائين. اول ’قل اعوذ برب
الناس‘ پوءِ ’قل اعوذ برب الفلق‘، پوءِ ’قل هو
الله‘، پوءِ ’تبت يدا‘ ۽ پوءِ ’اذا جاءَ(5).‘
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جڏهن ٽن سالن جو ٿيو ته
1922ع جي آخر ڌاري سندن ڏاڏي عرض محمد وفات ڪئي
جيڪو سندن پهريون استاد هو. ڏاڏي جي وفات کان
پوءِ جڏهن چئن سالن جو ٿيو ته سندن والده سانئڻ
کين قرآن شريف پڙهائڻ شروع ڪيو. ان کان پوءِ جڏهن
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي عزيز حاجي الهه ڏتي ٻارڙن کي
قرآن شريف پڙهائڻ لاءِ مسجد لڳ مڪتب کوليو ته سندن
چاچي ولي محمد کيس اتي پڙهڻ لاءِ ڇڏيو(6).
سنڌي پڙهڻ جي شروعات:
ڊاڪٽر بلوچ جي چاچي ولي محمد مرحوم پنهنجو فرض ڪري
سمجهيو هو ته ڀاءُ (علي محمد) جي وصيت موجب پنهنجي
ڀائٽي کي پڙهائي پر ڪو اسڪول هوئي ڪونه، سو کيس
ڳوٺ جي واڻئي ڀائي وسومل وٽ سندس هٽ تي ويهاريائين
ته هٽڪا اکر پڙهي. وسومل ڊاڪٽر بلوچ کي پٽيءَ تي
ٿورا ٿورا اکر لکي ڏنا ۽ سگهو ئي سڄي پٽي ياد ڪري
ورتائين. اها پٽي ڊاڪٽر بلوچ کي اڃا تائين هن طرح
ياد آهي:
”ٽاهه ايهه ايوَڻيو آئو
ڱڱو گهگهو گگو ککو ڪڪو
ننو ممو ڦڦو پپو ببو
راڙو ڃڃو ڇڇو چچو ججو
هاهو لائو
پٽي پوري ٿيڻ تي آخر ۾ چوڻو پوندو هو ته ’جيهارو
جند پير کي‘ ’يعني واڌائي زنده پير کي(7).“
پرائمري اسڪول ڳوٺ پليي لغاري ۾ داخلا:
1915ع ڌاري ڊٺڙي ۾ ۽ ان کان پوءِ ڳوٺ پليي لغاري ۾
پرائمري سنڌي اسڪول منظور ٿيو، اڳتي هلي ڳوٺ پليي
لغاريءَ وارو اسڪول بند ٿي ويو. بعد ۾ 1921- 1922ع
ڌاري وري کليو(8). ڳوٺ پليي لغاريءَ ۾ ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ 1924ع ۾ پڙهڻ ويٺو(9).
هيءُ اسڪول ڳوٺ جعفر خان کان اڌ منو ميل پري هو.
روز صبح جو ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ڳوٺ جعفر خان کان
پنڌ ڪري، بعضي ته بنا جتيءَ جي اگهاڙين پيرين
ويندو هو. آرهڙ جي اُسن ۾ پير سڙندا به هئس ته
ڪنڊا به لڳندا هئس(10). صبح جو ڳوٺان نڪرندو هو ته
ڊاڪٽر بلوچ توڙي ٻيا ٻار پاڻ سان ڳوٺان ماني ٻڌي
ايندا هئا. پئسي ٽڪي جو ڳڙ يا ڪا ٻي شئي وٺي
مانيءَ سان کائيندا هئا. ڪي غريب رکي ماني کائيندا
هئا(11).
ڪنڊياري محبت ديري جتوئيءَ جو هڪ استاد هو-
قادربخش جتوئي جيڪو شاگردن جو گهڻو خيال رکندو هو،
تنهن چيو ته جيڪي پيسا ٿين، سي گڏ ڪريو ته دال يا
ڪا ٻي شيءِ رڌي کائو، پاڻ رڌيندو هو ۽ رڌڻ
سيکاريندو هو. ان وقت سڀ شاگرد ڏاڍو خوش هئا(12).
اسڪول ۾ سندن پهريون استاد سومر ولد گل محمد خان
هو. ڳوٺ لال خان لغاريءَ جو رهاڪو هو. ڳوٺ پليي
لغاريءَ ۾ جڏهن پهريون اسڪول کليو ته اتي پڙهيو ۽
سنڌي ورنيڪيولر ڪاميٽي امتحان پاس ڪيائين ۽ تر جي
ڳوٺن مان پهريون سنڌي ماستر هو. سندن ٻيو استاد
هو- محمد عثمان خشڪ، ٽيون استاد هو- قادربخش
جتوئي. هي ٻئي ڪنڊياري مان بدلي ٿي پليي لغاريءَ ۾
اچي پڙهائڻ لڳا. ٻئي محبت ديري جتوئيءَ جا هئا.
سندن چوٿون استاد هو- ڄيٺانند، نوشهري فيروز جي
پاسي جو ويٺل هو. ڊاڪٽر بلوچ ان وٽ چوٿون درجو
پڙهيو(13).“
ڊاڪٽر بلوچ جو چوٿين درجي ۾ استاد ڄيٺانند هو،
جيڪو پوءِ بدلي ٿي ويو ۽ وري استاد قادربخش آيو.
ان جي اچڻ کان پوءِ امتحان ٿيو. اسڪولن جو صاحب
محمد بخش ميمڻ نوشهري وارو امتحان وٺڻ آيو. ڊاڪٽر
بلوچ لکن ٿا ته:
”مون کان جيڪي پڇيائين مون شايد ايترو ته سٺو ۽
صحيح ٻڌايو جو اسڪول جي رجسٽر تي نوٽ هنيائين ته:
هيءُ ڇوڪرو هوشيار آهي ۽ هن کي اسڪالرشپ جو امتحان
ڏياري انگريزي پڙهائڻ گهرجي.“
انگريزي پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ امتحان:
تنهن زماني ۾ سنڌي چوٿين درجي پاس ڪندڙ هوشيار
شاگردن کي انگريزي پڙهائڻ لاءِ اسڪالر شپ جي چٽا
ڀيٽي امتحان ۾ ويهڻو پوندو هو. اسڪالر شپ اٺ يا نو
رپيا مهينو هوندي هئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب بابت چوٿين
درجي جي امتحان ۾ ”صاحب“ جي اسڪالرشپ امتحان ڏيارڻ
جي نوٽ لکڻ کان پوءِ سوال پيدا ٿيو ته اهو اسڪالر
شپ جو امتحان ڪيئن ڏياربو. ڊاڪٽر صاحب لکن ٿا ته:
”سنجهوري تعلقي جي پرائمري اسڪولن جي استادن کي ان
وقت (1928ع) اها خبر ڪانه هئي ته شاگردن کي اهڙا
امتحان ڪيئن ڏياربا آهن يا انگريزي پڙهائڻ لاءِ
ڪيئن ۽ ڪٿي موڪلبو آهي(14).“
بهرحال ڊاڪٽر صاحب جي استاد قادربخش وڏي ڪوشش وٺي
اها معلومات هٿ ڪئي ته اسڪالر شپ جو امتحان فلاڻي
تاريخ تي مدرسه هاءِ اسڪول نوشهري فيروز ۾ ٿيندو.
پوءِ ڊاڪٽر صاحب کي امتحان ۾ نه ويهاريو ويو، جو
اسڪول طرفان فارم ڀري موڪليو ئي ڪونه ويو هو.
نوشهري مدرسي ۾ داخلا ۾ ناڪامي:
جيئن صحيح معلومات نه هئڻ ڪري اسڪالر شپ جو موقعو
هٿان ويو، تيئن صحيح معلومات نه هئڻ جي ڪري ڊاڪٽر
صاحب کي نوشهري هاءِ اسڪول ۾ داخلا ۾ ناڪاميءَ جو
منهن ڏسڻو پيو.
انگريزي پڙهڻ لاءِ ان وقت ڪراچي وڃڻو پوندو هو يا
نوشهرو فيروز. ان زماني ۾ درياهه جي اڀرندي پاسي
جاتيءَ کان گهوٽڪي تائين ڪوبه اهڙو اسڪول ڪونه هو،
جنهن ۾ مسلمان شاگردن کي سولائيءَ سان داخلا ملي
سگهي. ڊاڪٽر صاحب جي چاچي کين نوشهروفيروز مدرسه
هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر کين معلوم
ئي ڪونه هو ته ڪهڙي مهيني ۾ داخلا وٺبي آهي. ڊاڪٽر
صاحب جو چاچو مئي 1928ع ۾ کيس وٺي نوشهري مدرسي
هاءِ اسڪول پهتو.کين ٻڌايائون ته، داخلائون مارچ ۾
ٿي ويون، هاڻي داخلا ڪانه ملندي. اسڪول جو پرنسپال
عثمان علي انصاري هو. ڊاڪٽر صاحب لکن ٿا ته:
”ڀرسان لنگهيو ٿي ويو: چاچي کڻي ٻانهن مان جهليس،
چيائينس ته: آءٌ سنجهوري تعلقي مان آيو آهيان، جتي
ڪنهن کي خبر ئي ڪانهي ته هت داخلا ڪيئن ۽ ڪڏهن
ٿيندي آهي. تون ڇوڪري جو امتحان وٺ ۽ پوءِ داخلا
جو فيصلو ڪر“.
پرنسپال کي ڊاڪٽر بلوچ جي چاچي جي جذباتي ڳالهين
متاثر ڪيو، چيائين: بابا اوهان دير سان آيا آهيو،
هينئر داخلا بند آهي، آءٌ مجبور آهيان، داخلا نه
ٿو ڏئي سگهان، پر تون ايندڙ سال مارچ ۾ ڇوڪري کي
وٺي اچجانءِ، آءٌ داخلا ڏيندس، اسڪول في معاف ڪندس
۽ پڻ فري بورڊنگ (بورڊنگ هائوس ۾ مفت رهائش ۽
کاڌو) وٺي ڏيندس(15).“
بهرحال ڊاڪٽر بلوچ کي وري به داخلا ڪونه ملي،
ايندڙ سال داخلا ۽ مفت بورڊنگ ۽ اسڪول في جي
معافيءَ جو آسرو وٺي واپس موٽيو.
ديهه 22 ۾ انگريزي تعليم:
نوشهري ۾ داخلا کان مايوس ٿي ڳوٺ موٽڻ کان پوءِ
سندن چاچي کي معلوم ٿيو ته: پنجابين جي ڳوٺ ديهه
ٻاويهين ۾ انگريزي جا ٽي درجا پڙهائين ٿا، سو
ڊاڪٽر صاحب کي ديهه ٻاويهين ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو ويو.
ڊاڪٽر صاحب مئي 1928ع کان فيبروري 1929ع تائين
ديهه 22 ۾ پڙهندو رهيو ۽ ڪنهن حد تائين اي.بي.سي
هاڻو ٿيو(16). مارچ 1929ع تي چاچي سان گڏجي وڃي
نوشهري فيروز مدرسه هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين.
مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز:
مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز ۾ 1883ع کان ائنگلو
ورنيڪيولر ڪلاسز شروع ٿيا. مڊل اسڪول هلائڻ جي
اجازت 1895ع ۾ ملي(17).
شروع ۾ هيءُ اسڪول، شهر ۾ زمين نه ملڻ ڪري، شهر
کان ڏکڻ طرف، شهر جي حدن کان فرلانگ پري هڪ زرعي
زمين ۾ ڪکن جي ڇت سان مٽيءَ واري هڪ عارضي عمارت ۾
قائم ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ائنگلو ورنيڪيولر ڪلاسز
شروع ڪيا ويا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي چوڻ مطابق:
ان ٻنيءَ ۾ ٺاهيل ان پهرين عمارت جي مٽيءَ وارا
دڙا 34-1930ع واري زماني ۾ به ڏسڻ ۾ ايندا هئا
(18). ڪجه عرصي کان پوءِ، سيد الهندي شاهه جي ڪوشش
سان نيٺ شهر جي حدن ۾ اسڪول جي عمارت لاءِ هڪ پلاٽ
مليو، جتي پهرين عمارت 1908ع ۾ ٺهي راس ٿي ۽ مئٽرڪ
تائين پڙهائي شروع ٿي (19). مدرسه هاءِ اسڪول نه
رڳو سنڌ پر پاڪستان، بلڪه ڏکڻ ايشيا برصغير جي
مسلمانن جي تعليم جي تاريخ جو پهريون پرائمري
انسٽيٽيوٽ آهي، جنهن خاص طور تي انگريزن جي دور ۾
مسلمانن جي تعليم ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو (20).
مدرسه هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز ۾ داخلا:
ديهه ٻاويهه ۾ ڊاڪٽر بلوچ مئي 1928ع کان فيبروري
1924ع تائين پڙهندو رهيو. مارچ 1929ع ۾ ڊاڪٽر صاحب
جو چاچو علي محمد خان کين مدرسه هاءِ اسڪول نوشهري
فيروز وٺي آيو. اسڪول جي پرنسيپال عثمان علي
انصاري سان ملي کيس گذريل سال ڪيل واعدو ياد
ڏياريائين، جنهن صاحب واعدي جي پاسداري ڪندي ڊاڪٽر
بلوچ صاحب کي اسڪول ۽ بورڊنگ ۾ داخلا ڏني ۽ اسڪول
جي فيس ۽ بورڊنگ جو خرچ به معاف ڪيو. مدرسه هاءِ
اسڪول تدريس جي لحاظ کان وڏي معيار وارو اسڪول هو
جتي داخل ٿيڻ ئي ڊاڪٽر بلوچ صاحب لاءِ وڏي ڪاميابي
هئي، جنهن بابت ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاڻ لکن ٿا ته:
”هيءَ صحيح معنيٰ ۾ پڙهائي هئي ۽ ان کان اڳ ڄڻ
راند هئي.“ ڊاڪٽر صاحب جن هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته:
”بورڊنگ هائوس ۾ ان وقت پنجهٺ – ستر کن شاگرد
رهائش پذير هئا (21).“
اسڪول ۾ رانديون:
شاگردن کي جسماني طور چست رکڻ لاءِ، اسڪول
انتظاميا پاران هڪ ڊرل ٽيچر رکيو ويو هو، جيڪو
ملٽريءَ جو رٽائرڊ ماڻهو هو. جنهن وٽ هڪڙو رڪارڊ
(فونو) هوندو هو. جنهن تي ايڪسرسائيز لاءِ هدايتون
رڪارڊ ٿيل هيون. استاد فونو وڄائي، ان تي شاگردن
کي پريڊ ڪرائيندو هو. پهريون پيرڊ صبح جي وقت، ان
لاءِ مقرر هو. ان کان سواءِ ٻيون رانديون شام جي
وقت ڪيون وينديون هيون. اسڪول ۾ مقامي رانديون نه
پر اهي رانديون ڪيون وينديون هيون جيڪي انگريزن
سيکاريون هيون. جهڙوڪه: ڪرڪيٽ، فٽ بال، هاڪي ۽
والي بال وغيره. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ٻڌايو ته: انهن
چئن راندين مان ٽي رانديون آءٌ ڪندو هوس. جڏهن آءٌ
ٻئي درجي ۾ پڙهندو هوس، ننڍو هوس، پر پنجين ڇهين ۾
جيڪي ڇوڪرا پڙهندا هئا، سي راند ڪندا هئا، تڏهن به
آءٌ وڃي وچڙندو هوس. فوٽ بال به مون ائين ڪئي،
ڪرڪيٽ به مون ائين ڪئي، باقي والي بال مون دير سان
پنجين ڇهين يا ستين ۾ کيڏي (22).“
ڊاڪٽر صاحب جن ٻڌايو ته: ”جڏهن آءٌ چوٿين درجي ۾
پڙهندو هوس، اسان ڪرڪيٽ ۾ ايترا چڱا هئاسين جو
سائين عثمان علي انصاري، جيڪو اسان جو هيڊ ماستر
هو، اهو اسان کي ٺاروشاهه هاءِ اسڪول جي شاگردن
سان کيڏائڻ لاءِ پاڻ سان گڏ وٺي ويو. ان کان اڳ
خيرپور جي ميرعلي نواز هاءِ اسڪول جا ڇوڪرا به
اسان سان نوشهري مدرسي ۾ راند کيڏڻ آيا، اسان انهن
سان به راند کيڏي (23).“
بزم مشاعره:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سندن استاد مخدوم امير
احمد صاحب جن بزم مشاعره جو سيڪريٽري مقرر ڪيو.
ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته اسان جڏهن چوٿين درجي ۾
پڙهندا هئاسين ته اسان جو استاد مخدوم امير احمد
کهڙن وارو نوشهري مدرسي هاءِ اسڪول ۾ مقرر ٿي آيو.
هيءُ پهريون سال هو جو يونيورسٽيءَ طرفان يا
انگريزن طرفان عربي پڙهائڻ جي اجازت ملي. ڊاڪٽر
صاحب ٻڌايو ته مخدوم امير احمد اسان کي عربي
پڙهائيندو هو. ان سان اسان جي محبت هئي. پنجين
درجي ۾ جڏهن اسان ٿياسين ته مخدوم صاحب اسان کي
ترغيب ڏني ته اسان شعروشاعري ڪريون ۽ مون کي بزم
مشاعره جو سيڪريٽري ڪيائون. ڊاڪٽر صاحب ڪسرنفسيءَ
جي طور چيو ته: آءٌ ائين اجايو سجايو شعرو شاعري
پيو ڪندو هوس. ڊاڪٽر صاحب بزم مشاعره جي سيڪريٽري
ٿيڻ جي پس منظر ۾ پنهنجي شاعريءَ جي هڪ دلچسپ
ڳالهه ٻڌائي ته:
پهرئين درجي کان بورڊنگ هائوس ۾ رات ڏينهن دال
ملندي هئي. پيسي ڏوڪڙ جي به تڪليف هئي. پنج ڇهه
مهينا جڏهن رهياسين، ته اتي مون دال تي هڪڙي ڪافي
ٺاهي، اها اهڙي ته ڪافي ڪانهي ڪا، نه ڪي ڪا ڳالهه
آهي، نه شاعري، مڙئي ٿيو چوڻو. ٻول هن طرح هئا:
خدايا دال کان مون کي بچاءِ جانءِ،
سٺو طعام سهڻو اڄ تون مون کي ملائجانءِ.
ان جي پڇاڙي هئي ته:
اڄ ته مون کي گوشت کارائجانءِ،
نه ته نبي بخش نڪ پٽيندئي پڪ،
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه ڀانئجانءِ.
پوءِ اها ڳالهه ڇوڪرن جي واتان واءِ واءِ ٿي وڃي
پهتي پرنسپال وٽ. ان چيو سانجھيءَ کان پوءِ محفل
لڳندي. انهيءَ کي وٺي اچو ته اچي ٻڌائي. پوءِ مون
کي وٺي ويا، اهو بيڪ گرائونڊ هو ته آءٌ ڪا شاعري
ڪري سگھان ٿو. جنهن تان منهنجي استاد مون کي
مشاعري جو سيڪريٽري بنايو. پنجين ڇهين ستين تائين
مشاعرا ڪندا هئاسين. ان ۾ مون ڇا ڪيو جو ڪجھه
ڇوڪرا جيڪي چرچائي هئا، انهن جي نالي تي هڪ ٻه
چرچي جا شعر ٺاهي، انهن کي ڏيندو هوس ته اهي اسٽيج
تي پيش ڪن (24).“
مشاعري جي محفلن ۾ ڊاڪٽر صاحب اسڪول کان ٻاهر
اسڪول جي نمائندگي به ڪئي. پنهنجي صلاحيتن سان
اسڪول جو نالو ۽ عزت وڌائي، ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته:
”حيدرآباد ۾ ٽيچرس ڪاليج ۾ مشاعرو هو، محمد صديق
ميمڻ صاحب ڪاليج جو پرنسيپال هو. مون کي مدرسي
هاءِ اسڪول جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، اتي
مشاعري ۾ محمد ابراهيم خليل ۽ محمد بخش واصف به
مون ڏٺا. اتي مون جيڪو شعر پڙهيو، ان جي مصرع هئي:
”مرڻ ۽ جيئڻ کي ڪو سمجھي شال (25).“
ڊاڪٽر بلوچ جا نوشهري مدرسي جا خاص دوست:
ڊاڪٽر بلوچ جا مدرسه هاءِ اسڪول جي زماني ۾ هم
ڪلاس شاگرد به دوست هئا ته ڪي مٿين ڪلاسن جا شاگرد
به سندن دوست هئا. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته:
”منهنجي طبعيت ان زماني ۾ اهڙي هئي، ان کي منهنجي
غلطي، ڪوتاهي يا ڇا چئجي، پر آءٌ هوندو هوس ٻئي
درجي ۾، پر سمجھندو هوس ته ڇهين ستين وارن سان
راند رهان، ڳالهايان ۽ دوست هجان ته به انهن جو
هجان ۽ انهن جي محفلن ۾ وهان. مسٽر عبدالرحيم سان
منهنجي دوستي ۽ اٿڻ ويهڻ هو جيڪو پنجون درجو پڙهي
ڇهين ۾ ٿيو، هالاڻيءَ جو هو. مولوي عبدالله صاحب
جو فرزند هو. جيڪو پنهنجي وقت جو هالاڻيءَ ۾ وڏو
عالم هو. هي ٽي چار ڀائر هئا، سي سڀ وڏي فضيلت
وارا شخص هئا. مسٽر عبدالرحيم مزاح وارو شخص به
هو(26).“ مسٽر عبدالرحيم جي ذهانت، جرئت، فصاحت ۽
خوشطبعي وارين خوبين سببان آءٌ کيس پنهنجو اڳواڻ
ڪري سمجھندو هوس ۽ وٽس وڃي ويهندو ۽ سکندو هوس
(27).
ڊاڪٽر صاحب جي ڪلاس ڀائي دوست جيڪي هئا سي ٽيهارو
کن هئا، پر ڊاڪٽر صاحب کي پنج ڇوڪرا ياد آهن، جيڪي
هوشيار هئا: هڪ: قادر بخش سرهيو، ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو
ته: نوشهري شهر جو هو. ڪاميٽي امتحان پاس ڪري آيو
هو، هوشيار هو. ٻيو قاضي محمد ابراهيم، ڏيپارجن جو
هو. هيءُ به ڪاميٽي پاس ڪري اچي شامل ٿيو هو.
ٽيون: محمد ادريس ميمڻ ڊڀرئي جو هو، چوٿون: بشارت
حسين ميمڻ انصاري پاٽ جي پاسي جو انصاري هو. هاڻي
حيدرآباد ۾ سندس خاندان رهي ٿو. پنجون: انورعلي
پنجابي. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته هي پنج ئي شاگرد
هوشيار هوندا هئاسين، جن جي وچ ۾ چٽاڀيٽي لڳندي
هئي. خاص طرح سان اسان جو استاد مسٽر هڱوراڻي اسان
کي ميٿاميٽڪس پڙهائيندو هو، ان جي ايڪسرسائيزن ۾
اسان جي چٽاڀيٽي لڳندي هئي. استاد بورڊ تي
ايڪسرسائيز لکندو مس هو ته اسان ڀڃي ڇڏيندا
هئاسين. استاد فيصلو ڪيو: ته اهڙو حساب کڻي وڃا جو
اُهي ڀڃي نه سگھن. استاد وڏو قابل هو، بي.ٽي پاس
ڪئي هئائين، جاميٽري ۽ آلجبرا جون ڏکيو صورتون کڻي
ايندو هو. هڪڙي ايڪسرسائيز اهڙي لکيائين جو اسان
کي ڀڃڻ ۾ نه آئي. اسان چيو سائين ٻڌايو! چيائين؛
ٻڌائبي ڪونه. ڳوٺ وڃو، گھر وڃي ان تي سوچيو، سڀاڻي
وري ملاکڙو ٿيندو. مون کي هرکر هجي ته ڇاهي! هيئن
ٿيڻ کپي! هونءَ ٿيڻ کپي! صحيح ڳالهه ٿو ڪريان
حالانڪه مڃڻ جهڙي ڪانهي: ننڊ ۾ مون کي هڪڙو خواب
آيو ته اها ايڪسرسائيز ڪيئن ڀڄندي. آءٌ ننڊ ۾ ڀڃي
ويس. خواب ۾ ڀڃي وري جاڳي پيس ۽ يڪدم لکي ورتم، ته
وسري نه وڃي. اها ٻئي ڏينهن وڃي مون ٻڌائي، ٻئي
ڪنهن ڪونه ڀڳي ۽ اتي مون ٻڌايو ته اها ايڪسرسائيز
مون خواب ۾ ڀڳي آهي (28).“
اسڪول کان ٻاهر تعلق:
هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته: اسڪول کان ٻاهر
به منهنجو گھڻو واسطو هو. ان وقت جي اصطلاح مطابق
آءٌ رولاڪ هوندو هوس. رڳو بورڊنگ هائوس ۽ ڪلاس
تائين محدود نه هيس. ٻاهر به منهنجا تعلقات هئا
جتي جتي منهنجا دوست هوندا هئا، تن جي ڳوٺ ويندو
هوس: مسٽر ڏاتر ڏنو پلهه منهنجو دوست هو، ان جو
ڳوٺ پري هو. اهو مون کي اتي وٺي ويو. مسٽر مولابخش
وسطڙو مچر جو رهواسي هو، ان وٽ مچر ويس. ڀِريَن جو
منهنجو هڪ دوست هو- غلام علي گوپانگ، ٽئين درجي ۾
اسڪالرشپ جو امتحان پاس ڪري آيو هو، ان وٽ ويندو
هوس. ائين ٺاروشاهه، مٺياڻي، ڀِريا هر پاسي ويندو
هوس.“
ڳوٺ کان نوشهري جي سفر جون تڪليفون:
تنهن زماني ۾ سفر تمام ڏکيو هوندو هو. ڊاڪٽر صاحب
جن ڳوٺان ريل رستي پڊعيدن اسٽيشن تي لهندا هئا.
پڊعيدن کان نوشهروفيروز چوڏنهن ميل پنڌ آهي، جتان
ڏاند گاڏين تي چڙهي نوشهري پهچندا هئا. ڊاڪٽر صاحب
ٻڌايو ته: ”16 پيسا ڪرايو ڏيندا هئاسين.“
يادگيريءَ تي زور ڏيندي ٻڌايائون ته: ”ڀانيان ٿو
ته چوٿين ڪلاس ۾ هوندا هئاسين. جو هڪڙو ڪار وارو
هو، جنهن موٽر هلائڻ شروع ڪئي. شايد هڪڙو دفعو ڪار
۾ چڙهي وياسين“. ڊاڪٽر صاحب پڊعيدن کان نوشهري
تائين ڪئي ڀيرا پنڌ به ڪيو. خاص طور جڏهن ويڪيشن
ٿيندي هئي ته ڇوڪرن جي هڪ گروپ ۾ گڏجي اسڪول کان
پڊعيدن تائين پنڌ نڪرندا هئا. شهدادپور، ٽنڊو آدم،
سرهاڙي وغيره وچ وارين اسٽيشنن جا ڇوڪرا گڏجي
نڪرندا هئا. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته: ”موڪل اڪثر ڇنڇر
جي ڏينهن ٿيندي هئي. ڪلاسن کان فارغ ٿي تياري ڪري
نڪرندا هئاسين. ڪوشش ڪندا هئاسين ته رات جو نڪرون،
سو شام جو ماني کائي هڪ هنڌ گڏ ٿي نڪري پوندا
هئاسين. رستي ۾ صرف هڪ جاءِ تي، نوشهري ۽ پڊعيدن
جي وچ تي هڪ سرڪاري کوهه هو، پاڻي صرف اتي ئي
ملندو هو، ٻئي سڄي رستي تي ڪٿي به پاڻي ڪونه ملندو
هو، جتي ساهي پٽيندا هئاسين، ويهندا هئاسين“.
ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته: ”تنهن زماني ۾ هڪڙي ڇر (ٻوڏ)
آئي هئي. نوشهري کان وٺي پڊعيدن تائين يڪو پاڻي
هو. آءٌ ڳوٺان آيس، پڊعيدن لٿس. اتي استاد بيٺا
هئا. چيائون ته تون ڇو آيو آهين؟ مون چيو مون کي
مائٽن موڪليو آهي، سو آيو آهيان. چيائون ڳوٺ موٽي
وڃ، مون چيو آءٌ ڳوٺ ڪونه ويندس. پوءِ مون کي ڪنهن
ماڻهوءَ جي حوالي ڪري ڇڏيائون. چيائون هڪ ٻيڙي
ٽپال کڻي ويندي آهي، انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ ڇوڪري کي
چاڙهي ڇڏجانءِ، پوءِ آءٌ پڊعيدن کان نوشهري ٻيڙيءَ
۾ آيس (29).“
نالي جي آخر ۾ “بلوچ” پوڻ:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پرائمري جي تعليم ڳوٺ پليي
لغاري ۾ پڙهيو ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته ٻروچن جي ڳوٺ
جو اسڪول هو، سو ٻاهران آيل استاد ٻار جي نالي
پويان ”بلوچ“ ڪري لکندو ويو، حالانڪه قبيلي جي
نالي جي لحاظ کان لغاري لکي سگھيو ٿي“.
اسڪول جي رڪارڊ مطابق جڏهن ”بلوچ“
لکجي چڪو ته نوشهري مدرسه هاءِ اسڪول ۾ به سندن
داخلا نبي بخش بلوچ سان ٿي وئي. جنهن ڪري شاگرد
کيس ”بلوچ، بلوچ“ سڏڻ لڳا. اهو نالو ڪن کي انوکو
پئي لڳو ته ڊاڪٽر بلوچ گھران اچي پڇيو ته ڪنهن
وڏڙي کيس چيو ته: ”ابا تون آهين جعفراڻي.“ تن
ڏينهن ۾ ڪاميٽي امتحان جو فارم پئي ڀريو، سو ڊاڪٽر
بلوچ پنهنجي نالي پٺيان لکي ڇڏيو: ”جعفراڻي“ رزلٽ
آئي ته ڊاڪٽر بلوچ جو نالو نه ڏسي هيڊ ڪلارڪ کيس
چيو ته تون ناپاس ٿيو آهين. ڊاڪٽر بلوچ جڏهن نبي
بخش جعفراڻي نالو ڪڍي کيس ڏيکاريو ته اتي ويٺل
ڪنهن استاد مٿس ڪاوڙ ڪئي ته اسڪول جي رڪارڊ مطابق
تنهنجو آخري نالو ”بلوچ“ آهي، اڳتي ائين نه
ڪجانءِ(30).“
ان طرح ڊاڪٽر صاحب جو آخري نالو هميشه لاءِ ”بلوچ“
پئجي ويو. ڊاڪٽر صاحب جڏهن آمريڪا ويو ته سندن
نالي جي آخري لفظ
“Baloch”
کي، اتي جا پروفيسر ’بيلاڪ‘ اچارڻ لڳا ۽ ڊاڪٽر
بلوچ کي مسٽر ’بيلاڪ‘ ڪري سڏڻ لڳا.
ڊاڪٽر بلوچ مدرسه هاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ تائين تعليم
پرائي. مدرسه هاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ جي تعليم ڊاڪٽر
ڊاڪٽر صاحب جي دل ۾ علم جي اڃ وڌائي ڇڏي. جستجو ۽
ذوق جي جذبي جي اهڙي باهه ٻاري ڇڏي جو چاچي ۽ ٻين
مائٽن جي سهاري بنا علم جي راهه تي سندرو ٻڌي ڪاهي
پيو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته
نوشهري مدرسي ۾ ميٽرڪ جي تعليم ’پڙهڻ‘ سان اهڙو
عشق ۽ چسڪو لڳائي ڇڏيو جو مون چيو ته: ”ضرور
پڙهان.“ آءٌ ميٽرڪ ۾ مسلمان شاگردن ۾ ٻيو نمبر
آيس. مون کي 20 رپيا اسڪالر شپ ملي، انهن 20 رپين
جي آڌار تي ڊي.جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا
ورتي(31).“
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سندس چاچي نوشهري مدرسي
۾ داخل ڪري ميٽرڪ تائين پنهنجي ذميداريءَ سان
پڙهايو. ان کان پوءِ جيڪا تعليم ڊاڪٽر صاحب حاصل
ڪئي، سا پنهنجي شوق ۽ جذبي تحت حاصل ڪئي. ڊاڪٽر
صاحب پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته منهنجي والد
وفات وقت وصيت ڪئي ته: ”منهنجي پٽ کي پڙهائجو.“
منهنجو چاچو ڀرسان ويٺو هو، تنهن چيو ته منهنجي
ڀاءُ وصيت ڪئي آهي ته توکي پڙهائيندس. پوءِ هُن
پنهنجو فرض پورو ڪيو، مون کي ميٽرڪ تائين
پڙهايائين. پوءِ چيائين: ”بابا مون پنهنجو فرض
پورو ڪيو آهي. ادي جي ڳالهه هئي سا مون پوري ڪئي
آهي، هاڻي هن کان پوءِ پڙهين نه پڙهين تنهنجي
مرضي. پڙهندين ته پنهنجي خرچ سان وڃي پڙهه. جيئن
وڻئي وڃي ڪر، آءٌ ڌڻي ڌوڻي ڪونه آهيان.“ پر نوشهري
مدرسه هاءِ اسڪول ۾ داخلا ۽ اتي ميٽرڪ جي تعليم جي
تڪميل ڊاڪٽر صاحب کي جهڙوڪ تعليم جي شاهراهه سان
لڳائي ڇڏيو هو. جنهن کان پوءِ پاڻ تعليم جا باقي
مرحلا پار ڪرڻ جي قابل ٿي ويا. لکن ٿا:
”چاچي مرحوم مون کي تعليم جي شاهراهه تي آڻي ڇڏيو.
پوءِ آءٌ پاڻ پنهنجي ذوق ۽ ذهانت، همت ۽ حوصلي سان
اها شاهراهه وٺي هليس. جنهن مون کي نوشهري مدرسي
مان ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد جھونا ڳڙهه، علي ڳڙهه ۽
بالآخر آمريڪا پهچايو(32).“
حوالا
1.
جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: ”ڊاڪٽر بلوچ: هڪ
مطالعو“ لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، 1998ع، ص: 6
2.
حوالو ساڳيو، ص: 66
3.
حوالو ساڳيو، ص: 47
4.
حوالو ساڳيو، ص: 48
5.
حوالو ساڳيو، ص:9
6.
بلوچ، نبي بخش خان ڊاڪٽر: ”اسان جو ڳوٺ جعفر خان
لغاري“، ص: 49
7.
حوالو ساڳيو، ص: 49
8.
حوالو ساڳيو، ص: 31
9.
ڏسو حوالو-7، ص:7
10.
ڏسو حوالو-6، ص:31
11.
حوالو ساڳيو، ص: 45
12.
حوالو ساڳيو، ص: 51
13.
ڏسو حوالو-1، ص: 7
14.
ڏسو حوالو ساڳيو، ص 52
15.
حوالو ساڳيو، ص: 53
16.
حوالو ساڳيو، ص: 54_57
17.
چنڊ، محمد ۽ پروفيسر: ”سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جي پکيڙڻ
۾ بمبئي يونيورسٽي جو ڪردار.“ سنڌالاجيڪل اسٽڊيز،
جلد 22، نمبر 1-22 2006ع
18.
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر:
“My Alma Mater”
ڪنٽينري سووينيئر گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول
نوشهرو فيروز.
19.
ڏسو حوالو-17
20.
ڏسو حوالو-18
21.
انٽرويو- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، تاريخ: 13 آڪٽوبر
2010ع هنڌ: مسلم ڪوآپريٽو سوسائٽي قاسم آباد.
22.
ڏسو حوالو-21
23.
حوالو ساڳيو.
24.حوالو
ساڳيو
25.
حوالو ساڳيو.
26.حوالو
ساڳيو
27.بلوچ
ڊاڪٽر نبي بخش خان: ”پياري سڄڻ قاضي فيض محمد جي
ياد ۾“ ’سنڌي پنجون ڪتاب‘، جنوري 1985ع، سنڌ اسٽڊي
سينٽر حيدرآباد. ص: 278
28.
ڏسو حوالو-21
29.حوالو
ساڳيو
30.
ڏسو حوالو-6، ص:59
31.
ڏسو حوالو-21
32.
ڏسو حوالو-6، ص: 58
ميرزا منظور علي
بيگ
منصوره ميوزيم: ڊاڪٽر بلوچ جو خواب
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ برصغير جو ناميارو عالم ۽
محقق ٿي گذريو آهي. پاڻ سنڌي زبان سان گڏ عربي،
فارسي، انگريزي ۽ اردو زبان ۾ ڪيترائي تاريخي،
تحقيقي ۽ معلوماتي ڪتاب نه فقط لکيا آهن، پر ڪيترن
ئي ناياب تاريخي ڪتابن کي مرتب ڪري انهن تي تحقيقي
مقدمه لکي منظرعام تي آندا آهن. جيڪي سنڌ جي تاريخ
جا يقيناً اهم ماخذ آهن. اهڙن ناياب تاريخي ڪتابن
۾ سنڌ جي تاريخ جو پهريون ماخذ چچ نامو، تاريخ
معصومي، لب تاريخ سنڌ، تحفة الڪرام، بيگلار نامه،
تاريخ طاهري ۽ ٻيا ڪيترائي تاريخي ڪتاب ڊاڪٽر صاحب
جي سعي ۽ ڪوششن سان ئي ڇپجي منظرعام تي آيا. ان
کان علاوه سندن لطيفيات جي ميدان ۾ ڪيل خدمتون،
لوڪ ادب کي سهيڙڻ ۽ لغات نويسيءَ ۾ ڪيل محنتون ته
وسارڻ جوڳيون ئي ناهن!
سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڊاڪٽر صاحب جھڙي گھڻ رخي
شخصيت جي ڪيل خدمتن جو ته ڪاٿو ئي نه ٿو لڳائي
سگهجي... پر سنڌ جي تاريخ کي سنوارڻ سان گڏوگڏ سنڌ
جي ثقافت کي به محفوظ ڪرڻ لاءِ ميوزيم جي
قيام، ترقي ۽ واڌاري لاءِ پاڻ
آخري دم تائين جاکوڙيندا رهيا.
ان ڏَس ۾ پاڻ عمرڪوٽ ميوزيم، ڀنڀور ميوزيم ۽
حيدرآباد ٽالپر ميوزيم پڻ قائم ڪرايا، جنهن ۾ سنڌ
جي ثقافت سان لاڳاپيل ڪيترائي نوادرات انهن
ميوزيمن جي زينت بڻيل آهن.
اهڙين خدمتن ۾ منصوره ميوزيم پڻ سندن هڪ خواب هو،
جيڪو پورو نه ٿي سگهيو...!
اِها سال 1973ع جي ڳالهه آهي. جڏهن مون 12 مئي
1973ع
تي محڪمهء آثار قديمه ۾ ملازمت اختيار ڪئي
هئي.
ان وقت اسان جو ڊئريڪٽر
تصوير حسين حميدي
صاحب
هو،
جنهن کي پاڻ به سنڌ جي ثقافت سان وڏو چاهه هوندو
هو. هڪ
ڏينهن
حميدي صاحب
مون کي گُھرائي
هڪ فائل ڏئي
چيو ته
هِن
فائل ۾ منصوره سائيٽ تي ميوزيم کولڻ
متعلق ضروري لکپڙهه ۽ ڪجهه نوادرات جا فوٽا ۽ نقشا
آهن، جيڪي توهان
اڄ
2:00
بجي ماڊل اسڪول ۾ ڊاڪٽر
بلوچ
صاحب کي ڏيکارڻ
لاءِ
کڻي وڃجو.
آءٌ فائل کڻي لوڪ ادب واري آفيس پهتس.
اُتي
مرحوم شيخ محمد اسماعيل ويٺو هو، جيڪو اسان جو
پاڙيسري هو.
شيخ صاحب کي چيم ته ڊاڪٽر صاحب سان ملڻو آهي. پاڻ
چيائين
ته توهان
ويهو،
ڊاڪٽر صاحب اچڻ
وارو آهي.
ڪجهه دير کان پوءِ
ڊاڪٽر صاحب آيو،
دعا سلام ٿي ۽ فائل سندن حوالي ڪيم.
پاڻ فائل ڏسي
چيائون ته:
”ٺيڪ آهي آءٌ فائل ڏسان ٿو، توهان
سڀاڻي هِن ئي مهل ايندا.“
ٻئي ڏينهن
آءٌ
ساڳئي
وقت
اُتي
پهتس.
ڊاڪٽر صاحب پاڻ ويٺل هئا ۽
فائل ۾ ضروري ڪاٽ ڪوٽ ڪري منهنجي حوالي ڪيائون ۽
چيائون ته:
”هِن
۾ جيڪي فوٽا ۽ نقشا آهن، انهن جي هڪ ڪاپي مون کي
به ڏيندا.“
آءٌ
فائل کڻي آفيس
آيس
۽ حميدي
صاحب کي
فائل
ڏئي،
آفيس مان
فوٽا
۽ نقشا
وٺي
ڊاڪٽر صاحب کي
اچي
ڏنم. پاڻ تمام گھڻا خوش ٿيا ۽ دعا ڪيائون ته وقت
سر ميوزيم جي عمارت ٺهي وڃي، ته جيئن کوٽائي مان
مليل سامان اُتي
رکي منصوره جي تاريخ عام ماڻهن تائين رسائي سگھجي.
ڊاڪٽر صاحب سان ٿيندڙ هر ملاقات ۾ ميوزيم جي قائم
ڪرڻ لاءِ هدايتون ملنديون رهيون، جنهن جي مطابق
ميوزيم جي عمارت ۽ کوٽائي جو ڪم هلندو رهيو.
ان وقت هڪ جنريٽر به محڪمه طرفان منصوره لاءِ مليل
هو،
ان ڪري جو اُتي لائيٽ جو سسٽم نه هو. کوٽائيءَ جو
ڪم مارچ، اپريل، مئي ۽ آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر جي
مهينن ۾ ٿيندو هو.
وقفي وقفي سان کوٽائيءَ مان مليل سامان تي ڪم
ٿيندو رهيو.
يعني جيڪا شيءِ کوٽائيءَ مان ملندي هئي ته، اُن کي
ڏسبو هو ته اِها ڪهڙي دور سان لاڳاپيل آهي. تنهن
کان پوءِ اُن جي ماپ ٿيندي هئي ۽ اُن جو هڪ اسڪيچ
تيار ڪيو ويندو هو. کوٽائيءَ مان مليل ڀڳل ٺڪر جي
ٽڪرن کي پڻ جوڙيو ويندو هو ۽ پوءِ اُن مان جيڪا
شيءِ تيار ٿيندي هئي، ته ان تي به ساڳي طرح ڪم ڪيو
ويندو هو. ان کان پوءِ هر مهيني کوٽائي مان مليل
سامان، رپورٽ سميت ڪراچي ۾ ايڪسپلوريشن برانچ ۾
موڪليو ويندو هو. جتي اڄ به اُهو سامان ۽ اُن جو
رڪارڊ موجود آهي.
اِهو
ڪم جو سلسلو هلندو رهيو.
06 سيپٽمبر 1973ع تي
اسان جو نئون
ڊئريڪٽر جناب
علي محمد لُنڊخور
مقرر ٿي آيو ۽
07 تاريخ
تي ڊاڪٽر صاحب
طرفان
هڪ گڏجاڻي رکيل
هئي،
جنهن ۾
ڊئريڪٽر
صاحب کي گهرايو ويو
هو.
ان سلسلي ۾ علي محمد صاحب هيڊڪلارڪ کان پڇيو ته،
هيءُ
فائل ڪير ڊيل ڪندو آهي؟
جنهن تي هُن مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته، ميرزا
صاحب (راقم الحروف) آهي، جنهن کي پڻ ان ڪم سان
گهڻي دلچسپي آهي. علي محمد صاحب
مون کي چيو،
ته پوءِ
ميٽنگ ۾ پاڻ
گڏ هلون ٿا.
ميٽنگ لوڪ ادب واري آفيس ۾ رکيل هئي. اسين
اُتي پهتاسين ته، مرحوم عبدالله
ورياهه، شيخ محمد اسماعيل ۽ بدين وارو سومار شيخ
موجود هئا. دعا سلام ٿي ۽ ڊاڪٽر صاحب آيو ته،
ميوزيم جي باري ۾ تفصيل سان ذڪر ٿيو. مرحوم
عبدالله ورياهه کي به ميوزيم قائم ڪرڻ جو تمام
گھڻو شوق هو ۽ وٽن ڪيترائي قيمتي نوادرات موجود
هئا، جيڪي هُو بنا ڪنهن معاوضي جي ميوزيم کي ڏيڻ
لاءِ تيار هو. ڊاڪٽر صاحب کيس چيو ته توهان وٽ
جيڪي نوادرات آهن، اُهي ڏيو ته جلد ميوزيم ۾ رکي
افتتاح ڪرايون. علي محمد صاحب چيو ته عمارت جو ڪم
شروع آهي ۽ جلد مڪمل ٿي ويندو. ڊاڪٽر صاحب ميٽنگ ۾
اهو به حڪم ڪيو هو ته کوٽائي مان
مليل
سامان ڪراچيءَ
مان گھرائي ميوزيم ۾
جلد
رکيو وڃي.
انهيءَ دوران پاڻ حيدرآباد ۾ واقع ميوزيم پڻ کولڻ
لاءِ حڪم ڪيو. جيڪو بروقت ڪم شروع ٿيڻ ڪري ميوزيم
کُلي
ويو ۽ ان ۾ ٽالپرن سان لاڳاپيل نوادرات رکي ميوزيم
جو افتتاح ڪرائي عام ماڻهن جي ڏسڻ لاءِ صبح کان
شام تائين کوليو ويو. اهڙي طرح پاڻ آمري ميوزيم
لاءِ به ڪوشش ڪري اتي ميوزيم قائم ڪرايو ۽ ڀنڀور ۽
عمر ڪوٽ جي ميوزيم لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون، جي بارآور
ٿيون.
ڊاڪٽر صاحب جي محنتن ۽ ڪوششن سان ميوزيم جي عمارت
ته تيار ٿي وئي، پر بدقسمتي سان جولاءِ 1977ع تي
ملڪ ۾ مارشل لا
نافذ
ٿي وئي ۽ ڊاڪٽر صاحب
کي
اسلام آباد
موڪليو
ويو. اِها ٻي ڳالهه آهي ته، سندن پوسٽنگ اسان واري
منسٽري آف ڪلچر حڪومت پاڪستان ۾ ٿي ۽ پاڻ اُنهي
جوش جذبي سان ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪوشان رهيو.
پر هِتي ڪم جي اُها پوزيشن نه رهي هئي، جيڪا ڊاڪٽر
صاحب جي هوندي هئي. رهندو جڏهن علي محمد صاحب جي
بدلي ٿي ته، ڪم مورڳو ئي
جهڙو
بند ٿي ويو.
ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي ثقافت جو قدردان ۽ پارکو هو.
جنهن سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت کي محفوظ ڪرڻ
لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ پاڻ ان سلسلي ۾ واسطيدار
عملي کي پڻ ڪم کي پايهء تڪميل تي پهچائڻ لاءِ
تاڪيد ڪندو رهندو هو.
پر افسوس جو منصوره ميوزيم لاءِ ڊاڪٽر صاحب جيڪو
خواب ڏٺو،
سو سندن حياتيءَ
۾ پورو نه ٿي سگهيو.
اُن
جو سبب اِهو هو ته، آثار قديمه ۾ ڪوبه سنڌ سان
لاڳاپيل آفيسر نه هو، جيڪو ان ڪم ۾ دلچسپي ڏيکاري.
سڀ آفيسر پنجاب ۽ سرحد کان ايندا هئا، جن جي سنڌ
جي ثقافت سان ڪا دلچسپي ڪونه هوندي هئي. جنهن جي
ڪري ئي هِتي
جي قديم آثارن کي تمام گھڻو نقصان پهتو آهي. ڊاڪٽر
صاحب جا اهڙا اخباري ڇپيل بيان اڄ به ان جي شاهدي
ڏين ٿا. پر هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي!؟ هاڻي ته منصوره
ميوزيم واري اُها
عمارت به ڊهي وڃي پٽ پئي آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب به
منصوره ميوزيم جي آس کڻي
وڃي آرامي ٿيو
آهي.
سنڌ پنهنجي قديم تهذيب ڪري اڄ به پوري دنيا ۾
مشهور آهي ۽ اهي
آثار اسان جي تهذيب جا نشان آهن. جيڪڏهن اِهي آثار
ختم ٿي ويا ته
ڇا پوءِ
سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سنڌي قوم
باقي رهندي...!؟
هِتي مون کي هڪ ڳالهه ياد اچي رهي آهي، جڏهن اسان
جي قديم آثارن واري آفيس ۽ ڊاڪٽر صاحب جي ڪوششن
سان تعمير ڪرايل حيدرآباد ٽالپر ميوزيم کي 09-
جولاءِ 1987ع تي سنڌ دشمن عناصرن باهه ڏئي ساڙي
ڇڏيو هو، ته ان کان ٻه ٽي ڏينهن پهرين ڊاڪٽر غلام
مصطفيٰ شاهه آفيس ۾ آيو هو ۽ پاڻ ميوزيم گهمي اچي
لائبريري ۾ ويٺو. جتي ڪيترائي ئي ناياب ۽ قديم دور
سان لاڳاپيل قلمي قرآن مجيد ۽ ٻيا تاريخي ڪتاب
موجود هئا. شاهه صاحب ڪجهه ڪتاب ڏٺا ۽ وزٽ بُڪ تي
نوٽ به لکيو. پاڻ ڪجهه فوٽن ۽ ڪتابن جي فوٽو ڪاپي
گهريائين ۽ چيائين ته آءٌ وري سومر تي ايندس.
پر افسوس جو 09 تاريخ تي رات جو آفيس ۽ ميوزيم کي
باهه ڏئي ساڙيو ويو ۽ وعدي مطابق شاهه صاحب سومر
جي ڏينهن آيو ۽ آفيس جي مين ڏاڪڻ تي اچي بيهي
رهيو. آءٌ شاهه صاحب کي پري کان ڏسي حيران ٿي ويس!
شاهه صاحب کي اڇو پهراڻ ۽ پاجامو پهريل هو. آءٌ
جلدي وڃي ساڻن مليس، سندن اکين مان نير وهي رهيا
هئا. پاڻ مون کي ڏسي چيائين ته ميرزا صاحب هيءُ ڇا
ٿي ويو!؟ مون چيو سائين اڄ اسان جي سنڌ جي تاريخ
جو هڪ اهم باب ختم ٿي ويو. پر سواءِ افسوس جي ڪجهه
به نه ٿو ڪري سگهجي. چيائين، اها بزدلي آهي، اسان
کي احتجاج ڪرڻ گهرجي، نه ته هڪ ڏينهن هِن ڌرتي تي
اسان جي ثقافت جو نالو به ڪونه هوندو...!
هن مهل اها ڳالهه صحيح ثابت ٿي رهي آهي. جنهن طرح
سان اسان جي ثقافت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي،
ان جو مثال اسان جي اکين آڏو آهي. سچ ته اُن واقعي
جي جيتري به مذمت ڪجي، اها ٿوري آهي. ان سلسلي ۾
اخبارن ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو ۽ ٽماهي ’مهراڻ‘
رسالي جي ايڊيٽوريل ۾ ته نفيس احمد ناشاد گهڻو
ڪجهه لکندو رهيو، پر ڪجهه به نه ٿيو...!؟
هاڻي قديم آثارن وارو محڪمه سنڌ حڪومت کي مليو
آهي، جنهن ۾ کين 126 ماڳ مليا آهن. منهنجي کين
گذارش آهي ته، سنڌ جي ثقافت کي بچائڻ لاءِ ڪي اهم
اپاءَ
وٺن. خاص ڪري جناب مخدوم جميل الزمان صاحب کي
گذارش آهي ته، پاڻ ڊاڪٽر صاحب
جي
رهيل مشن کي مڪمل ڪري پايهء تڪميل تي پهچائن ۽
منصوره جي تاريخ ۽ ثقافت کي محفوظ ڪن.
هيءُ مضمون مون پنهنجي يادگيري جي بنياد تي لکيو
آهي. جيڪڏهن اسان جي آفيس نه سڙي ها ته، ڊاڪٽر
صاحب واري لکپڙهه پڻ هن ۾ شامل ڪئي وڃي ها، ته
جيئن پڙهندڙ خود ڊاڪٽر صاحب جي سنڌ شناسيءَ بابت
اندازو لڳائي سگهن.
منصوره ميوزيم جي بلڊنگ جو ڏيک |